مان شروعات کان انهيءَ راءِ جو رهيو آهيان ته حضرت شاهه
عبداللطيف عارف ڪامل هو، جنهن کي قلبي يا لدني علم
عطا ٿيل هو، پر ان سان گڏ ظاهري علم پڻ حاصل هئس.
سنه 1961ع ۾، ساهتيه اڪيڊميءَ لاءِ ”شاهه جو چونڊ
شعر“ تاليف ڪندي پڻ ڄاڻايو هئم ته قرآن مجيد جون
آيتون تلميح يا تضمين طور ڪم آڻڻ، حديثن جو الٽو
يا استعمال ڪرڻ ۽ تڪن جي وچ ۾ کين نزاڪندار ڪڙي
ڪري بيهارڻ، مادري ٻوليءَ کي مالا مال ڪرڻ ۽ هم
وطنين کي پارسي، هندي ۽ پنجابي وغيره زبانن جي هم
خيال شعرن، سلوڪن ۽دوهن جو لطف وٺائڻ، اڳ ۽ پنهنجي
وقت جي سنڌي شاعرن جي طرز ۽ خيال تي يا سندن جواب
۾ شعر چوڻ، وغيره سندس عالم هجڻ جي گواهي ٿا ڀرين.
دراصل عالمن ۽ اديبن جي شاهه صاحب جي علمي لياقت بابت
ٻچتائي ڏيکارڻ جو مکيه ڪارڻ ”تحفته الڪرام“
(1767ع) ۾ آيل ”امي“ (اڻ پڙهيل يا لکي پڙهي نه
ڄاڻندڙ) لفظ آهي، جو مير علي سير قانع شاهه صاحب
سان لڳايو آهي، مگر مان حيران آهيان ته اسانجن
تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ فاضلن جي نظر ساڳئي مورخ جي
مٿئين لکيل ڪتاب کان اٺ ورهيه اڳ لکيل سنڌ جي
پارسي شاعرن واري تذڪري ”مقالات الشعراعه“ (1859ع)
تي ڇو ڪين پيئي آهي، جنهن ۾ موصوف ”ع“ اکر وارن
شاعرن ۾ عبداللطيف ڀٽائي، عبدالڪريم بلڙيءَ واري
جي تڙ پوٽي، کي پارسي شاعرن ۾ شامل ڪري، سندس
لقب/تخلص ”تارڪ“ ڄاڻايو آهي، قانع، دليل طور، هن
جي پارسي شعر جو نمونو پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي.
(جيئن ڪن ٻين جي حالت ۾ به ٿيو آهي). اهو البته
علحده سوال آهي، جو تفتيش ۽ تحقيق طلب آهي، پر هن
جي لکڻ مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو واضح آهي ته شاهه
سائين نه فقط پڙهيل هو، پر پارسي ٻوليءَ تي پڻ
خاصو عبور هئس ۽ علم عروض جو پڻ چڱو ڄاڻو هو، جنهن
جو صحيح استعمال نه ڪري ٿي سگهيو . انهيءَ جي
تائيد قانع جي ئي ڏنل هن ڳالهه مان ٿئي ٿي، جا هنن
مذڪور ٻنهي تصنيفن ۾ ڪئي آهي ته مرزا مغل بيگ
ارغون جي مرڻ پڄاڻان، شاهه صاحب جي ڪنهن مريد،
ابجد رستي ”بود خبيث“ (خبيث هو) مان مرحوم جي وفات
جي تاريخ (1124هه) ڪڍي مرشد جي حضور ۾ پيش ڪئي.
عارف امالڪ وراڻيو ته ائين چوڻ نه جڳائي، بلڪ چئو
”يڪ مغل به بوده“ (هڪ نيڪ مغل هو.). حساب ڪيائون
ته انهيءَ ماده مان پڻ ساڳيوئي انگ (1124) نڪتو.
قانع جهڙي عالم فاضل ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ زماني جي مڃيل
استاد، هن واقعي کي ”قطب“ جي ڪرامت ڄاڻڻ تي ڪفايت
ڪئي آهي، ڇو ته اهو دؤر پيرءَ فقيريءَ جو هو، جنهن
۾ شاعري يا ٻيو ڪو به علم، درويشن جي ڪمالات جو
ادنيٰ ڪرشمو شمارجڻ ۾ ٿي آيو، حالانڪ عظيم شاعر جي
اعليٰ درجي جي عالم هجڻ جو پڌرو ۽ پڪو تاريخي ثبوت
موجود آهي عروضدان شاعر شاهدي واريندا ته تاريخ جو
مادو ڪڍڻ ڪهڙو نه مشڪل ۽ دقيق فن آهي، جو علم ٿو
گهري، مشق ٿو گهري، مهارت ٿو گهر، ازانسواءِ مذڪور
مادو پارسي زبان ۾ آهي جو ٻذات خود گواهي ٿو ڏئي
ته ڀٽائي گهوٽ جي سر تي علم جو سهڻو سهرو هو.
