سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :8

آءُ پنهنجي آفيس ۾ ڪجهه ڪم ڪري رهيو هوس. هڪ ٻڍڙي، ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾، هڪ ننڍڙي هڙڙي ڪڇ ۾ ڪيو، ڇوهه مان اندر لنگهي آئي، آءُ هن متعلق ڪجهه سوچيان تنهن کان اڳ، هن ڏسڻي آڱر مون ڏانهن کڻندي زور سان چيو:”تون به مون وٽ پڙهيو هئين... ها تون به مون وٽ پڙهيو هئين!“ آءُ  حيران ٿيهن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جي اکين ۾ عجيب احساس ڀريل هئا:  ڊپ، ڪاوڙ ۽ ڪشمڪش جا گڏيل احساس، سندس جهونين ۽ جهور اکين جي گهراين ۾ تري رهيا هئا. هن جي چهري تي مايوسين ۽ يادگيرين جا هزارين گهنج هئا. هن جا گهنجيل ۽ چپڙيل هٿ ڏڪي رهيا هئا. مون کي رحم جي جذبي سان گڏ ڪجهه وحشت ٿيڻ لڳي. مون آفيس جي پٽيوالي طرف ڏٺو، جو پريان بيهي کلي رهيو هو_شايد هو کيس سڃاڻيندو هو،. هن وڌي اچي مائيءَ کي ٻانهن کان ورتو، ۽ ميز تي رکيل پئسن مان هڪ آنو کڻي کيس ڏيندي چيائين:”مائي، بابا، ٻاهر هل!“

هوءَ ڪجهه وقت انهيءَ آنڪ کي ڏسندي رهي_ ۽ پوءِ وري پٽيوالي کي گهوريندي چيائين” تون به مون وٽ پڙهيو هئين... ها، تون به مون وٽ پڙهيو هئين!“ _ائين چئي هوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري ويئي، آءُ اڃان تائين حيرت ۾ هيس،. پٽيوالو اڃا تائين کلي رهيو هو، جڏهن مون کانئس پڇيو، تڏهن چيائين: ”ها سائين، آءُ انهيءَ مائيءَ کي سڃاڻان، اسان جي پاڙي جي آهي، ڪجهه ڏينهن کان ويچاريءَ جو دماغ جاءِ نه آهي..... پنجٽيهه سال سنڌي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن مٽن مائٽن مٿس هندستان هلڻ لاءِ ڏاڍو زور  رکيو، پر هن سڀني کي اهو جواب ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏي ته ”جيڪو سنڌ جا وڻ ڇڏيندو، سو ڪڏهن سائو ڪين ٿيندو_سنڌ اسان جو ساهه آهي_اسين پنهنجي ساهه کان ڪيئن جدا ٿيون؟ سندس ٻه پٽ ۽ نياڻي هندستان هليا ويا_هيءَهتي نوڪري ڪندي رهي،  ٿوري ئي وقت کانپوءِ رٽائر ڪيائين، ٽي سال پينشن جي پويان ڊوڙي. ويچاري ٻڍڙي هر هڪ آفيسر جي در تي ويئي، پر رڳو ٺلها دلاسا پئي مليس، وٽس جيڪا ميڙي چونڊي هوندي هئي_چون ٿا ته اٽڪل 500 روپيا کن هئس_سا هڪ هڙڙيءَ ۾، ڪپڙن ۽ ماني سان گڏ، کڻي نڪرندي هئي، ۽ سڄو ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽي، شام جو ٿڪي ٽٽي اچي گهر ڀيڙي ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن صلاح ڏني ته فلاڻي ماڻهو جي گهر وڃي، سندس زالن جي منٿ خوشامد ڪر ته هو تنهنجو ڪم ڪرائي ڏينديون. هوءَ دستور موجب پنهنجي هڙ ساڻ ڪري ڏسيل گهر ۾ لنگهي ويئي. گهر جي زالن کيس چڱا دلاسا ڏنا_کيس مانيءَ ڀور کارائڻ لاءِ کٽ تي ويهاريائون. هوءَ هڙ پاسي ۾ رکي ماني کائڻ ۾ جنبي ويئي. ماني کائي جڏهن موڪلايائين ته هڙ سندس پاسي ۾ ڪانه هئي! ويچاريءَ ٻڍڙيءَ گهڻيون ئي رڙيون ڪوڪون ڪيون، پر ڪنهن به سڏ نه اونايس. گهر جون زالون صفا الي ويون ته ڪا کين هڙ جي خبر به هئي، روئي پٽي ٻڍڙي پنهنجي گهر پهتي. ڪجهه ڏينهن ته گهر ۾ پيئي رهي. آخر شايد بک کان لاچار ٿي ٻاهر نڪتي_ ۽ هاڻي کيس روزانو رستن تي پنندوڏسندا آهيون. سندسوات تي بس اهي ئي لفظ آهن: ”تون به مون وٽ پڙهيو هئين.... ها تون به مون وٽ پڙهيو هئين.....!“

