نور چيو: ”صاحب صدر، شورش صاحب ڪجهه اهڙيءَ طرز تي
ڳالهايو آهي، جو اها ڳالهه بنيادي طرح سمجهڻ جي
ضرورت آهي ته عورت کي آزادي ڏيڻ مان فائدا گهڻا
آهن يا نقصان. منهنجي ناقص عقل موجب عورت جي جاءِ
گهر ۽ ڪٽنب ۾ آهي؛ ۽ جن خرابين ڏانهن هيءَ آکاڻي
اشارو ڪري ٿي، سي هڪ خراب معاسري جي پيدائش آهن.
جيڪڏهن اسان جو معاشرو اسان جي مذهبي احڪام تي نيڪ
نيتيءَ سان هلايو وڃي، ته اهي خرابيون پيدا ئي ڪين
ٿين. ٻئي طرف، توهان کي خبر آهي ته مغربي ملڪن ۾
عورتن جي آزاديءَ ڪهڙا انگور ڪڍيا آهن؛ سو شادين
مان پنجهتر جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو،
۽ بداخلاقي وڌي رهي آهي، اسان جي پنهنجي ملڪ
ڏانهن به نظر ڪريو ته ڪا ڪاليجي ڇوڪري پاڪدامن
آهي!“
شڪر آهي جو مولانا نور ڪنسي رپورٽ ڪانه پڙهي هئي؛
نه ته انگ اکر ڏيئي بر ڪري ڇڏي ها_ هونئن به ڳالهه
کي وڌائي ٺاهي پيش ڪرڻ ته مولانا صاحب جو پيشو هو.
سڀني چيو: ”ٺيڪ آهي. پهريائڱين اهو طي هٿئي ته
”عورت جي سماج اندر صحيح جاءِ ڪهڙي آهي؟“
محبوب چيو: ”ٻيلي ٻڌايو ته سهي، عورت هڪ دفعو ڪنهن
سان محبت ڪري ته هوءَ ڇو جوٺي يا باسي سمجهي وڃي
ٿي، ۽ مرد سڄي عمر عيش ڪري ته به نت نئون ۽ ڪنوارو
ڇو سمجهيو وڃي؟ جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ سان نه عورت گسي
وڃي ۽ نه مرد_ بشرطيڪ حد کان مٿي چڙهي نه وڃن. آءُ
ته ”فري لو“ (آزاد محبت) جو قائل
آهيان......پر.........پر منهنجي محب ڏي ميريءَ
نظر سان نه نهارجو، ڇو ته پرايون نظرون به عورت کي
ناپاڪ ڪري ڇڏين ٿيون!“
هارون؛ ”ميري سا ميري؛ تيري سان هون هون“ _بلڪل
عياشيءِ جو پروانو آهي!“
....سو، ”ڪوڪشاستر“ کان وٺي انسان جي دنيا ۾ پيدا
ٿيڻ جي مقصد تائين داستان جي بهشت مان رڳو حوا ئي
خارج آهي. آدم ۽ آدم جا پٽ ڪڻڪ به پاڻ ۾ ويهي
ونڊيندا آهن!
مسرور چيو؛ ”پاڻ آهيون قلندر شخص_اصول جي پاڻ وٽ
وقعت ڪانهي. شاديءَ جو تڪلف پاڻ کان ڪونه پڄندو.
”جتي پڪي، تتي کاڌي“_اهو اصول پاڻ ٻيءَ ڌر لاءِ به
تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون!، ”گهر گوڙو ٻڌي ڪتر
ڪرڻ“ پاڻ کان ڪانه پڄندي!“
الياس چيو ؛ ”منهنجي راءِ ۾ آزادي ٻه_ڌاري ترار
آهي. جي زالن کي آزادي کپي، ته ڪٽنب جي پيٽ پالڻ ۽
گهر جي خرچ پکي هلائڻ لاءِ کين به بهرو وٺڻو
پوندو. مان گهر ڌياڻين، مزور يا هاري عورتن جي
ڳالهه ڪانه ٿو ڪريان. اهي ويچاريون ته پنهنجي مڙدن
کان به وڌيڪ ڳهنديون رهنديون آهن. مان پڙهيل ڳڙهيل
زالن جي ڳالهه ٿو چوان. سندن تعليم جو فائدو ئي
ڪهڙو، جي هو رڳو پنهنجي گهوٽ جي گهر جي زينت بڻجي
وڃن، ۽ سندن علم ۽ صلاحيتن جو فائدو نه گهر کي ملي
۽ نه پر کي! پڙهيل ڳڙهيل زال جي حيثيت جيڪڏهن گهر
جي ٻئي فرنيچر وانگر رڳو دوستن کي رشڪ ڏيارڻ يا
پنهنجي برتريءَ جي احساس کي زور وٺائڻ لاءِ هجي،
ته آخر ان تعليم مان ڇر هڙ حاصل.....؟“
آصف چيو؛” آئون قبول ٿو ڪريان ته عورت کي آزاد ٿيڻ
گهرجي، ان لاءِ مان گاڏي جي ٻن ڦيٿن جي برابريءَ
کان وٺي اڄڪلهه جي رومانٽڪ محبت، رفاقت وغيره جي
دليلن تائين سڀ حوالا ڏيئي توهان کي ٿڪائڻ نٿو
چاهيان_ ڇو ته مان پاڻ به ٿڪجي پوندس، ان ڪري قصو
مختصر ته مان پنهنجي محبوب يا زال کي_جيڪو رتبو
کيس وڻي، قبول ڪري سگهي ٿي_بلڪل قسم کڻي يقين
ڏياري سگهان ٿو، ۽ توهان شاهد هججو، ته سندس
آزاديءَ ۾ ڪابه ارچڻ نه وڌي ويندي؛ پر ان عيوض آءُ
به يقين وٺڻ گهران ٿو ته مون کي سندس چاڪر، محافظ
پوليسوارو بڻجي سندس پٺيان وڃڻو نه پوندو: جي
آزادي کپين، ته پنهنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت به
پنهنجي مٿي پاڻ ڪن_ پوليس واري جا فرائض پاڻ کان
نه پڄن!“
ڳالهه دل وٽائ هئي! جي سهيلين وٽ وڃڻو هجيس، ته
نوڪر ساڻ ڪري وڃي. پر جي مان گهر هجان، ته کڻي
”پليٽو“ پڙهندو هجان ته به اهو ڇڏي هن سان ساڻ
وڃڻو پوندو؛ ۽ عزت وري اهڙي ملندي، جو پاڻ ويٺي
ساهيڙين سان ڊاڙون ڊشا هڻندي ۽ گلا غيبت ڪندي، ۽
اسان کي رڳو پريان پيا ٽهڪ ٻڌڻ ۾ ايندا! هڪ ڀيري،
دل سرڪي ته ڏسان ته ڇا تي ٿيون کلن. کڻي ڪٿان ليئو
پائي ڏٺم. پڪڙجي پيس. گهر موٽي اچي چيائين، ”هيڏا
سارا ٿيا آهيو، اڃان پيا ٽيڏ ڪيو، ٻين ڏي نهاريو!_
ڪيڏي نه مون کي لڄ آئي!“
سو هي محتاج جو ڪم سچ پچ ڏکيو آهي، هڪ ڏينهن ڪڪي
کي ساڻ ڪري، وچ بزار مان لنگهي ويکي اسان جي
ماساتين جي گهر. شهر ننڍو، جتي عورتون رستي تي
گهمن ئي ڪونه. منهن اگهاڙي سر بزار لنگهي وئي،
رستي جي ٻنهي پاسن ماڻهو بيهي کيس ڏسڻ لڳا. جيئن
ئي کيس احساس ٿيو ته سڄي بازار کيس آتر ويلا سان
ڏسي رهي آهي، ته هن پنهنجي رئٻي کي سوڙهيو ڇڪي
تڪڙو هلڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر ڪڪو آهستي آهستي هلي
رهيو هو، ۽ هوءَ شرمجي ماري اهي ٻه منٽ ٻه ڪلاڪ
سمجهي، سڄي پگهر ۾ تر ٿي ويئي. موٽي آئي، ته
چيائين ”مئا ماڻهن آهن ڪين بگهڙ! ائين پيا ڏسن، ڄڻ
سڄو ڳڙڪائي وڃن!“
چيو هو مانس، ”آهين به ڳڙڪائڻ جهڙي نه!“ تنهن تي
هوءَ رسي ويهي رهي.