هونءَ به ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ (1700ع کان
1783ع) ۾، پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري لکپڙهه
جي ٻولي هئي، پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي ۽ لکي
ويندي هئي. گهڻي ئي شاعر پارسيءَ ۽ سنڌيءَ، يعني
ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا. هن مان مشهور آهن
ميان سرفراز خان ڪلهوڙو (قتل 1777ع) جنهن پارسي
غزلن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مدح چئي آهي، سچل سرمست
(1739ع کان 1828ع)، جنهن جو پارسيءَ ۾ ”ديوان
آشڪار“ شايع ٿيل آهي، ۽ هيڏو سارو سنڌي ڪلام، ۽
سيد ثابت علي شاهه (1740ع کان 1810ع) جنهن جو
پارسي شعر ۾ ”زوار“ تخلص هو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ
۾ مرثين ۽ قصيدن جو باني ليکبو آهي.
هن سلسلي ۾ پڙهندڙن ۽ کوجنا ڪندڙ جو ڌيان پارسيءَ ۾
لکيل انهن ٻن خطن ڏانهن ڇڪائڻ واجب ٿيندو، جيڪي
ڀاءُ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه عبداللطيف
ڀٽائي“ مخزن (سال 1954ع) ۾ شايع ڪيا آهن. هڪڙي ۾
شاهه صاحب، وقت جي مشهور عالم، اديب ۽ بزرگ صوفي
مخدوم معين ٺٽويءَ کان ”اويسي طريقي“ متعلق ڪي
سوال پڇيا آهن ۽ ٻئي ۾ مخدوم صاحب انهن جا جواب
ڏنا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ راءِ تي پهتو آهي
ته ”شاهه صاحب جو مخدوم صاحب کي خاص تاڪيد ته سليس
فارسيءَ ۾ جواب ڏنو وڃي، انهيءَ لاءِ ته هر ڪو هن
ڳالهه کي سمجهي سگهي، ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي
سليس ۽ ڳوڙهي فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي،
۽ سليس فارسيءَ جي عام فاعدي جو احساس هو. هيءَ
اندروني شاهدي، شاهه صاحب جي فارسيءَ مان واقفيت
تي هڪ خاص دليل آهي.“
ڪي علم دوست شايد سوال اٿارين ته ايتري فارسي ڄاڻندي به
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ فارسي سٽن جو استعمال ڇو
ڪين ڪيو آهي؟ مان جيڪر چوان ته هو تهه دل وطن پرست
هو، سنڌ سان والهانه محبت هيس ۽ سنڌي عوام سان
اٽوٽ رشتو. سنڌين سان سندن ئي زبان ۾ هن ڪجهه چوڻ
۽ ٻولڻ ٿي چاهيو.
هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو خاص مطلب آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ کي
پڙهيل ڪڙهيل ثابت ڪريان ۽ رسالي ۾ نظر ايندڙ مختلف
ٻولين جي ادب جا اثر خواه مشابهتون پيش ڪريان.
انهيءَ جي مراد اها هرگز نه آهي ته سڳوري شاهه ڪي
به ويچار، بيت يا مصرع ترجمو يا نقل ڪيا آهن، پر
جيڪڏهن انساني سڀاءَ انوسار، پڙهندي پڙهندي،
ڳالهائيندي يا سرود وسماع جي محفلن، صوفين ۽ جوڳين
جي صحبت ۾ ٻڌندي، پنهنجي من ٻڌيءَ فڪر ۽ فلسفي سان
ٺهڪندڙ ڪي خيال هن جي اندر گهڙي، هن جي طبيعت جو
اٽوٽ جزو بڻجي، جدا جدا وقتن تي، مختلف سرن ۾ ۽
علحدي طور سندس روشن ڪلڪ جي نوڪ سان اجاگر ٿي (مان
ته چوندس ته اصلي ٿي) نڪتا، ته انهيءَ ۾ عيب ئي
ڪهڙو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪن حالتن ۾ شاه سائينءَ ۽
ٻئي شاعر يا اديب جي لکڻيءَ ۾ هڪ جهڙائي محض
اتفاقي هجي، پر ڳچ حالتن ۾ هم معنيٰ بيت، تشبيهون،
تمثيلون ۽ ٻوليءَ جو ساڳيو رنگ ۽ ٺاٺ تقاضا ٿا ڪن
ته تحقيقات ڪجي ته سنڌيءَ جي عالم شاعر جي ڪلام تي
ڪو ڌاريو يا خود سنڌ جي شاعرن جو اثر پيو آهي؟ جي
ها، ته ڪنهن جو ڪنهن جو، ڪهڙو ۽ ڪيترو؟ - خادم)
شاهه صاحب جي زندگيءَ وارو زمانو
سنڌ اندر پارسي علم، ادب ۽ تصوف جي عروج جو دؤر
هو. علامه مخدوم محمد معين ”سليم“ (وفات 1748ع)،
محمد محسن ٺٽوي (وفات 1750ع)، مير علي شير قانع
(وفات 1789ع)، سيد جان محمد مير (وفات 1754ع) ۽
صوفي شاهه عنايت الله (قتل 1718ع)، انهيءَ وقت جون
ممتاز شخصيتون آهن. اهڙي دور ۾ جڏهن پارسي نه فقط
درٻاري ٻولي هئي، پر عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي
هئي، ان ۾ مشاعرا به ٿيندا هئا، ۽ شعر لکڻ ۾ مردن
سان گڏ زالون پڻ طبع آزمائي ڪنديون هيون، ڪهڙو عجب
جيڪڏهن اسان جي درويش دل شاعر جي انتخاب جي نظر
توحيد ۽ تصوف جي بي پايان بحر مولانا جلال ادين
رومي (وفات 672هه/1273ع) جي مثنوي معنوي تي پيئي ۽
انهيءَ کي پنهنجي الهام جو سرچشمو بنايائين انهيءَ
جو اهو مطلب نه آهي ته ايران جي ٻين نامور صوفي
شاعرن جهڙوڪ سنائي (545/1150)، عطار (627/1230.)
