سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :18

مهرباني ڪري انهن ڳالهين ۾ منهنجي ڪجهه رهبري ڪندا.

_اوهان جو، محمد ابراهيم جويو

(1)

رسول بخش پليجو

_سائين، ”مهراڻ“ جي هلندڙ سال جي پهرينءَ اشاعت ۾ شايع ٿيل جمال ابڙي جي افساني ”پشو پاشا“ کي پڙهڻ جو موقعو مون کي ڇپجڻ کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ مسودي جي صورت ۾ نصيب ٿيو هو، ۽ افساني جو بيباڪ روح، انوکو موضوع ۽ دل_لڀائيندڙ عبارت ۽ ٻولي بيحد پسند آيا هئم. ساڳئيءَ اشاعت ۾ جمال  ۽ اوهان جا دلچسپ خط به شايع ٿيا هئا، انهيءَ ڪري ايندڙ اشاعت جو منتظر هوس ته من دوست افساني يا خطن تي تبصرو ڪن. پر ڏٺم ته ڪنهن به ايڏانهن پورو توجهه ڪونه ڏنو. آءُ شايد جمال جي فن جي پهرين پرستارن مان آهيان، ۽ شايد آءٌ ئي پهريون پڙهندڙ هوس، جنهن سندس پهرئين افساني کي پڙهي، هن اڳتي هلي مشهور ٿيندڙ سنڌي افساني نگار کي خط لکي خراج تحسين ڏنو هو. ان بعد هن صاحب، منهنجي درخواست تي، مون کي پنهنجا بهترين افسانا “پيراڻي“ ۽ ”خميسي جو ڪوٽ“ ، ”صداقت“ لاءِ عنايت ڪيا. مون کي ٻن سنڌي فنڪارن جي فن تي تفصيلي طور لکڻ جي زبردست تمنا رهندي آئي آهي_ اياز ۽ جمال. مون کي آرزو آهي ته ڪنهن ڏينهن پنهنهجي وطن وارن کي سندن گودڙيءَ جن هنن لالن جي صحيح قدر ۽ قيمت  ڪٿي ٻڌائي سگهان_ خير. اڄ ڪيترن ڏينهن بعد جمال جي هڪ تخليق تي ڪجهه چوڻ جو موقعو مليو آهي. ستم هي آهي، جو سوچيان ويٺو ته هن دفعي جيڪي مون کي لکڻو پوي ٿو، سو ڪو ٻيو لکي ها ته چڱو!

”پشو پاشا“ جي مقصد هڪ اهڙو مثالي ڪردار پيش ڪرڻ آهي، جو نه فقط اسان منجهان ۽ اسان جو هجي، پر ساڳئي وقت اسان جي اڳواڻي ۽ رهبري به ڪري، اسان کي موجوده پستيءَ ۽ ذلت جي حالت مان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ اسانجين آسن ۽ اميدن کي حقيقت ۾بدلائي ڏيکاري، ان جو مقصد، سماج جي غير انساني، ماحول ڏانهن اشارو ڪرڻ جي بدران، ان کي عمل ۽ جدوجهد جي وسيلي بدلائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي راهه ڏيکارڻ، آهي. ”پشو پاشا“ عوام جي ڪامياب جدوجهد جي ڪهاڻي آهي.

اچو ته ڏسون ته ”پشو پاشا“ جو هيرو ڪهڙين مثالي وصفن جو مالڪ آهي، ۽ هو ڪهڙن وسيلن سان پنهنجي مقصد کي پهچي ٿو. اچو ته ڏسون ته افساني ۾ اسان کي ڪهڙي قسم جي عملي جدوجهد جي دعوت ڏنل آهي.

”پشو“ قدرت جي اڻ_گهڙيل تخليق هو........ ڏسندي ڏسندي جوان ٿي ويو، ته به جهڙو ٻارٰ‎! ڪنهن کي چڪ، ڪنهن کي رهڙ_پيو اڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو! رحمدل به هڪڙو ئي هو“: ويندي توڙ تائين، سندس ڪردار ۾ اها جذباتي چلولائي ۽ هلڪائي نظر اچي ٿي. سندس موجوده دور جي حقيقتن جي ڄاڻ جو عالم اهو آهي، جو نه پڇا نه ڳاڇا، سڌو وڃي هڪ اڻ_ڏٺل_وائيٺل سيٺ کان قرض گهريو اٿس، ۽ هن جي نه ڏيڻ تي مڇرجي پيو آهي، ۽ بنا پئسن جي وڪيل ٻڌڻ ويو آهي! سياسي تنظيم جو ذڪر ئي فضول آهي.

سندس انقلابي بنجڻ جو سبب به دلچسپ آهي. ڳوٺ جي وڏيري کي سندس چلولايون پسند نٿي آيون: باقي جو کيس پنهنجي ڌيءَ سان عشق ڪندو ڏٺائين، سو ڪاوڙجي پيو، تنهن تي اڻبڻت پيدا ٿي پيئي، ۽ وڏيرو هن کي ڇڏي وٺي ٻين اوڙي پاڙي جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. تنهن تي  سمورن ماڻهن پشوءَ سان ملي جدوجهد ڪئي؛ ۽ نيٺ فتح پاتائون_ يعني وڏيرو پنهنجي  ڌيءَ سان عشق ڪرڻ جي اجازت ڏي ها، ته انقلاب جي نوبت ئي نه اچي ها.

بهرحال، فقط وڏيري جي ختم ٿيڻ جي دير هئي، اک_ڇنب ۾ خوشين  ۽ راحتن جي بارش ٿي ويئي. سواءِ نئين قسم جي تنظيمن جي، سواءِ رنڊڪن ۽ تڪليفن جي، سواءِ غلطين ۽ ناڪامين جي، ڄڻ ڪنهن اسم اعظم جي ڦيڻي سان راتو واهه صدين جون لعنتون، قديم عادتون، رسم و رواج جون پيڙهيون ۽ اقتصادي پستيون الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويون.

مطلب ته ”پشو پاشا“ مان پڙهندڙن تي اهو اثر ٿو ويهي ته ملڪ جي نظام بدلائڻ لاءِ صرف هڪ ڇيڳري، جهنگلي، ۽ ضدي پهلوان جي ضرورت آهي، جو ڪنهن من_موهڻيءَ نازين جي عشق ۾ ٺوڪر کائي، بغاوت تي آماده ٿي وڃي، ۽ پوءِ زوردار تقريرن سان قوم کي ميدان جنگ ۾ آڻي بيهاري! سياسي تنظيم، اقتصادي ۽ سياسي نظرين ۽ تحريڪن جي بکيڙن ۾ پوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي.

ظاهر آهي ته هن قسم جي ماڻهوءَ کي پنج سو سال اع ڪيڏي به عزت سان ڇونه ڏٺو وڃي ها، پر ڪم از ڪم  اڄوڪي دور جي پيچدار مسئلن ۽ تاريخي مقصدن لاءِ هيءُ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ هڪ فلن ايئڪٽر کان وڌيڪ ڪارآمد ٿي نٿو سگهي. درحقيقت اڄوڪي دور کي ههڙن ”ممتاز_دمسازن“ ”جانعالمن“ ۽ ”حاتم طائين“ جي نه، پر آزمايل سائينسي ۽ اقتصادي نظرين سان هٿيار_بند جاندار تحريڪن ۽ زندگيءَ جي کوري ۾ تپي ڪندن ٿيل دانشور ۽ دانا مجاهد رهنمائن جي ضرورت آهي، جي تاريخ جي نبض کي سڃاڻيندا هجن ۽ ان جي هر هيٺانهين مٿاهينءَ کان واقف هجن. مطلب ته ”پشو پاشا“ ۾، موجود دور جي حقيقتن ۽ پيچدار نقاضائن کان ڀڄي، خيال پرستيءَ ۽ افراد پرستيءَ جي قديم غارن ۾ پناهه ورتل آهي.

افساني  جي عبارت ۽ ٻولي نهايت حسين ۽ لطف ڀري آهي، ۽ واقعات_نگاري بيحد چڀندڙ آهي.

مجموعي طور، افسانو هڪ دليريءَ واري ڪوشش آهي، جا ناڪام ٿيڻ جي باوجود يقينن نين ۽ اڳي کان وڌيڪ ڪاميابين جو به پيش خيمو ثابت ٿيندي.

”پشو پاشا“ هڪ خاص ادبي ۽ ذهني لاڙي جي چغلي هڻي ٿو، جنهن لاءِ ڪو نالو به رکيو اٿن، پر  متان ”ڪٽر ملپڻي“ جي الزام هيٺ اچان، تنهنڪري رڳو ان جي حقيقت ۽ جنهن پسمنظر جي اهو پيدائش آهي، تنهن  بابت ٻه اکر لکڻ تي صبر ڪريان ٿو.

وچولي جاگيرداريءَ جي زماني ۾ جڏهن عام انسان سلطانن، خليفن، بادشاهن ۽ شهنشاهن جا ٽڪن ورتل ٻانها ليکيا ويندا هئا، ۽ سندن بهتر زندگيءَ جي خوابن جي سچي ٿيڻ جي ڪا صورت ڪانه هئي، تڏهن اديب پنهنجي اميدن ۽ آرزوئن جو اظهار ڪرڻ لاءِ،  حاتم طائي“ ۽ ”امير حمزي“ جهڙن ڪردارن وسيلي، ”بو قلمون“ جهڙن  جادوگرن جي جادوءَ جي ڪوٽن کي ڪيرائي، سج چنڊ کي شرمائيندڙ مجبور محبوبائن کي آزاد ڪرائي، جذباتي تسڪين حاصل ڪندا هئا. ان بعد، جنن ۽ پرين کي ڇڏي مٿئين طبقي جي اميرزادن ۽ اميرزادين جي عشق جي داستانن لکڻ جو رواج پيو. اهڙيءَ طرح، اديب پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ کان ڀڄي، خيالن جي ڪاڪ اڏيندا رهيا.

