سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :15

هن جو پتو اڃا چڙهيل هو. هن پئسن جي ڍڳ ڏانهن ڏٺو ريڊيو نه آئون ٽي وي وٺيو ويندس، ڀلي بليڪ اينڊ وائيٽ هجي. وري به ٽي وي ۽ ريڊيي ۾ فرق آهي، هن سوچيو ڪيڏي نه خوش ٿيندي. هن جي تصور ۾ سندس زال جي شبيهه تري آئي ، کيس ائين لڳو ، ڄڻ هوءَ گهر جي در تي اوسيئڙي ۾ بيٺي هجي، آسائتين اکين سان ڏانهس نهاريندي هجي. هن وري هٿ ۾ کنيل پتن ڏانهن ڏٺو: ٻه ٽي چار رائونڊ: هن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي. چال وڏي هئي، هن بي نيازيءَ وچان، بنا ڳڻڻ جي ، مٺ نوٽن جي کڻي پڙ ۾ وڌي. ٻين حيرانيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ پتا کڻي اڇلائيندا ويا. هن پئسن ڏانهن هٿ وڌايو، پر رڪجي ويو. هڪڙو رانديگر پڙ۾ بچيو هو. هن به پئسا پڙ ۾ وڌا. چال تي چال ٿيندي رهي. رائوند تي شوڪئين وٺبو هن سوچيو، هن وٽ يا ته وڏو پيئر آهي يا ڪلر آهي هن وري چال ڏني آخر ڪار اڳلي تنگ ٿي شو ڪرايو هن پتا ميز تي کولي پئسن کڻڻ جي ڪئي نه نه ترس اڳلي به پتا کوليا ٽي چار پنج ٿورو وڏو رائونڊ.

        هن جو موڊ ڪجهه آف ٿيو. پتا وارهائجي ويا. بلائينڊ ٿي، هاڻ رائزنگ بلائينڊ شروع ٿي چڪي هئي هڪڙو ڏهه ته ٻيو ويهه ۽ ٽيو چاليهه. ائين جڏهن هن تائين پهتي ته هن پتا کڻي ورتا. سئو رپين جي چال هئي هن وٽ ٻه يڪا هئا. وڏو پيئر هن سئو رپيا پڙ ۾ ڦٽا ڪيا. هڪڙي ڄڻي ڪٽ ڏني، باقي ٽي ڄڻا پتا کڻي چال ڏيڻ لڳا. هڪ ٻه ٽي هن جي دل پتا ڇڏڻ تي نه پئي ٿي، پر پيئر تي آخر ڪيترو اچبو. هن چوٿينءَ چال تي پتا ڦٽا ڪيا. هڪ ٻئي به ڦٽا ڪيا ڪٽ وارو ته اڳ ئي ڀڄي ويو هو، باقي ٻه رهيا شو ٿيو.، هڪ وٽ راڻين جو پيئر هو ته ٻئي وٽ بادشاهن جو هن کي چڪر اچي ويا. هزار روپئي جو داءُ وڃايو هئائين.

        ”يار، هاڻ رات جا ٻارنهن ٿي ويا آهن، اٿ ته هلون“ هن جي دوست سندس آڏو اڃا به پئسن جي چڱي ڍڳي ڏسندي صلاح ڏنس.

