شرجيل
Re birth
نثري نظم
هي اوچتوئي اوچتو
رات جي
گگهه اونداهين ۾،
ٽانڊاڻن جا ڪٽڪ
ڪيئن ۽ ڪٿان،
نڪري نروار ٿيا آهن!
لڳي ٿو،
هن اونداهي،
ڌرتيءَ تي،
ڪنهن، روشنيءَ جي ديوتا،
وري جنم ورتو آهي.
محمد عثمان ميمڻ
غزل
گهڙي کن ته گرجو اڙي بادلو،
ٻه ٽي منٽ ترسو اڙي بادلو.
حياتي ائين ڄڻ ته رڻ ڦهليل
جواني ائين ڄڻ ڪا هرڻي ڊنل،
ڇمر ڇانورو ڪو اڙي بادلو،
حياتي ائين ڄڻ ته واري تتل،
جواني ٻڍي وٽ سڪن تي گتل،
بهي مونسان برسو اڙي بادلو.
حياتي آ سگريٽ ڄڻ ڪو دکيل،
جواني ائين ڪونج ڪائي ڪٺل،
رليءُ ساڻ رلجو اڙي بادلو.
حسن درس
نثري نظم
چانڊوڪي رات به اماس ڄڻ آ
بهاريون به مون لاءِ پن ڇڻ پيون ٿي،
من جا مندر خالي خالي،
چرنن ۾ داسي وڃان ڪنهن جي يارو.
پوڄا ۽ پاڻي، اڃ ۽ آنسو،
رڃ ۾ منهنجا رنگين سپنا،
ولر ڪي اڏاڻا پکي ڄڻ پکن تان،
سکن جي صورت مٽي ۾ ملي وئي،
بس تنهنجي مورت چٽي آ.
اجها رات وهاڻي پويون پهر آ،
باکون ۽ شاخون ڪڪڙن جا دس،
پردو کڄي ٿو منهنجي پنن تان،
اڌورو غزل ڪو لڙڪن جون لامون،
سامهون ويهڻ ڪنهن جو عبادت آ منهنجي
پلر پوءِ به پياس پوڄا پسڻ آ،
رسي ويئين تون راهون سنسان گهٽيون سڀ،
سڄي رات ڏيئو ٻريو ڪو وساڻو،
اجهو ديپ منهنجو اجهاڻو اجهاڻو.
ادل سومرو
نظم
وينتي
ڪنهن پل ڀلجي اوسانئڻ!
جي مان توکي ياد پوان،
منهنجا ويڻ وساري ڇڏجانءِ،
هيءَ ڪا ڳالهه پراڻي ناهي،
ڪوڙي ڪا اکاڻي ناهي،
ڪنهن جي لئه سمجهاڻي ناهي:
وڏ گهراڻن راڄن ۾،
جذبن جي اهميت آ ڪهڙي!
سوڀ اوهان جي در جي ٻانهي،
سڀئي شڪستون منهنجون آهن.
منهنجي هر هڪ فوٽو کي تون،
تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏجانءِ،
منهنجا سکڻا خط جي تو وٽ،
يا منهنجي سادي هر هڪ سٽ تي،
ڪاري مس تون هاري ڇڏجانءِ
منهنجا ويڻ وساري ڇڏجانءِ
جي مان توکي ياد پوان،
ڪنهن پل ڀلجي اوسانئڻ!
اياز گل غزل
غزل
توسان گڏجي ٿا گذاريون جاني!
ڀاڳ پنهنجا ٿا سنواريون جانيٰ
پاڻ سان پيار اڃا ڏاڍو آ،
ڪيئن توکي ٿا وساريون جاني!
ڪنهن به چهري کي ڏسون ايئن لڳي،
تنهنجو چهرو ٿا نهاريون جاني!
سج ناهي جي چڙهيو ڇا ٿي پيو،
آءُ ڪو ديپ ٿا ٻاريون جاني!
جڳ ڀل ته ڪري بندوق سڌي!
پاڻ ڳيرا ٿا اڏاريون جاني!
ذهن خالي ٿا کڻي گهمندا وتون،
ٻٽڙي يادون ڏي آڌاريون جاني!
پاڻ ته ٻڏندا وڃون هر لمحي،
توکي ڪيئن پار اڪاريون جاني!
رت انسان جي ته پي ٿا وڃون،
مک پيل چانهه ٿا هاريون جاني!
