سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :14

بسي طالبان راز فيض نظر               شده جانب وصل حق راهبر

زهي آستانش مسرت فزاي                       ز مرات دل زنگ غفلت رذاي

فضاي سرايش فرح بخش روح                 صفاي درش مايهء صد فتوح

غبار مزارش چو کحل بصر                فزائندهءِ روشني در نظر

ز ارباب حاجت هزاران هزار                 رسد در مزارش بليل و نهار

کشد هر کسي درخور اعتقاد                   در آغوش وصلت عروس مراد

در آستانش که بس دلڪشا است               کليد کشائنده ء اي کارها ست

کسي گر بپاي درش سر نهد              گل کام دل را بسر برنهد

خدايا بر اين خاک پاک مزار             سحابي زباران رحمت ببار

برين مستمند دل آواره اي

ز فيض عميمش رسان بهره اي

( ماخذ: (1) معارف الانوار في بيان فضائل سيد الا برار و ائمه اطهار و احوال قطب المختار_مصنف محمد صالح بن ملا ذڪريا _تصنيف 1140هه_ (ڪتاب ۾ جملي 12 بابت آهن، جن مان 6 کان 12  تائين بابن ۾ سيد صاحب جو حال آهي.)  (2) تحفته الڪرام. (3) تحفته الطاهرين. (4) حديقته الاوليا (5) تذڪرته المراد (6) مقالات الشعرا، (7) آداب المريدين (8) معيار سالڪان طريقت. (9) تاريخ معصومي. (10) ترخان نامه. )

3. سيد محمد جلال بن سيد علي اول: سيد علي ثانيءَ جو والد: تفسير، حديث ۽ فقه جو جيد عالم ۽ حافظ“ 66 ورهين جي ڄمار ۾ 903هه جو فوت ٿيو، ”وجعلنا للمتقين اماما“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو، سندس مدفن سيد علي اول جي مقبري کان ٻاهر  ڇٽيءَ ۾ سيد محمد جعفر سان متصل ۽ انهيءَ مزار جي اولهه پاسي کان آهي. باقي سندس احوال سيد مراد جي مٿي ڏنل تذڪري ۾ ڏسڻ گهرجي.

4. شيخ عيسيٰ لنگوٽي بند: اصل برهانپور (سي. پي. انڊيا) جو هو. سمن جي آخري زماني  (ڄان نندي جي دور ) ۾ ساموئيءَ سان متصل مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچي  مقيم ٿيو، جتي هن وقت سندس مزار آهي، اهو ئي سندس حجرو هو: زندگي ۾ به ان ۾ رهيو، ۽ وفات بعد به اتي ئي دفن ٿيو، انهيءَ حجري ۾ درس به ڏيندو هو، جتي ڪيئي طالب علم روزانو کانئس علمي ۽ روحاني فيض پرائيندا هئا. علامه نعمت الله عباسي انهيءَ مدرسي جو فيض يافته هو. انهيءَ ئي مدرسي ۾ پير مراد شيرازيءَ جي جد بزرگوار سيد محمد شيخ عيسيٰ ۽ قاضي نعمت الله سان پهرين ملقات ڪئي. سيد محمد حسين پير مراد شيرازي 831هه ۾ پيدا ٿيو، ان وقت شيخ عيسيٰ سندس زيارت ڪئي، سندس مريد ٿيو ۽ چيائين ته مان زنده فقط پنهنجي مرشد جي زيارت لاءِ هئس؛ چنانچه ٽن ڏينهن بعد بزرگ برقعو مٽيو (تحفه الڪرام“_184)، ۽ پنهنجي حجري ۾ دفن ٿيو. مير علي شير ”مقالات الشعرا“ ۾ هيٺيون شعر سندس نالي نقل ڪيو آهي:

قيد باشد حڪيم در ره دوست           دو گزک بوريا و پوستکي

گر تو آزاده اي بس است ترا           دلکي پرز درد دوستکي (ص 178)

شيخ حماد جماليءَ سان به شيخ جون رهاڻيون هيون، (ڏسو ”تحفته الڪرام“ ”مقالات الشعرا“، ”تحفته الطاهرين“، ”معيار سالڪان طريقت“ ۽ ” حد يقته الاوليا.“)

شيخ جو قبو سيد عليءَ جي مقبري جي اتر اوڀر ڪنڊ تي جبل جي لاهيءَ وٽ آهي؛

مقبرو هن وقت زبون آهي.