        ”يار ڪر ڪر نه ڪر، هلون ٿا نه، هن بيزار ٿي چيو ۽ پڙ ۾ پئسا وڌائين. جڏهن ڪافيبلائينڊ ٿي ته هن پتا کنيا ڪلر! يڪي جو ڪلر! هن هڪدم چال ڪئي سڀني پتا کڻي ورتا هن دل ۾ دعا گهري ته شل ڪو چال اچي ۽ اچي ويا. چارئي چالون هيون چالن تي چالون ٿينديون رهيون هن جي ساڄي پاسي واري ٻئي سان سائيڊ شو ڪيو ۽ پتا ڇڏي ويو. باقي ٽي ڄڻا بچيا چال ڊبل ٿيندي وئي. ٻن چالن کان پوءِ وري باقي رهيلن سائيڊ شو ڪرايو. هڪ ٻيو به پتا ڇڏي ويو. هن کي دوست ٺونٺ هنئي ته شو وٺ، پر هو اڳ ڌڪ کائي چڪو هو ۽ کيس اهو شڪ ٿي ويو هو ته ڪٿي هو پاڻ ۾ ملي، کانئس بدلو ته ڪونه پيا وٺن تنهن ڪري هن چال ڊبل ڪري ڇڏي اڳئين وري هن جي چال تي ڊبل چال ڪئي. هن به وراڻي ڏني. اڳئين اڃا به چال ڊبل ڪئي. هزار جي چال هئي هن وٽ اڃا ٻه هزار کن لڳا پئي. هڪ چال آيو. اڳئين وري چال ڪئي، هن پئسا ڳڻيا، سئو روپيا گهٽ هئا هن نو سئو روپيا هٿ ۾ کڻي دوست ڏانهن ڏٺو، جنهن بيزاريءَ وچان هڪ سئو ڪڍي ڏنو. هن چيو ”شو“ پتا ڏسي، غش ٿي آيس. اڳئين وٽ ٽي يڪا هئا.

        هو هٿ ڇنڊي اٿيو. احساس ٿيس ته سڄو پگهريو پيو هو واچ ۾ ڏٺائين ته رات جا ٻه ٿيا هئا. واپسيءَ جو ڀاڙو به ڪو نه هئس. کٽندي وقت ، دوست کي اڳوڻا ٻه سئو به واپس ڪو نه ڪيائين ۽ هڪ سئو ٻيو به ورتائينس. هاڻي ڪهڙي منهن سان ڀاڙي لاءِ ڪجهه گهريس مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ چپ چاپ ڪري ڪمري مان نڪتو دوست ته در تي الوداع ڪيس، ڇو جو هن جو گهر ويجهو هو ۽ هن ورتو واٽ کي.

        راتين جا پويان پهر ته هونئن به ويران ٿيندا آهن، پر اڄ اها ويراني هن کي کائڻ ٿي آئي. رستي جي ڀر پاسي ۾ ننڊا کڙن ڪتن جي اوچتين اوناين ۽ ڀونڪ هن کي ڇرڪائي ٿي وڌو ڪنهن ڪنهن مهل هٿياربند پوليس وارن هن ڏانهن مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو ٿي ته کيس ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا چوري ڪئي هجيس هونئن ته هو پنهنجي کيسي جا پئسا خرچ ڪندو هو، کٽندو ۽ هارائيندو هو، پر اڄ ته زال جا پئسا کپائي ويٺو هو، سي به اهڙا پئسا، جيڪي هن پائي پائي ڪري ميڙيا هئا اوچتو ئي اوچتو هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ زال نهايت مظلوم ۽ پاڻ ڪو وڏو ظالم شخص هجي. هن جي دل ڀرجي آئي واقعي ويچاريءَ سان ڪيڏو نه ظلم ڪيو اٿم هن جو شوق هن جي اميد، هاڻ وري ڪڏهن پوري ڪري سگهندس، هن سوچيو دوست جي صلاح وٺان ها ۽ اٿي اچان ها ته اڄ ڪيڏي نه خوش ٿئي ها آئون هن کي ريڊيو، ٽي وي ۽ ڇا ڇا نه وٺي ڏيان ها اهڙو ڪورم وري ملي يا نه ننڍي راند ۾ سئو هيڏانهن پنجاهه هوڏانهن هت ته هزارن جا کيڏ هئا هو پڇتائڻ لڳو هاڻ وري نه کيڏندس جيڪي هارايم سو هرايم بس هاڻ پاڻ کي روڪيندس سڀ پئسا هن کي ڏيندس ته جئين وڻيس تئين خرچ ڪري اهو شام جو وقت ڪٿي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندس پوءِ پئسا ميڙي هن کي ريڊيو وٺي ڏيندس_ ڪيڏي نه خوش ٿيندي بس هاڻ جوئا کان توبهه ڪڏهن به نه ڪبي، بس هن چپ ڀڪوڙي پنهجو پاڻ سان عهد ڪيو ۽ لڳس ڄڻ ته هانو تان بار لهي ويو هجيس.

