سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :10

ڪيرت ٻاٻاڻي

ادب ۽ حقيقت نگاري

”سٺي ۽ جٽادار ادب جو بنياد آهي زندگيءَ جي آزمودن ڏانهن، حقيقت جي سچائيءَ ڏانهن، ۽ پاڻي ڏانهن، پوري ايمانداريءَ“ _ هيءُ ويچار حڪيم افلاطون هزارين سال اڳ ۾پيش ڪيو هو، جڏهين ادب اڃان ٻالپڻ ۾ هو. هرفن ۽ وگيان جي جان ”حقيقتون“ آهن. حقيقتون ئيادبي تخليق لاءِ زنده مواد آهن. حقيقتون اهي آهن، جي ڏسي سگهجن ٿيون، جي ٻڌيون ويئون آهن، ۽ جن جو تصور يا ڪلپنا ڪري سگهجي ٿي. جهڙيءَ طرح هڪ وگيان جو ڄاڻو، پنهنجي تجربيگاهه ۾ ويهي، مليل يا ڏٺل حقيقتن کي کولي ڦولهي، پنهنجي دماغ جي تجربيگاهه ۾ انهن جي صحيح روپ کي پرکي، قلمبند ڪري، اهڙيءَ صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو، جئن ڪا ڳجهارت سلجي وڃي. ڪا سچائيءَ جي جهلڪ پسي وٺجي، يا ڪو لڪل اسرار کلي نروار ٿئي.

هن دنيا ۾ ٿيندڙ حقيقتن کان مٿي ٻه ڪا ڳالهه نه آهي. اديب لاءِ سچ سان وفاداريءَ کان مٿي ٻيو اصول نه آهي_سچي حياتيءَ ۽ سچيءَ دنيا جي تصوير چٽڻ کان مٿي زوردار ٻي ڳالهه آهي به ڪانه، ٿيوفل گيٽئر گهڻو اڳ چيو هو؛ ”مان اهو انسان آهيان، جنهن لاءِ صرف هيءَ زنده دنيا ئي موجود آهي_جنهن کي مان اکين سان ڏسي سگهان ٿو.“

ادب جڏهين بانبولا ٿي پاتا، يعني جڏهين اڃا پرين، جنن ۽ ڀوتن جون ڪهاڻيون ۽ ڏند_ڪٿائون انساني دماغ جي پيدائش بنيل هيون، تڏهين به حقيقت ئي ادب جو روح هئي؛ اهو حقيقت جو ”وڌاءُ وارو“ پهلو هو. ان وقت انساني زندگي اڃان ترقيءَ جي هيٺئين منزل تي هئي، انساني دماغ اڃا حقيقت کي سمجهي نه سگهيو هو_ جيتوڻيڪ ان ۾ اڳتي وڌڻ جي چاهنا ۽ قدرت سان مقابلي ڪرڻ جي زوردار خواهش موجود هئي. اهڙين حالتن هيٺ، انسان ڪجهه اهڙا ڪردار ايجاد ڪيا، جي سندس خواهشن کي ظاهر ڪن، ۽ منجهس مقابلي ڪرن جي همت پيدا ڪن. انسان، جسماني توڙي دماغي ٻنڌڻن ۾ ڦاٿل هوندي بهم، اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجن خواهشن کي پر ڏنا آن. هرڪيولس، پراميٿيوئس، فائوسٽ، وغيره انساني دماغ جا حيرت ۾ وجهندڙ عڪس آهن، جن انسان کي حقيقتن جي تلاش لاءِ آمادو ڪيو، هنن انسان جي مستقبل جي ترقيءَ جا اهڃاڻ ڏنا ته انسان اڳتي هلي، اهڙين تصوراتي ڳالهين کي حقيقتن جو جامو پهرائي سگهندو، مثال طور:  انسان پکيءَ کي اڏامندو ڏسي، ان حقيقت کي اڏندڙ کٽولي يا اڏامنڊ جن جو تصور ڏنو، ۽ هاڻي اها ئي تصوراتي چيز اسان جي جڳ ۾ هوائي جهاز جي صورت ۾ حقتقت بڻجي چڪي آهي. ٿوري ۾، ائين چئجي ته جاندار يا تصوراتي حقيقتون اسان جي سوچ عمل ۽ هر قسم جي تخليق جو بنياد آهن، ان باري ۾ گورڪيءَ اجهو هيئن چيو آهي؛ ”عوام (انسان) بيپناهه طاقت جو سرچشمو آهي، جنهن ۾ ايتري شڪتي آهي، جو هو ضرورتن کي امڪان ۾ ۽ سپنن کي حقيقتن ۾ بدلائي سگهي ٿو“. ڇاڪاڻ ته ادب انساني زندگيءَ جو عڪس آهي، تنهن ڪري انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ حقيقتون ادب لاءِ مواد آهن.

ڇاڪاڻ ته ساريءَ مخلوقات ۾ انسان ئي اهڙو آهي، جو اجتماعي زندگي ڏانهن مائل رهي ٿو، تنهن ڪري انساني زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ حقيقتن کي هڪ مخصوص سماجي روپ ۽ رچاءُ آهي: اديب پڻ ڇاڪاڻ ته هڪ سماجي رد آهي، انهيءَ ڪري هو جيڪي ڪجهه پنهنجي ارد گرد ڏسي ٿو، ان تي سوچي ٿو، ان کان متاثر ٿئي ٿو، ان تي رنج يا خوشي ظاهر ڪري ٿو، ان کي چٽي ٻين تائين پهچائي ٿو، ان تي روشني وجهي ٿو ۽ ان کي بدلائڻ جي تمنا به ڏيکاري ٿو.

حقيقتون برابر ادب جو سرچشمو آهن، پر اديب حقيقتن جي اکيون پوري پوڄا ڪندڙ نه آهي: اديب جي اڳيان ڪيتريون ئي حقيقتون رونما ٿين ٿيون، ۽ هو سڀني کان متاثر ٿئي ٿو_ان ڪري زندگيءَ جون سهڻيون توڙي آگريون حقيقتون هن لاءِ ادب جو مواد آهن؛  پر ساڳئي وقت جيئن ته اديب زندگيءَ ۾ سماجي سونهن رچڻ چاهي ٿو_ يا ائين چئجي ته اديب پنهنجي سر حسن جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ گندگيءَ کان نفرت ڪري ٿو_ ان ڪري هو هر قسم جي مشاهدي کي پيش ڪرڻ وقت، اول مڙني حقيقتن کي پنهنجي فڪري صلاحيتن ۽ نتيجن تي پرکي ٿو.

ان جي زندگيءَ ۾ جي سونهن، نيڪي ۽ خوشي  آهي، ته گندگي، برائي ۽ دک به آهي. اديب زندگيءَ جا ٻئي پهلو ڏسي ٿو ۽ انهن کي چٽي ٿو. حياتيءَ جي پوري ۽ صحيح تصوير ڏيڻي آهي، ته ٻئي پاسا اڳيان رکڻا پوندا. ڪي اديب حياتيءَ  جو صرف خوبصورت پاسو ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ آگرين حقيقتن کان منهن موڙيندا آهن. انهن جو ويچار آهي ته حياتيءَ جي صرف سهڻي تصوير ڏيکارجي ۽ گندگيءَ کي ڇڏي ڏجي، آگريون حقيقتون ادب لاءِ مواد بڻجي سگهن ٿيون، تنهن لاءِ گورڪيءَ هيءَ رايو ڏنو آهي:

”منهنجي حياتيءَ ۾ ڪي اهڙيون گهڙيون به ايندون آهن، جڏهين مان سوچيندو آهيان ته ”ان (حياتيءَ جي گندگيءَ) تي لکان يا نه؟ ۽ نئين وشواس سان مان پاڻ کي جواب ڏيندو آهيان ته ”لکان“؛ ڇاڪاڻ ته انساني حياتيءَ ۾ اها (گندگي) هڪ نٺر ۽ نگرو سچ آهي، جو اڃان تائين ناس نه ٿيو آهي؛ اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کي انسان جي حياتيءَ مان هوند پاڙون پٽي ٻاهر اڇلائجي، ۽ ان کي ڀسم ڪري ڇڏجي!“

