هو به ماٺ، بلڪل ماٺ، بنا اکڇنڀ جي ان وقت هن جي آڱرين هلائڻ ۽
سوئيٽر جي اڻت کي ڏسي رهيو هو. سندن ذهن ۾ ڀٽائيءَ
جو بيت هرڻ لڳو:
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
وڻن ۾ وؤڻ ته اڄ به آهن، پر اهي ڪتاريون..... ڇا ٿيو
انهن جو؟ ڪيڏانهن ويون آهي؟ شايد انهن ڪتارين مان
ڪنهن جو ڀٽڪيل روح رلندو رلندو اچي خورشيد جو روپ
ڌاريو آهي
”ها، خورشيد هڪ خوبصورت ڪاتاري آهي، اها ٻي ڳالهه آهي
ته ائٽ جي جاءِ سئين ورتي آهي ۽ ڪپهه جي جاءِ تي
ان.“
”خورشيد! لڳي ٿو، تون گذريل جنم ۾ ڪائي ڪپهه ڪتڻ
واري ڪاتاري هئينءَ،“ سندس ماٺ جو شيشو، بيت سان
ٽڪرائيجي ڀڄي پيو.
” اها وري ڪهڙي جنم جنم جي ڦيري جي ڳالهه کوٽي ڪڍي
اٿئي. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون آهين ڇا؟“
”مان، مان ڇا آهيان، ڇالاءِ آهيان،
انهيءَ سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي. مان آهيان،
انهيءَ ۾ منهنجو ويساهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي
اها جنم جنم جي ڦيري جي ”مٿالاجي حقيقت لڳندي
اٿم.“
هو گنڀير بڻجي ويو هو، ڄڻ هو پنهنجي گذريل جنم جي باري
۾ سوچيندو هجي. هڪ ڀيرو وري ماٺ مڙهجي وئي.
ڪنهن گوڙ سبب سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. پريان ڇڪڙي
تي ڪجهه مرد ۽ ٻار نعرا هڻندا پئي آيا. اٺ جي
ڳچيءَ ۾ جهنڊيون ڦڙڪي رهيون هيون، جيڪي مينهن سبب
پسي ويون هيون. اٺ جي ڳچيءَ ۾ جهنڊيون ڦڙڪنديون
ڏسي کانئس بي اختيار کل نڪري وئي. مرد ۽ ٻار گوڙ
مچائيندا، هنبوشيون هڻندا، هن جي ڀر مان اچي
لنگهيا. وسڪاري ۾ تيزي اچي وئي ۽ هوا جو هڪ تيز
جهوٽو آيو. ڀنل جسم تي گهميل هوا جي ٽڪرجڻ سبب
سندس جسم مان دهرڙي نڪري وئي. مينهن سندس لڱ لڱ
مان ڳڙهي رهيو هو. ڇڪڙي وارا اڳتي نڪري ويا هئا.
اهائي مرڪ سندس منهن تي ڪڏ ڪيون ڏئي رهي هئي. هنن
جا نعرا هوا ۽ مينهن جي آواز ۾ جهڪا ٿي ويا هئا.
کيس ڳوٺ ۾ برسات جي موسم ياد آئي. اهڙي ڏينهن تي
ڳوٺاڻا ٻار لانگوٽا کڻي گهٽين ۾ نڪري پوندا آهن ۽
هل هنبو شيون هڻندا ۽ گڏجي ڳائيندا: ڪارڙو ڪمارڙو،
ان پاڻي ڏي ته مينهن وسي.، هن جي دل جي ڪنهن گوسي
مان نڪتو: ان پاڻي ڏي ته مينهن ويس،“ ۽ مينهن وسي
رهيو هو.