        گهر جي ويجهو پهچي هن جا قدم ٿورا ٿڙڪڻ لڳا. ڇا چوندي؟ هيڏي مهل، هٿن ٺلهو،. ڇا چوندي، هڪ ته دير سان ٻيو پئسا غائب، مٿان ننڊ به ڦٽايائين. هاڻ جڏهن هن ٻيهر جوئا کيڏڻ کان توبهه ڪئي هئي تڏهن پنهنجي ڪئي تي ڦڪائي محسوس ڪرڻ لڳو هو پرائمري ماستر، غريب ماڻهو، هن کي جوئا کيڏڻ جو ڪهڙو حق هو، رڳو هڪ خراب عادت جي ڪري ڪيترن کي تڪليف ٿي ٿئي؟ هڪ غير اخلاقي ڪم ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه ته ڪانهي. هن سوچيو جوئارين کي ته اصل ٻڌي ڦٽڪا هڻڻ گهرجن. ڪيترن گهرن جو سڪون ۽ آرام هن جوئا جي عادت تباهه ڪيو هوندو هو اصل جوئا جو دشمن بنجي ويو.  کيس پنهنجن هٿن مان به ڪراهت ٿيڻ لڳي جن ۾ پتا جهليندو هو. ”توبهه، توبهه، ڪهڙو نه ڪڌو ڪم ڪري ويٺو آهيان.“ هو واقعي پڇتائي رهيو هو. جي هوءَ پڇندي ته سڀ سچ چئي ڏيندوسانس.“ هن جي دل تان بار اڃا به هلڪو ٿيڻ لڳو.

        گهر جي بند دروازي تي ڪي گهڙيون هو بيٺو رهيو. پوءِ ڪنبندڙ آڱرين سان آهستي در تي کڙڪو ڪيائين ۽ سمجهيائين ته ضرور ڪو جواب ايندو، پر در هڪدم کلي پيو.سامهون هن جي زال بيٺي هئي، ”شڪر آهي جو توهين اچي ويا. منهنجي دل ۾ ته الائي ڪهڙا ڪهڙا عجيب خيال پئي آيا.“ هن هٽي جاءِ ڏني.

        گهر ۾ پهچي هن جي دل کي آٿت اچي ويو. اندر جي آنڌ مانڌ به ڍري ٿي ويس. هن سڀ کان پهرين زال کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پئسا هاڻ وٽس ڪونه هئا. پر هن انتظار پئي ڪيو ته ڀلي پهرين هوءَ کانئس پڇي. ريڊئي نه آڻڻ جو سبب پڇي. ليڪن هٿ منهن ڌوئڻ، ماني کائڻ ۽ کٽ تي ليٽڻ تائين هن ڪجهه به نه پڇيو. هو انتظار ۾ ئي رهيو. جڏهن به جوڻس ڪجهه چوڻ لاءِ وات ٿي پٽيو ته هن اهو ئي ٿي سمجهيو ته بس هاڻ ٿي پڇي. آهستي آهستي ان سوال جي ڊپ سندس دل جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ته جيسين سندس زال کانئس نه پڇندي، تيسين الائي ته دل جو ڪهڙو حال ٿيندس. نيٺ هن کان رهيو نه ٿيو.

