سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :25

مگر جن عالمن ۽ اديبن ڪشمير جي لا ابالي شاعر محمد طاهر ”غني“ جو ديوان اٿلايو هوندو، تن کي رديف ”الف“ ۾ هيءُ بيت ضرور نظر چڙهيو هوندو:

همچو سوزن دايم از پوشش گريزانيم ما

جامه بهر خلق ميدوزيم وعريانيم ما

هر سنڌيءَ جي زبان تي چڙهيل:

پائي ڪان ڪمال ۾، ميان! مار م مون،

مون ۾ آهين تون، متان تهنجوئي توکي لڳي.

پڻ هيٺ ڏنل پارسي بيت سان مشابهت ٿو رکي، البته مارڻ وارو هٿيار ٻئي قسم جو آهي.

مکش خنجر مزن بر سينئه من،

توئي در دل مبادا بر تو آيد2

ٻهڳڻي جو ٻول:

هئڻ حبيب! هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،

ماڳهه مـن منـ ٿيي، جهولي وجهان پاڻ،

پڻ امير خسروءَ جو هيءُ بيت ياد ٿو ڏياري

کمان ابرويت راگو بزن تير،

که پيش دست و بازويت بميرم.

ساڳيءَ ريت

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ.

”طوطي عه هند“ وارو سر ٿو آلاپي:

در کفر هم صادق نه اي، زنار را رسوا مکن.2

عشق ۾ رشڪ ڪندڙ شاه جي هن بيت

ونين ۾ ٿي ويـ، ته آئون واري ڍڪئان،

توکي ڏسي نه ڏيـ، آئون نه پسان ڪي ٻئو

جو مقابل مرزا قليچ بيگ جي ”جواهر فارسي“ جي ٽئين ڀاڱي ۾ پاتو ويو آهي، پر موصوف کي شاعر جو نالو نه ملي سگهيو آهي، تنهنڪري ”لا اعلم“ تي ڪفايت ڪئي اٿس. مذڪور بيت آهي

بيابنشين بچشم من که از خلقت نهان دارم

نه بيند کس ترا چيزي دگر جز تو نبينم من.3

البته تحقيق ڪرڻي پوندي ته اهو بيت ڪنهن جو آهي ۽ ڪڏهن لکيو ويو شاهه صاحب جي وقت کان اڳ يا پوءِ؟

سر سهڻيءَ ۾ يار جي وصال وارو لطيفي خيال

جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين

تهان پري سڄن واڌايون وصال جيون

حڪيم شرف الدين حسن شفائي (وفات 1038/1628) جي هيٺ ڄاڻايل ويچار ۾ سهڻو اضافو آهي:

بحشرم وعده. ديدار اگر دادي نمي رنجم

وصال چون توئي را صبر اين مقدار مي بايده.

انهيءَ سڀ جي باوجود، هيڏي ساري رسالي ۾، خود پارسيءَ جي فقط هڪ سڄي سٽ نظر اچي ٿي، جا لاشڪ صوفي شاعر جي طبيعت تي چونڊيل مصرع جو ڪرشمو آهي

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد وصل اهو ئي ونگ.

چون ٿا هت جڏهين جهوڪ ڌڻيءَ شهادت پاتي ته ڪيترائي عاشقي رمزن وارا پارسي بيت چيائين، جن مان هڪڙو هئو.

سر در قدم يار فد اشد چنه بجا شد،

اين بار گران بود ادا شدچه بجا شد.2

چاليهه ايڪيتاليهه ورهيه اڳ، ڪراچيءَ، ۾ قيام جي دوران ٻڌو هئم ته شاهه شهيد جا مٿئين واقعي تي چيل اٽڪل 700 بيت، ڪتابي صورت ۾ آيل آهن ۽ قلمي نسخي جو نالو ”بي سر نامه“ آهي، مگر افسوس جو گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ به ان جي زيارت نصيب نه ٿي.

سر يمن ڪلياڻ ۾ هڪ پارسي جملو به ڪتب آندو اٿس

برخيز بده باقي پيار کي پرين.

جنهن منجهان خواجه حافظ جي

ساقيا! بر خيز و در ده جام را

جو اثر ظاهر آهي.

        ڪيترن بيتن ۾ مجاز جي چاٽ آهي، خاص طرح سر ڪاموڏ، کنڀات، پورب ۽ مومل راڻو ۾. يار جو رخسار، خط خال، لال لب، زلف، ڪاڪل ته آيا آهن،

پر انهن سان گڏ ساقي، مطرب ميخاني، جام، خمار ۽ ڪيف جو ذڪر پڻ آهي، البته اڻلکائتو ۽ مقامي ماحول ۾.

        سر معذوري ۾ هڪڙي وائيءَ جي آخري مصرع

                        پريان جي پستان جو، فاقو ئي فرحت

تصور جي خيال کان پارسي غزل جي بيت جون سڪون ٿو لاهي.

       سارو رسالو پارسي شعر جي مجموعن وانگر تمثيلن ۽ تشيهن سان ڀريو پيو آهي. عشقي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون پڻ آهن، پر اهي نه ”يوسف زليخا“ ۽ ”شيرين وفرهاد“ وانگر پيرائتيون آهن، ۽ نه وري منجهن مجازي عشق جو غلبو آهي. وطن دوست شاهه، مادري ٻوليءَ سان سهج ڪري سنڌي محاورا، سنهري بناوتون، استعارا ۽ تشبيهون ڪم آڻي کين ڏيهي رنگ ۽ روايتن ۾، نهايت سنجيدگيءَ ۽ روحاني رمزن سان پيش ڪيو آهي. ٿوري ۾، سونهاري شاهه اهوڪجهه ڪيو آهي، جيڪو حضرت ورمي چئي ويو آهي:

خوشتر آن باشد که سر دلبران،

گفته آيد در حديث ديگران [5]

پڇالڙيءَ ۾ اهو ڄاڻائڻ نامناسب نه ٿيندو ته سر حسينيءَ ۽ ڪيڏاري ۾ چند بيت ملن ٿا. جن لاءِ ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ جي ”روضته الشهدا“ جهڙن ديني ڪتابن ۾ آيل بيانن ڏانهن ورڻو پوندو، هتي پنج مثال پيش آهن:

(1) سر حسينءَ جو ________

حسيني حسين لءِ، بيبي پاڻ چئي،

تهان پوءِ ٿئي، خبر ٻيءَ خلق کي.

