سيد صاحب ساموئي مان موٽي، سيد پور ۾ اچي مقيم
ٿيو، جتي 70 سالن جي ڄمار ۾ 10 محرم 800هه جو
انتقال ڪيائين. سيد صاحب جي عمر سنڌ ۾ اچڻ وقت 59
سال هئي، ۽ سندس پٽ سيد احمد جي ڄمار 30 ورهيه
هئي. والد جي وفات بعد سيد احمد هڪ مهينو سيد پور
۾ رهي، ٺٽي هليو آيو، جتي مستقل بود و باش اختيار
ڪيائين. ”فمن ڪان برجوا لقاءَ ربه“ مان پنهنجي
والد جو سال وفات ڪڍيائين.
(1)
آل مظفر جو هي پهريون سلطان آهي، جنهن آزاد
بادشاهت جو جو 813هه ۾ اعلان ڪري، مظفرين جي
حڪومت جو بنياد يزد ۽ ڪرمان ۾ وڌو. شيراز ۽ ٻيا
صوبا به پوءِ هٿ ڪري، وسيع سلطنت قائم ڪيائين.
پرهيز گار ۽ مذهبي معاملن ۾ نهايت سخت گير هو؛
شيراز وارن سندس نالو ئي محتسب رکيو چنانچه خواجه
حافظ هيٺئين شعر ۾ ڏانهس اشارو ڪيو آهي:
اگرچه باده فرح بخش و باد گل بيزست ببانگ چنگ
مخور سي که محتسب تيز است
داني که چنگ و عود چه تقرير سيڪنند پنهان
خوريد باده که تعزير سيڪنند
مي خور که شيخ و حافظ و مفتي و محتسب چون نيڪ
بنگري همه تزوير سيکند
15 رمضان 759هه ۾، سندس اولاد کيس انڌو ڪري قيد
ڪيو، ۽ ٿوري عرصي بعد شيراز جو صوبو کيس ڏنائون.
هن گرم سير (فارس) جي قلعي بم ۾، 1 ربيع الاول
765هه جو انتقال ڪيو.
سيد محمد جو 765هه کان اڳ سنڌ ۾ اچڻ، مشڪوڪ آهي،
ممڪن آهي ته ڪي سال سيد صاحب قنڌار ۾ اچي گذاريا
هجن، ۽ اٺين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هتي آيو هجي.
انتقال کان چند سال پهريائين سنڌ ۾ سندس اچڻ قرين
قياس معلوم ٿئي ٿو.
قاضي نعمت الله جي نياڻيءَ مان، سيد احمد کي
هيٺيون اولاد ٿيو:
(1)
سيد علي: تولد 795هه_عمر 82 ورهه_وفات 30 صفر،
روز جمع 877هه. پهرين ربيع الاول جو کيس سندس
والد جي پيرانديءَ کان اولاهين پاسي دفن ڪيو
ويو. ”جنت و حرير“ سندس تاريخ آهي. پنهنجي ڀاءُ
سيد پير مراد جو مريد ۽ پهريون خليفو ٿيو. کيس
ٻه پٽ ٿيا: پهريون سيد جلال (تولد 837هه) ۽ ٻيو
سيد جمال. سيد جمال پيءُ جي زندگي ۾ وفات ڪئي:
سيد جلال پنهنجي والد جي وفات بعد، پنهنجي چاچي
پير مراد جو، پيءُ جي جاءِ تي، ٻيو نمبر خليفو
ٿيو. اها خلافت کيس چاليهن ورهين جي ڄمار ۾
(877هه) ملي. تفسير، حديث، فقه ۽ ٻين سڀني علومن
۾ برک هو. سڄي ڄمار درس ڏيندي ۽ مذهبي علومن جي
اشاعت ڪندي بسر ڪيائين. 66 ورهين جي عمر ۾،
903هه ۾ فوت ٿيو_”و جعلنا للمتقين اماما“ سندس
تاريخ آهي. والد جي پيرانديءَ کان، سيد محمد
جعفر جي اولهه ۾، ساڻس متصل دفن ٿيو. سيد صاحب
کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيد علي(1)
سيد علي ثاني جيد عالم، اديب ۽ وڏو اهل دل بزرگ
هو، ارغون ۽ ترخاني دور ۾ نه فقط عوام سندس معتقد
هو، بلڪه حڪمران طبقو به ساڻس اخلاص ۽ محبت رکندو
هو. مرزا شاه حسن ارغون جو 963هه ۾ انتقال ٿيو:
