انهيءَ عمارت ۾، ٺٽي جي عام باشندن کان سواءِ،
خواص جون تفريحي مجلسون به منعقد ٿينديون هيون،
صبح کان شام تائين اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري رهندو
هو. شاعرن جا ميڙ ۽ مشاعرا به ڪڏهن ڪڏهن منجهس
ٿيندا هئا. مخدوم ابراهيم خليل ”تڪمله“ ۾ هڪ
اهڙيءَ مجلس جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هڪ ڏينهن مير
عظيم الدين به موجود هو ۽ سندس سوٽ يعني مير علي
شير ”قانع“ جو پٽ مير غلام علي ”مائل“ به حاضر هو:
”مائل“ اڃا انهيءَ وقت ڪم عمر هو، ۽ شهر و سخن
سان سندس دلچسپي بظاهر ڪانه هئي؛ ٻئي سوٽ داخلي
دروازي وٽ ويٺا هئا ۽ ايندڙن ويندڙن جو نظارو ٿي
ڪيائون؛ دروازي کان هڪ نهايت ئي خوبصورت ڇوڪرو اچي
لنگهيو، جنهن جي نڪ هيٺان دل کي وڻندڙ تر موجود
هو؛ مير عظيم الدين جي طبيعت ۾ جولان جاڳيو، مصرع
موزون ڪيائين:
ز بس حيرت بلال از منبر افتاد
ٻيءَ مصره لاءِ، اڃان غور ۾ هو ته، مير ”مائل“ چئي
ڏنو:
چو ديد آن خال زير، بينيء يار
ز بس حيرت بلال از منبر افتاد
مير ”عظيم“ اٿي کڙو ٿيو: سوٽ جي موزيونيء طبع تي
خوش ٿي کيس ڳراٽي پاتائين: ۽ ٻئي ڏينهن تي انهيءَ
خوشيءَ ۾ ته سندس خاندان ۾ ٻيو به هڪ موزون طبع
شاعر ٿيڻ وارو آهي، وڏي خيرات ڪيائين، ۽ ٺٽي جي
دوستن احبابن ۽ شاعرن کي گڏ ڪري، اهو واقعو کين
ٻڌائي، نعمت الاهيءَ جو شڪرانو ادا ڪرائين.
هن مضمون ۾ گهڻو ڪري ترخان خاندان جي سڀني افرادن
جو ذڪر آيوآهي، تنهنڪري سندن رشتا دارين کي سمجهڻ
لاءِ اسان هتي پڇاڙيءَ ۾ مفصل شجرو ڏئي رهيا
آهيون، جنهن جي ڏسڻ ساان زياده آساني ٿيندي.
14. سيد محمد يوسف بکري ولد مير محمد جادم: سيد
مبارڪ ٺٽويءَ جو فيض يافتو هو، جيڪو سيد ميران
محمد جونپوريءَ جي (1) مريد ميان دانيال جو مريد
۽ خليفو هو. سيد صاحب جا بزرگ ايران کان لڏي سنڌ
۾آيا ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيا: نسب جي لحاظ سان
رضوي سيد هئا.
(1) سيد محمود نالو، ”خاتم الاوليا“ لقب، مهدي
موعود جي عرف عام سان مشهور ٿيو، سندس نسب هن طرح
آهي: سيد محمد، بن سيد عبدالله، بن عثمان، بن
موسيٰ، بن قاسم، بن نجم الدين، بن عبدالله، بن
يوسف، بن يحييٰ، بن نعمت الله، بن اسماعيل، بن
موسيٰ ڪاظم، بن جعفر صادق، بن باقر علي زين
العابدين، بن سيد نا امام حسين، بن امير المومنين
سيدنا علي ابن ابي طالب کرم الله وجهه. سيد محمد
مهدي، 14 جمادي الاول سورم ڏينهن 847هه (1413ع) جو
جونپور ۾ ڄائو، سن 859هه ۾ ديني علومن مان فراغت
حاصل ڪيائين. سن 901هه ۾ ٺٽي پهتو، جتان حج ادا
ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو_انهيءَ زماني ۾ شيخ جهنڊو
پاتڻي سندس مريد ٿيو. سن 905 ۾ بريليءَ پهچي مهد و
يت جو اعلان ڪيائين، جنهن تي وقت جي علمائن ۾ سخت
انتشار پيدا ٿي ويو ۽ سيد صاحب جي مخالفت شروع ٿي،
سن 906هه ۾ انهيءَ مخالفت سبب ترڪ وطن ڪري
(ڏسو ٻئي صفحي تي)
سيد يوسف بکر مان لڏي ٺٽي اچي رهيو. سيد مبارڪ کان
بيعت وٺي، مڪليءَ تي رهي، انهيءَ جاءِ تي رياضت
شروع ڪرائين، جتي سيد ميران مهدي اچي مقيم ٿيو هو.
انتقال بعد دفن به انهيءَ جاءِ ۾ ٿيو. سيد ميران
مهديءَ جي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ بعد، سيد صاحب جو
خاندان مهدوي سڏجڻ لڳو. ٺٽي ۾ انهيءَ عالي خانوادي
جا افراد اڄ تائين مهدوي سڏائين ٿا.