گندگيءَ کي صرف گندگي خاطر تي چٽڻو ڪونهي؛ پر جڏهين ”گندگي“ انساني روح تي ناسور بڻجي بيٺي هجي، انساني زندگيءَ کي ڪسجو ۽ بدصورت بڻائي بيٺي هجي، تڏهين اها گندگي پڻ ادب لاءِ مواد بڻجي پوي ٿي، جيڪڏهن ڪو گند جو ڍير ڪنهن بيابان ۾ پيو آهي، ته اهو ادب لاءِ مواد نٿو بڻجي سگهي؛ پر ساڳيو ئي گند جو ڍير، جيڪڏهن شهر جي گهٽين ۾ پيو آهي، جو  انساني زندگيءَ کي شدت سان ڌڪاريندو هجي، پر جيسين گندگي موجود آهي، تيسين نه ان کان منهن موڙڻو آهي، ۽ نه مٿس سهڻو ڍڪ وجهي ان کي لڪائي ڇڏڻو آهي،

ڪي اديب حقيقتن کي جيئن جو تيئن، انگن اکرن سان، پيش ڪرڻ کي ئي حقيقت نگاري سمجهدا آهن_ ۽ ائڱين ڪرڻ کي هو پنهنجو ادبي خلوص ڄاڻيندا آهن، حقيقتن جو چٺو ٺاهڻ ڪا ادبي حقيقت نگاري نه آهي: صرف حقيقتن جي تفصيلن کي سچائيءَ سان پيش ڪري ڇڏڻ مان فني خلوص يا  تخليقي وضاحتون اڀري نٿيون سگهن. ادن ۾ هڪڙو حقيقت نگاريءَ جو اهو به نظريو آهي، جنهن ۾ حقيقتن کي ئي سڀ ڪجهه لکيو وڃي ٿو؛ ۽ انهن جي جئن جو تئن چٽجڻ کي ادبي تخليق قرار ڏنو ويندو آهي. اهڙن اديبن لاءِ تفصيل ۽ حقيقتون ئي سچ آهن. هو حقيقتن جي ڪابه آدرشي يا اخلاقي يا اصولي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانسواءِ، انهن کي قبول ڪن ٿا. انهن لاءِ وڏو اصول آهي، حقيقتن سان وفاداري ڪرڻ. اهڙن اديبن جو خاص مقصد اهو ٿو رهي ته انسان جو حيواني ۽وحشي پهلو، ۽انسان جي زندگي جي بيڪسي، بي حيائي ۽ بي بقائي ڏيکارجي،، هو حقيقتن جو اڀياس نٿا ڪرڻ چاهين، صرف دلپسندي ۽ رنگينيءَ خاطر، حياتيءَ جون قسمين قسمين حقيقتون گڏ ڪري، تمام منجهائيندڙ چتر پيش ڪن ٿا. هو حقيقتن کي چهٽي، بنا ڪنهن آدرش يا مقصد جي، انهن جي تصوير ڪشيءَ کي صحيح ادب سمجهن ٿا. هو حقيقتن جو صرف ٻاهريون، اتفاقي ۽ اڌورو پهلو ڏسن ٿا؛ پر حقيقتن جي گهرائيءَ ۽ انهن جي اندر لڪل تضادن ڏانهن ڪوبه ڌيان نٿا ڏين. هو حقيقتن جو هڪ پرکيندڙ نظر سان اڀياس ڪرڻ نٿا گهرن. بلڪه جيوت جي صرف ٻاهرئين پوش ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪن. هنن جي نظر ۾ انسان لاچار آهي، ۽ کيس ايتري اختياري ڪانه آهي، جنهن جي وسيلي هو حقيقتن جي تهن تائين پهچي، ان مان سچ ڳولي سگهي ۽ حقيقتن جو صحيح روپ ڏيکاري سگهي. هو زندگيءَ جي حسين شين کان ڪناري ڪشي ڪري، حياتيءَ جون کوکليون حقيقتون ئي چٽيندا آهن،. گورڪيءَ اهڙن ئي اديبن لاءِ چيو آهي: ”انهن جو ادب سندرتا ۽ امگن کان خالي آهي: اهو گهڻي ڀاڱي کوکلو ۽ نمائشي آهي،  جنهن کي رڳو حقيقت_نگاريءَ جي اعليٰ لفظ پٺيان لڪايو وڃي ٿو“.

اينگلس حقيقت_نگاريءَ جي بلڪل مختصر ۽ چٽي سمجهاڻي هن طرح ڏني آهي : ”تفصيلن جي سچائيءَ سان گڏ، حقيقت_نگاري اهو به ويچار ۾ ٿي رکي ته خاص حالتن ۾، خاص ڪردار، جهڙي نموني سوچين يا هلن ٿا، انهن جي پٺيان ڪهڙي شڪتي ڪم ڪري ٿي“. سچو حقيقت_نگار اهي ئي حقيقتون ۽ تفصيل چونڊي ٿو، جي بيان ڪيل ڪردارن ۽ واقعن جي پٺيان جيڪو زوردار منطق يا ويچار آهي، ان کي ظاهر ڪن. هڪ اعليٰ ساهتڪار کي معلوم آهي ته صرف حقيقتون ۽ تفصيل گڏ ڪري، هو انهن مان ڪا اعليٰ تخليق نه ڪري سگهندو؛ ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪابه فني سچائي اڀري نه بيهندي، حقيقتون جي زندگيءَ جون زوردار ۽ بنيادي سچايون ۽ تعميمون پڌريون ڪن ٿيون، سي ئي اهم حقيقتون آهن، جيڪي هڪ ڪلاڪار جي تخليق لاءِ مواد آهن، جهڙيءَ طرح فوٽو گرافي ۽ چترڪاريءَ ۾ فرق آهي_فوٽو گرافي هڪ ميڪا نيڪل ڪم آهي، جنهن ۾ بٽڻ کي زور ڏيڻ سان ڪارو، ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ اڇو، اڇو ڏسڻ ۾ ايندو؛ پر چترڪار پنهنجن رنگن جي عجيب ميلاپ سان جيڪا تصوير چٽي ٿو، تنهن ۾ زندگيءَ جون اهڙيون جهلڪون ڀري ٿو، جو تصوير جي  هر هڪ ليڪ مان ڪو تاثر ظاهر ٿئي، ڪي چتر اهڙا به ٿين ٿا، جو انهن جو نه صرف ٻاهريون روپ ٿو نظر اچي، پر ان چتر جي ڪردار جي ساري دلي ڪيفيت اسان جي اڳيان کلي پوي ٿي: تنهنڪري فوٽو گرافي ميڪانيڪل عمل آهي، پر چترڪاري ڪلا آهي. ساڳيءَ طرح حقيقت کي محض قلمبند ڪرڻ نالي ماتر حقيقت_نگاري ڀل هجي، پر ان کي فني لحاظ سان حقيقت_نگاري نٿو سڏي سگهجي.