سو، جي آزادي کپين، برابري کپين، ته پنهنجي پيرين
سيرين بيهن ۽ هلن؛ ٽيڪ لاءِ مرد کي لٺ نه بڻائين.
”قلندر“ وري وارو ورتو. چيائين؛ ”مابد ولت ان حد
تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي_ جي اسان جي آئندي جي
محبوبڙي پاڻ لاءِ ”فريڊم آف ائڪشن“ (عشق جي ميدان
۾ آزادي) چاهيندي ته مابدولت کي ڪوبه اعتراض نه
رهندو. پر، جيڪي ٻار پيدا ٿيندا انهن کي پالڻ پوشڻ
جي ذميواري گڏيل يعني اڌو اڌ ٿيندي.......پر ان
لاءِ به کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته خالص منهنجا ٻار
ڪهڙا آهن_باقيءَ جي ذميواري ٻين تي رهندي!“
غيور چيو: ” هي ساريون ڳالهيون اسان جي اخلاقي
قدرن، مذهبي روايات ۽ قبائلي پنهنجو ۽ پرائي کي به
پنهنجو بنائڻ جي جذبي هيٺ ڪم ڪري ٿو.“
رحيم چيو: ”اسان پنهنجي موضوع کان پري هٽندا پيا
وڃون. ماڻهو پنهنجو عمل حقيقتن مطابق ڪندو آهي، ۽
اصول صرف حقيقتن کي سمجهائڻ ۽ انهن تي روشني وجهڻ
۾ مددگار ٿيندا آهن. اسان مان ڪهڙو آهي، جيڪو دل ۾
ڪيتريون تمنائون رکندي به انهن کي عملي جامو
پهرائي سگهي ٿو؟ صرف ماڻهوءَ کي ڊڄڻو به نه ٿيڻ
گهرجي. جنهن ڳالهه کي هو ٺيڪ مڃي، ته ان تي جعمل
ڪرڻ جي ڪوشش به ڪرڻ گهرجيس. اسان سڀ ڪنهن نه ڪنهن
حد تائين عورتن جي آزاديءَ جاقائل آهيون؛ پر ڪيترا
آهن، جي انهن خيالن تي عمل ڪندا آهن؟ توهان مان
ڪيترا آهن، جي آزادي جا اعلان ڪندي، ڪڏهن پنهنجي
زالن ۽ ٻارن ۽ ڌين ڀينرن کي رڳو گهمائڻ به وٺي
ويندا هجن؟ توهان مان ڪير آهي، جو پنهنجيءَ ڪنهن
به مائٽياڻيءَ کي پنهنجي شريف کان شريف دوستن جي
سنگت ۾ آڻڻ لاءِ تيار هجي؟ عورت جي آزاديءَ طرف
پهريون قدم آهي، هن تي اعتبار_ جي اهو اعتبار نه
آهي، ته هوءَ ڪنهن حد تائين غلام رهندي؛ پر جي
آزاد ٿي، ته هن کي آڏامي وڃڻ جو به بنيادي حق
آهي!“
چانهه آئي، بحث گهٽجي وري تيز ٿيندو رهيو. عباس جي
جاءِ مان اٿي يارن جو ٽولو هوٽل ۾ اچي ويٺو؛ ۽ آخر
اڌ رات جو هوٽل واري دروازا بند ڪرڻ شروع ڪيا،
تڏهن محفل ٽٽي. گهر اچي در کڙڪايم، در ته لاٿائين،
پر ائين ڏٺائين ڄڻ چئي رهي هئي: ”توکي گهر ٻار جي
ڪهڙي پرواهه...توکي پنهنجا سنگتي جو آهن“.
مون ماٺ ۾ ڪپڙا لاٿا. هوءَ چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙن ۽
پوءِ سڏڪا ڀرڻ لڳي، چيائين: ”توهان شادي ڇو ڪئي،
جي منهنجا هي حال ڪرڻا هيو؟ منهنجو نه، ته ڪڪي جو
ته خيال ڪريو ها، ويچارو روئي روئي سمجهي
پيو“._تڏهن مون کي ياد آيو ته مون کين سئنيما
ڏيکارڻ جو واعدو ڪيو هو!
مون چوڻ چاهيو“ ”مون کان وسري ويو“... پر مون کي
ائين چوڻ جي همٿ نه هئي، ڇو ته اهو جملو سئو چڪر
ڪم اچي چڪو هو. هن برسڻ ٿي چاهيو، مون ڳوڙهو ڳيهي
سمهڻ ٿي چاهيو. هن چڙي چيو؛ ”توهان کي ٿي ڇا ويو
آهي؟ ڳالهايو به نٿا!“
چيم: ”ڇا چوان! مٺي اهو ئي حال آهي!“
هن اکيون مٿي ڪري، مون کي شوڪي ڏٺو. مون کي ترنگ
اچي ويو.
چيم: ”الائي ڪڏهن زمانو بدلبو!... ڪڏهن بهار
ايندو!“
ڳوڙهن ڀريل اکين سان هن منهنجي ڳوڙهن ڀريل اکين ۾
ڏٺو. چيائين، ”توهان روئو ڇو ٿا؟“... ۽ هن ائين
سيني ۾ جاءِ ڏني، ڄڻ آءُ به سندس ڪڪو هوس.
ڪمل ڪيو لراماڻي ”پياسي“
”هو ديوتا آهي....“
گهر ۾ مونکي سڀ ”نانئو“ ڪير سڏيندا آهن؛ پر هن
پهرئين خط لکڻ سان ئي منهنجو نالو ”نانئو“ مان
ڦيرائي ”نيلئو“ ڪري ڇڏيو. نانئو يا نيلئو_مان ته
هاڻ هن جي ٿي چڪي هيس، ۽ هو منهنجو. هو منهنجو ته
برابر هو، پر مون کيس ڏٺو نه هو_ نه مڱڻي ٿئي، ۽
نه ان کان اڳ.
اهو به اڃا تائين ياد اٿم ته هڪ دفعي ڀاڀي بيچين
ٿي دادا وٽ آئي ۽ چيو هئائين؛ ”منهنجي نانئو هاڻ
ته ڪافي وڏي ٿي ويئي آهي، هينئر هن کي ڪيئن به ڪري
اڪلائڻ کپي“. ۽ دادا دل وٺندي چيو هوس؛ ”ان لاءِ
تون بيفڪر رهه. سٺو ڇوڪرو به ته ڏسڻو آهي! هٿ پير
ٻڌي، ڇوڪريءَ کي کوهه ۾ اڇلڻو ڪين آهي“.
ڀاڀي اونهو ساهه کڻي جواب ڏنو هو؛ ”سٺو خراب هن جي
نصيب ۾. اسان جو ڪم اسان سان آهي، ۽ ان کانپوءِ
ڀڳوان جي هٿ ۾“.
”اهو ته ٺيڪ آهي“، ۽ پوءِ دادا کيس ڪو جواب ڪين
ڏنو.