_سراج

”سوڙ....“

اها رات شايد ئي مون کان وسرندي. هائو، ان رات ڪافي ٿڌ هئي، سارو ڏينهن آسمان جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙندا رهيا هئا ۽ ساروئي ڌرتيءَ جو دامن تر ٿي چڪو هو_ ائين پئکي وسهڻ ۾ آيو، ڄڻ ته برسات نه پر سيءُ وسيو هو!

انهن ڏينهن ۾ بابي گهر اڳيان باغ رکايو هو. ڪيترا تازا لڳايل ٻوٽا ته سيءَ جي چپيٽ ۾ چٽ ٿي ويا هئا، باقي جيڪي رهيا هئا، تن جو بچاءُ ڪرڻو هو. شام جو ئي بابا چئي ڇڏيو  هو ته ”رموءَ کان پڇي ڇڏجانءِ ته انهن ٻوٽن کي سرديءَ کان ڪيئن بچائجي.“

رمو اصل سرڪاري بنگلي تي مالي هو، پر پوءِ کيس اتان ڪڍيو ويو هو، سندس نيڪاليءَ جو سبب هن جي چوڻ موجب اهو هو ته هن کان هڪ دفعي صاحب جي گهر ڀاڄي پهچائڻ ۾ دير ٿي ويئيهئي. دير به ان سبب جو هن کي ان ڏينهن پٽ ڄائو هو_ ”دينو“. خير ڪيئن به هجي، هاڻ هو ڳوٺ جي سرائيءَ وٽ ڪتن جي لوڌ جي سنڀال ڪندو هو.

سومهڻيءَ جي ٻانگ ٻڌندي مون به ٻاهر نڪرڻ تي دل ٻڌي، در کان جڏهن ٻاهر نڪتس، ڏٺم ته بادل ٽڙي پکڙي ويا هئا ۽ آسمان ۾ تارا سرديءَ سبب ڏڪي رهيا هئا، ڪٿان ڪٿان هوا جو سرد جهوٽو سيءَ جا اشتهار ورهائيندو گذري رهيو هو.

مسجد اڪري جڏهن تلاءَ جي ڪناري تي آيس ته ڏيڏر به خاموش هئا_شايد انهن کي به سيءَ سٽيو هو. جمال شاهه وٽان ڦري رموءَ جي ڇن جي سامهون ٿيس، اتي سيءَ به اچي ورتو. هٿن کيڪوڙ جي کيسن ۾ ويس ٿي دٻائيندو. ڏندن جو کڙڪو بند نه ٿئي، ڇن جي ٻاهران بيهي رهيس ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪرڻ لڳس؛ مگر ڪمبخت آواز کي به سيءَ سٽيو هو!

اوچتو ئي رموءَ جو آواز ڪن ٿي پيو_شايد هو پنهنجيءَ زال سان ڳالهائي رهيو هو، گهر ۾ صرف هو ٻه ۽ سندن ٻه ٻار هئا، ٻارن جو آواز ته هو ڪو نه، باقي هو ٻئي هئا_

”هاڻ ته ٻيو بلٽري به آندو اٿس. چوي ٿو ته”اهو به تون سنڀال“. مون جواب ڏنو مانس ته ”وڏيرا، ڪمونءَ کي ٽي ڪتا آهن، اهو ان جي حوالي ڪر، مون وٽ اڳ ئي ٽي چار ته آهن“.