(2) ڪيڏاري جي پهرئين داستان جي وائيءَ جون ٻه مصرعون:

سج چنڊ مصطفيٰ ڏي، يڪدل گڏي هليا،

هيءِ! هيءِ انڌارو ٿيو، ان ري، تارا لڏي هليا.

ساڳئي ئي سر جي وائي:

(3) واويلا! واويلا! ملڪن ڪيو رڻ ماتام

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

ڪربلا جي پڙ ۾، آيا اڄ امير،

جهڙ وائي جهوري جهليا، طرف سندي تقدير،

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

پسي سختي مير حسين جي، رنو نبين زارون زار،

ملڪ، فلڪ، ڌرتي ڌٻي، آئي عرش مٿان اڇنگار،

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

(4) پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪهي

روضي پاس رسول جي، تهه لي هاڪ هنئي.

(5) رات جه جي ماءُ، ورئي، پرنئو رب کي.

سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون شارح آهي، جنهن ”روضته الشهدا“ ۽ لسان الملڪ ميرزا محمد تقيءَ جي ”ناسخ التواريخ“ ۾ انهن جا تفصيل ڏنا آهن: (1) ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته الله تعاليٰ جبرئيل فرشتي کي سڏي فرمايو ته امام حسين جي والادت ۽ شهادت جي اڳڪٿي حضرت پيغمبر کي سڻائي اچ. حضرت رسول اها خبر پنهنجي نياڻيءَ (امام عليءَ جي گهرواريءَ، پوءِ حسين جي ماءُ) بيبي فاطمه کي ٻڌائي، جا ٻڌڻ شرط پار ڪڍي روئڻ لڳي. حاصل مطلب ته خدائيءَ مان هوءَ پهريون شخص هئي جنهن واويلا ڪئي. (2) ۾ ڪربلا جو قهر ڏسي، سج چنڊ ۽ تارن جي ڪاري ٿي وڃڻ جو احوال آهي، گويا هو به آسمان ڇڏي نبيءَ سان اعزاپرسي ڪرڻ ويا هئا. (3) ڏيکاري ٿو ته شاهه شهيد جي سر لهڻ تي خود ڪائنات ماتم جو ويس پهريو: ”ڌرتي جوش ۾ جلي، ڌٻي دانهون ڪيون، آسمان عرش ڪرسي لرزي ۾ اچي، لهوءَ جا لڙڪ وهايا، ملڪن پنهنجا مڪان ڇڏي، هوا ۾ آهون صدائون ڪيون، ۽ نبين پڻ زارون زار رنو. ازانسواءِ ماڻهن، مرن، پکين، ديون ۽ پرين وغيره به پاڻ پڇاڙي رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙيا.“ (4) پکين مان مراد اهو ڪبوتر آهي جو چون ٿا ته امير حسين جي شهادت وقت هن جي خون ۾ ليٽي، ڪوڪون ڪري، پاڻ پڇاڙي، اڏامي مديني ۾ آيو ۽ شاهه مديني جي روضي جي چوڌاري پئي ڦريو سندس کنڀن مان رت ڦڙا پئي ٽميا. ڪربلا جي قهر جي خبر ٻڌڻ بعد ئي ماڻهن جي من ۾ خيال آيو ته پکي انهيءَ المناڪ واقعي جو اطلاع ڏيڻ آيو هو. (5) ۾ حوالو آهي ته شهادت رات، يعني 9 محرم تي امام حسين جي زال (بيبي شهربانو) خواب ۾ بيبي فاطمه کي ڪربلا جو ميدان ٻهارنيدو ڏٺو. سبب پڇڻ تي، هن وراڻيو ته ”سڀاڻي منهنجو فرزند، تنهنجو دلبند شهيد ٿيڻو آهي. پٽ انهيءَ ڪري پيئي صاف ڪريان، جيئن سندس ڪومل سرير کي ڪا ڪڪري نه لڳي.“ اهو جواب ڏيئي، رب ڪريم کي عرض ڪيائين ته ”اي خدا! هاڻي منهنجو ٻچرو پرتو اٿيئي.“

اورنگزيب مسجد، روهڙي

رشيد ڀٽي

        روهڙي وارين ٽڪرين جو سلسلو، ساري دنيا ۾، آڳاٽي پٿر واري دور جي آثارن ڪري مشهور آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي آثار قديم جي ماهرن جي تازي کوجنا پٽاندر، انهن ٽڪرين مان ڪيترن تي سکر ۽ روهڙيءَ جي پسگردائيءَ ۾ هڙاپا عهد جي پٿر جي هٿيار سازيءَ جا پڙ پکڙيل نظر آيا آهن انهن ٽڪرين جي چوٿين مٿاڇرن تي پگر جا ڦر ۽ ڦرن جا پتا (Blades & Blade_ Cores) ڀڳل ٽٽل ڦرها، چٿڙيون ۽ چاڪو سازيءَ سان لاڳو ٻيون پيداوارون ججهي تعداد ۾ ٽڙيل پکڙيل اڄ به نگاهجن ٿا.