        ”ٻڌ، تو وارا پئسا مون کان گم ٿي ويا،“ هن چئي ته ڏنو، پر ائين ٿي لڳس ڄڻ اهي لفظ ڪنهن ٻئي چيا هجن، اهو آواز سندس ڪنن تائين پهچي رهيو هو. سندس لوندڙيون ڄڻ ته ڦاٽي رهيون هيون. هوءَ ڇا چوندي؟ چوي ڇو نه ٿي؟ هن زال ڏانهن ڏٺو، جيڪا پڻ ڏانهس ڏسي رهي هئي.

        ”الله ڪيو توهين خير سان آيا، پئسا وڃي صدقو ٿيا.، هن جي لفظن سندس ٻرندڙ وجود تي ڄڻ ماڪ وجهي ڇڏي . هو حد درجي جو هلڪو ٿي ويو. هڪدم کڻي ڀاڪر وڌائينس. کيس خود ائين لڳو ڄڻ ڪو پهريون دفعو زال سان ملي رهيو هجي، جيڪا هن جي جذبي جي گرمجوشيءَ ۾ ميڻ وانگر وگهري رهي هئي.

        صبح جو جڏهن هو اسڪول ڏانهن پئي آيو، جتان ڪالهه گسايو هئائين ته سندس زال سندس آڏو اچي بيٺي. هن جي نظرن ۾ پيار ۽ احترام جا جذبا بکندا پئي نظر آيا. هن ڏانهس ڏسندي چيو، ”ڏسو، مون به توهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو. ويسي پنڌرهن سئو هئي. مون سوچيو هو ته پنج سئو رپين مان عيد تي توهان ۽ پنهنجي لاءِ نوان وڳا ٺهرائيندس. پر هاڻ هي توهين کڻي وڃو. ڪو ننڍو رڊيوئي آڻي ڏيو. ڇا ڪريان سڄو ڏينهن اڪيلي ويهي ويهي چري ٿيو پوان.“

        هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ اچي وئي. هن هٿ وڌائي پئسا ورتا. ”اڄ آئون وٺي ايندس....“ هن کان وڌيڪ چيو نه ٿيو ۽ هڪدم پئسا کڻي کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري آيو. خبر ناهي ڇو کيس زال سان اکيون ملائيندي به ڦڪائي پئي ٿي. هن کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو اڃا جوڻس وٽ پئسا آهن. چڱو ٿيو، هن جي پسند جي شيءِ ته ايندي،“ هن سوچيو.

        هو تڪڙو تڪڙو اسڪول ڏانهن وڃڻ لڳو.هن پڪو پهه ڪيو ته اسڪول مان موٽندي ئي سڌو ريڊين جي دڪان تي ويندو، پوءِ جلدي گهر ويندو. هن جي زال کيس جلدي ايندو ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي. هن قميس جي کيسي تي هٿ هڻي پئسن جي پڪ ڪئي کيس افسوس ٿيڻ لڳو ته ڪالهه ڇو ايترا پئسا هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ وڃائي ڇڏيائين. وري دوست جو خيال آيس جيڪو کيس ٽي سئو رپيا ضرورت وقت ڏئي ويٺو هو: ”هن کي به پئسا ڏبا، ته پوءِ بچندو ڇا؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو: ڪاش ڪالهوڪا پئسا واپس اچي وڃن هن وري سوچيو: پر هارايل پئسا به ڪڏهن واپس ٿيا آهن.“ هن مايوسيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي سوچيو: اهي پئسا وري به اتان ئي اچي سگهن ٿا. هن کي خيال آيو، هڪ دفعو.. هڪ دفعو جي قسمت آزمائي ڪجي ته پوءِ هڪ ريڊيو ته ڇا.... ٽي وي ڇا ڇا نه ٿو اچي سگهي هڪ دفعي آزمائڻ ۾ آخر ڇا آهي هن وري هٿ کيسي تي هنيو ڄڻ کيسي جي بهاني پنهنجي وجود جو يقين ڪندو هجي، اهي پئسا اتان ئي ايندا.... نه ته ٻڏي ويندا......... آئون هنن کي پنهجا پئسا سولائيءَ سان هضم ڪرڻ نه ڏيندس بس هي آخري ڀيرو، وري ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه ڪندس جوئا. پر هن دفعي قسمت ضرور منهجو ساٿ ڏيندي ۽ پوءِ آئون هن لاءِ سڀ ڪجهه وٺي سگهندس...... بس هن دفعي، وري ڪڏهن به نه. هن جا قدم اسڪول بدران اوڏانهن وڌڻ لڳا، جت جوئاري هن جو انتظار ڪري رهيا هئا.