منهنجي اکين اڳيان ڄڻ هڪ پاڇو لنگهي ويو. ڀاڀيءَ
اهو ڏٺو يا نه، باقي هڪ اونهو ساهه کڻي پنهنجي ڪم
سان هلي ويئي_شايد دل ۾ سوچيندي هجي؛ ”جيرو جلدي
ڪم ٿي سگهي اوترو بهتر“.
مون ته سمجهيو ٿي ته ڀاڀيءَ وٽ ”بهتري“ ۽
”نابهتريءَ“ ۾ ڄڻ ڪو فرق ئي ڪين هو. هن لاءِ
نابهتري به بهتري ۾ سمائجي ٿي ويئي، ڪيئن به هجي،
هنن جو ته ڪم هو صرف منهنجي شاديءَ سان_ ڇو ته مان
هينئر تمام وڏي ٿي ويئي هيس، ۽ مائٽن جي مٿان هڪ
ٻوجهه بنجي پيئي هيس.
ڳالهيون ڪجهه وقت لاءِ بند هيون، پر چڻنگ وري
اوچتو ئي اوچتو دکي اٿي.
”گهر سٺو آهي، ڇوڪرو به لائق آهي_ گريجوئيٽ آهي.
آفيسري عهدو اٿس، ٻه اڍائي سو ڪمائي ٿو، نانڪيءَ
ماءُ! تنهنجي نانئو تمام سکي رهندي“.
”گرو مهراج شل سدائين سکي رکيس، سهاڳ جا سک پيئي
ماڻي، پر ڇوڪري جي آڪهه وغيره....؟“
”آڪهه اها ئي اٿس جتي اسان جي ”هيتي“ اڳ ئي پيل
آهي. ڇوڪرو تمام فهميدو ۽ آدرشي آهي. نانءُ روشن
به واهه جو اٿس! ڇوڪرو پاڻ ليکڪ آهي.“
”ڀلا ڏيتي ليتي... ڪجهه ڏيڻو وٺڻو؟“
”ان جي تون ڪا به چنتا نه ڪر. ڇوڪرو ڏيتي ليتيءَ ۾
اعتبار رکندڙ ڪينهي.“
اهڙي نموني ڪي نه ڪي ڳالهيون پيئون نڪرنديون هيون.
مون کي انهيءَ باري ۾ ڪجهه به ٻڌايو نه پئي ويو.
منهنجي ذهن ۾ ته صرف ”ڇوڪرو فهميدو آهي، ڇوڪرو
آدرشي آهي، جا لفظ پيا وڄندا هئا. ائين ئي، روز
روز جون نيون تصويرون منهنجي دماغ ۾ اينديون هيون،
۽ نت نيون الجهنون پيدا ٿينديون هيون. منهنجو من
اڇلي اٿندو هو. منهنجي خيال ۾ وقتي ڪيڪڙاڪ به
ٿيندا هئا. پر هڪ آٿت مون کي سدائين ملندي هئي_
”آڪهه اها اٿس جتي اسانجي هيتي اڳ ئي پيل آهي“...
۽ هيتيءَ جو خيال ايندي ئي منهنجي ذهن ۾ سندس
خوشيءَ، سک ۽ سهاڳ جي تصوير اڀري آئي_”راڻين وانگر
راڄ ٿي ڪري هيتي!“ هيتي گهر جو نڪ بڻجي ويٺي هئي.
هيتي ۽ مولو، مولو ۽ هيتي_هڪ خوش باش زندگي، جنهن
۾ شراب واري مدهوشي ۽ عطر کان وڌ خوشبوءِ هئي. ”پر
هيتي هيتي آهي، ۽ مان....؟“
تان جو مائٽن منهنجو مڱڻو ڪري ڇڏيو. زندگيءَ جو هڪ
باب پورو ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيو، ائين ته زندگ تمام
اٿاهه آهي، ۽ زندگي ۾ ڪيئن باب پيا ايندا ۽ ويندا،
پر هن بابت شروع ٿيڻ سان مان به پاڻ کي پنهنجي گهر
مان ڪڍي هڪ پرائي گهر ۾ داخل ڪري رهي هيس، ۽
انهيءَ پراڻي گهر کي ئي هينئر پنهنجو سمجهڻو
هوم_هڪ نئين فضا، هڪ نئون ماحول، ۽ ان وڌيڪ هڪ
نئون جيون. انهيءَ نئين جيون جي مشابهت هڪ نئين
اداڪار جي پهريون دفعو پڙدي تي اچڻ جيان هئي، جو
انهيءَ فضا ۽ ماحول کي پنهنجو ڪري وڃي، ته اڳتي به
سولائيءَ سان وڌي وڃي، نه ته.... ۽ ”نه ته“ مون کي
هر وقت ڏڪائي ٿي ڇڏيو!
دادا جي ڪيتري وقت کان طبيعت نٿي رهي. حقي موڪل تي
هينئر ڪيترن مهينن کان گهر ۾ آهي، دادا جو سڀاءُ
به وچتر آهي. جي غصي ۾ اچي ويندو، ته اسين گهر جا
سڀئي ڀاتي صبر سان پيا کيس ٻڌندا آهيون؛ پر جي
انند ۾ آهي، ته اسان سان گڏ ويهي اسان کي پنهنجائپ
ڏيندو آهي ۽ اسان جو هر انگل سهندو آهي.
”ڌيءُ!“ دادا مون کي سڏيو.
”دادا، چئو“
”مون پنهنجو اڌ فرض پورو ڪيو، ۽ باقي به پورو
ڪندس. تنهنجي مٿان هينئکر نه صرف فرض جا ٻوجهه
وڌم، پر ان سان گڏ جوابداري ۽ گرهست جي جيون جو
بار پڻ.“
”جيءَ...“ مون ڀڻڪيو.
ساري جيون ۾ دادا جي مون کي اها پهرين صلاح هئي.
مون ڪجهه وقت سوچيو_ “فرض، جوابداري ۽ گرهست!“ ۽
هنن سڀني جي خيال ۾ مان هاڻي ڇوڪريءَ مان بدلجي
استري بڻجي چڪي هيس؛ ۽ منهنجي اڳيان هو فهميدو،
آدرشي ۽ ليکڪ، ”ڇوڪرو“!_” پر ليکڪن جي ته دنيا ئي
پنهنجي هوندي آهي! ليکڪ جيسين ڪنوارو هوندو ته
پنهنجي فن کي پنهنجي پستني پيو سمجهندو؛ ۽
پوءِ......پوءِ ته ڪڏهن حد درجي احساسي بنجي ائين
به چوندو:” تون ئي ته منهنجي ڪويتا آهين!“ انهيءَ
ڪري ئي ته ليکڪ نه رڳو سٺو ڪلاڪار ٿي سگهندو آهي،
پر سٺو پتي پڻ.“
رات ڏينهن منهنجي دماغ ۾ صرف هن جي خيال پيا ڦرندا
هئا؛ ”مون ته کيس اڃا ڏٺو به ڪينهي_رنگ ڪهڙو اٿس،
روش ڪيئن اٿس، ڊول ۽ چال ڪيئن اٿس: گنڀير آهي يا
خوشمزاج؟...... ڪيئن به هجي، پر مون کي ته پاڻ کي
هن جي ئي طبيعت ۽ خيالن تي هيرائڻوآهي نه!“
منهنجي مڱڻي کي مهينو گذريو ويو.
هڪ ڏينهن، چندر آفيس مان موٽندي مون کي هڪ لفافو
هٿ ۾ ڏنو. لفافي جي ڪنڊ تي ”هن“ جو نالو لکيل هو!
منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا. مان پنهنجين نبضن تان قبضو
وڃائي ويٺيس. ڪرسيءَ جو سهارو وٺي، مون لفافو کولي
چٺي پڙهي. لکيو هئائين:
”زندگي ءَ جي بار بار ڌڪن کائڻ کان هينئکر هڪ
سهارو ملي ويو_ مون کي به ۽ توکي به، گاڏي کي
هينئر ٻيئي ڦيٿا مليا. هينئر گاڏي پيئي هلندي...
اڳتي اڳتي_ پنهنجيءَ منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ.
جيون هڪ نئون رخ بدلايو آهي. امنگن ۽ جذبن کي به
هڪ قسم جي آٿت ملي آهي.....“
اڃا به گهڻو ڪجهه لکيو هئائين. رڳي هئي ڪويتا ۽
فيلسوفي. ڪجهه سمجهه ۾ايم ٿي ۽ ڪجه نه....” ليڪن
مان ان جو کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟“ انهيءَ ”ڪهڙو“ اکر
تي سوچيندي،منهنجي دماغ تي هلڪڙا هٿوڙا لڳڻ شروع
ٿي ويا. ڪجهه به منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو. سمجهڻ ۽
نه سمجهڻ جو ويچار ڪندي، ”فرض“ ۽ ”جوابداري“
منهنجي اڳيان کڙا ٿي ويا، پورو هڪ هفتو سوچيندي
سوچيندي مون آخر لکيو؛
” جواب ڏئي رهي آهيان؛ پر هٿ پيا ڏڪنم. هٿ ڇو ٿا
ڏڪن، اها خبر مون کي به ڪانه ٿي پوي،. شايد چٺي
پهرين آهي، ۽ اها به توهان ڏانهن!“.... ۽ ٻيو به
گهڻو ئي ڪجهه لکيم، چٺي پوري ڪندي اهو به لکي
ڇڏيم: ”خبر ڪانه ٿي پويم ته پا لکيو اٿم ۽ ڇا لکڻ
چاهيم ٿي!“
۽ پوءِ هن جيڪوجواب موڪليو، ان ۾ وڌيڪ پنهنجائپ
هئي_وڌيڪ ڄاڻ سڃاڻ جون ڳالهيون هيون. هن دفعي وٺي
جهنم ۽ بهشت جو ذڪر ڇيڙيو هئائين، محبت، جذبات ۽
حساس تي به ڇيڙ پاڙ ڪئي هئائين، سندس خط، خط نه پر
هڪ قسم جو مضمون بنجي پيو هو. موٽ ۾ چيم:
”مان ته هاڻ چاهيندي آهيان ته رڳو توهان جي چٺي
پڙهندي رهان، ۽ توهان کي جواب ڏيندي رهان. پر
توهان ته ٿيا ليکڪ! ڪاش، مان به ليکڪا هجان ها!
وڏي چٺي لکڻ چاهيان ٿي، پر لکي نٿي سگهان،....“
انهيءِ ”ڪاش“ جي احساس سان گڏو گڏ مون کي سندس
فوٽو ڏسڻ جي به چاهنا ٿي_کيس لکيم، ۽ هتي اچڻ لاءِ
نينڍ به ڏنيم.
جواب ۾ نه رڳو هن فوٽو موڪلي ڏنو، پر ان سان گڏ
پنهنجو مٺو مٺو پيار به. مان خود به خود پاڻ کي
هن ڏانهن ڇڪجندي نحسوس ڪرڻ لڳيس، مون کي هن جي
جيون ۾ هاڻ خوشمزاجي، وپيار ۽ هڪ نئين قسم جي
امبرت جو سواد اچڻ لڳو. مان اهو امريت پيئندي
رهيس_ دل ئي دل نه پئي ڍاپيم! منهنجا اڳ وارا خيال
هينئر ڦري نئون روپ وٺڻ لڳا. هن جي مدهوش ڪندڙ
لفظن منهنجي جسم ۾ هڪ مٺي مٺي ڪنڪتائي پيدا ٿي
ڪئي. ڪيترو ڪيترو وقت مان پاڻ کي هن جي خيالن
۾وڃائي وهندي هيس. اتر ڏنيم؛
”لکڻ ته گهڻو ئي چاهيندي آهيان، پر الائي ڇو هٿ
پيو هٻڪندو اٿم! لکڻ جي طاقت حال ته گهٽ آهي؛ پوءِ
شايد وڌي، ۽ آهستي آهستي شايد اها هٻڪ به دور ٿي
وڃي...“ ۽ پوءِ گهڻو ئي لکيم،. اهو به درج ڪيم؛
”الائي ڇو، چٺي بند ڪر تي دل ئي نٿي ٿئيم!“
چٺين ۾ ئي مام هن جي تمام ويجهو اچي چڪي هيس.
هينئر منهنجي دل ۾ نه ڪو ارمان باقي رهيو هو، ۽
نه الجهن. سڀ جو سڀ هڪ ئي کن ۾ فرار ٿي ويا هئا_
نه معلوم ڪيڏانهن. تڏهن چيم؛ ”هر وقت توهان لاءِ
پيئي ٿي سوچيان_ ۽ سوچيندي سوچيندي توهان کي پيار
ڪرڻ به شروع ڪيو اٿم! پيار ڇو ٿي ڪريان_ اها ڪا
خبرڪانه اٿم، پر اهو سو ڄاڻان ٿي ته مان پيار ان
کي ٿي ڪريان، جو منهنجو ئي ساٿي آهي“.
نه معلوم ڇو، هڪ ازغيبي ڇڪ مون کي اهو سڀ ڪجهه لکڻ
لاءِ مجبور ڪندي هئي. منهنجي ويچارن ۾ هڪ هلڪي
هلڪي ڪشمڪشا هلندي ٿي رهي، جنهن ۾ مون ڪيترائي
دفعا هن کي ڏٺو هو. جاڳندي ۽ خواب ۾، پنهنجي جيون
جي تار کي هن جي زندگيءَ جي سرود تي تاڻي، ڪيترائي
دفعا محبت جا نغما الاپيا هيم. ائين ڪرڻ ۾مون کي
هڪ قسم جي راحت ايندي هئي، مان ساري دنيا وساري
صرف هن کي ئي ياد ڪندي رهيس.
هوريان هوريان منهنجي دماغ تي هڪ عجيب نشو ڇانئجي
رهيو هو. هونئن جو پاڻ کي تمام خود مختيار سمجهندي
هيس، سو پوءِ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي
زبردست ۽ ان جي آڌار تي هلندڙ محسوس ڪرڻ لڳس_
منهنجي حياتي ه ته هن جي هٿ_وس هئي! انهيءَ عجيب
احساس منهنجي دل جي هر هڪ تار پنهنجي ليکي مٺا،
رسيلا ۽ انوکا گيت ڳائيندي ٿي رهي. مان هينئر صرف
ائين چاهيندي هيس ته جلد جلد هن کان خط ايندا رهن،
مان پڙهندي رهان ۽ جواب ڏيندي رهان! منهنجي اهڙي
عجيب نموني جي تمنا روز بروز منهنجي اڌمن ۽
ارمانن کي ڇيڙيندي ٿي رهي، ۽ مون کي انهيءَ ڇيڙ
ڇاڙ ۾ به عجيب رس اچڻ لڳو هو.
پورا ٻه هفتا ٿي ويا... هن وٽان ڪو جواب ئي ڪونه
آيو_نه معلوم ڇو. منهنجي هينئن تي چنتا جا ڪوٽ ڪري
پيا. هن جي خط نه اچڻ، منهنجي انتظاريءَ جي رفتار
کي ايتريءَ حد تائين وڌائي ڇڏيو، جو مون لاءِ
ڏينهن ۽ رات جي وچ ۾ ڪو ويڇو ئي ڪونه رهيو هو. شام
جو جڏهن چندر آفيس مان موٽندو هو ته مان هن کان خط
بابت ضرور پڇندي هيس_ ۽ جڏهن هو ”نه“ چوندو هو....