        روهڙي ۽ سکر جي ٽڪرين جون اُهي مٿاهيون تاريخ جي ساري وهڪري دوران تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو مرڪز پئي رهيون آهن. تاريخ جي وچين دور ۾ به اروڙ، بکر، روهڙي ۽ سکر سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاريندا رهيا آهن. سکر ۽ روهڙيءَ ۾ ۽ آسپاس اڄ به ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ يادگيريون، خاص ڪري مغل دور جون ڏسي سگهجن ٿيون. اڄ هن مضمون ۾ به اسين هڪ اهڙي ئي تاريخي يادگار جو ذڪر ڪنداسين، جنهن کي ڪافي وقت کان هن مهل تائين، اسان جي تاريخدانن ۽ آثار قديم وارن نظرانداز پئي ڪيو آهي، ۽ ان کي ڪنهن به ڌيان يا توجه جي لائق نه سمجهيو آهي_ اهو آهي، روهڙيءَ واري اورنگزيب جي مسجد.

        روهڙي شهر جي ڏکڻ ۽ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اوڀر ۾، ريلوي لائين ۽ قومي شاهراهه جي ٻيڪڙ ۾ هڪ نهايت ئي زبون حال مٽيءَ جو وڏو ڪوٽ آهي، جو ڪوٽ يعقوب علي شاهه جي نالي سان مشهور آهي. مٿس نالو، سندس باني مباني مير يعقوم علي شاهه رضوي تان پيو آهي، جو بکر جو چوئيتاليهون نواب هو، ۽ سنڌ جي هن علائقي مٿان شهنشاهه عالمگير اورنگزيب طرفان حڪمراني ڪندو هو. ان ڪچي ڪوٽ اندر، اڀريل مٿاهين ڏاڪرو ميدان تي هڪ وڏي ۽ شاندار ڪچي عمارت بيٺل آهي، جا ريلوي اسٽيشن توڙي قومي شاهراهه تان لنهندي، گذرندي، نمايان نظر ايندي آهي. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان عمارت کي مير يعقوب واري مسجد يا اورنگزيب مسجد جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ٻٽي نالي هئڻ جو سبب اها حقيقت آهي ته اها مسجد اورنگزيب عالمگير جي هدايت ۽ ايما تي سندس بکر واري نواب مير يعقوب علي شاهه تعمير ڪرائي هئي. اها عظيم مسجد ان فتح جي يادگار طور اڏائي وئي هئي، جا پناهه ۽ سڪون جي ڳولائو دارا جي لشڪر تي مغل شهنشاهه جي لشڪر پاتي هئي ۽ نتيجي ۾ بکر جو قلعو هٿ ڪيو هو،

        شهنشاهه شاهجان جي پوين ڏينهن ۾، ڀائرن درميان ڪشمڪش ۽ جدوجهد جي وقت بکر جو قعلو دارا شڪوه جي قبضي ۾ هو. سامو ڳڙهه واري جنگ ۾ اورنگزيب هٿان هار کائي، دارا پنهنجي حرم ۽ رهيل کهيل فوج سان بکر طرف موٽ کاڌي ۽ اتي اچي پناهه وٺي سامت جو ساه کنيو. ڪجهه ڏينهن ساهي پٽي، آرام ڪري پنهنجو حرم، باقي مال خزانو ۽ ڪجهه فوج بکر جي قلعي ۾ ڇڏي، دارا ايران ڏانهن رواني ٿيڻ لاءِ بلوچستان پهتو. بکر جو بچاءُ دارا پنهنجي وفادار مخنث ملازم خواجه سرا بسنت، سيد عبدالرزاق شاهه ۽ نڪولائي منوچي جي سپرد ڪيو جو هڪ مغربي ڊاڪٽر مهم جو ۽ توبچي هو منوچي پنهنجي ڪتاب  ”اسٽوريا ڊي مگور“ ۾ بکر جي گهيري جو مفصل ۽ مزيدار احوال ڏنو آهي. ڍاڍر جي واصل جيوڻ خان دارا سان بيوفائي، غداري ۽ ويساهه گهاتي ڪئي. هن دارا کي گرفتار ڪرائي حراست ۾ دهلي دربار ڏي اماڻيو. خليل خان جي اڳواڻيءَ هيٺ اورنگريب جو لشڪر ڪاهي بکر آيو ۽ قلعي کي گهيرو ڪري ويٺو. خليل خان خواجه سر بسنت کي پيش پوڻ لاءِ پيغام موڪليو، جنهن تي بسنت صبح تائين جواب لاءِ وقت گهريو. رات جو بسنت قلعي مان پراڻا پادر ميڙائي هڪ وڏي توب جو منهن ان سان ڀريو. صبح سان توب گهلي ڀت تي آندي وئي، ۽ روهڙيءَ طرف خليل خان جي لشڪر جي پڙاءَ طرف منهن ڪري، توب ڇوڙي وئي. سڄي ڇاوڻي پراڻن لترن سان ڀرجي وئي. ان ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڏيارڻ جي باوجود شهنشاهه جو لشڪر قلعو هٿ نه ڪري سگهيو. آخر دارا جي حڪم ۽ هدايت تي سندس وفادارن روئندي قلعو شاهي لشڪر جي حوالي ڪيو.

        بکر جي قلعي جي فتح جي ياد ۾، اورنگزيب هڪ شايان شان، نهايت ئي شاندار ۽ عظيم مسجد ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو. سندس بکر واري نواب مير يعقوب علي شاهه ترت ئي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو، ۽ اها مسجد سن 1677ع ۾ ٺهرائي پوري ڪئي. ٺٽي واري نامياري شاهجاني مسجد کان ٺيڪ پاءُ صدي پوءِ.