”پوِءِ ڇا چيئين؟“ اهو دينوءَ _ماءُ جو آواز هو.

”چوندو وري ڇا. چيئين ته “ڪمو ڪتن جو گوشت چورائي ٿو وڃي“. رموءَ جي آواز ۾ نفرت سمايل هئي،.

”ڪتن کي گوشت ملندو آهي،...!“ دينوءَ_ماءُ جي آواز مان حيرت ۽ عجب ظاهر هئا،

”هائو، اهي ڪتا به نصيبن وارا آهن، ٻن ڪتن کي هڪ ران ملندي آهي!“

ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، گوشت کاڌي!..... عيد تي کاڌو هوسين نه؟“ دينوءَ_ماءُ مڙس کان پڇيو_ڏاڍي حسرت هئي ان جي آواز ۾!

رموءَ ڳالهه کي ڦيرائيندي چيو:

”لڳي سمهه ته ڪجهه سيءُ ته گهٽ ٿئي. ڪاٺين جو سيڪ وٺندا هئاسين اهو به الله سائين کي نه وڻيو_بي مندائتي مينهن اهي به آليون ڪري ڇڏيون!“

”رات پارو ضرور ڄمندو.“ دينو_ماءُ، مڙس جي ڳالهه وٺائيندي چيو.

”ٻارن مٿان ڇا وڌو اٿئي؟“ رموءَ  پڇيو.

”ڳوڻيون ۽ ٻيو سوڙجو ٽڪرو... پر هاڻي اهو ڇنل کلسو به هڪڙو!“

”ها... ۽ تنهنجا به ته ڏينهن اچي ڀريا هوندا.“ رموءَ جي آواز مان انديشو ظاهر هو.

”هائو، چنڊ تي ڏهون مهينو پورو ٿيندو.“
ڪجهه وقت خاموشي ڇانئجي وئي.مون سمجهيو ته شايد هو نالو ڳوليندا هوندا، جيڪو هو پنهنجي نئين ٻار کي ڏيندا_ ڇو جو جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي اولاد ٿيڻ وارو هو تڏهن اسين سڀ گهر جا ڀاتي وڙهندا  هئاسون ۽ هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو نالو انتخاب ڪيو هو.

کٽ جو چيڪٽ ٿيو_مون سمجهيو ته ڪنهن پاسو بدلايو.

”تون ڇا ٿو سمجهين_پٽ ڄمندو ڌيءَ؟ دائي ته چوي ٿي پڪ ئي پڪ پٽ آهي.“ دينوءَ _ماءُ جي آواز ۾ پيار ڀري شوخي سمايل هئي.

دينو ءَ اوچتو ئي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو_ هڪ خوفناڪ ٽهڪ... منهنجن ڏندن جي کڙ کڙاهٽ بند ٿي ويئي. کلندي کلندي، رموءَ چيو، ”مون کان ٿي پڇين” مون کان! مان ته چوان ته جيڪر هن چڪر ”سوڙ“ ڄمي.... ٻيو نه ته ڏندن جو کڙڪو ته بند ٿيندو!“

هڪڙي هلڪي ڌڪ جو آواز ٿيو،  وري اها ئي خاموشي..... منهنجن ڪنن ۾ ٽهڪ جو آواز دهل جيان وڄي رهيو هو، ۽مون کي همٿ نه ٿي جو رموءَ کي ٻاهر سڏيان. سچ پڇو ته اڃا تائين ان ٽهڪ جي تلخي_ جا ڪنهن زخم جي روڳ جيان زور سان هن جي دل مان ڦاٽي نڪتي هئي_منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائي پيئي آهي_  ۽ پڻ اها رات.... جنهن رات تارا ڏڪي رهيا هئا....!

