سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :4

هري درياني ”دلگير“

آيو اجهو بهار!

ويراني ۾ سياري جي، آيو  اجهو بهار،

پکڙيل هتي بهار جا آهن نشان هزار_

هي زرد پتا، ماڪ جون بوندون هي بيشمار،

هي خشڪ ٻوٽا، ۽ هي وڻن جي سڃي قطار؛

 

هر هڪ کي آ بهار جو ئي انتظار، دوست!

گلشن ۾ پنهنجي آيو اجهو ئي بهار، دوست!

 

ڳائي ٿو سانت ساڻ سڄو شاخسار، ٻڌ،

کڙ کڙ ڪندڙ پنن ۾ تون سرندي جي تار ٻڌ،

ڀڻ ڀڻ ۾ ڪجهه ته ڳائي ٿو هي آبشار، ٻڌ،

ڪجهه دور دور گيت، پکين جي پڪار ٻڌ:

 

ڇيڙي اجهو بهار به پنهنجي ستار، دوست!

گلشن ۾ پنهنجي آيو اجهو ئي بهار، دوست!

 

پنهنجي اکين مان مفت نه برساءِ باهه تون،

ڪومايو هڪڙو هار، ته ٻيو ترت ٺاهه تون،

سردي وڃڻ تي آهه، نه اميد لاهه تون،

آيو بهار ڄاڻ، چمن پنهنجو چاهه تون:

 

هڪڙو ويو بهار ته ايندا هزار، دوست!

گلشن ۾ پنهنجي آيو اجهو ئي بهار، دوست!

 

ڏس غور ساڻ، تنهنجي ئي گلشن ۾ آ بهار،

تنهنجي اکين ۾ آب، ته رودن ۾ آ بهار،

مرڪين ٿو تون ته مرڪندو پن پن ۾ آ بهار،

هيڪر سڏي ڏسينس ته قدمن ۾ آ بهار،

 

هر مرڪ تان هزار بهارون نثار، دوست!

گلشن ۾ پنهنجي آيو اجهو ئي بهار، دوست!

شيخ ”اياز“

آءُ بادل! مان به روئان تون به روءُ،

مان به غم جا داغ ڌوئان تون به ڌوءِ!

 

زندگي منهنجي به ڀٽڪڻ ۽ ڀلڻ،

آسمانن جي جهانن ۾ رلڻ،

گاهي گاهي مست ٿي جهولڻ جهلڻ،

ڌرتتيءَ جي پياس تي ڇلڪڻ ڇلڻ،

آ هزارين ميڪده منهنجو کلڻ،

سو بهارن کي صدا منهنجو گهلڻ،

پو به مون ليءِ ناهه هي ڦولڻ ڦلڻ_

 

آءُ بادل! مان به روئان تون به روءُ،

مان به غم جا داغ ڌوئان تون به ڌوءِ!

 

مان به تو جئن چنڊ تي آهيان چريو،

روح منهنجو چاندنيءَ جي نئن تريو،

چنڊ جي ويجهو ويو، پر ڇا وريو،

نور نيڻن جو جڏهن پل لي ٺري،

چنڊ چهري تي کڻي پردو ڌريو،

راتڙين جو هانو منهنجو ٿي ڏريو،

تون ئي چئو، آ ساهه تنهنجو ڪئن سريو؟

 

آءُ بادل! مان به روئان تون به روءُ،

مان به غم جا داغ ڌوئان تون به ڌوءِ!

نارائڻ ”شيام

اوسيڙو

شام جي وعدي ڪرڻ وارا، آءُ!                  ٿا ٻڌن هڪ ٻئي پٺيان تارا، آءُ!

ڇاتي ڌڙڪي ٿي الائي ڇا لکان،                ٿو هنيون منهنجو ٻڏي پيارا، آءُ!

ڇا لهي دل تان وئي ڳالهه اٿس؟                        ڪي نه ڪنهن اهڙي چئي ڳالهه اٿس؟

مان نه ڄاڻان ته نه آيو ڇا کان،                        ياد شايد نه پئي ڳالهه اٿس.

بس، اجهو ڄاڻ ئي سج باک ڪڍي،           ڏينهن وعدي تي سندس ڏئي نه کلي،

پهر پوئين جا تون ئي چنڊ!چوينس،          ”رات باقي رهي آهي ڪا گهڙي“.