جيڪڏهن اسين ڪلاسيڪي ادب کي ڏسنداسين، ته معلوم ٿيندو. ته انهن اعليٰ ڪلاڪارن جي حقيقت_نگاري جو تصور ڪهڙو هو. دنيا جي آڳاٽي يوناني ادب جو مثال وٺو: هومر جون ”الياڊ“  يا ”آڊيسي“ اهڙيون تخليقي لکيتون آهن، جي حقيقي واقعن تي برابر ٻڌل آهن: پر انهن جي پڙهڻ مان ائين معلوم ٿو ٿئي ته اهي رڳو  اتفاق، حادثا يا واقعا ته آهن، پر ان زماني جي گويا پوري روحاني، اخلاقي، سماجي ۽ سڀيتڪ زندگيءَ جي تصوير آهن_ يعني حقيقتن مان وقت جون اهم سچايون نڪري نروار ٿين ٿيون، جي انهن واقعن ۽ حادثن جو روح آهن، اديب جو درجو هڪ تاريخ نويس کان گهڻو مٿي آهي؛ تاريخ نويس حقيقتن ۽ تفصيلن کي ٺلهي بيان ڪرڻ جي لحاظ کان ڀل ته مٿي هجي، پر انهن حقيقتن جو روح پڌرو ڪرڻ اديب جو ڪم آهي، تاريخ نويس جي حقيقتن ۾ حياتيءَ جي سچائي ۽ تڪميل موجود نه آهي.

گورڪيءَ جي چوڻ موجب، انگلينڊ حقيقت_نگاريءَ جي ماءُ، ۽ ”چاسر“ حقيقت_نگاري جو ابو آهي. چاسر سن 1340ع ۾ ڄائو هو، جنهن جون پهريون حقيقت ڀريون لکيتون ”ڪئنٽر بري ٽٻيلس“ نالي ڪتاب ۾ ظاهر ٿيون. هن کان پوءِ ”شيڪسپيئر“ جهڙو اعليٰ اديب پيدا ٿيو ۽ ان کانپوءِ به ڪيترائي حقيقت نگار انگلينڊ جي ادب ۾ چمڪيا آهن.

ادب جو اتهاس پڙهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته ادب جي ترقي، سماجي ترقيءَ سان ٻڌل آهي؛ ڇاڪاڻ ته ادب سماجي حقيقت جي تصوير ڪشي ٿو ڪري: تنهنڪري جئن جئن سماج اڳتي وڌي ٿو، تئن تئن ادب ۾ حقيقت_نگاريءَ جو مفهوم پڻ بدلجندو رهي ٿو. جڏهن ادب ۾ حقيقت_نگاريءَ جو ذڪر ڪجي ٿو، ان وقت حقيقت_نگاريءَ جو ڪو محدود، مطلق يا آخر بن تصور نه هوندو آهي، پر حقيقت نگاريءَ جو تصور پڻ سماجي صورتحال مطابق ڦرندو رهي ٿو. هر دور ۾ حقيقت_نگاريءَ جو نظريو ساڳيو نه رهيو آهي. ادبي حقيقت_نگاري، سماجي حقيقت_نگاريءَ جي تقاضا ٻڌي ٿي، ۽ ان جو عڪس چٽي ٿي، جئن سماجي شعور وڌندو رهي ٿو، تئن ادب زندگيءَ کي وڌيڪ ويجهائيءَ تان ڏسي ٿو: ۽ جيترو ادب زندگيءَ کي ويجهو ٿو اچي، اوترو وڌيڪ حقيقت پرست ٿيندو ٿو وڃي، ۽ فني حقيقت_نگاري وڌيڪ وسيع ٿئي ٿي. ادبي حقيقت_نگاري، وقت ۽ حالتن پٽاندر، ادب ۾ سمائجي وڃي ٿي. هن باري ۾ اميريڪا جي برک اديب هاورڊ فاسٽ هن ريت لکيو آهي؛” جڏهين مان ادب ۾ حقيقت_نگاريءَ جي ڳالهه ٿو ڪريان، تڏهين مان ڪا مقرر حقيقت_نگاري نٿون چوان؛ پر منهنجو مطلب ان مان اها حقيقت_نگاري ۽ سچ آهي، جنهن جو سماج جي ماحول ۽ حالتن سان واسطو آهي. حقيقت_نگاري وڏي ڪسوٽي آهي، پر اها تاريخي پس منظر ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ئي ڏسڻي آهي.“

دنيا جي ادب جي اتهاس ڏانهن نظر وجهنداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اڻويهين صديءَ  ۾، ادب ۾ حقيقت_نگاريءَ جو هڪ زوردار ۽ اهم دور شروع ٿيو_ جنهن کي تنقيدي حقيقت_نگاريءَ جو دور سڏجي ٿ. اهو تنقيدي حقيقت_نگاري جو دور انگلينڊ مان شروع ٿيو. اڀياس مان معلوم ٿيندو ته هيءُ نئون دور پڻ سماجي حالتن جي پيدائش هو، اڻويهين صديءَ ۾ هڪ نئ.ين سماجي طاقت اقتدار ۾ آئي، جا هئي سرمائيداري طاقت. هن نئينءَ طاقت، زندگيءَ جي فيلسوفيءَ ۾ نوان قدر پيدا ڪيا، نون جذبن ۽ امنگن کي جنم ڏنو، ۽هڪ نئين جڳ جي شروعات ڪئي، پر انهيءَ شڪتيءَ جلدي پاڻ کي پنهنجي سچي روپ ۾ ظاهر ڪيو؛ اها شڪتي ڪٺور ۽ پيڙيندڙ ثابت ٿي، ۽ سهڻن خوابن کي حاصل ڪرڻ جي بجاءِ، زندگي نفعي جي گهاڻي ۾ پيسجڻ ۽ ٻوساٽجڻ لڳي. ادب، زندگيءَ جا تقاضا اونائي، اهڙيءَ بيچس، خود غرض ۽ ڏکن سان ڏٽيل حياتيءَ جي حقيقتن کي پاڻ وٽ جڳهه ڏني. وقت جا وڏا حقيقت_نگار ڊڪنس، بالزڪ، ٿئڪري، سٽئنڊال، ٽالسٽائي، چيخوف، گوگول، وغيره پيدا ٿيا، جن سماجي خواه شخصي حياتيءَ جي زوردار ۽ ڪڙي تنقيد ڪئي: آگرين، ڪڙين ۽ اڻوڻندڙ سماجي حقيقتن کي خوب چٽيو، ۽ سماج جي زخمن جي اوگهڙ ڪري، وقت جي صحيح تصوير پيش ڪئي. حياتي ڪيتري قدر ذليل هئي، انسان ڪيتري قدر حيواني حالت کي پهتو هو، انساني قدرن جو ڪيئن مذاق اڏايو ٿي ويو، لوڀ ۽ لٽ جو ڪيتري قدر وهنوار هو_اهي سڀ حقيقتون سندن ڪردارن ۽ ناولن ۾ سچائيءَ سان پيش ڪيون ويون آهن. هنن حقيقت_نگارن انهن طبقن کي پينقاب ڪيو، جي هر چيز جو قدر پيسي سان ماپيندا رهن ٿا. دنيا جي ادب ۾ هوءَ تنقيدي حقيقت_نگاريءَ جو دور، حقيقت_نگاريءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم، زوردار ۽ وڏو ڏاڪو هو. ان دور ۾ خاص طور حقيقت_نگار ناول جي تمام گهڻي اوسر ٿي. هنن حقيقت_نگارن، حقيقتن کي بيشڪ تنقيدي نظر سان پيش ڪيو؛ پر ان کان مٿي وڌي ڪين سگهيا. انهن جي مٿان تاريخي حدون هيون. هنن زندگيءَ ۽ سماج جي ڪڙي ۽ صحيح حقيقت کي خوب چٽيو؛ پر ان کان اڳتي اڀري نه سگهيا. هنن سماجي 7 شخصي مسئلن کي بلڪل کولي رکيو، پر انهن جو جواب نه ڏيئي سگهيا. هنن حقيقتن کي بلڪل سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پيش ڪيو، پر انهن حقيقتن جي تهه ۾ لڪل تضادن کي نه پروڙيو، ۽ انهن حقيقتن کي بدلائڻ جي ڪا جهلڪ يا سلجهاءُ نه ڏنو. او دور حياتيءَ تي تنقيد جي لحاظ کان تمام اهم هو؛ پر اڳتي لاءِ رستو ڏيکارڻ کان قاصر هو.

