سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :9

القفطيءَ جي حساب موجب، جبرئيل کي بغداد ۾ ڇٽيهن سالن جي طبابت واري عرصي ۾، سنهي ٿلهي آمدنيءَ کان الڳ، هڪ ڪروڙ اڻاسي لک درهم مليا هئا!

عربن ڌارين قومن جي علمي سرمايي هٿ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، ۽ هنن يونان، ايران، هندستان، روم ۽ ڪلدان ۽ عالمن جا ڪتاب ڳولي ڳولي هٿ ڪيا. علم طب جي انهيءَ ذخيري جو خاص سرچشمو يونان آهي. يونانيءَ مان، عرب عالمن ڪيترائي ڪتاب سڌا عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا؛ ڪي وري پهرين شامي زبان ۾، ۽ پوءِ وري ان مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. عربن جي ضمير ۾ اصليت ۽ تحقيق هئي_ هو انهن ترجمن کي پنهنجي تشريح ۽ توصيف سان سينگاريندا هئا، ۽ انهن ڪتابن تي پنهنجي اجتهاد ۽ تجربن جون خاص حاشيون لکندا هئا. سندن اصليت پسنديءَ ۽ عربي زبان جي وسعت ڪري، عربن انهن ڪتابن کي اهڙو ته رنگ ڏنو، جو هڪ سرسري پڙهندڙ اهو اندازو به نه ڪري سگندو ته ڪو اهي ڪتاب ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ تان ترجمو ڪيل آهن. هنن نه صرف ترجمو خاص عربي اسلوب ۾ ڪيو آهي، پر ان سان گڏ، عربيءَ جي اصلي لفظن کي موڙي جوڙي، انهن مان سائنٽيفڪ ترڪيبن بنائڻ ۾ اهڙو ته ڪمال ڪيو اٿن، جو علم ۽ زبان جا پارکو دنگ رهجيو وڃن.

هو، شامين ۽ لاطينن وانگر، لفظي ترجمو ڪرڻ کان گريز ڪندا هئا: ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ حالت ۾_ اصلي ڪتاب جي غير موجودگيءَ ۾ _پڙهندڙ  منجهي پوندو آهي، ۽ هن کي ترجمو ڪندي، لاطينن ”العصعص“  (ڏونگريءَ جي پوئين ريڙهه) کي ”الهوسس“ لکيو آهي، _هالانڪ اهڙو لفظ لاطيني زبان ۾ ڪڏهن به ڪونه هو. انهيءَ جي برعڪس، عربن کي جتي جتي ڪنهن ڌارئي لفظ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڦيرائڻ لاءِ ڪو موزون لفظ هٿ نه آيو آهي، ته اتي هنن هميشه ”مفهوم“ کي لفظن تي ترجيح ڏني آهي، ۽ ڪنهن لڳ ڀڳ عربي لفظ کي موڙي جوڙي لکيو آهي؛ ته جيئن عربيءَ جي اصليت قائم رهي، ۽ پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. مثلن، يوناني لفظ ”ڊياگنوسس“ جي معنيَ آهي، ”بيماري کي سڃاڻڻ“_عربن کي انهيءَ لاءِ موزون عربي لفظ هٿ نه آيو، ته انهيءَ لاءِ هنن هڪ بلڪل نئون لفظ ”تشخيص“ استعمال ڪيو، جنهن جي لغتي معنيٰ آهي، ”شخص کي سڃاڻڻ“. عربي زبان جي وسعت ۽ جي  لچڪ، عربن کي انهيءَ  ڏکئي مرحلي طي ڪرڻ ۾ نهايت گهڻي مدد ڪئي. مثلن، عربيءَ ۾ اسم ”سور“ (درد، شڪايت) لاءِ هڪ خاص مصدر آهي.”فعال“، جنهن جي وزن تي عرب عالمن يڪدم انهيءَ معنيٰ جي لڳ ڀڳ بيمارين جي لفظن کي بنائي ورتو_ جهڙوڪ ”صداع“ (مٿي جو سور)، ”زڪام“ ،جذام، وغيره وغيره

عربنوٽ لفظن جي ايجاد جو ٻيو هوءَ نمونو  آهي؛

دور (ڦرڻ) مان ”دوار“ يعني مٿي جي ڦيري:

بحر (سمنڊ) ” بحار“   ”سمنڊ تي سفر ڪرڻ ڪري پيدا ٿيندڙ بيماري،

خمر (شراب)  ”خمار“ ”شراب پيئڻ ڪري پيدا ٿيندڙ علامتون؛ وغيره.

اتي پهچي، مان چند انهن ناليرن حڪيمن جو مختصر ذڪر ڪرڻ موزون ٿو سمجهان، جن عربي مان علم طب جي ڪتابن کي ترجمو ڪرڻ ۾ پنهنجون بيش بها خدمتون انجام ڏنيون.

يحيٰ النهوي. القفطيءَ، ”تاريخ الڪماءِ“ ۾لکيو آهي ته صاحب موصوف هڪ يوناني عالم هو، ۽ هن ڪيترا ئي ڪتاب يونانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا. هي صاحب مصر جي پهرئين مسلمان گورنر عمر بن عاص جي زماني ۾ هو.

حنين بن اسحاق.  صاحب موصوف هڪ اعليٰ درجي جو حڪيم ۽ قابل ترجمان هو. بقراط جي ڏهن ڪتابن مان ست هن جا ترجمو ڪيل آهن، ۽ باقي ٽي سندس شاگرد عيسيَ بن يحيٰ جا. جالينوس جا سورهن ئي ڪتاب پا ۽ سندس شاگرد حبيش جا ترجمو ڪيل آهن. ”الفهرست“ ۾ مذڪور آهي ته حنين يونانيءَ مان شامي زبان ۾ ترجمو ڪندو هو، ۽ حبيش وري شاميءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو، جو وري حنين پنهنجي نظر سان ڪڍندو هو. ڪجهه ڪتاب حنين سنوان سڌا يونانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا.

