سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :3

مان رو راهوڙو ريلان جائي...

( _منهنجو راهگير مسافر ريل (ڀٽن جي وچ واري ماٿري) ڏيو پيو وڃي...._)

سائي توڏ ڙلي پلاڻي، ويرئيا،

(  سائي رنگ جي مادي اٺ تيار ڪري، ڀاءُ، ڀيڻ کي   ٻيهينل نان تيڙئو جائي....ڪوٺڻ وڃ!)

مان رو راهوڙو ريلان جائي...                               

 (منهنجو راهيگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

ڪوٽڙي ئي سو توڙا جاگو، ڀيڻئياجي، 

(ڪوٽ، ”يا اوتاري“ ۾ ستل، ڀيڻويا، سجاڳ ٿي،آيوڙو سارئي رو ساٿ!

سالي جو ساٿ آيو آهي!)

مان رو راهوڙو ريلان جائي...

(منهنجو راهيگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

هلو، جيڏ ليان، پاڻي ڙي نان هلان،(سرتيون، هلو ته پاڻي ڀرڻ هلون،

موڀي ويرئي وارو واريو! وڏي ڀاءُ تڙ جو وارو واريو آهي!)

مان رو راهوڙو ريلان جائي...  (منهنجو راهيگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

هلو سهيليان، پاڻي ڙي نان هلان،(سرتيون هلون ته پاڻي ڀرڻ هلون،

هون تان ويرئي تان گهوري جان!                          

آءُ پنهنجي ڀاءُ تان قربان وڃان!)

مان رو راهوڙو ريلان جائي...  (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

آڌي رات رو ڪرهيو ڪڻڪيو،  (آڌي رات جو اٺ رڙ ٿي،

جيجل کاڌي ڇلڪڙي!  ڇوڪري جي ماءُ اوچتو ڇرڪ کاڌو!)

مان رو راهوڙو ريلان جائي...

(منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

ست رڌائي ساسو ڀوجنڙا         (سس ستن قسمن جا طعام تيار ڪرائي ٿي،

جيميوڙو جوائي جي رو ساٿ!      ناٺي ۽ ساڻس گڏ آيل کائين ٿا!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...       (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

*رو ڍولاري تيڙاڙان،              (ڳوٺ جو دهل وڄائڻ وارو گهرايان

رمسي جوائي جو رو وير!         ناٺيءَ جو ڀاءُ راند ڪندو!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...    (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

ٻيهينل گهوريو روپيو روڪڙو،               

ڀيڻ هڪ روپيو گهور ڪئي،

ڀيڻئي گهوريا نوٽ ري!          ڀيڻوئي نوٽ گهوريا!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...      (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

باڀلڙي گاريو ميٽ تيلڙو،            ڀاڄائي ميٽ تيل تيار ڪيو،

نڻندل را ڇٽو را ڪيس ري!        ڇو ته نڻان جا وار ويڙهيل نه هئا!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...  (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

ڏورا ڦوڻي وٽلڙي ۾ سينهڙو،                       

مٿي ويڙهڻ لاءِ ڌاڳا، ڦڻي، ۽ ڪٽوري ۾ سينهڙو،

گو نٿي باڀل چوٽلڙو ري!   ڀاڄائي مٿي جا وار ڳتي تيار ڪري ٿي!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...  (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

سائي توڏڙلي جهيڪاري ڀيڻيئي جي،

سائي رنگ جي مهري اٺ تيار ڪري ڀيڻوئي وهاري،

جيجل سنڀاليو ڏيج ري!      ڇوڪري جي ماءُ ڏيج تيار ڪيو!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...    (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

سيڻل سيرک روگاسيڙو منڏاري،

سوڙ جو اٺ تي گاشو تيار ٿيو،

ڌيئل ٻائي ڀريوڙا نيڻ ري!                                 

ته ڇوڪري لڙڪن سان اکيون ڀريون

مان رو راهوڙو ريلان جائي...    (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

ڀيڻيوجي چڙهي چاٽوڪيا،           ڀيڻويو چڙهي روانو ٿي ويو،

سارين رهيوڙين وڙلان هيٺ ري!   ساليون اتي ئي وڻن هيٺ رهجي ويئون!

