سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :16

اگرچه ٻين سلسلن ۾ شيخ فريد جي ”تا حال“ جو مطلب سندس ڪتاب ۾ عام طرح سن 1060هه آهي، پر هن سلسلي ۾ ڇاڪاڻ ته مرزا عبدالعليءَ جي وفات جو سال ”ترخان نامه“ جي ذريعي 1049هه ۽ مزار جي ڪتبي مان 1040هه معلوم ٿئي ٿو، تنهنڪري شيخ فريد جي ”تاحال “ مان 1049هه کان ڪي سال اڳ جو زمانو سمجهڻ گهرجي.

(1)  شيخ فريد لکي ٿو ته ”مسود اين مجموعه شيخ فريد بکري که وطن بنده از سند است، نسبت دعاگوئي به ان سلسلهءِ عاليه بر وجه اتم و اکمل دارد، و قرابت قريبه، هم في مابين واقع است، از احوال ان ستوده صفات، (ميرزا عيسيٰ ثاني) کماينبغي واقف است“ ص 288

”از صوبه دکن اورا طلبيده خواستند که به تته فرستند، از او نيز بدگمان

شده نه فرستاد ند.“ ص ص . 159_167

بدگمانيءَ متعلق وضاحت ڪندي لکي ٿو ته

”مرزا عيسيٰ که از سالهاي دراز، آرزوي حڪومت ملک مورثيء خود

داشت، حالاکه در آن جا برود، و با داراي ايران شاه عباس صفوي ساخته،

توسل او بنمايد، و يا حاڪم کيچ مکران و هرمز که دوران صلح واقع

شده اند توسل جسته به اعانت آنهها در آن جا بماند، عمري بايد که کار

او ساخته گردد.“

مٿئين گواهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا عيسيٰ کي جهانگير 1015هه کان پوءِ دکن طرف موڪليو، جتان 1021هه ۾ کيس سنڌ ۾ موڪلڻ جي بجاءِ بقول صاحب ذخيرت الخوانين، جاگير ڏئي راڌڻپور (گجرات) روانو ڪيو ويو.

اڪويهين سال جهانگيري (1035هه) ۾ شهزادو خرم (شاه جهان)پيءُ سان ناراض ٿي ٺٽي آيو، ان وقت ٺٽي جو گورنر شريف خان (يڪ چشم) هو (”تحفته الڪرام“ ص.94)، جنهن شهزادي سان نه فقط برتاءُ ۽ سلوڪ سٺو ۽ شايان شان نه ڪيو، بلڪه ساڻس جنگ و جدل لاءِ تيار ٿيو: چنانچه شهزادو ٺٽي مان نڪري گجرات جي رستي دکن هليو ويو.

مرزا عيسيٰ ان وقت گجرات ۾ هو، جنهن شهزادي سان از حد سلوڪ ڪيو_

”و مرزا عيسيٰ بيگ از رهنموئيء بخت و افزونيءَ طالع خود که ارباب

دول تحقيق ملهم غيبي اند، اسپان و شتران و زر نقد و جنس بسيار در

خدمت حضرت خديو زمان پيشکش فرستاد“ (ذخيرت الخوانين“)

ڀانئجي ٿو ته 1021هه کان 1035هه تائين مرزا عسيٰ گجرات ۾ رهيو. جتان، بقول ”تحفته الڪرام“ 1037هه (جهانگير جي آخري سال) ۾ کيس چار هزاري منصب ڏئي، ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليو ويو_

”در ابتداي سال سي و هفت هجري، آخر سال جهانگيري، بمنصب چهار

هزار سوار ايالت تته يافته“ ص.94

”تحفته الڪرام“ ۾ مير قانع، مرزا عيسيٰ کان پوءِ مير ابو البقا امير خان کي ٺٽي جي گورنرن واري فهرست ۾ لکيو آهي، هالانڪه ”ماثر المرا“ خواه ”شاهجهان نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا عيسيٰ اڃا ٺٽي پهتو ئي مس هو، ته جهانگير وفات ڪئي ۽ شاهجهان تخت تي وهندي شرط، مرزا کي اتان بدلي ڪري مٿرا جي صوبي ۾ موڪليو ۽ شير خواجا کي سندس جاءِ تي ٺٽي ۾ مقرر ڪيو.

”ماثر الا مرا“ جي عبارت هيءَ آهي:

”پس از ارتحال جنگ مکاني (جهانگير) در اثناي توجه رايات فردوس آشياني (شاهجهان) (مرزا عيسيٰ) بسيادت زمين بوس رسيده، به اضافهء دو هزاري هزار وسه صد سوار بمنصب چار هزاري ذات، و دو هزار

پانصد سوار، وايالت ملک تته کامر واي ملک خود گريڊ.“ (1) (485_488)ڍ

يعني جهانگير پاڻ مرزا عيسيٰ کي ٺٽي تي مقرر ڪونه ڪيو هو، بلڪه جڏهن بادشاهه جو انتقال ٿيو، ان وقت شاهجهان آگري ويندي جڏهن گجرات ۾ پهتو ۽ مرزا عيسيٰ سندس آستان بوسي ڪئي، تڏهن شاهه جهان کيس ٺٽي موڪلڻ جو آرڊر ڪيو؛ ۽ آگري پهچي، جڏهن شاهجهان تخت نشين ٿيو، ان وقت شير خواجه کي نئين سر مقرر ڪري، پهرئين حڪم کي منسوخ ڪيائين_

”ليڪن بعد جلوس بر سرير فرمانروائي، حسب اقتضاي وقت ضبط و ربط

آن ديار، به شير خواجا مخاطب به خواجا باقي خان تفويض يافت، و مرزا بي

نيل و مرام از عرض راه معاودت نموده تيولداري متهرا و آن نواحي

مورد نوازش گشت.“ (”ماثر الامرا“ 485_488)

شاهجهان جي سوانح نگار، يعني ”بادشاهه نامه“ جي مصنف، عبدالحميد لاهوريءَ انهيءَ سلسلي ۾ جيڪو مفصل بيان ڏنو آهي، اهو سموري معاملي کي صاف ڪري ٿو:

”بادشاهه نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته شاهجهان 23 ريبع الاول 1037هه جو آگري پهتو، جتي 8 جمادي الثانيءَ 1037هه جو تخت نشين ٿيو (2). گجرات ۾ جڏهن تخت نشين ٿيندڙ بادشاهه پهتو، ان وقت ٻين سردارن سان گڏ مرزا عيسيٰ به سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيو(3). بادشاهه اڳ ئي مٿس راضي هو، جنهنڪري اتي ئي 18 ربيع الثاني 1037هه جو مرزا کي خلعت ڏئي، ٺٽي جي صوبه داريءَ جو فرمان ڏنائين.