_علي بخش ميمڻ

1.      عربي طب جو جائزو                                     _ڊاڪٽر غلام حسين شاهه

2.     ادب ۽ حقيقت نگاري                                  _ڪيرت ٻاٻاڻي

3.     انساني غير برابريءَ جي ابتدا                     _جي.جي. روسو؛ سنڌيڪار: محمد ابراهيم جويو

4.     حواشي مڪلي نامه                                      _سيد حسام الدين شاهه راشدي

5.     مهراڻ جا موتي                                             _ادارو

6.     ادبي خط                                                         _رسول بخش پليجو، جمال ابڙو

7.     سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

8.     ايشيا جي اديبن جي ڪانفرنس

9.     پڙهندڙن جا پيغام

10. تبصرا

”ڪنهن هڪڙي خاص موضوع يا فن جو مطالعو، طالبعلم کي فقط انهيءَ هڪڙي پاسي جي ئي خبر ڏئي ٿو. مثلن، جيڪڏهن ڪو علم جي ميدان جو پانڌيئڙو جنگي فن ۾ ماهر آهي، ته هو تاريخ، فلسفي، ادب، ۽ زندگيءِ جي ٻين  ضروري علمن کان به واقف ٿي وڃي، ته جيڪر  اهي علم، هن کي وڌيڪ روشني بخشيندي، انهيءَ لائق بنائي سگهن ٿا، جو هو پنهنجي خاص مهارت واري ڪم ۾ به ڪيتريون ئي وڌيڪ اصلاحون ۽ سڌارا آڻي سگهي. انسان جي ارتقا به، منزل بمنزل، ان طرح پئي ٿي آهي، جو مختلف ڪاملن ۽ اڪابرن هڪ سان ٻيءَ، ۽ ٻيء سان ٽي شي ڀيٽي، نيون نيون شيون جوڙي، انساني تهذيب ۽ تمدن کي تهائين وڌيڪ روشن ڪرڻ جي پئي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن فيلسوف رڳو حڪيم ”ارسطو“ جي فلسفي کي ئي چهٽيا رهن ها، ته فلسفو يا حڪمت اڃا شايد ٻارن واري گول_ڦيريءَ_راند کان اڳتي ڪانه اڪري ها. مختلف علمن جون ايتريون ساريون ترقيون فقط نظر جي وسعت ۽ اونهي اڀياس جي ڪري ئي ٿيون آهن. ڪنهن هڪڙي فن ۾ ماڻهوءَ جو ماهر ٿيڻ برابر ڪاميابي لاءِ ضروري آهي؛ پر سندس اهڙيءَ تعليم کي ٻين علمن جو مطالعو ۽ ٻي عام معلومات پاڻ وڌيڪ پختو ۽ ڪارگر ڪريو ڇڏين: تنهنڪري پنهنجي مخصوص علم يا فن جي دائري کان ٻاهر ٻيءَ عام معلومات جا جيڪي بي شمار املهه ماڻڪ هر طرف پکڙيا پيا آهن، تن کي نظر انداز ڪري پنهنجي ئي علم يا فن ۾ ذهن کي دفن ڪري ڇڏڻ، سچ پچ ته هر معنيٰ ۾ پنهنجي علمي آپگهات جي براهر آهي!“

_ڪتاب ”آرٽ آف لونگ“ تان ورتل اقتباس

ڊاڪٽر غلام حسين شاهه. ايم. بي. بي. ايس

عربي طب جو جائزو

انسان ذات کي اڄ جيڪو اٿاهه علم ۽ بيحساب فن جو خزانو ورثي ۾ مليو آهي، تنهن ۾ مسلمانن جو ڪيترو هٿ آهي، ان جي تفصيل جي اسان کي نهايت گهٽ پروڙ آهي جيئن جيئن علم جو چاهه گهڻو ٿيندو وڃي، تيئن تيئن محققن جا دماغ تاريخ جي غبار کي صاف ڪري، نت نين حقيقتن کي بينقاب ڪندا ٿا وڃن. مسلمانن جي علم_دوستيءَ، نين  کوجنائن جي شوق ۽ بيپناهه دماغي صلاحيتن دنيا اڳيان جيڪي علم ۽ فن جي بيمثال شاهڪار پيش ڪيا، تن ۾ سندن طب جي ميدان ۾ حاصل ڪيل تاريخي ڪامرانيون، تحقيق هڪ الڳ ۽ اوچو، درجو رکن ٿيون، مغرب جو هاڪارو عالم ڊاڪٽر هاف ميئر پنهنجي مشهور انگريزي ڪتاب ”دي ليگسي آف اسلام“ (اسلام جو تاريخي ورثو) ۾ لکي ٿو:

