استاد ڇاڱي مل شايد خانصاحب محمد علي جي مهربانين ڪري، يا
الائجي کيس نينگر وڻيو، يا وري فرض ڀانيئين جو وري
ويٺس کيس ڳيٽيون ٺاهي ماني کارائڻ. خانصاحب محمد
علي جيڏي مهل آفيس مان موٽيو ته مٺوءَ کي ستل ۽
استاد کي ڪرسيءَ تي گهڏندي ڏٺائين. هو مرڪي وڌي
آيو ۽ استاد کي هوشيار ڪيائين.
”سائين! مٺو ٺيڪ آهي. شام مان وري ايندو مانس ۽ گهمائڻ
وٺي ويندومانس.“
”مهرباني ديوان! تڪليف جي معافي.“
”خانصاحب! مٺو جهڙو اوهان جو ٻچو، تهڙو منهنجو.“
شام جو سج اڃان چڱو بيٺو هو ته استا اچي نڪتو. مٺوءَ
ويٺي ٿاڌل پيتي، الائجي ڇا خيال آيس.
”سائين ٿاڌل پيئو.“
هن پنهنجو گلاس ڏانهس وڌايو:
”هان هان! جوٺو گلاسم ترس، استاد لاءِ ٻيو گلاس ٿا
گهرايون.“
”نه سائين، مان پيئندس ته ان گلاس ۾ ۽ مٺوءَ سان گڏ.“
پڻس ڏٺو ته ٻنهي گلاس مان سرڪيون ڀريون مٺو گدگد پئي
ٿيو، اوچتو مٺو گلاس رکي پيءُ ڏانهن نهاريو:
”بابا، اسان اڄ پورهيت ڏٺو.
بابا پورهيت سٺو هوندو آهي نه، مان وڏو ٿي پورهيت
بڻبس، پنهنجي هٿ سان ان اپائيندس، مامي غلام
وانگر.“
”هي وري ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايون اٿئيس. اباڻو پورهيو ڇڏي
نوڪري ڪئي اٿئون. محنت ڪري ته مختيار ڪار ٿيو
آهيان، وري هن کي سمجهائين ٿو ته ڪڙمي ٿئي.“
”نه سائين! اوهان به ته پورهيت آهيو. مٺو! تنهنجو بابا
به پورهيت آهي قلم جو پورهيو ڪندو آهي.“
”هاڻ هل ته قلم جو پورهيو ڪريون ۽ ڪتاب وٺي اچون.“
جيئن هو بزار ۾ گهڙيا ته مٺوءَ جا سوال شروع ٿي ويا.
”هيءُ ڇا آهي؟“
”انگو ڇو آهي.“
”انگو ڇو ڇا ٿيندو آهي؟“
”پوتڙو_!“
ائين چئه.“
”هي ڇا آهي؟“
”هوٽل.“
”هوٽل ڇا ٿيندو آهي؟“
استاد کيس سمجهائيندو اچي ڪتابن جي دوڪان تي پهتو.
ٻاراڻي جو ڪتاب، مس قلم ۽ ٻيون شيون چڪائي کيس وٺي ڏنائين.
مٺوءَ جيئن ڪتاب کوليو ته رڙ ڪيائين:
”سائين ڍڳو، ڍڳي گاڏي.“
استاد هاڻ کيس جواب نه ڏنو، سڌو کيس پنهنجي گهر وٺي
آيو.
جيئن گهر ۾ گهڙيا ته ڏٺائون ديوان جي گهر واري پئي ڀرت
ڀريو ۽ جهونگاريائين. مٺو وڌي وڃي مٿائنس بيٺو
ديوان جي گهر واري ڀرت ڀرڻ ۾ ايڏي ٻڏل هئي جو کيس
خبر نه پئي هت ڪير مٿان اچي بيٺو آهي. هوءَ ڳوڙها
ڳاڙيندي وڃي ۽ چوندي وڃي:
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرهام ڪاهيو،
جانب، جڏي جيءُ جو اڳانڍو آهيو،
لاڳاپو لاهيو، متان منهنجا سپرين.
مٺو پوئتي هٽي، اچي استاد وٽ بيٺو، جنهن جي اکين ۾ به پاڻي هو.
هو ٻنهي کي تڪيندي پڇي ويٺو.