واحد
غزل
رات ڪيڏي به قربدار سهي،
رات پوءِ به، ته رات ئي سڏبي.
زندگيءَ کــــان ته اوپرو ٿي ويئن، موت کان
به، ڇا هاڻي دل پلبي!
پوري جـــــــڏهـــــن به ٿي وئي پيڙا، سڪ توکي
ئي ڏبي ۽ وٺبي.
خــــود هـــــســـــــتيءَ جو ڀرم ٽوڙي، ڇا
بچائي ڀلا خودي رکبي!
جيڪا هر آس کان اڄاڻ هجي، ڇا، ڀلا سا به
زندگي چئبي؟
محمد علي پٺاڻ
وائي
گوندر گاڏئون چاهه،
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
ڏک ڏانداري ريڙهي پيئي، سڙيل سکن جو گاهه
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
تنهنجي گهر جي رستي ۾ اڄ ٽٽي پيو هر ساهه
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
سائي وادي سمرتين جي، ساڙي ويو سوداءُ
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
ڪنڊن هاڻن هٿڙن سان، ڇو ڇا ڇولين هر گهاءُ
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
رڃ نگر ۾ پٽڪاڻ ٿو پيو، آءُ پرين تون آءُ
ڪونهي واهوندي جو واءُ!
نياز پنهور
غزل
سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾،
جذبا رئندا، پن ڇڻ رت ۾.
ننگا هوندا لڱ وڻن جا،
سڏڪي پوندا پن ڇڻ رت ۾.
ماڻهو هوندا پر سڀ موڳا،
گهمندا رهندا، پن ڇڻ رت ۾،
پسنت رت ۾ ڪين مليا جي،
نيٺ ته ملندا پن ڇڻ رت ۾.
منهنجا سارا شعر زبان تي،
اٽڪي پوندا پن ڇڻ رت ۾.
بسنت رت ۾ طنز اسان تي،
ڪنهن کي ڏسندا پن ڇڻ رت ۾.
اٽڪي پيا اوسيئڙا اک ۾،
ڳورها ٿيندا پن ڇڻ رت ۾.
مان جيئن تيئن گذاري ويندس،
هو ڪيئن جيئندا پن ڇڻ رت ۾.
غلام حسين رنگريز
غزل
نظارا نيارا نيارا وطن جا،
پکا پڊ پوٺا پيارا وطن جا.
امڙ سنڌ، توسان اکين جون اميريون،
مٺا مور ماڻهو موچارا وطن جا.
هتي ڪڻڪ سونا ڪڍي سنگ جهومي.
لڳن سرس سونهن ۾ ستارا وطن جا.
هي جوڌا، هي دودا، هي جهونجهار جاڳيا،
هي ڌرتيءَ دلارا سهارا وطن جا.
هتي پيار پلجن هتي قرب ونڊجن،
موهي مڌ موکي متارا وطن جا.
هي مهراڻ موجون، هي ساگر جون لهرون،
وڻن واه ڪينجهر ڪنارا وطن جا.
تپي تاءُ رنگريز، رجي رڪ پوندو،
ڳري ڳٽ ويندا هي سارا وطن جا.
مقصود گل
نظم
وقت گذري نٿو، وقت گذري نٿو،
توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو.
چنڊ جي روشني ٿي وئي آ جهڪي،
مرڪ تارن کان ڪنهن ڄڻ کسي آ وتي،
ڀاڳ جو ڪو ستارو به اڀري نٿو وقت گذري نٿو.
ڄڻ ته موسم کي وئي آهه ڪينسر وٺي،
مرڪ گلڙن جي منهن تي نه ڪنهن آ ڏٺي،
ڪوبه غنچو خوشيءَ جو ته نسري نٿو وقت گذري نٿو.
وقت جي پيرڙن ۾ لڦون ٿي پيون،
وقت کان اڄ وکون ڄڻ ته وسري ويون،
فاصلو وقت کان ڪو به نبري نٿو وقت گذري نٿو.
”گل ۽ مکڙيون ويون ڄڻ ته ڪومائجي،
ڀاڳ جي عرش تي وئي غمي ڇانئجي،
تنهنجو نالو مٺا يار وسري نٿو وقت گذري نٿو.
ج ع منگهاڻي
غزل
جيون جا هن رنگ نيارا،
جيڪو ڄاڻي تنهن جا وارا.