”جنهن زماني ۾ يوناني طب جو سج لهي چڪو هو ۽ چوطرف اوندهه انڌوڪار

ڇانئجي ويئي هئي، تڏهن اسلامي طب، يوناني سج جي روشنيءَ جو عڪس

وٺي، ان اوندهه ۾ چنڊ جيان چمڪڻ لڳو، ڪي ستارا خود پنهنجي نور

جو آب تاب به ڏيکارڻ لڳا.... تان جو، ”نشات ثانيه“ جو پرهه ڦٽي،

۽ اهي چنڊ ۽ ستارا لهي ويا_ جيتوڻيڪ سندن اثر اڄ ڏينهن تائيم قائم آهي.“

عربي طب مان مراد اهو سڄو طبي علم جو وسيع ذخيرو آهي، جيڪو دنيا ۾ اسلام جي حڪومتي دور ۾ جمع ڪيو ويو، جنهن ۾عربن جي جدوجهد، تحقيق، کوجنا ۽ عقلي اصولن تي اخذ ڪيل نتيجاپڻ بنيادي طرح اچي وڃن ٿا. اسان کي نه صرف هڪ وڏي عرصي جو جائزو وٺڻو آهي، پر هڪ تمام وڏي جاگرافيائي تي پڻ نظر ڦيرائڻي پوندي،  جا پراڻيءَ دنيا جا تقريب اڌ حصي تي ڇانيل هئي، ازان سواءِ، علم طب اسلام جي آغاز تائين جنهن منزل تي پهچي چڪو هو، ان تي به سرسري نظر دوڙائڻ لازمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ بنان، اهو اندازو لڳائڻ نهايت مشڪل ٿيندو ته ان ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙي قسم جو واڌارو ٿيو. اهڙي وسيع موضوع سان. هنن چند ورقن ۾ پورو پورو انصاف ڪرڻ ته ڇا، پر صرف ان جي سطح تي نظر وجهڻ به محال آهي؛ تنهنڪري آءُ هتي صرف عربي طب جي عام تاريخ ۽ ان جي پس منظر ۾ وقت جي چوٽيءَ جي نامور هستين ۽ سندن لافاني تاليف ۽ تصنيف جي مختصر ذڪر ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس.

پيغمبر اسلام محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وسلم) جي ولادت کان اڳ، جيتوڻيڪ يونان، روم، مصر ۽ هندستان ۾ وڏا وڏا فيلسوف ۽ حڪيم ٿي گذريا هئا، جن علم طب تي گهڻي قدر روشني وڌي هئي، پر عربن تائين اڃا ان جو شعاع نه پهتو هو.

ذڪر ڪيل دور ۾، عربن جي تمدن تي عيسائيت جو گهڻو اثر هو. عيسائيت کي جنهن غلط لباس ۾ عوام اڳيان پيش ڪيو ويو هو، تنهن ماڻهن جي اجتهادي روح کي گهڻي ڀاڱي ختم ڪري ڇڏيو هو. پادرين ”ديول“کي زور وٺائڻ لاءِ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون مشهور ڪري ڇڏيون هيون، جي آزاديءَ سان سوچڻ، نون تجربن ڪرڻ ۽ ترقي ڪرڻ کان روڪيندڙ هيون.”ديول“ جي نظريي موجب، ڪنهن به شي انسان کي شفاياب ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي: ڪنهن به دوا ۾ بيماريءَ ڇٽائڻ جو ڪو خاص اثر نه هو، پر ان لاءِ اول ”الاهي منشا“ جو حاصل هئڻ لازمي هو_ پوءِ ڪابه دوا ڪنهن به بيماريءَ کي ڇٽائي سگهي ٿي. ڪنهن به علاج جي نئين طريقي استعمال ڪرڻ کان اڳ،”ديول“ کان اجازت وٺڻي پوندي  هئي، وغيره. جي. آر. رسيل پنهنجي ڪتاب ”هسٽري ائنڊ هيروز آف دي آرٽآف ميڊيسن“ (ص . 97) ۾لکي ٿو ته ”انهيءَ حقيقت کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي، ته عيسائي ديول، علم طب جي ترقيءَ ۾ بلڪل گهڻي رڪاوٽ وڌي.“ عيسائي ديول جي انهيءَ رجعت پرست روش جو اهو نتيجو نڪتو، جو عوام سائنس جي خلاف ٿي پيا، ۽ طب جي فن کي هڪ ڳورو ڌڪ لڳو.

