غزل
”تنوير“ عباسي
تارون اگر ٿيون سازن جون ساڻيون،
مون پنهنجي تن جون تندون ئي تاڻيون.
هڪڙي ئي سج کي روشن ڪرڻ لئه،
تان جون ڪيئي شمعون وساڻيون.
چپ چاپ ويٺي هڪ ٻئي کي ڏسندي،
ائين ڀي ٿيون ٿي پنهنجون رهاڻيون.
اهڙيون گهڙيون هڪ ساعت نه ترسيون،
جي وقت جي پر تي ٿي اڏاڻيون.
هي نينهن هر دم نئون ٿيندو رهندو،
جي ياد اينديون ڳالهيون پراڻيون.
جن کي ٻڌڻ سان شرمائجي وئين،
نادان هيون سي تنهنجون ڪهاڻيون.
ڪرڻن جي تيرن جي وچ ۾ رهندي،
گلڙن بهارون مرڪي ٿي ماڻيون.
تن جي تندن کي جيڪو تپائي،
”تنوير“ اهڙو ڪو ساز آڻيون.
شيخ”اياز“
هلي آ ته اڄ وقت جي واڳ موڙيون،
طلسم، شب و روز کي آ ته ٽوڙيون!
ڪريون موت کي مات دار، فنا ۾،
مسيحا_نفس ٿي جڏا جيءَ جوڙيون!
رهي تا ابد عنبر افشان زمانو،
گهڙيءَ لاءِ جي روح پنهنجو نپوڙيو!
ڏٺي آ فقط تو فقيرن جي مستي،
هماليه جي هستي، اگر پير کوڙيون!
”اياز“ انقلابات جي شور و شر ۾،
وري ٿا ازل جي اصولن کي جوڙيون!
هري درياني ”دلگير“
هئي اميد، ڪي روشن دماغ پسنداسين،
خبر هئي نه، ته چٻرا ۽ زاغ پسنداسين!
خيال هو، ڪندو دلبر جو رخ شڪي سج کي،
مگر نه ڪوڙهه جا هنن داغ داغ پسنداسين.
هئي نه ڪل ته ٿبو دربدر ۽ خاڪ بسر،
اسان ته سمجهو ته فرحت فراغ پسنداسين.
ڇڀن ٿا خار ۽ بر ۾ سڪي ٿو ساهه هنئر،
هئي اميد ته جنت جا باغ پسنداسين.
اسان جي ليکي، نئون گهر اسان جو ڀي ٿيندو،
پٺيان نه پنهنجي سپاهي سراغ پسنداسين.
ڏيئو نه، تيل نه، تيلي نه، وٽ نه_اوندهه آهه،
اسان جو خواب هو، چوڌر چراغ پسنداسين!
”بشير“ مورياڻي
هاڻي پراڻو ٿي چڪو تقدير جو آ راڳ،
ڪم تي رکي مدار ٿو هر آدميءَ جو ڀاڳ.
پرڀات سان، يا ماڪ سان، گل سان، بهار سان،
ڪنهن کي خبر ته آس جو آ ڪهڙي شي سان لاڳ!
ڪو گل ٽڙي ٿو مس ته خزان ٿي مٿان اچي،
ڪو عمر ڀر بهار ۾، هر ڪنهن جو پنهنجو ڀاڳ.
اهڙو به وقت هو جو دلين ۾ خوشي هئي،
يا هيءُ وقت آ جو الاپي ٿو ڏک جو راڳ.
ڪومائجڻ گلن جو آ، معمولي چيز، پر
هڪ گل هو جو بهار کي ڏيئي ويو ڏهاڳ.
انسان قتل و جنگ جي تجويز ۾ آ محو،
انسانيت الاپي ٿي مظلوميت جو راڳ.
ٿي ختم ٿئي ته ڪڪر ٿا مڙي اچن،
لٽجي پيو”بشير“ پرهه جو اڃا سهاڳ!
شيخ عبدالحليم ”جوش“
دل تمنا کان تهي دامان هجي_
منهنجي دل ۾ بس اهو ارمان هجي.
آهي اهڙي زندگي مرگ، حيات،
زندگي ۽ بي سرو سامان هجي!
لڙڪ اکين ۾ هجن ۽دل ۾ آه،
مان هجان، دريا هجي، طوفان هجي.
ڪير ٻڌندو داستان، اشڪ و آه،
دل جو غم دل ۾ ڀلي پنهان هجي.
چاره گر بيچاره جو ڪهڙو قصور،
موت جڏهين درد جو درمان هجي!
هاءِ تنهن مجنون جو معيار، جنون،
خانه_ويرانيءَ تي جو نازان هجي!
دل ۾ پيدا ٿيندي وسعت پر اي ”جوش“،
شرط هي آهي ته دل ويران هجي.
شمشير الحيدري
پيار پروڙڻ جي گت ڏيئي،
وره وڏي همراهي ڪيئي!
لوڀ مٿي ئي آپجن آسرن،
جڳ جا ناتا نينهن مڙيئي!
تون ئي ته منهنجي منزل تاهين،
اکيون ڳولن ٿيون توکي ئي!