سيد صاحب ٺٽي پهچڻ بعد، عباسي قاضين مان شادي
ڪئي،جنهن مانکيس فقط هڪ نياڻي پيداٿي. بکر مان
پنهنجي ڀائيٽي سيد اسحاق بن سيد ڪمال الدين کي
گهرائي پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏئي، کيس پاڻ وٽ
رهايائين. اهو سيد اسحاق به پنهنجي دور ۾ ولي ڪامل
ٿيو ۽ ”پير پرڏيهيءَ“ جي لقب سان مشهور ٿيو، سندس
مزار سيد يوسف جي پهلوءَ ۾ آهي. ٺٽي جا رضوي مهدوي
سيد انهيءَ جو اولاد آهن (”تحفته الڪرام“، 204).
سيد يوسف جو ٻيو ڀاءُ سيد عبدالرزاق به ٺٽي ۾ اچي
مقيم ٿيو، جنهن جو مقبرو قاضي عبدالله جي احاطي ۾
شيخ حماد جماليءَ جي پٺيان اولهه ۾ آهي. انهيءَ
گهراڻي مان ڪيترا صاحب ڪمال بزرگ پيدا ٿيا.
سيد مير ڪمال الدين احمد خان رضوي بن سيد عنايت
الله، مير محمد يوسف جو ڏهٽاڻ هو. ٺٽي جي مشهور
انشانويس فاضل خان (1) جو ناٺي ۽ فارسيءَ جو
صاحب طرز شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي.
”اصطلاحات رضويه“ ۽ ”شرح ديوان حافظ“ سندس
تصنيفون آهن. سندس انتقال 1132هه ۾ ٿيو. مير
مرتضيٰ ”الهام“ سندس پٽ پڻ فارسي ۽ عربيءَ جو
جيد عالم ۽ اديب هو. مرزا ”صائب“ جو شاگرد آقا
”تعظيم“ قمي هندستان ويندي جڏهن ٺٽي آيو، ان وقت
سيد صاحب جي شعر و سخن جو شهر ۾ ڏاڍو چرچو هو.
آقا تعظيم ساڻس ملاقات ڪئي. سيد جي شاعريءَ کيس
ايڏو متاثر ڪيو، جو سندس شعر کي الهامي
(آندل اڳئين صفحي تان)
جيسلمير کان ٿيندو نصرپور پهتو، ۽ اتان ٺٽي آيو،
ڪجهه وقت اتي تهي 900 مريدن سميت خراسان طرف روانو
ٿيو. قنڌار ۾ جڏهن پهتو ته اتان جي حاڪم شاه بيگ
ارغون، جيڪو پوءِ سنڌ جو فرمانر وا ٿيو، سندس ڏاڍي
عزت ۽ پذيرائي ڪئي. سن 910 جي ربيع الاول ۾ فرح
پهتو، جتي 19 ذيقعد سن 910هه جو (23 اپريل 1505ع)
سومر ڏينهن 63 ورهن جي ڄمار ۾ انتقال ڪيائين. رج ۽
فرح جي وچ ۾ کيس دفن ڪيو ويو، شاهه قسم عراقيءَ
”عشق تم“ سان سدنس انتقال جو سال ڪڍيو.
ٺٽي جي قيام واري زماني ۾ سنڌ جي ڪيترا عالم، امير
۽ اهل دل سندس مريد ٿيا. شيخ صدرالدين مفتي، خان
اعظم دريا خان وزير اعظم، علامه قاضي قاضن، سيد
مبارڪ وغيره انهيءَ دور جا سندس مريد آهن، شاهه
عنايت شهيد جوڳوٺ جهوڪ شريف، ميرانپور سڏيو هو_سيد
صاحب انهيءَ شهر ۾ ڪجهه وقت رهيو هو، تنهنڪري مٿس
ميرانپور نالو پيو هو.
(1)
عالمگير طرفان کيس ”فاضل خان“ جو خطاب مليو؛ سندس
اصلي نالو ملا عثمان هو ۽ ذات جو سميجو هو: ٺٽي
مان دهليءَ پهچي عالمگير وٽ منشي ٿيو، جتي منصبن
۽ مدارجن۾ انتهائي ڪمال تائين پهتو، علامه معين جي
ڏاڏي مخدوم طالب الله جو شاگرد هو؛ مخدوم معين
سندس ڏهٽو هو؛ مخدوم محمد امين پنهنجي انهيءَ گهر
واريءَ مان پيدا ٿيل نياڻي مير محمد رفيع کي ڏني،
جنهن مان مير نجم الدين ”عزلت“ پيدا ٿيو.
شعر چوڻ لڳو؛ انهيءَ سبب ڪري ”الهام“ تخلص سندس
لاءِ تجويز ڪيائين، جيڪو سيد صاحب قبول ڪيو. فاضل
خان جا وفات بعد، مير مرتضيٰ دهليءَ ويو ۽ پنهنجي
ناني فاضل خان جي خالي ٿيل جاءِ تي مقرر ٿي، وڏو
مان مرتبو حاصل ڪيائين. سندس انتقال عين جوانيءَ ۾
1120هه ۾ ٿيو.
مير محمد شفيع ولد سيد يار محمد به انهيءَ برگزيدي
عملي خاندان جو فاضلترين چشم و چراغ هو،جيڪو 1125
کان 1127هه تائين ٺٽي جو گورنر ٿيو. ”همت“ سندس
تخلص هو ۽ ”لطف علي خان“ ۽ شجاعت علي“ خان حڪومت
طرفان سندس خطاب هئا. ”محسن“ ٺٽوي سندس پروردو هو،
جنهن ”محک کمال“ سندس حڪم تي مرتب ڪري، سندس ئي
نالي معنون ڪئي، انهيءَ بزرگ جي وفات 1144هه ۾ ٿي_
”محسن“ ادخله في الجنات بلا حساب“ مان سندس تاريخ
ڪڍي.(1)
سنڌ جو ٻيو مشهور شاعر مير نجم الدين ”عزلت“ بن
مير محمد رفيع به انهيءَ گهراڻي جو روشن چراغ هو.