(5) ساموئي:  محمد محمد طور جي برباد ٿيڻ بعد سومرن سلطانن ڪلان ڪوٽ کي گاديءَ جو عارضي هنڌ بڻايو، سمن جي جڏهن حڪومت ٿي، تڏهن مڪليءَ جي اتر ۾ جيڪو هن وقت نشيبي علائقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان ۾ هنن پنهنجي دارالسلطنت  ٺاهي، ان جو نالو ”ساموئي“ رکيائون، انهيءِ شهر جي ڦٽڻ بعد ٺٽو گاديءَ جو هنڌ ٿيو.

اها سرزمين هن وقت ويران پئي آهي، شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مزار انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهي ۽ شاهه مراد جي قبرستان کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ملا لٽر ( ملا عبدالرحمان) جي مزار به انهيءَ ئي نشيبي سر زمين ۾ آهي. انهيءَ شهر ۾ ست ستيون ڀينرون رهنديون هيون، جن جي پڻ زيارتگاهه اڃان تائين اتي موجود آهي. (تحفته الڪرام“ ص 182_3)

(6) شيخ حماد جمالي بن شيخ رشيد الدين: شيخ جمال اوچيءَ جي نياڻيءَ جو ڏهٽو هو،. ساموئيءَ ۾ سندس خانقاه هئي،  سمورو وقت حجري ۾ منهن ڍڪيو ويٺو هوندو هو، حجري جي ٻاهران  شاگرد اچي ويهندا هئا، ۽ شيخ اندران ويٺي کين درس ڏيندو هو.

مير ”قانع“ جو قول آهي ته (ڄام جوڻي جي زماني ۾)، ڄام تماچي  ۽ ڄام صلاح الدين سان شيخ جي محبت  هوندي هئي، ۽ ٻنهي شهزارن کي به ساڻس بي انتها عقيدت هئي، ڄام جوڻي انهيءَ خوف کان ته متان شيخ کين حڪومت ماڻڻ جي دعا ڪري، ٻنهي شهزارن کي ڪنهن بهاني سان دهليءَ قيد ڪري موڪلي ڇڏيو. ڄام تماچيءَ جي والده، روزانو شيخ جي خانقاه تي حاضر ٿي، شهزادن جي واپسي لاءِ دعا گهرندي هئي، هڪ ڏينهن شيخ جذبي ۾ اچي ڪي سنڌي بيت پڙهيا، جن ۾ نه فقط  سندن موٽڻ جا دعا هئي، بلڪه حڪومت ماڻڻ جي به بشارت هئي، چناچه جلد ئي شهزادا نه فقط واپس آيا، بلڪه کين حڪومت به ملي (تفصيل ڏسو تحفته الڪرام“، 182_183_3). ڄام تماچيءَ تخت تي ويهندي، شيخ جي خذمت ۾ وڏي رقم خانخاه جوڙائڻ لاءِ پيش ڪئي، شيخ، مڪليءَ تي انهيِءِ رقم مان هڪ عظيم الشان جامع مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ به ڄام نظام الدين جي مقبري  جي سامهون خسته حالت ۾ موجود آهي، شيخ مسجد ٺهڻ بعد سمن کي حڪم ڪيو ته آئيندي پنهنجا مقبرا مسجد جي آسپاس ٺهرائين_ پهريون سندن قبرستان پير آر _پير پٺي) تي هوندو هو_ ان کانپوءِ مڪليءَ جي پهاڙ تي مقابر ٺهڻ لڳا( ”تحفته الڪرام“ ص 183) مسجد مڪليءَ جو نالو به شيخ ئي تجويز ڪيو (”تحفته الڪرام“ ص 185) مقالات الشعرا“ ۾ آهي ته شيخ بدن تي ڪپڙو ڪونه اوڍيندو هو، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ کٿيءَ جو هڪ ٽڪر ٻڌي ڇڏيندو هو: ۽ هڪ ڳوڻ جو ٽڪرو رکندو هو، جنهن تي رات جو سمهندو هو_

”وضع شيخ سروپا برهنه پارا اي نمد ستر پوش و بورياي فرض بود“

(”مقالات الشعرا“ ص 78).