سعدي (691/1291)، شبستري (720/1320) حافظ
(791/1389)، جمي (898/1493) ۽ هند جي امير خسرو
(725/1324)، عرفي (999/1592)، غني (1079/ 1668)،
وغيره کان متاثر نه ٿيو، ليڪن اهو مشرق جو اول
نمبر صوفي شاعر رومي ئي هو، جنهن جي ڪلام، خاص طور
مشنويءَ جو گهاٽو اثر رسالي مان نمايان آهي، ۽ اها
به حقيقت آهي ته هن جو ئي نام نامي پنهجي شاهڪار ۾
وڌو اٿس، اهو به هڪ دفعو نه، پر لاڳيتا ڇهه لڱا.
ملاحظه فرمايو سريمن ڪلياڻ جي پنجين داستان جو هيٺ
ڏنل بيت (۽ ان بعد آيل پنج بيت):
طالب ڪثر،سنه سر، اندر روسمي راءِ،
ماڙهو ات ڪئاءِ، منڊ نه پسيس منڊئو!
پهرئينءَ مصرع جو مطلب آهي ته روميءَ جي نظر ۾ محبوب سونهن جو
سر يا سرچشمو آهي، ۽ عالم ڪثرت هن جي ابدي جمال جو
طالب: سنه سر جو حوالو پڻ مولانا روميءَ جي هن بيت
۾ملي ٿو:
عاشقي گر زين سر وگر زان سر است
عاقبت مارا بدان سر رهبر است
ازانسواءِ:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پن پاهنجا ساريا، هي هنجون هن لاءِ هاري
ڪو جو وڍيءَ وڍ، جن وڻ وڍيائين وڍسين،
ڏک ڏکيءَ کي ڏڍ، جن ڏٺي ڏکيا ٿيا.
جهڙا بيت پڻ
بشنو از ني چون حکايت ميکند
وز جدائيها شکايت ميکند
کز نيستان تا مرا ببريده اند
از نفيرم مرد وزن ناليده اند
سينه خواهم شرح شرح از فراق
تا بگويم شرح درد اشتياق.
جي ياد تازي ٿا ڪن. وري لطف ڪهڙو جو رسالي
جي ”گنج“ (1207هه/1792ع) ۽ ٻين ڪيترن اوائلي نسخن
جي ابتدائي ”وڍي ٿي وايون ڪري“ سان ٿي ٿئي، جنهن
منجهان انهيءَ وقت جي ماڻهن جي دلين تي تصوف جو
غلبو ظاهر نظر اچي رهيو آهي.
انساني عيبن جو ويچار ڪندي، نماڻو لطيف ننگيءَ ننگپال
کي عرض ٿو ڪري:
مَ ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونه ڪميڻيءَ جو، بگر توءِ بلو،
تهجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.
مولويءَ به ڌڻيءَ در اهائي التجا ڪئي آهي:
اي خدا اين بنده را رسوا مکن
گر بدم هن ستر من پيدا مکن
جز ترو پيش که بر آرد بنده دست
هم دعا وهم اجابت از تو هست .
روحاني دنيا ۾ طالب لاءِ ڪامل مرشد جي رهنمائي نهايت
ضروري آهي. شاهاڻي شاهه جا هي بيت:
1- اوجهڙ اسونهن، ڏيـﮣ گهڻو ئي ڏورئو،
سڳر رءَ سونهن، پهتي ڪانه پنڌ ڪري.
2- رءَ همراهيءَ هاديءَ جي مور نه مڙي ماءِ،
لطف ساڻ لنگهاءِ، لهرون لهرن وچ مان.