هڪ ٽيڪسي اچي سندس ڀرسان بيٺي. ٽيڪسيءَ ۾ هڪ مرد ۽ ٻه
ٻار ويٺل هئا. سندس خيال ٽٽي پيا، ائين جيئن سندس
هٿ مان ڪو شيشي جو ٿانءُ ڪري پرزا پرزا ٿي ويو
هجي. ٽيڪسيءَ جا وائپر هلي رهيا هئا، ڊرائيور شيشو
هيٺ لاهي پڇيو: ”ريتا گرائونڊ ڪٿي آهي؟“
”ريتا گرائونڊ؟ هي ريتا پلاٽ ضرور آهي، هي سڄو علائقو
ريتا پلات سڏبو آهي پر مون کي ريتا گرائونڊ جي خبر
ناهي، اوهان کي ڪنهن وٽ وڃڻو آهي؟“
”ريتا گرائونڊ ۾ ڪائي ميچ ٿيڻ
واري آهي، مان ان لاءِ مهمان خصوصيءَ جا فرائض
سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل آهيان راند ڇا ٿيندي، بس
”فارملٽي“ پوري ڪرڻي آهي.“ اندر ويٺل مرد جهڪندي،
هن ڏانهن گهريندي چيو.
انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيدني چيائين: ”مون کي ريتا گرائونڊ جي
خبر ناهي.“
ڊرائيور ايڪسيليٽر تي پير رکيو ۽ ٽيڪسي اڳتي وڌي وئي.
هو سوچي رهيو هو ته: کيس هتي آئي هڪ سال پورو گذري
ويو آهي. ان هوندي به کيس هن علائقي جي پوري ڄاڻ
ڪانهي. ڄاڻ ڪيئين ٿئي، هو ڪيڏانهن اچي وڃي، گهمي
ڦري، ملي جلي ته خبر پويس. هو ته محدود آهي، آفيس
کان گهر ۽ گهر کان آفيس. ملڻ وارن جو حلقو تمام
محدود، بلڪل نه جي برابر، پوءِ کيس ڄاڻ ڪيئن پوي؟
هن ويندڙ ٽيڪسيءَ تي هڪ اڇاتري نظر اڇلائي.
روڊ تان مينهن جو پاڻي ائين ٿي
اڙهو، ڄڻ ڪنهن واهڻ کي کنڊ پيو هجي ۽ هيٺاهيئنءَ ۾
ڪٺو ٿي رهيو هو. اتي ڪجهه ٻار تڙڳي رهيا هئا ۽
هڪٻئي کي پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻي رهيا هئا. پريان
هڪ گهر جي دروازي تي، ڪائي ننڍي نيٽي نينگري
پاڻيءَ ۾ پسي ۽ ٻارن کي تڙڳندو ۽ هڪٻئي سان کيچل
ڪندي ڏسي، خوش ٿي رهي هئي. هو روڊ جي وچ واري حصي
تي هلي رهيو هو. بجليءَ جي ٿنڀن کان پاڻ بچائيندو
۽ ٽيڏي اک سان نينگريءَ کي سڏيندو ٿي ويو. سندس
ذهن ۾ آيو ته ان وٽ هليو وڃي ۽ وڃي: ”ڇو اڪيلي
بيٺي آهين؟ اچ ته گڏجي پسار ڪريون. ڇا توکي
هيڪلائيءَ ۾، ڪنهن جي هئڻ جي تمنا نه ٿي ٿئي؟“
ائين ڪري نه سگهيو. اها ڳالهه سندس وس کان چڙهيل
هئي. هيءُ معاشرو ايتري اجازت نه ٿو ڏئي. هن
معاشري اسان کي ذهني نٻل بڻائي ڇڏيو آهي. اسين
خواهشن جا قاتل آهيون.
هو اڳتي وڌي ويو. وڌندو ٿي رهيو، تمام سست رفتاريءَ
سان. کيس مينهن کان بچڻو ته هو ڪونه ائين ئي ان
نينگريءَ تي گهڻو سوچڻ به نه پيو چاهي. جنهن کي
پائي نه ٿو سگهجي، تنهن لاءِ هروڀرو سوچي، ڇو پاڻ
کي پريشان ڪريان.
هن يادن جي ٽٽل شيشي جا پرزا ميڙي، انهن کي ڳنڍڻ جي
ڪوشش ڪئي. هڪ ياد، ڇنال ڇوريءَ جيان ڇال ڏيندي،
سندس ذهن جي قيد خاني جون ديوارون ڇلانگيندي، ٻاهر
نڪري آئي.
هڪ مخصوص سڳنڌ، هڪ مٺاس، هڪ عجيب ڇهاءُ ۽ ڇهاءُ رس، نه
ڄاڻ ڪٿان هن وٽ رسيو، جيڪو هن محسوس ڪيو.