ان بنان رات ائين خام وئي،            آس ان لاءِ ٿي ناڪام وئي،

سج ڪڍي باک، لڙي لڙڪ پيا،             آس پوئين به لڙهي ”شيام“ وئي!

”بشير“ مورياڻي

سئيز

ڪيترو دور آ نگاهن کان،

ڪيترو دل جي ويجهو آهي، پر

ٿو تصور ان ۾ جي وهڪ ڏسان!

 

ان جي ڇولين ۾ جوش آهي ڪو،

ترسي ترسي وري پيون اڀرن_

شور آهي، منجهن قيامت جو.

 

ٿو خيالن جي وهڪري تي وهان،

سوچيان ٿو، ”سئيز“ آهي ڇا؟

مصر لي زندگي جو آ سامان.

 

مون کي ان جي حقيقت آ معلوم،

سامراجين جي ياد اٿم هر چال،

جن بڻايو هو مصر کي مظلوم.

 

ڪيئن ٿي هئي، ”سئيز“ جي تعمير؟

ڪيترا مصري ان تان ٿيا قربان؟

ڪيترا گهوريا انهي تان وير؟

 

ان جي هر لهر اڄ پڪاري ٿي،

”منهنجي اندر عوام جو رت آهه“

سڀ جي رڳ رڳ ۾ باهه ٻاري ٿي.

 

ڪير ڄاڻي جڏهن ”سئيز“ ٺهيو،

ڪيتريون عورتون ٿيون بيواه!

ڪنهن پڪاريو ته ”منهنجو پيءُ ويو!“

 

ڪنهن کي معلوم آ حقيقت هيء،

مصرين جو وهي ٿو رت ان ۾،

۽ انهن لاءِ آهي قسمت هيءَ،

 

ٿو ڇڏي ڪير پنهنجي قسمت کي؟

ڀاڳ پنهنجي کان ٿو ڀڄي اڄ ڪير؟

ڪير اورانگهي پنهنجي عزت کي!

 

ڪنهن به ”فرعون“ هئي، ڇڏي عزت؟

ڪنهن به ”خديو“ وقار کي ڇڏيو؟

مصر لئه هي آ عزت ۽ دولت.

 

اوڀر اولهه کي هيءُ ملائي ٿو،

واهه آهي يا عالمي پل آهه،

راز کولڻ اهو جڳائي ٿو.

 

”نيل“ دل آهي، مصر جي، هيءُ جان،

پنهنجي جان ٻئي کي ڪير ڏيندو آ؟

غير تان ڪير ٿيندو آ قربان؟

 

واه جو ڍونگ آ ”سئيز“ جو اڄ،

خون مصرين جو ٿو منجهس چمڪي،

ڇا نئون رنگ آ” سئيز“ جو اڄ!

 

ان جي لهرن ۾ ڪو لڪل آ ساز،

زندگي جنهن تي راڳ ڇيڙي ٿي،

جنهن جي جهنڪار عام جو آواز.

 

ڪير، جو ان جي وهڪ کي روڪي؟

ڪير آهي جوان کي بند ڪري؟

ڪير آ جو عوام کي ٽوڪي؟

 

مصر لي پوئين منزل آهي، هيءُ،

۽ پڻ آزادگي جو آ ضامن،

ڪيڏي آسان مشڪل آهي هيءُ!

 

سڳن ”آهوجا“

 

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي ڳل تي مون ڏٺو!

 

روئي روئي رڇ ڀرڻ جون حسرتون،

فخر سان ٿيون موجزن قطري منجهان،

زندگي سو سو غمن وچ ۾ ڪڏهن،

روئي ويهي ٿي مگر هڪ شان سان_

 

ترجمان سهسين غمن جو هڪ ڦڙو!

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي گل تي مون ڏٺو!

 

ديوتا وانجهيل خوشيءَ، غم کان رهيو،

آدمي ئي ٿو کلي روئي سگهي؛

موقعي سارو اگر آهي، ته پوءِ،

جو کلي ٿو، تنهن کي روئڻ ڀي کپي!

 

درد واري دل جو ڀانيم آئنو،

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي گل تي مون ڏٺو!

 

جيسين ٻاهر نڪتو ناهي آدمي،

تيسين گهر مهراڻ ڪافي ٿو لڳي،

آهه گهر وارن جي الفت ڀي املهه،

ملهه ڪٿڻ غيرن جو ٿو سهڻو لڳي_

 

دل ڳنهي سگهندڙ املهه موتي لڳو،

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي گل تي مون ڏٺو!