ترجمان جو هڪ ٻيو گروهه ”حاران“ جي شهر سان تعلق رکي ٿو. حاران وارن سان سڀ کان زياده مشهور ترجمان آهن، ثابت بن قرا ( 836ع901ع؛ ثابت  جا پٽ ابراهيم  ۽ سينا؛ سندس پوٽا ثابت ۽ ابراهيم:  ثابت جو پڙپوٽو سينان.

قسطا بن لوقا، حجاج بن مطر، ابن البطريق، عيسيٰ بن يحيٰ (حنين جو شاگرد) ۽ احمد بن ابي الاشعث، ابن جلجل، ۽ يوحنا بن ماسويه، جهڙا نامور ترجمان پڻ قابل تعريف آهن.

”زهرن“ قبيلي مان به ڪيترا چوٽيءَ جا ترجمان ٿي گذريا آهن.

عربن نه صرف چنڊ وانگر عڪس وٺي علم جي دنيا کي منور ڪيو، پر هنن اندر ڪيترا اهڙا خود_روشن ستارا به چمڪي ويا آهن، جن پنهنجي جوت سان علمي دنيا جي نورانيت ۾ ابدي اضافو ڪيو، وقت بوقت، هنن جي روشنيءَ جو تاب نه جهلي، رقابت ۽ حسد جا طوفان هنن جي سامهون اٿيا، تاڪ هنن کي هميشه لاءِ دنيا تان فنا ڪري ڇڏين، مگر هنن جي استقلال ۽ استقامت اڳيان هو، غبار شرمنده ٿي پيا، ۽ اهي ستارا جڳ کي پنهنجي روشني پهچائڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وي. عربن جي تاريخي آسمان تي هنن ستارن جو تعداد ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهي، تنهنڪري مان صرف، پنهنجي مقصد کي تائيد پڄائڻ لاءِم انهن مان چند ممتاز غير معمولي قطبن جو ذڪر ڪندس.

علي بن الربان. ابو الحسن علي، بن سهل، بن الطبري، تبرستان جو ويٺل هو_ اهو علائقو ڪئپسين سمنڊ جي ڏکڻ ۾ آهي، علي بن ربان،  ”متوڪل“ جي زماني جو هڪ وڏو ناليرو حڪيم ۽ جيد عالم ٿي گذريو آهي. هو اڳئين زماني جي ٻين عالمن وانگر هڪ کان زيياده علمن جو واقف هو،۽ سندس تصنيفون پڻ مختلف موضوعن تي لکيل آهن. هن جي تصنيفن مان چار ڪتاب ميسر ٿي سگهيا آهن، جن ۾ ”فردوس الحڪمت“ سڀني کان زياده مشهور آهي، هن ڪتاب ۾ طب جي فن ۽ نظرين تي نهايت قابل تعريف ڳالهيون لکيل آهن، جن کي پڙهي اهو احساس ٿو ٿئي ته واقعي هن سياڻپ جي باغ جي گلن جي خوشبوءِ پنهنجي مٽ پاڻ آهي، علم طب سان گڏ، هن ڪتاب ۾ فلسفه قدرت، علم حوادث سماوي، علم حيوانات، علم توليد، علم نفسيات، علم جو تش، ۽ فلسفي جي ٻين ڪيترن پهلوئن تي نهايت سهڻا مقالا لکيل آهن. ”فردوس الحڪمت“ ستن حصن، ٽيهن مقالن ۽ ٽي سو سٺ بابن ۾ ورهايل آهي ۽ ستين حصي جي چوٿين مقالي ۾ هندستان جي طب جو بيان آهي.

الرازي. ابوبڪر ابن ذڪريا الرازي، ”ري“ جو باشندو هو. هو ”علي بن سهل“ جو سڀ کان زياده جليل القدر شاگرد هو، ۽ پنهنجي زماني ۾ هن جو ستارو سندس استاد کان به زياده چمڪڻ لڳو، رازي هڪ جدت پسند حڪيم ۽ بحيثيت مصنف جي، سڀ کان زياده ذاتي معلومات سان لبريز ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي. هن جي نون خيالات ڪري، هن کي ڪيترن طوفانن جو مقابلو ڪرڻو پيو،  ۽ ڪيترا ڪارا ڪڪر هن جي روشنيءَ اڳيان ديوار بنجي آيا، مگر هن جي مستقل مزاجيءَ اڳيان اهي ڪڪر پاڻي پاڻي ٿي پيا، ۽ هن جي علم جي جوت برابر جرڪندي رهي. شروعاتي زندگيءَ ۾، رازيءَ جو جهڳڙو بخارا جي حاڪم سان ٿيو، جنهن حڪم ڏنو ته هن کي سندس لکيلل ڪتاب سان مٿي تي ڌڪ هنيا وڃن.... جيستائين هن جو ڪتاب پرزا پرزا ٿئي، يا سندس مٿو ڦاٽي! ٿيو هيئن جو رازيءَ جو مٿو ڪتاب کان اڳ ڦاٽي پيو، چيو وڃي ٿو ته هن جي وڏيءَ عمر ۾ نابينائيءَ جو سبب پڻ اهو هو_پر منهنجي خيال موجب، سندس نابينائيءَ جو سب موتيو پاڻي هو. بهر صورت. هن جي تڪليفن جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهبو ته جڏهن سندس دوستن کيس اکين جي آپريشن ڪرائڻ جي صلاح ڏني، تڏهن پاڻ جواب ڏنائين ته ”جنهن دنيا ۾ مون کي هيترن ڏکن ۽ مايوسين کي ڏسڻو پيو آهي، ان کي مان ڏسڻ نٿو چاهيان!“