پنهنجي دل تي هٿ رکجاءِ،
جڏهين منهنجي ياد اچيئي!
مستيءَ جو ڇا محشر ٿيندو،
عمر ته پوري ٿي پئندي ئي!
فڪر ۽ نغما ماٺ مري ويا،
ڪم ۽ چم و ڪجن پيا ٻيئي!
سک سمهڻ ”شمشير“ اڃا ڪٿ،
ڏک جي ڏائڻ جاڳي پيئي!
سڳن آهوجا
هستيءَ کي بار سمجهي ڍوئبو آهه،
پاڻ کان پاڻ پيو ڏکوئبو آهه!
ايڏو دل غم سهي سهي ٿي سخت،
جو ڪڏهن خود رئڻ کي روئبو آهه!
مان به شايد ڪا گار ڏيئي سگهان،
گند پر گند سان نه ڌوئبو آهه!
پنهنجا منهنجي نظر ۾ جئن نه ڪرن،
ڏوهه تن جا، ۽ خود کي لوئبو آهه!
هاءِ، هڪ عرصي جي نراسائي،
ڪنهن جي آٿت ڏيڻ تي روئبو آهه!
حافظ شاهه ”حافظ“ حسيني
محبت منهنجي توکي پڪاري،
جدائي جانبا مون کي ٿي ماري.
ونگي وارن ۾ ويچاري وڌو تو،
دکي دل دلربا پل ۾ ڌتاري.
اکين آرام البيلا ڪٿي آ،
ٿڪيون هر روز جي راهون نهاري!
وڌا تو آسمان ڪئين بار مون تي،
لڇڻ ڦٿڪڻ ٻيا سڀ سور ساري.
اندر مان آه ڪا ڪڏهين به نڪتي،
قسم آ مون ڇڏيو توکي نه ڏاري!
شراب، وصل جو آهيان پياسي،
پرين من مون کي پرچي سو پياري.
نه ڪڏهين تو پڇيو ڪو حال منهنجو،
هي گهايل ڪئن ٿو گهڙيون هت گذاري.
سدا ”حافظ“ وفا تو سان ڪئي پر،
هنجون تنهنجي جفا کان هو ٿو هاري.
رباعيون
موتي پرڪاش
1
اڳ هن جي اچڻ کان ٿي چيم ”يار کپي“،
آيو ته چيم ” هن جو فقط پيار کپي“؛
هاڻي ٿو ستائيم غم ته “هو ويندو“،
دل کي ڇا تڏهن هن جو انتظار کپي؟
2
محفل ۾ اچي توکي پڪاريان ويٺو،
جنهن سان ٿو ڪرين لاڏ وساريان ويٺو؛
مون تي جي کلي لوڪ کلڻ ڏينس مگر_
مان تنهنجي کلڻ لاءِ نهاريان ويٺو!
3
هيءَ رات سڄڻ پاڻ ملهائي ويندي،
جيون ۾ نئون رنگ لڳائي ويندي؛
هي وصل ته مون لاءِ وصل آ مگر،
هيءَ رات سندس پياس وڌائي ويندي.
4
هر روز نئين مون لي شڪايت به ڪندين،
ڪنهن مهل اچي ڪائي هدايت به ڪندين؛
پنهنجن سان اهو سڀ ته روا آهه مگر،
پنهنجن سان ڪڏهن ڀلجي عنايت به ڪندين.
5
هوءَ تنهنجي آ ديوار تي تصوير پريان،
ڳوڙهن کي وهائي مان هتي جهول ڀريان؛
اکين ۽ چپن کي ٿو ڏسان جيئن تنهنجي،
لڙڪن کي لڪائڻ جي مان ڪوشش ٿو ڪريان.
6
اي عشق، تو آ ڪن کي عقيدت بخشي،
ڪن کي تو ڏنو لطف، فضيلت بخشي؛
پر توئي سندم دل کي ڪري موم، مون کي
انسان کي چاهڻ جي طبيعت بخشي.
هري درياني ”دلگير“
ننڊا کڙو شاعر
شاعر، تون اڃان ڪرين ٿو آڪاسي سفر،
سج، چنڊ ۽ انڊلٺ ۾ آٿي شوق نظر؛
ڌرتيءَ تان جڏهن ديد هٽائي تو ڇڏي،
لٽجي ويو افسوس تڏهن تنهنجو گهر!
يادگيريون
سي گل نه، چمن جا سي نظارا نه رهيا،
راتيون نه اهي، چنڊ ستارا نه رهيا؛
ڪنهن ساڻ ونڊيون قرب ۽ ڪنهن لاءِ جيئون،
سي لعل لڏڻ، جيءَ جا جيارا نه رهيا!
جواني
ٻاراڻي وهي ويئي، ۽ جوڀن مشڪيو،
رڳ رڳ ۾ نوان امنگ، تن ۾ن تڙڦيو؛
سپن جي ڏوريءَ ۾ ٽنگي پيار جي پينگهه،
اميد جي چانڊاڻ ۾ جيون جهوميو!