 

غيب کان شڪليون وٺي اظهار جون،

حسن ٿو ٻئي حسن جا جاچي امنگ،

پنهنجي نازڪ، لال ڳل کان ڏس بچي،

منهنجي دل جا ڪئن نچيا رنگين ترنگ:

 

گل ڏي نچندو آيو قطرو ماڪ جو_

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي گل تي مون ڏٺو!

 

پيار جيوت لئي وڌائي ٿي ڇڏي_

تلڪ، تر، کاڏيءَ جي کڏ جي دلڪشي؛

مان ڀلس، هر شي جا آ نقطي، نما،

تنهن کان ڀاسي پياري پياري زندگي!

 

زندگيءَ لي پيار، جو هڪ راز هو،

لڙڪ هڪ، جو تنهنجي گل تي مون ڏٺو!

”رشيد“ لاشاري

مجبوريءَ جو نتيجو

لاچار ڇو نه ٿيندس،          نادار ڇو نه ٿيندس،

نادار ڇو نه ٿيندس،          لاچار ڇو نه ٿيندس،

بيڪار ڇو نه ٿيندس،          بيقدر آهه دنيا،

بيقدر آهه دنيا،          بيڪار ڇو نه ٿيندس؟

پينار ڇو نه ٿيندس،                 فاقي ڪشيءَ جي سببان،

فاقي ڪشيءَ جي سببان،          پينار ڇو نه ٿيندس؟

مسڪار ڇو نه ٿيندس،                  هن زندگي جي خاطر،

هن زندگي جي خاطر،                مسڪار ڇو نه ٿيندس؟

بدڪار ڇو نه ٿيندس،       زردار جي نظر ۾،

زردار جي نظر ۾،                     بدڪار ڇو نه ٿيندس؟

غدار ڇو نه ٿيندس،              ڏاڍن جو، بيڪسيءَ ۾،

ڏاڍن جو، بيڪسيءَ ۾،          غدار ڇو نه ٿيندس؟

معمار ڇو نه ٿيندس،              هڪ پرسڪون جهان جو،

هڪ پرسڪون جهان جو،        معمار ڇو نه ٿيندس؟

غمخوار ڇو نه ٿيندس،                    دنيا جي غمزدن جو،

دنيا جي غمزدن جو،         غمخوار ڇو نه ٿيندس؟

دلدار ڇو نه ٿيندس،           دلدار دوستن جو،

دلدار دوستن جو،           دلدار ڇو نه ٿيندس؟

خود دار ڇو نه ٿيندس،     ڀل حق ڇني زمانو،

ڀل حق ڇني زمانو،  خوددار ڇو نه ٿيندس؟

تلوار ڇو نه ٿيندس،      تيزي اٿم زبان ۾،

تيزي اٿم زبان ۾،        تلوار ڇو نه ٿيندس؟

حقدار ڇو نه ٿيندس،       سک جو ”رشيد“ آخر،

سک جو ”رشيد“ آخر،                حقدار ڇو نه ٿيندس؟

آزاد نظم

شيخ ”اياز“

ڪامڻي رات، چنڊ چوٽيءَ ۾،

سينڌ ساري ڀري ستارن سان_

ٽهلندي ڪائنات ۾ آئي.

سانت هن جي ستار آ، جنهن تي

هوءَ سڄو وقت گيت ٿي ڳائي.

ڏينهن جا ڏنڀ مان به سهسائي،

ڪا گهڙي پنهنجي تند تاڻيان ٿو،

راڳ پنهنجا پري اماڻيان ٿو،

زندگيءَ جو حسين هندورو،

پنهنجي گيتن سان ويهي واڻيان ٿو_

جيستائين اکين کي پوري، ننڊ

(رات جي ڀيڻ، چلولي، چنچل)

مون کي آغوش ۾ سمهاري ٿي!

شمير الحيدري

مشورا

چوي ڪير ٿو،

ته تون ڪجهه نه ڪر؟

ڀلا ڪير روڪي ٿو توکي،

ته تون پنهنجي حسن دو، روزه تي نازان نه ٿيءُ،

جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿيءُ؟

چوي ڪير ٿو،

ته تون پنهنجي جوڀن جياريل بهارن جي بخشيل،

سريلي ۽ شفاف، نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي،

سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب و مخمل جي

زرتار پوشاڪ پهرڻ ڇڏي ڏي؟

نه ڪر سينڌ سرمون،

۽ پنهنجي خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،

تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سرخي لڳائن ڇڏي ڏي؟

چوي ڪير ٿو،

زماني کي قائل بنائڻ ڇڏي ڏي؟

مگر ياد رک،

ته جوڀن جياريل بهارن جو بخشيل،

هي تنهنجو سريلو ۽ شفاف، نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن،

۽ زرتار پوشاڪ جو روپ رنگ_

فقط آب و رنگ_

اهو منهنجو ذوق نظر ئي ته آهي!