پيغمبر اسلام(صلعم) کان اڳ_چنڊ ٻوٽين ۽ دوائن کان سواءِ_ گهڻو زور دعائن، روزن، ڇلن ۽ ڪن خاص چشمن ۾ وهنجڻ تي ڏنو ويندو هو: ۽  جراحت ۾ وري ڏنگ ڏيڻ، سير کولڻ، ۽ دکي هڻڻ، وغيره عام مورج طريقا هئا. روزن رکڻ مان بيمارن کي يقينن فائدو رسندو هو_کاڌي کائڻ کان ڪجهه وقت لاءِ پرهيز ڪرڻ، اڄ ڏينهن تائين ڪيترن مرضن جو مڃيل علاج آهي. ڇلن اندر ته علم طب جو اهو سنهري راز سمايل آهي، جنهن کي هاڻوڪي علام ۾ به اهم ترين مقام حاصل آهي. ڇلي ڪڍڻ ۾ گوڙ گهمسان کان پاسيريءَ جاءِ تي وڃي آرام ڪبو آهي، جتي پوري وقت تي سادو کاڌو ۽ تازي هوا ميسر ٿي سگهي. ان طرح، انسانن جي مشينريءَ جي دفاعي قوت کي بيماريءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ موقعو ۽ مدد ملندي آهي. سير کولڻ ۽ ڏنڀ ڏيڻ ته اهڙا مشهور طريقا آهن، جن جي اهميت کان هرڪو  فن طب جو شائق واقف آهي.

اسلام، عيسائيت جي تنگ_خياليءَ کان نه صرف پاڪ، پر ان جي برعڪس آهي، علم پرائڻ لاءِ ترغيب ۽ تاڪيد، قرآن مجيد ۽ حديث شريف ۾ ڪيترن ئي طريقن سان آيل آهي. مثلن، ”پينگهي کان وٺي قبر تائين علم پيرائيندا رهو“، ”علم جي ڳولا ڪندا رهو، توڙي جو اوهان کي ان لاءِ چين ولايت وڃڻو پوي” وغيره. اسلام جي اهڙيءَ تلقين سان، علم جي عزت عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي، طب بابت ”صحيح بخاريءَ، جي ”ڪتاب الطئب“ جي شروعات هن حديث سان ٿئي ٿي: ”الله تعليٰ ڪوبه اهڙو مرض نه پيدا ڪيو آهي، جنهن جو علاج موجود نه هجي.“ اهڙيءَ تربيت، عرب قوم ۽ تفتيش ۽ جدت جو روح ڦوڪيو، ۽ ان جو اڻٽر نتيجو اهو نڪتو جو عربن جي علمي افق تان ڪارا ڪڪر دور ٿيندا ويا، سندن علمي دائرو بيحد ڪشادو ٿي ويو، ۽ هو علم جاڏاڪا تيزيءَ سان چڙهندا ويا.