ڪنول ۽ دنيا
آڪاس ۾ اي ڦول ڪنول، ڇا ٿو پسين؟
ڪهڙي ٿي خوشي جو سدائين هسين؟
سيکار اها رمز مون کي ڀي پنهنجي،
پاڻيءَ ۾ رهي ڀي نٿو پاڻيءَ ۾ وسين؟
موت ۽ زندگي
اولهه ۾ ٻڏي سج، اوڀر مان نڪري،
ٻج زير زمين، رهي،سلو ٿي نسري؛
مرنداسين ته اينداسين وري ٻيهر هت،
ڇو موت جي ڳڻتي نٿي توکان وسري!
ادب لطيف
ٽيگور
سنڌيڪار: محمد خان جمالي ”آواره“
سوال
خدا يا!
تون بار بار، پنهنجن نبين ۽ اوتارن کي
هن اداس زمين تي موڪليو.
هنن اسان ۾ تحريڪ پيدا ڪئي_
سڀ کان معاف ڪرڻ جي، محبت ڪرڻ جي_
دل مان نفرت جي پاڙن پٽڻ جي،
هو قابل تعظيم آهن.
پوءِ به هن اونداهي ڏينهن ۾،
مون، وٽن پنهنجو مٿو ٽيڪي،
پنهنجي اڱڻ کان ائين ئي واپس ڪري ڇڏيو!
ڇا، مان خود نه ڏسي سگهيو آهيان
ته رات جي فريب ڏيندڙ اوندهه ۾،
ڪهڙي طرح،
لڪل نموني، معصومن تي حملو ڪن ٿا؟
ڇا، مون نه ڏٺو
ته ڪهڙيءَ نه گهريءَ خاموشيءَ ۾،
ظالم جي سينه زوريءَ سان،
انصاف جو آواز دٻجي ٿو_
جنهن جو ڪير به تدارڪ نٿو ڪري!
ڇا، مون نه ڏٺو
خوشيءَ ۾ ٻهڪندڙ ٻارن کي
لرزائيندڙ حالت ۾ موت جو سڏ اچي ٿو_
۽ پوءِ،
پٿر جي ديوارين سان بنا مقصد مٿا ٽڪرجن ٿا!
منهنجي ڳچيءَ کي گهوگهو ڏنو ويو!
منهنجي بئنسريءَ کي بي آواز ڪيو ويو،
منهنجي دنيا قابو ٿيل آهي_
ڪاريءَ اوندهه واري خوفناڪ خواب ۾،
گم ٿي ويئي آهي!
ان لاءِ،
اکين ۾ آنسو آڻي،
مان توکان هيءُ اهم سوال پڇان ٿو
ته جيڪي ماڻهو
تنهنجي هوائن ۾ زهر اوتين ٿا،
۽ تنهنجي روشنيءَ کي مٽائين ٿا_
ڇا تون انهن کي معاف ڪري سگهين ٿو؟
ڇا، تون انهن سان محبت ڪري سگهين ٿو؟
2.
افسانا
1.
ڍونگ
_رشيد
آخوند
2.
”ڪڏهن بهار
ايندو.....“ _سوڀو
گيانچنداڻي
3.
”هو ديوتا
آهي......“
_ڪمل ”پياسي“
4.
”الا جهري ۾ شال غريبن جي جهوپڙي..!“ _غلام
رباني
5.
تاري اجهام ڳئي (سرائڪي)
_مصطفيٰ بهراڻي
6.
ساڍا ٽي
آنا
_سعادت حسن منٽو، سنڌيڪار؛علي بخش ميمڻ
7.
لاهي
چاڙهي
_خليل جبران، سنڌيڪار: ثميره زرين
هڪ ڏينهن جي ڳالهه.......
1.
”تون
به......“
_سراج
2.
”سوڙ.........“
_علي بخش ميمڻ
ڪنهن به ”پارٽي جي ”پاليسيءَ“ يا ”نظريي“ کي اهو
مقام حاصل نه آهي، جو زندگيءَ يا ادب ۾ ”حقيقت
نگاريءَ“ کي حاصل آهي، جي شخص ائين ٿا لکن جو سندن
پارٽيءَ جي پاليسيءَ کي اڳيان رکي، ان جي فقرن
مطابق، پلاٽ ۽ ڪردار ترتيب ڏيئي ورتائون_سي نڪي
پاليسيءَ کي ٿا سمجهن، نڪي زندگيءَ کي_۽ اهڙيون
لکيتون ڪڏهن به ادب جو حصو بنجي نٿيون سگهن“.
مائوزي تنگ
رشيد آخوند
ڍونگ
سج جو تکو پاڇو رڙهندو رڙهندو دروازي جي اندر داخل
ٿيو، ۽ هوءَ جمالٻي جي قميص ڌوئي سڪائڻ لاءِ اٿي.
هن سهاري لاءِ حوض جي ديوار تي هٿ رکيو.ديوار جي
مٽي ڀري هيٺ ڪرڻ لڳي. هٿ ٿورو ترڪيو، ۽ اهي داغ
جيڪي سندس گهر جي ديوارن ۽ ڇت جي زينت هئا، هن جي
اکين آڏو اڀري آيا. هن اکيون پاڻيءَ جي موريءَ تي
وڌيون، جنهن جي چوڌاري صابڻ جي گجي گڏ ٿي وئي هئي.