”سائين هيءَ ڪير آهي؟ توهان رئو ڇو ٿا!“
”هيءَ منهنجي گهرواري آهي مٺو!“
”ڏس، هٿ جو پورهيو اها به ڪري ٿي.“
”پوءِ هيءَ به پورهيت آهي؟“
”ها من! هر ماڻهو پورهيت آهي، مان تون اسين سڀ.“
پوءِ هيءَ روئي ڇو ٿي.“
”هر پورهيت رئندو به آهي مٺو!“
”ڪڙمي، ڪاسبي، واڍا، ڪنڀر سڀ!“
”ها من! سڀ. جڏهن به ڪنهن کي جهوري لڳندي آهي ته جهري
پوندو آهي ۽ تنهجي ڪلڪ وانگر ڀڄي پوندو آهي.“
”جهوري ڇا ٿيندي آهي.“
استاد ڇاڱي مل جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هو جواب ڏئي نه
سگهيو. سندس گهر واري کيس ۽ مٺو کي ڪا گهڙي تڪيندي
رهي.
”هي مٺو آهي نه، جنهن جي تو سوير ڳالهه ڪئي هئي.“
”ها.“ ڇاڱي مل واراڻيس.
سندس گهر واريءَ کٽ تان اٿي اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽
مٺيو ڏنائينس، پوءِ کيس کٽ تي ويهاري، چيائينس.
مٺو! مان ٻڌايانءِ ته جهوري ڇا ٿيندي آهي.“
”ها!“
”مٺو! توکي ماءُ ياد ايندي آهي.“
”ها.“
”ها.“ هاڻ مٺو روئڻهارڪو ٿي ويو.
”تون کانئس ڌار ٿيو آهين، هوءَ توکان ڌار ٿي آهي.
انهيءَ جدائيءَ تي توکي ڪجهه ٿئي ٿو من!“
مٺو روئي ويٺو. استاد ڇاڱومل ٻه ورانگهون تڪڙيون ڀري
اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. اهو ڇا ٿي ڪرين. ٻچڙي
کي رئاري وڌءَ. نه مٺو نه، ڌڻي توکي جهوري نه ڏئي.
تنهنجي دادي چري ٿي آهي، آهي نه چري؟“
مٺوءَ ڳوڙها جهلي ورتا هيا. هو ماٺ ۾ ويٺو رهيو.
”هاڻ اٿي ٻار کي ڪو ٽول ٻول ڏي. ڇڏ انهيءَ رودن کي.“
داديءَ کي ڄڻ ته چاٻي اچي وئي.
ٽپ ڏئي صندل جي ڪاٺ مان ٺهيل سهڻي ڪٻٽ کي وڃي
کوليائين. چرڙاٽ جي آواز تي مٺو اوڏانهن ڏٺو. ڪاٺ
تي اڇي چٽسالي پسي، هو اٿي اوڏانهن ويو ۽ مٿس لس
ئي لس هٿ ڦيرڻ لڳو. داديءَ کي ٽول ڪڍڻ وسري ويا.
هوءَ ٻارڙي جو چاهه ڏسي موهجي وئي.
”مٺو، هيءُ ڪٻٽ توکي وڻي ٿو.“
”ها!“
”ڏس، هن ۾ آئينو به لڳل اٿئي.“
”ها!“
مٺو هن سهڻي چٽيل وڏي ڪٻٽ کي ڏسندو رهيو ۽ هٿڙا ڦيرندو
رهيو دادي ڪنڌ ورائي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو آرام
ڪرسيءَ تي ويٺو کين تڪي رهيو هو.
”پڻس! هيءُ ڪٻٽ سرلا جو هو، هاڻ مٺوءَ جو ٿيو. هيءُ اڄ
ئي کڻائي مٺو جي گهر پهچراءِ، هاڻ اسان جي ڪهڙي ڪم
جو. هونئن به سرلا به ته منهجي پٽ ئي هئي.“ دادي
وري روئڻهارڪي ٿي وئي.
مٺوءَ داديءَ ڏي ڏٺو استاد کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳيت ڏئي آهستي
چيائين:
”سرلا ڪير آهي، دادي؟“
چوڌاري چپ چپاٽ ٿي وئي.
”دادا! سرلا ڪير آهي؟“ مٺوءَ جو آواز وري گونجيو.