ڪجهه وقت لاءِ سندس لاش ٺٽي ۾ امانت طور رکي، پوءِ
سيد صاحب ان کي مڪي معظمه کڻي ويو، جتي شاه بيگ
واري مقبري ۾ کيس دفن ڪيو ويو. مرزا باقي بي انتها
ظالم ۽ مخبوط الحواس حاڪم هو: هن پاڻ کي ۽ پنهنجي
شخصي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ انتهائي مظالم ڪيا:
پنهنجي خاندان جي گهڻو ڪري سڀني افرادن کي ڪهاڻي
ڇڏيو: ڪن سان ابتدا ۾ هن مڪاري ڪري صلح ڪيو ۽ آخر
۾ انهن کي ڌوڪو ڏيئي، شهيد ڪرائي ڇڏيو: ڪن سان
ابتدا ۾ هن مڪاري ڪري ڀاءُ جان بابا ۽ ٻئي هڪ
امير، يادگار مسڪين مرزا، سان ابتدا ۾ سيد عليءَ
جي ذريعي مصحف شريف وچ ۾ وجهي هن صلح ڪيو؛ جڏهن
هنن اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن اوچتو هڪ ڏينهن پاڻ وٽ
گهرائي، کين پنهنجي ٻن جلادن، هوٿي ۽ نوٿي، جي
ذريعي قتل ڪرائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح سيد علي
ثانيءَ کي ان دور ۾ درويشيءَ ۽ بزرگيءَ سبب وڏي
اهميت حاصل هئي، ملڪي خواه مذهبي معاملن ۾هميشه
ڏانهس رجوع ڪيو ويندو هو، مرزا جانيءَ پنهنجي
چاچيءَ (بنت مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ) جو سڱ سندس
پٽ سيد جلال الدين محمد کي ڏيئي، انهيءَ گهراڻي
سان رشتو قائم ڪيو. اڪبر کي امير صادق محمد خان جي
ڪاررواين جر يخلاف جيڪو شڪايت نامو مرزا جانيءَ
شاهي دربار ۾ موڪليو، اهو سيد جلال کڻي ويو هو.
سيد علي فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو عالم ۽ وڏو
اديب هو. سنڌي شعر به چوندو هو. سندس هڪ ڏوهيڙو
”معارف الانوار“ جي مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي:
سرتن سانگ سکن جو، منکي رويو
رهائين،
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو
و هارين؛
ور بتيون ورن سين، ويٺيون گهر
گهارين:
کهندا هٿيون کارين، ڪانه هلندي
هوت ڏي.
(ڏسو حاشيو ٻي صفحي تي)
ثاني رکيو ويو، جيڪو پنهنجي دور جو ڪامل بزرگ ۽
صاحب علم و فن ٿيو_ ”آداب المريدين“ سندس تصنيف
آهي. 92 ورهين جي ڄمار ۾ 981هه جو وفات ڪيائين.
سندس فرزند سيد جلال ثاني علم ۽ بزرگيءَ ۾، پيءُ
کان به سرس ٿيو. مير معصوم جو قول آهي ته
مٿئين ڏوهيڙي کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت
آهي، قاضي قاضن جي ئي دور جو اهو ڏوهيڙو آهي،
”معارف الانوار“ جو صاحب لکي ٿو ته جڏهن سيد علي
ثاني ڄائو، تڏهن پير مراد کيس ڏسي سنڌي زبان ۾ چيو
ته ”او ڀاءُ، رب ڏيئي وڏي ڄمار!“ هن وقت تائين،
ارغوني دور ۾، اسان کي فقط قاضي قاضن جا ست
ڏوهيڙا مليا هئا، ليڪن مٿئين شعر ۽ نثر جي ٽڪري
مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دور ۾ قاضي قاضن صاحب
مرحوم کان سواءِ ٻيا به سنڌيءَ جا شاعر هئا، ۽ اهل
علم خواه اهل الله عام طرح سنڌي زبان ۾ ڳالهائيندا
هئا.