رازي اٽڪل ٽي سئو ڪتاب لکيا. هن بيمارين جو تفصيل نهايت موثر ۽ فصيح نموني سان ڏنو آهي. سندس کوجنا وچڙندڙ مرضن سان گهڻو تعلق رکي ٿي. ” وڏي ماتا، ”ننڍي ماتا“ تي هن جا حقيقت افروز مقالا، سندس زماني ۾ حرف آخر ڪري مڃيا ويندا هئا. هن بڪيءَ ۽ مثاني جي پٿري تي هڪ شاندار ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ جراحت جي فن جو پڻ ذڪر آهي. سندس مشهور رسالن مان چند رسالا ڪئمبرج يونيورسٽي جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهن_جن مان هڪ ”وجع المفاصل، (سنڌن جو سور) ۽ ٻيو “قولنج“ (پيٽ جو سخت سور) تي لکيل آهن. علم طب تي رازيءَ ٻيا به ڪيترا ضخيم ڪتاب لکيا، جن مان سڀ کان زياده مشهور آهن ”الحاوي“، ”الڪافي“، ”الجامي“، مدخل الصغير“ مدخل الڪبير“، ”الملوڪي“، ”الفاخر“، ۽ ”المنصوري“. انهن مان ”الحاوي“ سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪتاب آهي. اهو ڪتاب رازيءَ جي وفات بعد سندس شاگردن، سندس لکيل مضمونن کي گڏ ڪري تاليف ڪيو هو. هن ۾ بيمارين جي سربستو احوال، هر هڪ جون علامتون، بيماريءَ جو قدرتي رخ ۽ ان جي پڇاڙي، تشخيص ۽ علاج، وغيره جهڙن موضوعن تي مڪمل بحث ٿيل آهي. ”الحاوي“ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته مصنف جي طبي معلومات بلڪل معقول ۽ سائنٽيفڪ بنيادن تي مبني هئي؛ ۽ تعجب ٿئي ٿو ته اڄ کان هڪ هزار سال کن اڳ هن صاحب جا مرض کي سڃاڻڻ لاءِ طريقا، موجوده طريقن جي ڪيتري قدر نه قريب هئا!

خبرداريءَ سان مريضن جو سربستو احوال ٻڌڻ کي رازي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. هو مريض کان نه صرف سندس بروقت جون شڪايتون ۽ ٻيون علامتون دريافت ڪندو هو، پر انهن سان گڏ هن جي صحت جي اڳئين احوال، سندس والدين ۽ ٻين رشيتيدارن جي انهيءَ مرض سان تعلق رکندڙ ڳالهين، ۽ مريض جي معاشي ۽ ٻين حالتن کان واقف ٿيڻ، سندس معمول هو. انهيءَ ڪري، هو صحيح تشخيص ۽ موزون علاج تي آسانيءَ سان پهچي ويندو هو.

”المنصوري“ ۾ علم هيئت ۽ علم ڪيفيت (شڪل ڏسي مرض جي تشخيص، ان جي شدت ۽ رفتار، ۽ ان جي بنياد تي مرض ۽ مريض جي اڳتي هلي پيدا ٿيندڙ حالتن بابت راءِ قائم ڪرڻ، ۽ مريض جي نفسياتي حالت، وغيره جاچڻ) بابت نهايت عمدو بيان لکيل آهي. ازان سواءِ، مسافرن لاءِ طبي هدايتون، ۽ زهريلن جانورن جي چڪن ۽ ڏنگن جي علاج وغيره تي ڪيترا دلچسپ ۽ مفيد مضمون ”المنصوري“ ۾ لکيل آهن.

رازيءَ جي لکڻيءَ مان بلڪل نجي عربيت ٽپڪي ٿي، ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ وقت، پهرين هو ان تي ٻين فني ماهرن جا رايا لکي ٿو ۽ ان کانپوءِ پنهنجا تجربا بيان ڪري ٿو، مثلن، دمڪشيءَ بابت تحرير ٿو ڪري: ”بن مسوع چوي ٿو ته دمڪشيءَ جي مريض کي روزانو ٻه ڊرام لومڙ جي سڪايل ڦڦڙ، پائوڊر ڪري، پاڻيءَ سان پيارڻ گهرجن. جالينوس جو چوڻ آهي ته دمڪشيءَ جا ڪيترائي مريض، مرض کان نجات پائين ٿا، جيڪڏهن  هن کي چٻري جو رات شراب ۾ پياريو وڃي،_مگر منهنجو خيال آهي ته چٻري جو رت نه ڏيڻ گهرجي: ڇاڪاڻ ته مون ڪيترن مريضن تي استعمال ڪيو آهي، ۽ ان کي غير اثرائتو پاتو  اٿم،

رازي هڪ اعليٰ مفڪر ۽ طبيب هئڻ سان گڏ، صحيح معنيٰ ۾ حڪيم به هو، هو هر ڪنهن مريض سان سياڻپ ۽ عقلمنديءَ وارو ورتاءُ ڪندو هو، مثال طور، هيٺ سندس هڪ مريض جو احوال ڏجي ٿو، جنهن مان هن جي سياڻپ بکي ٿي.

بغداد ۾ هڪ نوجوان رازيءَ وٽ آيو، جنهن کي ڪجهه ڏينهن کان رت جو الٽيون اچي رهيون هيون، رازيءَ هن مرض جي عام ڪيفيت کي ڌيان ۾ رکي، نوجوان کان احوال وٺڻ شروع ڪيو: پر هن کي مرض جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو، جنهن تي اهو نوجوان ڏاڍو مايوس ٿيو. رازيءَ وري هن کي چڱيءَ طرح تپاسيو، ۽ کانئس پڇيائين ته هن پنهنجي سفر ۾ ڪهڙين جڳهين تان پاڻي پيتو هو. اهو معلوم ڪري، هن کي چيائين ته ”مان توکي بلڪل صحتياب ڪري سگهان ٿو، بشرطيڪ، جيئن مان چوانءِ تيئن ڪندين“_ نوجوان اهو واعدو ڪيو، ٻئي ڏينهن رازي ”طحاب“ (ڪائي) گاهه جا ٻه گهڙا ڀري، انهن ۾ پاڻي وجهي، هن وٽ ويو ۽ اهو کيس پيارڻ لڳو، ايستائين، جو هو نوجوان ڀرجي پيو، ۽ هن کي الٽيون اچڻ لڳيون، انهن الٽين ۾ ئي هڪ ڄر نڪتي_ ۽ ان طرح مريض صحتياب ٿي ويو.

علاج جي هن طريقي جو اصول هيءُ هو ته پيٽ ۾ اهڙي شي وڃڻ گهرجي، جنهن کي ڄر پيٽ جي گوشت کان وڌيڪ پسند ڪري، ۽ وڃي ان کي چڪ پائي: ساڳئي وقت ئي ميرض کي الٽي پڻ اچڻ گهرجي، جو اها ڄر ٻاهر نڪري اچي.