چتيءَ جيترو آسمان

 

شوڪت حسين سورو

        هن سال ته مارچ مهيني ۾ ئي گرميون شروع ٿي ويون هيون. اس ۾ گهڻي تپش اچي وئي هئي. ڏينهن گرم ٿي ويا هئا، البت رات جو اڃا ٿڌ ڪار هئي. نواز رات جو ته ٻاهر هڪڙي کٽ رکڻ جيتري اڱڻ جي سمهي سگهيو ٿي، جتي ڪيڏي ڪيڏي مهل هوا جو ڪو جهوٽو ڊگهين ڀتين سان ٽڪرائجي هن کي اچي لڳندو هو، پر اصل مسئلو ڏينهن جو هو. آفيس مان موٽي اچڻ کان پوءِ هو ڪيڏانهن وڃي! پيتيءَ وانگر بند ڪوٺڙيءَ ۾ هوا جو ڪو گذر ڪونه هو. وري جاءِ جي مالڪن ڪوٺڙيءَ ۾ پکو به ڪونه لڳرايو هو. پکو خريد ڪري لڳرائڻ، نواز جي پڄت کان پري هو، هن ڪيترا ڀيرا سوچيو هو ته پيڊسٽل فئن يا گهٽ ۾ گهٽ ٽيبل فئن خريد ڪري. ان مان فائدو اهو هو ته ڏينهن جو ڪوٺڙيءَ ۾ ۽ رات جو ٻاهر اڱڻ ۾ ڪم اچي سگهيو ٿي. پگهار مان ڇڪي تاڻي پورت ٿي ٿي. هن آفيس مان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ڪم به اڃا نه ٿي سگهيو هو.

        گرمي گهڻي هئي ۽ ان سان گڏ ٻوسٽ به هئي. نواز ٻوڙ رڌڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هن پيالو کنيو ۽ در کي تالو هڻي هيٺ لهي ويو. هن پهرين ڌؤنرو ورتو ۽ پوءِ هوٽل تان ٻه مانيون ورتيون ۽ واپس موٽي آيو. مرچن جي باهه کان ته وري به ڌؤنرو پيٽ کي ٿڌو ڪندو آهي. هن ماني کائي، پيالي کي پاڻيءَ سان اگهاري رکيو.

        اڱڻ جهڙو ٽڪرو سڄو ڪاڙهو هو. هن ڪوٺڙيءَ جي در تائين فراسي وڇائي ۽ ان تي وهاڻو رکي مٿو اڱڻ ڏانهن ڪري ليٽي پيو. ڪنهن ڪنهن وقت گرم هواز آئيٿي نه ته هو اخبار سان پاڻ کي هوا ڪرڻ ٿي لڳو. اهڙي تپش ۾ به ننڊ هن جي اکين ۾ گهڙي ٿي آئي، پر ڪوٺڙيءَ جي اَٻس ۽ گرمائش سبب ننڊ جي گهيرٽ مان نڪري ٿي آيو. وهاڻي تي رکيل ڪنڌ سڄو پگهر ٿي پيو هو. هن اٿي قميص لاٿي ۽ ان کي ڪرسيءَ تي اڇلائي ڇڏيائين.گنجي ته هو پائيندو ئي ڪونه هو. هن سلوار جي ٻنهي پائنچن کي ڇڪي، گڏن تائين آندو ۽ ليٽي پيو.

