عبدالستار لغاري
سنڌي شاعري جو
جديد دور
اسان جڏھن جديد چئون ٿا ته اھو جدت مان نڪتل آهي.
جديد قديم جو ضد آھي.
ساڳئي طريقي سان قدامت ۽ جدت
Relative term آھن، جن جي ڳانڍاپي جو تعين وقت، فن، فڪر، تخيل ۽ ادراڪ وسيلي
ئي ڪري سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”جدت جي لاڙي کي سمجھڻ لاءِ دنيا ۾ گذريل ٽن صدين ۾ جيڪي رجحان آيا، انھن جو
اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.“
(3)
انسان جو فڪر ۽ سندس سوچ تي معاشري جي
علمي ۽ ادبي، سياسي ۽ سماجي تقاضائن جو اثر رھي
ٿو. ان جو فن ۽ نظريو ارتقا ۽ حرڪت مان گذرندو رھي
ٿو. ادب اھو ئي بامقصد رھي ٿو، جيڪو ادب براءِ فن
يا ادب براءِ ادب جي فرسودي لاڙي مان نڪري ادب
براءِ حيات ۽ فن براءِ تنقيد حيات جھڙن روشن خيال
لاڙن کي اپنائي ٿو ۽ انھن کي پنھنجو ڪري ٿو. اسان
جي ادب جو مثبت پھلو اھو آھي، جو اسان جي اديبن
بين الاقوامي صحتمند رجحانن کي نه فقط سمجھڻ شروع
ڪيو آهي. پر انھن کي پنھنجي تحرير ۾ پيش ڪرڻ جي
ڪوشش به ڪئي آھي. اسان جي جديد ادب نه فقط قدامت ۽
رجعت پسندي کان منھن موڙيو آھي، پر تخليق ۽ جدت سان ھم آهنگ به ٿيو آھي.
ان کان به وڌيڪ مثبت پھلو اھو آھي جو اسان جو ادب
اردو يا مغربي ادب کان ايترو متاثر نه ٿيو آھي ۽
پنھنجي عظيم ورثي ڪلاسيڪي ادب
کي تجديد ڪري رھيو آھي. جديد سنڌي ادب جي نقادن ورھين کان وٺي
ائين
لکيو آهي ته جديد ادب اشتراڪيت آھي، ان ۾ فحاشي ۽
عرياني آھي. جديد سنڌي شاعري لاءِ ائين چيو ويو ته ان ۾ ڪفر لامذھبيت جي پرچار
آھي، ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ شيخ اياز کي ڀوڳڻو
پيو.
جديديت جي شروعات ڪڏھن ٿي؟ ان بابت يورپ جي ڪن نقادن 1880ع کي
جديديت جي ابتدا جو سال ڄاڻايو آهي.
ھي تحريڪ اوڻھين صدي جي پڇاڙي ۾ اڀري ۽ ويھين صدي
جي شروعات ۾ مڪمل اوج ماڻيو.
ھن تحريڪ جي شروعات فرانس کان ٿي، اتان کان اھا
تحريڪ آئرلينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن کان ٿيندي آمريڪا
تائين پھتي. 1910ع کان 1925ع تائين عرصو جديديت جي
عروج جو عرصو آھي. جديديت جي ان تحريڪ ۾ علامت
نگارن جو سمورو ورثو به شامل آھي. جديديت جي تحريڪ
پورن پنجويھن سالن تائين جرمن ادب تي حڪمراني ڪندي
رھي. ننڍي کنڊ ۾ ھي تحريڪ دير سان پھتي، سنڌ ۾
جديديت جي علمبردارن جي سخت مخالفت ڪئي وئي. جديد
سنڌي شاعريءَ پنھنجي ڦھلاءُ
۽ وسعت لاءِ موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽
سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو. جديد سنڌي
شاعريءَ جي تحريڪ ھڪ فطري تحريڪ ھئي، جيڪا اسان جي
شعور جو اڻٽٽ حصو ھئي، اھا ڪا امپورٽيڊ ڪيل شيءِ
نه ھئي، بلڪه سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ قومي حالتن جي
عڪاس ھئي ۽ سنڌ جي سڄاڻ شعور جو نتيجو ھئي ۽ ان
مان ئي اسان جي ادبي تاريخ جو تسلسل جڙي ٿو.