”باضافه دو هزاري هزار وسي صد سوار، بمنصب چهار هزاري ذات،

و دو هزارپانصد سوار سربرافراخته، بدان صوب رخصت فرموند.“

”78_79/1)

(1)  اصل نالو سيد بادشاهه خواجه؛ بادشاهه سندس نالو شير خواجه رکيو: ”خواجه باقي“ خطاب؛ ٺٽي جي صوبه داريءَ تان موڪل تي هندوستان روانو ٿيو، واٽ تي  1038هه ۾ فوت ٿي ويو. ”ماثر الامرا“ 648_2

(2) جهانگير راجور جي منزل تي ڪشمير کان لاهور ايندي، 28 صفر 1037هه جو انتقال ڪيو. داور بخش ٿوري عرصي لاءِ تخت نشين ٿيو. جمادي الاول ۾ داور بخش قتل ٿيو  ۽ 8 جمادي الثانيءَ جو شاهجهان تخت تي ويٺو.

(3) ”ترخان نامه“ جو صاحب لکي ٿو ته جنهن وقت جهانگير فوت ٿيو، ان وقت شاهجهان پوني ۾ هو. مرزا عيسيٰ ان وقت گجرات ۾ جاگيردار هو. هن گجرات جي صوبه دار جي پڇڻ کان سواءِ، احمد آباد جي جامع مسجد ۾ شاهجهان جي نالي خطبو پڙهايو ۽ پاڻ احمد آباد کان ٽيهن ميلن جي فاصلي تي ”ڪنار مهي“جي مقام تي بادشاهه سان وڃي مليو، ۽ کيس احمد آباد جي صوبه طرفان بادشاهيءَ جي مبارڪ پيش ڪيائين.

”ترخان نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه اهو فرمان کيس احمد آباد کان آگري اسرڻ وقت ڏنو، ۽ کيس حڪم ڪيائين ته ٺٽي جي صوبدار شريف املک کي، جنهن شاهجهان سان ٺٽي ۾ سخت بدسلوڪي ڪئي هئي، گرفتار ڪري آگري موڪلي. ميرزا عيسيٰ هڪ هزار سوار ۽ پنهنجو پٽ عنايت الله بادشاهه جي خدمت ۾ امدادي دستي طور آگري روانو ڪري، پاڻ 22 سوارن سان گڏ ٺٽي راهي ٿيو. ”ترخان نامه“ جو صاحب لکي ٿو ته ميرزا عيسيٰ ٺٽي پهچي شريف املڪ کي گرفتار ڪري، بادشاهه ڏانهن اماڻيو، جنهن جي صلي ۾ بادشاهه کيس هڪ لک روپيو انعام طور نقد ۽ هڪ هزاري منصب عطا ڪيو.

”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿئين فرمان صادر ٿيڻ کان اڍائي مهينا پوءِ خواجه باقي خان (مخاطب به شير خواجا) جي تقرر جو فرمان، رجب 1037هه جو نڪتو.

”خواجه باقي خان مخاطب به شير خواجه، بخلعت و خنجر ورصع، و منصب

چهار هزاري ذات، وسه هزار و پا نصد سوار، و علم و نقاره، و اسپ بازين

مطلا، و صوبداريءَ تته از تغير ميرزا عيسيٰ ترخان، که در اثناي توجهه

رايات جهان کشا از دکن بدارالخلافت اکبر آباد، هنگام وصول بوکب

اقبال بحواليءَ احمد آباد بنظم صوبه مزبور دستوري يافته بود“  (181_1)

مٿين بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا عيسيءِ ٺٽي ۾ فقط اڍائي مهينا صوبدار (18 ربيع الثاني 1037هه_1 رجب 1037هه) ٿي رهيو، جنهن بعد شير خواجا کانئس اچي چارج ورتي. ”تحفته الڪرام“ جو قول آهي ته ٺٽي مان بدلي ٿيڻ بعد، مرزا کي ڪرنال موڪليو ويو، ليڪن ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا کي مٿرا ۽ ان جي آس پاس واري علائقي جي گورنري عنايت ڪئي وئي، جنهن جو فرمان 8 ربيع الاول 1038هه جو صادر ٿيو_

”وهم بميرزا عيسيٰ ترخان بعد از تغير صوبه داريءَ متهرا و نواحيء آن

جاگير عنايت شد“(ج 1، ص 230)

فرمانن جي مٿين تاريخن کي نظر ۾ رکي، معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا عيسيٰ ٺٽي ۾ صوبداريءَ تي ڪي ٻه اڍائي مهينا مس رهيو. ان کانپوءِ خواجا باقيءَ اچي کانئس چارج ورتي. اٺ کن مهينا (1 رجب 1037 کان 8 ربيع الاول 1038هه) مرزا عيسيٰ بنا ڪنهن ملازمت جي ويٺو رهيو. 8 ربيع الاول 1038 هه جو مٿرا جي صوبداريءَ لاءِ فرمان نڪتو، ۽ مرزا مٿرا وڃڻ کان پهريون، 7 ربيع الثاني 1038هه جو آگري بادشاهه جي سلاميءَ لاءِ پهتو_ جيئن ته بادشاهه نامه ۾ آهي:

”هفتم ربيع الثاني (1038هه) ميرزا عيسيٰ ترخان که صوبداريءَ تته از و

تغير يافته بود، و متهرا و نواحيء آن در تيولش مقرر شده، از تته آمده،

بسعادت کورنش کامياب صوري و معنوي گرديا“ (ص 244_1)

مٿئين عبارت جي آخري حصي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا عيسيٰ چارج ڇڏڻ بعد ست اٺ مهينا ٺٽي ۾ گذاريا، ۽ 8 ربيع الاول جو جڏهن فرمان نڪتو، ان کانپوءِ ٺٽي مان روانو ٿي، پوري هڪ مهيني بعد 7 ربيع الثاني جو اڪبر آباد ۾ بادشاهه جو حضور ۾ پهتو، مرزا عيسيٰ جي ابتدائي زندگي، ميرزا باقيءَ جي دور کان ميرزا غازيءَ جي زماني تائين، خطري ۽ خلفشار ۾ گذري، 1012هه ۾ هو ٺٽي مان ئي مرڳو موڪلائي هندوستان هليو ويو. اسان جو قياس آهي ته اهي ست اٺ مهينا جيڪي هن ٺٽي ۾ ويهي گذاريا، انهن ۾ هن پنهنجي والد، ميرزا جان بابا شهيد جو مقبرو (1) تيار ڪرايو هوندو_اگرچ ان جي تصديق ڪنهن به تاريخ مان ڪانه ٿي ٿئي.