جعفريءَ هڪ هنڌ چيو آهي:”فن ۽ ادب هميشه حقيقت کي بدلائڻ لاءِ ڪم آيو آهي_ ڪڏهين جادوءَ جي حيثيت ۾، ته ڪڏهين فن جي حيثيت ۾: ڪڏهين شعوري طرح، ته ڪڏهن غير شعوري طرح“. ادب ۽ فن برابر حقيقتن تي منحصر آهن، ۽ حقيقت مان پيدا ٿين ٿا؛ پر اهي پنهنجي ليکي حقيقت تي اثر پڻ وجهن ٿا. اديب جو فرض آهي ته هو نه صرف حقيقتن کي سمجهي ۽ انهن کي پيش ڪري، بلڪه حقيقتن جي بلڪل تهه ۾ وڃي، انهن کي خوبصورت ۽ روشن صورت ۾ بدلائڻ جي جهلڪ ڏئي، ان جو مطلب اهو بنهه نه آهي ته هڪيا تڪيا جواب يا حل پيش ڪيا وڃن_ ڇاڪاڻ ته فن، فن کي لڪائڻ ۾ آهي: جڏهين اديب حقيقتن کي چٽي، مستقبل ۾ انهن جو روشن پهلو ڏئي، ۽ حقيقتن تي پنهنجي تصور ۽ ڪلپنا جو رنگ چاڙهي ٿو، ته اهو حقيقتن جو تخليقي ۽ رومانوي پاسو بڻجي پوي ٿو؛ جيڪڏهن ڪو اديب حقيقت ۾ پيهي وڃي ٿو، ۽ هقيقتن مان مستقبل جو تصور ڇڪي وٺي ٿو، ۽سندس فن تخليقي حقيقت_نگاريءَ تي پهچي ٿو، تڏهن چئبو ته هو هڪ اعليٰ چتر يا ڪردار پيش ڪري سگهيو آهي.

ادب ۾ رومانوي ڌارا پڻ اڻويهين صديءَ ۾ پيدا ٿي، جڏهين حقيقتن تي، تخليڪ ۽ ڪلپنا سان، اعليٰ مقصدن جو ۽ خوبصورت تصورن جو رنگ چاڙهيو ويو. رومانوي ادب انسان جي اڳيان تمام روشن ۽ اڏامندڙ خواب پيش ڪيا، ۽ سندس دل ۾ وسيع دنيا مٿان فتح جا امنگ ۽ ارادا جاڳايا. رومانيت جي ٿوري ۾ سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا گونا گون تصور ۽ نظريا آهن؛ پر انهن کي ٿلهي ليکي ٻن گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

هڪ رمانوي ڌارا اها آهي، جنهن ۾ حقيقتن کي سهڻو ۽ رنگين ڪري ڏيکاريو ٿو وڃي، انسان جي امنگن ۽ احساسن کي آسمان ڏانهن اڏايو ٿو وڃي. ۽ انسانن جي ارمانن ۽ حسرتن کي لولي ڏيئي سمهاريو ٿو وڃي. اهڙا رومانوي اديب حقيقتن کان پري ڀڄي، پڙهندڙن کي اجين ۽ بيسود ويچارن ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي عجيب ۽ خيالي تصويرون چٽي، سارو ڌيان ڪن ناممڪن ۽ هوائي ڳالهين ڏانهن ٿا ڇڪائين. هو حقيقي زندگيءَ کان پاسو ڪرائي، هيءَ زنده دنيا وساري، هڪ خوابي دنيا جو تصور پيش ڪن ٿا، جنهن ۾ هر قسم جو آنند آهي: باقي هن دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي کل ۽ ٺٺوليءَ جو مرڪز بڻايو ٿو وڃي. هو پنهنجي يا پنهنجي ڪردارن جي محض شخصي ويچارن ۾ ماڻهن کي الجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

ٻئي طرف، صحتمند رومانوي نظريو اهو آهي، جو انساني امنگن ۽ احساسن کي ڪشادو ٿو ڪري، ارادي کي محڪم ٿو بڻائي، بهتر زندگيءَ لاءِ تڙپ ٿو پيدا ڪري، ۽ انسان کي حسين خواب ڏيکارڻ سان گڏو گڏ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمڪش ڪرڻ تي پڻ آماده ٿو ڪري. اڻويهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ ”شيلي“، ”بائرن“ ۽ ”ڪيٽس“ جهڙا رومانوي شاعر پيدا ٿيا، جن انسان کي اڏامڻ ۽ سندر خوابن جي حاصل ڪرڻ لاءِ تصوراتي پر ڏنا، ۽ انسان ۾ سهڻين شين لاءِ تڙپ پيداڪئي. گورڪيءَ جي ڪهاڻين جا شروعاتي ڪردار به اهڙا بيباڪ ۽ جانباز آه، جي پنهنجي چوڌاري حالتن سان لڙن ٿا، ۽ بهتر زندگيءَ لاءِ جاکوڙ ۽ همٿ ڏيارين ٿا. رومانيت ۾ برابر ”وڌاءَ“ جو پهلو خاصو ٿئي ٿو، پر اهڙو صحتمند وڌاءُ جو حق آهي. فائوسٽ، هرڪيولس، پراميٿيوئس، ۽ ڊان ڪوئڪز وٽ جي ڪردارن ۾ خاص فن ڪو نه آهي، پر حياتيءَ جي حقيقتن جو واجبي وڌاءُ آهي.“ رومانوي ڪردار ايترو اڀريل ۽ اعليٰ امنگن سان ڀرپور ٿئي ٿو، جو ان کي حقيقي زندگيءَ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. اهڙو ڪردار هرو ڀرو عبث نٿو ڀاسي. در اصل رومانيت ۽ حقيقت_نگاري پاڻ ۾ ائين سمايل ٿين ٿيون، جو انهن کي الڳ ڪرڻ ئي مشڪل آهي.

مٿي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي ته سماجڪ ترقيءَ سان انسان جي علمي ۽ شعوري ترقي ٿئي ٿي، جنهن جو عڪس ساهت ۽ ٻين ڪلائن ۾ ملي ٿو، ۽ ساٿ ئي ساٿ ادبي حقيقت_نگاريءَ ۾ پڻ ترقي ٿئي ٿي، ويهين صديءَ جي نين سماجي حالتن هيٺ حقيقت_نگاريءَ جي نظريي ۾ واڌ آئي، ۽ حقيقت_نگاريءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. هيءُ حقيقت_نگاريءَ جو تخليقي ۽ سماجي دور هو. اڻويهين صديءَ جي حقيقت_نگاريءَ ۾ جيڪا ڪسر باقي رهيل هئي، تنهن جو پورائو هن نئين نظريي ڪيو. اوڻويهين صديءَ جي حقيقت_نگاريءَ، حياتيءَ تي بيشڪ تنقيدي نظر پيدا ڪئي؛ پر هوءَ حياتيءَ جو نئون تصور پيدا نه ڪري سگهي. تخليقي ۽ سماجي حقيقت_نگاري اهو نظريو آهي، جو حقيقت کي صرف جئن جو تئن نٿو چٽي، بلڪه حقيقت جي پٺيان جيڪو اهم منطق آهي، تنهن کي چٽو ڪري ٿو: ۽ ڇاڪاڻ ته ادب حقيقت کي بدلائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، تنهن ڪري حقيقت_نگاريءَ زندگيءَ کي بدلائڻ جو پيغام ڏئي ٿي، ۽ هڪ اهڙيءَ حقيقت جو تصور پيش ٿي ڪري، جنهن لاءِ هيلتائين اديبن خواب لڌا آهن، شاعرن تصور ڄمايا آهن ۽ عوام دل جو دل ۾ امنگ پاليا آهن.