”ڇا ڪائي سڳنڌ به فضا مان غائب ٿي نه ٿي سگهي ۽ عرصي
پڄاڻان به اها هوا ۾ موجود ٿي رهي. ماڻهو رڳو ان
کي محسوس ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڪجهه حساس بنائي ۽
پنهنجا حواس استعمال ڪري. يا اڄ مون تي ڪنهن شاعر
جي حواسن جو غلبو ٿيو آهي، جو جماليات، جيڪا انسان
جي ڇهن ئي حواسن سان تعلق ٿي رکي، مون ۾ واسو ڪيو
آهي. مون اڄ ڪيئن خورشيد جي جسم جو هڳاءُ، بدن جو
مٺاس محسوس ڪيو آهي.“ سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو.
هوءَ ڪنهن سهيليءَ جي ڪڪيءَ جي جنم ڏينهن ۾ شامل ٿيڻ
لاءِ تياري ڪري رهي هئي. کانئس ڪپڙن پهرڻ لاءِ
مشورو ڪيو هو. هوءَ جڏهن ساڙهي پائي ۽ ان تي چست
بلائوز پائي آئي هئي ته ڪيڏي نه سندر لڳي رهي هئي.
هن جو جسم ساڙهي پهرڻ لاءِ سئو سيڪڙو درست هو،
سائي رنگ جي ساڙهي ۽ ان تي ڪاري ۽ گلابي رنگ جي
گلڪاري، ان جي مناسبت سان هلڪو ميڪ اپ ڪيل. سڄي
گهر ۾ هن جو هڳاءُ پکڙجي ويو هو، هن جا نقش فضا
مان اڀرڻ لڳا. اول کيس هن جو صرف پاڇولو محسوس ٿيو
۽ پوءِ اهو پاڇولو ويو چٽو ٿيندو، ويو چٽو ٿيندو ۽
نيٺ خورشيد سندس سامهون هئي.
اهوئي ڪڻڪ رنگو چهرو، ڀريل جسم، وڏيون اکيون، جن ۾ ڪجل
ريکا. پورو پنوقد، ڀريل ڳل، لپ اسٽڪ لڳل چپ. اهو
روپ، جنهن کي هن زندگي بخش روپ سڏيو هو، سندس
سامهون هو.
”ٻڌاءِ، هن لباس تي وار ڪيئن ٺاهيان. چوٽي ڪريان يا
جهوڙو بڻايان؟“
سندس ڊگها، ڪارا وار هوا ۾ جهلڪا ڏئي رهيا هئا. ڪڏهن
ڪڏهن سندس چهري تي ائين ٿي آيا، جيئن سانوڻيءَ جي
چوڏهينءَ جي چنڊ تي ڪائي ڪڪري هوا تي ڌڪجي، مٿان
لنگهي، ٿوري وقت لاءِ هن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي
هجي،. پر چنڊ ڪٿي ٿو لڪي سگهي. هن ٿوريءَ دير لاءِ
پيرن کان مٿي تائين سندس جائزو ورتو ۽ کيس ڏسندو
ئي رهيو.
”تڪڙ ڪر، دير ٿي ٿئي. هيٺ سڀ ماڻهو پهچي ويا آهن.“
”وارن کي کولي ڇڏ.“
کولي ڇڏيان؟“
”ها، کولي ڇڏين. ڀل ته آزاد فضا ۾ پنهنجي آزاديءَ جو
پورو پورو فائدو وٺي سگهن. ٻڌل ته سدائين رهندا
آهن. خوشيءَ جي موقعن تي باندين کي ڇوٽ ملندي آهي.
مون کي کليل وڏا وار ڏاڍا وڻندا آهن.“
هن وار ڇوڙي ڇڏيا. ڇڙيل وار هوا ۾ لڏي رهيا هئا، جيئن
قيدي آزاديءَ جو ٻڌي خوشيءَ ۾ نچڻ ٽپڻ لڳندا آهن.
ان وقت هن کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻيندي،
سندس سيني تي هڪ مهر هنئين هئائين. هن جي جسم جي
سڳنڌ ۽ مٺاس، هن جي رڳ رڳ ۾ پيهي ويو.
هوءَ ٺڪ ٺڪ ڪندي، ڊيل جيان ٽلندي، هنجي سامهون وڃي رهي
هئي. هن جي چنچل من چاهيو ته هن وقت کيس وڃڻ نه
ڏئي. بس، کيس ويهاري، ان ئي حالت ۾ ڏسندو رهي.