1038هه کان 1040هه جو شاهه جهان، عبدالله خان بهادر جي ڪمان هيٺ مرزا عيسيٰ کي نظام جي بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ دولت آباد موڪليو (329_1)

5 رمضان 1040هه جو ناسڪ ۾ سخت ڏڪر پيو، جنهن ڪري عوام ۾ بيحد اضطراب ۽ انتشار پيدا ٿيو؛ بادشاهه انهن جي صوبه دار خواجه ابو الحسن ڏانهن صوبي ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ روپيا روانا ڪيا. ٻين اميرن سان گڏ مرزا عيسيٰ به اهو خزانو کڻي ناسڪ ويو. (328_1)

اهو سال، ڀانئجي ٿو ته مرزا عيسيٰ جو ريزڪي ڪمن ڪندي بسر ٿي ويو؛ وري 28 شعبان 1041هه جو ”بادشاهه نامه“ جي ذريعي اسان کي اطلاع ملي ٿو ته مرزا عيسيٰ خلعت فاخره، ۽ سونن سازن سان گهوڙو بطور انعام جي حاصل ڪري، ايلچپور  ڏانهن روانو ٿيو. قريني مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس ايلچپور جي صوبه داري ملي هوندي (418_1). مرزا ايلچپور ۾ ڪيترو وقت گذاريو، ان جو صحيح پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي، 1047هه جو اطلاع آهي ته مرزا جو ناڳڙهه ۾ هو. ”بادشاهه نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته 1547هه ۾ مرزا عيسيٰ جونا ڳڙهه مان 15 ڪڇي گهوڙا بادشاهه جي خدمت ۾ بطور نذر جي موڪليا، جيڪي سندن مخاحظي مان گذريا. (12_2) گويا 1047هه ۾ يا ان کان اڳ مرزا جونا ڳڙهه ۾ويو، ۽ ان کان پوءِ ڪيئي سال هن ملڪ جي انهيءَ حصي ۾ بسر ڪيا، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو.

”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 5 جمادي الثاني 1049هه جو بادشاهه جي منزل ڀيره (پنجاب) ۾ هئي. اتي مرزا عيسيٰ جي منصب ۾ اضافي ڪرڻ جو بادشاهه حڪم ڪڍيو. مرزا ان وقت به جونا ڳڙهه جو صوبه دار هو_

(جان بابا جو مقبرو مرزا عيسيٰ ثانيءَ جي داخلي دروازي جي سامهون سر اوڀر تي آهي؛ مقبري جون ديواريون پٿر جون آهن، جن تي نادر نموني جي چٽسالي آهي؛ جان بابا، ۽ يادگار مسڪين جي سڃي اڪهه ان ۾ مدفون آهي؛ جملي 13 قبرون اندر آهن.

”باضافهء هزار سوار بمنصب پنجهزاري سوار، هزار سوار، دواسپه وسه اسپه مفتخر گرديد“ (ص 162_2)

انهيءَ ساڳئي ڏينهن سندس وڏي پٽ مرزا عنايت الله جي منصب ۾ به اضافو ٿيو_

”بمنصب هزاري ذات و پانصد سوار، از اصل و اضافه سرفراز گشت“ (164_2)

1050هه جي واقعات مان معلوم ٿئي ٿو ته 11 محرم جو چاليهه گهوڙا ڪڇي، جيڪي مرزا عيسيٰ جونا ڳڙهه مان بطور نذرجي مذيد موڪليا هئا، سي بادشاهه جي ملاحطه مان گذريا. (1_193)

مٿين اقتباسن جي ذريعي هي معلوم ٿئي ٿو ته 1041هه ۾ مرزا ايلچپور ويو؛ غالبن اتي ڪجهه سال رهي، وري سورٺ جو صوبه دار ٿي جونا ڳڙهه پهتو؛ اتي 1047 کان گهڻو وقت اڳ پهتو، اهو چوڻ مشڪل آهي: ليڪن قياسن سال کن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو؛ جنهن بعد 1052هه تائين جا مسلسل اطلاع سندس سورٺ واريءَ صوبه داريءِ جا موجود آهن.

انهيءَ زماني ۾ گجرات جو گورنر اعظم خان هو، جنهن جي انتظامي خرابين ۽ سندس غير دانشمندانه اقدامن جون شڪايتون بادشاهه وٽ مسلسل پهچنديون رهنيون ٿي، ۽ آخر تنگ اچي 8 محرم 1052هه جو بادشاهه کيس معزول ڪري، 12 محرم جو مرزا عيسيٰ لاءِ فرمان صادر ڪيو، جيڪو ان وقت تائين سورٺ ۾ هو. ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته گجرات جي صوبه داريءَ سان گڏ سندس منصب ۾ به اضافو ٿيو_

” و از جمله سواران منصب او هزار و پانصد سوار دواسپه، سه اسپه، مقرر

فرموده، اورا بمنصب پنج هزاري ذات، و پنجهزار سوار، دو هزار و پانصد

سوار، دو اسپه وسه اسپه، سر بلند گردانيد ند“

مرزا عيسيٰ کي گجرات جو صوبه دار مقرر ڪري، ساڳئي ڏينهن ٻيو حڪم جاري ڪيو ويو. جنهن مطابق مرزا عنايت الله، پيءُ جي جاءِ تي، سورٺ جو صوبه دار ٿيو، ۽ سندس منصب ۾ به اضافو ڪيو ويو_

”و از اصل و اضافه، اورا بمنصب دو هزاري و هزار، و پانصد سوار،....