داديءَ يڪدم ڇرڪ ڀري ڪٻٽ مان شيون ڪڍيون. هڪ نئين دٻڪي
ڇنڊي ڪڍي. ان ۾ گانٺيا، ننڍڙا بسڪوٽ ۽ مٺا ڀڳڙا
وڌائين. دٻڪي مٺوءَ آڏو جهليائين، ”مٺو، تون شيءِ
کاءُ، جاني!“
مٺوءَ هٿ هڻي سندس دٻڪي کي لوڏي وڌو ۽ هيٺ گانٺيا،
بسڪوٽ ۽ کنڊ ڀڳڙا ڦهلجي ويا. مٺو اڳتي وڌي ڪٻٽ وٽ
وڃي بيٺو. وچين تختي تي ڪيترا وڳا ويڙهيل رکيا
هئا. هن آهستي هڪ وڳو ڇڪيو ۽ اهو وڳو وڏڙي چولي
وانگر ڦهلجي ويو. هو حيران ان چولي کي نهاريندو
رهيو، جنهن تي ٽڪ ۽ آر جو ڪم ٿيل هو.
”هيءُ سرلا جا آهن.“
استاد کان هاڻ رهيو نه ٿيو.
”مٺو! ڏاهو ٿي. مون وٽ سڀني سوالن جا جواب آهن، پر هن
سوال جو جواب توکي ڇا ڏيان_____ها، اهي ويس وڳا
سرلا جا آهن_______ سرلا کي هاڻ ٻئي ملڪ موڪليو
اٿئون“
”سرلا کي ڇو موڪليو اٿو؟“
”سرلا_______ وڏي ٿي وئي هئي مٺو. سرلا وڏي ٿي وئي
هئي______ هت____هت سندس لاءِ جاءِ نه هئي.“
مٺو انهيءَ ئي انداز سان سوال پڇيو، ”مان جي وڏو ٿي
وڃان ته توهان مون کي به ٻاهر اماڻي ڇڏيندو_____
ٻئي ملڪ اماڻي ڇڏيندو؟“
استاد وٽ ڪوبه جواب نه هو. داديءَ اوڇنگارون ڏئي پئي
رنو.
استاد ڇاڱي مل، مٺوءَ جو هٿ وٺي ٻاهر هليو. مٺو ويندو،
داديءَ ڏي نهاريو.هن چٽو ٻڌو:
”الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرهام ڪاهيو،
جانب جڏي جيءَ جو آڳانڍو آهيو،
لاڳاپو لاهيو، متان منهنجا سپرين.
مٺوءَ کي گهر ڇڏڻ وقت، استاد ڇاڱي مل نئڙي مٺي ڏني ۽ اکين ۾
پاڻي ڀرجي آيس. هو يڪدم ٻاهر هليو ويو.
مٺو پيءُ وٽ آيو، پر پيءُ وٽ اڱڻ ۾ ماڻهن جا ميڙ ڏسي،
هو ڪوٺي تي چڙهي ويو هن کي خير نه پئي ته صبح ڪيڏي
مهل ٿيو. هو کٽ تي پاسا ورائيندو رهيو. نيٺ هو هيٺ
لهي آيو. استاد اڃا نه آيو هو. اوچتو سندس نظر
ورانڊي ۾ پيل ڪٻٽ تي پئي هو انهيءَ ڪٻٽ کي ڪا گهڙي
تڪيندو رهيو. پوءِ هن ٻاهر ڊوڙ پاتي. نوڪر جو کيس
ڊوڙندو ڏٺو هو، سو به ڪڍ آيس ۽ ٻنهي استاد ڇاڱي مل
جي گهرتي وڃي توڙ ڪيو.
مٺو ٽپڙي کڻي اندر هليو ويو. اندر ڪير به نه هو. مٺوءَ
آهستي پڪاريو،
”دادا! دادا!“
جواب نه آيو.
”دادي! دادي!“
جواب نه آيو. هو پوءِ ڪوٺين ورانڊي ۽ اڱڻ ۾ ڦيريون
پائيندو رهيو، پر اتي ڪير به نه هو. پوءِ هو رئڻ
لڳو. لڙڪ لاڙي ڪجهه چوڻ جي ڪيائين پر کانئس ڪو به
لفظ نه نڪتو. هو آهستي آهستي پوئتي موٽيو ۽ نوڪر
جي هنج ۾ منهن وجهي رئڻ لڳو.