آهستي آهستي موري چٽي ٿيڻ لڳي؛ پر وري ٿوري وقفي
کان پوءِ، جئن ظاهر ٿي هئي، تيئن ميٽجي ويئي، ۽ ان
جي جاءِ تي هڪ پور پيدا ٿي ويو. هن پور کي غور سان
ڏٺو. پور وڏو ٿيڻ لڳو_ايتريءَ حد تائين، جو هن
پنهنجي وجود کي به ان ۾ گم ٿيندو محسوس ڪيو. هن
چاهيو ٿي ته هوءَ هميشه انهيءَ حالت ۾ رهي_اتي ڏک
۽ ڏاکڙا وسري ويا ٿي؛ جمالي کي کارائڻ لاءِ محنت ۽
مزدوري ڪرڻ به ياد نٿي رهيو؛ اتي ڪو دنيا جو غم نه
هو، ۽ نه ئي وري ڪا ذهني مونجهه ۽ پريشاني هئي؛
اتي ڪنهن جي سڌ نه هئي، خود پنهنجي هيڻي ۽ بيمار
جسم جي سڌ به نه. پر تلخ حقيقتن کان ڪو گهڻيءَ دير
تائين منهن موڙي نه سگهندو آهي... ۽ هوءَ به پاڻ
کي وڌيڪ ڌوڪو ڏيئي نه سگهي. حوض جي هرڪا شي وري
ظاهر ٿيڻ شروع ٿي_ ۽ ان سان گڏ جسماني ڪمزوري ۽
مصيبتن جو احساس به ذهن جي ڌنڌ مان نڪري آيو.
صحن ۾ اچي هن قميص کي سڪائڻ لاءِ رسيءَ تي ٽنگيو،
۽ نحيف آواز سان جمالي کي سڏ ڪيو. جمالي اڃان ماني
نه کاڌي هئي، پر هو گهر ۾ ڪونه هو. ماڻس پڪ ڄاتو
ته گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ ويو هوندو. جمالي جو گهٽي
۾وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ڪرڻهن جي پريشانين جي
ويتر وڌڻ جو باعث ٿي بنيو. جمالو اڃان ڇهن سالن جو
ٻار هو، جنهن کي وڏا ڇوڪرا، جڏهن به منهن سامهون
پين، ستائيندا رهندا هئا. ڪڏهن چهنڊڙين پائڻ ۽
ڪڏهن ڪا شي ڦري وٺڻ ۾ هنن کي رونشو ٿي لڳندو هو،
جڏهن هو روئي ماءُ کي اچي دانهن ڏيندو هو، ته هوءَ
ويچاري ڪجهه ڪري نه سگهندي هئي. هن جي پاڙي وارن
کي پرواهه نه هئي_رن زال جا هئي، جنهن جو ٻيو ڪو
والي وارث جو نه هو! جمالي جي وهيءَ جا ٻار کيس
ماريندا هئا؛ ۽ جيڪڏهن هن به ڪنهن کي ورائي ڌڪ
هنيو، ته پوءِ هنن جون مائون نه فقط جمالي جا ڳل
چماٽن سان ڳاڙها ڪنديون هيون، پر ماڻس کي به مهڻا
۽ ڇڙٻون ڏينديون هيون. انهن ڇڙٻن ۽ مهڻن جي جواب
۾جمالي جي ماءُ وٽ هڪڙي خاموشي هئي..... ۽ لاچار
سور سهيو مڙيوئي وقت پيئي ٽاريندي هئي.
جمالي کي گهر ۾ نه ڏسي، هوءَ دروازي وٽ آئي. ٻاهر
گهٽي سڄي گپ سان ڀري پيئي هئي، گهرن جي اڳيان جيڪي
گندي پاڻيءَ جا حوض هئا، تن مان پاڻي اٿل کائي
رستي تي وهڻ لڳو هو. ڇوڪرن اهڙي ڪني ماحول ۾ راند
ڪئي پئي. انهن ۾ جمالو به هو. جڏهن ماڻس در تي اچي
هن کي ڪوٺيو. تڏهن هن راند نٿي ڪئي، پر هڪڙي ڇوڪري
سان جنگ جوٽڻ جي تياري پئي ڪيائين، ڇوڪري چيس پئي:
”هل هل.... آءُ توکي راند نه ڪرائيندس_ اٽي ڏڪر ته
منهنجو آهي........!“
”پوءِ تون هن خميسي کي ڇو ٿو راند ڪرائين؟“
”منهنجي مرضي...... خميسو مون کي کٽمٺڙا کارائيندو
آهي، ۽ تون ته ٽول لڪائي پاڻ کائي ويندو آهين. ان
ڏينهن مون تو کان اڌ بسڪوٽ گهريو، تو ڪو مون کي
ڏنو!
پوءِ آءُ توکي راند ڇو ڪرايا؟“
”۽ ٻچو، اڄ اسين هڪڙي هنڌ شربت پئڻ وينداسين. توکي
ڪونه وٺي هلنداسين.......