17 صديءَ جي آخر ڌاري، نيٺ اديبن پنهنجي ماحول تي نظر ڊوڙائي ان مان پنهنجا موضوع وٺڻ شروع ڪيا_ تان جو انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪنس، فرانس ۾ ايمل زولا، ناروي ۾ ڊسن، جرمنيءَ ۾ ٽامس مٿئن، روس ۾ ترجنيف ۽ چيخوف، وغيره جهڙن اديبن عوام جي زندگيءَ کي حقيقت_پسنديءَ سان فن جي قالب ۾ آڻن جي هنر کي معراج تي پهچايو.

ادب جو نئون دور انقلابي حقيقت_نگاريءَ سان شروع ٿيو، جنهن نه رڳو ماحول جي ڀيانڪ پهلوئن کي پيش ڪيو، مگر ان جي روشن امڪانن کي پڻ اجاريو، ۽ ڏيکاريو ته انسانيت ڪيئن گندين نالين، ڪراهت جهڙين واٽن، خطرناڪ پيچرن ۽ اڻانگين لاهين چاڙهين، ڍري اڻٽر يقين سان، روشن مستقبل ڏانهن وڌي رهي آهي.

جيئن ته هن دنيا جي اديبن کي زندگيءَ تي مڪمل ڀروسو آهي، تنهنڪري هنن ان جي اونداهين گهٽين ۽ تهخانن توڙي روشن شاهراهن کي بيخطر پيش ڪيو_انهيءَ ۾ کين سندن اٽل ڀروسي سان گڏ سندن حياتيءَ جي حيرت انگيز ۽ ڳوڙهيءَ ڄاڻ به زبردست مدد ڏني.

جڏهن اڌ_پڪن ۽ تجربو ڪندڙ قلمن انقلابي حقيقت_نگارن جي پيرويءَ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن زندگيءَ جي گهري پروڙ جي گوشت يا فن جي سڻڀ  جي گهٽتائيءَ ڪري، سندن تخليقات جو کاڌو يا ته پٽڙي مٺي رٻ ٿي پيئي يا وري مرچن جو ڪاڙهو! رڳو اميد جي مٺاڻ يا غم جي مصالح تي ڀاڙيندڙ اديب، اهڙيءَ طرح، پنهنجي تجربي ۾ بريءَ طرح ناڪام ٿي، يا ”نظرين“ جي ڪاوڙ ڇنڊڻ يا پڙهندڙن جي رجعت_پسنديءَ جو ماتم ڪرڻ لڳا.

اسان جي سنڌ جا اڪثر اديب وچولي طبقي جا ملازم آهن، جن کي عام زندگيءَ جي سچين پچين، ڪڙين توڙي مٺين حقيقتن جي خير ڪا خبر آهي. هنن جي ڄاڻ جو دارومدار گهڻو ڪري ڪتابن ۾ پڙهيل ادبي ”فارمولن“ تي آهي“ جيڪي مڪاني حالتن سان هروڀرو ٺهڪي نٿيون اچن. اسان جا دوست، لائيبررين جي زور تي ”هاورڊ فاسٽ، ۽ ”گورڪي“ ٿيڻ جي ڪوشش مان آخر ڪڪ ٿي، زندگيءَ ڏانهن مڙيا: مگر هتي جي زندگيءَ ۾ ڪاميابي انقلاب ۽ بيداريءَ جي چاين ۽ يورپ جهڙا نمونا نه ڏسي، هنن ڪاوڙ مان سنڌ جي حقيقي”هيروئن“ کي ڏيهه_نيڪالي ڏيئي پنهنجا خيالي هيرو بنائڻ شروع ڪيا آهن_وچولو طبقو، جو هميشه مٿئين ۽ هيٺئين طبقن جي وچ ۾ ٽنگيل رهندو آهي، سو هونئن به اڪثر انتها_پسند ٿيندو آهي.

ظاهر آهي ته اسان جي خاص تاريخي حالتن سبب، اسان جو هيرو هن دور ۾ مڪمل ۽ چٽيءَ طرح ڪامياب ٿي سگهي ئي نٿو: ڇو ته جڏهن عوام ئي فاتح ڪونهي، تڏهن ان جا نمائندا ڪيئن فاتح ٿيندا!، پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اسان جو هيرو اخلاقي طور به ڪامياب نه ٿئي، هر هنڌ شڪست کائي، هر منزل تي ٺوڪر کائي، يا اڳتي قدم اصل نه وڌائي: يا ٻئي پاسي مردار طاقتون وقار نه وڃائين ۽ ناڪام نه ٿين: پر شر ط هيءُ آهي ته انهن کي پيش ڪندي، ترت_ڪاميابيءَ جي حرص ۾ حقيقتن جي زمين تان پير نه کڻي ڇڏجي.

(2)

جمال ابڙو

ادا سائين، اوهان جا ٻئي خط پهتل اٿم. اڄڪلهه لکڻ تي دل ئي ڪانه ٿي ٿئيم_ الائي ڇو. لکڻ پڙهڻ جا به ڪي وارا آهن، الائي ڇا: اندر صفا کوکلو، خالي خالي_نه جذبو، نه احساس، نه اڻتڻ! اڳي ته تورڙي ٿڦڪي رڳن کي ڇيڙي ڇڏيندي هئي؛ اندر ۾ ولوڙ، ڦٿڪو، ڄر ۽ ٻاڦ، ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪرندا هئا_ ڄڻ جو الا ڦاٽو! هاڻي ته جلي وسامڻ کان پوءِ وارو دونهون به ڪونهي؛ رڳي رک_مثل ۽ مردار.......سو لکڻ ۾ دير ڪيم.

”بدمعاش“ جي باري ۾ اوهان جون ترميمون پڙهيم. ٻڌايو مانو نه، ته دل ٿڌي، دماغ ٿڌو، لڱ ٿڌا_ سو هيءَ سڄو عرصو ٿڌائيءَ سان پي ويچاريم، اوهان جي ڳالهه سڄي سچي، پر منهنجي دل مڃيئي نه_شايد ٿڌ لڳي هجيس!

”بدمعاش“  لکي، مون ڄڻ ته هڪ وڏو سوال ڪيو آهي ته ”بدمعاش ڪير؟_اهو جو ٺوڪرون ٿو کائ، يا اهو جو ٺوڪر ٿو هڻي؟“ پيار ۽ محبت جو بکيو، عزت ۽ مان جو بکيو انسان، اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي هڻي اڀري ٿعو..._(اها انسان جي ازلي چڱائي آهي)؛ گندو ڍونڍ جهڙو ماحول هن کي سهارو ته نٿو ڏئي،. پر لت هڻي اڃا به هيٺ ڪيرائي ٿو. انسان کڻي سڙي، پچي، جلي، سون ٿي نڪري، پر انصاف جا ٺيڪيدار، قانون جي ڏنڊيءَ جا مالڪ، هن کي ”بدمعاش“ ئي سڏين ٿا. مان انهن لنگڙن ٺيڪيدارن کي ڪيڏانهن ڪريان؟ مان انهيءَ شيطاني ڏنڊيءِ کي ڪٿي رکان؟ اهي سوئر جا وڄ ضرور چيريندا_ٻيو ڇا ڪندا! اوهان ڀانيو ٿا ته ڪوئي ڀلي ڀاڻ آيو ته اهي وڄ ان کي اکين تي رکندا؟

اوهان کي ڪرڀ ۽ بڇان ڪنهن کان ٿي اچي_لنگڙي حاڪم ۽ سندس ڏنڊيءَ کان، يا ٻڌل  ۽ اونڌي ٽنگيل انسان کان؟ جي لولي حاڪم ۽ سندس شيطاني ڏنڊيءَ تي بڇان ۽ ڪاوڙجي اچيو، ته مون کي به اهو ئي چوڻو آهي!

انساني عزت ۽ وقار کي ڪنهن ذليل ڪرايو آهي_ مون يا ماحول؟ ڇا اوهين ڀانيو ٿا ته انساني عزت ۽ وقار شيطاني ڏنڊيءَ جي زد کان محفوط آهي ڇا؟_يقينن نه، هڪ انسان جڏهن شخصي  بغض ۽ ڪيني کي نهوڙي، وسيع_نظر ۽ وسيع_قلب ٿو بڻجي، تڏهن به هن ماحول ۾ هو، ۽ هن جي عزت سلامت نه آهن. مان فرض ادائيءَ کان گسان ها، جيڪڏهن پنهنجي ڪردار کي هڪ ”هيرو“ بنائي، پڙهندڙن تي ٿڌو ڇنڊو هڻي ڇڏيان ها: حقيقي دشمن نه رڳو غائب ٿي وڃي ها، پر هڪ غلط فهمي به پيدا ٿئي ها ته ڪو چڱو فرد، ههڙي گندي ماحول سان هڪ خاموش راضينامو ڪري، جي سگهي ٿو. اهو دوکو آهي: هي گندو سماج نه ڪنهن سان راضينامو ڪندو ۽ نه ان سان راضيفامو ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن افساني جو پويون حصو ڪڍي ٿو ڇڏيان، ته ٺوڪر هڻندڙ  ( ۽ الٽو ”بدمعاش“ چونڊر) گم ٿي ٿو وڃي_آءُ اها ڳالهه ڪيئن ٿو قبول ڪري سگهان! باقي ٻولي، مون کان جيترو ٿي سگهيو آهي ته ڍڪيل ڪم آندي اٿم.