روميءَ جي
پير رابگزين که بي پير اين سفر
هست بس پر آفت وخوف و خطر
هر که او بي مرشدي در راه شد
او ز غولان گهره و در چاه شد2
ڏانهن ملتفت ٿا ڪن. حافظ شيرازيءَ جو پڻ اهروئي بيت آهي:
قطع اين مرحله بي همرهيءَ خضر مکن،
ظلمات است وبترس از خطر گمراهي
قرآن شريف جي سوره ولعصر (زمانو شاهد آهي) وتو آصوا
بالصبر سان ختم ٿئي ٿي، ان جو آخري لفظ آهي صبر
گهري نظر واري سنڌي سخنور پڻ صبر کي ئي دل جي درد
جو دارو ڄاڻايو آهي:
پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارؤن هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو ايهم اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.
سر ڪلياڻ ۾ آيل انهيءَ بيت لاءِ سامهون آڻيو روميءَ جا هي ٻه
بيت:
صبر گنج است، اي برادر! صبر کن
تا شفايابي تو زين رنج کهن
صبر رابا حق قريبن کن، اي فلان!
آخر والعصر را انگه بخوان2
شاهه صاحب نه فقط پنهنجي بيت جو آڌار مثنويءَ جي
بيتن تي رکيو آهي، پر ”آخر والعصر“ لفظ به مرشد
کان ورتا آهن.
پيار سدائين ٻه طرفو ٿيندو آهي. سر آبريءَ ۾ آيل
”تو جنين اڃ، پاڻي اڃئو ان کي
ڏسو ته مثنويءَ جي هيٺ ڏنل بيت ڏانهن ڪئن ٿو رجوع ڪرائي:
تشنگان گر آب جويند از جهان
آب هم جويد بعالم تشگان.
اختياري موت يا انفرادي هستي (خودي) مٽائڻ ڏانهن اشارو ڪندي،
بلند مقام شاعر جو سر سورٺ ۾ ارشاد آهي.
بلڪ آهي بود ، ناڪسي نابؤد ۾.
مثنويءَ ۾ پڻ اهڙي ئي مطلب سان، ناڪسي لفظ
سان مصرع ملي ٿي:
من کسي در ناکسي دريافتم2
لاشڪ عشق ۽ موت هم معنٰي آهن:
ڪٽارو ۽ ڪوس اڱڻ آري ڄام جي،
ديت آهي دوس مارڳ ۾ مين جي
مٿئين بيت ۾ لاکيڻي لال اهائي تند تنواري آهي، جيڪا مولانا روم
هنن بيتن ۾ بتائي آهي:
مابها و خونبها را يا فتيم
جانب جان يا ختن بشتا فتيم
اي حيات عاشقان در مردگي
درنيابي جزکه دردل بردگي
خونبها ۽ ان جي سنڌيءَ ۾ هم معنيٰ لفظ ديت قابل غور آهي.
مشهور آهي مينهن، موت، ملاقات، ٽنهي
ميمن جي مهل مقرر نه آهي، ڪنهن ويل به واقع ٿين.
وقت جي شڪتي ۽ ڪٺورتا ڄاڻائڻ لاءِ چوندا آهن الوقت
سيف قاطع يعني ته وقت قاتل تلوار آهي (جا ڪنهن به
گهڙيءَ هڪ ئي ڌڪ سان آدم جي حياتي ٽڪر ڪيو ڇڏي).
انڪري دانشمند صلاح ڏيئي ويا آهن ته اڄ جو ڪم
سڀاڻي تي نه رکجي، يعني معطل يا ملتوي نه ڪجي ڪهڙي
ڪل سڀاڻي جيون سورج اڀري يا نه؟ هنديءَ ۾ ته وقت
يا زمان کي سڏين ئي ڪال جنهن جي معنيٰ آهي ملڪ
الموت صوفين واسطي فردا جو فڪر ئي بيڪار آهي.
ٽاريءَ تي ويٺل ٻن پکين جي آسري ۽ هوس وچان هٿ
وارو پکي اُڏائي ڇڏڻ ڪهڙو عقلمنديءَ جو ڪم آهي؟
بقول شاهه
فردا مون ڦٽي ڪيئ، وعدي ڏي نه وهان،
صباح سينءَ نه سهان، خواه ميڙيين، خواه ماريين..
مولويءَ به انهيءَ ڏس ۾ ”فردا“ لاءِ فرمايو آهي
صوفي ابن الوقت باشد، اي رفيق!
نيست فردا گفتن از شرط طريق.
ٻئي هنڌ، سر معذوريءَ ۾ شاهه صاحب ”فردا“ لفظ هن طرح آندو آهي:
فردا منڌ ڦٽي ڪي، نقد کنيو نار.
مطلب اٿس ته جيڪي آهي سو حال. محبوب شاعر
جو هي گفتو شيخ فريدالدين عطار جا ”منطق الطير“ ۾
سچي صوفيءَ جي صفت ۾ چيل هي ٻه بيت ذهن ۾ ٿو آڻي:
هر چه دارد پاک در بازد بنقد
در وصال دوست سر بازد بنقد
ديگران را وعده فردا بود
ليک اورا نقد هم انجا بود 2
عظيم صلاحيتن واري شاهه جي سٽ ۾ ”فردا“ ۽ نقد لفظن جو ورجاءَ
سوچڻ لائق آهي.