ڪيئن حميد؟“ خميسي خوش ٿيندي اٽي_ڏڪر جي مالڪ
ڏانهن نهاريو. هن خميسي جي حامي ڀري. پوءِ ٻئي
شرير نظرن سان جمالي کي ڏسڻ لڳا.
”هونهه... نه وٺي هلو ته نه وٺي هلو. مون کي جهڙي
طبر نه آهي_اما ٻڌايو هو ته اڄ سيٺ هاشم امامن جو
شربت ڪيو آهي!“ جمالي مرڪيو ۽ هو ٻئي شرمائجي ويا.
پر جمالي جي مرڪ گهڻي دير تائين قائم رهي نه سگهي.
هڪڙي وڏي ڇوڪري جمالي کي ٻڌي چيو:
”ها ڙي ڇورا، ماڻهين ڪيئن نه ٻڌائيندي روکي.هن کي
سڄي جهان جون خبرون آهن. سڄو ڏينهن ماڻهن جي گهرن
کي نوسيندي آهي.....!“ جمالي کي خار ته گهڻا آيا،
پر مخالف کانئس عمر ۾ گهڻو وڏو هو. تنهنڪري دل
ٺارڻ ڪاڻ هن چپن ئي چپن ۾ هڪڙي ڳري گار وڏي ڇوڪري
کي ڏيئي ڪڍي.
”جمالا، آءُ توکي چوان ٿو.......اسان جي راند مان
هٽي وڃ!“ حميد کي ڪاوڙ اچڻ لڳي. ”نٿو
هٽان.......تون ڇا ڪندين؟“ جمالو ضد تي هو. حميد
ڏڪر کنيو. جمالو به سنڀري بيٺو، پر ان وچ ۾ جمالي
کي ماڻس در تي اچي سڏ ڪيو، ۽ معاملو اتي ئي رهجي
ويو، جمالو، ٻرندڙ نگاهن سان حميد کي ڏسندو، گهر ۾
گهڙي ويو.
گهٽيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جي تين ٻرڻ ۾ اڃان ڪجهه دير
هئي، هوءَ ٻنپهرن کان جيئن جمالي کي امان جا مور
کارائي ليٽي هئي، تيئن شام تائن پيئي رهي. سخت تپ
اچي وڪوڙيو هئس ۽ کنگهه به زور وٺي وئي هيس. هن ۾
ايتري طاقت نه هئي، جو ڪمبل پاسيرو ڪري جماکي کي
اٿي ڏسي، جيڪو وري خبر نه ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.
تنهن کان سواءِ اڄ سندس ستا سور به جاڳي اٿيا هئا.
هن گهڻي ڪوشش ڪئي ٿي ته نا اميدين ۽ حسرتن جي هيٺ
دٻيل، خشڪ ۽ ويران زندگيءَ مان چند سڪون جا لمحا،
چند خوشيءَ جا بهانا يا ڪي خود فريب ڳالهيون سوچي،
پر هر نئينءَ ڪوشش هن جي ذهن جي آڏو تصوير جو فقط
هڪ رخ آندو ٿي، جنهن ۾ ساڳين ئي نا اميدين، حسرتن
۽ غمن جي جهلڪ هئي. خوشيءَ جو رڳو هڪ اڻ لکو احساس
وڃي طبيعت ۾ باقي بچيو هو. وقت جي ڪارسازيءَ ۽
زماني جي بي مروتيءَ هن جي طبيعت کي غم_پسند بڻائي
ڇڏيو هو.
هن کي شاديءَ جي پهرين رات ياد آئي، جڏهن هن جي نس
نس مان خوشيءَ جو رس ڦٽيو ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ عجيب
بيچيني هئي_هڪ دٻيل دٻيل خوف هو،پر هاڻي ان خوشيءَ
جي يادگيري به غم ۾ ٻڏي چڪي هئي.
۽ هن کي اهو ڏينهن به ياد آيو، جڏهن هن جمالي جي
پيءَ جو ڪفن مان نڪتل بيجان چهرو ڏٺو هو. ڪافور جي
بوءِ چوطرف ڦهليل هئي، ان ڏينهن هن ڪيترو نه رنو
هو! ڏئي جي لاٽ ته وسامي چڪي هئي، پر فقط ڏئي جي
منهن مان نڪرندڙ ميري دونهين کيس رئاڙيو پئي_جيڪو
آخر خلا ۾ جذب ٿي وڃڻو هو.
پر اڄ هن کي ان دل_ڏاريندڙ منظر رئاريو نٿي. هوءَ
غم سان هري ويئي هئي_ ۽ جڏهن ماڻهو غم سان هري
ويندو آهي ته غم جي شدت به گهٽ ٿي ويندي آهي. هن
گوريا جمالي کان به وڌيڪ، غم کي پنهنجي حيات جو
سرمايو سمجهيو هو. هن کي پڪ هئي ته هوءَ جمالي جون
خوشيون ڏسي نه سگهندي.، ان کان اڳ مري ويندي، اهو
احساس سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو هو، هوءَ هاڻي اڪثر
ڪري تضوراتي داغ ڏسندي هئي؛ ۽ هن زرد چهري جو داغ:
زندگيءَ جو ست ڀري پيو هو. انهيءَ هوندي به هوءَ
مرندي جهرندي جي مرڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آسرو نه هوس.