”بخشيءَ“ جي ”طوطي نامه“ جي طرز تي ”طوطينامه“
لکيائين، جيڪو بقول مير ”قانع“ ”بخشي“ جي ”“طوفي
نامه“ کان بهتر هو نظم خواه نثر ۾ ڪيئي تصنيفون
ڪيائين، ليڪن سواءِ سندس ديوان جي باقي سمورا ڪتاب
زماني جي دستبرد سبب تباهه ٿي ويا. انهيءَ بزرگ
1160 ۾ وفات ڪئي.
انهن شاعرن کان پوءِ به انهيءَ گهراڻي ۾ فارسيءَ
۽ سنڌيءِ جا ڪيترا شاعر پيدا ٿيندا رهيا. سيد رفعت
علي شاه ”فدائي“ سيد روشن علي شاهه ”روشن“ پوئين
دور جا شاعر آهن. انهيءَ خاندان جو آخري شاعر سيد
”مرتضائي“ ٿيو، جنهن سنڌي شاعريءَ کي انتهائي عروج
تي پهچايو_ ٻه سنڌي مثنوين ”يوسف زليخا“ ۽ ”سڪندر
نامه“ ۽ هڪ ديوان سندس يادگار آهن.
(15) جلوه گاهه امامين: ”تحفته الطاهرين“، خواه
”تحفته الڪرام“ جي روايت مطابق جنهن جاءِ تي هن
وقت جلوه گاهه امامين آهي، سو شروعات ۾ بلڪل صاف
ميدان هو، ۽ سڀ
(1) خان بهادر خداداد لکيو آهي ته سندس ٻيو نمبر
پٽ مير ذوالفقار علي شاهه ٽالپرن جي دور ۾ مختيار
ڪار هو؛ ان جو پٽ حاجي سيد روشن عليشاه مولف ”لب
تاريخ سنڌ“ جي زماني ۾ ڪراچي سول ڪورٽ ۾ ناظر هو،
پوءِ جهرڪن ۾ ڪاردار ٿيو. سيد مرتضائي سيد روشن
علي شاه جو پٽ هو (”لب تاريخ سند“) سيد لطف علي
”همت“ علي لڙائي 1125 کان 1126 تائين ٺٽي جي مغل
نواب عطر خان سان ٿي. جنهن جو ذڪر سنڌ جي تاريخن ۾
موجود آهي_ ملا عبدالحڪيم ”عطا“ به پنهنجي قصيدن ۾
ڪيو آهي. آخر عطر خان شهيد ٿيو ۽ ٺٽي جي حڪومت
نواب لطف علي خان کي ملي. سعد خان المعروف به عطر
خان جي مزار مڪليءَ تي آهي، جنهن جو ڪتبو هن طرح
آهي:
”بتاريخ هفتم شهر محرم مرحوم غياث الدين عطر خان
عرف سعد خان بن سعيد خان بگلگونهء شهادت رحلت
نمود_سن 1126هه“ نواب لطف علي جيمدح ۾ ”محسن“ جا
ڪيترا قصيدا آهن.
کان پهريون هڪ ٻڪرار انهيءَ پراسرار سر زمين جي
اسرار کي دريافت ڪيو. ڳالهه ڪن ٿا ته ٻڪرار روزانو
مڪليءَ تي ٻڪريون چاريندو هو؛ ٻڪريون جڏهن انهيءَ
خاص ميدان وٽ چرندي چرندي اينديون هيون، ته نهايت
خاموشيءَ ۽ هڪ غير معمولي حالت سان پاسو ڪيو اڳتي
وڌي وينديون هيون. ٻڪرار روزانو اها ڳالهه محسوس
ڪندو هو، ليڪن خبر نه پوندي هيس ته ڇا اسرار آهي.
هڪ ڏينهن انهيءَ زمين تي ڪنهن بزرگ کي ٻڪرار نهايت
ادب ۽ احترام سان دعا گهرندو ڏٺو. ٻڪرار کانئس
حقيقت حال پڇي، ۽ پنهنجي ٻڪرين جو قصو به ڪري
ٻڌايائينس، بزرگ کيس چيو ته
”اين جاي پا کان و بزگزيد گاه الاهي است، که عالم
ملک و ملکوت
گردن اطاعت بزير ايشان نهادند“.
ڄام نندي جي زماني ۾
مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (ولدان مخدوم اسحاق ڀٽي
هالائي) مڪليءَ جي زيارت لاءِ آيا، ۽ مختلف
زيارتون ڪندي ڪندي، جڏهن انهيءَ جاءِ تي پهتا، ان
وقت جتيون لاهي ادب وچان بيهي دعا گهرڻ لڳا. ماڻهن
کانئن پڇيو ته خالي پيل زمين لاءِ ايترو ادب ڇو، ۽
اهي دعائون ڇا جي ڪري: جنهن تي پاڻ فرمايائون ته
”اين جاي ست که بر عرش مجيد تفوق دارد“.
پوءِ انهن ٻنهي بزرگن ئي اها ڳالهه مشهور ڪئي ته
انهيءَ ٽڪري تي ”جلوه جمال جهان آراي حضرت امامين
ڪريمين“ ڏسڻ ۾ ايندو آهي_جنهن کانپوءِ سڀڪو انهيءَ
ٽڪري جو احترام ڪرڻ لڳو.