(سرفراز ساختند).“ (2295)

”مرات احمديءَ“ انهيءَ فرمان جو نقل به ڏنو آهي، جيڪو بادشاهه 12 محرم 1052هه جو اعظم خان جي معزوليءَ ۾ مرزا عيسيٰ جي مقرريءَ لاءِ مرزا عيسيٰ ڏانهن ڪڍيو، جنهن ۾ بادشاهه اعظم خان جي بدانتظامين جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته

”خود توفيق نيافت، و آن ملک را خراب ترساخت، و کار بجاي رسانيد

که اگر به تدارک نپر دازم، ديگر اصلاح ممکن نباشد. بنا براين بر ان

ملکي و اهل ملک ترحم فرموده، صاحب صوبگي آن ملک به امارت پناهه،

سزاوار لطف و احسان، مرزا عيسيٰ ترخان، که ملک سورتهه خراب را بحسن

سلوک و رعيت پر وري، آباد ساخته بود، از ابتدا خريف مرحمت نموديم.“

(مرات 228)

فرمان جي مٿئين اقتباس مان مرزا جي انتظامي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهليت لاءِ بادشاهه جي ذاتي راءِ معلوم ٿئي ٿي، جنهن مان مرزا جي منزلت ۽ بادشاهه وٽ قبوليت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سورٺ جي ملڪ جي حالت به مرزا جي وڃڻ کان اڳ خراب ۽ برباد هئي، جنهن کي مرزا وڃي درست ڪيو ۽ پنهنجي حسن سلوڪ ۽ رعيت پروريءَ سبب جلد ئي ملڪ کي آباد ۽ رعيت کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيو.

جنهن ڏينهن مرزا عيسيٰ لاءِ اهو فرمان نڪتو ۽ مرزا عنايت الله کي منصب جي اضافي سان گڏ پيءُ واري جاءِ ملي، انهيءَ ساڳي ڏينهن مرزا جي ٻئي پٽ محمد صالح کي پڻ منصب ۾ ”هزار سوار“ جي ترقي ملي. (”بادشاهه نامه“ 290_2)

مرزا عنايت الله، پنهنجي پيءُ جي صوبه داريءَ واري زماني ۾ سورٺ جو فوجدار هو، جتان کيس پيءُ جي تبادلي بعد ترقي ڏئي، ساڳئي صوبه ۾ صوبه دار ڪيو ويو، جيئن ته ”مرات احمديءَ“ جي مصنف لکيو آهي؛

”عنايت الله ولد مرزا عيسيٰ ترخان ناظم صوبه، فوجدار جو نه گره بغايت علم

و نقاره رتبه بلندي يافت.“ (ص 231)(1)

اهڙيءَ طرح 1047هه کان اڳڀرو، مرزا سورٺ ۾ آيو، ۽ 1042هه تائين نهايت نيڪ ناميءَ ۽ ڪارڪردگيءَ سان جونا ڳڙهه جي صوبه داري ڪندو رهيو، تا آنڪه 1052هه ۾ گجرات جو صوبه دار ٿي، احمد آباد پهتو. ”مرات احمدي“ جو قول آهي ته مرزا حڪم پهچڻ شرط احمد آباد پهچي اعظم خان کي بادشاهه جي حضور ۾ موڪلي، پاڻ صوبي جي بندوبست ۾ مصروف ٿي ويو. مصنف جو قول آهي ته

”خود به بندوبست صوبه پر داخته مرهم تسلي دلهاي ستمد يد گان گجرات شد.“

”مرزا عيسيٰ ترخان، باشتغال امور صوبه باستمالت رعايا پر داخته، در

پر گنات، عمل غله بخشي کي باصطلاح اين ملک بهاگ بتائي (2) (ڀاڳي بٽئي،

يا، ڀانگين بٽئي) گويند، قرارداد، ود راندک فرصتي ملک بمعموري آورد.“ ص 229

باد
شاهه جو مرزا تي ابتدا کان ئي آرو هو. کيس اهي ڏينهن ياد هئا، جڏهن ٺٽي کان موٽندي مرزا عيسيٰ واٽ تي ساڻس حسن سلوڪ ڪيو هو، ۽ ان کانپوءِ به هميشه بادشاهه جي خيرانديشيءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڪا گهٽ ڪانه ڪيائين، بادشاهه مٿس انهيءَ حد تائين راضي هو، جو گجرات جي صوبه داري ڏيڻ کانپوءِ به انعام اڪرام، خلعتون ۽ ٻيون نوازشون

(1)  ”مرات احمديءَ“ ۾ اهي سڀ واقعا ڏنا ويا آهن_ ڏسو  ص ص 227 ۽ 231

(2) ”مرات  محمديءَ“ جي مصنف لکيو آهي ته ”مرزا عيسيٰ ترخان ني انتظام صوبه نهايت عمده کيا اور ”بهاگ بڻائي“ کي رسم کو رواج ديا، جسکي صله مين اسکو حضور بادشاهه سي علم اور ايک هاتهي مرحمت هوا.“ ص 180_1 صفر 1052هه جو سندس پٽ محمد صالح هٿ جيڪو هاٿي بادشاهه ڏانهس ڪري، سندس عزت افزائي ڪندو رهيو. محرم 1052هه ۾ بادشاهه کيس گجرات موڪليو، ۽ چنڊ ڏينهن کان پوءِ، 1 صفر جو سندس پٽ محمد صالح جي ذريعي ڏانهس پنهنجي خاص شاهي فيل خاني جو هڪ هاٿي سوکڙيءَ طور موڪليو. (”بادشاهه نامه“ ص 302/2) وري ايندڙ سال يعني 1053هه جي پهرين ذيقعده جو، مرزا جي موڪليل قاصد هٿ بادشاهه سلامت ڏانهنس، خلعت فاخره، ۽ شاهي طبيلي خاص مان هڪ گهوڙو سونن سنجن سان، ”بطور عنايت خاص“ روانو ڪيو. (ص 353/2) 1554هه ۾ 7 ربيع الثانيءَ جو بادشاهه سندس منصب کي وڌائي، ان ۾ هيٺئين طرح اضافو ڪيو:

”دو هزار و پانصد سوار، مرزا عيسيٰ ترخان ناظم احمد آباد، بجهت ضبط

صوبه، دو اسپه، سه اسپه مرر نموده، اورا بمنصب پنج هزاري پنج هزار

سوار، دو اسپه سه اسپه، سر افراز گردانيد ند“. (377/2)

۽ اهو منصب شاهه جهان جي آخر دم تائين مرزا عيسيٰ جو قائم رهيو (1). (917/2)

”مرات احمديءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1054هه تائين مرزا سڄيءَ گجرات جي صوبه داريءَ تي قائم رهيو، ليڪن 29  ذيحجه 1054هه جو ڪن خاص ملڪي مصلحتن جي پناءَ تي، بادشاهه احمد آباد شاهزادي اورنگزيب جي حوالي ڪري، مرزا کي وري سورٺ ڏانهن موڪليو، جتي هو 1061هه تائين رهيو؛ ۽ انهيءَ سال ۾ شاهجهان سورٺ ۾ سنيس پٽ، مرزا محمد صالح کي فوجدار مقرر ڪري، کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو.