ته هڪ ٿڌي ساهه کڻڻ کانسواءِ مان ڪري ئي ڇا ٿي
سگهيس! ۽ پوءِ رات جو دير دير تائين مانهن کي جواب
ڏيڻ لاءِ خيالي آزيون نيزاريون پيئي ڪندي هيس، هن
کي مڃائيندي هيس.
جڏهن دماغ سوچي سوچي ٿڪجي پيو، ته کيس لکيم:
”مونکي به ته دل آهي_هڪ عورت جي نفيس ۽ نازڪ
دل...! ڪاش! ڀڳوان مون کي به توهان جهڙي دل ڏئي
ها... پر هن وقت منهنجي دل اهڙي ته ڀريلآهي، جون
لکان به پيئي، ته رئان به پيئي، سچ ته مرد ڪيترا
نه سخت_دل ٿين ٿا! الائي ڀڳوان انهن جي دل به ڪيئن
ٺاهي آهي؟“ کيس مڃائڻ جي خيال کان لکيم:” منهنجي
دل، دماغ ۽ احساس تي قبضو ڪري، هاڻ هيئن سن ئي سن
۾ گذارڻ مان ڪهڙو سود سواد! منهنجي دل ۾ آشائون
آهن، اميدون آهن....“ خير_پر جڏهن دادا سوال ڪندو
هو، ”ڇا ڪا چٺي ڪانه آئي اٿئي ڇا؟“ تڏهين جواب
ڏيندي هيس، ”ضرور ڪنهن ضروري ڪم ۾ هوندا“_ ۽ ائين
چوندي، منهنجي دل ۾ نه معلوم الائي ڇا ٿيڻ شروع
ٿيندو هو!
۽ پوءِ جڏهن هن جي چٺي آيم، ته مان گد_گد ٿيڻ جي
بجاءِ الٽو فڪرات ۾ اچي ويس. لکيو هيائين:” عورت
پرولي ٿيندي آهي؛ پر تون پرولي بڻجڻ جي هٿرادو
ڪوشش نه ڪندي ڪر.....!“ ”ڀلا مون هن جي اڳيان ڪا
ڇپي رکي به آهي ڇا؟ جڏهن پنهنجيءَ دل جو ڪتاب
کولي، کيس هڪ هڪ ورق ويهي ڏيکاريو اٿم، تڏهن به هن
ائين ڇو لکيو؟ ڇا مان سندس انهيءَ لکڻ جي نوع کي
شاعري سمجهان يا ليکڪ جي خوشمزاجي؟ ڪي به هجي،
ليکڪ اهڙا ڪٺور_دل ڪين ٿيندا آهن. جيڪي دنيا جي هر
ڳالهه کي سمجهي ٿا سگهن، ڇا عورت جي دل کي سمجهي
نه سگهندا هوندا؟“ جڏهن سوچي ٿڪيس، تڏهن لکيم:
”توهان جي چٺيءَ مون کي سنڀالي قدم کڻڻ لاءِ ڄڻ ته
چهنڊڙي پاتي. نه معلوم توهان مون کي اهڙو ڇو سمجهي
رکيو آهي_ ۽ جيڪي ڪجهه لکيو اٿو، مون کي ته سمجهه
۾ ئي ڪين ٿو اچي....“
ترت جواب ڏنائين:” نيلو! مان پهرين تنهنجو
جيون_ساٿي، پوءِ ليکڪ، ۽ پوءِ ئي آفيسر آهيان. مون
زندگي کي تمام باريڪ بينيءَ سان ڏٺو ۽ جاچيو آهي.
مان محسوس ڪريان ٿو ته تون هڪ نئين فضا ۾ اچي رهي
آهين_ ۽ اهو به صرف منهنجي ئي آڌار تي _انهيءَ ڪري
ئي ته مون کي پنهنجي رت جي هر هڪ قطري ۾ تولاءِ
پيار آهي، حب آهي!“
منهنجي الجهن هينئر مون کان سو ڪوهه پري هٽي
ويئي.پنهنجي مرادن جي منزل جو روشن_گهر هينئر صاف
چٽو نظر اچي ويم. مان هاڻي سوچي سمجهي سگهيس ٿي ته
منهنجو آئيندو به سنئون ۽ صاف آهي، جتي ڪابه لس
ليٽ ٿي ڪانه ٿٻي سگهي، مون کان هينئر ٻيا سڀ وسرڻ
لڳا. مان هن کي پيار ڪرڻو لڳيس_ گهڻو، تمام گهڻو.
دادا چوندو آهي، ”اڃا ته ڏٺو به ڪين اٿيئي ته به
ايترو موهه!“_تڏهن دل ۾ چوندي آهيان: ” ڏٺو ڪين
اٿم، هر وقت منهنجي دل ۾ ئي ته آهي!“
مون هينئر کيس ڪافي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ۽
محسوس ڪري سگهان ٿي ته ”هو“ مون کي ڪيترو نه پيار
ٿو ڪري ۽ مان......
مان ڊوڙي دادا جي ڪمري ۾ لنگهي ويس. دادا ليٽيو
پيو هو. مون کي اندر ايندو ڏسي سڏ ڪيائين_
”نانئو!“
”جيءُ.....“ مون ادب سان جواب ڏنو.
”چئه نانئو........“
منهنجو پيار هينئر ڇلڪي آيو، ۽ انهيءَ پيار ڀرئي
لحضي ۾ چيم، ”دادا........ هو ديوتا آهي!
هو.......... هو...............“ ۽ وڌيڪ وڌيڪ ڪجهه
به چئي نه سگهيس.
دادا منهنجي ڳل تي هلڪي ٿڦڪي هنئي ۽ ممتا وچئون هن
جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا..... ۽ مون جڏهن انهن
ڳوڙهن کي اگهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته روڪي چيائين:
”منهنجي خوشيءَ کي نه هٽاءِ؛ ايشور توکي سکي رکي،
ڌيءُ، جو زندگي جا گهڻا گهڻا سک ماڻين!“
غلام رباني
”الا جهري ۾ شال غريبن جي جهوپڙي....!“
ڇٽي خان جو ڳوٺ صدين کان انهيءَ ٽڪري جي دامن ۾
آباد هو، جنهن جي ڇيڙي تي نئون ٻڌل شهر، سٺي
بندرگاهه ۽ ملڪ جي گادي ٿيڻ سبب، روز بروز وڌندو
ويجهندو، چوطرف پکڙبو پئي ويو. ڳوٺ ڇا هو_بس
چاليهارو کن ڪکاين جهوپڙين جو هڪ ويڙهو هو.
سموريون جهوپڙيون هڪ ئي رنگ ڍنگ تي ٺهيل هيون:
ٽڪنڊن، چوڪنڊن ۽ گول مول پٿرن جون آسيريون ۽
ٽيڏيون ڀتيون، جن جي سوراخن ۽ ڳڙکن مان، هوا جي
جهويل سان، نه رڳو مٽي پر ڪک، پن به آرپار ايندا
ويندا هئا. ڇتيون سڀني کي ڪکايون هيون_ کجيءَ جا
اڻ_گهڙيا ۽ اڻ_وڍيا ڦرها، ڪامن ۽ پٽين جي جاءِ تي
رکيل هئا، مٿانئن وري سڪل پن پکڙيل هئا، سڄي ڳوٺ ۾
فقط هڪ جاءِ هئي، جنهن کي ٽين جي ڇت پيل هئي؛
نه رڳو ٽين جي ڇت، پر ان جي ڀتين کي پوچي پڻ ڪيل
هئي_ اها هئي ڳوٺ جي مسجد.