مان رو راهوڙو ريلان جائي...      (منهنجو راهگير مسافر ريل ڏيو پيو وڃي...)

هتي ڪنهن ڳوٺ جو نالو وٺبو آهي.

منگها رام اوجها، ۽ م.ع. ڏيپلائي

”پڻهاري“

(ٻين مندن جي ڀيٽ ۾، وسڪاري جي مند هڪ عجيب ۽ نرالي مند آهي. ٿر ۾ هن عجيب مند لاءِ خاص سڪ ۽ اڪير ڏسبي آهي،ڇو جو ويچارن سانگيئڙن جو سارو گذران وٺي تي آهي، آساڙ (آکاڙ) آيو ته اکيون آسمان ۾ اٽڪائيندا. هن خوشين جا خزانا کڻي ايندڙ مند ۾، کنوڻيون ۽ گاج، ٿڌي ۽ وڻندڙ هير، وڏ ڦڙو ۽ رم جهم ڪندڙ مينهن، انسان جي اندر ۾ انوکي جذبات جون لهرون پيدا ڪريو ڇڏين.

هن گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ سکيءَ جو ساهٻو (محبوب مڙس) سالن کان پرديسي آهي ۽ هوءَ، وسڪاري جي مند ۾، ان پرديسيءَ پرينءَ جي ياد ۾، پاسي واري تلاءَ جي پار تي ويهي، دل مان درد ڀريل ورلاپ ورنائيندي ٿي رهي، اوچتو سندس محبوب موٽي اچي ٿو. مدتن گذرڻ سبب هو هڪ ٻئي کي ڪونه ٿا سڃاڻي سگهن،. هو ويڳاڻيءَ سکيءَ کي تلاءُ تي ڏسڻ سان مٿس موهت ٿي پوي ٿو، ۽ کيس پاڻ سان هلڻ لاءِ لالچائي ٿو، فراق جي ماريل سندري، پنهنجي ساهٻي کي اوپرو ماڻهو ڄاڻي، ڪو منهن ئي ڪونه ٿي ڏئي، چڙ ۽ ڏک کان روئندي روئندي، گهر پهچي، پنهنجي سس جي پڇڻ تي، هوءِ کيس ان ”ڌارئين“ ماڻهوءَ جي گستاخيءَ جي دانهن ٿي ڏئي، ان جا پار پتا ٻڌڻ تي سس کيس خوشخبري ٻڌائي ته جنهن کي هن ڌاريو سمجهي، ڪڙي منهن سان، پاڻان پري ڪري ڇڏيو هو، اهو ته سندس ئي ساهٻو (مڙس) هو، جو ايترن ڏينهن کانپوءِ هاڻي مس مس واپس وطن وريو هو! _ادارو)

ڪالي ري ڪاراڻ اوپڙي، ري،    

( اتر تي ڪارن ڪڪرن جي قطار چڙهي آئي آهي،

پڻهاري، هي لو!      اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

رم جهم ورسي ميهه،      ڌيري مينهن وسي رهيو آهي،

سيڻو لو!

او منهنجا سڄڻ

ساتان سهيليان رو جهولرو، ري،       ست سهيليون جهرمٽ ڪري، سڀ گڏجي

پڻهاري، هي لو! 

اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

پاڻي نان گئين تلاءُ،    

تلاءَ تان پاڻي ڀرڻ وييون آهن؛

سيڻو لو!       

او منهنجا سڄڻ!

ساتان نان اوڍڻ چونڙي، ري،   ستن ئي سهيلين سهڻا وڳا ڍڪيا آهن،

پڻهاري، هي لو!            

اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

تاري گورل ري ميرو ويس،   

پر تنهنجي ڳورل ميرو ويس پهريو بيٺي آهي

سيڻو لو!         

او منهنجا سڄڻ!

ساتان سهيليان ري ڪاجل ٽيلڙين، ري،

ستن ئي سهيلين اکين ۾ڪجل ۽ نرڙ

تي جهومڪ پاتا آهن پڻهاري، هي لو!      

اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

تاري گورل ري لسو للاٽ،      

پر تنهنجي ڳورل جون اڻڀيون اکيون، ۽ ٻسو نراڙ آهي،

سيڻو لو!          او منهنجا سڄڻ!

ساتان سهيليان را ساهٻا گهر وسي، ري،     

ستن ئي سهيلين جا ساهٻا گهر ۾ وسن ٿا،

پڻهاري، هي لو!         اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

گورل رو وسي پرديس،         

پر ڳورل جو بالم پرديس ۾ آهي،

سيڻو لو!                او منهنجا سڄڻ!

ست ري سهيلين ڀري چالين، ري      

ست ئي سهيليون پاڻي ڀري هليون ويون

پڻهاري، هي لو!              اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

گورل رهيو ڙي لار،       

پر ڳورل تلاءَ تي اداس بيهي رهي،

سيڻو لو!                او منهنجا سڄڻ!

پار چڙهي نان جوويو، ري،         

هن ”سندريءَ“ تلاءَ جي پار تان پري پري نگاهه ڪئي،

پڻهاري، هي لو!         اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

ايڪ اوٺيڙو جهپٽيو او:              

پري کان هن هڪ اوٺي سوار تکو تکو ايندو ڏٺو:

سيڻو لو!                   او منهنجا سڄڻ!

”اگوڻي ڏس را اوٺيڙا!“        ”اي اوڀر کان ايندڙ اوٺي سوار!“

پڻهاري، هي لو!          اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

”گهڙو مني اوپڙاو!“     ”گهڙي ۾ ته هٿ وجهي مٿي تي رکينم!“

سيڻو لو!                                                                                            هاءِ منهنجو سڄڻ!

”ڪاهين تون آمڻ ڏومڻي؟             ”تون ڇو غمگين ۽ پريشان آهين؟

پڻهاري، هي لو!                 اي پاڻي ڀريندڙ سندريون!

”ڪاهين توميلو ويس؟“              

”ڇا جي ڪري تنهنجا ڪپڙا ميرا ۽ اٻالا آهن؟“

سيڻو لو!   او منهنجا سڄڻ!

”ٻيجيان را صاحبا گهر وسين،                                                              ”ٻين جا ڀتار گهر رهن ٿا،

”اوٺيڙا، هي لو!                                                                               ”اي اوٺيڙا!

”پاڻيهاري رو وسي پرديس!          ”مگر هن پاڻيءَ ڀريندڙ جو پرديس رهي ٿو!

”سيڻو لو!“             ”هاءِ، منهنجو سڄڻ!“

”هيل هڻ تون پٽ سنئين!      

 (تون اها هيل ”ٻه دلا هڪ ٻئي مٿان رکيل“ پٽ سان هڻ!

”پاڻيهاري، هي لو!         

”اي پاڻي ڀريندڙ  سندري!

”هل هميڻي ساٿ!   

”هل مون سان گڏ!

”سيڻو لو!“                      

”او منهنجا سڄڻ!“

”هيل هميڻي سر سنئين!“ 

 اها هيل ته منهنجي سر سنئين آهي!

”اوٺيڙا، هي لو!                

”اڙي اوٺي سوار!

”نهين هلان تميڻي ساٿ!          

”آءُ توسان گڏ نه هلنديس!

”سيڻو لو!“                     

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

”هلين تو اوٺڙان اوڍڻ چونڙين، ري!    

”مون سان هلين، ته توکي سهڻي چني ڍڪايان!

”پڻهاري، هي لو!             

”اي پاڻي ڀريندڙ سندري!

”هلين تو گهڙاوان نوسر هار!    

”مون سان هلين، ته توکي نوسرو هار گهڙائي ڏيان!

”سيڻو لو!“                         

”او منهنجا سڄڻ!“

”اوڍڻ لا وسي مارو ويرو، ري!                           

چني مون کي وٺي ڏيندو منهنجو ڀاءُ!

”اوٺيڙا، هي لون!                                              ”اڙي اوٺيڙا!

”هار گهڙاوسي ڀرتار!       