هن نموني جي تشخيص ۽ علاج جو داد ڏيڻ کان ڪوبه فن طب جو ماهر رهي نه سگهندو،. عرب نه صرف دوائن جي استعمال ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ حڪمت_عمليءَ کان ڪم وٺندا هئا، پر هو علم طب جي اهم پهلو، ”نفسياتي علاج“ کان پڻ بخوبي آگاهه هئا. انهيءَ باري ۾ رازي جا ڪيترا واقعا مشهور آهن، جن مان هڪ امير منصور متعلق آهي، ان جڏهن رازيءَ کي پنهنجي سنڌن جي سور لاءِ سڏايو هو، تڏهن رازيءَ اچڻ کان انڪار ڪيو، جيئن ته امير بلڪل گهڻن حڪيمن جو  علاج ڪري مايوس ٿي پيو هو. تنهنڪري رازيءَ لاءِ حڪم ڏنائين ته جيڪڏهن هو خود نه اچي، ته هن کي ٻيڙين ۾ ٻڌي آندو وڃي. رازيءَ بخارا پهچڻ تي امير منصور جو علاج شروع ڪيو، پر هن کي ڪوبه فائدو نه پيو، رازي پوءِ سمجهي ويو ته هاڻي حڪمت_عمليءَ کان ڪم وٺڻو  پوندو_ ڇاڪاڻ ته فائدي نه ٿيڻ جو سبب امير جو پنهنجو نفسياتي وهم ”منهنجو ته هو مرض لا علاج آهي!“

رازيءَ امير کي چيو ته ”تنهنجو علاج مان ڪري سگهان ٿو، بشرطيڪ تون پنهنجو سڀ کان ڀلو گهوڙو ۽ خچر مون کي ڏين، ۽ مان جيئن چوانءِ تيئن ڪرين“ _امير اها ڳالهه مڃي. رازي، امير کي هڪ گرم چسٽي تي، شهر کان ٻاهر، اڪيلو وٺي ويو، جنهن ۾ هن کي وهنجاريائين ۽ ڪنهن دوا جو حقنو ڪيائين، انهيءَ بعد هو امير کي چشمي کان ٻاهر وٺي آيو، ۽ يڪدم ڦڙ تيءَ سان هڪ خنجر ڪڍي، امير تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”اي امير، تو منهنجي گهڻي بيعزتي ڪئي آهي: ڇاڪاڻ ته تو مون کي ٻڌائي، منهنجي مرضي جي خلاف پاڻ وٽ گهرايو آهي، انهيءَ لاءِ، تنهنجي سزا صرف موت آهي، ۽ هاڻي پاڻ کي سنڀال!“

امير يڪدم غصي ۾ ڊپ کان لال ٿي ويو، ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، هن کي پنهنجي سنڌن جا سور خيال مان اڏامي ويا، ۽ هو تڪڙو ڊوڙڻ لڳو!

رازي، جلدي گهوڙي تي سوار ٿي، پنهنجي نوڪر کي خچر تي چاڙهي، ڳوٺ روانو ٿيو، اتان امير کي خط لکيائين ته ”مون اها حڪمت_عملي صرف تنهنجي فائدي لاءِ ڪئي هئي، ۽ گستاخيء لاءِ معافي چاهيان ٿو“. اهڙي طرح، هن منصور کي چاڪ چڱو ڀلو ڪيو.

علي بن عباس. القفطي لکي ٿو ته علي بن عباس جا ابا ڏاڏا مجوسي هئا. هو ايران ۾ پيدا ٿيو هو، ۽ سندس استاد ” ابو ماهر موسيٰ، بن سيٿار“ هو. علي بن عباس پنهنجي زماني هڪ نهايت معقول ۽ قابل تحسين ڪتاب لکيو آهي. ”الملڪي“ ان زماني ۾ طب تي نهايت معتبر ڪتاب ليکيو ويندو هٿو، ۽ تقريبن هر مدرسي ۾ پڙهايو ويندو هو_جيستائين بو علي سينا جو ڪتاب ”قانون“ وجود ۾ آيو. ”الملڪي“ جو اصل نالو “ڪامل الصناعته“ آهي.  هيءَ ڪتاب اٽڪل چار لک لفظن تي مشتمل، ۽ ويهن مقالن ۾ ورهايل آهي. هر مقالي جا ڪيترا ئي باب آهن، پرهيان ڏهه مقالا طبي نظرين تي لکيل آهن، ۽ پوين ڏهن ۾ فن طب جي عملي پهلوءِ تي تبصرو ڪيل آهي، علم بدن، طب عمومي، جراحت ۽ ٻين ڪيترن علم طب جي ڀاڱن تي جدا جدا بحث ڪيل آهي. انهيءَ کان سواءِ، ”الملڪي“ ۾ علم طب جي گذشته تواريخ ۽ حالات تي پڻ روشني وڌل آهي، ۽ وڏن وڏن حڪيمن جي زندگيءَ ۽ انهن جي ڪمن تي بهلڪل سهڻو تنقيدي بحث ڪيل آهي.

بو علي سينا. ابو علي حسن، ابن عبدالله، ابن سينان، اڄ کان اٽڪل هڪ هزار سال اڳ، سن 980ع ۾، پيدا ٿيو. هن جي قابل شخصيت تعارف جي محتاج نه آهي،. ننڍ پڻ ۾ ئيهن جي هوشياريءَ جي هاڪ هنڌان هنڌ ڦهلجي وئي،  ۽ سندس علم جو سڪو سڀ ڪنهن جي دل تي ڄمي ويو. وڏو ٿي، هو ”الشفيع  الرئيس“ ۽ ”المعلمته الثاني“ جي لقين سان مشهور ٿي ويو_ (”المعلمته الاول،“ يعني پهريون استاد، ارسطوءَ کي مڃيو ويندو آهي.) هن جي پرنور ستاري جي چمڪ جو تاب نه جهلي، ڪيترا ئي حاسد هن جي خلاف ٿي پيا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن کي پنهنجو سر لڪائڻ لاءِ هڪ شهر کان ٻئي شهر ڀڄڻو ٿي پيو، سفر جي ڏکن ڏاکڙن هن کي پاڻ پڪو ڪيو، ۽ کيس يونان ۽ ٻين ملڪن جو علم سنئون سڌو هٿ ڪرڻ جو موقعو مليو: هن جي دماغي صلاحيتن ۽سندس جفاڪشيءَ گڏجي هن کي هٿ ڪرڻ جو موقعو مليو: هن جي دماغي صلاحيتن ۽ سندس جفاڪشيءَ گڌجي هن کي امر ڪري ڇڏيو.