سو، انهن ڪکائن اجهن هيٺ ”ڇٽي خان“ جا رهاڪو
پنهنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا. سندن ابا، ڏاڏا ۽
تن جا ابا ڏاڏا به، انهن ئي ڪکن ۾ پنهنجا ڏينهڙا
گهاري ويا.
هونئن ته قديم زماني کان وٺي، ڇٽي خان جي رهاڪن جو
گذر سفر مڇي مارڻ تي ٿيندو هو، پر جڏ هانڪر ڀر ۾
نئون شهر اڏيو هو، ته ڪي جوان شهر ۾ وڃي محنت
مزوري ڪندا هئا؛ ڪن ته بيل_گاڏيون ۽ گڏهه_گاڏيون
به خريد ڪيون هيون، جن تي هو بار ڍوئيندا هئا.
جوان مڙس پرهه ڦٽيءَ سان پورهئي پٺيان ويندا هئا،
باقي رهندا هئا ٻڍا، ٻار ۽ زالون.
پوڙها، صبح مرداني سان وڃي مسجد جو در وٺندا هئا.
علو ٻانگي جي عادت هئي ته اسر ڏيئي اٿندو هو، ۽
اڃا اڀ تان تارا مٽيا ئي نه هوندا هئا، ته ٻانگ
ڏيئي ڇڏيندو هو. هڪ هڪ ٿي، نمازي گڏ ٿيندا هئا، ۽
نماز پڙهڻ ويل سڄو صحن ماڻهن سان ڀرجي ويندو هو.
نماز پڄاڻا، دور ۽ ذڪر جي هونگار ڏيڍ پهر ڏينهن
چڙهي اچڻ تائين جاري هوندي هئي_ ۽ پوءِ پوڙهن جي
محفل مچندي هئي حاجيءَ جي هٽ تي.
ٻارن لاءِ ته ڪا مشغولي مورڳائي ڪانه هئي_ ڏيڍ پهر
ڏينهن ننڊ مان اٿندا. اسڪول وغيره ته ڳوٺ ۾ هو ئي
ڪونه. ٻار سڄو ڏينهن گهٽين ۾ پيا ڦيريون پائيندا_
ابتيون سبتيون، بي معنيٰ، بي مطلب؛ يا وري ڦريو
گهريو اچي حاجيءَ جي هٽ تي پوڙهڻ جون رهاڻيون
ٻڌندا. بس علو ٻانگ ڪانڀ ڪڍي حاجيءَ جي هٽ تي
ويٺو، ٻارن جو مڪو متو_ڳاهٽ پيا ٿيندا،.
علو به کڻي گيگ هڻندو هو؛هڪڙيون لاهيندو ٻيو
چارهيندو. چي:”سائين، جوانيءَ ۾ اسان به ڪم ڪيا...
سانوڻيءَ جو درياهه اڪيلي سر اڪريو اٿم! ميرل
ماڇيءَ جي مينهن ٻڌجي ويئي، خبر پيم، پڳ جو ڀير
ڏيئي، چورن جو پيرو کنيم، واٽ تي وڃي پڳو مان.
اڪيلي سر، ستن جوانن سان، سر جي سٽ ڏيئي
منهن_مقابل ٿيس...نيٺ مينهن موٽائي آڻي ڪلي سان
ٻڌم!“
جوسو ڦل ته وري علوءَ کان به اتر گهرندو هو_ چي:
”سائين، ڪا ڳالهه آهي!.... هينئر پيري جهوري آهي،
نه ته جوانيءَ ۾ گهٽ اسان به ڪونه هئاسين!.... سان
اک اڙجي ويم. ست_ڪوهيءَ تي گهر هوس. آڌي ڏيئي
اٿندو هوس... راتو رات ست_ڪوهي اڪري، وڃي ساڻس
ملاقي ٿيندو هوس. روح_رهاڻ ڪري، کڻي جو کڙي ڪندو
هوس، ته ڪڪڙن دس ئي نه هنيا هوندا جو ڳوٺ اچي ٺهڪو
ڪندو هوس!.... صبح سان اهو ئي_همراهن گڏ، هر
پاڃاري ڪلهي تي!.... چئه ته رات سڄيءَ ۾ اک ئي ڪين
کلي هئم.....!“
ٻڍن جون اهي ٻٽاڪون ٻارن کي به نيٺ ٿڪائي وجهنديون
هيون. ڪر موڙي اٿندا، هت هت نوس نوس ڪندا، ور وڪڙ
هڻندا، وڃي وڏيءَ گهٽي جو ڇيڙو ڪندا_ ۽ پوءِ اتان
وري موٽ کائيندا، ۽ سڌو اچي حاجيءَ جي هٽ تي دم
پٽيندا.
رات ٿيندي، ته گهران رکو سکو ٽڪر هائي، ٽوليون ڪري
نڪرندا ۽ گهٽين ۾ واڪا ڪندا ويندا:
”اچو ٻارو! راند جو سارو...“
”ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو!، پني اچي پادر کائو...!“
۽ پوءِ سندن سڏ تي ٻار، ڪئن جيان ٻر مان نڪرندا،
کسڪندا ايندا... تان جو هو سڀ گڏ ٿي ويندا_ ۽
پوءِ ڳوٺ جي وڏي پڌر تي راند ڪندا. راند متي، ته
ڌوڙ اڏامندي! جنهن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي ڍڪجي ويندي.
”هو ٻلهاڙو!“ جي هوڪارن ۽ وانجهيءَ جي واڪن ۾
بازاري ڪتن جون ڀونڪون دٻجي وينديون. چنڊ ڌيري،
ڌيري وڌندو ايندو. رات پر پکڙيندي رندي... ۽ پوءِ
جڏهن ڪتيون ڪر موڙينديون، ۽ ٽيئي ٽيڙو آڀا ٿي
اڌ_آسمان تي ايندا، تڏهن سڀڪو سست ٿي پوندو ۽ تڪجي
ٻر جي گهر ورندو،. ڪن جي دل اڃان نه ڍانپي هوندي،
ته اهي وري موڙي ٻڌي، ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي
وهندا_
”سفيد ديو ۽ حسنا پري“ جا قصا ۽ ڪهاڻيون کڻندا،
پروليون ڏيندا، ۽ ڳجهارتون پيا ڏيندا وٺندا. هڪڙو
چوندو: ”شينهن کي نماز پڙهائي ڏي!“ ... ”نٿو
اچيئي؟ چڱو ترار کي پاڻي پياري ڏي....!“ ۽ ائين
واڪو ٿي ويندو.
لڪمڙ ڀڄي لڪڙ کڄي؛ لڪڙ ۾ لارو، پي چڙهيو تارو،
تاري هنيو منڊ، پي چڙهيو چنڊ؛ چنڊ ڪئي چانڊاڻ، پي
چڙهي ماڇاڻ، ماڇاڻ لڌا آنا، پي چڙهيا ڪانا؛ ڪانن
ڪئي هير، پي چڙهيا پنج پير، پنجن پيرن ڪئي گرڙي،
پي چڙهي ڪاڻي ڪرڙي: ڪاڻي ڪرڙيءَ ڏني پٺ، پي چڙهي
اٺ: اٺ کاڌي گوار، پي چڙهي ترار....!“
”ترار“ چوندو ۽ پڙاڏو پئجي ويندو؛ ”شابي ! شابي
گلڻ شابي!