هيءُ نئون نظريو سماجي شعور جي پيدائش آهي، جنهن ۾ سماج جي بدل سدل ۽ انساني زندگيءَ جي منطق کي صحيح نموني ۾ پسيو ويو آهي، يعني ته حقيقت کي سندس چرندڙ ۽ اڀرندڙ پهلو به پسڻو آهي، ۽ ان جو سڀني طرفن کان مڪمل چتر پيش ڪرڻو آهي. سماجي حقيقت_نگاريءَ جي تز ۽ ٿوري هيٺين سمجهاڻي آهي: ”حقيقت ۽ سندس انقلابي ارتقا ۽ اوسر جو سچو ۽ تاريخي نقطءِنگاهه کان صحيح بيان.“

”حقيقت_نگاريءَ ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ“ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ گوگول، ٽالسائي، ڊڪنس، ابيسن ۽ بالزڪ اعليٰ حقيقت_نگار هئا، جي پنهنجي ماحول جي حقيقتن ۽ حالتن جا سخت نقاد هئا، پر اهي محدود تاريخي حدن جا پائبند هئا: انهن لاءِ اهو ممڪن ڪونه هو، جو حياتيءَ جو پڙدو هٽائي، حياتيءَ جي آئندي جي تصوير جو صحيح ۽ بدلجندڙ چتر پيش ڪري سگهن ٿا: پر اڄ جو سماجي حقيقت _نگار، نه صرف پنهنجي چوڌاري حقيقتن کي اکين سامهون ڏسي انهن جو سچو چتر چٽي ٿو، بلڪه انهن جو بدلجندڙ روپ پڻ پرکيٿو، ۽ ان مان اهو تصور حاصل ڪري ٿو ته زندگي ڪهڙي طرف ترقي حاصل ڪري رهي آهي ۽ انسان ذات لاءِ ڪهڙي روشن راهه کلي رهي آهي. اڄ اديب اهڙيءَ منزل تي پهتو آهي، جو فنڪار نه صرف حقيقتن متعلق اهم ۽ نازڪ سوال اٿاري ٿو، پر انهن جي عملي ۽ حقيقي سلجهاءَ جي جهلڪ پڻ پيش ڪري ٿو،. هو آئندي جي پڙدي اندر جهاتي پائي، حقيقت کي ڏسي ٿو. سندس فني حقيقت جو نظريو نهايت ڪشادو آهي. حقيقت ۽ آدرش جو سهڻو ميلاپ، سماجي حقيقت_نگاري آهي، جنهن ۾ رومانوي بهشت ۽ حقيقي دنيا ٻئي سمائجي وڃن ٿا. هي وقت اهو ايو آهي، جڏهين خواب ۽ حقيقت جي وچ ۾ واقعي به مفاصلو گهٽجي رهيو آهي.

پر ٻئي طرف، ٺلهي ۽ تفريحي حقيقت_نگاريءَ جي ويچار ڌارا وارا ۽ تخليقي حقيقت_نگاري جي مخالف اديب، ساهت کي اڃان به شوق جي چيز ٿا سمجهن، اهڙي ويچار ڌارا جي سڪول جو نمائندو، سمرسيٽ ماهم، اجهو هئن ٿو چوي،: ”منهنجو ويچار اهو آهي ته هڪ ناول نويس سٺو ناول نويس بڻجي. هن لاءِ اهو اجايو آهي ته پيغمبر  يا آدرش ڦهلائيندڙ بڻجي، يا ڪنهن ويچار جو ڦهلاءُ ڪري. ناول هڪ فن آهي، ناول هڪ فن آهي، جنهن جو مقصد ڪا هدايت ڏيڻ نه، پر وندرائڻ ۽ خوش ڪرڻ آهي.“

سماجي حقيقت_نگاريءَ جو جنم داتا، اعليَ ترقي پسند ساهتڪار، مئڪزم گورڪي هو: ۽ دنيا جي ساهت ۾ پهريون اعليٰ درجي جو سماجي حقيقت_نگاريءَ جو مثال گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ آهي. ”ماءُ“ هڪ رواجي حقيقت_نگاريءَ جي تصوير نه آهي. گورڪيءَ جي شروعاتي لکڻين جا ڪردار رومانويهئا، جي چوڌاري حالتن  ۽ حقيقتن سان ٽڪر کائيندا هئا، ۽ انهن کان هميشه پري نڪري بيهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر ”ماءُ“ ۾ گورڪيءَ سماج ۽ تشخصن جي وچ ۾ هڪ نئون رشتو پيدا ڪيو آهي: هتي ڪشمڪش يا جدوجهد ڪن شخصن جي وچ ۾ نه، پر سماجي گروهن وچ ۾ آهي، جي ڪنهن آدرش يا اعليٰ مقصد لاءِ ڪشمڪش ڪري رهيا آهن، هو نه صرف اعتراض بلند ڪن ٿا، پر خود ئي مشعل راءِ بڻجي اڳتي وڌن ٿا. اهي، پنهنجي شخصي، تنگ ۽ خود غرض ماحول مان پاڻ کي آجو ڪري، هڪ گڏيلو سماجي مفاد لاءِ جاعي اٿن ٿا، هيءُ هڪ اعليٰ ۽ نئون مقصد آهي، جنهن ڏانهن انسان اجتمائي طور وڌي رهيو آهي. ”ماءُ“ نه صرف پيڙيل طبقي جي وير_ڪٿا (اپڪ) آهي، پر هڪ نئين انسانيت کي جنم ڏيڻ جي داعي رهي آهي. ”پاويل“ (مکيه ڪردار) يا ”ماءُ“ ڪي خيالي ڪردار ڪينهين، پر تاريخي حقيقتن جا مجسما آهن، جي دنيا جي مظلوم ۽ دکي انسانن کي زندگيءَ جي هڪ نئينءَ ۽ بهتر حقيقت جو پيغام ڏئي رهيا آهن.

سماجي حقيقت_نگاريءَ جو نظريو وسيع آهي، جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جي تصوير بلڪل صحيح ۽ چٽي ڏسي سگهجي ٿي. حقيقت_نگاريءَ جو هي5 هڪ نئون شعور آهي، جو هر چيز کي پوري انداز ۾ پرکي ٿو، اهڙي صفائي سوويت ليکڪ اي. ڪي. واسيليوف هنن لفظن ۾ ڏني آهي؛ ”صرف سماجي حقيقت کي چٽڻ سماجي حقيقت_نگاري نه آهي. هنن لفظن ۾ ڏني آهي، سڀ اهميت ڀريون حالتون ۽ ويچار، جي اڄ جي زندگيءَ مان اڀرن ٿا ۽ سماجڪ ويچارن کي اڳتي وٺي وڃن ٿا، سي سماجي حقيقت_نگاريءَ جي دلچسپيءَ جون ڳالهيون آهن ۽ ان جي حدن اندر اچي وڃن ٿا“.

سماجي حقيقت _نگاريءَ جو اهومطلب نه آهي ته ڪن ويچارن ۽ متن کي اڳيان رکي ادب جي تخليق ڪئي وڃي، اهو غلط نظريو آهي. ڪن خيالن يا متن جون چٽڪيون ٺاهي، ڪن ڪردارن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏڻ سان سماجي حقيقت_نگاري نٿي پيدا ٿئي: بلڪه حقيقي شخصن کي_جي زنده حياتيءَ ۾ ڏسجن ٿا_کڻي، انهن جي حياتيءَ کي سچائِيءَ ۽ چٽائيءَ سان پيش ڪري، انهن جي حياتيءَ پٺيان لڪل سچ کي ظاهر ڪرڻ سان سماجي حقيقت_نگاري پيدا ٿئي ٿي.