۽ تنهنجو تبسم؟

خيالن جي تاريڪ ويرانين ۾،

تمنا جي گمنامين جو پڙاڏو_

فقط شور و شر!

_مقدر جي کهري ۽ ڪاري نرڙ تي،

نهايت ئي مبهم،

فقط چند ليڪا:

۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر و عمل سان،

حياتيءَ جي هڏ کي،

تحرڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو!

_مصر جي دوست هنر جو ڪرشمو_

اهو منهنجو خون جگر ئي ته آهي!

مگر بنده پرور،

هي تنهنجو ۽ منهنجو فسانو ته ناهي:

ائين ئي،

خيالن جي لهرن تي لڏندي،

ستارن تي شايد نظر پئجي ويئي!

ائي ئي سهي،

ڪڏهن تو به آهي ستارن تي سوچيو؟

_محبت جي جذب و ڪشش جو عمل!

محبت جواني، محبت مقدر، محبت ئي تخليق جو روپ رنگ،

محبت خدا!

ته اي مهربان!

ڪڏهن منهنجي ميرن ۽ ڦاٽل ۽ بوسيده ڪپڙن،

۽ دامن جي چتين تي

نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر؛

محبت جو منهڙو مٽيندو نه ڪر!

_چوي ڪير ٿو ته تون ڪجهه نه ڪر!

”بشير“ مورياڻي

اڳتي قدم

وقت آ ڏاڍو ڏکيو، منهنجي مٺي!

رات جو آرام ڏاڍو مشڪل آ،

ڏينهن گهارڻ مسئلو!

هڪ گهڙيءَ جو سک به ڪنهن کي حاصل آ

ڪيتري پنهنجي ڪٺن آ زندگي!

توکي ڄاڻ آهي يا نه؟

تون محبت ۾ مگن آهين رڳو،

زندگيءَ جي مسئلن تي خنده زن آهين رڳو،

ڪي ڪلا، پريمي هجن،

زندگي سان، حسن سان، اميد سان

واسطو رکندا هجن،

جن جي فن ۾ نگ کان، تخريب کان، ڦر مان کان

صاف نفرت ٿي بکي،

جن حياتيءَ کي سنواريو آهي، تن سان ملڻو آهه؛

اڳتي ڪجهه وڌڻو آ، هاڻي لازمي،

وقت آ ڏاڍو ڏکيو، منهنجي مٺي!

توکي مون کي اڄ ئي ڪرڻي آ شروع انقلابي زندگي.

”برده“ سنڌي

سلام

او ڀيانڪ پيچرن تي

هلڻ جا هيراڪ ساٿي!

تنهنجي همت، تنهنجي طاقت، تنهنجي حشمت کي سلام،

صبح و شام!

ڌرتتيءَ جو ڌوڙ ۾،

جهڪ ۽ جهولي جي سامهون،

پنهنجي ڌن ۾ بي خيالو_

لک لهي ٿي لوڏ تنهنجي،

ٽهڪ ڏئي ٽلندو هلين،

هن اڙانگيءَ راهه تي،

کلندو هلين، کلندو هلين!

خوب او مستانه ساٿي!

خوب خوب!

وقت جي زلفن جي تنهنجي هٿ زمام_

تنهنجي وحشت کي سلام!

صبح و شام!

تنهنجي چهري تي لڳي جا گرد_راه،

ان جو هر ذرڙو نرالي ڪائنات!

ذري ذري ۾ آهن، جڳ جا پساهه،

ذري ذري ۾ٿا چمڪن چنڊ ڪيئن،

ذرو ذرو آهه روشن آفتاب!

صدقي صدقي

توتان،

آندو تو آ وحدت جو پيام!

تنهنجي صورت کي سلام

صبح و شام!

او... اونداهي رات جا راهي

سدورا رهنما!

تون ئي بس آن رهنما

هن ڀيانڪ راه جو،

۽ هن اونداهيءَ رات جو،

۽ اوپري هن جوءِ جو!