        علائقي جي هن عظيم ترين مسجد جي مائيدار ۽ وڏي اڏاوت اڄ به پنهنجي پکيڙ يا ايراضي ۽ ڪوٽ نما چوديواريءَ ڪري، ڪشش ۽ توجهه جو مرڪز بنيل آهي. هينري ڪوزنس چواڻي اهي کندڙ هينئر ايترو ته خسته حاليءَ کي رسي چڪا آهن، جو ڪنهن خاص سار سنڀار جي قابل نه رهيا آهن. پر انهن کنڊرن کي موجود حالت ۾ محفوظ رکي سگهجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ کين وڌيڪ بدحال ۽ ويران ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ ان جي به ضروت آهي ته ان عمارت جي بچيل سچيل صورت کي فلم ۽ سلائيڊ تي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان جي آڌار تي ان عمارت جو ماڊل (ڪاٺ يا ڌاتوءَ جو) آسانيءَ سان تيار ڪرائي سگهجي ٿو.

        تمام ڪشادي چوديواريءَ يا حاطي واري هن عظيم جامع مسجد جي پکيڙ 100X 150 فوٽ آهي، جا گهٽ وڌ ٺٽي واري شاهجهاني مسجد جي برابر بيهي ٿي، جنهن جي ايراضي 98X 169 فوٽ آهي. مسجد جي عمارت ساري ڪچين سرن جي ٺهيل آهي، جي سائيز ۽ قالب جي لحاظ کان بلڪل نراليون ۽ نياريون آهن، ۽ سنڌ ۾ هٻيو ڪٿي به ڪو نه ٿيون ملن يا نگاهجن. هر سرجي ماپ 2X2 فوٽ (4 هم چورس فوٽ) آهي، ۽ سندس ٿلهائي هڪ انچ جيتري آهي. ونگن ۽ محرابن ۾ واپرايل سرون پڪيون ۽ ان عام سائيز ۽ نموني جون آهن جي مغل عمارتن ۾ عام ملن ٿيون. اولهه ۾ نماز لاءِ ڍڪيل ايراضي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، اندريون انتهائي اولهه وارو حصو ٽن هڪ جيترن ڪمرن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ وچين ۾ محراب آهي. اهي ڪمرا هيٺ هم چورس آهن، پر ونگن کان مٿي هلي اهي اٺ ڪنڊا ٿي وڃن ٿا. انهن جي مٿان شايد ڪڏهين وڏا گنبذ ٺهيل هئا. ڪمرن جي مٿاهين حصي ۾ کنيل قبي يا گنبذ جا ونگ ۽ماکيءَ جي ماناري جي ڊزائين ۾ هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ محرابون اڄ به ان جي نشاندهي ڪن ٿيون. ته ڪنهن وقت انهن ڪمرن مٿان اوچا وڏا گنبذ هئا. گنبذن جي اڳيان وارو ڍڪيل حصو، ڪهڙي نوع جو هو، تنهن لاءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. هن حصي جي رڳو اوڀر واري، اڱڻ ۾ کلندڙ ڀت جا بنياد ئي ظاهر آهن. معلوم ائين ٿو ٿئي ته هي هڪ وڏو، پڪو، ڪشادو دالان يا هال هو، جو گنبذ واري حصي ۽ اڱڻ جي وچ ۾ سڌيءَ ڇت سان ڍڪيل هو.

        ان ڪشادي حال جي ڇيڙن تي، اتر ۽ ڏکڻ ۾، به مٽيءَ جي سرن جا وڏا منارا آهن، جنهن جي ڏاڪڻين جا دروازا اندر هال ۾ کلن ٿا. اڱڻ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻاهرين اڏاوت کان اندرين هال جي منارن تائين، ٻنهي پاسن کان ننڍڙن ننڍڙن قبين وارن حجرن جون قطارون آهن، جن ۾ شايد طالب رهندا هئا. ڍڪيل عبادت گاهه واري حصي، طالبن جي حجرن جي سنواٽين قطارن، ۽ مکيه ٻاهرين داخلي اڏاوت جي وچ ۾ مستطيل شڪل جو هڪ شاهي اڱڻ يا صحن آهي، جنهن جي  وچ  ۾ تلاءَ جا آثار نظر اچن ٿا. اوڀر ۾ مکيه لنگهه واري عمارت آهي. مکيه لنگهه وارو وچون ڪمرو وڏو ۽ هم چورس آهي، جو ونگن کان مٿي اٺ ڪنڊو ٿي ٿو وڃي. هن جي مٿان به ڪنهن وقت وڏو گنبذ ٺهيل هو، جنهن جا آثار ڊٺل اڃا به موجود آهن. ٻاهرين دروازي کي هاڻي ٽي چار ڏاڪا آهن. هن وڏي ڪمري جي ٻنهي پاسن کان ٻه ٻيا ڪمرا، ڪجهه ننڍا آهن، جن جي مٿان به گنبذ ٺهيل هوندا هئا. انهن پاسي وارن ڪمرن جا ونگن وارا دروازا، اندر اڱڻ طرف کان آهن. داخلي مهاڙي جي ٻنهي ڇيڙن تي ٻه تمام وڏا رعبدار منارا آهن، جن جي ڏاڪڻين جو لنگهه اندران اڱڻ کان آهي. اهي چار منارا، ٻه اندرين عبادت گاهه جي ٻاهران ڇيڙن تي، ۽ ٻه وڏا ٻاهرين لنگهه واري اڏاوت جي ڇيڙن تي، اڏاوت جون اهي خوبيون آهن جي هن مسجد کي ٺٽي واري شاهجاني مسجد کان نيارو، نرالو ۽ مختلف بنائين ٿيون. انهن مان ٻاهرين منارن جون ڏاڪڻيون ته اڃا به اهڙِ حالت ۾ آهن، جو ڪو به انهن تي ڪنهن حد تائين چڙهي سگهي ٿو.