ڪڏهن ته موتين جهڙا ماڻهو،
نظرن جو آ چڪر سائين،
چنڊ بنا ڪيئن گذري رات،
گڏجي پهرين وک وڌ ياسين،
مان جا سپنا، مان جون سوچون،
وکريل جيون ميڙي سگهبو،
ڏک لپاٽون ٻنهي ڳلن تي،
ڪجهه ته ”منگهاڻي“ ٿيو آ ٿر ۾، |
مليو وڃن ٿا پل ۾ پيارا.
انڊلٺ روپا ماڻهو سارا.
ساکي رات سڄيءَ جا تارا.
گل ئي گل ٿيا سڀ چارا.
ڪيڏا پيارا هن نظارا.
بيوس ڪيڏا اسين ويچارا.
مرڪن ماڻهو پيا اسارا.
لامارن ۾ آهن ڄارا. |
مريم مجيدي
غزل
وقت، توسان هر طرح ناتو نباهيندا اچون،
هر گهڙيءَ هر پل نئون هڪ گهاو ساهيندا اچون.
ڇا ڪري ڪو، ڇا چوي ڇا، هي زمانو زور جو،
ڪو پيو ڊاهي ڦٽائي، پاڻ ٺاهيندا اچون.
چهڪ چهڪن، درد ٽهڪن، پر نه نڪري ٻاڦ ٿي،
جي ڪيا ٿورا اوهان، ان ريت لاهيندا اچون.
جت نه اڄ تائين وٺا ڪي سڪ جا سانوڻ اتي،
قرب جا ڪورا نڪورا واهه واهيندا اچون.
جيءَ ۾ جذبن جا جٿا، راهن تي ڪانڊيرا سٿا،
ڪن کي لڻندا، کنڀ هڻندا، ڪن کي ڳاهيندا اچون.
ڪو ڌڪاري يا وساري. آهه مرضيءَ جو ڌڻي،
پاڻ سڀني کي سدا دل ساڻ چاهيندا اچون.
ستار
گيت
منهنجو من اداس، الا لا،
منهنجو من اداس.
اڀ تي بادل، پٽ تي ڦڙ پڙ،
ڪين ٻجهي ٿي پياس، الا لا،
منهنجو من اداس.
ڪو ته وري ڪانگل قاصد،
ڪاڻياري ڪنهن ته ڪياس، الا لا،
منهنجو من اداس.
پنڌ پيو آ ساجن شايد،
واسيو واءُ کي واس، الا لا،
منهنجو من اداس.
ڏيئا ٻري هاڻ اجهاڻا،
رات نه آئي مون کي رس، الا لا،
منهنجو من اداس.
سچ سلڻ جو وقت ويو،
ڪير ٽنگيون اڄ ٽياس، الا لا،
منهنجو من اداس.
ڪرٽ اڙهو ۽ ڪنڌ ڪريو،
ڪنهن کي ايو ڪين قياس، الا لا،
منهنجو من اداس.
ذوالفقار سيال
غزل
تنهنجون يادون گل روپن ۾،
ماڻهو، ماڻهو، ڪين سڃاڻي،
مسجد، مندر، لوڪ وڃي ٿو،
توکي ڪيئن وساريان ساجن،
چيري ويو آ ڦر اسان کي،
دور پريان کان گوڙ اچي ٿو،
ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ آ پنهنجو، |
ورنه ڇاهي هن گلشن ۾.
ڪيڏو ويڇو، آيو کن ۾.
ڪين ڏٺو ڪنهن پنهنجي من ۾.
تون ئي نيڻن جي پلڪن ۾.
ورنه ڇاهي خالي ڳن ۾.
رقص جو کڙڪو، آهن ڪن ۾.
”ذلف“ ڪري ويو، پنهنجي فن ۾. |
نذير ناز
غزل
ماڻهو
هن ڌرتيءَ تي ڪي ڪي من کي وڻندا آهن ماڻهو،
سي ئي حسن جي وستي ۾ وسندا آهن ماڻهو.
ڪنهن کي پنهنجو سمجهون اسين ۽ ڪنهن کي پرايو
سمجهون،
ڌارين کي ئي پنهنجو ڪري هت سمجهندا آهن ماڻهو.
اجڙيل بستيون اجڙي ٻيهر وري وسجن ٿيون،
اجڙ دل جي وستيءَ کي پر نه وسندا آهن ماڻهو.
پنهنجو ڏيهه ڇڏي ڇو هو پر ڏيهه ۾ آهن وهي رهيا،
پرڏيهي شايد تن کي اکين ۾ ويهاريندا آهن ماڻهو.