ير، تنهنجا سڀ ڏونگر ڏٺل،

۽ پيچرن جو هيءُ نظام،

منهنجي دل جا ديوتا،

او منهنجي آسن جا امام!

تنهنجي قدمن جو قسم آ

ترس، مان تنهنجا قدم

۽ تنهنجي قدمن جا نشان

ڏسندو هلان، چمندو هلان، هلندو هلان

۽ جئن هلي منزل رسان.

هاءِ! هي تنهنجا قدم

ڪهڙا نه آهن سخت_

۽ تون ڀي ته آهين سخت جان_

دل کي ڪيڏو ٿا وڻن!

ير پير هي تنهنجا پٿون،

روهه رائٻي جا ڏڌل،

رت سان ڀنل، چچريل ڦٿل،

ڇيهون ڇنل، پيارا لڳن!

ڇو نه تن پيرن تان گهوريان پاڻ کي،

خون ڳاڙي جي لتاڙيندا رهن،

بحرو بر ڏونگر پٽيون!

تنهنجي قدمن کي چمڻ لي،

منتظر منزل مدام!

_تنهنجي قدمن کي سلام

صبح و شام!

 

نيون طرزون

نارائڻ ”شيام“

سانيٽ

فرصت غنيمت

گلن جو ٻارو، صراحي به وچ ۾ آهه رکي،

اڪيلي سر ئي پيان، جي نه آهه هم_صحبت؛

ٻيوهجي ڪين، ڏيان چنڊ کي ئي ٿو دعوت،

اهو ۽ مان  ۽ سندم پاڇو_ٽن جي محفل ٿي.

 

وجود پاڇي جو ڪهڙو؟ وٺي نه چنڊ چڪي،

مگر وڃائجي ڪهڙيءَ طرح هٿان فرصت؟

پيو پيو  هلي، هلندو، بهار ڳچ مدت،

ڏنائون جهڙي به صحبت اها قبول ڪبي،

فلڪ تان نئڙي ٻڌي چنڊ جئن، کلان ڳايان،

نچان ته پاڻهي مون ساڻ گڏ نچي پاڇو،

ائين انهن سان پيڻ وقت پاڻ وندرايان،

پيڻ کانپوءِ سڀن جو جدا جدا رستو،

۽ سپن_لوڪ ۾ گڏجون وڃي وري جيسين،

آننت_شانت ۾ بس ٽي ئي گم رهون تيسين.

”تنوير“ عباسي

موزون بيت

سونو وجهه

ڪجهه گهڙين جي لئه فلڪ، ڪجهه گهڙي جي لئه زمين،

ڇا خبر جو هيءُ دم، ئي هجي دم آخرين،

ڇو نه ڪجهه مرڪي وٺون، ڇو نه ڪجهه ڳايون اسين،

وقت هي آهي پرين، روح ريجهائي وٺون.

روح ريجهائي وٺون، اچ ته ڪجهه ڳائي وٺون،

ڀونئر ٿي مکڙين مٿان، ڦيرا ڪجهه پائي وٺون،

ماڪ ٿي گلڙن جو منهن ڪجهه ته چمڪائي وٺون،

اچ ته لنو لائي وٺون، موت کان اڳ ۾ سڄڻ.

 

موت کان اڳ ۾ سڄڻ، آس جئن رهجي نه ڪا،

ڇو بهارن ۾ ڀلا، گل وڃن ڪومائجي.

 

ڪجهه گهڙينجي لاءِ ٿو، مينهن ساوڻ جو وسي،

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو، ميوو محبت جو رسي،

ڪجهه گهڙين لئه اک کڻي، پيار مان ٿو ڪو پسي،

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو، نينهن جو نياپو رسي.

 

وقت ٿورو آهي ۽ سو به وڃڻو آ پرين،

ڇو ڀلا روئي رڙي سو وڃايون هيئن اسين.

 

عمر آهي هڪ گهڙي، سال ساعت ۾ وڃن،

سا گذاريون ڇو سڙي، پيار کان پاسو ڪري.

وقت جو هي واهه ٿو، دائما وهندو رهي،

تنهنجي ڇولين جو لهي، ڪين سگهندو انت ڪو،

آئي هڪڙي ٻي وئي، آهي بس هي چهچٽو،

نا ازل جي ڪا خبر، يا ازل جو ڪو پتو،

تنهن کان منهن ڦيري نه ڇو، پيار مان تو ڏي ڏسان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com