        سر زمين تي موجود شواهد ٻڌائين ٿا ته هن شاهي مسجد جو بنياد پٿر سان کڄيل آهي. ان بعد ڪجهه بار پڪين سرن جا آهن، ۽ باقي ساري عمارت سنهي ڪچيءَ سر سان اوساري وئي آهي، جنهن ۾ منارا به اچي وڃن ٿا،. مسجد جو اندريون حصو، ٻاهرين مهاڙيءَ واري اڏاوت سميت، ڪنهن وقت سارو، ڪاشيءَ سان سينگاريل هو. وقت جي ڏاڍاين ۽ سار سنڀار ۾ ڪوتاهيءَ ڪري اڄ ڪاشي ڀتين تي موجود نه آهي، پر ان جا اهڃاڻ اڃا به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. مهاڙيءَ وارن گنبذ نما ڪمرن جي ونگن ۽ محرابن، ۽ اندرين اولاهين عبادت گاهه وارن گنبذ وار ڪمرن جي محرابن مٿان، ڪٿي ڪٿي، ڪاشيءَ جا ٽڪر چنبڙيل نظر اچن ٿا، محراب (مرڪزي) جي مٿان هڪ وڏي ڪاشيءَ جي ڄاري بيٺل آهي، جا جاميٽر يڪل صورت جي آهي. اصل ۾ ساري ڪاشيءَ جي جڙائي ٿيل ٿي ڏسجي، پوءِجتان جتان ڪاشي ڪري پئي آهي ته اتي چن جي پلستر کان ڪم ورتو ويو آهي. مغلن جي آخري ڏينهن تائين، يا شايد پوءِ به ڪجهه وقت تائين، مسجد جي مرمت مڙيوئي پئي ٿيندي رهي آهي. مسجد جي ديوارن جي ٻاهران ڇا صورت هئي، تنهن بابت ڪا قياس آرائي نٿي ڪري سگهجي. مهاڙيءَ واري مکيه لنگهه جي ديوارن تي ٻاهران چن جي پلستر جا ٽڪرا ڪٿي ڪٿي نگاهجن ٿا، هن وقت ڪوٽ تي مير يعقوب علي شاهه جا پونئير قابض آهن. انهن کان پڇا ڳاڇا ڪندي پتو پيو ته مسجد اندران ڪاشيءَ سان سنيگاريل ۽ سنواريل هئي، ۽ ٻاهرين ساري عمارت کي چن چيروليءَ جو پلستر ٿيل هو. سنڌ جي هيءَ ٻيو نمبر شاهي مسجد ڪئين اُجڙي؟ مغلن جي دؤر جوهي عظيم يادگار ۽ فن تعمير جو نادر نمونو ڪيئن بي توجهيءَ جو شڪار ٿي ، نيستيءَ ۽ نابوديءَ جي منزل کي رسيو؟ ان بابت هنن سيدن جون روايتون ۽ لکيل يا سينه به سينه منتقل ٿيندڙ تاريخي حڪايتون ماٺ ۾ ۽ خاموش آهن، شايد ڪنهن ڏينهن موجود بنيادي ڍانچو به جهر جهڻي ٿي ويندو، ۽ ان جو نالو رڳو ڪاغذن تي ئي رهجي ويندي.

حوالي جا ڪتاب

(1)    داستان مغليه: نڪولائي منوچي، اردو ترجمو: سجاد باقر رضوي، نگارشات: لاهور.

(2)   ٺٽا (انگريزي): ايم ادريس صديقي: محڪمه آٿار قديمه، پاڪستان

(3)   پئليو لٿڪ سائٽس ان دي پلينس آف سنڌ: برجي آلچن، ڊاڪٽر: ايف جي پارسنس لميٽيڊ، لنڊن.

(4)   جنت السنڌ: مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدآباد.

(5)   ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ: هينري ڪوزنس، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي.

(6)   ويسٽ پاسڪتان (سنڌ) گزيٽيئر: ايڇ ٽي سورلي، ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس، لاهور.

شارپور_ ضربخاني جي حيثيت ۾

عبدالله ورياهه

        تاريخي تحقيق ۾ سڀ کان اهم شاهدي قديم سڪن جي ليکي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ذريعي وقت جي حاڪمن، سنن ۽ شهرن جا نالا ملن ٿا، جيڪي عام طرح سان ٻئي ڪنهن ذريعي سان محال هوندا آهن، تاريخي ڪتابن ۾ وقت جي حاڪمن جي دٻاءُ سبب صحيح واقعن جي بجاءِ ڪڏهن وڌاءَ کان ڪم پڻ ورتو ويندو آهي. تاريخي ڪتابن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد ئي انهن کي قابل قبول بنائي سگهبو آهي. جڏهن ته سڪن وسيلي مليل شاهدي کي بنا ڪنهن شڪ شبهي صحيح تسليم ڪري سگهجي ٿو. قديم زماني جي انڊو گريڪ بادشاهن جا نالا جيڪي ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ملي سگهيا، قديم آثارن مان مليل سڪن جي وسيلي حاصل ڪيا ويا. قديم سڪا نه صرف اسان کي پراڻي تاريخ کان آگاهه ڪن ٿا، پر اهي حڪومتن جي خودمختياري جي پڻ علامت هوندا آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ بادشاهه جي اقتدار اعليٰ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪومت جي تختگاهه واري شهر مان بادشاهه جي نالي جو سڪو جاري ڪيو ويندو هو ته جيئن عام ماڻهن ۽ پاڙيسري حڪومتن کي يقين اچي ته بيشڪ ملڪ ۾ سندس حڪم هلي ٿو.

        تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي اهو علم هوندو ته جڏهن به ڪو بادشاهه ڪو نئون ملڪ يا شهر فتح ڪندو هو يا ڪو نئون شهر آباد ڪندو هو ته ان جاءِ جي نالي سان سڪو جاري ڪيو ويندو هو. عام حالتن ۾ سڪا نه صرف حڪومت جي تختگاهه واري شهر مان بلڪ اهم شهرن مان پڻ جاري ڪيا ويندا هئا، سڪن تي بادشاهه جي نالي، لقب ۽سن کان علاوه ان شهر جو نالو پڻ لکيو ويندو هو، جنهن شهر مان اهي جاري ڪيا ويندا هئا، انهيءَ کي ”ضرب خاني وارو شهر“ ( Mint City) چيو ويندو هو.

        سنڌ جي اهم تجارتي مرڪز شڪارپور کي ماضي ۾ ٻين خصوصيتن کان سواءِ ضرب خاني وارو شهر هجڻ جو فخر پڻ حاصل آهي، جتان وقت جي حاڪم طرفان سڪا ضرب ڪري جاري ڪيا ويندا هئا.

        دائود پوٽن شڪارپور جو شهر آباد ڪرڻ وقت (1026هه____ 1617ع) هتي هڪ ضرب خانو پڻ قائم ڪيو هو، پر سندن نالي جو ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو. آهي، جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته ان تي ڇا لکيل هو. البته شڪارپور جي وڻج واپار واري تاريخ تي تحقيق ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ نوجوان استاد کي شڪارپور مان ڪي اهڙا سڪا به هٿ آيا هئا، جن تي ”ضرب شڪارپور“ لکيل هو. پر انهن سڪن کي ڏسڻ کان سواءِ نٿو چئي سگهجي ته اهي دائود پوٽن جا جاري ڪيل هئا يا پوءِ جي ڪنهن ٻئي حڪمران طرفان جاري ڪيا ويا هئا.

        دائود پوٽن جو اقتدار شڪارپور تان تڏهن ختم ٿيو، جڏهن سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد (1132هه مطابق 1127هه) سنڌ تي حڪومت حاصل ڪرڻ بعد هندستان جي نئين مغل بادشاهه محمد شاهه (1121هه _____ 1161هه) کي راضي ڪري شڪارپو ر۽ خانپور جي جاگير جي سند حاصل ڪري دائود پوٽن جي امير مبارڪ کان (1136هه مطابق 1724ع) ۾ حڪومت کسي ورتي. هن موقي تي هندستان جي مغل حاڪم محمد شاهه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر ميان نور محمد ڪلهوڙي شڪارپور مان محمد شاه جي نالي سان چانديءَ جو سڪو ضرب ڪرايوهو، جيڪو هاڻي تازو هٿ آيو آهي. هن سڪي جو ورزن اٽڪل  11-12 گرام هوندو، جنهن جي هڪ طرف ” بلطف اله محمد“ ۽ شاهه زمان“ جا لفظ نظر اچن ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف صرف ”شڪارپور“ جو لفظ پڙهڻ ۾ اچي ٿو.

        هن قسم جا ساڳئي وزن جا چانديءَ جا سڪا محمد شاه پنهنجي حڪومت جي شروعاتي سالن ۾ سورت، سهرند ۽ بکر جي ضرب خاني مان پڻ جاري ڪيا هئا، جن تي فارسيءَ ۾ بيت هن طرح لکيل هو.

سکه زد در جهان بلطف اله

بادشاهه زمان محمد شاهه

جنهن جي معنيٰ آهي ته ”الله جي مهربانيءَ سان دنيا ۾ وقت جي بادشاهه محمد شاهه سڪو ضرب ڪيو.“ اهڙن سڪن تي سڪي جي جاري ڪرڻ جو سن ۽ ضرب خاني واري شهر جو نالو پڻ اڪريل هوندو هو، جڏهن ته شڪارپور مان ضرب ٿيل سڪي تي صرف ضرب خاني جو نالو ۽ مٿئين بيت جا ڪجهه لفظ پڙهڻ ۾ اچن ٿا. سڪي تي ڪو به سن نظر نٿو اچي.

        عام طرح سان هٿ سان ضرب ڪيل سڪن جي لکيت وارو ٺپو وڏو هوندو هو، پر سڪي ضرب ڪرڻ کان پوءِ ان کي هڪ مقرر ٿيل وزن مطابق ڪٽيو ويندو هو، نتيجي ۾ ان جا پاسا ڪٽجي وڃڻ سبب سڪي تي لکيت مڪمل نه رهندي هئي، پر جڏهن اسين هڪ ئي قسم جا ڪافي سڪا اڳيان رکنداسين ته سڪن تي لکيل عبارت مڪمل طرح پڙهي سگهبي. جيتوڻيڪ شڪارپور مان ضرب ٿيل هي چاندي جو رپيو هڪڙو آهي پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ان تي ساڳيو بيت اڪريل آهي ۽ اهو شڪارپو رجي شانائتي شهرمان جاري ڪيو ويو هو. هن وقت تائين شڪارپور جي ضربيخاني جي هٿ آيل سڪن مان هي سڪو سڀ کان پراڻو آهي، جيڪو 1136هه ۽ 1150هه جي وچ وارن سالن ۾ جاري ڪيو ويو هو.

        ميان نور محمد ڪلهوڙو سموري سنڌ تي پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪري تقريبا خود مختياري حاصل ڪري چڪو هو، صرف نالي خاطر هندستان جي مغل حاڪمن جي حڪمراني هئي ۽ سندن نالي جا سڪا سنڌ ۾ رائج هئا، انهيءَ دوران سن 1151هه ۾ ايران ۽ افغانستان جي حڪمران نادر شاهه (1150هه کان 1160هه) هندستان تي ڪاهي، ملڪ کي لٽي، ڪروڙن جي خزانن سان گڏ هندستان جي مغل بادشاهه کان سنڌو نديءَ جي اولهه وارا علائقا لکائي ورتا. ڪابل واپسي بعد ميان نور محمد کي ڪابل اچڻ جو حڪم ٿيو ۽ سندس نه وڃڻ تي ناراض ٿي 1152هه ۾ سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو.