سماجي حقيقت_نگاريءَ جو نظريو اڃان نئو آهي، جو الڳ الڳ ملڪن جا اديب آهستي آهستي قبولي ۽ پنهنجو ڪري رهيا آهن. ان نظريي ۾ جيتوڻيڪ اڃان تڪميل ۽ بختگي نه آئي آهي_جنهن لاءِ خود چيني ساهت تي ڳالهائيندي، چيني ليکڪ چائوينگ لکي ٿو ته ”اڄ جيڪي چيزون سماجي حقيقت_نگاريءَ جي اصولن تي چيني ليکڪ لکن ٿا، سي تڪميل کان گهڻو پري آهن: اهي اڃان ترقيءَ جي رستي تي آهن“_ پر اڄ جي حقيقت_نگار عوامي اديب لاءِ گورڪيءَ جا هيٺان لفظ بيشڪ وڏي غور لائق آهن: ”مان چاهيان ٿو ته ادب حقيقت کان مٿي اڀري اچي؛  مٿان بيهي حقيقت تي نظر وجهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس مقصد صرف حقيقت کي پيش ڪرڻ يا چٽڻ نه آهي؛ اهو ڪافي نه آهي ته جيڪي ڏسون ٿا، ان جو چتر پيش ڪريون، پر اسان کي ان جو به خيال رکڻ گهرجي ته ڇا حاصل ڪري سگهجي ٿو، يا ڇا حاصل ڪرڻ ممڪن آهي“.

جي.جي. روسو (1716_1778ع)

سنڌيڪار:محمد ابراهيم جويو

انساني غير برابريءَ جي ابتدا

انسانن جي وچ ۾ سموريون غير برابريون ۽ ننڍ_وڏايون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون: هڪڙيوناهي، جن کي آءُ فطرتي يا طبيعي ٿو سڏيان، ڇاڪاڻ ته اهي خالص فطرت طرفان قائم ڪيل آهن؛ انهن جو مثال هيءُ آهي ته هڪڙا انسان ٻين انسانن کان عمر ۾، صحت ۽ تندرستيءَ ۾، جسماني توڙي ذهني قوتن ۽ صلاحيتن ۾، مختلف انداز ۽ درجا رکن ٿا؛ ٻيون اهي جن کي آءُ سياسي يا سماجي  غير برابريون ٿو سڏيان، ڇاڪاڻ ته اهي محض سماجي رسم و رواج ۽ سياسي قاعدن ۽ قانونن تي بيٺل آهي، ۽ انهن کي انسان پنهنجن هٿن سان پاڻ پيدا ڪن ٿا ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان هڪ ٻئي جي مٿان ٿڦين ۽ مڙهين ٿا. اهي ٻئي قسم جون غير برابريون هنن ڳالهن ۾ ظاهر ٿين ٿيون، جو هڪڙا_ انسان ٻين انسانن کان زياده فائدا ۽ سهوليتون سماج ۾ ماڻيندا رهن ٿا_جهڙوڪ هو ٻين پاڻ جهڙن انسانن کان زياده شاهوڪار ۽ دولتمند، زياده عزت ۽ مرتبي وارا، زياده طاقتور ۽ ذياده اثر ۽ رسوخ رکڻ وارا بنجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو هو انهن ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي آخر پنهنجي فرمانبرداريءَ ۽ غلاميءَ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين.

هن منهنجي مضمون جو مقصد ئي هيءُ آهي ته ڏسجي ۽ جاچجي ته اهي انسانن جي هٿ جون ٺهيل ننڍ_وڏايون منجهن ڪڏهن پيدا ٿيون؛ سندن تاريخ حيات جي ڪهڙيءَ منزل تي هو پنهنجي فطرت طرفان مليل خود_مختياري ۽ آزاديءَ کي ڇڏي وڃي، مصنوعي ۽ خودساخته غلاميءَ جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿيا_ايتري قدر جو اڄ منجهائن اهي جي انفرادي توڙي اجتماعي طرح في الحقيقت زياده طاقتور  ۽ سگهارا آهن، سي فقط ڪن ٿورڙن بيڪار ۽ ڪمزور شخصن جي ٻانهپ ۽ جي_حضوريءَ ۾ پيا ٿا، پنهنجون انمول زندگيون برباد ڪن، ۽ پوءِ به ائين پيا ٿا سمجهن ۽ وسهن ته ائين ڪرڻ سان کين امن امان، سلامتي ۽ آرام ميسر ٿو ٿئي! انسانن جي زندگيءَ جي هن آزاد ۽ دائمي وهندڙ درياءَ ۾ ڪڏهن  ۽ ڪهڙن سببن ڪري هيءُ الٽو ۽ ابتو وهڪرو شروع ٿيو، جو اڄ هرڪا چيز، هرڪا ڳالهه  ۽ زندگيءَ جي هرڪا چرپر پنهنجي اصلي فطرت جي تقاضا کان منهن موڙي، ”ڪيڏانهن ٿيو ڪوهيار، ڪيڏانهن ٿي هٿ کڻي“ جي مثال وانگر، پنهنجي ئي پيدا ڪيل غلط راهروي جي الٽي چڪر ۾ موڙهل ۽ سرگردان آهي!_هيءَ آهي اها ڳالهه، جيڪا مون کي هن مضمون ۾ توري تڪي ۽ ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪرڻي آهي.

انسان ۾ هڪ خاص وصف اهڙي موجود آهي، جيڪا کيس ٻين سڀني حيوانن کان هڪدم الڳ ڪري کيس پنهنجي مخصوص ۽ امتيازي مقام ٿي وڃي ٿي بيهاري: ۽ اها هيءَ آهي ته پاڻ کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ڏاهپ ۽ صلاحيت منجهس موجود آهي، ۽ اها ئي هڪ سندس امتيازي اصلي خصوصيت آهي، جيڪا مختلف حالتن ۽ موقعن پٽاندر، سندس ٻين سمورين قوتن ۽ صلاحيتن کي جياري، اڀاري ۽ سڌاري ٿي. دنيا جي سمورين قومن جي عقل ۽ سمجهه جي ترقيءَ جو آخرين دارو مدار هميشه هن ڳالهه تي پئي رهيو آهي. ته قدرت طرفان کين جنهن طبيعي ماحول ۾ رهڻو پيو آهي، تنهن ۾ جيڪي ضرورتون ۽ گهرجون وقت بوقت کين پئي محسوس ٿيون آهن، انهن جي پوري ڪرڻ لاءِ هنن انهيءَ ”خودياوريءَ“  جي جذبي کان ڪم وٺي هر ممڪن طريقي سان هميشه پئي هٿ پير هنيا آهن، ۽ ائين ڪرڻ سان وقت به وقت پنهنجي فهم کي تيز ۽ پنهنجي عقل کي زياده پختو ۽ گهرو پئي بنايو آهي. جيترو وڌيڪ انهيءَ ڳالهه تي سوچجي ٿو، اوترو زياده هيءَ  حقيقت اسان جي سامهون ظاهر ٿي ٿئي، ته انسانن جي هيءُ موجوده سموري ترقي، سندن جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ گهرجن ۽ ضرورتن جي پس منظر ۾، سواءِ باهمي تعاون ۽ هڪ ٻئي سان ذهني ڏي_وٺ جي، بنهه ناممڪن هئي؛ ڇاڪاڻ ته انسان جون اهي سموريون طاقتون جيڪي محض سندس جسم تائين محدود آهن_ مثلن سندس ڊوڙڻ جي طاقت، سندس ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، سنگهڻ ۽ چکڻ جي قوت، يا سندس اهڙيون ٻيون خالص حيواني قوتون _ايتريون ته حقير ۽ ڪمزور آهن، جو جيڪڏهن هو رڳو انهن جي ئي آڌار تي زندگي گذارڻ تي راضي رهيو ويٺو هجي ها، ته هو نه فقط ترقيءَ جي موجوده منزل تي رسي ڪين سگهي ها، پر شايد هن کان گهڻو اڳي سندس نالو نيشان ئي هن صفحهءِ هستي تان ميٽجي ۽ ميسارجي وڃي ها. انسان جي اها خوش نصيبي چئجي، جو کيس وقت بوقت زنده رهڻ لاءِ اهي اهي ضرورتون پئي پيش آيون آهن، جن کي پورو ڪرڻ سندس خالص حيواني قوتن جي وس کان ٻاهر هو، ۽ انهيءَ ئي سبب ڪري کيس پنهنجي انهن بنيادي حيواني، قوتن کي، وقت بوقت، مختلف طريقن سان ۽ مختلف رنگ ڍنگ ۾ پئي وڌائڻو ۽ زور وٺائڻو پيو آهي.