علم طب سان گڏ قرآن، حديث، تفسير، فلسفي، علم ڪلام، علم طبعي، علم ڪيميا، علم فلڪيات_مطلب ته علم جي ڪيترن ئي جدا جدا پهلوئن ۾ هن اها ڪمال جي مهارت ”الفهرست“ ۾ مذڪور آهي ته بو علي سينا ڪل نوانوي ڪتاب لکيا، جن مان سورهن علم طب تي لکيلآهن، طب تي سندس لکيل ڪتاب تقريبن سڀ جا سڀ ضخيم آهن_ انهن مان ڪي ڪي تهويهن ويهن حصن ۾ ورهايل آهن. هن جي طبي تصنيفن مان سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ معتبر ڪتاب ”القانون في الطب“ آهي. ان کانپوءِ، دل جي بيمارين متعلق سندس لکيل ڪتاب ”الادويته القلب“ اهميت ۾ اچي ٿو، بو علي سينا جون چند ٻيون اهم تصنيفون هي آهن: ”تدارڪ انواع الخطا في التدبير الطب“ “الشفاٰءِ“ ”الجنات“ ”الارجوزته السينائيته“ ”تقاسيم الحڪمت“ ”رسالته الفصد“ ”رسالته الهنديه“ ”رسالته في علاج حصيٰ شطر الغب“ ”رسالته في القلونج“ ”رسالته في حفظ الصحت“ ”رسالته سڪنجين“ ”رسائيل شيخ الرئيس“.

”القانون“ ۾ تقريبن ڏهه لک لفظ آهن. هيءَ ڪتاب پنجن حصن ۾ورهايل آهي: پهرين حصي ۾ علم طب جي بنيادي اصولن ۽ طب عمومي تي بحث ڪيل آهي، ٻئي حصي ۾ مفرد دوائون لغتي طريقي سان بيان ڪيل آهن، جنهن ۾هر هڪ دوا جون صفتون، فائدا ۽ نقصان ‎ڄاڻايل آهن، ۽ اهو پڻ ڄاڻايلآهي ته اهي دوائون ڪهڙن ڪهڙن مرضن لاءِ مفيد آهن؛ ٽئي حصي ۾، مٿي کان پيرن تائين، جدا جدا عضون جي مخصوص بيمارين جو ذڪر تفصيل سان ڪيل آهي، جنهن ۾ انهن بيمارين جون علامتون، بيماري سڃاڻڻ جا طريقا ۽ علاج، سائنٽيفڪ نموني سان لکيل آهن؛ چوٿين حصي ۾ انهن بيمارين جو ذڪر آهي، جيڪي جسم جي هڪ زياده حصن سان تعلق رکن ٿيون، يا هڪ عضوي کان ٻئي ڏانهن پکڙجڻ جي اهليت رکن ٿيون_مثلن بخار، سرطان، هڏين جون بيماريون، سنڌن جون بيماريون، زهريات، وغيره؛ ۽ ”قانون“ جي پنجين حصي ۾مرڪب دوائن ۽ نسخن جو بيان ڪيل آهي.

بو علي سينا جي ڪتاب ”قانون“ جي وسعت، جامعيت، ضخامت، لغتي بناوت ۽ سائنٽيفڪ محنت، جفا ڪشي، فڪر جي بلنديءَ، جدت پسنديءَ، ۽ اجتهاد کي بخوبي عالم آشڪار ڪري ٿي، ۽ علم جي آسمان ۾ هن چمڪندڙ ستاري جي جوت اڳيان کانئس اڳين ستارن جي روشني طب جون ڪيتريون شاخون ڦٽي نڪرن ٿيون، سلهه جهڙي موذي مرض بابت بو علي سينا مرض تسليم ڪرايو آهي، ۽ ثابت ڪيو اٿس ته هيءَ مرض سلهه جي مريض جي ويجهو ويهڻ مان ٿئي ٿو ، سندس هن اهم انڪشاف نه صرف سلهه بابت کوجنا جا نوان دروازا کولي ڇڏيا، پر ان سان گڏ، هن موذي مرض کان بچڻ جا مئوثر اپاءَ پڻ پيدا ڪيا، جن ”علم الصحت عام“ جي ترقيءَ ۾ هڪ نمايان اضافو ڪيو.

“قانون“ ۾ ”علم صحت عام“ جي گهڻن ئي پهلن تي بو علي سينا تفصيل سان بحث ڪيو آهي. هن اهو سڀ ڪجهه لکيو آهي ته ڪهڙي قسم جي آبهوا صحت لاءِ مفيد آهي؛ شهر ۾ گهر  ڪهڙي حصي ۾ هئڻ گهرجي: گهر هڪ ٻئي کان ڪيتري مفاصلي تي هئڻ گهرجن، گهر جي اندر ۽ ٻاهر صفائي ڪيتري قدر لازمي آهي، مکين مان ڪهڙا نقصان آهن، وغيره وغيره

انهيءَ موضوع تي لکندي، بو علي سينا ”غذا“ ۽ پاڻيءَ تي مڪمل بحث ڪيو آهي، پاڻي ڪيئن پاڪ صاف رکجي: ڪهڙن قسمن جي چشمن ۽ کوهن جو پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي، وهنجڻ وقت ڪهڙا احتياط رکڻ گهرجن: ڪمري جو ماحول ڪهڙو هئڻ گهرجي، ننڊ ڪيتري ڪرڻ گهرجي، ننڊ لاءِ موزون وقت، سفر لاءِ هدايتون، ٻڍڻ جي سنڀال، ٻارن جي پرورش_غرض ته صحت عامه جي هر اهم شعبي تي قابل تعريف نڪتا لکيا اٿس، جي اڄ تائين حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن لاءِ مشعل راءِ آهن.