”هار گهڙائي ڏيندو مون کي منهنجو محبوب ڀتار!

”سيڻو لو!“            

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

گڙيو نڪي گجيو،     

نڪي جهڙ ٿيو، نڪا گجگوڙ

”ماري وهو، هي لو!    

”اڙي منهنجي مٺي ننهن!

”ڪنچيو ڀنو، ڪانهن؟    

”پوءِ تنهنجو ڪنجرو ڇاجي ڪري آلو ٿيو آهي؟

”سيڻو لو!“              

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

”تڙ تي آويو اوٺيڙو،        

”کوهه تي هڪ اوٺي آيو،

”ماري ساسو، هي لو!       

”اي منهنجي سس!

”ٻولي اولا ويڻ،           ”جنهن مونکي اجايا لفظ ڳالهايا(جنهنڪري رني آهيان)!

”سيڻو لو!“                    

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

”ڪڻ سريکو اوٺي ڦوٽڙو، ري؟        

اهو اوٺي سوار ڪنهن جي شڪل تي هو؟

”ماري وهو، هي لو!         

”او منهنجي مٺي ننهن!

”ڪيري آوي اڻهار؟       

”ڪنهن جي مهانڊي ٿي ڏٺو، اهو اوٺي سوار؟

”سيڻو لو!“                  

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

”ڏيور سريکو اوٺي ڦوٽڙو، ري        

هو اوٺيڙو ته منهنجي ڏير جي شڪل تي ٿي لڳو،

”ماري ساسو، هيلو!               ”اي منهنجي مهربان سس!

”نڻند ٻائي ري آوي اڻهار!        

” ۽ هو بهو منهنجي نڻان جي مهانڊي ٿي ڏٺو!

”سيڻو لو!“               

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

” اي تو اوٺي مارو ڏيڪرو، ري؟      

 (ڙي چري( اهو اوٺيڙو ته منهنجو پٽ هو!

”ماري وهو، هي لو!       ”اي منهنجي اٻوجهه ننهڙي!

”اي اوٺي ماري گورل رو ڀرتار!      

”ڙي ڀوري“ اهو اوٺيڙو منهنجي ڳورل جو ڀتار هو!

”سيڻو لو!“     

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

”ڀيتر ٻارج ڏيو لو،            

”اندر وڃي ڏيئو ٻار،

”ماري وهو، هي لو!      

”اي منهنجي ننهن!

”کوڻيئي ڍار ڍوليڙو!      

”۽ ڪنڊ ۾ کٽولو، بسترو لڳاءِ!

”سيڻا لو!“                   

”هاءِ منهنجو سڄڻ!“

نظم

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

سرمائيداري

ٻهه ٻهه ٻهڪين ٿي محلن ۾، تون مستيءَ ۾ مدهوش بڻي،

ٽلڪين ٿي سندر سڙڪن تي، اڀمانڻ! اوچو ڳاٽ کڻي،

تون جهلڪي ڇلڪي پيالن ۾، ٿي موج لٽين ميخانن ۾،

سوني، چانديءَ جي ڇير ٻڌي، ٿي ناچ نچين ايوانن ۾:

تون ساگر جا ٿي سئر ڪرين، پڻ عرش مٿي پرواز ڪرين،

او هوڏڻ! پنهنجي هستيءَ جو، ڇو ايڏو ٿي تون ناز ڪرين؟

 

چشمن ۾ چمڪو چانديءَ جو، ٻانهن ۾ زر جو ٻل توکي،

او نخريلي، ٿو خواب اچي هر ناز، نمونو، ڇل توکي!

تون ڏيک ويک جو ويس ڍڪي، آڊنبز جي پوتي پائي،

مايا جي ترڇين نظرن سان، سنسارين جون دلڙيون گهائي،

موڙ هل من ٿي مستان ڪرين، انسانن کي حيوان ڪرين،

دنيا کي بي ايمان ڪرين، ديون کي ڀي شيطان ڪرين!