بهرحال، ضرورت آهي ته مون کي اڃان به تفصيل سان سمجهايو وڃي. ڏسنو نه! لکندڙ، نقاد ٿي نٿو سگهي: يا ته لکندڙ کي به ڪجهه آزادي ڏيو، ۽ نقاد کي به ڇوٽ ڇڏيو_ اهو ادب جي واڌاري لاءِ چکو ٿيندو.

هلندڙ سال جي ”مهراڻ“ جو ٻيو نمبر پرچو ٽيون ڏينهن مليم، تنقيدي خط پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. اهو سلسلو جاري رهيو، ته ڏاڍو ڪارائتو ٿيندو. اوهين ضرور کين همٿائيندا.

شيخ راز صاحب جي، افساني جي فن تي رائزني استادانه آهي_ اها اسان لاءِ مشعل راه بنجندي. اميد ته اڳتي به هو صاحب رهنمائي ڪندو رهندو. افساني ۾ پلاٽ جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. آءُ ڀانيان ٿو ته اسان جي اڳين خطن ۾ ماحول ۽ ڪردار کي افساني جو بنياد نه ٺهرايو ويو آهي، پر هڪ افساني نويس لاءِ پنهنجي بنيادي نظريي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي ئي ٻه پهلو اهم سمجهايا ويا آهن، جن کي تختهء مشق بنائي ٿو سگهجي.

”پشو پاشا“ تي ڀائو حفيظ ۽ ڀيڻ شمس صديقيءَ جي تنقيد پڙهيم. ڀاءُ حفيظ تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ گهڻي  قدر ڪامياب ويو آهي. البت ”پش پاشا“ جي باري ۾ هڪ عرض ڪندس، افساني جو رعو هڪ قسم ته نه آهي؛ نيڪ افساني نويسن کي ٻڌي ڇڏبو ته صرف هڪ قسم جو افسانو لکن. اهو افساني نويس تي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجا نظريا ڪهڙي به قسم جي افساني سان ظاهر ڪري. پوءِ تنقيد به انهن حدن اندر ڪجي؛ مثلن  ڪرشن چندر جو ”ڪالا سورج“ هڪ خيالي افسانو (فينٽيسي) آهي_ ان تي مصنوعي هجڻ جو الزام نه رکي سگهبو، البت،  هو ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي، سو تنقيد جو موضوع ٿي سگهي ٿو. ”پشو پاشا“ سنڌي ماحول جي، يا ڪا حقيقتن تي ٻڌل آکاڻي نه آهي، هڪ خيالي پهاڙي رياست جي باشندن جي ڪهاڻي آهي، انيهءَ پس منظر جو فائدو وٺي، ڪي نظريا پيش ۽ اثر انداز طرز سان پيش ڪجن، جيئن پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن ۾ چڀي وڃن، آيا، پشو  ۽ پشوءَ جا پهاڙي ساٿي، جبلن ۽ ماٿرين تي هٿيارن جي جهڻڪار، ڳوٺاڻن جو ايڪو ۽ ٻڌي، ٽپتائي ليڊرن جو ڦڙتيون، نازوءَ جا الاپ ۽ هزارن  پشو پاشائن جو اٿي کڙو ٿيڻ_ اهڙا منظر آهن، جي پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن تي هڪ اڻلکو نقش چٽي ڇڏين؟ _انهن موضوعن تي ۽ ٽيڪنيڪ وغيره تي ڪافي تنقيد ڪري سگهجي ٿي. پشوءَ کي مون ”پير“ ڪونه ڪيو آهي. انهيءَ ڊپ کان، مورڳو سندس شخصيت کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي، نوان پشو، نون امنگن سان اڏامندا ڏيکاريل آهن.

ڀائو حفيظ ڏاڍي سهڻي ۽ صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. مان وڌيڪ ڪهڙو جواب ڏيان، البت اها سمجهاڻي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيستائين ”بلو دادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ کان متاثر ٿيڻ جو سوال آهي، ته اهو صرف نظرياتي اختلافات تائين محدود هو.

ڀيڻ شمس صديقيءَ جي رسالي جي مواد تي تنقيد نهايت وڻندڙ ۽ تعميري نوع جي آهي، محترمه جيڪڏهن وڌيڪ ٽائيم ڏئي، چڱي چوکي تنقيد ڪندي رهندي ته اسان پاران گهڻن جو ڀلو ٿيندو، مون کي ته سڀ دوست چوندا هئا ته ”تنهنجي ٻولي تمام ٺاهوڪي آهي“_هاڻي اکيون کليون ته وڏيءَ خبرداريءَ جي ضرورت آهي!

ادا سائين، هيءُ پرچو به اڳين پرچن جيان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. شعرن وارو حصو ته چڻنگن سان ڀريو پيو آهي. ”اسين اڻ سونهان سونهون“ چئي، ”تنوير“ اسان جو عوامي قوتن ۾ ايمان تازو ڪري ڇڏيو آهي. هن ننڍڙي ساٿيءَ کي هيڏو حوصلو ۽ هيڏو ايمان!.......

وڻ وڄائي ڇڏيائين!

اوهانجو.........

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

_”هر ڪنهن قوم جي ترقي يا سڌارو سندس زبان  جي وسعت تي گهڻو دارومدار ٿو رکي. جيڪڏهن زبان زنده آهي، ته اها قوم جي هر فرد ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪي سگهي ٿي.“

(عثمان علي انصاريءَ جي ڪتاب ”گمراه دوست“ تان ورتل: چونڊيندڙ موتيرام سونيجي.)

_”اها حقيقت آهي ته تاريخ هميشه پاڻ دهرائيندي آهي، الله ۾ آس آهي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ اڄوڪو ماٺو دور به عارضي ثابت ٿيندو، ۽ سنڌي ٻولي، ادب  ۽ تهذيب وري به اوج ماڻيندا.“ (موتيرام سترامداس رامواڻي: خيرپور اسٽيٽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ڪراچي، جي ڇپايل ڪتاب ”لطيفي لاتيون“ جي مهاڳ تان ورتل: چونڊيندڙ موتيرام سونيجي.)

_”حب الوطني رڳو وطن کي سنڀارڻ يا ملڪ لاءِ مرڻ ۾ ڪانه آهي، نڪي رڳو راڄنيتي تحرڪ هلائڻ ۾ آهي، پر پنهنجي ديس جي ساهيته جي وڌاري ۾ به آهي،“ (نانڪرام ڌرمداس مير چنداڻي؛ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ تان ورتل: چونڊيندڙ: موتيرام سونيجي.)

_”انساني تاريخ هميشه هيءَ ڳالهه ثابت پئي ڪئي آهي ته جڏهن ”ڪوڙ“ تخت تاج جو وارث ۽ طاقت ۽ اقتدار جو مالڪ بنجي، سماج ۾ ظاهر ٿيندو آهي، تڏهين ”سچ“ ويچاريو پنهنجي وجود کي محفي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؛ ورنه کيس يا ته ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪڻو پوندو آهي، يا قيد و بند جي اونداهين چوديوارين اندر پنهنجي زندگيءَ جا آخرين لمحا ڪاٽڻا پوندا آهن، ان هالت ۾، ميدان خالي ڏسي، ڪوڙ پاڻ کي ”سچ“ ڪري مشهو ڪرائڻ ۽ مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ڪوڙ کي ذاتي طرح زندهه رهڻ ۽ مقبول عام ٿيڻ جي ڪا صلاحيت نه آهي، تنهنڪري هو پنهنجي وجود کي محض جبر، تشدد ۽ ڏنڊي بازيءَ جي وسيلي ئي محفوظ رکڻ ممڪن ڄاڻندو آهي. انهيءَ صورتحال ۾، ڪوڙ جي هٿان هيسايل ۽ آزاريل انسان، عام طرح، ظاهري طور، ڪوڙ جي بيعت ۽ فرمانبرداريءَ جو دم ڀريندا رهندا آهن؛ پر ڇاڪاڻ ته انسان جي فطرت کان هيءُ ڳالهه بعيد آهي ته هو ڪوڙ کي سچ تسليم ڪري، تنهنڪري عام انسان پنهنجي منهن ۽ مخفي طرح ڪوڙ کي ڪوڙ۽ سچ کي سچ سمجهندا محسوس ڪندا ۽ ظاهر ڪندا ايندا آهن، ظاهري طرح ڪوڙ جي مدح گوئي، ۽ مخفي طرح سچ جو اعتراف_هيءُ آهي اها عام منافقي، جيڪا جڏهن ڪنهن سماج ۾ چوڌاري پکڙجي ۽ ڦهلجي ويندي آهي، تڏهن ائين سمجهجي ته اهو سماج هڪ نئين انقلاب لاءِ تيار ۽ منتظر آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جي تخت ۽ تاج جو تاراج ۽ برباد ٿيڻ، ۽ طاقت ۽ اقتدار جو مليا ميٽ ٿي وڃن، هڪ يقيني امر آهي.“ (ممد ابراهيم ايم. جويو جي ڪتاب ”ايملي عرف تعليم“ جي صفحي 35_36 تان ورتل: چونڊيندڙ محمد دائود بلوچ)

_”دنيا جي سڀني وڏين خرابين مان هڪڙي اها آهي ته ماڻهو وسهن ٿا ته انسان کي محتاج ۽ مفلس رهڻ لاچاري ۽ ضروري آهي_سندس وس ڪونهي. گهڻن ماڻهن کي پڪ آهي ته ڪي ماڻهو ته ضرور غريب ۽ محتاج هئڻ گهرجن، ۽ ڄاڻن ٿا ته اسان کي خدا غريب پيدا ڪيو آهي: پر جڏهن ڌڻيءُ سڳوري ماڻهو ٿي رٿيو ءٌ پيدا ڪيو، تڏهن وٽس غريبي يا اختياج يا ٻي گهٽتائي ۽ ڪوتاهي ڪانه هئي، هن زمين تي غريب ۽ مفلس ماڻهوءَ جي هئڻ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي، زمين ۾ بي انداز گهڻائي ۽ دولت ۽ موجودات جا اهڙا وڏا اپاءُ موجود آهن، جن جي اسان کي اڃان خبر ئي ڪانه آهي، اسين ڄڻ ته ان جي کري ۾ بک پيا مرون، ۽ درياهه جي وچ ۾ اڃ پيا مرون_رڳو انهيءَ ڪري، جو نااميديءَ ۽ ملولائيءَ جا خيال ڪري، پاڻ تي بندش ٿا رکون!“ (مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب ”چڱي خيال جي ڪرامت“ ڀاڱو پهريون، تان ورتل: چونڊيندڙ: سعيده بانو اختر، سکر.)