”طب النبوي“ جنهن جامي ۾ اسان جي اڳيان پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ اسان کيعلم طب جا صرف چند پهلو نظر اچن ٿا. ”علم اخلاقيات طب“   (اٿڪس اوف ميڊيسن)، جو  طب جو هڪ اهم پهلو آهي، ۽ جنهن تي باباي طب ”بقراط“ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تمام گهڻو لکيو ويو آهي، ان لاءِ نهايت سهڻا سهڻا اصول ”طب النبويءَ“ ۾ ملن ٿا. مريض جي احوال پرسي ڪرڻ، هن سان نرمائيءَ سان پيش اچڻ، مٺو ڳالهائڻ، دلداري ڏيڻ، ۽ هن جي همت افزائي ڪرڻ، وغيره بابت سٺي تربيت ڏنل آهي. دوائن جي استعمال ۽ طب جي ٻين فني نڪتن تي حديث  ۾ ڪو خاص گهڻو ذخيرو نٿو ملي. هنن دوائن جو البت گهڻو ذڪر ڪيل آهي: ماکي، ڪلونجيءَ جو ٻج، لوڻ، سنا، عود هندي، قسط دريائي، پٽ_ڪنوار، سرمون، اٺ جو کير، وغيره. ڪن مکين بيمارين جو پڻ احوال ملي ٿو_بخار، جذام، ڪوڙهه، نمونيا، پليگ، وبا، مٿي جو سور، اڌ مٿي جو سور، پيٽ جو سور، وغيره. حديث جي مطالعي مان ائين پڻ معلوم ٿئي ٿو ته وچڙندڙ بيمارين جو تصور پنهنجي اوائلي صورت ۾ ان زماني ۾ موجود هو، ۽ انهن کان بچڻ جو موثر طريقو هو. مريض کان پاسيرو رهڻ، بخار کي گهٽائڻ آهي_انهيءَ ڏانهن پڻ رسول الله (ص) جي هن حديث ۾ اشارو ڪيل آهي؛ ”اسماءِ بنت ابوبڪر کان روايت آهي ته ”بخار بابت مون کي حضور صلعم جن بخار کي پاڻيءَ سان ٿڌي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.“

”طب النبوي“ ۾ ڏنڀ ڏيڻ، فصد (سير“ کولڻ، ڇلا ڪڍڻ“ دعائون پڙهڻ، ۽ بيماريءَ لاءِ روزا رکڻ، وغيره تي پڻ تفصيلي ذڪر  ڪيل آهي. هن جاءِ تي، مان پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائيندس ته جنهن نموني ۾ اڄڪلهه ڪي جاهل ماڻهو، بيدرديءَ سان، خواهه مخواهه مريضن کي ڏنڀ ڏيندا آهن، اهو نه صرف بيجا آهي، پر اسلامي نظرين جي پڻ خلاف آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسلام هميشه اجتهاد جا دروازا کليا رکيا آهن، ۽ انساني عقل جي ارتقا جو سبق ڏنو آهي. موجوده زماني ۾، ساڳيو ڏنڀ، بنا ڪنهن ايذاءَ جي، بجليءَ جي ذريعي ڏئي سگهجي ٿو. تنهن کان سواءِ، ڏنگ هر بيماريءَ جو علاج ڪونهي، پر صرف ڪن خاص بيمارين لاءِ مفيد آهي، جن لاءِ راءِ صرف فن جا ماهر ڏيئي سگهن ٿا.