پنهنجي حسب حال هيٺيون شعر چيو اٿائين:

دو گزک بوريا و پوستکي            دلکي پرز درد دوسکتي

اينقدر بس بود جمالي را                عاشقي رند لا ابالي را (1)

”حديقته الا وليا“ جي مصنف، بزرگ جو احوال هنن القابن سان شروع ڪيو آهي:

”آن صاحب کشف و کرامت، و ان جليل القدر عالي مرتبت، سر خليل

مبارزان طريقت، سر دفتر عارفان حقيقت، خداوند خصائل مرضيه،

جامع کمالات علميه و عمليه، محرم خلوت خانه قدس، بار يافتهء مجلس

انس، سرمست جام وحدت، غريق در درياي معرفت، محبوب ذوالجلالي

شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي.“

بزرگ جي مرتبي ۽ ولايت، سلوڪ ۽ ڪرامت جو ذڪر ڪندي، ساڳيو مصنف لکي ٿو:

”خورشيد فيضان الاهي، و مکاشفه ھير متناهي، به نوعي بکاشانهءِ وي پرتو

انداخت که جميع اسرار عالم ملک و ملکوت بروي  مکشوف ساخت، تا انکه

هر روز صمد تلاميذ دانش اندوز از مجلس آن شمع دل آفروز اقتباس انوار

مسائل علوم مي نمودند ، و بذريعه ان تشبث اذيال مطالب و مقاصد دين و دنيا حاصل کرد ندي.“

(1)  تذڪرن اهو شعر، ”سير العارفين“ جي مصنف شير جمالي دهلويءَ جي نالي منصوب ڪيو آهي_

(ڏسو ”رياض الشعرا“ (واله داغستاني)، قلمي ورق 16، ڪتبخانه مير نور محمد خان ٽالپر. شيخ حماد جو مقبرو مسجد مڪليءَ جي اتر اولهه ۾ مسجد جي نزديڪ نهايت زبون حالت ۾ موجود آهي. ”مقالات الشعرا“ جو صاحب لکي ٿو ته

”مزار متبر که اش در کوه مڪلي پهلوي جام ننده و جامع مکلي مطاف اهل الله است.“

(7) جامع مسجد مڪلي: ”تحفته الڪرام“ جي قول مطابق اها مسجد شيخ حماد جماليءِ ٺهرائي. انهيءَ مسجد ٺهڻ بعد سمن سلطانن مڪليءَ تي پنهنجا مقابر ٺهرائڻ شروع ڪيا. هن وقت مسجد جون ديوارون ۽ ڇت  جون ونگون سلامت آهن، باقي سڀڪجهه زبون ٿي ويو آهي.، ديوارن جي اوچائي   ۽ ونگن جي ساخت مان مسجد جي عظمت ۽ فنڪاريءَ جو اندازو ٿئي ٿو، پاڪستان جي محڪمهءِ آثار قديمه جي ڪارپردازن مسجد جي باقي بچيل آثارن جي تازو مرمت ڪرائي آهي، انهيءَ مسجد جي اتر_اولهه ۾ شيخ جمالي جو مقبرو چيو وڃي ٿو. مسجد جي ٻاهران محراب سان لڳ ”مائي مڪليءَ (؟)“جي مزار آهي، قاضي عبدالله جي مزار به اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ آهي.