تنوير عباسي لکيو آهي ته:
”ھر
دؤر جي شاعري ان لاءِ جديد ھوندي آھي، ھر دؤر ۾ ڪي
شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇاڻجي وينديون آهن ته وري
ڪن نئين
روايتن جو بنياد پوندو آهي.“
(4)
ون يونٽ جي دور ۾ اسان جي اديبن ۽ شاعرن تمام گھڻو ڀوڳيو، ان
دور ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوھ ھو.
سچ تمام گهڻو مھانگو ٿي چڪو ھو، سياستدان وڪامجي
ويا، موقعي پرست ۽ رجعت پرست اديب ليڪو لنگھي چڪا
ھئا، تڏھن اھي جديد اديب ۽ شاعر ئي ھئا، جن ٻولي ۽
ادب جي محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ ويڙھ ڪئي.
ون يونٽ جي ان قھري دور ۾ اسان جي شاعرن سنڌي
شاعري کي نئون نرالو جذباتي رنگ عطا ڪيو. ان دور ۾
اسان کي سکڻي نعريبازي به ملي ٿي.
اديبن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ ون يونٽ وارو دور
ڏاڍو ڏکيو ھو پر انھن دليري ۽ بھادري سان پاڻ
نڀايو. جديد شاعرن کي ڪجھ نئون اظھارڻ لاءِ ڇا
ڪرڻو پيو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني لکي ٿي ته:
”نئين
ٻولي
Diction
تلاشڻي ۽ تراشڻي پئي. بيان جو نئون انداز اختيار ڪرڻو پيو.
شاعرن کي تجربي جو جوکم کڻڻو پيو. پنھنجي شاندار ماضي جي روايتن سان جڙڻو پيو.“
(5)
جديد سنڌي شاعرن سنڌ جي شاندار ماضي، ھيڻي حال تابناڪ مستقبل کي
پنھنجي سھڻين سٽن جي نئين تجربي، نئين ادراڪ، نئين
شعور ۽ نئين
لطافتن جي ڪارب ۾ ٺاھي سنڌ جي جديد شاعري کي احساس
۽ فڪر جي وسعت عطا ڪئي. اھڙي طريقي سان ئي اسان جو
شاعر وڌيڪ اعتماد ۽ حوصلي سان نئين
راھن تي راھي ٿيو.
سنڌي شاعري جي جديد دور جا ڪجھه شاعر:
1- مير عبدالحسين سانگي: سانگي ٻين شاعرن کان مختلف ۽ منفرد روايتن کي
جنميندڙ آھي. ھن پنھنجي مدي خارج روايتن کي ٽوڙيو
۽
ھن پنھنجي دور جي شاعري کي ھڪ نئين تازگي
بخشي.
اسان جو عشق ٿيو اظھار پنھنجن ۾ پراون ۾،
اسان جو نينھن ٿيو نروار پنھنجن ۾ پراون ۾،
نه ھلجي ناز ۽ انداز جي رفتار نازڪ سان،
سڄڻ سھڻا ڪري سينگار پنھنجن ۾ پراون ۾.
2- ڪشنچند تيرٿ داس کتري: ڪشنچند جو تخلص بيوس ھو.
ھن جديد سنڌي شاعري ۾ پنھنجي ھڪ اھم جاءِ پيدا ڪئي. ٻارن لاءِ ڪافي شاعري لکي اٿس.
سنڌ زنده آھ، جيسين تنھنجو زنده نام آھ،
تنھنجي ڪوتائن کان رھندو تنھنجو نالو پائدار.
3- سڳن آهوجا: سڳن آهوجا فڪري لحاظ کان مارڪسوادي
ھو، ھن عشقيه شاعري به ڪئي آھي.
ڪانه ڪا سڀني کي لڳل آھي،
ساري دنيا جو سک ڦٽل آھي.
4- حيدر بخش جتوئي: ڪامريد حيدر بخش جتوئي سنڌي ۽
انگريزي نثر ۾ به ڪتاب لکيا.
سنڌ سان ٿيل ڏاڍين تي به لکيائين.