کيس اڪيلي سر پاڻ لاءِ ۽ جمالي لاءِ گذران پيدا
ڪرڻو هو. پهرين هوءَ پاڙي وارن جي گهرن ۾ وڃي
ٻهاري ڪڍندي هئي، باسڻمليندي هئي، بازار جو ننڍو
وڏو ڪم ڪري آڻي ڏيندي هئي. پر پوءِ هوءَ بيمار ٿي
پئي، ۽ هن کي سلهه جي بيماري هئي. ۽ هاڻي هوءَ رڳو
پاڙي وارن جا ڪپڙا آڻي گهر ۾ ڌوئندي هئي، اڄ هوءَ
جمالي جي هڪڙي قميص کان سواءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا
ڌوئي نه سگهي. سخت بخار اچي ورايو هوس. سڄو ڏينهن
کٽ تي کنگهندي گذاريو هئائين، ۽ آخر اٿي ان مهل،
جڏهن گهٽي ۾ جمالي جون رڙيون ٻڌائين. هوءَ بخار جي
شدت کان سهڪندي در تائين ويئي،، پوءِ هڪدم در کولي
ٻاهر نڪري آئي. هن جمالي کي گندي پاڻي ءَ جي حوض ۾
ڪريل ڏٺو هو. جمالو ماءُ کي ڏسي ويتر زور سان
اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس اچي هن کي حوض مان ڪڍيو.
”امان، حميد مونکي حوض ۾ ڪيرايو آهي“، جمالي سڏڪا
ڀريندي چيو.
”مون ڪٿي ڪيرايو؟“ حميد پنهنجي ماءُ جي ڀر ۾
بيهندي چيو.
”ها ها، حميد ڪونه ڪيرايو. هي ويچارو ته بنهه
منهنجي اکين سامهون هينئر گهر مان نڪتو آهي!“ حميد
جي ماءُ صاف ڪوڙ ڳالهائي ويئي.
”ڏس حميد جي ماءُ! هڪڙي پاڙي ۾ رهي، توکي اهي
ڳالهيون سونهن نٿيون، پنهنجي پٽ کي جهلين ته نٿي،
مرڳو پاسو پئي کڻين.......“
”اي لئي ٻڙي، مون کي نه ڌمڪاءِ... هي پنهنجون ڦوٽن
جيڏيون اکيون ٻين کي ڏيکارج. تو جهڙيون گهڻيون
فقيرياڻيون منهنجي در تي اچي پن جو تڪر وٺيو وڃن_
مئي رن زال، هلي آهي مون کي چوڻ.....ڏيڻ ڪٿي
جي....!“
غصي کان هن جي ڪنن جون پوپٽيون ٻرڻ لڳيون. هوءَ
فقيرياڻي نه هئي. ڪنهن جي در تي وڃي ٽڪر ڪين
گهرندي هئي. اڳي هوءَ صبر سان هنن جا مهڻا ٻڌندي
هئي، پر هاڻي جيئن پوءِ تيئن پاڙي وارا سر تي
چڙهندا پئي ويا. هوءَ غريب هئي ته ڇا ٿيو؟.....
عزت هن کي به هئي. هوءَ ڪجهه چوڻ تي هئي، ته
هڪڙيءَ ٻيءَ مائيءَ حميد جي ماءُ جي ڳالهه کي ٽيڪر
ڏني:
”ها امان تون سچي آهين_هيءَ ڇنال ڏيڻ آهي ڏيڻ! اچڻ
سان مڙس کي ماريائين، جي ٿورا سال ٻيا ان پاڙي ۾
رهي ته الاجي ڪهڙو قهر ڪندي_آءُ پنهنجن ٻارن کي هن
ڪامڻ_ڪٽيءَ جي منهن تي اچڻ به نه ڏيندي
آهيان.......... مئي اکين ۾ کايو وڃي..........!“
هوءَ وڌيڪ سهي نه سگهي، پر اڃان ٻه لفظ چيائين مس،
ته کنگهه اچي ورتس. جمالي هن جي ٻانهن جهلي رنو
پئي، ۽ هن گهٽيل آواز سان کنگهيو پئي. کنگهه زوري
وٺندي ويئي، ۽ حميد جي ماءُ وڏي واڪي سان ٻنهي
ماءَ پٽن کي پٽيندي ويئي. هن مشڪل سان، ”ڪنگال“
”ڇنال“ ۽ ”ڪارڄڀي“ جا ٻه ٽي لفظ ٻڌا، ۽ جڏهن هن
ٿورو ساهه کنيو، ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽جمالي
کي رڳو ايترو چئي سگهي،
”مئا نپٽا.... هل گهر..... تون منهنجي جان جلائي
ڇڏي آهي.“
رات جو هڪ ٿيو هو، گهٽي سڄي ويران پيئي هئي. ايتري
وقت گذري ويندي به هن جي کنگهه بند نه ٿي، ڪڏهن
اٿندي ۽ ڪڏهن پاسا ورائيندي. هن درد ۽ قرب جي عالم
۾ کنگهيو پئي، کنگهڻ جو آواز فضا جي مڪمل سڪوت کي
چيريندو ويو پئي، سندس ان لاڳيتي شور پاڙي وارن
جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. پهرين ته هو صبر
سان اکيون کولي ڇتين کي گهوريندا رهيا، ته من ڪا
ماٺ ٿئي؛ پر جمالي جي ماءُ جي کنگهه بند نه ٿي
سگهي، تنهن کانسواءِ هن زور زور سان اوڪارا به ڏنا
پيئي. پاڙي وارن سمجهيو ٿي ته هوءَ اجايو ڍونگ پئي
ڪري، ته جيئن هنن جو سک ڦٽي. آخر حميد جي ماءُ کان
رهيو نه ٿيو، ۽ دريءَ مان منهن ڪڍي چيائين؛
”اي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بس ڪر! ٻڙي اسان
کي ٻه گهڙيون سکسان سمهڻ به نٿي ڏين، چئو ته پاڙو
توکي ڏيئي اسين وڃي ڪو ٻيو ماڳ ڪريون!“ هڪڙيءَ کي
ڳالهائيندو ڏسي ٻيءَ کي به ريس ٿي، ۽ اچي بالڪنيءَ
تي بيٺي_
”ٻاڪاري ائين پئي جهڙو موت ٿو اچيس. پر مئي مري به
ته نٿي،جو اسان جي جند آزار مان آجي ٿئي. مئو
عزرائيل به ڪميڻيءَ وٽ اچڻ کان ڊڄي ٿو....!“ هن
بالڪنيءَ تان چيو.