(8)قاضي عبدالله بن تاجيه (تاجو): اصل سيوهڻ جي قاضين مان هو، سندس بزرگ، عباسي خليفن طرفان سنڌ ۾ آيل گماشتن جو اولاد هئا، قاضي صاحب، بقول ”تحفته الڪرام“،

”در علم و اتقا مرجع کامل و مقصد اکمل بوده“.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين (المتوفي 914هه) جي زماني ۾ سندس لاش مڪليءَ ۾ ظاهر ٿيو، ۽ اهل مڪاشفه ۽ اهل دل بزرگن خواب ۾ سندس مدفن جو نشان پتو ڏٺو. انهن ئي بزرگن مان ڪنهن خواب ڏٺو، جنهن ۾ کيس معلوم ٿيو ته جنازي جي نماز هو پڙهائي، جنهن شعور جي عمر ۾ پهچڻ کانپوءِ بي وضو آسمان ڏانهن نهاريو هجي، ۽ نه سڄي عمر پنهنجي اوگهڙ ڏٺي هجي، آسپاس ڳولا ڪئي وئي، ليڪن انهيءَ مرتبي جو ڪو ماڻهو هٿ ڪونه آيو. آخر ڄام نظام الدين پاڻ جنازي جي نماز پڙهائي، ڇاڪاڻ ته هو بادشاهه انهن ٻنهي وصفن جو حامل هو (تحفته الڪرام“ ص 52)

قاضي جو مبرو، تحفته الڪرام جي روايت مطابق، شيخ حماد جي مقبري جي پٺ ۾ آهي. ”مڪلي نامه“ ۾ مير علي شير لکي ٿو ته مسجد مڪلي جي هڪ طرف ڄام نظام الدين جي رانڪ آهي ۽ ٻئي طرف کان قاضي عبدالله جو مقبرو آهي، ٻنهي روايتن کي سامهون رکي ڀانئجي ٿو ته مسجد جي اتر_اولهه ۾ جيڪي زبون قبرون آهن، جن مان هڪ شيخ حماد جي روزانو، ۽ خاص طرح خميس جي ڏينهن، انهيءَ بزرگ جي مقبري تي حاضر تي ڪسب ڪمال ۽ انشراح قلب و ذهن لاءِ دعا طلبي ڪندا هئا، (تحفته الڪرام“، ص 216).

(9) ڄام نظام الدين: سنڌي، قرب ۽ محبت وچان، هن کي ڄام نندو (1) ڪوٺين ٿا. سمن جي خانوادي جو آخري حڪمران هو، جنهن 25 ربيع الاول 866هه کان 914هه تائين، سنڌ جي نه ڇڙو ملڪ تي فرمانروائي ڪئي، بلڪه ماڻهن جي دلين تي به تاجداري ڪئي، کانئس پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ خانه جنگي شروع ٿي؛ 914هه کان وٺي 927هه تائين، سنڌ تي ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪهرائي آيو، ڪڏهن فيروز سبي ۽ قنڌار کان ارغونن کي چاڙهي آيو: ارغونن نه فقط صلا ح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾ ختم ڪيو، بلڪه فيروز جي به پڄاڻي آڻي آخرڪار سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.

(1) ڄام نظام الدين جي مقبري جي اترين ديوار تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان سندس نسبنامي تي روشني پوي ٿي:

”هنذه مرقدآ ببناءِ القبته الفريعته _المنيعته السلطان الاعظم و الخاقان الا عدل الاڪرم ناصر الحق والدنيا والدين ابو الفتح السلطان فيروز شاهه، عليٰ متقد ابيه البنيه السلطان رڪن الدين شاهه، بن_ سلطان فيروز شاهه خلد الله ملڪ_ و روح روح المدفونين فيها_ في تاريخ خمس عشر و تسعماته الهجرته“

انهي ڪتبي مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته مقبرو ڄام فيروز 915 ۾ ٺهرايو، اها روايت غلط آهي ته ڄام نظام الدين زندگيءِ ۾ انهيءَ مقبري کي ٺهرائي ڇڏيو هو.

