شيخ اياز جو هڪ اعتراض هو ته: ”هائيڪوءَ،
بيت کي ڏيڍ ٽنگ ڏني آهي.“ پر جيڪڏهن اسان پنهنجي
لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪنداسون، ته
اسان کي ڪي شاعراڻيون ڪهاوتون، پهاڪا ۽ ٻاراڻا ٻول
اهڙا به ملنيدا، جن جو سٽاءُ گهاڙيٽو ۽ سٽون،
هائيڪو جي سٽاءَ، گهاڙيٽي۽ سٽن سان ملندڙ آهن مثال
طور:
چــــــريــــــون ڏيـــئــــــــــي چار،
واڇان وتيسين هڪڙي،
ســـــــا بــــه انــهـــن اچـــــــــار!
---
ٽـــنــڊڻــــي ڙي ٽــنـــڊڻي!
اسان تنهنجا ماڻهــــو،
چٻينداسون ڏاڙهــــون!
--
چيڪلي پايون، پير گسايون،
پـــــيــــــر ۾ ڪــنــڊو،
صاحبلوڪ منڊو!
پهريون مثال، بلڪل جپاني ”هائيڪو“ جي گهاڙيٽن سان ملندڙ
جلندڙ آهي، ۽ پويان ٻه ٻاراڻا ٻول، آزاد جپاني
هائڪوءَ واري گهاڙيٽي موجب آهن. جپاني هائيڪو،
سنڌي بيت سان ڪافي مشابهه آهي، جا ڳالهه اياز خود
مڃي آهي، ۽ هن پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“
۾ شاه ۽ پنهنجن ڪيترن بيتن جون سٽون ۽ سڄا سڄا بيت
ڏنا آهن، جن ۾ هائيڪو واري ڪيفيت سمايل آهي. هن
وقت اياز جو هائيڪن تي مشتمل ڇپيل ڪتاب ”پن ڇڻ
پڄاڻان“، ثابت ڪري ٿو ته هائيڪو يا ٽيڙوءَ جو
مزاج، سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان بلڪل
ملندڙ آهي، ۽ اوپرو نه آهي.
جيتريقدر ”هائيڪو“ ۾ موجود مواد تي اعتراض جو سوال آهي
ته ان ڏس ۾ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اسان لاءِ اهو
هروڀرو ضروري به نه آهي ته بيت وارو مواد، هائيڪو
۾ ڪم آڻيون. بيت، اسان جي پنهنجي نج سنڌي صنف آهي،
جنهن ۾ اسان پنهنجا داخلي توڙي خارجي جذبا، انقلاب
جي آرزو ۽ بهتر سماج جا تصور وغيره سمائي سگهون ٿا
پر هائيڪو (ٽيڙوءَ) ۾ پڻ سماجي ۽ قومي مسئلن کي
بيان ڪري سگهجي ٿو، البت اها ڳالهه اڳيان رکڻ کپي
ته هائيڪو جي فطري سونهن برقرار رهي.
ڪجهه مثال:
آءٌ، مياڻيءَ جنگ،
ڇاهي منهنجو لاش هو،
هاريل هوشوءَ سنگ؟
ڇڏ هت، ٿئي آڇ
ستي مار نه منڌ کي،
هـــئـــي جــــــا
پــــــريـــنءَ ڪڇ! (شيخ اياز)
جاڳ نه سپني وانگ،
اڳيان اڳيان مارئي،
پــٺـــيـــــان ڇــيــلـــــــن
ڇــــانگ! (امداد حسيني)
ماني اڄ مکيل،
پسي، پورهيت پٽ جا،
چــمــڪــيــــا هــــيــــــــڊا
ڳـــــــــل! (اياز گل)
نتيجو:
هائيڪو جيئن ته سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ حسين صنف طور
داخل ٿيو آهي، ۽ اڃا تجرباتي دور مان گذري رهيو
آهي، ۽ گيت ۽ غزل جي صنفن جيان پنهنجائپ، سنڌي رنگ
۽ مستقل حيثيت حاصل ڪري نه سگهيو اهي، پر تازو
اياز جي ڇپيل ڪتاب ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هائيڪو پڻ
اسان وٽ غزل ۽ گيت وانگر هڪ مستقل صنف طور نه رڳو
زنده رهي سگهي ٿو، پر ان ۾ سٽاءَ، فڪر ۽ بيان جا
نوان تجربا ۽ واڌارا به ٿي سگهن ٿا. ايا زجي ڪتاب
”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾ ڇپيل ڪيترن مسلسل هائيڪن ۾ نظم
جو تاثر ملي ٿو، يا ائين چئجي ته مسلسل هائيڪن جي
تاڃي پيٽي تي نظم لکيا ويا آهن.
جهڙوڪ:
الا اوءِ الا!
هسين هريا ڪينڪي،
گــــــهگــــهـــيـــــريـــــن گــــلا!
(5--هائيڪن تي مشتمل نظم)
----
ڏونئرا نه ڏارن،
اسان مسافر اڃ ۾،
وس نه
ولــــــــــــــــهـــــــــــــــــــارن!
(13هائيڪن تي مشتمل نظم)
-----
سپني ۾ سارون
پنهوارن جي پيار جون،
تـــــــــــــــــــــــڙن
تــــنــــــــــــــــوارون! (18 هائيڪن تي
مشتمل نظم)
-----
واريو نه واريان،
مٺڙا مٽ ملير جا،
ســــاريـــــو ٿــــــي
ســـاريـــان! (9هائيڪن تي مشتمل نظم)
هاڻي اچو ته ڏسون ته سنڌي هائيڪو لکڻ جا جيڪي انداز ۽
طريقا اختيار ڪيا ويا آهن، انهن مان هائيڪو جي
مزاج ۽ هيئت سان ڪهڙو طريقو ڀچي اچي ٿو ۽ مناسب
رهندو.
پهريون ٽه سٽي وارو فارم، هائيڪو يا ٽيڙوءَ جي صنف لاءِ
بلڪل مناسب نه آهي، ڇو ته ان ۾ نه اها لطافت ۽
نفاست رهي ٿي، ۽ نه ئي وڏين سٽن ۽ وڏن وزنن سان
هائيڪو جي اصليت برقرار رکي سگهجي ٿي.
ٽيون فارم (لفظ+ هڪ+ لفظ+ ٽي لفظ) ته بلڪل غلط آهي، ڇو
ته شاعري لفظي ڳڻپ کان وڌيڪ خيال، موسيقيءَ ۽ لئيه
تي مدار رکي ٿي شعر جو ردم قائم رکڻ لاءِ ان کي
ڪنهن مقرر فارم ۽ ماترائن جي ورڇ سان لکڻ بعد ئي
ان جي شعريت قائم رکي سگهجي ٿي.
چوٿون آزاد هيڪو وارو طريقو به شايد ڪامياب نه وڃي، ڇو
ته هن کان اڳ اسان وٽ هائيڪو تجرباتي درجي مان
گذري رهيو هو، ۽ مس مس ان کي جپاني سٽاءَ موجب
صحيح لکڻ جي ابتدا ٿي آهي، ته ان وقت سڀ حدون
اورانگهي آزاد هائيڪو لکڻ درست نه ٿيندو. ”آزاد
هائيڪو“ وارو جپاني روپ، خود جپان ۾ باشوءَ جي
پابند هائيڪن جي برابر اچي نه سگهيو آهي، پوءِ
اسان وارا تجربا آءٌ سمجهان ٿو ته اثرائتا ثابت نه
ٿيندا.
منهنجيءَ نظر ۾ هائيڪو جو سنڌيءَ ۾ صحيح فارم، ٻيو نمبر
فارم آهي، جنهن تي تنوير، نارائڻ شيام، شيخ اياز،
هري دلگير، اياز گل، مختيارملڪ ۽ ٻين شاعرن ڪامياب
هائيڪو لکيا آهن. موجوده سنڌي هائيڪو، جنهنجو
”ٽيڙو“ نالو ڏاڍو سهڻو ۽ خوبصورت لڳي ٿو، هيٺينءَ
سٽاءَ موجب لکڻ درست ٿيندو.
اَمڙَ! تنهنجي نٿ_
دانهين مون تي ٻئي ٿيا،
ٿــــــــر جــــــــا
ٿــــــوهـــــــــــــر هــــــــــــــٿ!
(اياز)
چــــــــــــــــهـــــــــــرو
ڪــــــــــــاوڙيـــــــــل،
ڪالر تي ڪوٽ جي،
کـــــــــلــــــــنـــــــــــدڙ گــــــــــل
لــــڳـــــــل! (اياز)
شـــــــــاعــــــــــر ۽
ايـــــڪــــــــانـــــــــت،
انــــــــــــــــــدر
وهـــــــــــــه ولوڙجي،
ٻــــــــاهــر
ســــــاگــــــــــــــــــر ســــانــــت!