ڪيڏو نه بهتر وقت هو اهو. جيڪڏهن وقت موٽي نه سگهندو
آهي ته پوءِ ان گذريل وقت جيان، انهن يادن کي به
موٽڻ نه گهرجي. ماضيءَ جو حال ۽ مستقبل سان ايترو
ئي واعدو آهي ڇا، ته سندس نشان حال ۽ مستقبل ۾
ملند رهندا. ڪن کنڊرن مان ۽ ڪڏهن ذهن جي تهه خانن
مان.
۽ هڪ ڏينهن، ڪاش! اهو ڏينهن ڪڏهن به نه اچي ها. ڀل ته
سدائين رات هجي ها، رات جنهن ۾ ماڻهو حسين ترين
سپنا ڏسندو آهي. اهي سپنا صبح ٿيندي ئي ٽٽي ويندا
آهن. ماڻهو ڪجهه وقت تائين وياڪل ٿي ويندو آهي. ان
ڏينهن سندس سماڌيءَ ۾ ڪوئي راڪشس ڪاهي پيو هو،
سندس سماڌي ڀنگ ڪرڻ خاطر. هو ان راڪشس کي ڄاڻي
پيو، سندس دوست ئي هو. جيتوڻيڪ ارشد جي تعريف به
پاڻ ئي هن سان ڪئي هئائين،کيس ڪهڙي خبر ته هڪ
ڏينهن اهوئي ارشد سندس سماڌي ٽوڙي وجهندو.
کيس ياد آيو، هڪ ڀيري معمول مطابق ڳالهائيندي مرد جي بي
وفائيءَ جي ڳالهه نڪتي هئي. ڪئين نڪتي هئي، ڇو
نڪتي هئي، اها ان وقت به ڄاڻ نه هين. بهرحال
خورشيد پنهنجي ڄاڻ مطابق دليل ڏنا هئا ائين ناهي
اهي سڀ فلمي ڳالهيون آهن، جيڪي هن دؤر جي ئي پوري
عڪاسي ڪري نه ٿيون سگهن. مردن جي وفاداريءَ سان ته
تاريخ ڀري پئي آهي. پري وڃڻ جي به ڳالهه ناهي،
سهڻي ميهار، سسئي___پنهون، هير__رانجهو ۽ ليلان
____ مجنون کي ئي کڻي ڏس. جيڪڏهن انهن داستانن ۾
عورت وفادار رهي آهي ته مردن به ڪو پاڻ گهٽ نه
ملهايو آهي. جيتوڻيڪ انهن داستانن جا مڙئي مرد وڏ
گهراڻا به هئا.“
هن، خورشيد جو اشارو سمجهي ورتو هو ته هن اها ڳالهه
ڪهڙي سبب ڪري ڇيڙي هئي.
”وقت تي ڇڏي ڏي ان ڳالهه کي خورشيد! اهو فيصلو تون ۽
مان ڪري نه سگهنداسون. وقت پاڻ ئي اها ڳالهه فيصل
ڪندو ته ڪير وفادار ۽ ڪير ......“.
هن کلندي ۽ ڄاڻي ٻجهي اهو جملو اتي ڇڏي ڏنو.
”مردن اڳيان مجبوريون ۽ خانداني وقار به ايندو آهي.“
”ڇو هروڀرو انهن غير حقيقي ڳالهين کي ڳنڍ ٻڌي بيٺي
آهين؟ اهي فلمون اسان جي معاشري کي سڌارڻ بدران
بگاڙڻ لڳيون آهن. جيتوڻيڪ اهي معاشري کي سڌارڻ جو
بهترين ڪردار ادا ڪري ٿيون سگهن، پر هتي ته اهي
رڳو پئسو ڪمائڻو. معاشري جو سڌارو ٿئي يا بگاڙو،
ان ۾ هنن جو ڇا؟ ليکو ڪيو ته سڀني فلمن جي ڪهاڻي
لڳڀڳ وڃي ساڳي بيهندي. اسان جي ماڻهن جو سڀ کان
پهريون مسئلو آهي پيٽ. هنن سڀ کان پهريون مسئلو
عشق کڻي بڻايو آهي. چوندا آهن: ”ڍؤ آهي ته ڍول به
آهي ڍو بنا ڍول ٿي ئي نه ٿو سگهي.“ ان ڪري فلمي
دنيا وارا معاشرو ئي سرمائينداراڻو ڏيکاريندا آهن
. پوءِ اهي بي وفايون به ان سرمائيداري نظام جو هڪ
حصو آهن.“
هو کلندي کلندي سنجيدو ٿي ويو ۽ هن کي هڪ ننڍو ليڪچر
ڏئي مٿي چڙهيو. چيائين ته ڀٽائي پڙهي ڏس:
بکيءَ کل نه اڄهي، ڏکي ڏمر ناهه،
اگهاڙي وهانءُ، ويو ويچاري وسري.