نسبنامي جي سلسلي ۾ اهو ڪتبو ناهيت ئي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ سمن جي نسبنامي ۽ بادشاهن جي سلسلي ۾ ازخد پيچيدگيون پيل آهن. ٻيو هڪ ڪتبو به انهيءَ سلسلي ۾ نادر آهي: ڄام نظام الدين   جي پٽيلي وزير ۽ سپهه سالار دريا خان جو مقبرو، جنهن کي ”مبارڪ خان“ جو خطاب هو، ڄام نظام الدين جي مقبري جي قريب آهي: ان جي ٻاهرينءَ چوديواريءَ جي ڏاکڻي دروازي مٿان هيٺيون ڪتبو آهي، جنهن ۾ پڻ اهو ئي نسب نامو مرقوم آهي؛

”هذه المقام باسر خان العظم مبارڪ خان، بن سلطان نظام الدين شاهه، بن صدر الدين شاهه، بن صلاح الدين شاهه، بن سلطان رڪن الدين شاهه، و هو المظفر علي مغلان، الهري_ و القند هار، ڪتبه قطب الدين بن محمود_احمد بن دريا خان غفر الله له_“.

اهو مقبرو سن 895هه ۾ دريا خان پاڻ ٺهرايو هو، جنهن جي تصديق هيٺئين ڪتبي مان ٿئي ٿي. جيڪو اوڀر واري دروازي تي اڪريل آهي:

”هذه المقام في زمان خان العظم شان، مبارڪ خان، بن سلطان نظام الدين شاهه، سخي حبيب الله آعاز بنياد من جمادي الاول سن خمس و تسعين م ثمانمايته“

پهرئين ڪتبي ۾ هري ۽ قنڌار جي مغلن تي فتح حاصل ڪرڻ جو اشارو آهي: اها فتح بقول ”فرشته“ پهرئين ڪتبي ۾ هري ۽ قنڌار جي مغلن  تي فتح حاصل ڪرڻ جو اشارو آهي: اها فتح بقول ”فرشته“ دريا خان کي سنه 895هه ۾ حاصل ٿي هئي، جنن ۾ شاهه بيگ  ارغون جو ڀاءَ سلطان محمد مارجي ويو ۽ سندس لشڪر کي شڪست فاش ڏني، سيويءَ تي ٻيهر قبضو ڪيو ويو، مير معصوم مقابلي جي جاءِ جو نالو ”جلوه گير“ لکيو آهي، جيڪو در اصل ”جلوگير“ آهي ۽ دره بولان ۾ بيبي نانيءَ جي ويجهو آهي، دريا خان، ڄام نظام الدين جو منهن ٻوليو پٽ هو، تنهن ڪري پاڻ کي ”بن ڄام نظام الدين “ سڏائيندو هو.

ڄام نندو نهايت ئي نيڪ، ڪردار  ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان هو، جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر خواه فهم و فراست ۾ سندس ڪو مٽ ۽ ثاني  ڪونه ٿيو، سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ رحمت ثابت ٿي، ملڪ ۾ امن امان هو، خير برڪت جو جواب ڪونه هو؛ سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا، سڄو ملڪ ريان کيان هو: دينداري ۽ دنياداري ٻئي ملڪ ۾ گڏو گڏ هيون“ ديني ۽ دنوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ انتهائي عروج تي هئي، مدريا ۽ خانقاهون آباد، راج رعيت، امير خواه سپاهي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا، جيسين پاڻ زنده هو، تيسين ڪنهن به ڌارئين کي جرات ڪانه ٿي، جو سنڌ ڏانهن اکيون کڻي نهاري.

ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جون ڪيئي ڪهاڻيون سنڌ ۾ مشهور آهن، تاريخ ۾ خود ان جا ڪيترائي مثال محفوظ آهن، قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي هن ڪري پڙهائي، ته هو سموري زندگي باوضو رهيو هو، ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون، انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيز گاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙهائي، تاريخ ۾ آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ويندو هو، ته جانورن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو:

”خدا اهو ڏينهن نه ڪري، جو آءُ، سواءِ غزا جي اوهان جي پٺيءَ تي سواري ڪريان؛ دعا آيه ته ڪنهن به مسلمان جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ءِ ڪندي نه وهي؛ آءُ انهيءَ سلسلي ۾پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نه ٿيان!“

سندس هيٺئين رباعيءَ مان به سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پوي ٿي:

اي آنک ترا نظام الدين مي خوانند      تو مفتخري که مرا چنين مي خوانند

گر در ره دين از تو خطائي رفته       سک نيست که ترا کافر لعين مي خوانند

سڀني مورخن، سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف ڪئي آهي، ۽ سندس دور کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪيءَ  ۽ دينيءَ ۽  ديني بلنديءَ جو دور لکيو آهي.

”معصومي“ جو مصنف لکي ٿو:

”در اوائل حال، طلب علم مي نمود، و در مدارس و خوانق ميگز رائيده.

و بغايت متواضع و خليق بود، بصفات پسنديده و اخلاق حميده متصف

و زهد و عبادت بدرجه کمال داشته.“

آخر ۾ لکي ٿو ته

”و فضيلت و حالت او زياده ازان بود که شمه اي ازان تحرير توان نمود.“

”ماثر رحيميءَ“ جو مصنف لکي ٿو ته سنڌ ڇا بلڪه سموري هندستان ۾ به جهڙس ديندار مفقي، ۽ صاحب فضيلت بادشاهه ڪونه ٿيو.، اڪبري دور جي انهيءَ مورخ جو اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي:

”درمان سلاطين سنڌ، چه که درميان سلاطين هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“

ساڳيو مصنف لکي ٿو ته سندس دور ۾ عالم، بزرگ، فقير سڀ خوش خرم ۽ رعيت خواه سپاهي فارغ البال ۽ آسوده حال هئا.

”در زمان دولت اهو، علمه و صلحا و فقرا، در نهايت فراغت اوقات مي گذ رانيد ند، و سپاهي و  سپاهي و رعيت آسوده حال و مرفع الحال بود ند.“

”مڪلي نامه“ جو مصنف، ”تحفته الڪرام“ ۾ رقم طراز آهي:

”در زمانش علما و سادات و صلحا و عموم خلق الله برفاهيت کلي،

گذرانيده، احياي سنن بنوعي شيوع يافت که احدي بدون صوم و صلوات نبودي.“

سندس دور جي فراغت ، خوشحالي، امن ۽ راحت جي شهرت اوري پري جي ملڪن تائين مشهور هئي، اهو زمانو ايران ۾ خاص طرح بادشاهه گرديءَ جو هو، تنهنڪري سنڌ جي سڪو ۽ سلطان جي سرپرستيءَ ڪيترن علمائن ۽ فنڪارن کي سنڌ ۾ آڻي پهچايو. پنهنجي وطن کي خير باد چئي، هنن علم ۽ عمل جو چراغ هتي اچي روشن ڪيو، مولانه عبدالعزيز ابهري، پنهنجي سموري خاندان سميت هتي آيو، ۽ پهچڻ سان علومن جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، سون طالب العلمن جي آس ۽ پياس پوري ڪيائين، علامه جلال الدين دواني سنڌ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو، راه خرچ به پهتو، ليڪن عمر رسيدگيءِ سببن سفر جي صعوبت برداشت ڪري نه سگهيو. هن پنهنجا ٻه جيد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين، موڪلي ڏنا، جن پڻ پهچي ديني ۽ دنيوي علومن جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بهرو ورتو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان جي سمي ۾ ڪيترا بيروني خاندان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، جن شاهي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي وڏو فائدو رسايو.

ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ فقط پنهنجي هم مذهب رعيت سان نه هو، بلڪه سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي، تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دور ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا، عام هندو به مسلمان رعيت وانگر خوشحال ۽ فارغ البال هئا. مذهبي دوئي ۽ ديني دنگا فساد اصل ڪونه هئا، بلڪه انهيءَ قسم جو تصور به موجود نه هو.