(امداد)
هائيڪو، ترت ئي سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل ۽ اهم حيثيت
والارڻ وارو آهي، پر شرط آهي ته ان کي يارهن+
تيرهن+ يارهن ماترائن جي مقرر فارم تي لکيو وڃي.
تنهن کان سواءِ ان کي تنوير عباسيءَ جي بيان ڪيل
فني ضرورتن فطرت جي ذڪر، خاص واقعي (فطري نظارن ۽
انساني احساسن) ۽ مسلسل عمل موجب لکڻ ئي درست
ٿيندو:
آءُ درازا
هـــــــــــــــــــــــــــــــل!
تنهنجا
ســــــــــــــــــــــــــارا مولوي،
مــنــهــنـــجــــو هـــــڪ
ســـــچــــــــــل! (شيخ اياز)
مدد ڪتاب ۽ ٻيو مواد
1.
”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ شيخ اياز
2. ”لامون تنهن وڻ سنديون“، زندگي
پبلڪيشن جي خاص پيشڪش
3. ”سج تريءَ هيٺان“،
تنوير عباسي
4. ”شعر“
تنوير عباسي
5. ”رڻ سڄو رت ڦڙا“،
ذوالفقار سيال
6. ”پل پل جو پڙلاءُ
هري دلگير
7. ”سنڌي علم ادب“ ڊاڪڙ
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
8. ”مرگهه ترشنا“ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو
9. ”پن ڇڻ پڄاڻان“
شيخ اياز
10. ”سوچون سرها گل“ اياز گل
تاج جويو
11. ”مکڙيو ماڪ ڦڙا“
مير محمد پيرزادو
12. ”جوت“
مختيار ملڪ
13.”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو
14. سمامي مهراڻ
3/1974ع
15. سماهي مهراڻ
1/ 1976ع
16. سماهي مهراڻ
1-2/1977ع (تنوير عباسيءَ جو
مضمون جپاني هائيڪو)
17. سماهي مهراڻ
2/ 1978ع
18. سماهي مهراڻ
4/1978ع
19. ماهوار ”سنگيتا“ بمبئي
آڪٽوبر 1977ع
20. ماهوار ”هلچل“
مارچ 1978ع
21. ماهوار ”نئين ٽهي“ ڪتاب (1)
1978ع
22. ماهوار ”نئين ٽهي“ ڪتاب (4)
1978ع
23. ماهوار ”منصور“
لاڙڪاڻو ڊسمبر 1964ع
24. ”پارس“ اياز
گل
25. ”ڏات“
جون، جولاءِ 1978ع
26. ”برسات“ مختلف پرچا
27. ماهوار ”سهڻي،
ڊسمبر 1970ع
28. ماهوار ”سهڻي“
نومبر، ڊسمبر 1971ع
29. نئين زندگي مارچ
1965ع
30. پاک ڪتابي سلسلو چرچو (3)
مورو سنڌ
31. باک ڪتابي سلسلو پرچو (6)
مورو سنڌ
(شعري مجموعي تي اڀياس)
عبدالقيوم صائب
”دريءَ کان ٻاهر“، پشپا ولڀ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي،
جنهن جي منڍ ۾ هن پنهنجي من جي مراد جو اظهار ڪندي
”منو ڪامنا“ جي سري هيٺ پنهنجي دل جي دنيا ۾ وسايل
۽ آباد ڪيل ڪنهن شخصيت
کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ”هوءَ جنهن هنڌ تي به
وڃي، اتي اها شخصيت گڏ هجيس، جسماني طور نه سهي،
تخيلي طور سهي، ان سان گڏ هوءَ اهو به گهري ٿي ته
پاڻ جنهن منزل تي پهچي سا ان ئي شخصيت جو خواب هجي
۽ سنديس خوشيءَ جو ڏينهن پڻ انهيءَ شخصيت جي جنم
جي ڏينهن جهڙو، خوشيءَ جو ڏينهن هجي“. دعا آهي ته
سنديس اها نيڪ تمنا شل پوري ٿئي.
هن مجموعي جي شروعات ۾ ٻه قول، هڪ اسٽيفن ڪانفر جو ۽
ٻيو آندري وزني سنسڪيءَ جو پيش ڪيل آهن، جن مان
پهريئن جي مراد آهي ته هر ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾
هڪ شاعر ويٺل هوندو آهي، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي مريو
وڃي ۽ ٻئي قول مطابق بحر ۾ شاعري نه ڪرڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ جو اها بور ٿي ڪري ۽ ايندڙ دؤر ۾ عظيم شاعري
اها ليکبي، جيڪا اڄڪلهه راڊار وانگر آسمان ۾
اڏامندڙ کي به ڌرتيءَ تي محسوس ڪري سگهي. اهي قول
چونڊي پيش ڪرڻ مان سندس مراد اها ٿي ڏسجي ته هن
دؤر ۾ ڪهڙي قسم جي شاعري ڪرڻ گهرجي، ورنه شاعر ته
هر هڪ جي اندر ۾ بنيادي طرح گهر ڪيو ويٺو آهي،
جيڪو صحيح قولن جي سڄائيءَ تي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ بدران
پشپا جي ڪالم کي انهيءَ نقطه عه نظر سان پڙهڻ ۽
پرجهگڻ گهرجي.
مون کي هن مجموعي جو اڀياس ڪندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته
پشپا جي شاعريءَ ۾ هڪ قسم جو اندروني ربط ۽ سلسلو
موجود آهي، جيڪو شاعره جي اندر واري احساسن کي
ٻاهرئين دنيا جي حقيقتن سان ائين ٿو ڳنڍي ۽ لاڳاپي
ڇڏي، جئين ڪنهن ڪپڙي تي ڀرت ڀرڻ بعد ڪپڙي ۽ ڀرت
ٻنهي ۾ هڪ قسم جو لاڳاپو پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو
ڀرڻ واري جي اندر کي ڪنهن خارجي جسم تي اوتيل
محسوس ٿيندو آهي، جنهن کي شاعراڻي پهچ ۽ احساس جو
ادراڪ به چئي سگهجي ٿو. هن هڪ هنڌ چيو آهي:
هر ڳالهه ۾ منهنجو ذڪر
هر خيال ۾ منهنجو گذر
هر ڪوتا منهنجي نالي
هر سٽ ۾ لڪل منهنجو نالو
هر وقت مون ۾ نظر
پر
هر ڳالهه جنهن ۾
جذبو نه هجي
گهرائي نه هجي
سچائي نه هجي
۽
شامل ماڻهن جو ڊپ
هر وقت سمويل هجي
چهري تنهنجي تي
مون کي
ناهي
قبول!
هنن چند لفظن مان ائين ٿو ڀاسي ته شاعره جي اندر واري
کي خارجي دنيا ۾ ڪنهن ٿيل واقعي جو ادراڪ ته ٿيو
آهي، پر سنديس شاعراڻي پهچ واري احساس ان ڳالهه جو
اظهار ڪرايو آهي ته جنهن ڳالهه ۾ جذبو، سچائي ۽
گهرائي نه هجن سا ڳالهه کوکلي آهي، تنهنڪري ان کي
قبول نه ڪرڻ گهرجي: ان مان ڏسجي ٿو ته ٻاهرئين
دنيا جي حقيقت سان، اندر واري احساس جو ربطه ڪئين
قائم ٿيو آهي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي چوندس هت
زال ذات گهڻو ڪري ٻيءَ شاديءَ کي هڪ پيڙا ڪري
محسوس ڪندي ۽ ڀوڳيندي آهي، پيشپا کي پڻ ڪنهن اهڙي
واقعي جو احساس ٿيو آهي، جنهن جو سنديس اندر واري
هيئن اظهار ڪيو آهي:
۽ پوءِ بس، ڪجهه ئي ڏينهن ۾،
آئون هن جي ۽ هو منهنجو بڻجي ويو.
ڪار ۾ ويهندي،
ساهيڙيءَ ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻي چيو:
”شاديءَ کان پوءِ اسان کي وساري نه ڇڏجانءِ“.
۽ آئون مرڪي پئي هيس.
هن کي ڀرسان ويٺل ڀانئي،
سڄي جهان کي پيرن هيٺان ڀانيو هو مون.
آءٌ هتي گهڻا ڏينهن رهي نه سگهيس،
هلي آيس دوکيبازن جي ملڪ مان.
آئون اتي رهي به ڪيئن ٿي سگهي؟
جيڪي سچ جو خون ڪن!