_”عوام ڪير آهن؟ عوام اهي آهن، جو جيڪڏهن جاهل هوندا آهن، ته ڊڄندا آهن، جڏهن ڊڄندا آهن ته جهڪي پوندا آهن: پر جي علمي ميوو کائي، جهل جي بک وڃائيندا آهن، ته چوڻ جي طاقت رکندا آهن؛ ۽ جي چوندا آهن ته ڪري ڏيکاريندا آهن.“ (مولوي محمد صديق ٽالپر جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”بيدادي نگري“ تان ورتل: چونڊيندڙ: قطب الدين صديقي، حيدرآباد، سنڌ.)

_”جيئن هر هڪ انسان کي مٽن مائٽن ۽ پونيرن جي ضرورت هوندي آهي، ساڳيءَ ريت هن کي دوستن جي به گهرج ٿيندي آهي، انسان پنهنجي جيوت جو سڄو دارومدار سچن دوستن تي رکي ٿو، ڪيترا ئي اهڙا دلي ڳجهه آهن، جي پنهنجي ماءُ پيءُ، زال يا اولاد سان به اوري نٿا سگهجن؛ انهن جي اورڻ لاءِ ڪن سچن رازدار دوستن جي ضرورت هوندي آهي، ۽ انهن جي ئي مدد جو کپ ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه جي دنيا ۾ سچن سنگتين، جي سرويچ هجڻ ۽ راز سانڍي سگهن، تن جو ڏاڍو ڏڪار آهي، پر تنهن هوندي به اها جنس اهڙي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو جي بلڪل سري ڪانه سگهندي، اڄڪلهه هڪ طرف سٺا سنگتي نٿا ملن، ته ٻئي طرف ماڻهن ۾ سٺن سنگتين جي صحيح چونڊ ڪرڻ جو حوصلو ڪونه رهيو آهي. جيڪو ماڻهو ٻاهريون ڏيک ويک رکي ڄاڻي، لٻاڙي ۽ لباسي هجي، اهو ئي سڀني کي پيو سيبائي، اڄڪلهه منهن جو مٺو، زبان دراز  ۽ پورو مطلبي ماڻهو ئي ٻئي تي پنهنجي سچائيءَ جو اثر جلد و هاري سگهي ٿو.“ (محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب”سنڌي سٻاجهڙا“ تان ورتل : چونڊيندڙ؛ غلام محمد شيخ، نندو شهر، سنڌ)

ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس

دهليءَ ۾ تازو 23 کان 28 ڊسمبر تائين ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ٿي گذري آهي، جنهن ۾ ايشيا جي مشهرو ۽ برک اديبن، لکندڙن ۽ شاعرن، حصو ورتو. ان جو اکين ڏٺو احوال ”اسٽيٽسمن“، ”ٽائيس آف انڊيا“، ”پاڪستان ٽائيمس“ ،”امروز“ ۽ ”هندستان“ روزانين اخبارن تان اداري طرفان گڏ ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.

دهليءَ جي ”وگيان ڀون“ ۾ گذريل مهيني (23-28 ڊسمبر 1956ع) ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ سترهن ايشيائي ملڪن جا نمائندا ۽ هندستان جي سمورين وڏين ٻولين جا شاعر، اديب ۽ صحافي اچي شريڪ ٿيا هئا، انهن کان سواءِ، مغربي ملڪن جي به ڪيترين ئي نامور اديبن ڪانفرنس ۾ ”مبصرن“ جي حيثيت ۾ حصو ورتو.

اديبن جو ايڏو وڏو اجتماع ساريءَ دنيا ۾ اڄ تائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، ايشا ئي اديبن جي ڪانفرنس ته تاريخ ۾ هيءَ پهريون ڀيرو ٿي آهي، ايشيا ئي اديبن جي هيءَ ڪانفرنس ”سٺو ادب پيدا ڪرڻ“ لاءِ ڪا نه سڏائي وئي هئي، هن ڪانفرنس جو خاص مقصد هيءَ هو ته ايشيا ئي اديب هڪ ٻئي سان متعارف ۽ واقف ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي ادب سان واقفيت پيدا ڪن، اها هڪ حقيقت آهي ته ايشيا جا ماڻهو، هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو هوندي به موجوده دور ۾  تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان، هڪ ٻئي کان ڪافي دور آهن، مغرب جي غلاميءَ ڪري، ايشيا جا ماڻهو مغربي تهذيب و تمدن کان واقف ٿيا، مشرقي ملڪن جي شهرن ۾ يورپ جي شاعري ۽ يورپ جو ادب پکڙجڻ لڳو ۽ ٽالسٽاءِ ۽ شيڪسپيئر جهڙن عظيم اديبن جا نالا ننڍي وڏي جي زبان تي اچي ويا، اڄ به ڪراچي، دهلي يا رنگون جهڙن شهرن جي بازارن ۾ ڪتابن جي دڪانن ۽ سمر سيٽ ماهم ۽ هيمنگوي جهڙن نامور مغربي مصنفن جي ڪتابن جا ڍير لڳيا پيا آهن ۽ ادب سان دلچسپي ۽ هيمنگوي جهڙن نامور مغربي مصنفن جي ڪتابن جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر شخص انهن جا ڪتاب ضرور پڙهيا هوندا، انهيءَ هڪ منهائيءَ راهه و رسم جي لازمي نتيجو هي ٿيو، جو ايشيا جا ماڻهو هڪ ٻئي کان بيگانا ٿي ويا، يورپ جي ٻن سون ورهين جي غلاميءَ جي دوران ۾ مشرقي ملڪن جا سمورا دروازا مغرب لاءِ ته کلي پيا، پر افسوس جو اهي سمورا رستا بند ٿي ويا، جتان اڳ ايشيا جا ماڻهو هڪ ٻئي تائين پيا پهچندا هئا، پاڪستان يا هندستان ۾ اڄ گهڻا ماڻهو هوندا جن کي انڊونيشيا يا برما جي ادب جي ڄاڻ آهي؟ انڊونيشيا ۽ برما جو ادب ته پري رهيو، هند ۽ پاڪستان جا اديب ته خود پنهنجي زبانن جي باري ۾ به بنهه ٿورو علم رکن ٿا، خوشحال خان خٽڪ يا شاهه عبداللطيف جي نالي کان هن برصغير جا گهڻا ماڻهو واقف آهن ۽ شمالي هندستان ۾ ڪير آهي جو اها دعويٰ ڪري سگهي ته هو تامل يا تيليگو زبانن جي ادب جي واقفيت رکي ٿو؟ هندستان ۽ پاڪستان ۾ هڪ به اهڙو رسالو نه آهي، جو ماڻهن کي ايشيائي ادب سان روشناس ڪرائي، اديبن جي هن ڪانفرنس ۾ ڌارين ملڪن مان جيڪي نمائندا آيا آهن، انهن جا نالا نه هونئن ئي هن برصغير جي ماڻهن لاءِ نوان هئا، پر خود مهاراشٽر، گجرات، بنگال ۽ آنڌرا مان آيل اديب به اسان لاءِ بلڪل لاءِ نوان نه هئا! ايشيا جي انهيءَ ذهني دوريءَ بابت راجگوپال آچاريه پنهنجي تقرير ۾ بلڪل صحيح چيو ته ”هتي آءَ ديس ديد جي باشندن کي ويٺل ڏسان ٿو، انهيءَ ڳالهه کي آءُ ڏاڍو عجيب محسوس ڪري رهيو آهيان، ڇو ته انهن ملڪن جا نالا اڄ تائين مون فقط جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ پڙهيا هئا، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ويٽنام، ڪوريا يا انڊونيشيا جهڙن ملڪن جا نالا اسان کي فقط جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ئي ملڪن ۽ اسين اتان جي ماڻهن جي رسمن رواجن ءٌ۽ ڪلچر جي باري ۾ ڪجهه به ڪين ٿا ڄاڻون، اڄ ايشيا ئي عوام جي ڀائپيءَ جون ڳالهيون پيون ڳائجن، پر حقيقت ۾ اسين هڪ ٻئي کان ڏاڍو پري آهيون، هاڻ اهو اديبن جو فرض آهي ته هو پاڙيسري ملڪن جا ادبي شهپارا پنهنجي زبانن ۾ آڻين ۽ انهيءَ طرح ماڻهن کي هڪ ٻئي جي تهذيب و تمدن سان روشناس ڪرائين، انهيءَ ڪم لاءِ لازمي آهي ته اهل قلم دوست پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ وڃن اتي جي زندگيءَ جو اڀياس ڪن، اتي جي لکندڙن سان ذاتي لاڳاپو وڌائين ۽ انهيءَ طرح انهن اوچين اوچين ديوارن کي اکوڙي ڦٽو ڪن، جي ڪن صدين کان اسان جي وچ ۾ حائل آهن،‎“