سلطان پنهنجي چوڌاري، مجلس خواه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا؛ وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس  متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو غلط قسم جو ڪونه ٿو ملي، دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو؛ بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا، پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين ۽ اعليٰ پيماني تي کيس تربيت ڏنائين: معمولي ملازم جي درجي تان کيس مٿي چاڙهيندي چاڙهيندي، وزير اعظم جي عهدي  تائين رسايائين: سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد ڪيائين: ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا خطاب ڏئي، سندس مرتبو بلند ڪيائين ۽ آخر به کيس پنهجي فرزندگي سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءِ جي آخري منزل تائين پهچايائين، مردم شناس سلطان جي انهيءَ منتخب ڪيل ماڻهوءِ پنهنجي ڪارڪردگي سبب، بادشاهه جي زندگي ۾ ته نمڪ هلالي ڪندي ڪندي، سموريءِ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو، بلڪه سلطان جي وفات کانپوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزاديءِ لاءِ پورا 12_13 سال مسلسل جدوجهد ڪيو ۽  پنهنجي جئري مغلن کي ٺٽي ۾د اخل ٿيڻ نه ڏنائين،ٺٽي جي دروازي اڳيان لڙندي لڙندي جڏهن پاڻ شهيد ٿيو، ان کانپوءِ ٺٽي جپ ڇا، بلڪه پوريءِ سنڌ جو دروازو غيرن جي غلاميءَ لاءِ کلي پيو، انهيءَ قسم جي مردم شناسيءِ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم، ۽ سموري سنڌ ريان کيان هئي.

ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي آهي، تعميري فنڪاريءِ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي، تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪ ٻئي ۾ ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيو ويو آهي، جو تعميري تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، تعمير ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي اثر موجود آهي؛ ۽ انهن سڀني طرزن جو هڪ گڏيل گلدستو تيار ڪري، ٺهرائيندڙ پنهنجي ڪشاده دلي، وسعت قلبي ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي: از ان سواءِ انهيءَ تعمير مان اسان کي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مقبري جي بانيءَ کي فنون لطيفه سان ڪيتري قدر دلچسپي هئي ۽ هن پنهنجي ذوق جي آسودگيءَ لاءِ ڪيڏو شاهڪار تخليق ڪيو آهي.

اترينءِ ديوار تي لڳل ڪتبي مان، جنهن جو ذڪر فٽ نوٽ ۾ ڪيو ويو آهي، معلوم ٿئي ٿو ته سندس انتقال بعد ڄام فيروز اهو مقبرو ٺهرايو، تعمير مڪمل ئي نه ٿي سگهي، جو سنڌ ۾ تخت تاج لاءِ جنگ  و جدل شروع ٿي ويو، جنهنڪري نه گنبد ٺهي سگهيو، ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ٿيو. اندر 4 قبرون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو لڳل ڪونه آهي، جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته منجهانئن انهيءِ خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرام گاهه ڪهڙي آهي.

(10) پير شيخ جيئو ولد شيخ نعت الله: اولاد شيخ بهاءِ الدين ملتاني، سندس والد سمن جي پوئين زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي مستقل قيام ڪيائين. ”تحفته الڪرام“ ۾ مير علي شير لکي ٿو ته شيخ نعمت الله وڏي ڪرامت ۽ ڪمال جو بزرگ هو_

”وجود مسعود ش بوفور کمال و فرط کرامت محض نمعت خدا بوده. (748)“

سندس مزار شيخ جيئي جي پٺيان آهي،. شيخ جيئو به پنهنجي والد بزرگوار وانگر وڏو ڪانيءَ ڪرامت جو صاحب هو، ولايت  ۽ عرفان جي ڪمال سبب سندس لقب ”چراغ مڪلي“ مشهور ٿيو، سنڌيءِ ۾ ”شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو“ کيس سڏيندا آهن. سڀ ڪجهه ماه، پهرئين سومر تي، قديم زماني کان وٺي اڄ تائين سندس مقبري تي ميلو لڳندو آهي. ”تحفه الڪرام“ ۾ آهي ته

”هر سال بتاريخ موصوف مجمع ترک ممهد گر ديد خدام از شهر و بيرون

است. آنجا ايا نمايند، و فقيران وجد و سماع آغا زند، غريب حالتي

مشاهده گردد“.