حسرتن جا لاش ڪلهن تي رکي،
ڪنڌ جهڪائي هلي آيس،
موٽيس ته بابا کي به هارائي چڪي هيس.
پنهنجي جيون کي داو تي لڳائڻ کان پوءِ!
جتان هلي هيس آئون،
اڄ اتي ئي اچي بيٺي آهيان،
سچ ته، آئون ڪيڏي نه چري آهيان!!
هن پوري ڪوتا ۾ شاعره هڪ اهڙي عورت جي جذبات جو نقشو
چٽيو آهي، جيڪا وڏي خوشيءَ سان هڪ شخص سان شادي
ڪري، پنهجي گهرواري وٽ ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿي، جتي کيس
معلوم ٿئي ٿو ته اڳلي جي ٻي به شادي ٿيل آهي ۽ ان
مان اولاد پڻ آهي جا ڳالهه هن جي جذبن جو خون ڪري،
ڏاڍو ايذائي ٿي. هوءَ اها پيڙا کڻي واپس پنهنجي
ملڪ ۾ ان وقت پهچي ٿي، جڏهن هن جو پيءُ به کانئس
ڌار ٿي چڪو آهي. هاڻي هوءَ محسوس ڪري ٿي ته جتان
هوءَ ماضيءَ ۾ هلي هئي، اڄ به اتي بيٺي آهي.
هن ڪوتا ۾ پڻ اهو ربط ۽ سلسلو موجود آهي، جيڪو انسان جي
اندر واري کي ٻاهرين دنيا جي حقيقت سان ڳنڍي ۽
لاڳاپي بهاريندو آهي. ان ريت پشپا جي ڪوتا جي
اڀياس مان اها ڳالهه ويتر وڌيڪ صاف ۽ چٽي ٿي نظر
اچي ته شاعره جي اندر وارو دنيا جي خارجي حقيقتن
سان ڪيئن نه ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهي.
پشپا جي ڪوتا ۾ قدرتي نظارن جا جيڪي چٽ چٽيل آهن، سي پڻ
ڪنهن خارجي جسم تي، اندر واري جي اوت جا سهڻا ۽
دلپذير مثال آهن. هن هڪ هنڌ اهڙو نقس هن ريت چٽيو
آهي:
اٽي جي چڪيءَ جو،
پريان کان ايندڙ آواز:
”ٺڪ.......ٺڪ.........ٺڪ“
ڀنڀرڪي ويل،
کوهن تي مالهين جو آواز:
”هو وو..... هو وو.....پڇا“.
(بس....بس......واپس ٿيءُ)،
صبح جو وٿاڻ ڏانهن ورندڙ،
گائين جي مڌر ٽلين جو آواز،
۽ منهن اونداهيءَ ويل،
گوڌول ۾،
مندر ۾ وڄندڙ،
وڻندڙ گهنٽين جو آواز،
جڏهن به،
آئون ان وايو منڊل ۾ هوندي آهيان.
جسم جي هرحصي سان،
انهن آوازن کي،
محسوس ڪندي آهيان،
پاڻ کي بي انت آزاد،
۽ شانت ميه ڀائيندي آهيان.
هن مان ڏسجي ٿو ته شاعره اٽي جو چڪيءَ، کوهه جي مالهين،
وٿاڻ ڏانهن ويندڙ ڍڳين جي ٽلين ۽ مندر ۾ وڄندڙ
گهنٽين جي آواز کي مختلف وقتن تي ٻڌي، جيڪو حقيقي
سرور حاصل ڪيو آهي، تنهن جو ڪهڙو نه حقيقي، سهڻو،
۽ دلپذير چٽ چٽيو اٿس. ٻي ڳالهه جيڪا هن ڪوتا ۾
آهي، سا آهي هڪڙي آواز جي مختلف روپن کي محسوس ڪري
پيش ڪرڻ، جنهن مان شاعره جي اندر واري شاعر جي،
شين جي حقيقت تائين پهچ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
اهائي ڳالهه ڏيکاري ٿي ته جيڪڏهن شاعره پنهنجي مشق
جاري رکي ته ايندر دؤر ۾ سندس شاعريءَ کي ڪافي
اهيمت ملي سگهي ٿي.
پشپا آزاد طبع شاعره آهي ۽ هن آزاديءَ جي ڪهاڻي به
نرالي نموني ۽ ڍنگ سان پيش ڪئي آهي. هوءَ چوي ٿي:
ها! بستري سان لڳل الماريءَ
ڪتاب سڀ منهنجي پسند جي ليکڪن جا آهن
اُهي ته ڪنهن جيل ۾ سڙندا هوندا
پر آئون اهي ڪتاب پڙهي
دنيا کي بدلائڻ چاهيندي آهيان.
پشپا دنيا کي بدلائڻ گهري ٿي ان ۾ هڪ ماٺيڻو انقلاب آڻڻ
گهري ٿي، ۽ ان کي آزاد ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ
گهري ٿي، پر هوءَ اهو سڀڪجهه فڪر ۽ فن جي ذريعي،
ڪتابن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ذريعي ڪرڻ گهري ٿي ۽ نڪي ڪي
جبر ۽ ڏاڍ جي ذريعي، پر اڄڪلهه جي دنيا ۾ سندس اها
تمنا پوري ٿيندي نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ جو سندس ڳوٺ
جي پرامن ماحول ۾ ٿيو هئين جو:
اوچتو
الائجي ڪٿان گهوڙا آيا
منهنجي بدران
بندوقون راڄ ڪرڻ لڳيون
مون کي جلاوطن ڪيو ويو
قلم جون ترارون ڀڳيون ويون
اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ويون
سڀ پکي اڏري ويا
فقط طوطا رهجي ويا
۽ ”پيار ندي“ سڪي ويئي.
هتي پشپا جيڪي به چيو آهي سو آزاديءَ جي تاريخ جو تت
آهي، جيڪو هن ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ۽ ان نتيجي تي
پهتي آهي ته قلم جي ترار جي اڳيان بندوق کي وڏي
اهميت آهي. جنهن جو مطلب ٿيو ته صرف قلم سان نڪي
آزادي ماڻي سگهجي ٿي ۽ نه وري قائم رکي سگهجي ٿي،
يعني اسان کي جي آزادي ماڻڻي ۽ قائم رکڻي آهي ته
قلم ۽ قوت ٻنهي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نه ته ڪنڊ
وٺي وڃي ويهي رهڻو پوندو:
اڄ ڪلهه
آئون جهنگ ۾ رهندي آهيان
پنهنجي ڪٽيا ۾ تنها
منهنجو نالو، ٻڌايانءِ ڇاهي؟
ماڻحو مون کي
آزادي چوندا هيا.
ڪيڏي نه سبق آموز ڪوتا آهي. ڪهڙي نه سهڻي نموني ۾ شاعره جي اندر
واري احساس، خارجي حقيقت سان ملي ڪري، حقن جو آواز
بلند ڪيو آهي.
هيءَ شاعره نه رڳو آزادي پسند آهي، پر حقيقت پسند پڻ
آهي، جنهن جو اظهار هن هر هنڌ ڪيو آهي. هوءَ هڪڙي
اهڙي حقيقت جو نقش هن ريت چٽي ٿي:
جڏهن اهل قلم جي وچ ۾ ويهين
تڏهن
اتهاس.......سڀيتا.....ڪولن........سنٿالن....موهن جي
دڙي
......ناچڻيءَ ........جا ڳڻ ڳائين
پر هڪ ڀيري
جڏهن ٿر جي ڀٽن ۾
توکي ڏاڍو اڃ ستايو هو
تڏهن
هڪڙي ڀيل کي توتي رحم آيو هو:
سائين! پاڻي پيندؤ؟“
”ڪير آهين ڙي؟“ تو ڏاڙهيو هو
”ڀيل“، اڏول وراڻي
”مون کي پاڻي نه گهرجي“
تنهنجن سارين لکڻين تي
ڪارنهن ملجي وئي
۽ جيپ اسٽارٽ ڪري تو
ايڪسيليٽر تي پير رکي ڇڏيو!
هي اهڙن ماڻهن جي حقيقي طبع جو نقش آهي، جيڪي اندر ۽ ٻاهر
هڪجهڙا نه هوندا آهن. اهڙيءَ طرح شاعره خارجي دنيا
۾ جيڪي به ڏسي وائسي ۽ ٻڌي ڪري ٿي، تنهن جو سنديس
اندر ۾ جيڪو رد عمل ٿئي ٿو، تنهنجو بنا رک رکاءُ
جي بيبا ڪانه اظهار ڪري ٿي. اهو اظهار ڪڙو ضرور
آهي، پر آهي حق ۽ سچ، جنهن مان اظهار آهي ته پشپا
جي ڪوتا جي اوساري سچائيءَ جي پختن بنيادن تي پيئي
کڄي. انهيءَ حق ۽ سچ چوڻ واري ڪؤڙاڻ جو احسا خود
شاعره کي آهي. چوي ٿي:
پنهنجي تلخ ڪلاميءَ تي
نادم آهيان آئون
پنهنجي ڳالهائڻ ۾ چڀندڙ لفظ
جي استعمال جو اعتراف اٿم.