انهيءَ نيڪ ۽ پاڪيزه مقصد کي سامهون رکي، دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ قرب ۽ احترام، ڀائپيءَ ۽ رواداريءَ جا جذبا ڌاري، ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس دوستيءَ جي خوشگوار ماحول ۾ شروع ٿي، هندستان جي اديبن جي هڪ وڏي گروهه کان سواءِ، ايشيا ئي ملڪن جا اٽڪل 17 نمائندا انهيءَ ۾ شريڪ  ٿيا، جن ۾ پاڪستان، چين، اتر ڪوريا، روس، جپان، برما، سلون، منگوليا، نيپال، ايران، شام، مصر ۽ اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام ملڪن جا نالا قابل ذڪر آهن، پهرئين ڏينهن تي ڪانفرنس جي صدارت هندستان جي مشهور اديب همايون ڪبير ڪئي، همايون ڪبير ايشيا جي اديبن کي پنهنجا فرض ياد ڏياريندي تقرير ۾ چيو:

”ايشيا جا اديب پنهنجي لکيتن ذريعي دنيا کي جنگ ۽ خونريزيءَ کان بچائي سگهن ٿا، ايشيا اديبن جي هن ڪانفرنس جي اهميت هيءَ آهي ته هتي ديس ديس جا اديب ۽ شاعري گڏجي، مذهب، قوميت، ملڪ ۽ ذات پات جا فرق وساري، محض انسانن جي حيثيت ۾ هڪ ٻئي لاءِ ۽ سڄي انسان ذات بهبوديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچين، اڄ ايشيا جا گهڻا ملڪ مغربي بيٺڪي راڄ  مان نجات حاصل ڪري چڪا آهن ۽ هنن ۾ هڪ نئون روح پيدا ٿي رهيو آهي، اڳ اسين ادبي، سماجي ۽ سياسي اڳوڻاڻيءَ لاءِ يورپ ڏانهن ڏسندا هئاسون، پر اڄ ايشيا يورپ سان برابريءَ جي اصولن تي اڳتي وڌي رهي آهي.

”جديد دور ۾ ايشيا اندر هڪ خوشگوار تبديلي آندي آهي، هندستان ۾ ادبي لحاظ کان، اها تبديلي رابند رناٿ ٽئگور جي شاهڪار تحريرن آندي آهي، ٽئگور نه فقط هندستان جو ئي عظيم شاعري آهي، پر ايشيا جي جو شاعر عظيم آهي،  هن جون تحريرون، هن جو فلسفو، سموريءَ ايشيا لاءِ آهي، باڪ سموريءَ دنيا لاءِ آهي، ايشيا ۾ پيدا ٿيل مذهب فقط ايشيا لاءِ نه پر سڄي دنيا جي تمدني ورثي جو حصو آهي.

”ايشيا جا اديب اڄ ادب ۽ زبان جي بنيادن تي اچي پاڻ ۾ مليا آهن، منهنجي خيال موجب، زبانن جي مختلف هجڻ کي به هڪ اهميت آهي، زبان جي اختلاف مان انسان جي شخصيت مالا مال ٿئي ٿئي، اهو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته هڪ هندستان، گير زبان سان علم ۽ ادب جي وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي، سنسڪرت جي اوج واري وقت ۾ هندستان جي هر حصي علم ۽ سائنس کي ڦهلائڻ ۾ پورو پورو حصو ورتو، پر تڏهن توڙي هاڻي ادب جي صنفن ناٽڪن، آکاڻين ۽ شعرن جو اوج هر هڪ جدا ٻوليءَ ۾ پنهنجي پنهنجي ڪمال تي رسيل آهي، جيڪڏهن اها ڳالهه هندستان سان لاڳو ٿي سگهي ٿي ته سموريءَ ايشيا لاءِ پڻ ان جي اها ئي اهميت آهي.

اڄ دنيا هڪ ڀيانڪ خطري سان دوچار آهي، اهڙو خطرو جو اڳ تصور ۾ به نٿي اچي سگهيون، اڄ جيڪڏهن ڪو چاهي ته فقط بٽڻ دٻائڻ سان دنيا کي تباهه و برباد ڪري سگهي ٿو ۽ ڪروڙين انسانن کي هڪ ساعت ۾ فنا ڪري سگهي ٿو، انسان ارتقا ۽ اوسر جي رفتار تباهيءَ جي هٿيارن ٺاهڻ جي علم جي رفتار کان گهڻي گهٽ ۽ پٺتي آهي، اڄ دنيا انهيءُ ٻه واٽي تي بيٺي آهي، جتي  هڪ طرف امن ۽ خوشحالي آهي، ۽ ٻئي طرف تباهي ۽ برباديءَ جو اوڙاهه آهي، اهو اديبن ۽ لکندڙن جو فرض آهي ته هو پنهنجي لکيتن سان دنيا جي مختلف قومن ۾ امن امان، ڀائپيءَ ۾ رفاقت جو جذبو پيدا ڪن.

زبانن جي مختلف هجڻ کي انهيءَ ڪري به اهميت حاصل آهي، جو اهو اختلاف اديبن لاءِ هڪ کليل للڪار آهي ۽ ان جي نتيجي طور مون کي يقين آهي ته انهيءَ اختلافن سبب پيدا ٿيندڙ بيگانگيءَ کي مٽائڻ لاءِ، مختلف ايشيائي ٻولين ۾ هڪ ٻئي جي ادب جا ترجمان ٿيڻ لڳندا، مون کي اهو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته آءٌ ايشيا ۽ هندستان جي بهترين ادبپارن جي ڀيٽ ۾ يورپ جي ادب سان قريب تر رهيو آهيان، اسان مان شايد گهڻن جو اهو حال هوندو، انهيءَ مان خدانخواسته منهنجو مقصد اهو نه آهي ته ڪو اسين يورپ ۾ ادب کان دور رهڻ شروع ڪريون، انگلنڊ ۽ آمريڪا جي مفڪرن جو پيدا ڪيل ادب ۽ ساهت اسان لاءِ اهو ئي قيمتي خزانو آهي، پر ضرورت صرف هن ڳالهه جي آهي ۽ منهنجي اها دلي تمنا آهي ته چين ۽ جپان، ايران ۽ عرب دنيا جي ادبي شهپارن سان به اسين انهيءَ طرح ئي روشناس ٿيون، اهي به انسان جي تمدني ۽ ثقافتي ورثي جا اهڙا ئي انمول موتي آهن، جهڙا يورپ جا ادبي شاهڪار مون کي اميد آهي ته ههڙن لاڳاپن ذريعي اسان جي دلي ۾ انهيءَ ڳالهه جو احتجاج ۽ ضرورت محسوس ٿيندي ته اسين ايشيائي اديب هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي ادب مان فيضياب ٿيڻ جا ذريعا ڳولي ڪڍون، شايد هن ڪانفرنس مان وڏو فائدو اهو ئي ٿئي ته اسان جي اڳيان ايشيائي ملڪ جي ادب جي اهميت ۽ عضمت پڌري ٿي پوي.

جيڪڏهن اسين پنهنجي قومي رسم الخطن کان الڳ ڪو اهڙو رسم الخط ڳوليون، جنهن جي ذريعي اسين هڪ ٻئي کي بهتر نموني ۾ ڦهلجڻ جو موقعي ملي پوندو، منهنجي راءِ ۾ لاطيني رسم الخط هينئر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ رائج آهي، جيڪڏهن انهيءَ کي اختيار ڪجهي ته بهتر ٿيندو، بهر صورت، اهو اوهان اديبن ۽ لکندڙن تي ڇڏيل آهي ته اوهين انهيءَ قسم جي ڪا راهه ڳولي ڪڍو.

مون کي يقين آهي ته هن قسم جون ڪانفرنسون جتي اسين پنهنجا خيال آزاديءَ سان ظاهر ڪري سگهون ٿا، پنهنجي تجربن ۾ حصدار ٿي سگهون ٿا ۽ شخصي لاڳاپا وڌائي سگهون ٿا، اسان جي دلين ۾ هڪ ٻئي دوستي، رفاقت ۽ نيڪ نيتي پيدا ڪنديون رهنديون“

استقباليه ڪميٽيءَ جي صدر آر اين اگر وال، اديبن جي مرحبا ڪندي چيو.

اديب ۽ لکندڙ مختلف قومن ۾ تمدني خيالن جي ڏي وٺ ۽ دوستيءَ جي ذريعي انسان جي تقدير کي فيصلي ڪن صورت ڏئي سگهن ٿا، نامور لکندڙ لکها انسانن جي ذهنن کي متاثر ڪن ٿا، انهن جي پاڻ ۾ شخصي دوستي قائم ٿيڻ سان دنيا جي مختلف قومن لاءِ هڪ ٻئي کي بهتر نموني ۾ سمجهڻ جو خوشگوار ماحول پيدا ٿئي ٿو، اوهين پنهنجي لکيتن سان يونسيڪو جو ٺهراون کي مقصد ۽ عملي جامو ڏئي سگهون ٿا ۽ انسانن جي دليل ۾ انسان، دوستي ۽ امن ۽ آزاديءَ ۽  انسان جا امنگ ۽ جذبا پيدا ڪري انهن ٺهراون کي حقيقت ۾ بدلائي سگهون ٿا، اوهين عالمي امن جي خواب کي جسم ۽ جان ڏئي سگهون ٿا، اڄ دنيا جون اکيون اوهان ۾ کتل آهن ۽ سڄي انسان ذات اوهان جي فڪر ۽ بحثن مباحثن کي اميدن ڀريل نگاهن سان گهوري جاچي رهي آهي.