سيد صاحب سماع جو به بيحد شوقين هو. ”معصوميءَ“ جي
مصنف جو قول آهي ته ”قاضين، مولوين ۽ شريعت جي
دعويدارن جي منع هوندي به سيد صاحب سماع کان ڪونه
مڙندو هو، بلڪ هڪ وڏي جماعت وٺي مڪليءَ جي مزارن
تي سماع جون محفلون منعقد ڪندو هو.“حاجي رضائي
ٺٽوي، پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ
۾ مشهورٿيو ته سسئي جي مزار تي جيڪو مسافر رات وڃي
رهي هو، ان کي مائي پاڻ مزار مان نڪري اچي، رات جي
ماني ڏئي ٿي. جڏهن اها روايت سيد عليءَ تائين
پهتي، تڏهن هو بزرگ پنهنجي سر درويشن جي هڪ جماعت
ساڻ ڪري مزار تي ويو. رات جو دستور مطابق سسئي قبر
مان نڪري آئي ۽ سيد صاحب ۽ سندس جماعت کي پڪل طعام
اچي پيش ڪيائين_
”که ان طغر اي منشور سيادت،
فروغ ديده اي نور سعادت؛
شهه معني جهانگير ولايت،
جوان مرد جهان پير هدايت:
حقيقت چون مجازش جلوه گر بود،
عجب صاحب دل و صاحب نظر بود:
شراب عشق مي نوشيد هر دم،
دلش چون باده مي جوشيد هر دم؛
دل پر جوش او پيمانهء عشق،
نگاهش عشق چشمش خانهء عشق؛
بسي عالي ست نزد حق مامش،
بود سيد علي در خلق نامش:
مقامش تته و مشهور آفاق،
چو خور در طاق گردون شهرتش طاق؛
همان سيد علي مرود ولي بود،
مر اورا فتح بابش روي بنمود:
زهي فتحي که شق شد قبر ناگاه،
زشق بنمود زيبا روي چون ماه،
قد خود تاسيان بالا کشيد،
ز خاکي سرو رعناي دسيده؛
برنگ گل تبسم کرد بشگفت،
بمهمانان ثنا و مرحبا گفت؛
قضو غلط هجي يا صحيح، اسان جو واسطو فقط هن سان
آهي ته مٿين بيتن مان سيد صاحب جي شخصيت جو اندازو
ٿئي ٿو، ۽ عوام کي جيڪا ساڻس عقيدت هئي، ان تي
روشني پوي ٿي، ”حديققه الاوليا“ جو مصنف سيد
عبدالقادر ٺٽوي، سيد صاحب جو ننڍو معاصر هو؛ سيد
صاحب جي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ هن پنهنجو تذڪرو
مرتب ڪيو، جنهن ۾ هن سيد صاحب جي تعريف ۾ هيٺيون
طولاني قصيدو لکيو آهي؛
(ڏسو ٻئي صفحي تي)
”سيد جلال الدين محمد نيزبه زيور ورع و کمال
آراسته“ و قدم برجاده پدر بزرگوار نهاده، و
درجميع علوم يگانه زمان و وحيد عصر و آوان
ان والي کشور ولايت
برهان ممالک هدايت
صاحب دل عارف محقق
بيدار دلي ولي مطلق
سيد علي ان بغفل ممتاز
سر دفتر سيدان شيراز
گلدستهء بوستان طه
فرخ ثمري ز نخل زهرا
مرات جمال اسم اعظم
بيناي رموز هر دو عالم
کشاف دقائق معاني
داناي حقائق معاني
از آئينهءِ داش هويدا
اسرار جلال حق تعاليٰ
دريا دل قلزم سماحت
عيسيٰ دم يوسفي ملاحت
دست کرمش چو ابر نيسان
سي بود هميشه گوهر افشان
فيض کرمش که عام بودي
زو بهرهءِ صد کرام بودي
در راه خدا ببذل و ايثار
سيداشت دلي چو بحر ذخار
گر خود همه گنج، شايگان بود
در حاصل جمله بحر و کان بود
مي داد همه بتازگي روي
هرگز نه فگنده چين بر ابروي
بودش بنظر هزار گوهر
با قيمت يک شيشه برابر
صد گونه سماط نزل چيدي
خوانهاي نعم بران کشيدي
بنشته ببزم ميزباني
سيداد صلاي ميهماني
اخوان صفا ز هر دياري
فلان وفا زهر کناري
هر روز برسم ميهمانان
از شوق بخذمتش شتابان
هر يک ز افضهءِ نعمش
و ز بحر کف يد کريمش
بر چيده جواهر مطالب
بر گشته از ان حريم صايب
دائم پي ابتغاي سرضات
کوشيده در انقضاي حاجات
هشتاد ويکي سنين نهصد(981هه)
بگذشته ز هجرت محمد
گو رخت ازين سر اي فاني
بر بست بملک جاوداني
آسوده بخوشترين مزاري
مانند بهشت مرغزاري
خورشيد زروي صد و اخلاص
در گنبد او چو ذره رقاص
خوش گنبد فيض بخش پرنور
رخشان ز فضا چو جرگهء حور
از باغ گلي طرب شگفته
کر شبنم فيض روح شسته
نذهتگه چشم اهل بينش
پيرايهءِ باغ آفرينش
سيد صاحب جي سخا ۽ مهمان نوازيءَ جي مٿئين ۾
تعريف ڪئي وئي آهي. مير معصوم پڻ پنهنجي تاريخ ۾
سندس انهيءِ وصف جو ذڪر ڪندي سندس ساراه ڪئي آهي.