بلند بخت
عبدالجبار جوڻيجو
نوڪرياڻي بيڊ ٽي کڻي، بيڊ روم ۾ داخل ٿي ۽ جيئن ئي
دستور موجب ريشمي سوڙ جي ڪنڊ هٽائيائين ته وائڙي
ٿي ويئي. ان هيٺ ته فقط نائيٽ ڊريس ۽ گائون پيل
هئي. چمپل به پنهنجيءَ جاءِ تي پيو هو. باٿ روم جو
در به کليل هو ۽ اندران ڪو آواز به ڪو نه ٿي آيو.
هوءَ باٿ روم ۾ جهاتي پائي ڊوڙي ٻاهر نڪتي. لائونج
به خالي هئي. سرونٽ ڪوارٽر ڏي مڙي. ڪوارٽر وارن کي
صبح ساڻ چوڪيدار سجاڳ ڪندو هو. اڄ هت گيٽ به کليو
پيو هو، سرونٽ ڪوارٽر وارو نوڪر اٿيو ۽ڳالهه ٻڌي
حيران ٿي ويو. چوڪيدار موجود ڪونه هو. اهو وڌيڪ
حيران ڪندڙ هو، گيراج به خالي هئي. نئين ماڊل جي
ڪار به گم هئي.
نوڪرياڻي واپس اچي هڪ ڀيرو وري
بنگلي جي چڪاس ڪئي ۽ خاص طور بلند بخت جي بيڊ روم
کي ڏٺائين. لباس، سئنڊل، ميڪ اپ جو سامان، ٽيپ
رڪارڊر ۽ ٻي هر شيءِ پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هئي،
سواءِ بلند بخت جي. نوڪرياڻي گذريل پندرهن سالن
کان هتي ڪيترن ئي ماڻهن کي ايندي ڏٺو هو، جن ۾ قسم
قسم جا ماڻهو هئا. هر ڪو لک تي مٿو ڌوئي ويٺو هو.
لک بلند بخت جي قدمن ۾ لٽائيندو ٿي رهيو وري ٻيو
ٿي آيو ته پهريون هٽي ٿي ويو، ڄڻڪ ڪڏهن هوئي ڪو
نه. نوڪرياڻيءَ بنلد بخت جو اصل نالو ته ڪو نه ٻڌو
هو، پر کيس ايتري خبرهئي ته ننڍ پڻ ۾ نالو ڪو ٻيو
هوس. بلند بخت جي ڦٽندڙ جواني ڏٺي هئائين. هوءَ
حيران هئي ته جوانيءَ جي موٽڻ وقت هوءَ ڪار سميت
ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. سردار رڳو ٻه ڏينهن اڳ ۾
ڪاروباري ڪمن سان دبئي ويو هو.
نوڪرياڻيءَ ۽ ٻين نوڪرن لاءِ ته مسئلو بنجي پيو. پوليس
کي به اطلاع ڪو نه ٿي ڏيئي سگهيا. انهيءَ ڊپ ۾ ته
متان سير لاءِ ويئي هجي. پر چوڪيدار ته رات
ڊيوٽيءَ تي هو، اهو ڪيڏانهن ويو!
هوءَ ننڍ پڻ ۾ هڪ شرميلي ڇوڪري هئي. پڻس به قدامت پسند
ماڻهو هو. وڏي مشڪل سان ڀائرن ۽ ڀينرن کان هوءَ
ڪجهه وڌيڪ پڙهي ويئي. سندس نوڪريءَ تي به ڏاڍو
وادو واد ٿيو. بالا آفيسر به پنهنجو ملي ويو ۽
ڪنهن سندس پيءُ کي به راضي ڪري ورتو. هو مطمئن ٿي
ويو ته آفيسر سٺو ماڻهو هو. اڃان هڪ هفتو مس گذريو
ته آفيسر کيس ڪار ۾ گڏ کنيو ۽ رستي ۾ هوٽل ۾ لنچ
تي وٺي ويس، پوءِ کيس گهر ڇڏيندو هليو ويو. هوءَ
گهر اچي آفيس ۽ آفيسر بابت سوچيندي رهي. آفيسر جي
نيت تي به غور ڪندي رهي.
پوءِ ته چند موقعا ٻيا به آيا ۽ وچ وارو سفر به طي ٿي
ويو. بلند بخت جي دنيا بدلجندي ويئي ۽ سندس گهر جو
نقشو به بدلجڻ لڳو. گهر غاليچن کان وٺي خوبصورت
شينڊليئر تائين چمڪڻ لڳو. راهه هڪڙي ڏيکاري ۽
ملاقاتي وڌندا ويا. گهر جا ڀاتي به هري مري ويا.