”لئي امان، هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ...... ڏيڻين وٽ ملڪ
ڪونه اچن. هن ڌوتيءَ کي ڪو جن ڀوت مارڻ ايندو!“
هيءَ شام واري مائي هئي. ايتري ۾ ٻين گهرن جون
دريون کليون، ڪي بالڪنين تي اچي بيٺا، ۽ ڪن بتيون
ٻاريون، سڄو پاڙو جاڳي پيو هو، ۽ هنن مان ڪنهن کان
ايترو نه پڳو، جو کڻي ان غير معمولي شور جو سب
دريافت ڪن. پر سبب معلوم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
هنن کي پڪ هئي ته هي سڀ هن جو ڍونگ آهي، پاڙي وارن
کي ستائڻ لاءِ..... سندن ننڊون ڦٽائڻ لاءِ........
هاڻي آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو. اوچتو وري هڪ
وڏي اوڪاري جو آواز آيو.
پوءِ هڪدم خاموشي ڇانئجي ويئي، پر هيءَ خاموشي به
عارضي ثابت ٿي_شايد ماءُ جي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ
جمالي جو وارو هو، جيڪو هينئر ڪيڪون ڪندو رنو پئي.
”ماءُ ڍونگ ڪري ٿڪي آهي، هاڻي پٽ ٿو ڦاٽي........“
حميد جي ماءُ دريءَ مان منهن ڪڍيو ۽ جمالو هن جي
ڦٽڪار جي پرواهه نه ڪندي روئندو رهيو.
آخر پاڙيوارن تنگ ٿي دريون بند ڪري ڇڏيون. بتيون
به وسامي وئيون ۽ رڳو جمالي جو روڄ راڙو گهٽيءَ جي
ويرانيءَ ۾ رلندو رهيو. جمالي جي آواز ۾ خوف هو.
هو سمجهي نٿي سگهيو ته هن جي ماءُ سندس ”امان!
امان!“ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود به اٿي ڇو نٿي؟_
۽ پوءِ هو به ٿڪجي پيو، ۽ ننڊاکڙين اکين سان ماءُ
کي ڏسي، هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سمجهي پيو..
سوڀو گيانچنداڻي
”ڪڏهين بهار ايندو......“
”ٻڌو ته.....“
”چئو ته....“
”مان ٿي چوان.........چوان؟“
”اڄ مونکي سئنيما تي وٺي هلو.“
”ڳالهه به ايتري! چڱو هلنداسون؛ مان ڪلاڪ کن لاءِ
هڪ ميڙ ۾ ٿو وڃان؛ تون تيار ٿي ويهجائن، جيئن
پهرين کيل تي پهچي سگهون.“
” ته چئو ڇو نٿا ته نه هلندوءَ. مون کي اهي
چالاڪيون سمجهن ٿيون، اڌ رات جو موٽي ايندو ءَ،
چوندوءَ ته ”ڳالهه ئي وسري ويئي، _اهي سنگتي توهان
کي ڇڏين ڇو ٿا؟“
۽ رسي، منهن ڦيري، رڌڻي ڏي هلي ويئي. ايتري ۾ ڪڪو
ٻاهران ڊوڙندو آيو.
مون کي ڪپڙا پائيندي ڏسي، چيائين:
”مان به هلندس! امان مون کي لٽا پاءِ! مان ”ڀائو“
سان گهمڻ ويندس!“
”پٽ تون لٽا پاءِ ته پوءِ کيل تي هلنداسين. هو ڏٺو
هوءِ نه؟ ”ڇوڪريون اچن پيون، ڇوڪريون وڃن پيون،
ڇوڪريون نچن پيون،...... هاڻي ڀلو پٽ آهين نه! وڃ
ماءُ کان لٽا وٺي پاءِ، ته مان بگي وٺي اچان.