توکي شايد خبر ڪانهي؟
ته پوءِ اڄ توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان:
منهنجي تلخ ڪلاميءَ ۾
پنهنجي اندر ۾ ئي ڪڙهڻ جو
زهر آ شامل،
پنهجي چڀندڙ لفظن جي
نشترن سان رتوڇاڻ آهيان آئون پاڻ
پنهنجي چيل جملن تي پشيمان ٿيندي آهيان.
پشپا جي اندر وارو ڏونڪي جي چوٽ اجهو ائين ٿو ٻولي ۽ پنهنجو
اندر کولي بيان ڪري.
پشپا جي ڪوتا ۾ شاعراڻيون خوبيون پڻ ملن ٿيون. محسوسات
جي منظر نگاريءَ ۽ منظر ڪشيءَ جا مثال، تشبيهات ۽
محاورات جي دنيا، محاورن ۽ اصطلاحن جو برمحل ۽ تز
استعمال، جملي جي ورجاءَ مان بيان جو زور ۽ اسلوب
جي ڪشش پيدا ڪرڻ..... اهو سڀڪجهه سادي، سڌي، نئين
۽ مؤثر انداز ۾ ملي ٿو. هڪ اسرندڙ شاعره جي ڪوتا ۾
ايترين خوبين جو اچي ڪٺو ٿيڻ نيڪ فال آهي انهن
سڀني سهڻاين هوندي، جڏهن ڪو شخص ”دريءَ کان ٻاهر“
جو اڀياس ڪري ٿو ته هو ائين محسوس ڪري ٿو ته هڪ
عورت پنهنجي جذبات جو سليقي ۽ نهٺائيءَ سان،
پياريءَ ۽ ساديءَ ٻوليءَ ۽ فطري انداز ۾ اظهار ڪري
رهي آهي، جنهن ۾ مصنوعيت ذري جيتري به ڪانهي. ”من
جون ڳالهيون“ ۾ ڳالهيون، ڪٿي رهيون آهن ڪرڻ لاءِ
جو وڇوڙو ۾ آئون اهائي ننڍڙي نينگر جو ۽ هاڻي اچين
به ڇا“ ۾ خود انهيءَ عنوان جو ورجاءُ جذبات جي
شدت، احساس جي تصويرن ۽ اندر جي اوت توڙي جذبي جي
اڀار ۽ روانيءَ جون عمديون چٽساليون آهن. آءٌ مثال
طور هتي صرف ”ڏاند گاڏي“ جو پهريون واڪيه پيش
ڪريان ٿو:
ڏاند گاڏي ڇڪيندي
ڌڌڙ ڀريل پيچرن تي هلندي
ڏامر وارن رستن تان گذرندي
بار ڍوئيندي
ڪيڏو نه ٿڪجي پيا آهيون اسين!
ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڏاند پنهنجي زندگيءَ جي وارتا بيان پيا
ڪن، پر جي ٿورو غور ڪبو ته پيو ڀاسندو ته هيءَ خود
انسان ذات جي وارتا آهي، جيڪا حياتيءَ جي چڪر ۽
گهاڻي ۾ وهي وهي ٿڪجي ٽٽجي ڀورا ڀورا ٿي پيئي آهي.
انهيءَ هڪڙي تي واڪيه ۾ ڌڌڙ ڀريل پيچرن، ڏامر وارن
رستن، زندگيءَ جي ٽاڪ منجهند ۽ بار ڍوئڻ جون قلمي
تصويرون، محاوراتي تلميحون ۽ واقعاتي تشبيهون
ڪيڏيون نه متاثر ڪندڙ آهن، اهي نه رڳو من کي متاثر
ڪن ٿيون، پر بيان ۾ زور ۽ اسلوب ۾ ڪشش پيدا ڪن
ٿيون. مون ته اهو هڪڙو مثال ڏنو آهي، پر پشپا جي
شاعري اهڙين قلمي تصويرن سان ڀريل ۽ معمور آهي
شاعره جي اها سچائي شاعريءَ جي سونهن آهي. هونئن
به پشپا جو چوڻ آهي:
”شاعري احساسن ۽ جذبن کي لفظن جي
روپ ۾ پيش ڪرڻ جو نالو آهي. مون به جيئن هن سماجي
زندگيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي، يا جيڪي زندگي ۾ مون سان
وهي واپري ٿو يا جيڪو مون مشاهدو ڪيو آهي، تنهن کي
دل ۽ ذهن جي ساٿ سان لفظن جو روپ ڏنو اٿم، اها
ڪهڙي صنف آهي ۽ ڪهڙو گهاڙيٽو آهي، انهيءَ لاءِ
ڪابه شعوري ڪوشش ڪانه ڪئي اٿم. بس جيئن محسوس ڪيو
اٿم، تئين قلمبند ڪيو اٿم.“
شاعره جي انهيءَ پنهجي چوڻ مان ظاهر ٿو ٿئي ته هن شاعريءَ جي
ڪنهن به صنف ۽ گهاڙيٽي تي ڪو نه ويهي سوچيو آهي،
پر جيئن آيو اٿس تئين پنهنجي اندر جي اوت کي ويهي
لفظن جو رو پ ڏنو اٿس جيڪڏهن ائين آهي، ۽ ائين ڏسڻ
۾ به اچي پيو، ته پوءِ هن مجموعي جي منڍ ۾ وزني
سنسڪيءَ جو اهو قول پيش ڪرڻ ته ”بحر ۾ شاعري هاڻي
بور ڪري ٿي“ هن جي پنهنجي قول ۽ چوڻ جي عڪاسي نٿو
ڪري، بلڪ اهڙو قول پيش ڪرڻ ڪنهن ٻئي جي ڪارستاني
پيو لڳي هن مجموعي جو مهاڳ اسان جي همعصر تنوير
عباسي لکيو آهي، جنهن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي:
”اسان کان پوءِ ايندڙ ٽهيءَ جو ماحول ان ماحول کان بنهه
نرالو آهي، جنهن ۾ اسان پلجي وڏا ٿياسين ان ڪري هن
ٽهيءَ جي سوچ ۽نظريي ۾ به فرق هوندو، هئڻ گهرجي ۽
آهي...ساڳيءَ طرح وليرام ولڀ ۽ پشپا ولڀ جي سوچ ۽
زوق ۾ به فرق آهي جي ائين نه ٿيندو، ته سمجهبو ته
سنڌ جي تاريخ اڳتي نٿي وڌي.“
تنوير جو، پشپا جي باري ۾ ان قسم جو ريمارڪ حقيقت جي عڪاسي ڪندو
نظر ڪونه ٿو اچي، ڇاڪاڻ جو خود تنوير جو ڪتاب ”رڳو
ٿيون رباب“ اڄ به جيرو متاثر ڪري ٿو اوترو سندس
پوئين دؤر جو ڪلام تاثر ڪو نه ٿو ڇڏي جنهن مان
ائين چئبو ڇا هت تنوير جو ڪلام ترقي پذير نه آهي،
بلڪ ترقي معڪوس ڏانهن مائل آهي، حالانڪه منهنجي
خيال ۾ ائين ڪونهي جيڪڏهن اسين نياز لاڙڪاڻوي،
ڪشنچند بيوس، ليکراج عزيز ۽ حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ جي ڪلام تي نظر وجهنداسين ته اها ڳالهه
صاف نظر ايندي ته فن ۽ فڪر ٻنهي ۾ ارتقا ايندي
آهي، پر انهيءَ ارتقا جو لاڳاپو ساڳئي فن ۽ فڪر جي
جداجدا منزلن سان هوندو آهي ۽ نڪي ڪي هڪڙي فن مان
ٽپي ٻئي فن جي رهگذر تي گامزن ٿيڻ سان. منهنجي هن
چوڻ جو مطلب صرف اهو آهي ته صرف ماحول ۽ وقت جو
بدلجڻ تاريخ جي اڳتي وڌڻ جو دليل ڪونهي، جئين
تنوير چيو آهي. خود تنوير غزل ۽ نظم جي دنيا کان
هٽي ڪري هائيڪو جو پڙ ۾ پير پاتو، پر ان ۾ ڪري
ڪجهه ڪونه سگهيو، جنهن جو اعتراف خود پاڻ ڪيو اٿس.
انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکي. اسين ڇا چئون ته سنڌ
جي تاريخ اڳتي وڌي يا پوئتي هٽي؟ حقيقت ۾ اهڙين
ڪوششن جو واسطو تاريخ جي اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ سان
ڪنهن به صورت ۾ ڪونهي.
بهرحال، پشپا جو شاعريءَ جي پر پيچري تي هي پهريون ۽
ابتدائي قدم آهي، جيڪڏهن هن ان ۾ ڪا ترقي ڪئي ته
پوءِ چئبو ته ادبي تاريخ ۾ هن جو اچڻ فڪري ارتقا
جو سبب بڻيو، ورنه خلا ۾ اهڙا ڪيئي آواز گم ٿي
ويندا آهن. دعا آهي ته شل ائين نه ٿئي، بلڪ سندس
ڏانءُ ۽ ڏات، هم آهنگ ٿي ڪري، سنڌي شاعريءَ کي
لازوال شيون ڏيئي سگهي.
هن مجموعي جي باري ۾ نصير مرزا به ڪجهه لکيو آهي ۽
پابند شاعريءَ کي ”بوگس“ سڏيو آهي. آءٌ کيس صرف
ايتروچوندس ته پابند شاعريءَ ته ٺهيو، پر آزاد
شاعريءَ جي سوين بوگس سٽن کي نظر ۾ رکي ته جيئن
سندس غلط فهمي دور ٿئي ۽ خوش فهميءَ جو پڻ ازالو
ٿي وڃي. آءٌ وڌيڪ ايترو عرض ڪندس ته آزاد شاعريءَ
جي اولين محرڪن: جهڙوڪ ن م راشد ۽ ٻين کان ويندي
فيض وغيره تائين ڪنهن به انهيءَ شاعريءَ ۾ اڃا
تائين ڪا لازوال تحرير پيش ڪانه ڪئي آهي. اهڙي
صورت ۾ آزاد شاعريءَ جو ڍنڍورو بي دليل دعويٰ بڻجي
رهجي وڃي ٿو.
(”مهراڻ“ بابت چند تاثرات)
·
محترم عبدالواحد سنڌي (ايڊيٽر نئين زندگي) جڏهن به ملندو هو ته
خوش خير عافيت بعد، نهايت جهيڻي، بلڪ دل ڀڄائيندڙ
لفظن ۾ چوندو هو: ”ادا سائين، نئين زندگيءَ لاءِ
ڪو مضمون.“ نتيجو اهو نڪتو، جو ”نئين زندگي“ رسالي
جو اهو عروجي دور هو. ساڳيءَ طرح ”مهراڻ“ رسالي جو
ايڊير مسٽر ناشاد به جڏهن ملندو آهي، تڏهن نهايت
نماڻن ۽ دل لڀائيندڙ لفظن ۾ چوندو آهي: ”سائين،
مهراڻ لاءِ ڪو مضمون“.
ناشاد صاحب جي انهيءَ ادبي اتساهه کي ڏسي ائين چوڻو
پوندو ته ”مهراڻ“ رسالو پنهنجي اصلوڪي معيار تي
پهچي چڪو آهي، جنهن لاءِ هو مبارڪباد جو مستحق
آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
(لاڙڪاڻو، سنڌ.)
·
تحريڪ آزادي نمبر پڙهيو اٿم اوهان ڏاڍي محنت ڪئي آهي ۽ تمام گهڻو
۽ مفيد مواد هڪ هنڌ گڏ ڪيو اٿو،. البت نوان لکيل
مقالا گهٽ آهن. ان ۾ اوهان جو ڏوهه ڪونهي. اسان وٽ
اهڙي قسم جي تحقيق مقالن لکندڙن جو تعداد تمام
ٿورو آهي، انهيءَ ڪري اوهان کي موضوع سان واسطو
رکندڙ مضمون هتان هتان گڏ ڪرڻ پيا آهن ۽ ڪجهه
ترجمو ڪرايا اٿو. بهرهال، اوهان کي مبارڪ هجي، جو
وڏيءَ محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ ههڙو معيار نمبر مرتب
ڪري، ڇپائي شايع ڪيو اٿو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
(لاڙڪاڻو)
·
رسالي مهراڻ جو ”تحريڪ آزادي نمبر“ پڙهيم . اڄ تائين جيڪي به
”مهراڻ“ جا خاص پرچا نڪتا آهن سي ڪافي معياري ۽
شاندار آهن ”مهراڻ مسلسل موجن سان سنڌي ادب،
تاريخ، ثقافت ۽ تمدن جي جيڪا آبياري ڪئي آهي، سا
مثالي ۽ حقيقي آهي. اوهان پنهنجي سابقه ڪوششن کي
جاري رکندي، جيڪو ”تحريڪ آزادي نمبر“ پيش ڪيو آهي،
ان لاءِ اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اها هڪ حقيقت
آهي ته سنڌ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جيڪو حصو ورتو
آهي.، ان جا ڪيئي پهلو گمنام ڪيا ويا ۽ سنڌ جي
محبت و مروت، مهمان نوازي ۽ ڪشاده دليءَءِ کي غلط
رنگ سان ڏٺو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ سنڌ ۾
همه گير حيثيت جي ڀؤ ۾ سرڪاري سطح تي سنڌ جي
مشاهيرن ۽ تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻن جي ذڪر کي،
قومي پريس ڄاڻي ٻجهي ڪائي اهيمت نه ڏني!
حقيقت ۽ انصاف جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته ”سنڌ“ جڏهن کان
انگريزن جي تسلط ۾ آئي ۽ سنڌ وارن جي مقامي ۽
پنهنجي حڪمرانيءَ تي غاصبانه قبضو ٿيو،. تڏهن کان
ئي سنڌ جي سڄاڻ عالمن، رهبرن ۽ برزگن آزاديءَ لاءِ
پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو. ”حر تحريڪ“. ريشمي رومال
تحريڪ“، ”سنڌ سڀا“ يا وري سنڌ ۾ مسلم ديني ادارن ۽
جديد جدا گانه مسلم مدرسن جو قيام انهيءَ آزاديءَ
جي تحريڪ جو پهلو پئي رهيا آهن اوهان تحريڪ آزادي
نمبر شايع ڪري، سنڌ جي وسريل ورقن کي يڪجاءِ ڪيو
آهي هن نمبر جو سمورو مواد قابل تعريف آهي پر خاص
طرح سان ”پير صاحب پاڳاري جو ترڪ خليفي ڏي خط
تحريڪ ريشمي رومان، ۽ سنڌ سڀا سنڌ جي پهرين سياسي
تنظيم“ ان کان سواءِ سنڌي رهبرن جو ذڪر پڻ ڪارائتو
آهي. اميد ته نوجوان نسل هن نمبر مان مستفيض
ٿيندا.
پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري
(ٽندو ڄام سنڌ)
·
خير سان رسالي ”مهراڻ“ جو
پنجون لاڳيتو خاص ايڊيشن ”تحريڪ آزادي نمبر“ جي
روپ ۾“ ميدان ادب تي ظاهر ٿيو. هڪ رسالي جي تاريخ
۾، ايترا لاڳيتا اسپيشل ايڊيشن، شايد ئي ڪٿي نڪتا
هجن! بهرحال، هاڻي روايتي پرچن جو سلسلو ڪارائتو
ٿيندو.
رسالي جي هن ايڊيشن جو به پنهنجو معيار ۽ منزل آهي. هن
پرچي ۾ سواءِ هڪ ٻن مقالن جي، ڪابه نواڻ ڏسڻ ۾ نه
آئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪريم بخش خالد ۽
ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري/ ڊاڪٽر نواز علي سوق
جي قلم مان تمام سٺا پيپر نڪتا آهن آءٌ سمجهان ٿو
ته ڊاڪٽر ابو سلمان وارو مضمون، سڄي پرچي جي جان
آهي. ان سان گڏ ”سنڌ سڀا“ جي تلاش ، هڪ نئين ڪوشش
آهي، خدا ڪري ته ان تي ڪو صاحب وڌيڪ ڪم ڪري.
ڪجهه وقت کان اوهان جي اداريتي نوٽن ۾ پختگي ۽ گهرائي
ايندي پئي وڃي. جزاڪ الله. اوهان هڪ لحاظ سان خوش
بخت انسان آهيو، جو اوهان کي پنهنجي دور جي مکيه
عالمن، مرحوم پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم
جوبي صاحب ۽ مرحوم غلام محمد گرامي جي صحبت ۾ رهڻ
۽ ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ جي سعادت حاصل رهي آهي. اسان وٽ
موضوع تمام گهڻا ۽ مسئلا بيشمار آهن، پر ٻليي ڪو
هجي، جو انهن بابت همٿ سان لکي!