روايت آهي ته هڪ دفعي ”حقائق آگاه ۽ معارف سستگاه“
حضرت ميان ملوڪ شاهه اتان اچي لانگهائو ٿيو، ۽ اتي
پهچڻ سان ان کي به امامين ڪريمن جو جمال ۽ انوار
ڏسڻ ۾ آيو. هن بزرگ زمين جي انهيءَ حصي جي، پٿرن
جي ديوار سان حد بندي ڪري، نشان قائم ڪيو، ۽ جيسين
زنده هو، تيسين روزانو پاڻ انهيءَ ٽڪري جي ٻهاري
سهاري ۽ ٽهل ٽڪور ڪندو هو.
نواب سيف الله (مغل گورنر) پنهنجي دور ۾ ميان ملوڪ
شاهه واريءَ ديوار کي ڊهرائي، 1140هه ۾ پڪي پختي
ديوار ڪڍائي، ۽ وفات کانپوءِ پنهنجي وصيت مطابق
انهيءَ جوار ۾ دفن ٿيو، سندس مزار جي ڪتبي تي هن
شعر اڪريل آهي، جنهن مان سال وفات برآمد ٿئي ٿو:
دست وي با دامن آل عباست.
اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ هڪ چونئرو آهي، جنهن مٿان
گنبذنما ڇٽي آهي. اها ميان نور محمد ڪلهوڙي تيار
ڪرائي، ۽ حقيقت ۾ جلوه گاه جي جاءِ به انهيءَ
ڪٽهڙي اندر آهي، احاطي جي ديوار اندر جيڪا زمين
آيل آهي، سا سموري جلوه گاه سان تعلق ڪانه ٿي رکي.
نواب سيف الله جي دفن ٿيڻ بعد، اهل تشيعت وارن خاص
طرح پنهنجو دفن گاهه انهيءَ احاطي جي آسپاس ٺاهيو.
چنانچه اڄ اسان کي سوين هزارين قبرون چوڌاري ملن
ٿيون، ۽ ڪتبن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته وڏا نامي
گرامي ماڻهو انهيءَ ايراضيءَ ۾ محو خواب آهن.
ايران جي مشهور شاعر آقا محمد ڪريم صفاهاني ”عاشق“
جي مزار به صدر دروازي کان ٿورو اورڀرو اوڀرڏانهن
نهايت شڪسته حالت ۾ موجود آهي. سندس انتقال 1155هه
۾ ٿيو ۽ مزار تي جيڪو ڪتبو آهي، ان ۾ هيٺيون شعر
انهيءَ جلوه گاه جي مناسبت تي آهي:
بتاريخ هرسو شنيد اين ندا مکان
يافتي درجوار حسين
جلوه گاهه هن وقت به سٺيءَ حالت ۾ آهي، ۽ شايد ڪي
نيڪدل بزرگ ان جي مرمت ڪرائندا رهيا آهن. صحن جي
ڏاکڻي ديوار جي ننڍي دروازي کان ٻاهر نڪربو ته هڪ
ٺل ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن تي هڪ پٿر نصب ٿيل آهي، ۽ ان
تي ٻن قدمن جا نشان آهن، جنهن لاءِ روايت آهي ته
اهي حضرت نبي ڪريم صه جن جي قدم مباڪ آهن! اوڀر
واريءَ ديوار سان گڏ هڪ ننڍي مسجد آهي ۽ اتي هڪ
تلاءُ به آهي، جنهن جي مرمت 1211هه ۾ سيد ابراهيم
شاهه ٺٽويءَ ڪرائي هئي، جنهن لاءِ مير ”مائل“
هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيو:
به مکلي اين گزين تالاب خوش آب که آبش درصفا
چون مهر و ماه ست
براي خرچ درگاه امامين
نشان سيد ابراهيم شاه ست
خرد تاريخ تعميرش چنين گفت
که اين تالاب وف جلوه گاه ست_ 1211هه
احاطي جي اندر اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ ۾، اهو مقدس
ٽڪرو آهي، جنهن جو مرتبو چيو وڃي ٿو ته عرش عظم
کان به ارفع ۽ اعليٰ آهي!
(16) پير عالي: شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي اولاد
مان هو، تنها سير سفر ڪندي، ترخاني عهد ۾ ٺٽي
پهتو، ۽ سيد علي شيرازيءَ جي باغ ۾ هڪ وڻ هيٺان
اچي ويهي رهيو، شام جو مالهي کوهه مان ڏاند ڇوڙي
گهر هليو ويو، ليڪن پير جي ڪرامت سبب سڄي رات نار
هلندو رهيو! صبح جو باغائيءَ اچي ڏٺو ته سڄو باغ
پاڻيءُ ۾ ٽمٽار ٿيو پيو آهي! باغائي سيد علي ثاني
وٽ دانهين ٿي ويو، ۽ کيس سموريءَ ڪيفيت کان وڃي
واقف ڪيائين! سيد علي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پير عاليءَ
جي خدمت ۾ اچي پهتو، ۽ پاڻ ۾ ڏاڍيون رهاڻيون
ڪيائون!
ٺٽي مان، ڪن ڏينهن پڄاڻا پير عاليءَ شادي ڪئي، ۽
کيس چارپٽ ڄاوا: ابو محمد، صالح محمد المعروف به
فاضل محمد، ولي محمد ۽ محمد فاضل، پهريا ٽي فرزند
پيءُ جي جئري فوت ٿي ويا، چوٿون پٽ پيءُ کان پوءِ
به ڪيترو وقت جئرو هو، ۽ پنهنجي والد جهڙو ڪامل ۽
اڪمل ٿيو. سيد علي ثانيءَ جي فرزند سيد جلال
ثانيءَ سان محمد فاضل جا گهرا تعلقات هئا.