هونءِ ته هميشه ۽ هر وقت سندس دسترخوان تي ميلو
لڳو رهندو هو، ليڪن هر سال ربيع الاول جي پهرئين
ٻارهي تي
بودند، بمتانت و لطافت ذهن بي نظير، ور در کمال،
مدرمي و مروت، باوجود قلت ادراري که داشتند، زياده
از پردر مردم بهره مند مي شدند، تشرع سيد جلال
زياده از پدت است.“ص116
مرزا جانيءَ، مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ ترخان جي
نياڻي4 جو سڱ سيد جلال کي ڏنو(2) مرزا جانيءَ جي
دور ۾، 994هه جو اڪبر جي هڪ جرنيل صادق محمد خان
سيوهڻ تي حملو ڪيو؛ ان وقت مرزا جانيءَ انهن حالتن
کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ وفد بادشاهه جي دربار ۾
موڪليو؛ انهيءَ وفد ۾ سيد جلال کي به شريڪ ڪيو
ويو، ۽ سندس ئي ذريعي بادشاهه ڏانهن تحفا تحائف
موڪليا ويا، ۽ سيد صاحب جي ئي ذريعي بادشاه سنڌ جي
حالتن جي اصلاح ڪئي.(ترخان نامه)
(1)
سيد شريف: سيد احمد جو ٻيو پٽ، عمر 87 سال، تولد
800هه، وفات 887هه، ”انه کان مخلص“ وفات جي تاريخ،
متقد سيد علي اول سان متصل اولهه کان، والد جي
پيرانديءَ ۾. تاج محمد ۽ سيد لطف الله سندس ٻه پٽ
هئا.
(2)
سيد جعفر: سيد احمد جو ٽيون فرزند، گجرات جي شهر
نهرواله (انهلواڙي) ۾ وڃي مقيم ٿيو، (تحفته
الڪرام ج 1، ص 31) پنهنجي ڀاءَ پير مراد شيرازيءَ
جي انتقال کانپوءِ چند سالن بعد خانقاه جو ڪاروبار
پنهنجي پٽ سيد احمد جي حوالي ڪري، پاڻ ٺٽي روانو
ٿيو؛ پر ٺٽي
روزاني رونق ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي، هزارين ماڻهو،
اور پري جا، ساندهه ٻارهن ڏينهن وٽس ماني کائيندا
هئا؛ ۽ سيد صاحب انهن دعوتن ۾ مهمانن جي اهڙيءَ
طرح خاطر مدارات ڪندو هو، ۽ ايتري ڪشاده دليءَ سان
کين کاڌو کارائيند هو، جو ماڻهو حيران ٿي ويندا
هئا.(ص 216)
”تحفه الڪرام“ (188/3) ۾ سيد صاحب جي انتقال جو
سال 971هه لکيل آهي: معصوميءَ جي مطبوعه نسخي ۾
انگن ۾ به ساڳيو 971هه موجود آهي، ليڪن معصوميءَ
جي صاحب، تاريخ جو فقرو ”فات الحاتم بوجوده“ ڏنو
آهي، جنهن مان 981 برآمد ٿو ٿئي، ۽ اهو ئي صحيح
آهي؛ مٿي ڏنل قصيدي ۾ به سيد عبدالقادر اهو ئي
پويون سال ڏنو آهي.