پاڻ کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي صلاحيت سان گڏ انسان ۾ هڪ ٻي به وصف موجود آهي، جنهن کي آءُ ”فطرتي نيڪي“ ٿو سڏيان. ڪيترا شخص اهڙا به آهن، جي انسان جي هن فطرتي نيڪيءَ کان بنهه نااميد آهن، ۽ ائين مڃين ٿا ته انسان جي فطرت اصل کان وٺي ناپاڪ ۽ گناهه ڏانهن مائل آهي. اهڙن شخصن سان آءُ ڪنهن بحث ۾ وڃڻ نٿو گهران؛ پر آءُ سمجهان ٿو ته اهي به ڪم از ڪم هن ڳالهه کان انڪار ڪين ڪندا ته اسان ۾ آنس، همنوائيت يا ”همدرديءُ“ جو جذبو فطرتي طور هميشه موجود آهي. هيءُ اهو جذبو آهي جو ڪمزور ۽ بيوس جيون لاءِ، خاص طرح انهن جيون لاءِ جيڪي اسان انسانن وانگر عجيب و غريب خوفن ۽ خطرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هڪ نهايت مناسب  ۽ ڪارائتو جذبو آهي؛ ۽ ساڳئي وقت هيءُ هڪ اهڙو عام ۽ فطرتي جذبو آهي، جو ان جي پيدا ٿيڻ ۽ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪنهن به فڪر يا ارادي جي ڪا ضرورت ئي ڪانه ٿي پيش اچي_ ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن جهنگ جا وحشي حيوان ۽ فطرتي طور ان جو مظاهرو اسان جي اکين اڳيان ڪري گذرندا آهن.

انسان پنهنجي مٿان هاڻي کڻي ڪيتريون ۽ تهذيب ۽ اخلاق جو پائبنديون عائد ڪيون آهن، تنهن هوندي به جيڪڏهن فطرت کيس انهيءُ همدرديءُ جي جذبي سان بنيادي طرح نه نوازي ها_ انهيءَ لاءِ ته هو پنهنجي عقل ۽ فهم کي انهيءَ جذبي جي ضابطي ۾ رهبريءَ هيٺ جيئن پوءِ تيئن زياده سڌاريندو ۽ سنواريندو رهي_ ته هوند انسان اڄ به هڪ وحشي درندي کان ڪنهن به حالت ۾ بهتر ۽ برتر ڪين هجي ها، هيءَ به هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته انسان ۾ اڄ جيڪي به سماجي يا معاشرتي چڱايون موجود آهن، سي سڀني انهيءَ هڪڙي جذبي مانئي ڦٽي نڪتيون  آهن، سخاوت، رحم ۽ قياس، انسانيت لاءِ سوز ۽ درد_هي سڀئي محض همدرديءَ يا ”پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان همنوائيت“ جي جذبي جون مختلف صورتون آهن، جيڪي هڪ ڪمزور ۽ محتاج انسان لاءِ، هڪ پاپيءَ ۽ گنهگار شخص لاءِ، يا عام بني نوع انسان جي دک درد واريءَ حالت ۾ پنهنجو عملي روپ انهيءَ روءِ ڏيکارين ٿيون. عشق ۽ محبت، دوستي ۽ عزازت ڇا آهن_ سواءِ هن جي ته هڪ انسان پنهنجي فطرتي همدرديءَ جو جذبو محض هڪ خاص چيز تائين محدود رکي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت چاهي ٿو ته اها سندس محبوب چيز ڪڏهن به ڪو ڏک ۽ تڪليف نه ڏسي، ۽ هميشه خوش ۽ سکي گذاري!

جيتري قدر هڪ انسان ڪنهن ٻئي دکي جيو سان پاڻ کي هم آهنگ ۽ يڪرنگ پائيندو ۽ واصل ڄاڻندو، اوتري ئي قدر سندس فطرتي همدرديءَ جي جذبي ۾ زياده گهرائي، پائداري ۽ پاڪيزگي کي پيدا ٿيندي، هيءُ به ظاهر آيه ته اوائلي زماني ۾ جڏهن انسان خالص فطرتي ماحول ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور هو،  تڏهن سندس پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان اها هم آهنگي ۽ يڪرنگي زياده پوري ۽ مڪمل صورت ۾ موجود هوندي، ڇاڪاڻ ته خالص فطرت جي تقاضا مطابق انسانن جون گهرجون، خواهشون، جذبات، طرز زندگي ۽ روزمرهه جو عام ڪاروبار وغيره سڀ جا سڀ زياده برابر ۽ هڪ جهڙائي ٿيڻ گهرجن؛ ۽ اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ انسان جي دل ۾ علحدگيءَ ۽ انفراديت جو احساس پيدا ٿئي، سو جيڪڏهن بنهه ناممڪن نه آهي، ته به گهڻو مشڪل آهي، هڪ طرف جيڪڏهن انسان جي خالص فطرت کي رکجي، ۽ ٻئي طرف سندس عقل ۽ ادارڪ کي بيهارجي_انهيءَ معنيءَ ۾ ته انسان جو عقل ئي آهي جو سندس فطرت جي لاڙن کي روڪڻ، موڙڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري_ ته پوءِ انسان جي فطرت ۽ عقل جي انهيءَ نسبت مان معلوم ٿيندو ته اهو سندس عقل ئي آهي، جو کيس اول اول پنهنجي علحدگيءَ ۽ انفراديت جو احساس ٿو ڏئي: پوءِ جيترو زياده هو غور ۽ فڪر ڪندو رهي ٿو اوترو ئي سندس علحدگيءَ جو احساس زياده مضبوط ۽ پائدار ٿيندو رهي ٿو، ايتري قدر جو آخر هو پاڻ کي ٻين سڀني چيزن کان بلڪل الڳ  ۽ پري سمجهي پنهنجي ۽ انهن ٻين چيزن جي وچ ۾ اهڙي اهڙِي قسم جا ويڇا، مخالفتون ۽ فرق قائم ڪري ٿو وجهي، جيڪي ختم ٿيڻ يا گهٽ  ٿيڻ جونالو به پوءِ ڪين ٿا وٺن، ۽ ٿوري ڪي گهڻي زماني   گذرڻ کانپوءِ اهي هٿ جا پيدا ڪيل غير فطري ويڇا ۽ تفاوت اهڙو ته پائدار روپ وٺي بيهي ٿا رهن، جو انهن کي اصلي ۽ غين فطر تي سمجهڻ جو عام مغالطو انسانن ۾ پيدا ٿي ٿو پوي.