”تحريڪ بابت ادارتي نوٽ قابل تعريف آهي. خدا ڪري، جو
اسان جي پوڙهن ۽ بزرگن جي پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجهد
جو رڳو رڪارڊ ئي درست ٿي وڃي ته به بهتر. رهيو
قديم آثارن بابت ذڪر، سو ان جو بار بار تذڪرو
مناسب نٿو لڳي. اثر انهن تي خير ڪو ٿيندو سنڌ جي
قديم ورثي جي برباديءَ ۾، رڳو هن کاتي جو دخل
ڪونهي، پر هتي جي هر شعبي ۽ کاتي، اسان جي آثارن
کي واڻين جو مال سمجهي تباهه ۽ برباد پئي ڪيو آهي.
دولتپور صفن شهر ۾، روڊ ۽ ريل جي وچ ۾، ويهه سال
اڳ اسان هڪ شاندار ڪچو قلعو ڏٺو هو، جتي خدا نه ٿو
ڀلائي ته هڪ ٻه قبرون به موجود هيون بس پوءِ ڇا
ٿيو، جو کاڌ خوراڪ وارن لاءِ هتي گدام ٺهيا ۽نتيجو
ڇپا ٿو نڪري سگهي، اهو محتاج بيان ڪونهي چون ٿا ته
هي ڪوٽ محمد حسن کهاوڙ ٺهرايو هو، جيڪو ڪلهوڙن جو
جرنيل هو. سو ادا! ڪهڙا ويهي آثار قديمه وارن سان
ليکا ڪيون. بس، جيڪي مهربانيون ڪن، سي ٿوريون آهن.
غلام محمد لاکو
(دولتپور صفن)
·
مهراڻ جو ”تحريڪ آزادي نمبر“
مليو روايتي معيار برقرار رکندي هن نمبر کي جامع
بنائڻ جي ڪوشش ڪامياب آهي پهريئن حصي ۾ آزاديءَ جي
تحريڪ جو ۽ ٻئي حصي ۾ انهن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو
وٺندڙ شخصيتن جو ذڪر هڪ ئي جلد ۾ ڪري پڙهندڙ کي
گهڻو ڪجهه ڏنو اٿو. ٻين زبانن مان جي تجمان ڪري
خاص نمبر ۾ شايع ڪيا ٿو، سي پڻ اهميت جا حامل آهن.
اميد آهي ته مهراڻ جو ايندڙ دستور پرچو انهن سڀني خوبين
سان ڀريل هوندو، جي خاص نمبرن ۾ ڏسڻ ۾ آيون، يعني
خوبصورت سروق معياري مواد ۽ وڻندڙ ڇپائي.
انيس انصاري
(لاڙڪاڻو)
· مهراڻ جو ”تحريڪ آزادي نمبر“ سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر
اضافو آهي. هن موضوع تي اها پهرين پيشڪش آهي، جنهن
وسيلي سنڌ جي ان تاريخي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو
آهي، جيڪو قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ ادا ڪيو هو ان
موضوع جا ٻيا به ڪيئي اهم گوشا باقي آهن، جن لاءِ
توقع رکي سگهجي ٿي ته بورڊ طرفان منظر عام تي آندا
ويندا.
هن پرچي ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخس
خان بلوچ جو مضمون نهايت معياري آهي ۽ سڄي خاص
نمبر جي سونهن قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ايڊيٽوريل ۾، سنڌ جي خدمتن جي
حوالي سان ان کان بي توجهيءَ جو جيڪو مذڪور پيش
ڪيو ويو آهي، اهو جرئت ۽ بي باڪيءَ جو هڪ عمدو
مثال آهي، اداريه ۾ پيش ڪيل تجويزون معقول ۽ جائز
آهن، جن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ اختياريءَ جي صاحبن
کي فوراَ توجه ڏيڻ گهرجي.
عبدالغفار صديقي
(حيدرآباد)
·
مهراڻ رسالي جو تحريڪ آزادي
نمبر وڏي طمطراق سان شايع ٿيو آهي. بيشڪ تاريخي ۽
شاندار پرچو آهي. ايڊيٽوريل ۾ جيڪي نو نڪتا ڄاڻايل
آهن، انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر سنڌيءَ کي ڪوشش
ڪرڻ گهرجي.
هي نڪتا نادر ۽ قابل قدر آهن نمبر جي مختلف مضامين پڙهڻ
بعد ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون سامهون آيون آهن مثلن
پير پاڳاري جو ترڪيءَ جي خليفي کي خط لکڻ، علامه
اقبال کان اڳ ۾ شمس الدين بلبل ۽ خيري ڀائرن جو
پاڪستان بابت تصور وغيره بلاشبه، هي خاص نمبر
سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي.
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
·
هن گذارش ذريعي تحسين جي هنن
چند بي ساخته اکرن لکڻ لاءِ پاڻ کي آماده محسوس
ڪيم.
مهراڻ جي تحريڪ آزادي نمبر جي حرف ادارت ذريعي اوهان
سنڌ جي نامور شخصيتن، تهذيبي ۽ تمدني آثارن ۽ ٻين
ڪن اهم مسئلن متعلق جنهن بيباڪ انداز سان اختياري
وارن جي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ جو مواد قلمبند ڪيو آهي،
ان لاءِ اوهان کي سلام آهي.
سنڌ جي زبان، ثقافت، تمدن ۽ تهزيب جي تحفظ ۽ ترقي متعلق
اهو لاتعلقي، لا خيالي ۽ لاپرواهي جو سلسلو وڏي
مدت کان جاري آهي خود اسان جي حيدرآباد شهر جي
تاريخي آثارن سان جا زيادتي تي بي ڌياني جي هلت
روا رکي ويئي آهي، ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت پڪي
قلعي، ميرن جي مقرن ۽ ڪلهوڙن جي يادگار آثارن مان
ملي سگهي ٿو. آءُ نٿو ڀانيان ته پنجاب، سرحد ۽
بلوچستان جي ڪنهن قديم يا جديد تاريخي يادگار جو
اهڙو حشر ڪيو ويو هوندو.
بهرحال، اوهان پنهنجي اخلاقي جرئت
۽ ادارتي ذميواري جو هڪڙو حوصله افزا ۽ قابل قدر
مثال قائم ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهان کي آفرين.
حيدر علي لغاري
(تاجپور سنڌ)
·
مهراڻ جو تحريڪ آزادي نمبر ڏسي
طبيعت نهايت خوش ٿي. اوهنا نهايت عمدا مقالا جمع
ڪيا آهن، ۽ نهايت خوبيءَ سان ترتيب ۽ تدوين جو فرص
بجا آندو آهي ۽ مون کي خاطري آهي ته مهراڻ جي ٻين
خاص نمبرن وانگر هي نمبر پڻ اهل علم، خصوصن سنڌ جي
سياسي تاريخ جي ذوق رکڻ وارن ۾ مقبول ٿيندو، ۽
هميشه مستقل حوالي جو ڪم ڏيندو رهندو.
ڊاڪٽر ابوسلمان شاهجهانپوري
(ڪراچي)
·
مهراڻ جو تحريڪ آزادي نمبر ڏسي
اکين ۽ هنئين تي ٿڌو ڇنڊو پيو آهي. اڃا مان فقط
اداريه ۽ مضمونن جي فهرست ئي ڏسي سگهيو آهيان
اوهان بلڪل ٺيڪ لکيو آهي ته صحافت اردو دانن جي هٿ
۾ آهي ۽ انهن کي صرف جمنا پار جي علائقن ۽ يو پي
کان علاوه ٻوي ڪو به علائقو نه ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽
نه ئي جچي ٿو! اردو دانن جي بالادستين کي ٽوڙڻ
لاءِ اسان پنهجي بورڊ جي طرفان به اشاعتي ڪم شروع
ڪيو آهي پهرين اسان اهمد خان کرل ۽ ڪال بليندي
جهڙا ٻه ڪتاب ڇاپيا آهن. هاڻي، هڪ ٻيو ڪتاب به
لکرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ تحريڪ آزاديءَ ۾ پنجاب
جي حصي وٺڻ متعلق روشني وڌي وئي آهي.