 

ڇو ٿي مون کي تون هر کائين، ٽم ٽم سان اکڙيون ٽمڪائي؟

ڇاڪاڻ ڇڪين ٿي پاڻ صرف، سونين ٻانهن ۾ ڦاسائي؟

او پاپڻ! آهي خوب خبر، مون کي تنهنجي اعمالن جي،

او ڪپٽڻ، ساري ڄاڻ اٿم، تنهنجي نخرن ۽ تالن جي:

هي پٿر دل، ڪامي ڪيڙا، خود غرض، چور، اتيا چاري،

ڏس! تنهنجو ئي اولاد اٿئي، او نرلڄ سرمائيداري!

 

ڪن جو تو مانيءَ ڀور ڇنو، پر ڪن کي هرڪو طعام ڏنو!

ڪن جو تون خون ڪيو پاڻي، ڪن کي سڀ سک، آرام ڏنو!

ڪن جي تن تي اوڇڻ نه لٽو، ڪن کي پوشاون ريشم جون!

ڪن لي ڪل ڏينهن خوشين وارا، ڪن ڪاڻ رڳو راتيون غم جون!

بي غيرت، ٻهروٻي ڏائڻ! ڏس، ڪيڏن کي برباد ڪري،

ڪن ڳاڻ ڳڻين کي آهه وڌو تو شاد ڪري، آباد ڪري!

 

مرجهايل منهن، آليون اکڙيون، آهون، دانهون بيگانن جون،

هي جهريل جهوپڙيون آهن ڄڻ، قبرون زنده انسانن جون!

ناڪام دليون، اجڙيل الفت، بيباڪ حسن، نظرون ساڻيون_

خوني آنسن سان لکجن ٿيون، تنهنجي قهرن جون آکاڻيون!

تو ڦولن کي ڀي خار ڪيو، تو الفت کي واپار ڪيو،

چاڙهي چانديءَ جون ديوارون، توئي پريمين کي ڌار ڪيو!

 

ڳل ڳاڙها ۽ لب لال ڪيا، تو چوسي خون غريبن جو،

۽ هار ڪيا، سينگار ڪيا، تو نور ڪڍي مسڪينن جو!

تو محل آڏيا مزدورن جي لاشن تي، قبرستانن تي_

بيجان جواهر راڄ ڪندا، ڪيسين زنده انسانن تي؟

ڪيسين هلند جادو تنهنجو، او عيش عشرتن جي داسي!

او پٿر دل، ڪيسين رهندا، پاڻيءَ جا رکوالا پياسي؟

 

شيطان! شروع ٿيو آهه اثر، پيڙت پراڻين جي آهن جو،

بدليو آ فلڪ، بدلي آ زمين، رخ بدليو آهه هوائن جو:

مزدورن جي هونگار ٻڌي، ڌڙڪي پيئي تنهنجي ڇاتي،

توکي ئي نيٺ نهوڙيندي، ڏائڻ، تنهنجي ويسهه گهاتي!

دم ڄاڻ گهٽيو تنهنجو ظالم! ٿي ويندي تنهنجي نبض ڍري،

مسڪين ۽ مزدورن جي قدمن ۾ پوندا محل ڪري!

”نياز“ همايوني

پڙلاءُ

”کير جهڙي آهه دنيا، کنڊ جهڙي خلق آهه“،

_تو ائين سمجهيو ته چوندس تنهنجي مت ۾ فرق آهه؛

ماتمين جان هرڪو هتڙي پنهنجي غم ۾ غرق آهه،

ڪنهن کي چوريندين ته سجهندءِ ڄڻ ته ڪرندڙ برق آهه؛

 

ڏس تون خاموشيءَ کي اٿلائي ته ڪيئن ٿا رڻ رڙن_

ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي ساسي ۾ سڙن!

ڪنهن جي پلڪن کي ته آڌر ساڻ اٿلائي چتاءِ،

ڪيئن ٿا لڙڪن جا پيمانا پون ڇلڪي، الا!

ڪنهن جي اندر ۾ ته ساڃهه سان ليئو پائي چتاءِ،

ڪيئن ٿا آهنجا پروانا وڃن ڍرڪي، الا!
 