چڙهي چيلهه ڀڳي اٿئيس!“
سو، ”ڇٽي خان“ جي رهاڪن جي حياتي اجهو ائين موج ۽
مزي،سک ۽ سانت سان پئي گذري_ بنهه سک سانت سان_اصل
انهيءَ ڍنڍ جيان، جنهن ۾ ڪڏهن ڪاوير ڪانه چڙهي،
سير ڪين اهڙهي! هميشه وانگر، صبح سان ساڳيو سونو
سج اوڀر کان اڀرندو هو، ۽لهڻ ويل چوڌاري سونن ڪرڻن
جي ورکا ڪندي، هوريان هوريان جهيڻو ٿيندو، اکين
اڳيان آڪاس جي نيري ساگر ۾ ٽٻي هڻي ويندو هو.... ۽
پوءِ رات جي راڻي پنهنجا ڪارا وار ڇوڙيندي هئي.
اها ئي رات، اهو ئي ڏينهن؛ اهو ئي چنڊ، اهي ئي
تارا؛ اهو ئي اڀ ۽ اها ئي ڌرتي.... ۽ ائين سال
لنگهي ويا،
ڀر ۾ ٻڌل نئون شهر هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان
جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.... ۽ ائين ئي، ٻن چئن
سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شهر جي گود ۾ اچي ويو.
وڏو شهر سڄيءَ ٽڪريءَ تي پکڙجي ويو، ٽڪريءَ جي چپي
چپي تي وڏا وڏا بنگلا اصل محلات ٺهي ويا، جن جي
سفيدي جڏهن اس ۾ چمڪندي هئيته ائين پيو لڳندو هو،
ڄڻ ڪو ڪنگن جو ولر، پر پکيڙي،ٽڪريءَ تي ٽڙي پکڙي
ويٺو آهي... ۽ ”ڇٽي خان“ جون اس ۽ مينهن ۾ ڪاراٽيل
ميرانجهڙيون جهوپڙيون، انهن ڪنگن مثل بنگلن جي
جهرمٽ ۾، جهرڪينجي جهڳٽي جيان لڳنديون هيون.
پر پوءَ... ڪنگن جي ڪانگيري ۾ جهرڪين جو جهرمٽ
ڪيستائين؟ _جهوپڙيءَ وارو، بنگلي ڌڻيءَ جو پاڙيسري
ڪو سونهي!
وڏن پيٽن ۾ وڪڙ پيو... هلنديءَ وارن حرفت هلائي...
۽ هڪ ڏينهن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ”ڇٽي خان“ جي
رهاڪن کي چتاءُ ڏيئي ويو ته ”اوهان کي لڏي وڃي
ڪنهن ٻئي هنڌ ويهڻ گهرجي، ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گهرجي_
اوهان جون جهوپڙيونج ”ڪالوني ۾ زيب زينت تي داغ
آهن.....!“
ڳوٺ ۾ ٻائيتال پئجي ويو. ٻار ٻڍا وائڙا ٿي ويا ته
هيءَ آپدا ڪٿان ۽ ڪيئن ڪڙڪي_
”اسين ته صدين کان اتي رهندا پيا اچون: هي ڪالهه
آيا.... اڄ اسان کي ٿا لڏائين_
ههڙو ڪو انڌير!“
”نه بابا، اباڻا ڪک اسان ڪونه ڇڏينداسون!“
”..... پر ڇڏيون به ڇو؟“
سڄو ڳوٺ اچي حاجيءَ جي هٽ تي گڏ ٿيو. آخر ڳالهه جو
اڳ پڇ جاچي، سڀني صلاح بهاري ته درخواست لکائي
ميونسپالٽيءَ جي وڏي صاحب کي ڏجي_ کيس سموري حقيقت
کان واقف ڪجي.
”ميونسپالٽيءَ جي وڏي صاحب، وٽ درخواست به پهتي.
صاحب ڳوٺاڻن کي چيو ته ”بابا مان ميونسپل ميمبرن
جي ميٽنگ ڪوٺايان ٿو_پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو“.
ڳوٺاڻا، صاحب کي ٻڌائي ويا ته ”فيصلو ٻيصلو
ڪونه.... ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي، ته ”اسان کان
اباڻا ڪک ائين ڇڏيا ڪونه ٿيندا!“
ميونسپل جي ميٽنگ گڏ ٿي، صدر صاحب ميمبرن اڳيان
درخواست پيش ڪندي چيو ته ”ڇٽي خان جي رهاڪن جو رخ
مٽيل آهي. اهڙو ڪو طريقو ڳولهي لهجي، جو دنگو فساد
به نه ٿئي ۽ ڳالهه جي ڳالهه به رهجي اچي.“
ميٽنگ ۾ خوب گرما گرم بحث ٿيو، ڪنهن ڪيئن ٿي
ڳالهايو، ڪنهن ڪيئن ٿي ڳالهايو ؛ پر سڀني جو رايو
اهو ئي هو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي_ ”انهيءَ ايراضي ۾
چار چڱيون جايون جڙي پونديون.... ماٺ ميٺ ۾ نه
مڃين ته ڪم ڪجي پوليس حوالي“
هڪڙي نوجوان ميمبر_ جنهن کي اڃان اهو تجربو نه هو
ته ميونسپل جو ڪم ڪيئن هلندو آهي، ۽ ڪالونين جي
زيب زينت ڪيئن وڌائبي آهي، ۽ وڏي ماڻهوءَ مان
تهائين وڏو ماڻهو ڪيئن ٿبو آهي_اها رٿ پيش ڪئي ته
”جيئن ته ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اصل مقصد نه آهي، پر اصل
مقصد اهو آهي ته ڪالونيءَ کي صاف ۽ سهڻو رکجي؛
تنهنڪري منهنجي رٿ آهي ته ”ميونسپل طرفان، انهن
سڀني جهوپڙين کي هٽائي، ساڳيءَ ئي ايراضي تي، نوان
ننڍڙا ۽ خوبصورت هڪ رنگا ڪوارٽر ٺهرايا وڃن، ۽
انهن ۾ ڳوٺاڻن کي آباد ڪيو وڃي“
نوجوان ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته سڀني کلي ڏنو_
”ماٺ ڪري ويهه، ماٺ ڪري ويهه....“
”وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد...“
”بابا، تون اڃان ٻار آهين...!“
”سکي ويندو... سکي ويندو....“
آخر متفق فيصلو اهو ٿيو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي.
هونئن نه لڏين ته ڪم پوليس جي حوالي ڪجي_ آخر
پوليس جو ڪم، بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي ته آهي!
ڇٽي خان جي ڳوٺ وارن کي فيصلي جي خبر پئي، ته
وسامي ويا. ”ههڙو ڪلور!“...هنن کي خواب خيال ۾ به
ڪونه هو. مڙس پڙ هڻي بيٺا ته ”ائين اباڻا ڪک اسين
به ڪونه ڇڏينداسين!“
۽ پوءِ ... هڪ ڏينهن صبوح جو سويل، جڏهن اڃان
حاجيءِ پنهنجي هٽ ۾ ٻهاري نه پاتي هئي، ۽ اڃا
ڇڻڪار به نه ڪيو هو؛ جڏهن اڃا عملو ٻانگي کي صبح
جي ٻانگ ڏني جهٽ به نه گذريو هو، ته ڳوٺ جي چئوطرف
غلغلو ۽ گڙگاٽ پئجي ويو... ننڍو وڏو اکيون مهڙي
جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو، گهٽين جي موڙ وٽ ٻارن ٻڍن
۽ زالن جي ميڙاڪا ٿي ويا، علو مسجد مان نماز پڙهئي
بنا تڪڙو تڪڙو ٻاهرنڪري آيو، حاجي هٽ جو در ٻيڪڙي
هليو آيو. جوسو به اکيون مهٽيندو اچي بيٺو....