صاحب ”معارف الانوار“ جو قول آهي ته انتقال
(981هه) جي وقت سيد صاحب جي عمر 92 ورهيه هئي،
انهيءَ حساب سان سندس تولد 889هه ۾ ٿيڻ گهرجي،
ليڪن ٻئي هنڌ پاڻ ئي سندس تولد جو سال 891هه
ڄاڻائي ٿو، جنهن مطابق سيد صاحب جي عمر 92 نه بلڪه
90 ورهين ٿيڻ گهرجي. ”اداب المريدين“ روايت مطابق
سيد صاحب درويش اجر (آچر) ۽ مخدوم نوح جو فيض
يافته هو (187_3)
(1)
”معيار سالڪان طريقت“ ۾ آهي ته سيد جلال ثانيءَ کي
محمد صالح ترخان جي نياڻيءَ مان سيد مير محمد نالي
فرزند ٿيو، کيس ٻئي گهر ۾ ٻيو پٽ به هو، جنهن جو
نالو سيد فضل الله هو، ”ضرر البشر“ جو مصنف مبر
زين العابدين عرف مير لطف الله ”قانع“ (متوفي
1130هه) سندس اولاد مان هو، انهيءَ خاندان جو حال
”تحفته الڪرام“ (188_3) ۾پڙهڻ گهرجي.
پهچي ڪونه سگهيو، واٽ تي رڻ ۾ فوت ٿيو، جتان سندس
لاش آڻي، پير مراد جي مزار سان لڳو لڳ اولهه کان
زير زانو، دفن ڪيو ويو، سندس وحلت جو سال 899هه
(الوصال) الله بوتي من يشاءِ “ مان نڪري ٿو،. هن
بزرگ پاڻ ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد نهرواله ۾ دين
جي وڏي خدمت ڪئي، تحفته الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته
”سيد امد در گجرات بفروان رشد زيسته، درگاهش مرجع
اهل الله واقع؛ از اولادش بسيار بزرگوار صاحب حالت
۾ کرامت آنجا برخواستند“ (30_2)
(4_5) سيد احمد کي ٻه نياڻيون به هيون، جن مان هڪ
سنه 803هه ۾ ڄائي، ۽ ٻيءِ جو تولد سن 807هه ۾ ٿيو.
(6) سيد محمد حسين المعروف به پير مراد شيرازي:
سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ننڍو هو. 831هه ۾ ڄائو،
”قرته عينا“ مان اهو سال ڪڍيو ويو، اهو زمانو، ڄام
فتح خان، بن ڄام اسڪندر جو هو، والده بي بي فاطمه
جو انتقال 17 رمضان 836 جو ٿيو، ۽ سندس والد، 1
محرم 840هه جو هي جهان ڇڏيو. قاضين جي قبرستان۾
انهيءَ بزرگ کي دفن ڪيو ويو.
سيد محمد حسين سنڌ جو ڪامل بزرگ ۽ ولي الله ٿيو.
”تحفته الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته شيخ صدر
الدين، حضرت ذڪريا ملتانيءَ جو ڏهٽو، جڏهن ٺٽي آيو
۽ اچي ساڻس مليو، تڏهن کيس چيائين ته ”مراد
مشائخاني واز تو مرادها حاصل شوند“_انهيءَ کانپوءِ
سندس لقب پير مراد پئجي ويو.
سيد مراد 25 سالن جي ڄمار ۾ 855 جو عباسي قاضين
يعني پنهنجي ناناڻن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس
هيٺيون اولاد ٿيو:
1.
سيد منصور: تولد 880،وفات 15 رجب جمع ڏينهن
968هه، ”عند مليک مقتدر“ مان تاريخ وفات بر آمد ٿي
ٿئي؛ مرقد متصل مزار والد، اولهه طرف کان.
2.
سيد نعمت الله: تولد 883هه، وفات 906هه، عمر 23
سال، والد جي ڀر ۾ اولهيائين پاسي دفن ٿيو.
3.
سيد حماد: تولد 884هه، وفات 916هه ”الا ان اولياءِ
الله لاخوفا“ مان تاريخ وفات برآمد ٿي ٿئي، عمر 31
ورهه، مدفن متصل مزار سيد نعمت الله_ اولهه طرف
4.
نياڻي، بي بي فاطمه؛ تولد 885هه.