ساڳيءَ ريت ”انڌن ۽ هاٿي“ وارو مشهور قصو، جيڪو
عبداللطيف سر آسا ۾ هن هڪ ئي بيت اندر سمايو آهي.
مئي هاٿي تي مامرو، اچي ڪئو انڌن،
مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن،
في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻن،
سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.
مثنوريءَ جي ٽئين دفتر ۾ ڏهن بيتن
۾ ملي ٿو. تصوف جي پهرئين نامياري ايراني شاعر
حڪيم سنائيءَ ساڳيو قصو ”حديقه الحقيقت“ مثنوي ۾
في جماعت العميان واحوال الفيل جي سري سان ٻاويهن
بيتن ۾ آندو آهي. قصي ۾ وڌيڪ اونهو وڃڻ لاءِ ڏسو
پروفيسر بديع الزمان فروزانفور جو پارسيءَ ۾ ”ماخذ
قصص وتمشيلات مثنوي“ (صفحا 96__ 97) جنهن ۾ لکيل
آهي ته (هجريءَ جي) هزار سالن کان به ڪجهه اڳ، ابو
حيان توحيديءَ (وفات 400هه) پنهنجي استاد مشهور
فيلسوف ابوسليمان منطقيءَ کان افلاطون جو بيان ڪيل
هاٿيءَ ۽ انڌن بابت قصو ٻڌو هئو، جو هن عربيءَ ۾
پنهنجي ڪتاب ”المقابستا“ ۾ ڏنو آهي. امام زاليءَ
اهو احوال پنهجيءَ عربي تصنيف ”احياءِ العلوم“ ۾
آندو آهي ۽ ان جو پارسي ترجمو ”ڪيمياي سعادت“ ۾
شامل ڪيو اٿس.
روميءَ وارو قصو:
پيل اندر خانهءِ تاريک بود
عرضه را آورد. بود نودش هنود
سان آغاز ٿئي ٿو، ۽ سنائيءَ جو
بود شهر بزرگ درحد غور
اندران شهر مردمنا همه کور 2
سان. روميءَ جي داستان موجب سائي نور وارا اونداهي جاءِ ۾ بند
ٿيل جيئري هاٿيءَ کي ٿا پروڙين، سنائيءَ مطابق وري
انڌا جيئري هاٿيءَ کي ٿا مناڙين. شاهه صاحب لاشڪ
ٻنهي پڙهڻين ڏانهن ڌيان ڏيئي، سندن عيب ثواب پروڙي
راءِ قائم ڪئي آهي ته
في الحقيقت فيل کي سڄا سڃاتن
پوءِ قصي کي زياده مقبول ۽ موثر بنائڻ خاطر
هاٿيءَ کي ”مئل“ يعني بي ضرر ڏيکاريو اٿس، ڇو ته
جيئري جانور تي ڪهڙو اعتبار؟ اونداهيءَ ۾ توڻي
انڌي هٿ لڳائيندڙ کي اوچتو ضرب وسائي سگهي ٿو. اها
لطيف جي سهڻي ترميم آهي، جا ڪافي وزنائتي ٿي لڳي.
سر سهڻيءَ ۾ دريا جي هشت ۽ ڪنن جي قهر جو هولناڪ مگر
جادوءَ ڀريو منظر اکين آڏو آڻيندي، اوچ ڪوٽيءَ جو
ڪوي عبداللطيف ڄاڻائي ٿو:
سڄا ٻيڙا ٻار، ۾، هليا هيٺ وڃن،
پروزو پئدا نه ٿيي، تختو منجها تن.
ڪير چوندو ته اهي سٽون شيخ سعديءَ جي ”بوستان“ ۾ آيل هن بيت جي
قابل داد ترجماني نه ٿيون ڪن:
در اين ورطه کشتي فرو شد هزار
که پيدا نه شد تخته اش بر کنار
سر حروفي ته سون تي سهاڳو آهي،. نه فقط ايترو پر پروانهءِ دل
لطيف جون
1.
پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ کبرون
2.
لــــــــڇڻ لنؤ لطيف چي، پڌر هڏ م پاءِ
پڻ سعدي شيرازيءَ جي
اي مرغ سحر! عشق زپروانه بياموز
کن سوخته را جان شد و آواز نيامد
جون سڪون لاهين، ساڳيءَ ريت
جي وصل ٿئا وصال ۾ سي ذرو ظاهر نه ڪن پڻ مٿئين پارسي
شاعر جي
ان راکه خبر شد خبري باز نيامد2
ڏانهن ڇڪيو وڃي. سٽ اندر ماٺ ۾ مشاهدو ماڻڻ
ڏانهن اشارو آهي، پڻ حيرت ڏانهن، جنهن ۾ ڪابه خبر
نه ملي، يعني من عرف الله کل لسانه (جنهن الله کي
ڄاتو تنهن جي زبان گونگي ٿي پيئي)، يا جئن صوفي
باصفا مولانا روميءَ فرمايو آهي.