جيڪو پئي آيو سو پيارو ٿيندو ويو ۽ جي هٽي ويو ته
ياد به نه رهيو، تان جو بلند بخت جي ملاقات سردار
سان ٿي. سردار پنهنجي قبيلي جو سردار ته هو، پر
نالو به سردار هوس. بلند بخت جي ته ساهه جو به
سردار بنجي پيو. هن ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا.
زمين ۽ وڏي ڪاروبار جو اڪيلو مالڪ، پڙهيل، جتر زبان،
ڪراچيءَ کان لنڊن، پئرس، واشنگٽن ۽ دنيا جي ڪنهن
به پرانهين خوبصورت ٻيٽ وغيره ڏي ائين ٿي آيو ويو،
ڄڻ چند ميلن جو مفاصلو هجي. بلند بخت به ساڻ هوندي
هئي ۽ سامان جا جهاز ڀري کڻي ايندي هئي ۽ اڄ هن ان
سامان مان ڪجهه به نه کنيو هو. ڇا ڪو هن کي اغوا
ڪري ويو هو؟ چوڪيدار کيس کڻي ته نه ويو هو؟ يا
هوءَ چوڪيدار کي کڻي هلي ويئي هئي!
بلند بخت ڪنهن جي اچڻ تي خوش ٿيندي هئي ۽ وڃڻ جي
پرواهه نه ڪندي هئي. ان ڪري جو وري نئون چهرو
ايندو هو. هوءَ آهستي آهستي پنهنجي زندگيءَ کي
اهڙي دڳ لائي چڪي هئي، جنهن جو نالو اوهين ڪهڙو به
رکو، پر هوءَ هڪ سمارٽ ڇوڪري هئي، ڪا وئشيا نه
هئي، جيڪو ڊاک نه پڄي سگهندو هو سو، ته عجيب
ٻوليون ٻوليندو هو. پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ هوءَ
نيڪ بخت نڪتي ۽ بلند بخت جو نالو مٿس پئجي ويو.
اهو به ڏاڍو عجيب نموني ٿيو. هوءَ پنهجي ٻي
نوڪريءَ واري آفيسر سان گڏ ڪوهه مريءَ ويئي، جتي
خوب گهميا، شاپنگ ڪيائون، ڪيترئاي ڏينهن رهيا. هڪ
ڏينهن گهمندي بنگلي جي ريلنگ وٽ هوءَ بيٺي هئي ۽
هيٺ سندس ساٿي انور جبل جي لاهيءَ تي هو. لاهي
پندرهن ويهه فوٽ هيٺ هئي. انور هيٺان بيهي ڪا
ڳالهه چئي، جيڪا مٿي ٻڌڻ ۾ نه آئي. وري چيائين:
”تون ايتري بلنديءَ تي آهين، جو منهجو آواز ڪو نه
پيو پهچي.“ بلنديءَ مان ”بلند بخت“ نالو پئجي ويس
۽ اهو صحيح به هو. هن جو بخت بلند ٿيندو ويو. انور
کيس ڪيتريون ئي سوکڙيون وٺي ڏنيون ۽ جڏهن انور جو
بخت ڦٽو، ته ڪنهن گمنام ڪنڊ ۾ هليو ويو، پر بلند
بخت جو گهر ڀري ويو.
پوءِ آيو شهزادو، جنهن جا وڏا روايتن موجب سنڌ جا وڏا
جاگيردار هئا بيٺي پير سزا ڏيئي ماڻهو مارائي
ڇڏيندا هئا، سرڪار به کانئن پڇا نه ڪندي هئي
شهزادو، بلند بخت کي هڪ ثقافتي نمائش ۾ ملي ويو.
ملي ڇا ويو، ڄڻ جادوءَ ۽ منڊ ۾ منڊ جي ويو. جڏهن
هوءَ شهزادي سان خاص بنگلي ۾ پهتي ته ڪار جي اڳيان
۽ پٺيان حفاظتي جيپون هيون. هوءَ اهڙي بنگلي ۾
پهتي، جنهن جو هن خواب ڏٺو هو. هن جو خواب پورو ٿي
ويو. شهزادو به آسمان ۾ اڏامڻ لڳو. شهزادن جي محبت
جو به هڪ مقرر مدو هوندو آهي. هيڏانهن بلند بخت به
اشارن مان سمجهي ويئي. اڃان شهزادو ٿو کٽا ڪري،
تنهن کان اڳ سندس هٿ سردار جي مضبوط هٿ ۾ اچي ويو.