بو علي سينا انسان جي دماغي عدم توازن تي به گهڻو دلچسپ بحث ڪيو آهي ۽ دماغي بيمارين جي اسباب، انهن جي قسمن، تشخيص جي طريقن ۽ علاج متعلق مفيد مقالا لکيا اٿس.

”قانون“ ۾ نه صرف علم طب جي عام نظرياتي ۽ عملي پهلوءَ تي بحث ڪيل آهي، پر ان ۾ ڪيتريون  ئي نيون نيون ڳالهيون ذڪر ڪيل آهن_مثلن، ”سرود“ کي بيماري لاهڻ لاءِ ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ سرود ڪهڙين ڪهڙين بيمارين ۾ فائديمند آهي، وغيره. انهيءَ ئي سلسلي ۾، هڪ دلچسپ واقعو_ جو روميءَ پڻ پنهنجي مثنويء ۾بيان ڪيو آهي _ملاحظي لاءِ پيش ڪجي ٿو؛

بو علي سينا اڳيان هڪ نوجوان مريض آندو ويو، جو ڪيتري وقت کان بيمار هو، هو ماني وغيره کائڻ کان انڪار ڪندو هو، ۽ ڳرندو پئي ويو، ڪيترائي حڪيم هن جو علاج ڪري، مايوس ٿي چڪا هئا، جڏهن بو علي سينا هن جو سربستو احوال معلوم ڪيو، تڏهن هن جي نبض تي هٿ رکي، سندس عزيزن کي چيائين ته ”جن جن شهرن ۾ هيءَ نوجوان رهيو هجي، انهن جا نالا وٺو“. هڪ گهٽيءَ جي نالي وٺڻ سان نوجوان جي نبض تيز ٿي وئي، ۽ وڌيڪ زور سان هلڻ لڳي. ان کان پوءِ، هن سياڻي حڪيم چيو ته ”هاڻي انهيءَ شهر جي گهٽين جا نالا وٺو“ هڪ گهٽيءَ جي نالي وٺڻ سان نوجوان جي وري ساڳي حالت ٿي، بو علي سينا پوءِ انهيءَ نوجوان جي واقف ماڻهن جا نالا وٺي ٻڌائڻ لاءِ چيو_ ۽

آخر هڪڙيءَ ڇوڪريءَ جي نالي ٻڌڻ سان،نوجوان جي نبض پروڙي ورتو، ۽ ٻڌايو ته ”هن بيماريءَ جو علاج، وصال يار“ آهي!“

انهيءَ سلسلي ۾ مان اوهان جو ڌيان موجوده زماني جي هڪ جديد کوجنا ڏي ڇڪائيندوس! هڪ ازخود ڪم ڪندڙ مشين ذريعي، خون جو دٻاءُ رڪارڊ ڪيو ويندو آهي، ۽ اهڙي ڳالهين ظاهر ڪرائڻ لاءِ، انهن سان تعلق رکندڙ مبهم نالا ورتا ويندا آهن. مخصوص نالي تي خون جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي، ۽ حقيقت جو انڪشاف ٿي پوندو آهي؛ بو علي سينا ڪيترو وقت اڳ انهيءَ حقيقت کان واقف هو!

بو علي سينا ٻيون به ڪيتريون قابل ذڪر دريافتون ڪيون، جن لاءِ هوند مضموند جون حدون اجازت ڏين ته جيڪر تفصيل سان لکيو وڃي.

زين الدين اسماعيل. ڪن مئورخن هن جو نالو سيد شريف شرف الدين سمائيل بن حسين الحسيني، جرجاني، لکيو آهي. هو صاحب ٻارهين صديءَ ۾ ايران ۾ پيدا ٿيو، ۽ سندس طبئي تصنيفن مان سڀ کان مشهور ”ذخيره ۽ خوارمز شاهي“ آهي. اهو ڪتاب 490ع ۾ لکيو ويو۽ جيڪڏهن بو عڳلي سينا جي ”قانون“ کان زياده اهيمت نٿو رکي، ته به ان جو ثاني ضرور آهي. هن ڪتاب ۾ اٽڪل پنج لک لفظ آهن، ۽ ڪيترن جزن، بابن ۽ موضوعن ۾ ورهايل آهي. زين الدين جا ٻيا مشهور طبي ڪتاب ”اغراض طب“ ، ”يادگار“ ۽ ”خفي علائي“ آهن، ”خفي علائي“ ۽ تقدمته المعرفته“ بابت نهايت سٺو مواد آهي.

ابو الڪيس. ابو القاسم خلف بن عباس الزهراوي، ”قرطبه“ ۾ سنه 936ع ۾ پيدا ٿيو. صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شهرت حاصل ڪئي. هن جي مکيه ڪتابن مان هڪ ”تصريف لمن عجز عن التاليف“ آهي. جراحت جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهيءَ فن کي سمجهائڻ لاءِ تصويرن ۽ نقشن جي مدد ورتي وئي آهي، ابو الڪيس لکي ٿو ته ”جراحت ٻن قسمن جي آهي؛ هڪ اها، جا مريض کي مرض کان نجات ڏياري؛ ۽ ٻي اها، جا هن کي موت سان ملاقات ڪرائي“. ابوالقاسم فن جراحت ۾ خبرداريءَ کي دليريءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. جراحت تي هن ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. ”ڏنڀ“ تي هن هڪ خاص ڪتاب لکيو؛ هڪ ٻئي ڪتاب ۾ ”مثاني جو پٿريءَ“ کي ڀڃي ٻاهر ڪڍڻ، ۽ اهڙا ٻيا جراحت جا فن بيان ڪيل آهن؛ هڪ ٽئين ڪتاب ۾ هڏن ڀڄڻ ۽ سنڌن نڪرڻ جو مفصل احوال، علاج سميت لکيو اٿس.