مرزا محمد صالح 1064هه تائين اتي رهيو، جنهن کانپوءِ نظر بهادر جي پٽن، شمس الدين ۽ قطب الدين کي گڏي سورٺ جو فوجدار ڪيو ويو. (” مرات احمدي“، ص 243)

مرزا عيسيٰ جي سلسلي ۾ آخري اطلاع اسان کي ”ذخيرت الخوانين“ جي مصنف شيخ فريد بکريءَ کان ملي ٿو_ لکي ٿو ته

”تا حال که 1060هه هست، در رادهن پور وغيره آن ضلع بکمال خواهش خاطر مي گذراند، و معزز و محترم و بال آبرو هست.“

ساڳي سلسلي ۾ لکي ٿو ته

”عمر شريف ايشان از عمر طبعي زياده است، درشنوائي و بينائي و رجوليت

و قوت اشتها کمي نيست، بمثل جوان بيست ساله دارد“ (ص 286)

متين عبارتن مان هن نتيجي تي پهچي ٿو ته جنهن وقت مرزا، 1061هه ۾ سورٺ جي فوجداريءَ تان دربار شاهيءَ ۾ گهرايو ويو، ان وقت سندس عمر طبعي عمر کان به چڙهي چڪي هئي، ۽ غالبن سورٺ مان کيس سرڪاري ملازمت منجهان رٽائر

(1)  ”ترخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته مرزا آخري طرح 8 هزاري ذات ۽ 7 هزار سوار دو اسپه ۽ س اسپه تي پهتو.

ڪرائي، بادشاهه ملاقات ۽ موڪلراڻيءَ لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرايو، ۽ سورٺ سندس پٽ محمد صالح جي حوالي ڪئي، بادشاهه وٽان موڪلاڻي ڪري هو موٽي گجرات جي قصبي اڌڻ پور ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي سندس جاگير هئي.

صاحب ”ذخيرت الخوانين“ مٿئين عبارت ۾ ته فقط اهو ڄاڻايو آهي ته ان وقت مرزا جي عمر، طبعي عمر کان تجاوز ڪري چڪي هئي، ليڪن هيٺئين اقتباس ۾ ڄاڻائي ٿو ته 112 ورهه سندس عمر 1060هه ۾هئي. (1)

”ورتا حال که سن ستين و الف هجري مرزا در صوبه گجرات بکمال عيش مي

گزراند، و مصدر روجهات قدسي هستند، و عمر شريف ايشان زياده از

يک صد دو از ده سال است. شنوائي و بينائي و قوت بدن ور جوليت بحال

خود است“ (163)

جيڪڏهن مٿين ڏيکاريل عمر صحيح سمجهجي، ۽ 1060هه مرزا جي عمر 112 ورهين کان مٿي قبول ڪجي ته ان حالت ۾ سندس تولد 948هه کان اڳ ٿيو هوندو.

مرزا عيسيٰ جي وفات جو ذڪر ڪنهن به تذڪره نويس ڪونه ڪيو آهي، سواءِ ”ماثر الامرا“ جي،

جنهن ۾ لکيل آهي ته:

”در محرم سنه 1062هه هزار و شصت و دوم بقصبه سانبر رسيده بود که

پيمانه حياتش بر آمد“ (488_3) (2)

ميرزا عيسيٰ جي طبيعت، علم دوستيءَ ۽ مزاج خواه رجحان جي سلسلي ۾ ”ترخان نامه“ جي مصنف جو هي قول آهي:

”مردي خليق و اديب و حليم بردبار، صاحب همت وغيرت، قبيله پرور،

سپاهه دوست، آبادان کار در جواني کسب کمالات نموده، در علوم دستگاهي

بهم رسانيد، بجميع مکارم اخلاق آراسته و پيراسته، شيوه عدالت و سخاوت

شعار خود دانسته، در شجاعت و دلاوري نظير نداشت.“

(1)              ترخان نامه“ جو صاحب لکي ٿو ته 13 محرم 1061هه جو سندس عمر 95 سال هئي. انهيءَ حساب سان سندس تولد 965هه جو ٿيو هوندو.

(2)             مرزا جي مزار جو ڪتبو هي آهي؛

چو رحلت کرد از دار، فنا سرور ترخان

ببستان جنان آسوده شد در منزل اعليٰ

بپر سيدم چو سال رحلت او از خرد گفتا

”نموده ميرزا عيسيٰ بگلزار ارم ساوا“

”مرات محمدي“ ۾ آهي ته مرزا سانپر ۾ دورو ڪندي اچي منزل انداز ٿيو هو: سن 1062هه جو انتقال ڪيائين؛ ان وقت سندس عمر سو کان زياده هئي. (ص 180)

مٿين چند سٽن مان مرزا موصوف جو سڄو ڪردار آئينو ٿي اسان جي اڳيان اچي ٿو.

مرزا عيسيٰ ڪثير الاولاد هو، ليڪن سندس زندگيءَ ۾ ئي اولاد فوت ٿيندو ويس، تان جو 1060هه ۾ سندس فقط هڪ پٽ محمد صالح بچيل هو، جيڪو والد کان پوءِ خاندان جي اثاثي جو وارث بڻيو، شيخ فريد بکريءَ جو قول آهي ته

”اولاد امجاد کثير بهم رسانيده، همه داعيء حق را لبيک اجابت گفته اند،

يک پسر مسن و معمر يادگار دارد“. (288)

”ترخان نامه“ جي صاحب جيڪو شجر و ڏنو آهي، ان مان مرزا عيسيٰ جي هيٺين پٽن جا نالا ملن ٿا:

(1)  مرزا عنايت الله بهادر؛

(2) مرزا محمد صالح ترخان؛

(3) مرزا فتحي؛

(4) مرزا عاقل محمد؛ ۽

(5)  مرزا جان بابا (ثاني)

(6) مرزا عاقل محمد ۽ جان بابا جي وفات جو سن معلوم ٿي نه سگهيو، البت مرزا فتحي بيگ پنهنجي والد سان دفن ٿيل آهي، ۽ سندس مزار تي جيڪو منظوم ڪتبو آهي، ان جو تاريخي شهر هي آهي:

(7) ”فتحي بارم نموده آرام“ 1093هه (1)

(8) جنهن مان صاحب ”ذخيرت الخوانين“ جي قول جي تصديق ڪانه ٿي ٿئي، ته ڪو مرزا جي سڀئي پٽ سواءِ هڪ جي، سندس زندگي ۾ گذاري ويا.