جنگ فن ۽ تمدن جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي، صدين جي فني ۽ ثقافتي سرمائي کي جنگ کن ۾ تباهه و تلف ڪريو ڇڏي، انهيءَ ڪري ضرورت آهي ته اوهان قلم جي ڌڻين کي يڪشمت ٿي انهيءَ خطري کي ٽارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، اوهان جي قلمن جي طاقت سموري دنيا جي خطري ۽ تباهه ڪن هٿيارن جي طاقت کان وڌيڪ جبري آهي، ادب ۽ فن جا شاهڪار فقط امن امان ۽ صلح سانت ۾ ئي سلامت رهي ٿا سگهن، انهيءَ ڪري اوهان لکندڙن تي اهو هڪ اخلاقي فرض عائد ٿئي ٿو ته اوهين امن جي حفاظت ڪريو ۽ امن کي ڦٽائيندڙ طاقتن سان جنگ جوٽيو.

ان بعد مختلف ملڪن جي اديبن ۽ لکندڙن جا سنيها ڪانفرنس اڳيان پڙهيا ويا. برمي نمائندن جي اڳواڻ ٿئن پي مائنٽ پنهنجي سنيهي ۾ چيو ته ”ايشيا جي تمدن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي رهيو آهي، اسان لکندڙن کي به نئين وقت جي تقاضائن مطابق پاڻ ۾ نوان لاڙا ۽ نئون روح پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ ماضي قريب ۾ تمدني لاڳاپن کي جيڪو ڌڪ لڳو آهي، اچو ته انهن کي وري نئين سر جوڙڻ شروع ڪريون.

ايران جي پروفيسر سعيد نفيسيءَ چيو ته ”ڪانفرنس کان پوءِ مون کي اميد آهي ته هڪ اهڙي تنظيم ضرور پيدا ٿيندي، جنهن جي ذريعي ايران جا اديب، ايشيا جي اديبن سان قريب اچي ويندا ۽ هڪ ٻئي کي بهتر سمجهي سگهندا.

چيني نمائندن جي اڳواڻ ماؤتون، چيو ته ”اسان کي اميد آهي ته هن ڪانفرنس ذريعي اسين هڪ ٻئي سان گهرا تعلقات ۽ گهاٽي دوستي پيدا ڪري سگهنداسين. انهيءَ طريقي سان اسان ئي ايشيا ئي ملڪ هڪ ٻئي کي سمجهي سگهندا ۽ منجهن باهمي دوستي پيدا ٿي سگهندي.“

ڪوريائي اديبن جي يونين جي صدر هئن سوليا چيو ته ”ايشيائي اديبن جي هن ڪانفرنس اڳيان سڀ کان بلند مقصد اهو ئي آهي ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ بيروني بيٺڪي راڄ جي مخالفت ڪرڻ لاءِ ايشيائي اديب پاڻ ۾ دوستي ۽ يڪجهتي پيدا ڪن.“

سومر ڏينهن مکيه ڳالهائيندڙن مان راجگوپال آچاريه جو نالو قابل ذڪر آهي، هن صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو:

اديب ۽ لکندڙ کي ڪڏهن به تنگدل نه هجڻ کپي، دنيا جا ٻيا ماڻهو ۽ خاص ڪري سياستدان ڀلي ته انهيءَ مرضي جو شڪار هجن پر لکندڙن جي راهه هنن کان بلڪل الڳ آهي، هيءَ ڪانفرنس ڪا غير ايشيائي ملڪن جي مقابلي ۾ کڙي نه ڪئي وئي آهي، ايشيا کي ڪنهن جي خلاف ڪم ڪرڻو نه آهي، بلڪ ٻين سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ لائي ترقيءَ ۽ اوج ڏانهن وڌڻو آهي.

”سياستدانن لاءِ ته اها ڳالهه اهڙي سولي نه آهي، جو هو تنگدليءَ کان پنهنجو دامن بچائي سگهن، ڇو ته هو انهن مفاد پرست شخصن اڳيان بلڪل مجبور آهن، جن جو هنن کي خاص مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، هو پنهنجي پنهنجي ”عوام“ سان ئي ٻڌل آهن، انهيءَ ڪري هنن کي رفتي رفتي انهيءَ ڪلفت واريءِ راهه تي هلڻو ئي پوندي آهي، چو اين لائي آئز نهاور يا ائنٿوني ايڊن، هرڪو سياستدان پنهنجي ”قوم“ اڳيان جوابده آهي، پر لکندڙ انهيءَ قيد کان گهڻي قدر آزاد آهي ۽ هو ته ڪڏهن ڪڏهن اڻوڻندڙ چيزون به لکي سگهي ٿو، اديب اهڙيون چيزون به لکي سگهن ٿا، جن ۾ فوري طور پسند ايندڙ ڳالهين نه هوندي به سياڻپ ڀريل هوندي آهي، لکندڙن کي گهرجي ته جڏٿهن لکڻ ويهن، تڏهن پنهنجي مواد کي ڌيان سان ۽ صحيح طور جاچي تپاسي پوءِ لکن، هنن کي حقيقي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻي آهي، جن لکتن ۾ جئري جاڳندي زندگي هئڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڪو اديب پاڻ کي ڪنهن بند ڪمري ۾ بند ڪري ويهي رهندو ۽ عوام سان سندس ڪو ئي لاڳاپو نه هوندو ته اهو اديب ڪو چڱو ادب پيدا ڪري ئي نه سگهندو. هن وٽ ڪو فڪر نه هوندو، رفتي رفتي اهڙي لکندڙ مان قابليت ختم ٿي ويندي، جڏهن اها صورتحال پهچندي، تڏهن اهڙا لکندڙ ٻين اديبن ۽ لکندڙن جي لکيتن مان چوريون ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هنن جي تحريرن ۾ زندگيءَ جي حقيقيتن جو پاڇو به نه هوندو، هنن مان هر ڪوائين سمجهڻ لڳي ٿو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڏوهه ۽ غلطيون ٿين ٿيون، سي ٻيا ماڻهو ڪن ٿا ۽ انهن جي جوابداريءَ ۾ سندن ڪو ئي حصو نه آهي، ٻين تي الزام لڳائڻ آسان آهي، پنهنجو پاڻ کي مجرم ۽ ملزم ٺهرائڻ محال آهي، اها خود پسندي ۽ ٻين کي بري سمجهڻ ۽ سڏڻ جي عادت ئي سڀني جهڳڙن ۽ فسادن جي جڙ آهي.

هندستان جو ڪلاسيڪي ادب مغرب جو ڪلاسيڪي ادب کان ٻه درجا بهتر آهي، اسان جو قديمي ادب مغربي ملڪن جي قديم ادب کان گهڻو گهڻو بهتر آهي، پر جديد ادب ۾ اسين مغرب کان گهڻو گهڻو پوئتي آهيون، انهيءَ ڪري منهنجي اوهان کي استدعا آهي ته اوهين پنهنجي پنهنجي ملڪ لاءِ اهڙو ادب پيدا ڪريو، جهڙو يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پيدا ٿي رهيو آهي، ترجمن مان اوهان کي ايترو سارو ادب ڪين ملي سگهندو، ترجما به ڀلي ڪريو پر اوهين پنهنجو ادب به تخليق ڪندا رهو.

مون کي ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هن ڪانفرنس ۾ به سياسي ٿڌي جنگ رڙهي آئي آهي، اوهان کي انهيءَ کان خبردار ٿيڻ گهرجي، اوهان ياد رکو ته اوهين اديب ۽ لکندڙ آهيو، نه ڪي سياستدان مون کي اوهان جي سياست ۾ بهرو وٺڻ تي ڪو ئي اعتراض ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هن ڪانفرنس ۾ اوهين سياستدان ٿي نه پر هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾ پاڻ ۾ ملو، ادب اوهان جي زندگي جو پيشو آهي، پر آزاديءَ لاءِ لکو، پروپيگنڊا لاءِ نه، اوهين لکڻ کي هڪ پل لطيف سمجهي لکو، زندگي جي حسن کي چمڪائڻ لاءِ لکو“

ڊاڪٽر رام سوامي آئير بنارس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر  اديبن کي خطاب ڪندي چيو ته ايشيا ۾ جا نئين زندگي ڪر موڙي جاڳي آهي، ان جو اظهار هاڻي سياسي اقتصادي، سماجي ۽ ادبي پهلوئن ۾ ٿي رهيو آهي، اهو صحيح آهي ته ايشيائي ادب ۾ اڃا پوري ريت نئون موڙ نه آيو آهي، پر ان جي شروعات بي شڪ ٿي چڪي آهي.

هندستان جي قديم تهذيب و تمدن کي ڏسو ته ان جون روايتون ڇا آهن، ڪالنگا جي لڙائيءَ ۾  جڏهن هزارين انسان تباهه و برباد ٿي ويا، تڏهن آسوڪا کي اهو احساس جاڳيو ته جيتوڻيڪ هن کي فتح نصيب ٿي هئي، پر صحيح معنيٰ ۾ اها هن جي شڪست هئي، انهيءَ ڪري هن نه فقط پاڻ آئيندي جنگ ۾ خونريزي کان پاسو ڪيو، پر پنهنجن پونين کي به جنگ نه ڪرڻ لاءِ چئي ويو. اهي آهن اسان جون روايون هاڻي اسان جو فرض رڳو اهو نه آهي ته لکندڙن کي همٿائيندا رهون، پر اسان جو اولي فرض هي آهي ته اسين هندستان جي قديم روايتن موجب رواداريءَ ۽ ڀائپي جو ماحول پيدا ڪريون.