مڪليءَ جي قبرستان ۾، هن وقت جتي بزرگ جو مقبرو
آهي، زندگيءَ ۾ اتي ئي سندس بيٺڪ هئي.
(17) طغرل آباد: اهو شهر ۽ قلعو مڪليءَ جي ڏاکڻي
ڇيڙي تي آهي، ۽ مڪليءَ جي سرڪاري بنگلي کان ست ميل
کن پري ٿيندو (1). اهو حقيقت ۾ هندو دور جو قديم
شهر ۽ قلعو آهي، جنهن کي پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف
حڪمران سڌاريندا ۽ سنواريندا آيا، ۽تقريبن ن سون
ورهن کان وٺي زبون ٿيندي ٿيندي اڄ صفا نيست نابود
ٿي، ڍيرن ۽ دڙن جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
”تحفته الڪرام“ جي روايت آهي ته اهو شهر اصل ڪلا
راجا (؟) جو ٻڌايل هو، ۽ ان جو نالو ڪلا ڪوٽ هو.
سمن جي دور ۾ ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي
نئين سر آباد ڪيو، جنهن ڪري نالو بدلجي تخلق آباد
ٿيس. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سومرن جو شهر ”محمد طور“
جڏهن تباهه ٿيو، ته ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ شهر کي
سومرن پنهنجو حڪومت گاه بڻايو، مغل دور جي هڪ امير
طغرل بيگ (2) به ان جي مرمت ڪرائي، جنهن تي طغرل
آباد مٿس نالو پيو. ڪلاڪوٽ واري نالي جو بگاڙ
مسلمانن جي زماني ۾ ”ڪلا ڪوٽ“ ٿيو. 12 صديءَ جي
شروعات ۾ به اهو قلعو ۽ شهر جون جايون سلامت هيون،
ڇاڪاڻ ته مريد خان جڏهن 1101هه ۾ ٺٽي جي حڪومت تان
مغرول ٿيو، ته هندوستان موٽڻ کان اڳ ڪجهه وقت اتي
وڃي رهيو هو، ۽ ڪي قدر قلعي خواه جاين جي مرمت پاڻ
ڪرائي هئائين.
”تحفته الڪرام“ جي مصنف هڪ عجيب غريب ڌند ڪٿا
انهيءَ قلعي جي سلسلي ۾ قلمبند ڪئي آهي: لکي ٿڳ ته
انهيءَ قلعي ۾ هڪ نانگ رهندو هو. جنهن جو سر ڪلان
ڪوٽ ۾ ۽ ان جي پڇڙي هندوستان ۾ هوندي هئي؛ جيسين
ان جو سر ڪلان ڪوٽ ۾ موجود هو، تيسين هندوستان سنڌ
جو باجگذار ۽ محڪوم(؟) رهيو، ۽ جڏهن کان انهيءَ
نانگ جو سر ڦري هندوستان ڏانهن ۽ پڇڙي ڦري ڪلان
ڪوٽ ڏي ٿي، انهيءَ کان وٺي سنڌ غيرن جي ماتحت رهڻ
لڳي!
مرزا قليچ بيگ جيڪا ڏند ڪٿا لکي آهي، ان مطابق
انهيءَ شهر کي ڪلياڻ ڪوٽ يعني آرام گاهه به
سڏيندا هئا. مرزا صاحب اهو به لکي ٿو ته اهو ڪوٽ
سيوهڻ جي قلعي جيترو ئي قديم آهي، ۽ سڪندر اعظم
جي دور ۾ به موجود هو. مرزا مرحوم لکيو آهي ته
ستر اسي ورهيه ٿيا، جو انهيءَ قلعي منجهان
کوٽيندي سڙيل ڪڻڪ هٿ آئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته انهيءَ شهر جي بربادي باهه لڳڻ سبب ٿي.
(1)
مڪليءَ تان غلام الله ڏانهن جيڪو رستو وڃي، اهو
ڏئي هلجي؛ ڇهن ميلن کان پوءِ ڪلان ڪوٽ نظر ايندو،
(2)
ٺٽي ۽ مڪلي جو گائيڊ جيڪو محڪمهء آثار قديمه وارن
ڇپايو آهي، ان ۾ اها روايت موجود آهي، جنهن ۾
انهيءَ امير جي وفات جو سال 1095هه ڄاڻايو ويو
آهي. انهيءَ روايت جي تصديق اسان ٻئي ڪنهن ذريعي
سان ڪانه ڪري سگهيا آهيون: خبر نه آهي محڪمي وارن
جو ماخذ ڪهڙو آهي.
انهيءَ پاسي جو مشهور مجذوب ميان لاکو سڄو سال
سردي هجي چاهي گرمي، هڪ چمڙي جي چوتي ۾، انهيءَ
ويراني منجهه تنها ڏينهن راتيون گذاريندو هو: سيد
ابراهيم گودڙئي جو مسڪن به اتي ئي هو: ۽ شاهه جئند
به قلعي جي پاسي ۾ دفن ٿيو.