هو نباهي رهيو آهي ۽ نباهيندو
رهندو، جيسين اهي يادون سندس ذهن جي تهه خان ۾
موجود آهن. انسان پنهنجو پهريون پيار وساري نه ٿو
سگهي کڻي هو انهن يادن کي وسارڻ جي ڪيڏي به ڪوشش
ڪري، پر زندگيءَ جي ڪنهن به چؤواٽي تي اهي سندس
سامهون اچي بيهن ٿيون ته ان وقت هو حواس باخته ٿيو
وڃي. پيار به هڪ اهڙو نشو آهي، جيڪو جڏهن چڙهندو
آهي ته لهڻ جو نالوئي نه وٺندو آهي. شايد مان هن
جو پهريون پيار نه هوس، ورنه هوءَ ڪڏهن به ائين نه
ڪري ها.“
هوءَ جا هاڻ ديس ۾ ئي ناهي، ان لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي.
ٿي سگهي ٿو ته ديس کان ڪوهين ڏور رهندي، اڄ کيس
ياد ڪندي هجي. هڪ غير منطقي جواب هن جي ذهن ۾ آيو:
ياد ڪر تان ياد ٿئين.“ هن کي ته ڪيترا ڀيرا سندس
موجودگيءَ جو احساس به ٿيو آهي. ڪڏهن کيس هلندي
ائين لڳندو آهي ته هوءَ ساڻس گڏ هلي رهي آهي.
مني بس جي اڳينءَ سيٽ تي ٻئي ويٺا هئا، بينش ڪڏهن هن
ڏي، ته ڪڏهن خورشيد ڏي آئي ۽ وئي پئي. هن کي ڪنهن
سهيليءَ جي دعوت ۾ وڃڻو هو. ان ڪري سرمد کي چيو
هئائين: ”جڏهن تون ڊيوٽيءَ تي وڃين ته مون کي به
وٺيو هلج، صدر مان رڪشا تي هلي ويندس. هتان هيکلو
نڪرڻ ڪجهه عجيب لڳندو اٿم. بس ۾ بينش به تنگ
ڪندي.“
هن انڪار نه ڪيو هو انڪار ڪري به ڪيئن ٿي سگهيو. هڪ سيٽ
تي ويٺي هو خوش هو. خوش هوءَ به هئي. رستي ۾ سندس
سهيليءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائون. هوءَ سندس ڪلاس
ميٽ هئي ۽ اتان سندس ساهيڙپ هلي هئي.
”جيڪڏهن تون هلين ته بهتر. رضيه ايتري ڪند ذهن ناهي جو
تو ۾ يا مون ۾ ڪو شبهو ڪري. مان کيس ائين چئي به
ٽاري ٿي سگهان ته رات جو هيکلائپ کان سرمد کي وٺي
آئي آهيان. ڇا تون منهنجو پاڙيسري ناهين؟“
”آهيان_______سئو سيڪڙو سچ آهي. پاڙيسرين جا ڪهڙا حق
آهن، اهي به ڄاڻان ٿو. ان کان سواءِ مان ايترو
روشن خيال به آهيان ۽ تنهنجي سهيلي به تو جيان ئي
هوندي. مان هن جي ذهنيت تي شڪ نه ٿو ڪريان، پر مون
کي ڊويوٽيءَ تي ضرور وڃڻو آهي. مون ڪافي موڪلون
ڪيون آهن، هروڀرو غير حاضر رهڻ بهتر نه ٿو لڳي.“
هن کيس اڪيلي وڃڻ لاءِ راضي ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو
چاهيندي به نه ويو هو.