بگيءَ تي هلندين نه؟“ هن ماءُ ڏي مهڙ ڪئي، ته مان
گهت ڏيئي ٻاهر نڪري ويس.
عباس جي جاءِ تي ادبي محفل هئي. ان ۾ وڃڻ به ضروري
هو. خبر هيم ته ڪلاڪ ۾ جند مشڪل ڇٽندي . پر جي
ڪلاڪ ۾ موٽي اچڻ جو انجام نه ڏيان ها، ته ڪلاڪ
لاءِ ويهي ڳالهيون ٻڌڻيون پون ها! خيال هو ته محفل
جي وچ مان کسڪي ايندس. گهٽ ۾ گهٽ ڪڪي کي نا اميد
ڪرڻ جو ويچار ڪو نه هو.
عباس جي جاءِ تي پهتس، ته محفل اڳي ئي متي بيٺي
هئي،
حليم ڏاڍي زور سان چئي رهيو هو؛” مان انڪار ٿو
ڪريان ته هن شي ۾ ڪو صحبت خيال پيش ڪيو ويو آهي.
ان کي افسانو چوڻ به غلط آهي. فن جي خيال کان هن ۾
سخت ڪمزوريون آهن_هر لحاذ کان هيءَ تحرير هڪ ناڪام
ڪوشش آهي....!“
پا پڙهيو ويو هو، جنهن پڙهيو هو_خبر ڪانه هئي. دير
سان پهچڻ جي اها ئي سزا ٿيندي آهي.
شورش چوڻ شروع ڪيو:”مون کي حيرت آهي ته خير محمد
جي هن پيشڪش کي افسانو مڃڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو:
جيتوڻيڪ افساني جون سموريون وصفون_افسانوي طرز
بيان، هڪ مرڪزي خيال، دلچسپ گفتگو ذريعي ڪردار
نگاري، ۽ ترقي پسند لاڙو_ سڀ ڪجهه ته منجهس آهي!
باقي رهي ”لذتيت“، سو جيڪڏهن ڪا شي ٻڌندي ”لست“ نه
اچي، ته باقي ٻڌجي ئي ڇو؟ ڏسڻو اهو آهي ته اديب يا
فنڪار پنهنجي تخليق ۾ سستي لذتيت تو پيدا ڪري يا
دلسوز لطف. منهنجي دعوا آهي ته ”اٺن مڙسن جي جوءِ“
سنڌي ادب ۾ هڪ نئين موڙ طرف اشافو آهي. سو چيو ته
سهي! ويچاري مظلوم عورت_پيار ۽ محبت لاءِ تڙڦندڙ
عورت_سندس پهريون مڙس ابي جي عمر جيڏو آهي، جو کيس
جاڳائي ته ٿو پر خوش نٿو ڪري سگهي، ٻيو يار آهي،
جو کيس ڀڄائي وري وڪرو ڪري ٿو ڇڏي. هڪ پنهنجي موت
مري ٿو، ته ٻيو کيس ان ڪري پرڻايو وڃي ٿو، جو هو
مري ويل جو ڀاءُ آهي_ ۽ هو کيس ايترو ته ماري ٿو،
جو هوءَ سر بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪري ٿي؛ ۽ اهڙيءَ طرح
عورت_ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءَ، اٻوجهه، معصوم، ڪمزور
۽ بي دست وپا_هن مرداڻي سماج جي ٿڦڙن کائڻ لاءِ
زندگيءَ جي بحر ۾ لڙهڻ شروع ڪري ٿي! سوچيو ته
ڪيتريون نه عورتون آهن، جن جي لاءِ زندگي مستقل
جيل آهي، هڄڻ آهي، ۽ بي موت مرڻ آهي! محنت مزدوري
ڪرڻ، لٽا ڪپڙا ڌوئڻ، ٻهاري پائڻ، گونهن_ مٽ ميڙڻ،
پيهڻ، ڀرڻ، رڌڻ، بچائڻ ۽ موچڙا کائڻ_ اهو عورت جو
روزانو ڪاروبار آهي: ۽ سڀ کان وڌيڪ ظلم آهي هن کي
چوديواريءَ ۾ بند ڪرڻ، جنهن سندس سوچ، خود اراديءَ
۽ خودداريءَ کي ختم ڪري، کيس مرد جي حڪمن، خواهشن
۽ خيالن جو رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي، ڪڏهن توهان ان
تي سوچيو آهي،..... ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي؟ هيءَ افسانو هر سوچيندڙ شريف انسان لاءِ
سندس ماءُ،ڀيڻ، زال، ڌيءَ، چاچيءَ، ماميءَ_مطلب ته
هر عورت طرفان للڪار آهي! مظلوم دنيا ۾ گهڻيئي
آهن: پر عورت جي نسبت سڀ ظالم آهيون!“...
ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي رهي هئي. خير محمد جي
افساني اهي سمورا پهلو پيش ڪيا هئا يا نه، پر هي
بحث ڏاڍو دلچسپ رخ وٺي رهيو هو. |