محمد آصف خان
سيڪريٽري، پنجابي ادبي بورڊ، لاهور
· مهراڻ جو تحريڪ آزادي نمبر اسٽال تان ورتم. ڏاڍو مهانگو
آهي، بهرحال پوءِ به هڪ دستاويز آهي. ان جي پڙهڻ
کان پوءِ ائين محسوس ٿيو ته سنڌ پاڪستان حاصل ڪرڻ
۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، ليڪن قومي پريس ۽ نشريات
ته ان جي ابتڙ اسان کي تاثر ڏينديون رهنديون آهن
ته، ته اهو سڀڪجهه ٻني صوبن جي مسلمانن ڪيو (سواءِ
سنڌ جي!) اوهان هي نمبر شايع ڪري اسان کي اهڙي
حقيقت کان روشناس ڪرايو آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ
لاءِ اڳ ۾ گمان جي ڪيفيت هئي ۽ هاڻي اسان کي پڪ
پئجي ويئي آهي ته جيڪڏهن سنڌ تحريڪ آزاديءَ کي تيز
نه ڪري ها ته پاڪستان ڪڏهن به وجود ۾ نه اچي ها.
سنڌ مدرسته الاسلام نه هجي ها ته
محمد علي جناح پيدا نه ٿئي ها، تنهنڪري سنڌ مدرسته
الاسلام جو مرتبو علي ڳڙهه ڪاليج کان تمام مٿاهون
آهي، پر قومي پريس ان کي ڪابه اهيمت نه ڏيندي آهي.
ڀل نه ڏين، اسان جي اکين تان پردا هٽي ويا آهن،
هاڻي انهن جي پروپيگنڊا بي سود ويندي.
منير سولنگي
(پير جو ڳوٺ)
·
مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر 1 ۽ 2
سال 1985ع پڙهيم، ڏاڍو وڻيو رسالي جي سٽاءُ تمام
اعليٰ آهي گڏگڏ تفصيل ۽ جامع مضمونن ويتر رسالي کي
سهڻو ڪيو آهي مان ٻئي حصا پڙهيا، ۽ منهنجي واقفيت
۾ اضافو ٿيو.
گلزار سومرو
(اسلام آباد)
·
عرض ته اوهان جو تازو رسالو
يعني ”موتين مالها“ پڙيهم جنهن جي ڪافي وقت کان
وٺي آس هيم.
انهيءَ مهراڻ رسالي جي تعريف ته اسان کان نٿي ٿي سگهي.
انهيءَ جي تعريف اهي ئي ڪري سگهن ٿا، جن هن ڪتاب
جي لاءِ تاريخي، علمي، تهذيبي ۽ ادبي خزانن کي
کولي هن جي لاءِ مواد تحرير ڪيو آهي پر آءٌ ايترو
ضرور چوندس ته ايترو ته پسند آيو جو مون کي پڙهڻ
وقت ائين محسوس ٿي رهيو هو،ڄڻ ته هي ڪو رڪارڊ ڪيل
انهن بزرگن، انهن عظيم سرويچ سپاهين جو يادگار
آهي، جنهن جي پڙهڻ سان محسوس ٿي رهيو هو ته ڄن آءٌ
انهن بزرگن جي تصويرن کي ڏسي رهيو آهيان.
انهيءَ ادبي سمنڊ ۾ هلندي هلندي هڪ زندهه دل اديب جي
چهري تي نظر پئجي وئي، جنهن منهنجي جان جا وارئي
کڙا ڪري ڇڏيا. انهيءَ مرد مجاهد جي تصوير اهڙي
نموني ته روشن هئي ڄڻ ته هي ادبي زماني جو سج آهي.
(جناب جي الانا) اسان جي هن خوشيءَ جي پيغام کي
قبول ڪندا.
نبي بخش شر بلوچ
·
تحريڪ آزادي نمبر، اوهان جي
اڳين نمبر وانگر هڪ ڪامياب ڪوشش اهي. هن نمبر ۾
مواد جي سٽاءَ اهڙي نموني رکي ويئ آهي جو ڪوبه
پهلو تشنه رهجي نه ويو آهي. هن نمبر جي اها به هڪ
خصوصيت آهي ته هن نمبر کي اوهان ٻن حصن ۾ ورهايو
آهي، جنهنڪري تحريڪن متعلق مواد الڳ ٿي پيو آهي ۽
شخصيات متعلق الڳ، جنهنڪري مطالعي ۾ آساني ٿي پئي
آهي. مضمونن جي چونڊ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر
مضمون نگار ملڪ جو ڄاتل سڃاتل اديب آهي ۽ سندن
بهترين تخليقات هن نمبر ۾ شامل ڪيون ويون آهن اهو
ئي سبب اهي جو هي هڪ يادگار نمبر ٿي پيو آهي.
ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق
(لاڙڪاڻو)
·
”مهراڻ“ جو تحريڪ آزادي نمبر
اڳ وانگر ظاهري ۽ باطني خوبين سان سينگاريل ڏاڍو
پسند آيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا مضمون، جي الانا جو
قائداعظم محمد علي جناح، سنڌ سڀا، تحريڪ ريشمي
رومال از ابوسلمان شاهجهانپوري صاحب، سنڌ جي
بمبئي کان جدائي، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو،
از ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب، قيام پاڪستان ۽
روزانه الوحيد جي ڪهاڻي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي
ڀائيواري از احمد خان آصف مصراڻي ۽ لاڙڪاڻي ۾
خلافت تحريڪ تمام اهم ترين مقالا آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي از ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحب،
رئيس المهاجرين، مولانا عبيدالله سنڌي محترم جي
ايم سيد ۽ پير علي محمد راشدي صاحبن جا مضمون به
ڏاڍا معياري ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي تاريخ تي اهم
مضمون آهن داڪٽر بلوچ صقاحب جا ٻئي مضمون پاڳارا
خاندان تي مکيه مضمون آهن ۽ تاريخ سنڌ تي مکيه
ماخذ آهن. هن پرچي ۾ هي وڏو قيمتي مواد سمويل آهي.
اسان هر هڪ سنڌيءَ کي عرض ڪنداسين ته هي پرچو خرچ
ڪري پاڻ پڙهن ۽ ٻچن کي به پڙهائين هي پرچو پنجاهه
ورهيه گذرڻ کان پوءِ سنڌ جي تاريخ بنجي ويندو، ۽
الله سائين اوهان جي محنت کي قبول ڪري، ان جو اجر
ڏيڻ فرمائيندو.
غلام مصطفيٰ ڀيو
(ڪرن شڪارپور)
·
ٽماهي ”مهرڻ نظر مان نڪتو ،
جنهن ۾ ٻين سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي
لکيل مقالن ۾ راشديه خاندان جي اعليٰ هستين جو
احوال پڙهي روح کي ڏاڍي راحت ٿي ۽ دل باغ ويهار
ٿي. انهيءَ خوشيءَ وچان ڊاڪٽر صاحب ۽ اوهان سڄڻ کي
دلي مبارڪ ٿي ڏجي. اميد ته آئيده به اهڙن نقطن سان
نوازيندا رهيا ٻيو ته مان اوهان کي آگهاه ٿو
ڪريان ته تعلقه اٻاوڙي جي تپي کينجهو ۾ بنده جي
ڳوٺ کان اتر اولهه ڪنڊ م قريبا ٽن ميلن جي فاصلي
تي هڪ اوائلي شهر ”وڄڻوٽ“ کنڊرن جي صورت ۾ آهي هن
شهر جو نالو چچنامه ۾ ”وجورتا“ مذڪور آهي.
هي ڦٽل شهر قيمتي پٿرن ۽ سرن سان ڀريو پيو آهي، جن مان
هڪ اعليٰ نموني جو پٿر بنده جي ڳوٺ ۾ به پيو آهي ۽
ماڻهن ڪيتريون ئي سرون ۽ پٿر ڪڍي وڃي گهر جوڙيا
آهن. ڪجهه وقت اڳ هن شهر جي ڀڙي تي هڪ ڪوٺي به
ظاهر هئي، جيڪا پوءِ ڊهي پيئي ۽ هن وقت ان ڪوٺي
واري جاءِ تي هڪ ڀڙو هي جنهن تي چڙهي نظارو ڏسي
سگهجي ٿو. ڪجهه سال اڳ اسان کي اتان ڪجهه سڪا به
لڌا هائي، ان کان پوءِ محترم استاد محمد پنهل ڏهر
جعفر به گهميو ۽ سندس آثار ڏسي هڪ طويل مضمون به
لکيو.
هن وقت ماڻهو زمين کي آبادڪرڻ لاءِ ٽريڪٽرن سان هن شهر
جا کنڊر مٽائي رهيا آهن، تنهنڪري حڪومت کي انهيءَ
شهر جي حفاظت خاطر فور يقدم کڻڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن
هن شهر جي کوٽائي ڪئي ويئي ته سڳائي موهن جي دڙي
وارا قيمتي آثار ظاهر ٿيندا.