مينهن ان ئي رفتار سان هلي رهيو هو ۽ هاڻ ته مينهن سان
گڏ، تيز هوا به گهلي رهي هئي، ان ڪري ڀنل جسم تي
هوا جي ڇهاءَ ڪري کيس ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. اوچتو هڪ
سوزوڪي تيزيءَ سان آئي ۽ بيٺل پاڻيءَ جا ڇانڊارا
هن کي هڻندي، اڳتي نڪري وئي. سندس خيالن جو سلسو
ٽٽي پيو. هن ڪنڌ کڻي سوزوڪيءَ ڏانهن ڏٺو. پويان
ويٺل ماڻهو پنهنجي حرڪت تي پيشمان ٿيڻ بدران
فتحيابيءَ واري کل کلي رهيا هئا، سندس کلڻ تي کيس
مٺيان لڳي ۽ زور سان چيائين: ”سورهيائيءَ تي کل ٿي
اچيو.“ ڪجهه سردي ۽ ٿڪ محسوس ڪري رهيو هو، ان ڪري
گهر وڃڻ لڳو. هو ننڍا ننڍا قدم کڻندو، روڊ تان لهي
ويو.
واپسي
قاضي خادم
هو صبح کان جوئا ڪري رهيو هو، ۽ مسلسل هارائي رهيو هو.
سڄو ڏينهن سواءِ چانهه ۽ سگريٽ جي، ٻيو ڪجهه ڪونه
واپرايو هئائين. سڄو وجود پگهر ۾ شم ٿيو پيو هوس،
پر کيس ڪو به احساس ڪو نه هو. رڳو اهو خيال هوس ته
ڪيئن به ڪري پنهنجا پئسا واپس ڪري، جيڪي هن ٻيڻا ۽
ٽيڻا ڪرڻ جي خيال کان داءَ تي لڳائي ڇڏيا هئا، پر
ان جي ابتڙ هو سڀ پئسا هارائي ويٺو هو، ۽ هاڻي
آخري سئو جو نوٽ هوس، جيڪو به هن داءُ تي هڻي
ڇڏيو. هن سڄو نوٽ بلائينڊ ڪيو ۽ پوءِ ڪنبندڙ هٿن
سان پتا کنيائين. هن جي دل ٽپا کائڻ لڳي، هن جي هٿ
۾ ٽي يڪا هئا، هن ڀر ۾ ويٺل دوست ڏانهن ڏٺو، جيڪو
سندس راند ڏسي رهيو هو. هن بنا ڪڇئي کيسي ۾ هٿ وڌو
۽ سؤسؤ جا ٻه نوٽ ڏنائينس، هن چال ڪئي، اڳيان به
چال ٿي، هن وري چال ڪئي، اڳئين شو ورتو. هن پهريون
داءُ کٽيو هو.
پوءِ هن کٽڻ شروع ڪيو. چار پنج هٿ اهڙا سٺا مليس جو سڄو
نقصان پورو ٿي ويس. هن جي سامهون نوٽن جا ڍير
لڳندا ويا، هو به بلائينڊ وڌائيندو ويو. کيس خبر
هئي ته هاڻ سندس پتو چڙهيو آهي. هي وقت هو جو هو
کٽي سگهيو ٿي. گهر جا کپايل پئسا ته واپس اچي ويا
هئا. پر اوترائي ٻيا ڪمائي سگهيو ٿي. هن جو شوق
وڌندو ويو. سندس دوست کيس هر هر ٺونٺيون هڻي اٿڻ
جو چئي رهيو هو، پر هن ڪو ڌيان ئي ڪو نه ٿي ڏنس.
داءُ تي داءُ کٽندو ويو. پيئر، ڪلر، رائونڊ، ڪلر
رائونڊ ٽريل، ڪهڙو وڏو پتو هو، جو هن وٽ نه ٿي
آيو. ٻيا رانديگر هڪٻئي ڏانهن حسرت وارين نگاهن
سان ڏسي رهيا هئا هنن جي اڳيان پئسن جون ڍڳيون
گهٽجي رهيون هيون، پر هن جي اڳيان وڌي رهيون هيون.
هو ته کيڏي ئي هن جي پئسن سان رهيا هئا، پر هاڻ ته
سندن کٽ هار ۾ بدلجي چڪي هئي.