مرزا عنايت الله: مرزا عسيٰ جو وڏو پٽ هو، جيڪو پيءُ سان گڏ مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو، ۽ جيئن مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، پيءُ جي زماني ۾ سورٺ جو فوجدار هو، ۽ جڏهن مرزا 1052هه ۾ احمد آباد اسهتو، ان وقت پيءُ جي جاءِ تي سورٺ جو صوبه دار ٿيو. 1047هه کان اڳ شاهجهان کيس ”هشت صدي چار صد سوار“ جو منصب ڏنو (” بادشاهه نامه“ 314/1) جڏهن سورٺ جي صوبه داري، 1052هه مليس، تڏهن منصب وڌائي، ”دو هزاري و هزار و پانصد سوار“ ڪيو ويو. 1054هه بادشاهه سلامت کيس علم عنايت ڪري، سندس عزت از حد وڌائي  ڇڏي (”بادشاهه نامه“ (386/2) 29 ذي الحج 1054هه جو سندس والدجڏهن گجرات جي صوبه داريءَ تان موٽي سورٺ ۾ آيو، تڏهن هن سورٺ جي صوبه داريءَ جي

(1)  ”مڪتوبات“ قلمي، (مملوڪه سنڌ يونيورسٽي) ۾ سنڌ جي ڪنهن صوبه داري جو اسان کي عريضو مليو آهي، جنهن ۾ عريضي لکندڙ مرزا فتحي  جو نالو فتح بن مرزا عيسيٰ ترخان لکيو آهي، ۽ خواهش ڏيکاري اٿائين ته مرزا محمد فتح کي سنڌ ۾ موڪليو وڃي ته انتظام بهتر ٿيندو.

چارج ڇڏي. ان کانپوءِ کيس ڪهڙو عهدو مليو، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. 1058هه ۾ هن انتقال ڪيو ۽ کيس پيءُ جي جوڙايل رانڪ ۾ غالبن سورٺ مان آڻي دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي هي ڪتبو آهي:

”تاريخ وفات مرحوم مرزا عنايت الله 1058هه“

”ترخان نامه“ جي مصنف سندس اولاد ۾ هيٺين پٽن جا نالا ڏنا آهن؛

1.      مرزا داراب:

2.     مرزا  غازي (ثاني)؛

3.     مرزا مظفر (ثاني)؛

4.     مرزا مراد؛ ۽

5.     مرزا ايرج (متوفي 20 شوال 1061).

مرزا محمد صالح: مرزا عيسيٰ جو ٻيو نمبر  پٽ هو، ۽ پيءُ کان پوءِ اهو ئي پنهنجي خاندان جو وارث ٿيو. مٿي جيئن اسان ڏيکاري آيا آهيون، هي به شاهجاني دور ۾ منصبدار هو ۽ مختلف عهدن تي مقرر ٿيندو رهيو.

”ترخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته بادشاهه پڻس جي زندگيءَ ۾ ئي سندس قدر ڪيو، ۽ کيس منصب ڏئي پنهنجي اميرن ۾ شريڪ ڪيو_

بر افراخت شاهنشهي قدر دان

سر ميرزا صالح از فرقدان

بالطاف شاهانه اش سرفراخت

ميان گورهش سر افراز ساخت

1052هه ۾ شاهجهان جي خدمت ۾ حاضر هو، جتي 12 محرم جو کيس ”هزاري“ منصب مليو. ”بادشاهه نامه 290/2“  1 صفر 1052هه جو بادشاهه جي خدمت مان رخصت ٿي احمد آباد پيءُ وٽ پهتو، ۽ بادشاهه جو پڻس لاءِ عطا ڪيل هاٿي به ڪاهرايو ويو. 1057هه ۾ 3 محرم جو سندس منصب وڌي ”15 صدي، ٿيو_

جيڪو منصب پوءِ آخر تائين قائم رهيس.

1061هه ۾ جڏهن سندس والد رٽائر ڪيو، تڏهن سندس جاءِ تي هي سورٺ جو فوجدار ٿيو، جتي 1064 تائين قائم رهيو، ۽ ان کانپوءِ اها چارج نظر بهادر جي پٽن کي ملي، جيئن مٿي ڄاڻائي آيا آهيون.

”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جي وفات کانپوءِ ٽيهين سال شاهجهانيءَ (1066هه ) ۾ محمد صالح کي سيوستان جو فوجدار ۽ تيولدار ڪري موڪليو ويو، ۽ هن مرزا ابوالعالي کان وڃي چارج ورتي. انهيءَ وقت سندس منصب ۾ به اضافو ڪيو ويو_

”بمنصب دو هزاري، دو هزار سوار افتخار برافراخت.“

مرزا صالح گجرات مان روانو ٿي، 3 محرم 1067هه جو سيوهڻ ۾ اچي پهتو، سيوهڻ پهچي انهيءَ تاريخ تي هن جيڪو عريضو شاهي دربار ڏانهن اماڻيو، ان جو نقل خوش قسمتيءَ سان اسان کي هڪ مڪتوبات جي مجموعي مان ملي ويو آهي، جيڪو اسان هيٺ ڏيون ٿا، جنهن مان انهيءَ وقت جي ملڪي حالت به معلوم ٿئي ٿي:

”عرضداشت_ کمترين خانه زادان فد وي محمد صالح آداب بندگي و تسليمات بجا

آورده، ناهيه عزت بدرگاه سلاطين سجد گاه سوده بموقف عرض ايستاده هاي

پايهء سرير خلافت مصير عرض نظر سليماني مي رساند، که بادشاه

دين و دنيا پناهه سلامت.

”اين فدوي چون بسرحد سر کار بکهر رسيد، قيصر نام زميندار

سيوستان آمد، و هجچنينمنزل بمنزل اکثر زميندارن که پيش ازين راه

تمرد مي پيمودند، حلقهء اطاعت و انقياد درگاه خواقين پناه بگوش هوش کشيده رجوع آوردند.