هر که را اسرار حق آمو ختند
مهر کردند و دهانش دوختند.3
دل درپن تان دوئيءَ جي ڪٽ لاهڻ ۽ سيني ۾ صفائي پائڻ، واري سنڌي
صوفي سنت جو لاثاني بيت
اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج،
انـــــهم راه رميج، ته مشهادو ماڻين
غور سان پڙهبو ته هري ايندو
سعدي! حجاب نيست، تو آئينه پاک دار
زنگار خورده چون بنمايد جمال دوست.
روميءَ ته انهن کان به صاف لفظن ۾ ساڳي تشبيه ڏني آهي.
آئنه کز زنگ والايش جداست
پر شعاع از نور خورشيد خداست
آئنه ات داني چرا غماز نيست.
زانکه زنگار از رخش ممتاز نيست
روتو زنگار از رخ او پاک کن
بعد ازان آن نور را اداراک کن.2
ائين برابر آهي ته الاهي فرمان بجا نه آڻڻ ڪارڻ، عزازيل لعنتي
يا شيطان بڻيو، پر هن جي صداقت، ثابت قدميءَ ۽
”غير“ اڳيان نه جهڪڻ جي صفتن کي سلام ڪندي، عاشق
عبداللطيف بي باڪيءَ سان اظهار ڪيو آهي
عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،
منجها سڪ سبيل، لعنتي لال ٿئو.
ساوه (قزوين) جو جعفر نالي ستهرين صديءَ جو شاعر، اهوئي مضمون
هڪ رباعيءَ اندر هن ريت قلمبند ڪري ويو آهي:
جعفر سخن از کعبه و از دير مکن
در واديءَ شک چوگرهان سير مکن
رو، شيو. بندگي زشيطاني آموز
يک قبله گزرين وسجده غير مکن.
حديث جي ”آنا احمد بلاميم2 تي ٻڌل هيٺ ڏنل بيت ۾ احد
۽ احمد وچ ۾ فرق ٻڌائيندي، لطيف چيو آهي.
اَحد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
آهي مستغرق عالم انهيءَ ڳالهه ۾
ڀيٽ لاءِ آڏو آڻيو صوفي شاعر محمود شبستريءَ جو ”گلشن راز“ ۾
ز احمد تا احد يک ميم فرق است،
جهاني اندر ان يک ميم غرق است.3
ٻنهي بيتن ۾ ”احد“، ”احمد“، ”ميم“، ”فرق“، غرق“ جا لفظ، ۽ هڪ ۾
”عالم“ ته ٻئي ۾ ان جو برابر لفظ ”جهان“ قابل غور
آهن. شاهه جي هيترن سارن لفظن ۽ هم معنيٰ بيت کي
اتفاقي هڪ جهڙائي سڏي سگهبو؟
سر سهڻيءَ جو خيال:
پاڻ پردو پاڻ کي، سڻي ڪر سنڀال،
وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.
حافظ شيرازيءَ جي هڪ غزل ۾ هينئن آيل پيو ڏسجي:
ميان عاشق ومعشوق هيچ حائل نيست،
توخود حجاب خودي، حافظَ ازميان برخيز
يمن ڪلياڻ ۾ قرب جي ڪٺل مگر آساوند عاشق جو بيت:
جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو،
جه سو سرئو سور، ته ڪر ويڄ ور پئو.
خواجه حافظ جي هن بيت جو مفهوم ادا ٿو ڪري:
عاشق که شد که يار بحالش نظر نکرد؟
اي خواجه! درد نيست، وگرنه طبيب هست2
ڀٽ ڌڻيءَ جو
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا اينءَ چون، مڇڻ پاند پسائيين.
هن پارسي بيت جو نس پس، مگر قابل تحسين ترجمو لڳي:
در ميان قعر دريا تخته بندم کرده اي،
باز ميگوئي که دامن تر مکن هشيار باش
عام طرح ٻڌبو آهي ته اهو بيت پڻ حافظ جو آهي، پر ”ديوان شمس
تبربز“ ۾ جڳهه اٿس. حافظ جو همخيال بيت وري هن ريت
آهي:
آشنايان ره عشق درين بحر عميق،
غرق گشتندو نگشتند به آب الوده.2
اهڙيءَ طرح
ڏوريان ڏوريان م لهان، شال ۾ ملان هوت!
تن اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿيي.