شهزادي جي شهر کي ڇڏي، سردار جي صاحبيءَ ۾ اچي
پهتي. ٻنهي جو پيار هڪ مثالي پيار محسوس ٿيندو هو.
هڪ نئون سينگار يل بنگلو، نوڪر چاڪر، ڪارون وغيره
بلند بخت لاءِ موجود هيون سردار کيس هر طرح آرام
آسائش ڏني ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن ساڻس ٻه ٻول
به پڙهائي ڇڏيا.
ڪهڙي فرمائش هئي، جيڪا پوري نه ڪيائين! هر هر کيس ولايت
وٺي ويو.
سڀڪجهه ٿيو ۽ ٿوري وقت بجاءِ بلند بخت سردار سان چڱو عرصو به
گذريو. پر ڪا ڳالهه هئي، جنهن هن کي بي چين ڪري
رکيو هو. ڪهڙي بي چيني هئي؟ نوڪرياڻيءَ کي ته
اهاسمجهه ۾ نه آئي، هوءَ مڃڻ لاءِ به تيار نه هئي
ته بلند بخت سردار جهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڪيڏانهن
وڃي سگهي ٿي!
چوڪيدار رات ڊيوٽيءَ تي هو. هو ڪيترو نه وقت جو پابند
هو. هر وقت برجستو. هن کي پنهنجن مڇن کي وٽڻ ۽
نسوار کائڻ کان سواءِ ڪو ٽيون شوق ئي نه هو.
نوڪرياڻي اڃان شش وپنج ۾ هئي ته ٽيليفون جي گهنٽي
وڳي. نوڪرياڻيءَ ڊوڙي رسيور کنيو. آواز آيو: ”آئون
بلند بخت ٿي ڳالهايان مون کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجو
۽ چوڪيدار کي به............“
رسيور ڪنهن کٽاڪ جي آواز سان رکي ڇڏيو. نوڪرياڻيءَ جي
هٿ مان رسيور ڍرو ٿي ڪرئڊل تي وڃي بيٺو ۽ زبان مان
نڪري ويس: ”بدبخت“.
ويراني
انيس انصاري
خوشيون ۽ خرميون ڄڻ وٽائنس هميشه لاءِ هليون ويون
هيون. هميشه گلاب جي گل وانگر ٽڙندڙ صائمه ائين
ويران ويران نظرن سان پنهنجي ڀريي تريي گهر کي ڏسڻ
لڳي، ڄڻ هوءَ ڪنهن اجاڙ ويراني ۾ ڀٽڪي رهي آهي.
رفيق وڏا جتن ڪيا ته هو صائمه کي خوش رکي، پر سڀ
وئرٿ وڃڻ لڳا.
هڪ صبح جو:
رفيق: صائمه! صائمه!
صائمه (بي دلي سان): جي.
رفيق: صائمه، اڄ گارڊن ۾ گلن جي نمائش آهي. جمع به آهي
، موڪل جو ڏينهن۔ شام جو ڏسڻ هلنداسين.
صائمه: مان گهر ۾ هونديس، اوهان ٻارن سان وڃي ٿي اچجو.
رفيق: مان سدائين توسان گڏ گلن جي نمائش ڏٺي آهي ۽ سا
به تنهنجي چوڻ تي. نويمبر ۾ گل دائودي جي نمائش
ڏسندا هئاسون، ۽ فيبروري ۾ ٻين گلن جي. جڏهين کان
تو نمائش ڏسڻ ڇڏي آهي ته مان به نه ويو آهيان. هن
دفعي هلڻو پوندءِ.
صائمه: دل ئي نه ٿي ڪڍي رفيق. مون کي الائي ڇا ٿي ويو
آهي،. زمانو بدلجي ويو آهي. چيزن ۾ نه اهو چس آهي
۽ نه مزو!
رفيق: هن دفعي مسز موني ايراني دعوت نامو موڪليو آهي ۽
لکيو اٿئين ته وٽس گلن جون نيون ۽ ڪمياب جنسون
آهن، جي نمائش ۾ رکندي. تنهنجي لاءِ خاص لکيو
اٿئين اچڻ لاءِ هلندينءَ نه؟
صائمه (ٿڌو ساه کڻي): ها. |