حضرت عقل جي انهيءَ ”انسان دشمن“ ڪار فرمائيءَ تي جيڪڏهن ڪو هٿيار نظرداري ۽ روڪ رکي سگهي ٿو ته اهو آهي انسان جي فطرتيءَ همدرديءَ جي جذبي جو هٿيار،  جيڪو سندس خود_ محويت جي شدت ۽ شر کي روڪي ۽ ٺاهري سگهي ٿو، ۽ اگهڙي طرح باهمي تعاون جي طريقه ڪار  کي ممڪن بنائي، انسان ذات جي بقاي حيات جو واحد ڪارڻ ٿو بنجي. اهو ئي همدرديءَ جو جذبو آهي، جو سماجي قاعدن ۽ڻ قانونن، رسم رواج، ۽ تهذيب و اخلاق جي عدم موجودگيءَ ۾ به غير مهذب ۽ غير متمدن، وحشي ۽ نيم وحشي انسانن کي هڪ ٻئي سان خوش اسلوبيءَ، دوستيءَ ۽ محبت سان زندگيءَ گذارڻ تي آماده ٿو ڪري_ايتري قدر جو ان حالت ۾ ڪنهن کي به ان فطرتي جذبي جي عدول حڪمي ڪرڻ جي نه رڳو ڪڏهن ڪا همت ئي ڪانه ٿي ٿئي، پر ان جو ٺلهو امڪان به ڪنهن جي خواب خيال ۾ ڪين ٿو اچي سگهي. انسانن جي وچ ۾ جيڪي فرق ۽ ويڇا، غير برابريون ۽ ننڍ ‎_ وڏايون اسان جي موجوده مهذب ۽ متمدن سماج ۾ موجود آهن، سي اهڙي فطرتي ماحول ۾، جنهن کي قديم اشتراڪي ماحول به سڏي سگهجي ٿو، ڪنهن کي رڳو محسوس به ڪين ٿينديون هيون.

جنهن شخص شروع شروع ۾ ڪنهن هڪڙي خاص زمين جي ٽڪري جي چوڌاري ليڪو پائي ۽ لوڙهو ڏيئي، وٺي اها دعوا ڪرڻ شروع ڪئي ته ”هيءَ زمين منهنجي آهي“، ۽ ساڳئي وقت وري اتفاق سان کيس ٻين اهڙن ساده دماغ ماڻهن سان واسطو پيو، جن سواءِ ڪنهن چون چرا جي سندس اها دعويٰ کڻي قبول ڪئي، ۽ مٿس وسهي ويهي رهيا_ ته پوءِ آءُ سمجهان ٿو ته اهو ئي پهريون شخص هو، جنهن پنهنجي انهيءَ هڪڙي عمل سان انسانن ۾ سماجي طرز زندگيءَ جي ابتدا ڪئکي، ۽ منجهن ٻين سمورين غير برابرين ۽ ننڍ_وڏاين جا پهريان بنياد قائم ڪيا. جيڪڏهن عين انهيءَ وقت ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو نڪري پوي ها، جو انهيءَ شخص جي نشان ڪيل حدن کي ڊاهي ۽ سندس لوڙهي کي پٽي پري اڇلائي، پنهنجن ساٿين کي اٿي آگاهه ڪري ها ته ”ساٿيو! هيءُ اول درجي جو ٺڳ اٿو، هن کان خبردار رهجو؛ جيڪڏهن انهيءَ ٺڳ جي ڳالهه تي هڪڙيءَ لاءِ به اعتبار ڪيو، ته پوءِ هميشه لاءِ مسجي ويندو: ياد رکو ته زمين جو ميوو اسان سڀني جو آهي،  ۽ خود زمين اسان مان ڪنهن جي به ڪينهيٰ!“ _ ته پوءِ ڀانيو ٿا ته بني نوع انسان ڪيترين نه خطرناڪ خونريزين، موتمار جنگين ۽ ڪيڏين نه ڀيانڪ مصيبتن ۽ آفتن کان هوند هميشه لاءِمحفوظ ۽ سلامت رهجي وڃي ها! پر انسان ذات جي ڀاڱي ۾ شايد اهڙي دائمي سلامتي مخصوص ٿيل ڪين هئي. شخصي ۽ ذاتي ملڪيت جو اهو خيال انسان جي ذهن ۾ ڪو اوچتو ئي اوچتو يا خود بخود پيدا ڪين ٿي پيو هوندو، ۽ انسان ويچارن ڪافي ڪشالا ۽ محنتون ڪيون هونديون ۽ سور پٽيا هوندا، ۽ اهو ”علم“ ۽ تجربي جو ابتدائي ذخيرو پنهنجي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچايو هوندو؛ ۽ اهڙيءَ طرح درجي بدرجي ترقيءَ جي اوائلي منزلن کي طي ڪندا ڪندا، آخر انهيءَ هنڌ تي پهتا هوندا، جتان پنهنجي خالص فطرتي طرز زندگيءَ کي خير باد چئي، کي، هن نئين نموني، شخصي ملڪيت جي ابتدا ڪرڻي پئي هوندي، ۽ تنهن کان پوءِ ئي موجوده سماجي طرز زندگيءَ جي راهه ۾ هنن اوائلي پير پاتو هوندو.

حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن هڪڙي شخص کي پاڻ جهڙي ٻئي هڪڙي شخص جي مدد ۽ دستگيريءَ جو واقعي احتياج محسوس ٿيو، ۽ ڀانيائين ته هو انهيءَ پاڻ جهڙي ٻئي شخص جي محنت جو ميوو پاڻ لاءِ استعمال ڪري ته ان ۾ سندس فائدو آهي، ۽ جڏهن هڪڙي شخص ڏٺو ته جيڪڏهن هو پنهنجي فوري گهرجن جيتريءَ خوراڪ کان وڌيڪ خوراڪ ڪنهن به طريقي سان پاڻ لا3 جمع ڪري رکندو ته ان ۾ آخر سندس ڀلائي ۽ سهوليت آهي: بس انهيءَ  ئي گهڙيءَ کان وٺي انسانن جي وچ ۾ برابري ختم ٿي ۽ غير برابريون سرجڻ ۽ اسرڻ لڳيون، شخصي ملڪيت جو رواج  پيدا ٿيڻ شروع ٿيو، ضرورت کان زياده پاڻ محنت ڪرڻ توڙي ٻين کان محنت ڪرائڻ جي عادت ماڻهن ۾ پيدا ٿي، ۽ جر جهنگ، بر بيابان انسانن جي پگهر جي پاڻيءَ سان آباد ۽ سرسبز ٿيڻ شروع ٿيا، جتي موتين وانگر جرڪندڙ اناج جي پوکن ۽ فصلن سان گڏو گڏ جلد ئي غلاميءَ ۽ بک جا ذلت آمير زهريلا زندگي گل ۽ چوڌاري اسرندي ۽ نسرندي، ڦٽندي ۽ ڦولا رجندي نظر اچڻ لڳا.

انسانن جي زندگيءَ ۾ هيءُ اوائلي ۽ بنيادي انقلاب ٻن چيزن ئي پيدا ڪيو_ پهرين چيز هئي ڌاتن جو استعمال ۽ ٻي چيز هئي زراعت جو هنر. انسانن جي سڀيتا ۽ تهذيب سون ۽ چانديءَ سان شروع ڪانه ٿي آهي: انسانن کي جيڪڏهن شروع کان وٺي ويندي هيلتائين ڪنهن مهذب بنايو آهي ته اهي آهن هڪڙو لوهه ۽ ٻيو اناج: ۽ انسان ذات ۽ انسانيت کي، نه فقط تڏهن پر هاڻي به، جيڪڏهن ڪنهن تباهه ۽ برباد ڪيو آهي ته اهو به انهن ئي ٻن  چيزن. لوهه زمين مان ٿو هٿ اچي، ۽ اناج به زمين مان ئي ٿو اپجي: انسان پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان هڪ ٻيئي چيزون زمين مان حاصل ٿو ڪري: هاڻي، زمين تي ڪن شخصن جي شخصي ملڪيت ۽ قبضو، ۽ اهڙيءَ طرح زمين جي پيدائش تي سندسن بيجا يعني محنت ۽ پورهئي کان سواءِ ئي ۽ پنهنجي شخصي ضرورت کان زياده دسترسي ۽ تصرف قائم ٿي وڃي، ته پوءِ اها ئي واحد چيز آهي، جيڪا هڪڙن کي آقا ۽ ٻين کي غلام بنائي، هڪڙن کي  ڍ و  جي ڇا_اوگراين ۽ ٻين کي بک جي خالي اوٻاسين ڏيڻ تي مجبور ڪري، انسان ذات ۽ انسانيت جي تباهيءَ، ذلت ۽ برباديءَ جو ڪارڻ ٿي بڻجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com