سورهين صديءَ جي مايه عه ناز شاعر عرفيءَ جو هيٺ ڏنل بيت خيال ۾
ٿو آڻي:
گر بميرم منما چهره بمن روز وصال،
حسرت روي تو حيف است که ازدل برود 3
”وحدت“ بنسبت باڪمال شاعر جو ڪڏهين به نه وسرڻ جهڙو بيت:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لهين
هئا اڳهم گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا
بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته روميءَ جي
ان ندا که اصل هر بانگ و نواست
خود ندا آست واين باقي صداست
جي ترجماني ٿو ڪري، پر خادم جو ويچار آهي ته عبدالرحمان جاميءَ
جي هن بيت جو سنڌي ويس آهي:
يک صوت بردو گو نه همي آيدت بگوش،
گاهي ندا همي نهيش نام گه صدا 2
ڪئين به هجيم پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻوليءَ ۽ خيال جي
چٽائيءَ جي لحاظ کان شاه صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ساڳئي جاميءَ لاءِ مشهو رآهي ته نهايت ظريف ۽ حاضر
جواب شاعر هئو. چون ٿا ته هڪ دفعي پنهنجو هيءُ بيت
جهونگاري رهيو هئو.
يک در جان فگارو چشم بيدارم توئي،
هر که پيدا ميشود از دور پندارم توئي 3
نه ڀر ۾ بيٺل ڪنهن بدتميز ٺٺوليءَ جي نوع ۾ پڇيس:
گر خري پيد اشود؟ 4
ته هڪدم ڏانهس آڱر جو اشارو ڪري وراڻيائين:
من باز پندارم توئي
سڀ ۾ صاحب پسندڙ صوفي لاڪوفيءَ اهو مفهوم سنڌي سانچي ۾ هينئن
آندو آهي:
مون کي اکڙين وڏا ٿورا لائيا،
ته پڻ پرين پسن، کڻا جي کر سامهون.
بندي جو ڪم آهي ٻاڏائڻ، پوءِ مرضيءَ جو مالڪ چاهي ٻڌي چاهي نه
ٻڌي. شاهه جي لفظ ۾:
مهجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
اهڙي ڳاله خواجه حافظ به ڪري ويو آهي:
حافظ! وظيفئه تو دعا گفتن اسيت وبس
در بند آن مباش که بشنيد يا نشنيد2
پر بندي کي انهيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو
ڄاڻايل جاميءَ جو هيءُ بيت ٿو لڳي:
راز هائي سينه را گفتم بپش يار خويش،
گـــوش گردد يا نگردد گفتگوئي ميکنم3
هتي به سنڌي شاعر جو هڪ سٽ ۾ سمايل خيال پارسيءَ واري بيت جي
مواد کان گهڻو مٿي اڀري ٿو بيهي.
شاهه سائينءَ جي حڪيماڻي اک ۽ ننڍڙين ڪين جهڙين شين مان
سهڻو سبق پرائڻ جي صفت ساراهيندي، رسالي جا مفسر ۽
محسن، هيءُ لطيفي بيت مثال طور پيش ڪندا آهن:
پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ!
عاشقي
هن طرف جي هجي يا هن طرف جي
نيٺ ان سر (چشمي) ڏانهن رهبر ٿي ڪري.
نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙي حڪايت ٿو ڪري
۽ جداين جي شڪايت ٿو ڪري.
(چوي ٿو)
جڏهن کان
مون کي ٻوڙي مان ڪاٽيو اٿن،
زالين مردين منهنجين دانهن کان پيا روئن،
سينو گهر جيم جو وڇوڙي کان وڍيل هجي،
جئن مان سڪ جو سوز ان کي ٻڌايان.
اي
خدا! بندي کي رسوا نه ڪر
توڻي بڇڙو آهيان، منهنجو ڳجهه ظاهر نه ڪر
تو بنا بندو ٻئي ڪنهن اڳيان هٿ کڻي؟
تنهنجي ئي دعا ۽ منظوري درڪار آهي.
2
مرشد ڳول، جو رهبر بنا هيءُ سفر
مصيبتن، خوفن ۽ خطرن سان ڀريو پيو آهي
جيڪو به هن واٽ تي بنا مرشد هليو
ديون راڪاسن هٿان گمهراهه ٿي وڃي کوهه ۾ پيو
هيءُ
مارڳ خضر جي ساٿ (سونهپ) بنا نه وٺ
گهور انڌارو آهي، واٽ وڃائي وهڻ جي خطر کان دڄ
راويت آهي ته خضر ۽ سڪندر اب حيات (آمرت) جي تلاش ۾ نڪتا؛ ظلمات
جي حدن ۾ سڪندر راهه وڃائي ويٺو ۽ ڀٽڪندو رهيو
۽ خضر اهو پاڻي پيتو ۽ سدائين حيات آهي.
2
ڀائو! صبر خزانو آهي، صبر ڪير
جيئن هن جهوني درد کان شفا پائين
اي فلانا! صبر کي حق سان ملاءِ:
ان وقت آخر والعصر، اچار
جيڪڏهن
اڃايل جهان ۾ پاڻي ٿا ڳولين
(ته) پاڻي پڻ دنيا ۾ اڃايل ٿو ڳولي.