        آفيس مان آٿڻ وقت هن سوچيو هو ته گهر نه ويندو. بس پڪڙي راڻي باغ هليو وڃي ۽ اتي لان تي ڪنهن وڻ جي ڇانءُ هيٺان وڇي سمهي پئي. هن گذريل گرميون به ائين گذاريون هيون. آفيس مان اٿي، گاڏي کاتي ۾ ڪلو پڪوڙائيءَ وٽ ايندو هو ۽ اتان پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي وٺي، بس ۾ چڙهي راڻي باغ ويندو هو. ڪنهن گهاٽي وڻ جي ٿڌي ڇانءَ هيٺ ويهي ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، نلڪي مان پاڻي پي ليٽي پوندو هو. ننڊ ڪڏهن ايندي هئي، ڪڏهن ڪانه به ايندي هئي. پر هنن گرمين ۾ اهو سلسلو وري سروع ڪرڻ مشڪل هو. پڪوڙ اکائي کائي هن جو هاضمو خراب ٿي پيو هو. هاڻي هو آفيس مان موٽندي، هوٽل تان مانيون وٺي گهر ايندو هو ۽ جهڙي تهڙي ڀاڄي کائيندو هو.

        پگهر هاڻن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي، هن کي ياد آيو ته سندس وارن ۾ چڱا خاصا اڇا پئجي ويا هئا. وار هت ڪڏهن به اڇا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ عمر جي ڪا حد ڪانهي. اڄڪلهه ته ننڍي عمر وارن جا وار به اڇا ٿيڻ لڳا آهن ۽ هن سوچيو ته سندس عمر وري به 20 سال هئي. پر هو ته ان عمر ۾ ئي پوڙهو ٿيڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ نوجواني ته هن ڏٺي به ڪانه هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن کان کيس هوش آيو. هن پاڻ کي وڏو ڀانيو. گهر جو سڄو بار، سموريون ذميواريون هن جي مٿان اچي پيون هيون.

        ”آئون نه هجان ها ته ڇا ٿئي ها؟“ هن پاڻ کان پڇيو. ”منهنجي هجڻ سان ڪهڙو فرق پيو آهي! مون گهر وارن جي لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. جنڊ جي بن پڙن ۾ پيسجان پيو.... پيسجي نه آٽو ٿو ٿيان ۽ نه جند ٿي ڇٽي. هڪ مسلسل پيڙپ آهي، جنهن کان نه ڏينهن آجا آهين نه راتيون. ۽ ان زندگيءَ جي سموري حاصلات هيءَ قهر جهڙي ڪوٺڙي!“ ان گهريءَ ڪوٺڙيءَ جي ٻوسٽ ۽ گرميءَ ۾ زندگي جا ڪل عذاب گڏجي مسجي ويا.

        ذهن جي ڪنهن ڏکنڊر ڪنڊ مان شهناز جي ياد لڪ وانگر هن جي تن من کي لوساٽي وئي. ان ئي ڪوٺڙيءَ ۾ شهناذ به رهي وئي هئي. نواز کي جڏهن نوڪري ملي هئي ۽ هو گهٽ مسواڙ واريءَ جاءِ جي ڳولا ڪري رهيو هو، تڏهن کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته شهناز وارا اها جاءِ خالي ڪرڻ وارا هئا. هن کي اها جاءِ شهناز وارن ئي وٺرائي ڏني هئي، پر تڏهن اڃا بازاري عورتن هتي رهڻ شروع نه ڪيو هو، سو ته هاڻي پابندي پوڻ کان پوءِ هنن مان ڪي هتي اچي رهيون هيون.