”امروز يکشبنه سيوم محرم الحرام 1067هه درظاهر قصبهء سيوستان

آمده منزل نمود، و مير ابوالمعالي از قلعه بر آمد روانه ڪتبه بوسي شده

سنيه گرديد.  انشآءِ الله تعاليٰ بساعت مختار که هفتم شهر مذڪور باشد،

اين فدوي داخل قلعه مي شود.

”الحمد لله و المنته که مفسدان دست تمرد و قطاه الطريقي کوتاه کرده

در استغفار جرايم ماضيه مي کوشند. و مترددين از سودا گر وغيره که در

عمل فوجداران سابق، بي بدرقه عبور آنها ازين سر زمين متعذر بود، بل

باوجود بدرقه در خوف و رجامي بودند، درين ولا از اقبال ابد اتصال

شاهنشاهي، از مخاطره راه جميعت خاطر حاصل نموده، بشکرانيءَ عطيهء عظميٰ

در موهبت کبريٰ خاقاني، دست دعا بر افراشته، از حضرت مجيب الدعوات

دوام دولت ابد مدت مسئلت مي نمايد. اميدواراست که دراندک روز

به اقبال لا يزال والا، اين کل زمين از لوث وحدر کوته انديشان پاک

سازد، سايه آفتاب عالمتاب بر مفارق خانه زادان تا انقراض عالم تابنده و پاينده باد..

مٿئين مڪتوب مان هيٺين معاملن تي روشني پوي ٿي:

(1)    ابو المعالي جي ڏينهن ۾ بدامني وڌي ويل هئي، زميندار باغي ٿي ويا هئا، ۽ حڪومت سان سندن عدم تعاون ٿي چڪو هو، بدامنيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو واپاري، سوداگر، يا مسافر سلامتيءَ ۽ امن امان سان رستو پار ڪري ڪونه سگهندا هئا.

(2)   غالبن انهن سببن ڪري بادشاهه ابوالمعاليءَ کي بدلي ڪري، ان جي جاءِ تي مرزا محمد صالح کي موڪليو، مرزا جڏهن بکر وٽ پهتو، ته سيوهڻ جو مکيه زميندار قيصر وٽس اچي پيشوائيءَ لاءِ حاضر ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح منزل بمنزل باغي زميندار وٽس پيش پوندا رهيا ۽ حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو واعدو ڏيندا رهيا، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو، رستن جي سلامتي از سرنو بحال ٿي، جنهنڪري آمدرفت بلا خوف و خطر چالو ٿي.

(3)   مرزا 3 تاريخ محرم جو سيوهڻ شهر ۾ پهتو ۽ ساڳئي ڏينهن ابو المعالي قلعي مان نڪري روانو ٿي ويو. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته دستور هي هو ته نئون صوبه دار قلعي ۾ تيسين نه گهڙندوهو، جيسين پراڻو صوبدار قلعي مان روانو نه ٿي وڃي، نئون صوبه دار موزون، مناسب ۽ خير برڪت وارو ڏينهن ڏسي قلعي ۾ داخل ٿيندو هو. مرزا صالح 7 محرم جو ڏينهن قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي عريضي ۾ بادشاهه کي ڏنو آهي.

(4)   1067هه ۾ شاهجهان بيمار ٿيو، جنهنڪري سندس شهزادن ۾ تخت تي قبضي ڪرڻ لاءِ داروگير شروع ٿي. 1068هه تائين اها ڪشمڪش هلندي رهي، تان جو 1068هه جي رمضان ۾ اورنگزيب عليل پيءُ کي بيماري جي بستري تان اٿري نظربنديءَ ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ 1068هه جي پهرين ذيقعده جو باقاعدي پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪري تخت تي ويهي رهيو.

تخت ۽ تاج لاءِ وڙهندي، ڪي شهزادا قتل ٿيا ۽ جي شڪست  کائي، اورنگزيب جي اڻ مڃي ويهي رهيا، ليڪن دارا شڪوه جيڪو شاهجهان جو محبوبن پٽ ۽ سندس وليعهد هو، تنهن جدوجهد ڪانه ڇڏي. چنانچه 7 رمضان 1068هه جو، آگري ۽ ڌولپور جي وچ تي سامو ڳڙهه (فتح آباد) وٽ اورنگزيب هٿان شڪست کائي، هو آگري کان دهليءَ ۽ اتان لاهور فرار ٿيو.

انهيءَ زماني ۾ ”ماثر الامرا“ جي قول مطابق مرزا محمد صالح سيوهڻ جو فوجدار هو، ۽ دارا شڪوه لاهور کان ٿيندو بکر پهتو، ۽ اتان سيوهڻ اچي رهيو هو، عالمگير جا امير لشڪر سميت سندس پٺيان هئا. مرزا محمد صالح شهزادي کي سيوهڻ ايندو ٻڌي، عالمگيري توبخاني جي داروغي “صف شڪن“ ڏانهن نياپو موڪليو، ته شهزادو سيوهڻ کان 5 ڪوهن جي پنڌ تي اهڙيءَ غير دانشمنديءَ سان موڪليو، جو صف شڪن کان اڳ شهزادي کي خبر پئجي وئي، ۽ هو اتان رخ بدلائي ٻئي طرف هليو ويو.

مرزا جي اها ناعاقبت انديشي، بادشاهه جي ڪنن تائين پهتي، جنهن نه فقط کيس معزول ڪيو، بلڪه سندس خطاب ۽ منصب به سلب ڪري ڇڏيائين (”ماثر الامرا“ ج 3، ص 560).(1)

(1)  ”پرشن لٽريچر“ جو مولف سسٽر اسٽوري (ص 655) برٽش ميوزم جي فهرست نگار مسٽر ريو جي حوالي سان لکي ٿو ته مرزا صالح 1041هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿيو، حالاڪه انهيءَ سال هو سورٺ جو فوجدار ٿيو هو، ۽ 1064 هه تائين  اتي رهيو هو.

”ماثر الامرا“ مان ئي اطلاع ملي ٿو ته عالمگير پنهنجي حڪومت جي ٻئي سال تي، سندس منصب وري جاري ڪيو، ۽ کيس ڪڳيل خطاب جي به معافي ڏنائين.

1064هه کان 1066هه تائين، يعني سيوهڻ ۾ فوجدار مقرر ٿيڻ تائين، جي وچ وارو  سال اڌ مرزا ڪهڙي عهدي تي هو، ان جو پتو پئجي ڪونه سگهيو: البته ”ترخان نامه“ جي مقدمي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا سنڌ کان ٻاهر هو ۽ قرين قياس آهي ته راڌڻپور واري جاگير ۾ هو، جتان 1065هه ۾ سيد جلال الدين بن حسيني شيرازيءَ ڏانهن ٺٽي ۾ ترخانن جي تاريخ لکڻ لاءِ، لکي موڪليائين.