ڪنهن سان ٿوري دير گهرو ٿي، ته ڇا ٿا گل ٽڙن_

ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سايي ۾ سڙن!

 

ڪوئي ٽهڪن ۾ ٿو سڏڪن کي لڪائيندو رهي،

ڪوئي ارهائيءَ کي سرهائي جي لولي ٿو ڏئي،

ڪوئي اسن کي نراسائيءُ جي چولي ٿو ڏئي،

ڪوئي پورن ۾ ٿو سورن کي ڇپائيندو رهي:

 

آليون ٿيندءِ اکيون هيڪر ته ڏس تانگهي تڙن_

ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سايي ۾ سڙن!

 

ڪيئي مانجهي دل جي ڌڙڪن کي دٻائي ٿا ڇڏين،

ڪيئي جانب پنهنجي متين کي منجهائي ٿا ڇڏين،

مدتن کانپوءِ تن جو حال بدتر ٿو ٿئي،

شمع جان جلندي وچارا جيءُ جلائي ٿا ڇڏين:

 

ڪيئن اچي آرام نيڻن مان اگر ڳوڙها ڳڙن!

ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سايي ۾ سڙن!

 

چوڏهينءَ جو چنڊ ڄڻ چوچيون ڏئي ٿو ساهه کي،

گل هڻن ٿا ڏنگ جن کي ڏڍ ملي ٿو آهه کي،

سانوڻيءَ جو مينهن سوڪهڙا ڏئي ٿو ساهه کي،

اهڙي اوکيءَ راهه کي، ڪوئي نٿو ٺاهي سڄڻ:

 

حوصلا آهن خطا، جو ڳنڍ آ سوگهي هڙن!

ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا  چانڊوڪيءَ جي سايي ۾ سڙن!

 

پر پنهل اک ڇنڀ ۾ سڀ گهمسان ڪک پن تي وڃن،

آهه آدم سر الاهي، سوڀ پائي ٿو سگهي؛

شل نه ڪنهن جي ڪڍ پوي ڪارو مٿو ڪاوڙ ڪري،

باهه ڇاهي واءُ جو ڀي دم منجهائي ٿو سگهي؛

 

جي پتنگا پهه پچائي مچ مٿان هيڪر مڙن_

ائين نه ٽانڊاڻا پوءِ چانڊوڪيءَ جي سايي ۾ سڙن!

تنوير ”عباسي“

اچو ته ڳايون!

اچو ته ڳايون، اچو ته ڳايون_اچو ته اڄ باهه ڪا لڳايون!

اڃا گهڻن لاءِ جبر ۽ ظلم، زور ۽ ڏاڍ آهي سوکو،

اڃا اسا ڏي کڻي اکيون وقت بيقراريءَ مان ٿو نهاري،

اڃا به پنهنجي وطن ۾ هر دم رهي ٿو مارن کي سر جو جوکو،

اڃا به ڪوٽن ۾ قيد هوندي اسانکي ٿي مارئي پڪاري:

اچو ته ڊاهيون، اچو ته ڊاهيون، هي ظلم جاڪوٽ اچو ته ڊاهيون!

اڃا به واٽن تي ڪن لٽيرن ۽ رهزنن جي هلي ٿي زوري،

اڃا به ڏونگر اسان جي ئي ماڳ  کان ٿو روڪي رکي اسان کي،

اڃا به ڏونگر اسان جي ئي ماڳ کان ٿو روڪي رکي اسان کي،

اڃا به ڏيرن جي ڏاڍ سان رات جو پنهل ٿي وڃن ٿا چوري،

اڃا به سسئي سهاڳ جو واسطو وجهي ٿي سڏي اسان کي:

اچو ته ڪاهيون، اچو ته ڪاهيون، اچو ته سڀ ڪيچ ڏانهن ڪاهيون!

اڃا ٿو چانديءَ جي چند ٽڪرن جي  ملهه تي ٻيجل جو فن وڪامي،

اڃا ته سر جي صدا هڻي ڪين ٿو سگهي ڪوبه هن جهان ۾،

ڏسو پيا چڻنگ چنگ جي سرد مهرين کان پئي وسامي،

اڃا ته سنڀريو نه آهي سر کي وڍي ڏيڻ لاءِ ڪو اسان ۾:

اچو ته لاهيون، اچو ته لاهيون، اچو ته سانهو سرن جو لاهيون!