الزهراوي نه صرف هڪ بلند پايي جو جراح هو، پر ان سان گڏ علم طب ۽ حڪمت جي ٻين شعبن تي به کيس اعليٰ دسترس حاصل هئي. ازان سواءِ علم الادو به_مفردات و مرڪبات_ ۾ به سندس مٽ زماني ۾ ٿورا عالم هئا.

ابو الزهر. ابو مردان عبدالمالڪ، ابن الفقيه محمد، بن مردانه، بن زهرالاياديءَ کي انگريزيءَ ۾ (اوينزوار) سڏيو ويندو آهي،. اسپين جي هاڪارن حڪيمن ۾ هن صاحب کي هڪ ممتاز حيثيت حاصل آهي. هيءُ پهريون حڪيم هو، جنهن کجليءَ يا خارش جو جيوڙو (اچ مائيٽ) ڳولي لڌو، ۽ ان جو بيان ڪيائين، ابن الزهر جون نيون ايجادون ۽ سندس کوجنائون بلڪل گهڻيون آهن. هيءُ ئي پهريون حڪيم هو، جنهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته خوراڪ بدن کي حقني ذريعي به پهچائي سگهجي ٿي؛ مثلن ڪو شخص بيهوشي يا ڪنهن ٻئي سبب کاڌو ڳڙڪائي نٿو سگهي، ته ان کي کاڌو حقني جي ذريعي ڏئي سگهجي ٿو.

ابن زهر جي خاندان ۾ ٻيا به ڪيترائي مشهور حڪيم ٿي گذريا آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

ابو العلاء بن زهر، ابو مردان بن ابي العلاء، حفيد ابوبڪر بن زهر، حفيد جي ڀيڻ ۽ ان جي ڀاڻيجي.

ابن الرشد. هيءُ ابن الزهر جو شاگرد ۽ دوست، ”قرطبه“ ۾، 1126ع ۾ پيدا ٿيو هن کي زندگيءَ ۾ نهايت گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو، صاحب موصوف اعليٰ درجي جو حڪيم هو، ۽ يورپ_خصوصن جرمنيءَ_ ۾ بلڪل گهڻي شهرت حاصل ڪيائين.

موسيٰ بن ميمون.ابو عمران موسيٰ، بن الميمون، 1130ع  ڄائو، ۽ بادشاهه صلاحالدين جو شاهي حڪيم ٿي گذريو آهي. هن هڪ ڪتاب زهريلي جانورن جي متعلق لکيو آهي، جنهن ۾ نانگ جي ڏنگ، وڇونءَ جي ڏنگ،، ڇتي ڪتي جي چڪ، ۽ ماڻهوءَ جي چڪ، وغيره تي تفصيل سان بحث ڪيو اٿس، ۽ انهن جون علامتون تشخيص ۽ علاج نهايت سهڻي طريقي سان بيان ڪيو اٿس، علاج جي اصلون کي بيان ڪندي، زخم کي کولڻ، زهر چوسڻ، ڏنڀ ڏيڻ، ۽ زخم مٿان زور سان پٽي ٻڌڻ بابت پڻ هن هدايتون ڏنيون آهن، بيمارين جي سببن ۽ صنفن تي لکيل هڪ ڪتاب ۾ جادو ۽ جوتش جي هن سخت مخالفت ڪئي آهي،  ۽ مفرد دوائن جي استعمال کي مرڪب دوائن تي ترجيح ڏني اٿس. موسيٰ بن ميمون علم صحت تي به گهڻو زور ڏنو آهي، ۽ تازيءِ هوا ۽ صحت بخش غذا جي اهميت بيان ڪئي اٿس.

ابن البيطار. حڪيم ابو عبدالل، بن احمد المالقي النڀاتي، المعروف به ”ابن البيطار“، سن 663هه ۾ پيدا ٿيو، هو علم نباتات جو هڪ اعليٰ عالم ۽ ماهر ٿي گذريو آهي. علم نباتات جي دائري ۾ هن خصوصن طبي ٻوٽين بابت کوجنا ڪئي، ۽ هڪ هڪ ٻوٽيءَ کي سائنس جي اصولن مطابق بيان ڪيو اٿس. صاحب موصوف علم نباتات سان گڏ طبي فن ۽ ٻين ڪيترن علمن جو ڄاڻو هو.

مٿي، مان پڙهندڙن جي خدمت ۾ چند ممتاز ترين شخصيتن جو بلڪل مختصر بيان ڪري چڪو آهيان، جنهن مان عربن جي طبي خدمتن ۽ هنن جي انهيءَ علم ۽ فن تي دسترسيءَ جو اندازو، انهيءَ مثل موجب ڪري سگهبو، جيئن خرار مان ان جي مٺ ڀري ماڻهو پوري خرار جي جنس جو اندازو ڪري سگهندو آهي.

مذڪوره بالا شخصن کان سواءِ، عربن جي دائره ۽ تسلط ۾ ٻيا به هزارين علم جا گوهر پيدا ٿيا، نه منهنجي علمن جي ايتري وسعت آهي، ۽ نه وري منهنجي مضمون جون حدون مون کي اجازت ڏين ٿيون، ته انهن تي مان ڪجهه تبصرو ڪري سگهان؛ تنهن هوندي به صرف تعارف طور انهن مان ٿورن جا نالا ملاحظي لاءِ پيش ڪجن ٿا.

اکين جي بيمارين جا ماهر؛ زينب، ابن وصف صابي، جبرئيل ڪمال، شريف ڪمال، ۽ علي بن عيسيٰ.

امراض نسواني (عورتن جون مخصوص بيماريون) ۾ حفيد جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجيءَ ايتري ته شهرت حاصل ڪئي، جو منصور هنن کي پنهنجي حرم ۾ علاج لاءِ گهرائي رکيو.

ابن البذوخ، دوا سازيءَ جي فن جو ماهرهو.

صاعد بن شيرين عبدوس، بهترين فصادن مان هڪ هو.

ابن عڪاشه، مثاني جي بيمارين ۾ خاص نالو ڪڍيو.

ملا نفيس، کي فن ڪليات تي عبور هو.