غالبن مرزا عيسيٰ جي انتقال بعد ۽ سڄي خاندان جي ختم ٿيڻ سبب مرزا صالح کي پنهنجي اسلافن جي احوال لکائڻ جو خيال ٿيو.”ترخان نامه“ جو مصنف ديباچي ۾ لکي ٿو ته ”مرزا کي پنهنجي اسلافن جي تاريخ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، ۽ ”ترخان نامه“ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ مون ڏي لکي موڪليائين، مان سنڌ ۾ هر هنڌ تلاش ڪئي، ليڪن نسخو ملي نه سگهيو“_

”نامه نگارش فرمود که ترخان نامه ارسال نمايد، هر چند اين خادم فقرا،

تفحص و تجسس نمود در بلدهء سند کتاب مذڪور پيدا نه شد، هيچ کس ازان

نشان نه دارد“.

جنهن کانپوءِ ڏانهس لکي موڪليائين ته نئين سر ترخانن جي تاريخ ۾ڪتاب مرتب ڪري، چنانچه سيد جلال الدين ”ترخان نامجه“ جي نالي سان هڪ تاريخ مرتب ڪئي، جيڪا هن وقت موجود آهي.

مرزا محمد صالح جا ذاتي حالات ملي ڪونه سگهيا، ۽ نه اهو معلوم ٿي سگهيو ته هن ڪڏهن وفات ڪئي ۽ ڪٿي دفن ٿيو، جيڪڏهن اسان ”ذخيرت الخوانين“ جي اها روايت قبول ڪريون ته مرزا عيسيٰ کي پڇاڙيءَ جو فقط هڪ ئي پٽ بچيو، هيڪو سندس وفات بعد سندس وراثت جو مالڪ ٿيو، ته ان حالت ۾ مصنف جيڪو هيٺيون نوٽ لکيو آهي، سو مرزا محمد صالح جي متعلق اسان کي سمجهڻ گهرجي:

”يک پسر مسن معمر يادگاري دارد، مرد يست حريص جمله کيفها و سرود

و نغمه هندي وسندي مائل است، خود هم در علم نظم و نثر، و موسيقي

و نواختن سازها، دستگاهي دارد. و اوقات را بعياشي و بيغمي ميگذارد،

(مرزا عيسيٰ) مدار سرکار خود بر  پيش نام آورده انداخته، اگرچه او را

لياقت اين بارگران و کالت مرزا نبود، اما ز مساعدت طالع ڀرين نوازش

امتياز دارد“. (ص 287)

اهو پويون اشارو غالبن سورٺ جي فوجداريءَ ڏانهن آهي، جڏهن مرزا پاڻ رٽائر ڪيو، ۽ اها جاءِ مرزا صالح کي وٺي ڏنائين. بهرحال مٿين عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صالح نشي باز، راڳ رنگ جو شوقين، ساز سرود جو ڄاڻو، نظم ۽ نثر ۾ ڪامل، سنڌي ۽ هندي سرن ۽ الاپن مان واقف، عياش طبع ۽ آزاد مزاج هو، شيخ فري بکريءَ جو خيال آهي ته هو مرزا عيسيٰ جي قائم مقاميءَ جو هرگز لائق نه هو، ليڪن بخت جي ياوريءَ ۽ طالع جي خوش نصيبيءَ سبب کيس اها جاءِ ملي وئي. انهيءَ راءِ جي ابتڙ، ”ترخان نامه“ جومصنف، پنهنجي ولي نعمت لاءِ هن طرح لکي ٿو:

”آن جوان بخت دولت قرين، بر مسند حکومت و ايالت پدر نامور متمکن

گشته، ايل و الوس و سپاه و رعيت يا نعام  عام خود نواخت، و اهل الله

از سادات کرام و فضلاي عظام و فقرا و صلحا و گوشه نشينان را بالتفات

و اکرام راضي ساخت.“

مرزا عيسيٰ جي رانڪ، جنهن جو  ذڪر ”مڪلي نامه“ ۾ آهي، سڄيءَ مڪليءَ جو نڪ آهي. مير علي شير ”تحفته الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته ان جا پٿر مرزا عيسيٰ هندستان مان موڪليا هئا؛ ارڙهن سال انهيءَ عمارت جي ٺاهڻ ۾ صرف ٿيا، ۽ اڃا مڪمل نه ٿي هئي، جو مرزا جو انتقال ٿيو ۽ ڪم بند ڪيو ويو؛ ورنه مرزا جو خيال هو ته چوڌاري هڪ ٻئي جي مقابل نشيمن به تعمير ڪرائي_

”روبري نشيمن بزرگ، هر چهار طرف نشيمنهاي شايان، بجواب همديگر

ترتيب دهند“. (”تحفته الڪرام“ 99/3)

انهيءَ رانڪ جي تعمير تي، نورائي جاگير جي آمدني خرچ ڪئي ويندي هئي، ابتدائي زماني کان ئي اها جاگير خانداني مقابرن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ مخصوص هئي.

عمارت جي خوبصورت ساخت، ٻه منزالي ورانڊي ۽ نقش و نگار جي دلڪشيءَ، هر دور ۾ ڏسندڙن جو توجهه پاڻ ڏي ڇڪيو آهي؛ ديسي خواه ولايتي سياحن ۽ سفيرن پنهنجن سفرنامن ۾ ان جي بيحد تعريف ڪئي آهي. ڪيترن شاعرن به پنهنجي شعر ۾ انهيءَ عمار کي ساراهيو آهي. مير علي شير ”مقالات الشعرا“ (ص 150) ۾ ”ظاهر“ نالي هڪ شاعر جي قصيدي جا چند شعر نمونتن ڏنا آهن:

رانک مرزا عيسيٰ اندر کوه مکلي طرفه جا ست

در بهاران گوئيا سرچشمهء نور خدا ست

در صفايش هر که بگمارد نظر بي شک و ريب

ديده ديده باليقين ميگويد اينجاي هدا ست

بي تکلف گر کند ناگه گذر رضوان درو

در غلط افتاده گويد آنکه فردوس علاست

چار ديوارش اگر از شش جهت....صفا

باج گيرد در دو چشم منصفان الحق بجاست

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com