روس جي ايشيائي حصي جي نون جمهوريتن جا نمائندا شريڪ ٿيا، سندن اڳواڻ جڳ مشهور اديب ۽ شاعر مرزا ترسون زاده چيو ته امن کان سواءِ ادب جي تخليق ٿي نه ٿي سگهي وقت آيو آهي ته ايشيا جا سمورا اديبن لکندڙ ۽ فنڪار محبت جي هڪ ئي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي انسان ذات جي امن ۽ ترقي لاءِ سوچين.

تمدني ۽ ثقافتي مٽا سٽا تي ڳالهائيندي پاڪستان جي مشهور شاعر فيض احمد فيض چيو ته ڪن ٿورن حصن کان سواءِ ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ۽ تبادلي تي ڪي به بندشون ناهن، پر انهيءَ لاءِ اثرائتا ذريعا ايترا موجود نه آهي، منهنجي راءِ ۾ هڪ اهڙي تنظيم قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن جي ذريعي ايشيائي ملڪ هڪ ٻئي سان ثقافتي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪري سگهن، اڄ ايشيا جي گهڻن ملڪن ۾ مغربي زبانن جي سکڻ ۽ سيکارڻ جون سهولتون موجب آهن، پر ايشيائي زبانن لاءِ ڪي به اهڙي قسم جون سهوليتون موجود نه آهن.

سلون جي نمائندي ڪي نور نم، ايشيا جي روايت تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ايشيا کي هڪ متحد ايشيا ٿي اٿڻو آهي ته انهيءَ اتحاد کي ايشيا جي مختلف ملڪن جي تهذيبن ۽ ثقافتن تي هڪ جهڙين خصوصيتن تي بنياد تي ٻڌڻو پوندو، هي جا نئين آزادي ايشيا جي قومن حاصل ڪئي آهي، اها کين بي خبريءَ ۾ ئي پنهنجين پراڻين روايتن کان ڌڪيندي وڃي ۽ ان جي بدران مغربيت جو هڪ طرفو رنگ مٿن چڙهندو وڃي، انهن لاڙن کي اتي ئي روڪڻ گهرجي ۽ ان جي بدران کين پنهنجي پنهنجي قومي تهذيبن ۽ ثقافتن کي عالمي محبت ۽ رواداري جي بنيادي تي مضبوط ڪرڻ تي تعميري پروگرامن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ڊاڪٽر ملڪ راج آنند چيو ته هندستان توڙي ايشيا جي ٻين محڪوم ملڪن ۾ ڌارين جي حڪمراني سٺي ادب جي پيدا ٿيڻ نه ٿي ڏنو، مون کي يقين آهي ته هاڻي ٿورن ئي سالن اندر ايشيا ۾ نهايت ئي عظيم ادب پيدا ٿيندو.

اربع جي ڏينهن (26 ڊسمبر) ڪانفرنس ۾ آزادي ۽ اديب جي موضوع تي نهايت ئي دلچسپ بحث ڇڙي پيو، جنهن ۾ 16 نمائندن پنهنجا پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، ڪن چيو ته لکندڙ کي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي. هن کي روڪڻ وارو محث سندس ضمير هئڻ گهرجي، ٻين چيو ته لکندڙ کي معاشري ڏانهن جوابداري محسوس ڪرڻ گهرجي.

آنڌرا جي اديب آر اين ريڊيءَ چيو ته اسين اديب انهن کي چئون ٿا، جيڪي نه رڳو انسان جي خدمت ڪن ٿا، بلڪي انهن کي بلندي پڻ بخشين ٿا، لکندڙ هڪ مشعل راهبر آهي، جو انسانن کي رستو ڏيکاري ٿو، جيتوڻيڪ هن جا زنده ناتا عوام سان ئي جڙيل آهي، پر سندس ذهن عوام کان گهڻو بلند رهي ٿو.

پاڪستان جي نمائندي مسٽر اعجاز حسين چيو ته اهو فيصلو ڪير ڪندو ته هڪ خاص لکندڙ واقعي ئي راهبر آهي يا نه؟ منهنجي خيال ۾ هڪ لکندڙ کي بدلجندڙ معاشري سان پاڻ بدلائڻ گهرجي، نه بدلجندڙ حڪومت سان لکندڙ آزاد پيدا نه ٿو ٿئي، هو اهڙي معاشري ۾ پيداٿئي ٿو، جنهن ۾ پسندي جا جذبا به آهن ته نا پسنديءَ جا به، محبتون به آهن ته نفرتون به موجود آهن، اهڙي معاشري ۾ لکندڙ کي ديانتداري سان لکڻ گهرجي.

سيد سجاد ظهير چيو ته معاشري ۾ هر هڪ فرد جو احتياج ۽ ضرورت کان آزاد هجڻ لازمي آهي، هو ڪنهن جي استحصال جو شڪار نه هئڻ گهرجي. هڪ فنڪار پنهنجا بهترين شاهڪار فقط اهڙي معاشري ۾ پيدا ڪري سگهندو، جيڪو آزاد هوندو ۽ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي پرمار ۽ استحصال نه هوندا.

پي ايس اپڌايه، هنديءَ جي اديب چيو ته اسان لاءِ آزادي جو ميسر هجڻ لازمي آهي، پر اسان کي معاشري ۽ سماج ڏانهن ذميوار به هئڻ گهرجي، اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن معاشرو ناقابل برداشت ٿي پوندو آهي، ان وقت لکندڙ کي بغاوت ڪرڻ گهرجي، هن کي پنهنجي قلم ذريعي ان خلاف جنگ جوٽڻ گهرجي.

علي ستار جعفري چيو ته هڪ اديب جيڪڏهن محض لکڻ خاطر لکي ٿو ۽ انسان کي ڏيڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به نه آهي ته پوءِ اهڙي لکندڙ کي عوام جي مٿان پنهنجون لکتون مڙهڻ نه گهرجن.

پروفيسر ملڪاڻيءَ چيو ته انسان کي لکڻ تي مجبور ڪري نه ٿو سگهجي، لکندڙن تي ضابطو ٻاهريون نه پر خود هنن جو پنهنجو ضابطو هئڻ گهرجي.

صبح واري نشست ۾ اٽڪل 6 لکن مقالا پڙهيا ويا، جن ۾ اديبن پنهنجي پنهنجي ٻولي جي ادب جي صورتحال کان ٻڌندڙن کي واقف ڪيو. سي ايڇ وتسيان، هنديءَ جي اديب چيو هندي ادب جي دنيا ۾ لکندڙ اڄ وري تخليقي ادب جي انهن اصولن کي ڳولهڻ ۽ قبولڻ ۾ مصروف آهي، جيڪي گذريل ويهارو سالن جي دوران ۾ سندس پنهنجي ئي باهمي ڪشمش ۽ نا اتفاقي سبب سڀني جي نظرن کان غائب ٿي ويا هئا، اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ انهن اصولن کي تخليقي ادب جي پنچ شالا چئي سگهجي ٿو.

لکندڙ کي اڄ جي دور ۾ نهايت خبرداري سان لکڻ گھرجي، کيس پنهنجي وطني ماڻهن بلڪ سڄي دنيا جي انسانن جي ضرورت کي مدنظر رکي لکڻ گھرجي، اها خبرداري ۽ گهرائي جيتري ڪنهن لکندڙ ۾ وڌيڪ ۽ اتم هوندي اوترو ئي عظيم ادب هن کي ليکيو ويندو. ضرورتن مان منهنجي مراد مادي ضرورت سان سياسي ضرورت ناهي، بلڪي انهيءَ مان مقصد انهن انسان قدرن جي ضرورت آهي، جيڪي انساني ڀلائي ۽ ترقي جو بنيادي آهن.

ايران جي ڊاڪٽر نفسيءَ چيو ته گذريل ٿورن سالن اندر ايران ۾ اديبن، تاريخ جي موضوع تي چڱيون ڪوششون ڪيون آهن، ٿوري ئي وقت ۾ تاريخ جي مختلف دورن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا آهن، ايران حڪومت به ان ڏس ۾ ڪافي همٿ افزائي ڪري رهي آهي، هڪ بيرو آف ٽرئنسليٽرس (مترجن جي جماعت) قائم ڪيو ويو آهي ۽ هر سال بهترين اديبن لاءِ شاهه ايران طرفان انعام پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.

مون کي پوري اميد آهي ته هن ڪانفرنس ذريعي هڪ اهڙي تنظيم قائم ڪئي ويندي، جنهن جي وسيلي ايشيا جي اديبن جا هڪ ٻئي سان دوستاڻه تعلقات قائم ٿي سگهندا.

پروفيسر ايم يو ملڪاڻي سنڌي جي اديب چيو ته سموري هندستان جو سنڌي ادبي جماعتون ڪانفرنسن ۽ نمائندن ذريعي اها جدوجهد ڪري رهيون آهن ته سنڌي ٻولي کي به ڀارت حڪومت پنهنجي آئين ۾ تسليم ٿيل قومي ٻولين جي شڊيول ۾ داخل ڪري جڏهن به انهي ۾ اسان کي ڪامياب ٿي تڏهن هتي سنڌي ادب جو در حقيقت سنڌو تهذيب جي اظاهر ۾ مکيه وسيلو آهي، ضرور ترقي ڪندو ۽ هندستان جي تمدني ۽ ثقافتي خزاني ۾ اضافو ڪندو. خميس جي ڏينهن (ڊسمبر 27) ڪانفرنس جو عام ميڙ هو، انهي ميڙ ۾ چئن مقرر ڪيل ڪميشنن جون رپورٽون بحال ڪيون ويون، اهي چارئي ڪميشنون ثقافتي ڏي وٺ ۽ مٽا سٽا اديب ۽ سندن پيشو، ثقافتي روايتون، اديب ۽ آزادي، جي موضوعن لاءِ مقرر ڪيون ويون هيون.