ڳوٺ جي چو طرف هٿيار_بند پوليس بيٺي هئي، ٿورو
پرڀرو ”بلڊوزر“ ٽئڪٽر بيٺي دونهان ڪڍيا_سندس گڙ گڙ
جي آواز پکين ۽ پرندن جي به ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي؛
ويچارا ڦرڙاٽ ڪندا آکيرن مان اڏامندا، ڀڄندا پئي
ويا.
پوليس، ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو
پڙهي ٻڌايو_ ۽ پوءِ بالا عملدارن جا حڪم..... ۽
تنهن بعد ”بلوڊوزر“ کي اشارو ٿيو، بلڊوزر جي مشين
۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا، جهوپڙيون
ڏڪڻ لڳيون، ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا، عورتن اوڇنگارون
ڏنيون. ٻارن سڏڪا ڀريا، بلڊوزر اڳتي وڌيو_اڃا به
اڳتي وڌيو.... ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان
ٽڪريو... کر کڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي!
انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو_
۽ پوءِ بلڊوزر وري اڳتي وڌيو... بلڊوزر اڳتي وڌندو
رهيو، جهوپڙيون ڪرنديون رهيون.،... ۽ آخر بلڊوزر
اچي آخرين جاءِ وٽ پهتو.... سندس فولادي پيرن ۾ ڄڻ
ڏانوڻ پئجي ويا_اڳيان مسجد هئي! ڪنهن جاهلجي
جهوپڙي ڪانه هئي..... ڪنهن جهنگليءَ جو آکيرو ڪو
نه هو، جنهن ۾ مائن جي مرڪ ۽ معصومن جا ٽهڪ هجن_
اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي... پر بلڊوزر جا پير اڳتي
وڌي ڪونه سگهيا....!
۽ ڳچ ڳچ ڏينهن کانپوءِ.... ڇٽي خان جي ڳوٺ جي جاءِ
تي، ميرانجهڙين جهوپڙي بجاءِ وڏا وڏا بنگلا، املهه
محلات ڪر کنيو بيٺا هئا، حاجيءَ جي هٽ واري هنڌ تي
هاڻي سيٺ ”عبدالسلام“ جو بنگلو هو، جنهن جي ڀر ۾
بيٺل مسجد جا منارا چمڪي رهيا هئا_ سيٺ عبدالسلام
مسجد کي ٻه_ماڙ ڪري، نيئن سر ٺهرايو هو.
مصفطيٰ بهراڻي (سرائڪي)
تاري اجهام ڳئي
”کنئون!... کنئون!“ رحمون ڪنڌ هيٺ ڪيتي، ڏوهرين
مٺين پيٽ وچ ڏتي، آپڻيان ڦاڙيل مٻيليان سٻيليان
گودڙيان آتون ڪيتي، اونڌي منهن هجري وچ پيا ها. رک
رک دانهن پئي ڪيتس.
”الا.... مر ڳيس!“ ڇهان ڏينهان ڪنون، پاسي دي سور
آئون تپ اهندي ڪايا ئي ڪڍي پوڙي هائي.
”ٺپ.....ٺپ“ ٻاهران ڪنهن دي آوڻ دي ڪئو، بيمار
رحمون دي ڪن تي پئي، چنگهه ڪر، ڏيکڻ ڪاڻ پاسا
ولايس. هجري دي در تي مولبي صاحب کڙا ها_
رحمون مردي جهردي هولين پاسا ولايا، آکيس؛ ”مولبي
صائب! ڪيڌي وڃان! واسطائي رب دا، ميڏي حال تي رحم
ڪر! ڏون چار ڏينهن ڇوڙ، جيستائين ساهه ستڙا ٿيوان،
انهان حالان نال مئين ڀلا ڪتان وڃ مران! چل ڀي نسي
سگهدا. هڪ بيمار، ٻيا هٿون خالي.... مولبي صائب
رحم ڪر!“
”مئين ڪو تيڏا ٺيڪا چاتا ها؟ جتان وڻئي، اٿان وڃ
مر، پر اٿو ڪڍ ڪالا مٿا!“
”ڀلا.... او ميڏي امانتڙي؟ اها ڏيوو ها... ته جيڪر
وڃ ڪٿانهين ستي ڦڪي ڪراوان ها،“ رحمون سهڪدي سهڪدي
آکيا.
”آکيومين ته مل وئسي، ڪتي والدي ڀنڊي نه ٻڌ،....
بي امان ڪٿون دا!“
”سائين اڃا ته نهين ملدي...“
مئين آکيا، سور دا ڦل! انهين مهل دا انهين مهل اٿو
نڪل، نه ته ول جيوين سمجهدا پئين.....“ مولي ائين
آک ٻاهر نڪتا، ٿولا اڳتي وڃ ولا وليا_
”ها ڙي نمڪچور! مئين ڪو تيڏي، رول ڪتي وانگي آ،
ميڏي در تي ڪريا هاويه، بيشرم! ميڏي هٿ نه هو وني
ها، ته اڄ تائين هڏ هڏ رل وڃئي ها، تيڏا ڍونڍ ڪان
ڪتي کاون ها!
”واهه مولبي صائب، تيڏا انصاف! تئين آپ ئي ته آکيا
ها، ”ڦقير، سيالا هي.. مر نه وڃين!... رات ڪون آ
هجري وچ سمهدا ڪر“. اوين آک، رحمون ول ڀي هٿ ٻڌ
آکيا؛
”سائين الله ڪون ڏيک، مئين ڦقير نال ايوين....“
رحمون ديا اکين وچون لڙڪ ڪر پئي.
”بند ڪر وات! پليت دا ڦل، بيدين... رو پيا ڏکيندا
اي! چڱا ڄاڻين ته هڻ دا هڻ نڪل، نه ته....“
مولوي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندا لا حول پڙهندا ٻاهر
نڪتا، اکين ڳاڙهيان ٿي ڳيونس_
جهڙي ٽانڊي_ ڏيک چا ته ٻلن پيان ٻلن!
کٿابي ڊڪدي آئي.
”ڄلو ڇوري!“ مولوي کٿابيان ڪون هاها ڪيتي،
ٻال ڀڄ وڄڃ مسيت ڀيڙي ٿئي،. پڇون مولوي ڀي تکا تکا
مسيت وچ لنگهه پيا، محراب والي مصلي تي ٻهه، ڪنڌ
هيٺ ڪر سوچڻ لڳا، ٿولي دير ڪنون پڇي ڪڌ اتي چاتس_
”اسحاق، گهن وڃ انهان کٿابيان ڪون_ڏيکان سڀهين
ڪتلي ٽوئي انيند هئين! ڏيک، متان شيخان دي ڳوٺ نه
وڃين،. اڳلي دفعي ته ڪتيان دا بهانا ڪيتا هاوي، هڻ
ڏيکان ته ڪهڙا بهانا ڪريندئين؟ هئين نه مکڻان مائي
دا پٽ!“ مولوي مرڪدي آکيا.
ڇوڪرن خوش خوش ٿي، کلدي، مسيت ڪنون نڪل رواني ٿئي.
پر مولوي ڪون اوچتي ڪا ڳالهه ياد آڳئي؛”الو! ڇورا
ڀڄ، وڃ اسحاق ڪو ولا آ!“ الو سٿڻ چا ڪنجي، آئون
رکيس پيران تي زور، سو اک_ڇنڀ وچ اسحاق ڪون آ پڳا.
ساڳيان پيران تي ڏونهين رڦدي رڦدي آ مولوي ڪني
حاضر ٿئي.
”جانو! نور نامي وچون تعويذ ڪڍ گهن.“
جانو ڪٻٽ کول تعويذ چا آيا. مولوي، اسحاق ڪو
پراڀرانين ڪجهه هولي هولي سمجهايا. سچ لهه ڳيا. |