مير صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته

”در تمام کوه مڪلي ايب درگاه بفرط نورانيت مستشنيٰ است. اهل زيارت باستمداد همتش فائز حاجتند”. (248)

شيخ عليه رحمته جي مزار  مٿان وڏو قبو آهي. اندر ڪيتريون قبرون آهن، جن مان ڏاکڻي طرف کان شيخ جي مزار علحده آهي. سندس مقبري جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي. اڄ ڪالهه مقبرو مرمت طلب آهي؛ امڪان آهي ته چند سالن ۾ ديواريون ۽ گنبذ ويهي وڃن.

(11) پير آسات: مخدوم عربيءَ (المتوفي 980هه)  جو ڀاءُ، بقول ”تحفته الڪرام“ ”سالڪ مجذوب و اصل محبوب“، مخدوم ميران جو نپوري جو معتقد هو، هالا سندس وطن هو، ليڪن هن بزرگ ٺٽي ۾ وقت گذاريو. وفات به اتي ڪيائين، مڪليءَ تي دفن ٿيو. هن وقت سندس مقبرو ڊٺل ۽ ڦٽل، رستي جي رند تي عبدالله شاهه جي قريب آهي.

(12) مرزا خسرو خان چرڪس: ترخاني دور جو امير ڪبير، ملڪي سياست ۽ سلطنت جي نظام ۽ انتظام تي حاوي هو، مرزا جانيءَ جي دور ۾ خاص طرح هن جي وفات کانپوءِ اهو ئي هڪ امير هو، جنهن ڪلي اقتدار حاصل ڪيو، مرزا غازيءَ ڪمسنيءَ ۾ سنڌ جي واڳ ورتي، جنهنڪري ملڪي ڪاروبار سمورو مرزا خسرو جي قبضي ۾ ڏٺو، ان وقت هن سندس قوت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهنڪري ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيو. هر چند وڏي جدوجده بعد مرزا غازيءَ خسرو جي قوت ۾ ڪمي آندي، ليڪن ان کان پوءِ به سندس اثر ۽ اقتدار ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آيو، مرزا جڏهن قنڌار جو گورنر ٿي ويو، تڏهن مجبورن وري به خسرو کي پٺيان نائب ڪري ويو.

1021هه مرزا غازيءَ اوچتو انتقال ڪيو. غلط فهمي پيدا ٿي ته خسرو جي پٽ ڀائيخان، پيءَ جي رستي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجي ولي نعمت کي زهر ڏيئي ماريو، ليڪن بعد ۾ اها غلط فهمي دور ٿي وئي (1)، انتقال کان چند مهينا اڳ مرزا غازيءَ کي سنڌ مان شڪايتون پهتيون ته خسرو سموري ملڪ جي آمدني پاڻ کائي وڃي ٿو ۽ ملڪ جي بهبوديءَ ۽ سرڪاري خزاني لاءِ پائي به ڪونه ٿو بچائي، مرزا کيس قنڌار گهرائڻ جو حڪم ڪيو؛ خسرو تيار ٿي قنڌار لاءِ روانو ٿيو، ۽ اڃا مس هالن تائين پهتو ته مرزا غازيءِ جي انتقال جي کيس خبر پهتي، موٽي ٺٽي پهچي، هن ترخاني خاندان جي هڪ ڪمسن شهزادي، مرزا عبدالعلي، بن مرزا فرخ، بن مرزا شاهه رخ، بن مرزا احمد باقيءَ کي تخت تي وهاريو. خيال هوس ته تخت نشينيءَ بعد جهانگير بادشاهه کان مسند گهرائي وٺندو، ٻيءَ حالت ۾ خطرو ٿيندو ته مبادا جهانگير ڪو ڌاريو امير سنڌ تي موڪلي قرخاني سيادت کي سنڌ مان ختم نه ڪري ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com