ثقافتي مٽا سٽا جي موضوع تي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ثقافتي مٽا سٽا محض ثقافتي اهميت کان هئڻ گهرجي، ان ۾ هڪ طرفي پروپيگنڊا کي داخل هئڻ نه گهرجي، ايشيائي ملڪن ۾ ادب تحقيقي مواد ۽ ثقافتي وفدن جي مٽا سٽا ضرور هئڻ گهرجي، ادبي لکيتن لاءِ سموري ايشيا لاءِ هڪ انعام مقرر هئڻ گهرجي، جو واري واري سان هر ڪنهن ملڪ لاءِ مخصوص ٿيڻ گهرجي، ثقافتي ڏي وٺ لاءِ عالمن، اديبن ۽ فنڪارن ۾ خود ثقافتي مواد جي چونڊ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ثقافتي مقصدي پوئواري جي اهميت کان سواءِ انهيءَ ۾ ٻئي ڪنهن ڌارين لحاظ کي دخل نه هئڻ گهرجي.

ثقافتي روايتون جي موضوع تي رپورٽ پيش ڪندي يو چين چو (چين) چيو ته اهو سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو ته ايشيا پاڻ وٽ نهايت شاندار روايتون محفوظ رکيون آهن، اسان جي اديبن کي انهن روايتن کي ضرور خيال ۾ رکڻ گهرجي، اديب جن ماڻهن لاءِ لکي ٿو، انهن جي فائدي خاطر انهن روايتن مان اهي چيزون چونڊي پيش ڪرڻ گهرجنس، جيڪي فائديمند ثابت ٿينديون ۽ پوءِ اهڙين روايتن کي ترقي ڏيڻ پڻ سندس ئي فرض آهي.

ايشيا جي اها روايت موجوده زماني ۾ مغربي تهذيب سان به تعالق پيدا ڪري چڪي آهي، مغربي تهذيب به انسان ارتقا ۾ وڏو حصو ورتو آهي، انهيءَ تهذيب مان لکندڙ کي فقط اهي چيزون کڻڻ گهرجن جيڪي هن جي نظر ۾ سندن ملڪ جي عوام لاءِ ڪارآمد ٿينديون.

ايشيا جي ملڪ ملڪ جون پنهنجون پنهنجون روايتون آهن، هر ملڪ ۾ تمدني روايتون جدا جدا ۽ علحده حالتن ۽ ماحولن ۾ پيدا ٿين ٿيون، پر ان هوندي به انهن ۾ ڪافي هڪجهڙائي ۽ هم آهنگي آهي، جا وقت به وقت ايشيائي ادب ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي، انهن ايشيائي روايتن ۾ سڀ کان عظيم يڪسانيت هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهن روايتن ۾ انسان جي پاڪيزه ۽ اعليٰ مقام کي تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ انسان دوستي انهن روايتن جو روح آهي، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي عوام لاءِ عزت ۽ پيار، زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي روحاني قدرن سان الفت، آزادي، انصاف، امن ۽ عالمگيري برداريءَ لاءِ چاهه ۽ محبت اهي ڳالهيون ايشيائي روايتن جي جان آهن.

ڪميشن هن خيال جي آهي ته انهن روايتن جو مغربي تهذيب سان ٺاهه ڪرڻ ڪو ناممڪن نه آهي، پر اهو لکندڙن جو ڪم آهي ته ايشيا بلڪ سڄي دنيا جي واڌاري ۽ بهبوديءَ جي خيال کان ان ٺاهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن“

اديب ۽ سندس پيشو جو موضوع تي مقرر ٿيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته لکندڙ کي پنهنجي لکيتن جو مناسب اجورو ضرور ملڻ گهرجي، ڪاپي رائيٽ يا حقن واسطن جا قائدا قانون اهڙي قسم جا هئڻ گهرجن، جن لکندڙن جي همت افزائي ڪن، اهڙا ايڊيٽوريل بورڊ قائم ڪرڻ کپن، جيڪي پبلشرن کي مجبور ڪن ته هو ملڪ ۽ عوام لاءِ بهتر ۽ صحيح قسم جو ادب پيدا ڪرڻ تي زور ڏين.

ملڪ ۾ بيشمار لئبرريون، ريڊنگ روم ۽ ادبي نمائشون قائم ڪيون وڃن، جئن اديبن جا شهڪار گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهن، لکندڙن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته معاشري کي سڌارڻ لاءِ هو جيڪي بهتر طريقي سان لکي سگهن، سو لکن ۽ پڙهندڙن ۽ لکندڙ جي وچ ۾ جيڪي به بند ۽ ڀتيون حائل هجن، تن کي ختم ڪرڻ گهرجي، زندگيءَ ۽ ادب بابت لکندڙن ۾ کڻي ڪهڙا به باهمي اختلاف هجن، پر ايشيا جي ملڪن ۾ جيڪي به اديبن جون تنظيمون آهن، انهن کي اهڙي يڪسان طريقي سان منظم ڪيو وڃي جو پبلشرن ۽ حڪومت جي اڳيان اديبن جي پيشي جي مفاد سلامت رهي سگهن.

پاڪستان جي اعجاز حسين بٽالويءَ ”اديب ۽ آزادي“ جڪميشن جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ” ڪميشن انهيءَ موضوع تي نهايت آزادانه خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ميمبرن طرفان هڪ ٻئي جي بلڪل ابتڙ ۽ مخالف خيال پيش ڪيا ويا، افسوس آهي جو ڪميسن انهيءَ ڪري هن مسئلي تي يڪراءِ نه ٿي سگهي آهي، البت هن ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته اديب معاشري ڏانهن جوابدار آهي ۽ انهيءَ کان به ڪنهن کي انڪار ڪونهي ته بهترين ادب فقط تڏهن تخليق ٿي سگهندو، جڏهن لکندڙ جون پاڙون سندس آسپاس جي عوام ۾ کتل هونديون.

زير بحث نڪتو اهو آهي ته آيا معاشرو ادب تي پنهنجي اظهار خيال تي ڪي پابنديون وجهي سگهي ٿو يا نه، ان تي ڪافي گرما گرم بحث ٿيو، ڪن جو خيال هو ته ڇاڪاڻ ته لکندڙ معاشري ڏانهن جوابده آهي، تنهن ڪري لکندڙ کي معاشري جي مفاد، بهتريءَ ۽ سڌاري لاءِ ئي لکڻ گهرجي، ٻين جي راءِ هئي ته اهو فيصلو ڪرڻ آسان نه آهي ته هڪ لکندڙ معاشري لاءِ فائديمند ثابت ٿيو آهي يا نه، ڪيترين حالتن ۾ ائين به ٿيندو آهي ته لکندڙ جي لکيت جو فائدو ترت ظاهر نه ٿئي، پر آئيندي هلي ان مان معاشري کي ڪافي مدد ملي سگهي، انهيءَ ڪري هڪ لکندڙ کي بلڪل آزاد ڇڏڻ گهرجي، هن تي ڪا روڪ ۽ بندش هئڻ نه گهرجي، جيڪڏهن هن تي ڪا بندش ۽ روڪ ٿئي ته اها هن جي پنهنجي اندر جي هئڻ گهرجي، هڪ ٻيو خيال هي پيش ڪيو ويو ته ادب هڪ فني چيز آهي ۽ فن محض هڪ جمالياتي تجربو آهي، زندگيءَ جي ٻين تجربن کان ان جي حيثيت بلڪل جدا گانه آهي، انهيءَ ڪري فنڪار ۽ اديب تي ڪنهن به قسم جون بيجا بندشون هئڻ نه گهرجن، ڪن چيو ته لکڻ لاءِ آزادي انهن اديبن کي نه گهربي آهي، جيڪي معاشري جي تائيد ڪندا هجن، بلڪ آزاديءَ جي ته انهن لکندڙن کي ضرورت آهي، جيڪي موجوده معاشري سان اتفاق نه ڪندا هجن،

28 تاريسخ جمعي جي ڏينهن روسي وفد جي اڳواڻ ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس کي دعوت ڏني ته ايشيائي اديبن ۽ شاعرن خوب تاڙيون وڄائي دعوت جي مرحبا ڪئي، ان بعد ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ملڪ راج آنند ڪانفرنس اڳيان رٿ پيش ڪئي ته پنجن ڄڻن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وڃي، جا هن ڪانفرنس جي سفارشن مطابق ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ ادب ۽ ٿقافت جي ڏي وٺ جي طريقن تي سوچي، پنهنجي رپورٽ پيش ڪري، اها رپورٽ پوءِ هر ملڪ کي موڪلي وڃي، انهيءَ ڪميٽي تي هن وجيندر ڪمار، ڊاڪٽر آنند، سجاد  ظهير، ايس ايڇ او وتسيان ۽ پروفيسر همايون ڪبير جا نالا پيش ڪيا، ڊاڪٽر آندد جي اها رٿ يڪراءِ بحال ڪئي وئي.

ان بعد هيٺيون ٺهراءُ پيش ٿيو، جنهن کي سترهن ئي شرڪت ڪندڙ ملڪن جي ٻن سون نمائندن يڪراءِ بحال ڪيو.

هيءَ ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس جس 23 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر 1956ع تائين دهليءَ ۾ ڪٺي ٿي آهي، ان ۾ ايشيا جي 17 ملڪن شرڪت ڪئي آهي، هيءَ ڪانفرنس ايشيا ۾ پيدا ٿيل نئين روح جي هڪ واضع نشاني آهي، هڪ اهڙو روه“ جو آزاديءَ ۽ انسان عظمت جو روح آهي، جو ايشيا جي نئين جاڳ ۽ ايشيائي انسانن جي مادي توڙي ذهني اوسر ۽ عظمت جو روح آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com