        شڪارپور جي اڳوڻي امير مبارڪ دائود پوٽي جو فرزند امير محمد صادق، جيڪو شڪارپور کسجڻ بعد بهاولپور جي موجودا علائقن ۾ وڃي رهيو هو، نادر فوج کي سنڌ تي ايندو ڏسي وڃي ساڻس ديري اسماعيل خان ۾ مليو.،هن نادر شاهه کي ميان نور محمد جي شڪارپور کسجڻ بعد بهاولپور جي موجوده علائقن ۾ وڃي رهيو هو، نادري فوج کي سنڌ تي ايندو ڏسي وڃي ساڻس ديري اسماعيل خان ۾ مليو. هن نادر شاهه کي ميان نور محمد جي شڪارپور کسڻ ۽ کين تنگ ڪري ڪڍڻ جي شڪايت ڪئي ۽ هر ممڪن مدد ۽ ساٿ جو يقين ڏياري، لشڪر سميت ساڻس گڏ رهيو. نادر شاهه سنڌ فتح ڪرڻ ۽ ميان نور محمد جي پيش پوڻ بعد ڏنڊ ۽ خراج مقرر ڪري، سنڌ جا ڪيترا ٽڪر ڪلهوڙن کان ڦريا ۽ شڪارپور، ڪجهه ڀرپاسي جي علائقن سان، امير محمد صادق دائود پوٽي جي حوالي ڪئي. باقي سنڌ ميان نور محمد وٽ رهي. نادر شاهه، ميان جا ٻه پٽ وٺي سنڌ جي خزاني ۽ علمي ادبي سرمائي ۽ قيمتي ڪتابن کي لٽي واپس وطن وريو.

        امير محمد صادق دائود پوٽو، جيڪو هن سڄي مهم ۾ نادر شاهه سان گڏ هو، پنهنجي پنجاب واري جاگير کي پنهنجي پٽ بهاول خان جي حوالي ڪري پاڻ ٻيهر اچي شڪارپور ۾ رهيو، پر ميان نور محمد کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن نادر شاه جي مقرر ڪيل عملدارن هٿان 1159هه ۾ امير محمد صادق کي مارائي ڇڏيو. سندس پٽ بهاول خان بروقت پهچي ويو ۽ پيءُ جو بدلو ورتائين، پر پوءِ شڪارپور کي ڇڏي پنهنجي جاگير ۾ بهاولپور وڃي رهيو. اهڙيءَ طرح شڪارپور مان دائود پوٽن جو اقتدار هميشه لاءِ ختم ٿيو ۽ هي علائقو افغانن جي دراني سلطنت جو حصو بنجي ويو ۽ هڪ وڏي عرصي تائين قنڌار مان مقرر ٿيل نائب شڪارپور تي حڪومت ڪندا رهيا. نيٺ 1239هه ۾ سنڌ جي ٽالپر حاڪم مير ڪرم علي خان افغان حڪمرانن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي شڪارپور تي قبضو ڪيو.

        انهيءَ سموري عرصي دوران دائود پوٽن ۽ افغانن جو شڪارپور مان جاري ڪيل ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو آهي.

        ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ به شڪارپور ۾ ضرب خانو قائم رهيو آهي. شڪارپور جو نالو ضرب خاني طور هڪ ٽامي جي سڪي تي ڏٺو ويو آهي، جيڪو 1255هه جو آهي ۽ محمود شاهه جي نالي سندس مرڻ کان ڏهه سال پوءِ ۽ سدوزئين جي زوال کان ٻاويهه سال پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. ان متعلق آر بي وائيٽ هيڊ پنهنجي ڪئٽلاگ ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر سن 1255 هه جو هڪ ٽامي جو سڪو اهڙو هٿ آيو آهي، جنهن جي هڪ طرف ٻڙين واري گول دائري ۾ ”ضرب شڪارپور“ ۽ ٻئي پاسي ”جلوس  1255هه“ لکيل نظر اچي ٿو. هن قسم جي لڌل سڪن جو وڌ ۾ وڌ وزن 180 گرين ۽ گهٽ ۾ گهٽ 148 گرين ۽ سائيز هڪ ۽ مني انچ درميان آهي.

        سن 1255 ۾ بکر جي ضربخاني مان سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جا محمود شاهه جي نالي جا جاري ڪيل چانديءَ جا سڪا مليا آهن، جيئن ته شڪارپور به ان وقت ميرن جي حڪومت ۾ شامل هئي، ان ڪري ممڪن آهي ته اهو سڪو به ميرن جي طرفان جاري ڪيو ويو هجي ۽ هي اهوئي سڪو هجي، جنهن جو ذڪر آر بي وائن هيڊ پنهنجي ڪئٽلاگ ۾ ڪيو آهي، پر ان جي تصوير نه ڏني اٿس ۽ نه ئي اهو ٻڌايو اٿس ته ان سڪي تي ڇا لکيل هو.

        مٿي ذڪر ڪيل سڪن کان علاوه شڪارپور جو ٻيو ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو آهي، پر شڪارپور ۾ ضربخاني جي موجود هجڻ جي ثابتي ملڻ بعد پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته 1026هه کان 1255هه جي وچ واري عرصي دوران، جيڪو شڪارپور جي عروج ۽ مٿاهين مرتبي وارو دور هو، هن ضربخاني مان ٻيا به ڪي سڪا جاري ٿيا هوندا، جيڪي اڃا تحقيق ڪندڙن آڏو ظاهر ٿي نه سگهيا آهن، پر اميد آهي ته هن سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا مثال ملندا، جيڪي شڪارپور جي تاريخ جي باري ۾ اهم ۽ ڀروسي جهڙا دستاويز ثابت ٿيندا، جن جي آڌار تي شڪارپو رجي آباد ٿيڻ ۽ حڪمرانن جي صحيح دور جو اندازو ڪري سگهبو.