بي ويسهه هن دنيا ۾ ويساهه هتي ڪنهن جو نه ڪجي،
وک وک تي هتي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهيندا آهن ماڻهو.
برهه جي باهه لڳي جا سا ته اجهاڻي ناهي اڃان،
دل جي لڳي کي شايد نه اجهائيندا آهن ماڻهو.
سنسار جي ڪوڙن سپنن تي ڀلجي تون وشواس نه ڪر،
ڪوڙا ڪوٽ ڪوڙن جا ويهي جوڙيندا آهن ماڻهو.
دل گهريو ڪو دوست ڀري محفل ۾ ملي ويندو آ،
دل ۾ لڪائي تنهن ڏي نهاريندا آهن ماڻهو.
راهه وفا ۾ ڪو ته وفا جو راهي ناز ملي ويندو،
آس انهيءَ تي واٽون تڪيندا آهن ماڻهو.
نسرين ”نوري“
ڪافي
پيچ پرت جا پائين اکڙيون،
نينهن جا مينهن وسائن اکڙيون.
پيار جون نازڪ ڪليون پوئي،
عشق پيچان جيئن وليون پوئي،
سهڻا خواب سجائين اکڙيون.
دلبر جي ديدار پسڻ لئه،
وڇڙيل ان منٺار پسڻ لئه،
پل پل ٿيون واجهائين اکڙيون.
ڪنهن پر مور نه سرچن ٿيون هي،
لوڪ ڏٺي ڪين پرچن ٿيون هي،
هجر ۾ واري وسائين اکڙيون.
جتي پڄڻ جي واٽ نه آهي،
اڏيءَ سواءِ ڪو ڳات نه آهي،
اتي وڃيو اٽڪائين اکڙيون.
جيسين ساهه سرير ۾ هوندم،
مان رهندس تنهنجي يادن ۾ گم،
بي موسم مينهن وسائين اکڙيون.
ڪير ٻڌائي مان ڪنهن کان پڇان،
سانول هاڻي تو بن ڪنهن سان،
پرت جا پيچ هي پائين اکڙيون.
اٿندي وهندي صبح ۽ سانجهي،
ڏينهن هجي يا آڌي مانجهي،
بي موسم مينهن وسائين اکڙيون.
منهنجي دل جا رٺل اي راڻا،
توکان سوا مان ته داڻا داڻا،
ڀلا توکي ڪيئن پر چائين اکڙيون.
ٿڪجي پيون توکي ڳولهي ڳولهي،
هاڻي دعا جو درڙو کولي،
رب کي ٿيون ليلائين اکڙيون.
”نوري“ نور نظارو تن ۾،
محب ڏسڻ جو چارو تن ۾،
ساهه کي ائين سيبائين اکريون.
زيب بلوچ
گيت
جهڙ آيو جهرڪي،
مارو ملن مرڪي.
وسي بوند بهار، گل ٽڙيا گلزار،
ڏسي ڪونجن قطار دل منهنجي هرڪي،
جهڙ آيو جهرڪي،
مارو ملن مرڪي.
وڏ ڦڙا ٿا وسن، پيارا پکڙا پسن،
کنوڻيون خوب کلن، جهوپا پون جرڪي،
جهڙ آيو جهرڪي،
مارو ملن مرڪي.
مارو مال ڪاهين، سرتريون گيت ڳائين،
ٿري خوشيون ملهائين، پي پُلر سُرڪي.
جهڙ آيو جهرڪي،
مارو ملن مرڪي.
پروين شيخ
غزل
نه شرط ڪو آهي، منهنجو نه ڪوئي سودو آ،
فقط قدم ملائي هلڻ جو مشورو آ.
لڳي آهه باهه ڪٿي يا ڏيا ٻرن ٿا ڪي،
هتان کان پار جو ڏسجي ته ڪو اجالو آ.
اسان جي حال تي ڳوڙها هن، هنن جي نيڻن ۾،
مگر خيال اهو آ ته هي به دوکو آ.
ويو ته صدموئي نه، گمان به ٽوڙي ويو،
گمان اسان کي اهو هو ته هو اسان جو آ.
جدا ٿي توکان ناهي اسان کي رنج تنهائي،
اسان سان گڏ ته هاڻي وحشتن جو ميڙو آ.
اگر ملي ڪڏهن توکي ته هن کان پڇجان ضرور،
ٻڌائي تون ته ڪوئي توکي ياد ايندو آ. |