”مڪلي نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو خطو ڪنهن دور
۾ نهايت ئي سرسبز شاداب ۽ اڏاوت خواه محل ماڙين جي
لحاظ کان ازحد موهيندڙ ۽ وڻندڙ هوندو هو. هن مضمون
لکجڻ جي دوران ۾ (27 مئي 1906ع) ڪلان ڪوٽ اسان پاڻ
وڃي ڏٺو: قلعي جا نشان نظر اچن ٿا، ۽ اندازو ٿئي
ٿو ته قلعو پڪ سرو ۽ نهايت ئي عظيم، بلڪ دهليءَ جي
لال قلعي جهڙو ڪشادو ۽ خوبصورت هو. اولهه ۽ اتر
کان پهاڙ، سر اتر ۾قلعي جي ديوار سان لڳو لڳ ڪشادي
ڍنڍ، ۽ ڏکڻ کان دريا وهندو هوس، جنهنڪري بيروني
حملي کان چئن طرفن کان قدرتي طرح محفوظ هو، پراڻين
پڪين سرن جا ايڏا وڏا انبار، ڍڳ ۽ ڍير پيا آهن،
جو معلوم ٿئي ٿو ته اتي ڪيئن پڪيون ۽ خوبصورت محل
ماڙيون هيون. شهر ۾ ڪيئي پڪا تلاءَ هئا، جن جو پتو
”مڪلي نامه“ مان به پوي ٿو. هن وقت جامع مسجد جون
ديوارون موجود آهن، جنهن جي اوڀر کان عظيم الشان
پڪو تلاءُ اڄ به صحيح سالم موجود آهي، اهڙيءَ طرح
ڏکڻ کان به ڪجهه پر ڀرو اهڙو پڪو، پڪين سرن سان
ٺهيل تلاءُ آهي (1). جدا جدا جاين تي ٻيا به چند
تلاءَ اسان کي نظر آيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
شهر پنهنجي زماني ۾ هڪ نهايت خوبصورت نزگتگاهه هو.
منجهس سير تفريح لاءِ باغ، تڙ ۽ هوا خوريءَ لاءِ
جا بجا تلاءَ ۽ چشما، خوبصورت عمارتون ۽ حسين محل
ماڙيون هيون، شهر جا رهاڪو سير تماشي جا شوقين ۽
آرٽ جا دلدادا هئا.
مسجد جامع جي ساخت مان ٻين جاين جي حسن ڪاريءَ جو
به اندازو ڪري سگهجي ٿو، مسجد ٻه طبقي يا ٻه ماڙ
معلوم ٿئي ٿي. مسجد سازيءَ جو اهو طريقو انهيءَ
خور جي لحاظ کان نهايت غير معمولي هو. مسجد کي
گيلريون به هيون، ۽ اندر ڪاشيءَ جو ڪم به اهڙو ئي
حسين ٿيل هو. جهڙو ٺٽي جي جامع مسجد ۾ ٿيل آهي،
جنهن جا نشان ڪٿي ڪٿي ديوارن تي اڃان موجود آهن.
مسجد جي منارن تي مٿي چڙهڻ لاءِ اندران ڏاڪڻيون
هيون، جن جا آثار اڃا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مسجد مان ڪريل
سرن جا ايڏا وڏا ڍير پيل آهن، جو معلوم ٿئي ٿو ته
عمارت بيحد وسيع ۽ تمام بلند بالا هئي.
مسجد جي تصوير ”مڪلي نامه“ ۾ ڏئي آيا آهيون،
جنهن مان پڙهندڙن کي اندازو ٿي سگهندو.
(1) انهيءَ تلاءَ جو نالو غالبن ”سيه لنگ“ آهي،
جنهن لاءِ ”مڪلي نامه“ ۾ به اشارو آهي. انهيءَ
تلاءَ جي چوڌاري ڪنهن زماني ۾ خوبصورت ماڙيون اڏيل
هيون، جيڪي مير علي شير جي زماني کان اڳ ئي منهدم
ٿي ويون هيون_”تحفته الڪرام“ ، ص 84.
مهراڻ جا موتي
·
”علم، انساني آزاديءَ ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي.“
_ڊئنيل ويسر
·
”بهترين حڪومت ڪهڙي آهي؟_ اها جا اسان کي پنهنجي
پاڻ تي حڪومت سيکاري“._ گوئٽي
·
”فلسفي تي ڏهن جلدن جو هڪ نهايت ضخيم ڪتاب قلم مان
ڪڍڻ آسان آهي، پر ڪنهن هڪڙي اصول کي عمل ۽ اصليت
جي ڪسوٽيءَ تي رکي، صحيح ۽ جامع ثابت ڪرڻ نهايت
مشڪل آهي“. _ٽالسٽاءِ
·
”مون کان اهو نه پڇ ته موت ڇا آهي: پر اهو پڇ ته
زندگي ڇا آهي، ۽ اها ڪيئن گذارجي“. _مولانه رومي
رحه
·
”ڪائنات ۽ ان جي تخليق تي غو ر ڪرڻ جو هڪڙو
لمحو، سو سالن جي عبادت کان افضل’ آهي“. _حضرت
محمد صلعم
·
”جيڪڏهن اوهان وٽ ماني آهي، ته ان مان اڌ وڪڻي، ان
جا گل خريد ڪريو: ڇو ته ماني اوهان جي جسم کي طاقت
ٿي ڏئي، ۽ سونهن اوهان جي روح کي“._حضرت محمد صلعم
·
”حقيقي آزادي صرف اتي ممڪن آهي، جتي ظلم جو بلڪل
خاتمو ڪيو ويو هجي، جتي ڪنهن انسان تي ٻيا انسان
ظلم نه ڪري سگهن، جتي بيروزگاريء ۽ افلاس جو نالو
نشان به نه هجي، جتي ڪنهن به شخص کي اهو ڊپ ۽