2
مون پاڻ وڃائڻ ۾ پاڻ (بقا) کي پاتو
اسان
بها ۽ خون بها ٻئي حاصل ڪيا
جان ڏيڻ لاءِ تڪڙا هلياسين
مرڻ (فنا) ۾ ئي عاشقن لاءِ حياتي (بقا) آهي
(جا) دل ڏيڻ بنا حاصل ڪري نه سگهندين.
اي
رفيق! صوفي اين الوقت (وقت جو پٽ يعنيٰ پڪو)
ٿئي ٿو
سڀاڻي چوڻ هن جي طريقي يا طريقت جو شرط ئي
نه آهي
2
جيڪي به اٿس، اهو نقد ٿو لڳائي
يار جي وصال ماڻڻ لاءِ نقد سر جو داءُ هڻي
ٻين کي سڀاڻي جو وعدو ٿو رهي
پر هن لاءِ نقد پڻ هتي ئي آهي.
هاٿي
اونداهي گهر ۾ (بند) هئو
هندن هن کي (تخفي) طور آندو هئو.
2
غور جي حدن (افغانستان) ۾ هڪڙو وڏو شهر هئو
انهيءَ شهر جا رهندڙ سڀئي ماڻهو سورداس هئا.
هن
ڪن ۾ هزارين ٻيڙا هيٺ هليا ويا
جن جو هڪڙو تختو پڻ ڪناري تي پيدا نه ٿيو (نه
مليو).
اي بلبل! عشق ڪرڻ پرواني کان سک
جنهن سڙندي ساهه ڏنو، پر ٻڙڪ به نه ڪڍي.
2
جنهن جاتو تنهن حال ظاهر نه ڪيو.
3
جنهن کي حق جا راز ڏيکاريائون (سيکاريائون)
ان کي مهر ٿا ڪن، ۽ ان جو وات سبن.
اي
سعدي! ڪوئي پردو (رڪاوٽ) ڪونهي، تون آئينو صاف
رک
ڪٽ چڙهيل (آئينو يار جو جمال ڪئن
پسائيندو؟
2
اهو آئينو، جو ڪٽ ۽ آلاڻ بنا آهي
خدا جي نور سان پيو چمڪي
خبراٿئي ته تنهنجو آئينو ڇوعڪس لائق نه
آهي؟
ڇاڪاڻ ته ان تان ڪٽ نه لٿي آهي
وڃ ۽ وڃي ان تي چڙهيل ڪٽ لاهه
ان پڄاڻا اهو نور معلوم ڪر (ڏس).
اي
جعفر! ڪعبي ۽ مندر جي ڳالهه نه ڪر
ڀٽڪيلن وانگر شڪ جي واديءَ ۾ سئر نه ڪر
وڃ، بندگيءَ جو طريقو شيطان کان سک
هڪڙو قبلو چونڊ، ۽ غير اڳيان سجدو نه ڪر.
2
آءٌ احمد آهيان بنا م جي، يعني احد (هڪ يا الله)
آهيان، ”م“ مان مراد آهي ماسواءِ الله
(مظهر صفات يا علام ڪثرت).
3 احمد
کان احد تائين هڪ ”م“ جو فرق آهي
جهان انهيءَ هڪ ”م“ ۾ غرق آهي.
عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪوئي پردو ڪونهي
تون خود حجاب آهين، اي حافظ! وچ مان اٿ.
2
ڪهڙو عاشق ٿيو جنهن جي حال تي يار نظر نه ڪئي؟
اي خواجه! درد نه هوندو، نه ته ته طبيب
آهي ئي آهي.
مون
کي ٻڌي کڻي دريا جي تري ۾ وڌو اٿئي
مٿان ٿو چوين ته سنڀال، پاند نه پسائج!
2
عشق جي راه کان واقف، هن اونهي سمنڊ ۾
غرق ٿيا، پر پاڻيءَ م نه پسيا.
3
مران ته وصال واري ڏينهن مون کي منهن نه
ڏيکارج
حيف
آهي جي توکي ڏسڻ جي حسرت دل مان هلي وڃي.
سڏ، جيڪو هر آواز ۽ پڙاڏي جو اصل آهي
سڏ اهو آهي، باقي پڙاڏو آهي.
2
هڪڙو ئي آواز توکي ڪن ۾ ٻن نمونن ۾ ٿو ٻري
ڪڏهن ان کي سڏ ٿو ڪوٺين ته ڪڏهن پڙاڏو
3
منهنجي ڦٽيل جان ۽ بيدار اکين ۾ تون اهڙو ٿو
وسين جو ڪجهه به ظاهر ٿئي ته پري کان پرکيو
وڃان ته تون آهين.
4
جڪڏهن ڪو گڏهه ظاهر ٿئي؟
مان
پوءِ به ڄاڻي ويندس ته ”تون“ آهين
2
اي حافظ! تنهنجو ڪم آهي ڪارون ڪرڻ
انهيءَ ٻنڌن ۾ نه پؤ ته الائي ٻڌائين يا نه.
3
اندر جا ڳجهه يار اڳيان ڳرهيم
ٻڌا وڃن يا نه، مان ته چوندس ئي چوندس
|