        نواز نراڙ تان ۽ نوڪن تان وهي ايندڙ پگهر آگهيو. هو  ۽ شهناز ايترو هڪ ٻئي کي چاهيان هئا پوءِ اوچتو ڪهڙي ڳالهه ٿي جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن ان ڳالهه تي ڪئين ڀيرا ويچاريو هو: زندگيءَ ۾ ايڏيون وڏيون تبديليون ڪئين ٿيون اچي وڃن. ماڻهو ته اهوئي ساڳيو هوندو آهي_ پوءِ به هن جي ٻاهر ۽ هن جي اندر ايترو ڪجهه بدلجي ويندو آهي جو هو اهو نه رهندو آهي، جيڪو هو اڳ ۾ هو. جذباتي سوچ ئي سهي، جو عمر ئي اهڙي هئي، پر اسان ته ائين سمجهيو هو ته هڪ ٻئي کان سواءِ جيئرا رهي نه سگهنداسين، پوءِ جڏهن زندگيءَ جون ٺوس حقيقتون اڳيان آيون ته سموري جذباتيت ڦوڪڻي وانگر ڦسي پئي. آئون پاڻ بيروزگار. رات جو سمهڻ لاءِ ٺڪاڻا گئريج ۽ ورڪشاپ هوءَ مون کان وڌيڪ سمجهو ۽ ميچوئر هئي، تڏهن ته هن مون کي چيو هو: چڱو آهي ته اسين رڳو سٺا دوست بنجي رهون. مون هن جون مجبوريون ڪو نه ڏٺيون مون سمجهيو ته مون وٽ ڪجهه ڪونهي، ان ڪري هوءَ مون مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿي. ماڻهو رڳو پنهجي لاءِ ڇوٿو سوچي اسين ڪنهن کي ڪيترو به چاهيون پر سوچيندا رڳو پنهنجي لاءِ آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته ٻيو به اسان جي لاءِ ئي سوچي،. مون ڇو نه سوچيو ته شهناز ڪهڙين ڏکين حالتن مان گزري رهي هئي آئون پاڻ ته شهناز جي لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس، پر هن جي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کي هن تي ڪاوڙ آئي ته هن گاڏيءَ ۽ بنگلي جي شوق ۾ پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو.

        نواز کي پاڻ تي چڙ اچڻ لڳي: ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اهڙو نٺر ڇو ٿي ويندو آهي، نه پاڻ کي ڏسندو آهي نه مجبورين کي. ٻئي جي مجبورين کي ڏسڻ ته پري رهيو، پر ماڻهو ڪيترو وقت لنوائي سگهي ٿو، آخر ته هن کي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ نظر اچيو وڃي، پوءِ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو کلي يا روئي. جيڪي پنهنجي هٿان پاڻ دوکو کائيندا آهن، سي نه کلي سهگندا آهن نه روئي سهگندا آهن.

        هن چاهيو ته کيس ننڊ اچي وڃي، پر اهڙي گرمي ۾ ننڊ اچڻ مشڪل هئي،. زندگي ائين هئي، ائين آهي ۽ ائين رهندي. هن کي پري پري تائين ڪنهن تبديليءَ جا اهڃاڻ نظر نٿي آيا. ٽاڪ منجهند جو اهو سفر ڪٿي کٽندو؟ پگهر جي ڦڙن وانگر ذهن ۾ سوال ڦٽندا رهيا ۽ نواز منهن تان پگهر اگهڻ سان گڏ انهن سوالن کي به ميسارڻ جي اجائي جاکوڙ ڪرڻ لڳو.

                                (اڻ ڇپيل ناول جو هڪ باب)

پنهنجي پنهنجي ذهنيت

 

غلام رسول ڪلهوڙو

        هر روز اهو ريلوي ڦاٽڪ ٽپي مان شهر ڏانهن ويندو آهيان. ان ڦاٽڪ تي سدائين چهل پهل هوندي آهي. هڪ طرف کان اسٽيشن کان ڪي سواريون شهر ڏي وينديون آهن ته ٻئي طرف کان شهر جون ڪي سواريون اسٽيشن ڏي ويندي نظر اينديون آهن. پيادن جو به هڪ ڪافي تعداد ڦاٽڪ ڏي اچ وڃ ڪندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com