جتي رهي قيد مارئي ڪوٽ سو ته مسمات ٿيو نه آهي،

جتي پنهون ٿي وڃن ٿا چوري، جتي ٿي سسئي رهي پريشان،

جتي ڪو سر لاءِ سر ڏيڻ تي اڃان به تيار ٿيو نه آهي،

جهان اهڙو اسان جي ناهي، اسان جو ڇا واسطو انهي سان:

اچو ته ڊاهيون، اچو ته ڊاهيون، اچو ته اهڙو جهان ڊاهيون!

اچو ته ٺاهيون، اچو ته ٺاهيون، اچو ته ڪو نئون جهان ٺاهيون!

جناب عبدالله عبدالواسع ”عبد“

قادر جي قدرت

هي آسمان، هي بلديءَ تي اخضري چادر،

هي ماه ورمهر، جنهين تي مدار، شام و سحر؛

هي صبح، جنهن جي ڏجي جوي نور سان تشبيهه،

هي شام، جنهن جي ڏجي زلف، حور سان تشبيهه؛

شفق، هي خون شهيد، اداري شيرين جو،

هي ابر، دونهون ڪنهين دل دکيل ۽ غمگين جو؛

هي برق، جا ٿي تجليء حسن جي تنوير،

هي مينهن، عاشق، گريان جي حال جي تصوير؛

زمين هي، قدر ٿيو جنهن جو آسمان کان بلند،

جلي ٿو چرخ، چهارم به جنهن تي مثل، سپند؛

هي سبزه زار، زمين تي زمردين چادر،

هي آبشار، هي چانديءَ جو چشمهء ڪوثر؛

هي برف ساڻ ڍڪيل چوٽيون ڪوهسارن جون،

هي تن تي رانديون شعاعن جون، ماه پارن جون؛

هوا هيءَ ڏي ٿي ٻهاري جا مرغزارن ۾،

هيءَ روشني جا نظر ٿي اچي ستارن ۾؛

نسيم، صبح، هي مستيءَ جو عاشقن کي پيام،

هواي شام، هي ڪنهن شوخ جي حسين خرام؛

هي نرم نرم صدا شاعر، غزلخوان جي،

هي مست، ناز ادا ساقيء بهاران جي_

سڀئي هي قدرت قادر کي آشڪار ٿا ڪن،

اسان کي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان وٺي ٿا هلن!

خواجه غلام احمد ”بيدم“

سوال

سندءِ دنيا ۾ گر مڪار ئي مڪار ڏسجن ٿا،

ته منهنجو سينو ڇو اخلاص سان معمور آ يا رب؟

سندم ئي دل ميء الفت سان ڇو مخمور آ يا رب،

سندءِ بستيءَ ۾ گر عيارئي عيار ڏسجن ٿا؟

 

سندءِ دنيا اگر بيدرد انسانن جو گهر آهي،

ته مون کي ڇو ڪيو تو درد دل سان آشنا، يا رب؟

۽ مون کي ڇو بنايئي پيڪر، رحم و وفا، يا رب،

سندءِ دنيا اگر خونخوار حيوانن جو گهر آهي؟

 

اگر پنهنجن جي غم ۾ ٽهڪ ڏيئي ٿا کلن بندا،

ته مون کي ڇو پرائي ڏک تي ڀي روئڻ سکايو تو؟

سندم اکين ۾ ڇو ساري جهان جو ڏک سمايو تو،

اگر هن حال ۾ پنهنجو اکيون پوريو ڇڏين بندا؟

 

سندءِ دنيا جي رونق ڪوڙ، ڪچ، بيوفائي ٿي،

ته مون کي ڇو بنايئي با وفا، همدرد ۽ همدم؟

۽ ڇو تنهنجن ئي ويرين کي ڪيو ته ملڪ جو حاڪم،

دغا بازن سان هيءَ ڀرپور جي تنهنجي خدائي ٿي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com