انديشو نه هجي ته سڀاڻي کيس سندس اجهي ۽ روزيءَ
کان محروم ڪيو ويندو: صرف اهڙي سماج ۾ ئي شخصي
توڙي ٻئي هر قسم جي آزادي واقعي ممڪن آهي“._اسٽالن
·
”عوام جي ترقيءِ ۽ بهبوديءَ لاءِ انقلاب جو اچڻ
جيئن ته ضروري آهي، ان ڪري اهڙن ماڻهن جو وجود به
ضروري آهي، جيڪي ان جي اچڻ جو اڳ ۾ ئي اندازو
لڳائي، ان جي لاءِ ميدان تيار ڪن_ اهي ماڻهو
انقلابي سڏيا ويندا آهن. اسان جو اهو فرض پنهنجي
ذمي کنيو آهي، ان ڪري اسين انقلابي آهيون. اسين
ايندڙ انقلاب جي لاءِ ميدان تيار ڪري رهيا آهيون،
اسين ان جا نقيب آهيون: انهن حالتن هيٺ، سڀ
انقلاب_دشمن اسان کي نفرت ۽ خوف جي نگاهه سان ڏسڻ
۾ حق بجانب آهن“. _ايم اين راءِ
·
”الله وٽ پسند پيل ماڻهو اهي آهن، جي اوهان ۾ وڌيڪ
نيڪو ڪار آهن“._قرآن شريف
·
”مون کي انساني بستين کان ٻاهر رهڻ ڏيو: هتي غريب
نهايت ذلت جي زندگي گذارين ٿا_ ۽ آءُ اهو برداشت
نٿو ڪري سگهان!“ _امام غزالي رحه
·
”اي بادشاهه، تنهنجن گهوڙن جي ڳچين ۾ سونا زيور
پيل آهن: پر انهن جا ڪنڌ اڃا نه ڀڳا آهن_ ۽ غريبن
جا ڪنڌ بک جي ڪري ڀڄي پيا آهنٰ!“_امام غزالي رحه
·
”بادشاهه جي دولت تي اڏيل مسجدون، انهن ۾ ٻرندڙ
ڏيئا، ۽ انهن تي لکيل ڪتاب_ اسان لاءِ دليل ۽ حجت
نه آهن.“ _امام غزالي رحه
·
”مظلوم جي خون جو هڪڙو ڦڙو هارڻ، هزار ڪعبن جي
ڊاهڻ کان وڌيڪ گناهه آهي، ”لک ڪعبا ڊاهي ڇڏيو،
الله کي رنگ نه پهچندو: پر هڪ بيگناهه انسان جي رت
جو هڪڙو ڦڙو به زمين تي نه هاريو.“_حضرت محمد صلعم
·
”مختلف تهذيبن جا بنياد برابر مختلف اصولن تي بيٺل
آهن، پر مقصد سڀني جو هڪڙو ئي آهي_ يعني انسان ذات
جي بهبودي ۽ ترقي. جيڪڏهن تهذيب جي اڳيان هڪڙو ئي
معراج آهي، ته ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته
سڀئي انسان هڪ ئي ٻولي ڳالهائين، يا هڪڙو ئي مذهب
قبول ڪن، يا هڪ ئي حڪومت جي جهنڊي هيٺ ڪٺا ٿي وڃن،
يا هڪڙي ئي نموني جي رسمن رواجن جا پابند ٿي هڪ ئي
طرز تمدن اختيار ڪن.“_نامعلوم
·
خود نمائي ۽ خود ستائيءَ جو احساس ئي در اصل اهو
جذبو ۽ طاقت آهي، جنهن انسان جي سماجي زندگيءَ جي
معمار کي بلند ڪيو آهي. جيڪڏهن سلجهيل ماڻهو
پنهنجي اعليٰ مذاق جو اظهار نه ڪن، ته هوند ٻين
ماڻهن جو حسن_ ذوق ۽ ستل قوتون جاڳي نه سگهن. جڏهن
هو پنهنجي ئي ڪنهن هم_جنس کي هڪڙيءَ حيثيت سان
برتر ۽ بلند ڏسن ٿا، تڏهن سوچي ۽ ويچاري، ڪوشش
ڪري، هو پنهنجي پاڻ کي به انهن جهڙو، بلڪه اڃان به
ٻه رتيون ڪسر ۽ سکندي، انسان مجموعي طرح هڪ
”سلجهيل انسان“ بنجندو وڃي. اهڙيءَ طرح، اڄ هن جي
سماجي زندگيءَ جو معيار ايترو ته اوچو ٿي ويو آهي،
جو اڄ ڪوبه سجاڳ انسان پنهنجيءَ انهيءَ قابل رشڪ
تهذيبي حيثيت کان پاڻ کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به محروم
رکڻ لاءِ تيار نه آهي.
”غور ته ڪريو: ڪٿي وڻن جي پنن ۽ جانورن جي کلن سان
پنهنجي اوگهڙ ڍڪي، چرن ۽ جهوپڙين ۾ رهڻ وارو
زمانو، ۽ ڪٿي وڻندڙ ۽ دلفريب پوشاڪون پهري، ۽
آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اچن محلاتن ۽ عمارتن ۾
رهي، پنهنجيءَ هن جيئريءَ جاڳنديءَ زندگي کي جنت
بنائڻ جو ڪارنامو!_ اهو سڀڪجهه ڇا آهي: هيءَ فقط
انسان جي پنهنجي خودنمائيءَ خودستائيءَ جي احساس
جون ئي ڪرشمه سازيون آهن!_ ”آرٽ آف لونگ“ ڪتاب تا
ورتل اقتباس
ادبي خط
(ڀاءٌ جمال، اوهان جو افسانو ”بدمعاش“ پهتل اٿم_
ڏاڍو وڻيم. اهڙيءَ سهڻيءَ چيز جو داد جيڪر هڪدم
ڏيان ها، پر هڪ ٻه نڪتا اهڙا هئا، جن لاءِ ٻه چار
ڳالهيون عرض ڪرڻ تي گهريم، ان ڪري دير ٿي ويئي.