بني آميه خاندان کان اڳ، مسلمان  حاڪ پاڻ وٽ خاص شاهي حڪيم ڪونه رکندا هئا. پهرين جنهن شاهي حڪيم جو نالو، مسلمانن جي دور حڪومت ۾ اچي ٿو، سو هو معاويه بن سفيان جو خاص حڪيم ”ابن اثال“. ابن اثال کان اڳ، ”حارث بن ڪلده“ جو ذڪر تواريخ ۾ خصوصيت سان آيل آهي. حارث بن ڪلده، پيغمبر اسلام (ص) جي زماني ۾، مشهور عرب حڪيم ٿي گذريو. هو حضور صلعم جن کان عمر ۾ وڏو هو. ابن اثال کان پوءِ، مسلمانن جي شروعاتي دور ۾“ هيٺيان، نامور حڪيم ٿي گذريا آهن، جن علم طب جي ڪافي خدمت ڪئي؛ ”نضر بن حارث“، ”يوسف ن محمد“، ”ابوالحڪم“، ”حڪم“، ”عيسيٰ بن حڪم“، ”جابر بن حيسان“ ۽ ”ٿيو ڊورس“. ٿيو ڊورس يوناني هو. جو حجاج بن يوسف جي درٻار ۾ ڪجهه وقت شاهي حڪيم هو. حجاج بن يوسف هن جي ڏاڍي عزت ۽ توقير ڪندو هو. جابر بن حيان بن عبدالله، ڪوفي جو رهاڪو هو. هو، خالد بن يذيد جي زماني ۾، هڪ نهايت اچي درجي جو حڪيم ۽علم ڪيميا جو ماهر ٿي گذريو آهي. ابن النديم_ مئولف ”الفهرست“_ هن کي امام جعفر صادق علاه اسلام جو رفيق بيان ڪيو آهي. جابر بن حيان علم ڪيميا ۾ ايتري جدت ۽ اصلاح آندي، جو هن کي ”بابي  ڪيميا“ ڪري ياد ڪيو ويندو آهي. ڪيميا ۾ کوجنا ڪري، هن علم جا اهي دروازا کوليا، جن لا ءِ نه صرف فن ڪيميا جا ماهر هن جا احسانمند رهندا، بلڪ انهيءَ ڪري علم طب تي پڻ گرانقدر روشني پئجي سگهي آهي. هن صاحب ڪشته جات، تيزابات، ۽ معدني نمڪ بنايا، ۽ تصعيد، ترشيح، تبخير ۽ تقطير وغيره جا طريقا ايجاد ڪيا. چيو وڃي ٿو ته جابر هڪ هزار ڪتاب لکيا_ انهن مان وڏو تعداد عدم موجود آهي. سندس چند تصفين جا نالا پيش ڪجن ٿا: ڪتاب الاستقطاس_ الاس الاول؛ ڪتاب الاستقطاس_الاس الثاني؛ ڪتاب الستقطاس _الاس الثالث؛ ڪتاب ڪتاب التجريد؛ ڪتاب الحجر؛ ڪتاب الرحمته؛ ڪتاب الملڪ؛ ڪتاب النور؛ رسالته اليضاء؛ وغيره . ازان سواءِ جابر جي نسخن جو هڪ مجموعو پڻ ڪتابي صورت ۾ آهي، جنهن جو نالو ”فوائيد“ آهي.

عباسي خاندان جي دور سلطنت ۾ جيئن ٻين مختلف علمن جي ترقي ٿي، تيئن طبابت جي فن پڻ ترقيءَ جون شاهراهون تمام تيزيءِ سان طي ڪيون. هن زماني ۾ وڏا وڏا مفڪر ۽ فيلسوف، عالم ۽ فقيه، مفسر ۽ حڪيم پيدا ٿيا. حاڪم نهايت قدر دان هئا، ۽ عالمن جي همت افزائيءَ خاطر هنن کي وڏيون وڏيون خلعتون ۽ انعام بخشيندا هئا. عباسين ۾ علم جا وڏا شائق ”المنصور“ ۽ ”المامون“ هئا. عربن جي انهيءَ دور ۾ حڪيمن جي قدر ۽ عزت جو اندازوهيٺينءَ حقيقت مان لڳائي سگهبو.

القفطي ، ”تاريخ الحڪماءِ“  ۾ لکي ٿو:

”جبرئيل بن بخت بشو، جو عباسين جي زماني ۾ هڪ وڏو قابل در ٻاري حڪيم ٿي گذريو آهي، تنهن کي بيت المال مان ڏهه هزار درهم ماهوار وظيفو ملندو هو. هر سال جي شروع ۾، هن کي پنجاهه هزار درهم نقد،  ۽ ڏهه هزار درهمن جي خلعت، انعام طور ملندا هئا. ان کان سواءِ، کيس سال ۾ ٻه ڀيرا هارون الرشيد جي فصد کولڻ لاءِ هڪ لک درهم، ۽ سال ۾ ٻه ڀيرا کيس جواب ڏيڻ لاءِ هڪ لک درهم، ملندا هئا. درٻار جي وزيرن ۽ اميرن وٽان به جبرئيل حڪيم کي اٽڪل چار لک درهم سال بسال ملندا هئا. انهن ٻڌل رقمن کان سواءِ، هو وڏن وڏن قبيلن جو خانداني حڪيم هو، ۽ پڻ وٽس انفرادي حيثيت ۾ به ننڍا ننڍا مريض ايندا هئا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com