سيد مراد 63 ورهن جي ڄمار ۾ 893هه جو وصال ڪيو،
چون ٿا ته کيس مٿي جو سور ۽ تپ ٿيو. تاريخد وفات ۾
اختلاف آهي_1، ربيع الاول، 2، ربيع الاول ۽ 8،
ربيع الاول وفات جون تاريخون چيون وڃن ٿيون، صاحب
”معارف الانوار“ لکي ٿو ته صحيح روايت هيءَ آهي
ته سنڌ انتقال 12 ربيع الاولو 893هه جو سومر ڏينهن
ٽپهريءَ جو ٿيو، ”ساجدا او خالصالله. سيد تاريخ
آهي.ڄام نظام الدين جنازي جي نماز پڙهائي؛ اجا
روايت آهي ته سندس پٽ سيد منصور کي اهو شرف حاصل
ٿيو (1). سيد صاحب کي پنهنجي والد پيرانديءَ کان
دفن ڪيو ويو.
سيد صاحب جا مشهور خليفا هي هئا:
1.
سيد علي اول_سيد صاحب جو وڏو ڀاءُ.
2.
سيد جلال بن سيد علي اول.
3.
شيخ البو؛ عمر 63 ورهيه، وفات 30 ذوالحج 858،
تاريخ ” کان لله خالصا“. پير البي جو اصلي نالو
مارڪ هو، ڄام نظام الدين جو ڄاٽو هو، جڏهن سيد
صاحب هندن جي ٽڪاني تي مسجد صفحه ٿي ٺهرائي، ان
وقت صورتحال جاچڻ آيو، ۽ اتي ئي مريد ٿيو. سيد
صاحب کيس اهو نالو ڏنو، جنهن جي معنيٰ آهي ”بي
طمع“
4.
شيخ حاجي محمد حسين ”صفائي“: شيخ جي والده سيد
صاحب جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، شاهه حسن ارغون ٻه
دفعا شيخ جي زيارت ڪرڻ جي خواهش ڪئي، ليڪن کيس
اجازت نه ملي، پنهنجي پير جي سوانح ۾ ”تذڪرته
المراد“ تاليف ڪيائين. 931هه ۾ فوت ٿيو، ”خير ا و
ابقا“ سندس تاريخ آهي. پير مراد جي پيرانديءَ کان
دفن ٿيو.
5.
شيخ احمد ناهيو: مرشد جي زندگيءَ ۾ فوت ٿيو، سندس
مزار شيخ البي سان گڏ اوڀر طرف کان آهي.
6.
شيخ مالهو: اصل ڄام نندي جو ملازم هو، جڏهن سيد
صاحب جو مريد ٿيو، ان کان پوءِ مرشد جي خدمت ۾
باقي ڄمار بسرڪيائين. شيخ البي جي مزار سان گڏ
اولهه کان دفن ٿيو.
7.
شيخ نٿر: اصل هندو هو، مسجد صفحه ٺاهڻ وقت مسلمان
ٿي، مريد ٿيو، ۽ باقي زندگي مرشد جي قدمن ۾ بسر
ڪيائين، شيخ مالهي سان گڏ، اولهه کان دفن ٿيو.
8.
شيخ عيسيٰ لنگوٽي: پير مراد جي ڄمڻ واري ڏينهن
سندس مريد ٿيو، ۽ ٽن ڏينهن بعد وفات ڪيائين.
مڪليءَ تي ڄام نندي جي اتر کان، ٻن فر لانگن تي،
سيد صاحب جو عظيم الشان قبرستان آهي، سيد عليءِ
جو مقبرو به انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهي، شيخ عيسيٰ
لنگوٽي، سيد عليءَ جي قبي کان اتر ۾ مدفون آهي.
(1)سيد منصور جي عمر ان وقت 13 ورهيه هئي، تنهنڪري
اها روايت غلط آهي.
”حديقته الاوليا“ جي مصنف هيٺيون قصيدو سيد سڳوري
جي شان ۾ لکيو آهي:
ملڪ سيرت ان پير سيد مراد خجسته لقا
و مبارک نهاد
فروزان چراغي ز آل رسول
گل گلشن مرتضيٰ و بتول
سر پرده اي قرب حق منزلش محل
فيوضات غيبي دلش
سر حلقهءِ جمع قدو سيان
شناساي اسرار روحانيان
انيس سراپردهءِ وجد و حال
جليس در بارگاه وصال
زخمخانهءِ شوق سرمست بود ز خد نيست
با حق همه هست بود
حقائق شناس........بود خداوند
کشف و کرامات بود |