علم الدويه ۾ ابن جلجل، رشيد الدين، تميمي، عمر ۽ احمد ابنان، يونس، چوٽيءَ جا ڄاڻو هئا.

جرجس، ”المنصور“ جي عهد ۾ نامور حڪيم هو. هن جي خاندان ۾ ٻيا به ڪيترا بلند پابي جا حڪيم ٿي گذريا آهن_جهڙوڪ؛ سندس پٽ بخت يشو بن جرجس، ان جو پٽ جبرئيل بن بخت يشو، ان جو پٽ بخت يشو بن جبرئيل، تنهن جو پٽ عبيدالله بن بخت يشو، ۽ ان جو پٽ جبرئيل بن عبيدالله.

جبرئيل بن بخت يشو، هارون رشيد جو شاهي حڪيم هو.

معتصم بالله جو درباري طبيب سمويه بن بنان؛ المعتصد جو شاهي حڪيم خاص ثابت ابن جراء؛ متوڪل جي زماني جو نامور حڪيم ۽ ترجمان حنين بن اسحاق؛ ۽ عزير با الله فاطمي جي ڪچهريءَ جو سينگار منصور بن متشر_ پڻ پنهنجي لافاني ياد پٺيان ڇڏي ويا آهن.

عربن جي دور حڪومت ۾ علم طب جو شوق صرف وڏن وڏن عالمن، حڪيمن ۽ فيلسوفن تائين محدود نه هو، بلڪ ٿورو گهڻو هر هڪ پڙهيل ڳڙهيل فرد کي انهيءَ فن سان چاهه هوندو هو. اهو ورثو صرف مردن جو به نه هو، ڪي ڪي عورتون به انهيءَ فن سان ڪمال جي حد تائين ڄاڻنديون هيون. چيو وڃي ٿو ته هارون رشيد وٽ هڪ ٻانهي وڪجڻ لاءِ آئي، جنهن جي قيمت سندس اصلي مالڪ ڏهه هزار دينار رکي_ اها رقم هڪ ٻانهيءَ لاءِ نهايت گهڻي هئي، هارون رشيد ايڏي وڏيءَ رقم جو سبب دلچسپيءَ سان دريافت ڪيو، جنهن تي اصلي مالڪ هن جي علم جي تعريف ڪرڻ لڳو. آخر ان جو امتحان وٺڻ لاءِ هارون رشيد سڀ کان زياده نامور حڪيم، فيلسوف، مفسر، قانوندان ۽ جوتشي گهرايا. تاريخن  جو ذڪر آهي ته هن عورت نه صرف هر هڪ عالم جي سڀني سوالن جا جواب موزون ۽ صحيح ڏنا، بلڪ وري هڪ هڪ کان سوال سندن مخصوص فن مان اهڙو پڇيائين، جنهن جو هو جواب نه ڏئي سگهيا! علم طب مان، هن عورت کي علم بدن ۽ علم صحت بابت سوال پڇيا ويا.

مضمون ختم ڪرڻ کان اڳ، مسلمانن جي پهرين پنج سو سالن جي اقتدار واري زماني ۾ علم طب جي ترقيءَ تي سرسري تبصري ۽ پنهنجي شخصي نظر ئي ڏيڻ بدران، مان صرف انهيءَ دور جي آخر ۾ هڪ اسپتال جو بيان ڪندس، جنهن مان پڙهندڙ دوست، گذريل تذڪري ۽ خصوصن انهيءَ دور ۾ طب جي اوائلي حالتن کي مدنظر رکي، پاڻ پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهندا.

قاهري ۾ ”منصور“ اسپتال 1284ع ڌاري ٺهي تيار ٿي. هيءَ اسپتال وقت جي ٻين اسپتالن وانگر عظيم پيماني تي هلندڙ هئي، جنهن ۾ مريضن کي هر قسم جون سهولتون ميسر هيون، منصور اسپتال ۾ هر قسم جي بيمارين لاءِ الڳ الڳ وارڊ هئا_ مثلن بخار، پيٽ جون بيماريون، اکين جا مرض، زنانيون بيماريون، جراحت، وغيره. مردن ۽ عورتن لاءِ پڻ علحدو انتظام هو، بخارن جي وارڊ کي ٿڏي پاڻيءَ جي چشمن مان ٿڌو رکيو ويندو هو. هن اسپتال ۾ تقرير لاءِ هڪ وڏو هال، طب سان تعلق رکندڙ جڙي ٻوٽين جو هڪ باغ، هڪ مطب (ڊسپينسري)، ۽ هڪ وڏي لائبري هئي. لائبريريءَ کي هلائڻ لاءِ ڇهه ملازم (لائبرريرينس) رکيل هئا. جن مريضن کي ننڊ نه ايندي هئي، انهن کي رات جو هلڪي ۽ مٺي سرود سان لولي ڏيئي سمهارڻ لاءِ خاص بندوبست هو. پنجاهه قاري، روزاني قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا، ازوان سواءِ،  اسپتال ۾ چڱا موچارا عالم صرف انهيءِ لاءِ نوڪري ۾ رکيا ويا هئا، ته هو بيماريءَ مان اٿندڙ مريضن کي وندرائڻ لاءِ کين سٺيون،  نصيحت آموز آکاڻيون ٻڌائين. ٻين وڏين اسپتالن وانگر، ”منصور“ اسپتال ۾ پڻ علاج مفت ٿيندو هو. انهيءَ کانسواءِ، گهرجائون مريضن کي خيراتي فنڊ مان ايترا پئسا ملندا هئا، جو اسپتال ۾ رهڻ ۽ باقاعدي چاڪ ٿيڻ جي عرصي تائين، هنن جي گهر جو خرچ آسانيءَ سان هلي سگهي، ۽ هنن کي پٺيان ٻارن ٻچن جي ڪابه ڳڻتي نه رهي.

انهيءَ مان ثابت آهي ته جيڪو ڪم” ريهبليٽيشن“ ۽ ”سينيٽريم“ سينٽر يورپ ۾ هاين ڪري رهيا  آهن، اهو مسلمانن جي آخري دور ۾، ترقيءَ جون ڪافي منزلون طي ڪري، پنهنجي اوج تي پهچي چڪو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com