افساني ۾ جن ڳالهين تي مون کي عرض ڪرڻو هو، سي
هونئن ته اهڙيون حقيقتون آهن، جن کان اسان جو
موجوده سماج آجو ڪونهي، ۽ پلاٽ جو حصو پڻ بنجي
سگهن ٿيون؛ پر ادبي ۽ فني لحاظ کان انهن کي هن
افساني ۾ ڪيئن آڻڻ کپي، تنهن تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ
عرض ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. افساني ۾ پوليس جي ظلم
جو هڪ ٻه واقعو، ۽ آخري منظر _جيلر جي روش_ ڪجهه
اهڙي موقعي ۽ پس منظر ۾ آيل آهن، جي پڙهندڙ کي حسي
اذيت ٿيون رسائين، ۽ منهنجي خيال ۾، افساني جي فني
بيهڪ ۽ آخرين تاثر کي ضرب پهچائين ٿيون. پوليس
جون وحشي ڪارروائيون ۽ جيلر جو بهيمانه رويو
حقيقتون ته آهن، پر انهن کي اديب ڪيئن ۽ ڪهڙي
موقعي تي پيش ڪري، اها هڪ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
منهنجي نظر ۾ زندگيءَ ۾ هڪ ”حقيقت“ ڪيتري به بڇان
آڻيندڙ هجي، ڪيتري به ڪريهه_منظر هجي، ان کي ادب ۾
پيش ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي ادب ۾ آڻڻ وقت اديب کي
ڪي نفسياتي نڪتا سامهون رکي، انهن کي ڇنڊي ڇاڻي،
مناسب انداز ۽ موثر نموني ۾ پيش ڪرڻو پوندو.
اوهان به حقيقتون پيش ڪيون آهن_ ۽ جن لفظن ۾ پيش
ڪيون آهن، انهن لفظن کان وڌيڪ مناسب ۽ موزون لفظ
شايد ئي ملي سگهن؛ ۽ واقعي اسان جي پوليسي راڄ ۾
انهن کان به وڌيڪ وحشتناڪيون نظر اينديون. پر،
انهن جي پيش ڪرڻ جو موقعو ۽ محل_خاص ڪري سڀ کان
آخرين واقعي جو_اهڙو ته اڻ سهائيندڙ مون کي لڳو،
جو پڙهڻ کان پوءِ سمجهيم ته روح کي ڪنهن ڄڻ مٺ ۾
جهلي وٺي کڻي ٻوساٽيو هجي، اها ته ذهني
ڪوفيت ۽ عذاب محسوس ڪيم، جو سمجهيم ته ڄڻ انسان
جو جيڪو امتيازي ۽ بنيادي شرف آهي، تنهن کي ڪنهن
ختم ڪري کڻي ڦٽو ڪيو هجي. جيتري قدر آءُ سمجهان
ٿو، اوهان جو ڪردار ”بدمعاش“ جنهن ماحول جي
پيداوار آهي، اهو ئي سندس انهيءَ گناهه جي ذوق کي
ڀڙڪائڻ لاءِ جوابدار آهي. اوهان پڙهندڙن جي دلين
۾ انهيءَ ڪردار لاءِ همدردي ۽ رحم پيدا ڪرڻ واسطي،
سندس ماحول کي چٽيو آهي ته ڇاڪاڻ ته سموري زندگي
هو پيار، همدردي، انسانيت جي ورتاءَ ۽ پنهنجائيءَ
جو بکيو پئي رهيو آهي_ انهيءَ نفسياتي بک جي ڪري،
هن جو ڪردار گناهه ۽ انسانيت جي خلاف ڪمن ۾ اڀري
ٿو. انهيءَ لاءِ درجي بدرجي اوهان مرحلا مقرر ڪيا
آهن، جتان هو وڌيڪ گهاو کڻي، وڌيڪ ڇتو ٿيڻ لڳي ٿو.
ساڳئي وقت، انهيءَ سموري عرصي ۾ اوهان پڙهندڙن جي
دلين ۾ هن لاءِ همدردي ، پنهنجائپ ۽ قرب پيدا ڪندا
رهيا آهيو_ تان جو جڏهن هو آخرين طرح جيل ۾ وڃي
ٿو، تڏهن پڙهندڙ لاءِ هو هڪ نهايت عزيز ۽ عزت واري
چيز بنجي پوي ٿو. عين انهيءَ گهڙيءَ، اوهان جيلر
کان هن جي ذاتي عزت نفس ۽ شرف انسانيت کي جنهن
نموني ذليل ڪرايو آهي، اها ڳالهه پڙهندڙ لاءِ سڄي
افساني جي رخ کي منجهائي ٿي ڇڏي، ۽ هو انتهائي
اذيت جي احساس سان افساني جي رخ کي منجهائي ٿي
ڇڏي، ۽ هو انتهائي اذيت جي احساس سان افساني کي
هٿان ڦٽي ٿو ڪري. ائين ڪرڻ ۾ اوهين ڪيتري قدر حق
بجانب هئا، ۽ منهنجي ذهني رد عمل سان متفق آهيو يا
نه_ ان لاءِ هن وقت آءُ ڪجهه چئي نٿو سگهان. |