محمد سليمان مهر
(ڳوٺ ڏته مهر، پوسٽ: ريتي، اٻاوڙو)
·
تقريبن ڇهن مهينن جي انتظار
کان پوءِ سماهي مهرڻ جو تازو پرچو ”تحريڪ آزادي
نمبر“ مليو انتظار جون ٿڪاوٽون لهي ويون اداره ۽
مقالانويسن کي مبارڪ هجي. تمام مقالا آزادي متعلق
تاريخي مواد جو ڀنڊار آهن: سواءِ چند مقالن جي
زياده تر مقالا ڇپيل ڪتابن تان ورتل آهن بهتر ائين
ٿئي ها جو گهڻي کان گهڻا مقالا اهي ڏيو ها، جيڪي
اڳ ڇپيل نه هجن ها، جهڙوڪ غلام محمد لاکي صاحب جو
مقالو وري به شاباش آٿو، جو تڪليف وٺي ڪري سموري
تاريخي مواد آزادي متعلق کي يڪجا ڪري موتين وانگر
مالها ۾ پوئي ۽ سينگاري پيش ڪيو اٿو.
سماهي مهراڻ ”رني ڪوٽ نمبر“ وانگر سماهي مهراڻ ”تحريڪ
آزادي نمبر“ جو ايڊيٽوريل به پنهنجو مٽ پاڻ آهي،
ڏاڍو پسند آيو هن ايڊيٽوريل ۾ آثار قديمه متعلق
راءِ وڻي. ادا سائين! محڪمه آثار قديمه جو ڌيان
ذرا هن طرف به ڇڪائيندا ته سنڌ جي تاريخي شهر
”وڄڻوٽ“ جا کنڊر، جيڪي ضلعي سکر جي تعلقي اٻاوڙي ۾
آهن، سي ڏينهو ڏينهن ختم ٿيندا ٿا وڃن، ڇاڪاڻ ته
هن تاريخ ۽ قديم شهر وڄڻوٽ جي ڀرسان تمام زمينون
ماڻهن ۾ الاٽ ٿي چڪيون آهن، جنهنڪري ماڻهو زمين کي
ڍهرائڻ سان گڏ پنهجين زمين کي وڌائڻ خاطر ٽيڪٽرن
سان هن تارخي کنڊرن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري رهيا آهن، ۽ ٻيو وري ماڻهو پنهنجين جاين ٺهراڻ
خاطر هن قديم ۽ تاريخي شهر جي کنڊرن کي کوٽي سرون
ڪڍي ڪري کڻائي وڃي رهي آهن. ڪيترائي وڏا سهڻا پٿر
هنن کنڊرن مان کوٽائي ڪري ماڻهن کڻي وڃي پنهنجن
پنهنجن گهرن اڳيان رکيا آهن. انهيءَ لاءِ محڪمه
آثار قديمه جي عملدارن جو ڌيان ڇڪائڻ گهرجي ته
هتان جي ماڻهن کي سختيءَ سان تنبيهه ڪئي وڃي ته
هنن تاريخي کنڊرن سان هٿ چراند نه ڪن زمين کي
وڌائڻ خاطر هن تاريخي شهر جي نشانن کي ختم نه ڪن ۽
نه وري پنهنجن جاين ٺهرائڻ خاطر هنن تاريخي کنڊرن
کي کوٽي، سرون ۽ پٿر کڻي وڃن.
محڪمه آثار قديمه کي گهرجي ته
وڄڻوٽ جهڙي تاريخي ۽ قديم شهر جي تحفظ لاءِ جوڳا
اپاءُ وٺي ۽ کوٽائي ڪرائي. هن تاريخي شهر جو ذڪر
چچنامه سميت سنڌ جي تاريخ متعلق مکيه ڪتابن ۾ آيل
آهي.
محمد پنهل ڏهر جعفري
(ڳوٺ غلام علي ڏهر)
·
مهراڻ جو هي خاص نمبرهڪ
دستاويز جي حيثيت رکي ٿو،. گذريل سال کان مهراڻ
واقعي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي، مهراڻ جا سڀ
پرچا (خاص نمبر) سانڍڻ جهرا آهن.
جناب ڊڪار نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، جي ايم سيد ۽ ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
جا مضمون تمام گهڻو وڻيا.
شوڪت خواجائي بکري
(سکر سنڌ)
·
مهراڻ جو تازو شمارو تحريڪ
آزادي نمبر هڪ چڱو خاصو ۽ ضخيم نمبر ڪڍيو ويو آهي.
انهيءَ ڳالهه جو سنڌ جي هر باشندي کي اعتراف آهي ته
جدوجهد آهزادي ۽ پاڪستان جي قيام جي ساراهه جوڳي
تحريڪ ۾ سنڌ جو هڪ نه وسرندڙ بنيادي ۽ تاريخي
ڪردار رهيو آهي. اوهان جي انهيءَ راءِ سان به پورو
پورو اتفاق آهي ته پاڪستان جي اصلي خالق، سنڌ آهي
ان لاءِ اوهان 1938ع واري سنڌ صوبائي مسلم ليگ
ڪانفرسن ڪراچيءَ جو ٺهراءَ ۽ ورهاڱي جي رٿ، سنڌ
اسميبليءَ جو 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُم
علاوه ازين سنڌ جي بمبئيءَ کان 1936ع ۾ علحدگي، يا
تعليم جي ميدان ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جون
بيلوث خدمتون ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي قيام وغيره
جو بخوبي ذڪر ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت خلافت تحريڪ،
ريشمي رومال تحريڪ، هجرت تحريڪ يا حر تحريڪ وغيره
۾، جن جو تفصيل سان احوال (ڪنهن حد تائين) نمبر جي
مختلف مضمونن ۽ مقالن ۾ پڻ ڪيو ويو آهي، انهيءَ
مان ثابت آهي ته بر صغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي
قيام ۾ اجتماعي يا انفرادي ڪوشش ۾ سنڌ کي هڪ ممتاز
حيثيت حاصل آهي.
1857ع کان 1947ع تائين تقريبن هڪ صدي جي مڪمل ۽ مسلسل
جدوجهد ۽ عظيم قربانين تي سنڌيءَ ۾ ڪو به خاص ۽
مستند مواد مفقود آهي. اميد اها آهي ته سنڌي ادبي
بورڊ ڪتابي صورت ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اها ڪمي پوري ڪندو
يا مهراڻ جي ڪيترن ئي ضخيم جلدن تي مشتمل سنڌ جي
انهن عظيم انسانن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت
پيش ڪندو.
اوهان جو اهو لکڻ بلڪل درست آهي ته سنڌ جي انهن عظيم
خدمتن ۽ تاريخي ڪردار قيام پاڪستان کان وٺي
ويجهڙائيءَ واري دور تائين ڄاڻي ٻجهي نظرانداز ڪيو
ويو آهي دانسته طور قومي سطح تي اهو تاثر ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي ته مسلم مفادن جي تحفظه
نگراني ۽ پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾ قربانيون
ڏيندڙ مسلم رهنما ۽ رهبر، مدير ۽ اڳواڻ يا ڪارڪن،
سنڌ نه بلڪ ڪن ٻين علائقن ۽ صوبن سان تعلق رکندڙ
هئا ۽ (خدانخواسته) سنڌ ته رڳو رڍن ٻڪرين جو
صحرائي علائقو پئي رهي آهي......
........اوهان ”محڪمه آثار قديمه ۽ سنڌ“ جي عنوان سان
جيڪا نشاندهي ڪئي آهي ۽ متعقله اداري کان علاوه،
انتطاميه ۽ عوام کي جنجهوڙيو آهي، ڪاش هر هڪ صرف
ايتروئي ڪم ڪري، جيترو ان تي فرض جي طور عائد ٿئي
ٿو، تڏهن به لک شڪرانا ان کان وڌيڪ نه تقاضا
ڪنداسين ۽ نه ئي ڪا اميد ٿي رکجي ته ڪو به فرد يا
ادارو فرض کان پوءِ نفل به ادا ڪندو.
ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته مهراڻ پنهنجي اصلي ماڳ تي موٽيو
آهي ۽ نمبرن جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهچائي، پهرين
وانگر، هر صنف کي پيش ڪندي پنهجو پراڻو بلڪ اصلي
رنگ ڍنگ اختيار ڪندو.
عابد لغاري
(حيدرآباد سنڌ)
·
پيارا! توهان جي خلوص کي آڏو
رکي، مهراڻ جي هر پرچي لاءِ مون ڪهاڻي لکڻ جو عهد
ڪيو آهي. آءٌ پنهنجو واعدو پاريندس، ان جي پڪ
ڄاڻجو.
امر جليل
(اسلام آباد)
منهنجي
خيال ۾ اها شخصيت سندس والد ولي رام ولڀ جي
آهي.
|