حوالا

1.        مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام، (ترجمو: مخدوم امير احمد) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع.

2.       رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1958ع.

3.       غلام رسول مهر تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون (جلد پهريون)، (ترجمو: يار محمد ابن حيات پنهور ۽ شمشيرالحيدري) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

4.       ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جا سڪا، تقرير، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، 25---12-----1978ع.

5.        رحيمداد خان مولائي شيدائي، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1983ع.

6.       ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”شڪارپور، ماضي ۽ حال“، پبليڪشين ڪاميٽي، جشن شڪارپور، 1984ع.

7.       Chas. J. Rodgers: Catalogue of coins, part Iv, Miscellancous coins. The Baptist mission press, Calcutta_ 1895.

8.       R. B. Whitehead: Catalogue of coins in the Punjab museum Lahore, the clarendon press, oxford_ 1934.

9.       R. B. Whitehead: Catalogue of coins in the Lahore  museum Lahore, Vol. II, coins of the mughal emperors, Lahore museum, Lahore, 1977.

10.   R.B. Whitehead: catalogue of coins in the Lahore museum Lahore, vol. III, Coins of  Nadir shah and the durani dynasty, Lahore museum, Lahore, 1977.

11.    Chester L. Krause and Clifard Mishler: standerd Catalogue of world coins, Krause publication, Iola Wisconsin, U.S.A.

12.   Colin R. Bruce 11; John S. Deyell; Nicholos Rhodes; William F. Spengler: The standard Guide to south Asian Coins and paper Money, since 1556 A.D., Krause Publications, Wiscansim U.S.A 1982.

مٿين ڪتابن کان سواءِ سنڌ الاجي ۾ موجود سڪن ۽ ذاتي گڏ ڪيل سڪن جي مشاهدي مان پڻ هن مضمون لاءِ مدد ورتي ويئي آهي.

سنڌي هائيڪو ۽ ان جو مستقبل

تاج جويو

        سنڌي شاعريءَ ۾ ”هائيڪي“ جي صنف، ڏينهون ڏينهن مقبول ٿيندي پئي وڃي. ”هائيڪو“ جپاني شاعريءَ جي هڪ بهترين ۽ لوڪ پسند صنف آهي. سنڌي شاعر، هن صنف کي هائيڪي، هيڪو، ٽه سٽن، تصويرن ۽ ٽيڙوءَ جي نالن سان لکي رهيا آهن. سنڌ جا تمام گهڻا شاعر، هن صنف تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. پر ان کي صحيح صورت، سٽاءَ ۽ فارم ۾ رڳو ڪي ٿورا شاعر ئي لکي رهيا آهن.

        ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي شاعراڻي صنف تي لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته لکندڙ کي ان صنف جي اصليت ۽ جنهن ٻوليءَ مان اها صنف ورتي وئي آهي، ان ٻوليءَ ۾ ان جي پس منظر ۽ تاريخ جي ڄاڻ هجي.

هائيڪي جي اصليت، پس منظر ۽ تاريخ:

        هائيڪو يا هڪيو (Haiko)، جپاني شاعريءَ جي هڪ اهڙي ساديءَ، سلوڻي، عام فهم ۽ مقبول صنف آهي، جهڙي اسان وٽ بيت جي صنف. هن صنف (هائيڪو) کي جپاني شاعريءَ ۾ صدين جي تاريخ ۽ پس منظر آهي. عام جپاني ماڻهو، ڪنهن به وقت بنا ڪنهن ڪوشش ۽ مٿاڪٽ جي هائيڪو ٺاهي (کلي) وٺندا آهن. جپان جي سڀني شهرن ۾ ”هائيڪو___ ڪلبون“ (Haiko__ Clubs)قائم آهن، جتي هر طبقي جا ماڻهو واندڪائيءَ وقت هائيڪن چوڻ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺندا آهن. انهن ڪلبن پاران ”هائيڪو ___ مخزنون“ (Haiko___ magazines) به ڪڍيون وينديون آهن.


[1]   سئيءَ جيان سدائين پوشڻ کان پري ٿا ڀڄون

    خلق لاءِ ڪپڙا ٿا سبون، ۽ پاڻ اگهاڙا رهون.

خنجر نه ڪڍ، سندم سيني تي نه هڻ

    دل اندر تون آهين، متان توکي لڳي.

 

[2]  پنهنجي ابرو ڪمان کي چئو ته تير ڇوڙي

       جئين تنهنجن هٿن ٻانهن اڳيان سواسن سکالو ٿيان

2     ڪفر ۾ پڻ سچو نه آهين، جڻئي کي بدنام نه ڪر.

3      اچ، منهجين اکين ۾ ويهه ، ته توکي خلق کان لڪايان

       جئين تو کي ڪوئي نه ڏسي، ۽ توبنا مان ڪائي شيءِ نه پسان.

 

[3]  جيڪڏهن قيامت ۾ ديدار ڏيڻ جو وعدو ڏنءِ ته

       رنج نه ٿيندس، تو جهڙي جي وصال لاءِ ايڏو انتظار ته گهرجي ئي.

    2    يار جي قدمن تي سر قربان ٿيو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو

      هيءُ ڳورو بار هئو، لٿو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو.

[4]  ساقي! اٿ ۽ پيالو پيار.

[5]  وڌيڪ وڻندڙ آهي ته دلبرن جو راز ٻين جي احوال ۾ ٻڌائجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com