”ٻيلي هاڻ اٿڻ جي ڪجي. سڄو ڏينهن گذري ويو آهي ڪرسيءَ
تي ويٺي ويٺي.“ دوست هن کي چيو.
”ٿورو ترس، هلون ٿا“. هن چيو ۽ پتا ورهائڻ لڳو. هاڻ
موقعو آهي ڌڪ هڻڻ جو.، هن سوچيو: ويندي ويندي ٻه
چار چڱا هٿ هڻي وٺجن“ هن پنهنجي آڏو پيل پئسنجي ڍڳ
ڏانهن ڏٺو. چار پنج هزار ته هوندا هن سوچيو. هو
پاڻ هزار رپيا کڻي گهران نڪتو هو. اهي پئسا هن جي
زال ويسي وجهي حاصل ڪيا هئا، نه ته ڇا پرائمري
ماستر، ڇا بچت ۾ هزار رپيا. هن جي زال کي وڏو شوق
هو ته گهر ۾ ڪو ريڊيو هجي. هوءَ ڏينهن جو جڏهن
اڪيلي ٿيندي هئي ته پنهنجي منهن پور پڇائيندي وقت
گذرندو هوس. ڪو ساڻس ڳالهائڻ وارو ڪو نه هوندو هو،
سندس پاڙي ۾ به ڪو اهڙو گهر ڪو نه هو جنهن جو ساڻس
ڪو اچ وڃ جو رستو هجي. ٻار ٻچو اڃا ڪو نه ٿيو هئن،
تنهنڪري هن چاهيو ٿي ته گهر ۾ ريڊيو ئي هجي ته
هوءَ وندري ويٺي هجي. ٽي وي ۽ وي سي آر جو ته هوءَ
سوچي به ڪانه ٿي سگهي. ڀلا ويچاري هڪڙي ماستر ۾
ايتري سگهه ڪٿي جو اهي شيون وٺي. هن جي مائٽاڻي
گهر جي پاسي ۾ هڪ تپيدار ۽ هڪ پوليس جمعدار جا گهر
هئا. گهر ڇا هئا، هن جي نظر ۾ ته محل هئا، جن ۾
سون سان جهنجهيل راڻيون رهنديون هيون. هنن وٽ ڇا
نه هوندو هو، ۽ هوءَ به سوچيندي هئي ته پاڻ جڏهن
شادي ڪري ويندي ته اهڙي ئي ڪنهن گهر ۾ ويندي ، جت
هن وٽ هرشئي هوندي. هوءَ جيڪي طلبيندي سو ملندس.
پر هت اچي ته اکيون پٽجي ويس. مهيني جي آخري
تاريخن ۾ ويلا ٽارڻا پوندا هئن. دعائون گهرندا هئا
ته اهڙين تاريخن ۾ ڪو بيمار نه ٿئي. پر جي ٿي به
پوندا هئا ته پهرين تاريخ تائين دوا دارون مهمل
ڪري ڇڏيندا هئا.
هن جو مڙس هو نئن ته ڏاڍو سدورو هو، جيڪي ملندو هوس،
سندس تريءَ تي اچي رکندو هو، پر تريءَ جي حد
تائين، پوءِ آهستي آهستي ڪري پگهار جو ڳچ حصو کڻي
ويندو هو. ڇا ڪندو هو سا کيس خبر ڪانه هئي، پر
اڪثر اهو ڏٺو هئائين ته ڪڏهن هو پنجاهه رپيا کڻي
ويندو هو ته واپسي ۾ چار سئو رپيا کيسي ۾ هوندا
هوس، ۽ ڪڏهن چار سئو رپيا کڻي ويندو هو ته واپسيءَ
۾ ٽڪو به کيسي ۾ ڪونه هوندو هوس. شروع شروع ۾ ته
هن کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي، پر پوءِ اهڙآ کهرا جواب
مليس،جو ڪڇڻ ئي بند ڪري ڇڏيائين.
هن پنهنجي سگهڙ پني سان ٿورو ٿورو گڏ ڪري ويسي وڌي هئي،
جنهن مان هن هڪ هزار روپيه کڻي مڙس جي تريءَ تي
رکيا، ۽ چيائينس ته کيس ڪو چڱيرڙو ريڊيو آڻي ڏئي
ته جيئن هوءَ اڪيلائيءَ ۾ وندري ويٺي هجي. |