ھندي فرزند اٿي روز نظر پيدا ڪر
جو وجھي ٿرٿلو دنيا ۾ اثر پيدا ڪر،
نئون چرخ ۽ نئون خورشيد و قمر
پيدا ڪر،
نئون گلزار ۽ ھٻڪار ۽ ڪر پيدا ڪر.
5- عبدالڪريم گدائي: گدائي عوام جي ڏکن، ساڻيھ جي
سورن، پکڙن ۽ پنھوارن تي بيباڪي سان لکيو آهي.
سفر زندگي جو ڪٺن ھو گدائي،
بھر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.
6- شيخ عبدالرزاق راز: شيخ راز جي ڪلام ۾ بيت،
وايون، نظم، آزاد نظم، غزل ۽ گيت شامل آهن.
عشق جا اظھار ڪيئي ٿي ويا،
حسن جا ڪردار ڪيئي ٿي ويا،
دشت غربت ۾ رليو ٿي ڪاروان
قافلا سالار ڪيئي ٿي ويا.
7- بردو سنڌي: بردو سنڌي سادي طبيعت جو ھو، سندس
شاعري ۾ به سادگي آھي.
اچو ٻارو رھون ٻيلھاڙو،
ڪاٿي آھن جمن جاڙو
اوري آءُ ڙي عارب يار،
عيسيٰ
کي به ڪر ڪوڪار،
موسيٰ
کي وڃي ڪن ۾ چئو
پوي جيئن نه پڻس کي ڪئو.
8- نارائڻ شيام: سنڌ ۽ ھند ۾ ترقي پسند ادب لاءِ
نارائڻ شيام جون قابلِ قدر خدمتون آھن.
ڏسي صورت سانوري، وريو اکين ۾ آب،
ڄڻ روشن آئيندي جو ڌنڌلو ڌنڌلو خواب.
9-کيئلداس فاني: فاني جو ڪلام غزل، نظم، گيت ۽
رباعين تي مشتمل آهي.
پکي وڻ ڇڏي، ڇو اچانڪ اڏاڻا،
ڇڏي ماڪ پنھنجو وڃي ٿيا ويڳاڻا.
10- شيخ اياز: جديد سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز جو ھڪ
الڳ ۽ منفرد مقام آھي.
سدا آھي ساھ کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍؤ بنا ڍوليا، ناھ ساڃھ سونھن جي.
11- تنوير عباسي: تنوير عباسي پنھنجي شاعري ۾ سماج
جي اڻبرابري کي پنھنجو موضوع بڻايو.
نه ڪو مان خدا ۽ نه ڪو مان رسول،
مان تنوير آھيان، پوان شال قبول.
12- نياز همايوني: نياز ھڪ وڏو عالم ۽ قابل ماڻھو
ھو، سندس شاعري ۾ درد سمايل آهي.
آئون نماڻو ھاري زادو، ذات جو ڪوري نانءُ
نياز
سڀ ڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانءُ نياز.
13- ھري دلگير: ھري نظم جو خوبصورت شاعر آھي.
وڻي ٿي اڃا زندگي ڪجھ ڪجھ،
زماني ۾ آ دلڪشي ڪجھ ڪجھ.
14- موتي پرڪاش: غزل ۽ نظم ۾ موتي جو ڪلام جديد
شاعري جو قيمتي ورثو آهي.
منھنجي گھر جي ڀر ۾ ھڪ جھوپڙي،
پنھنجي سر تي مفلسي جا مڻ کڻين.
رات چپ چاپ ۾ سسڪي ايئن،
جيئن کڻي پيو ساھ ڪو دم جو مريض.
15- شمشيرالحيدري: شمشير الحيدري غزل، نظم ۽ آزاد
نظم جو بھترين شاعر ٿي گذريو آهي.
سدا ظلم جي مات چوندا رھنداسين،
سرعام ھر بات چوندا رھنداسين.
اوھان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،
اسين رات کي رات چوندا رھنداسين.
16- استاد بخاري: استاد بخاري جي شاعري ۾ عوامي
رنگ نظر ايندو آهي.
ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان محبت رتي چڱي آ،
ڪوڙي قصي کڻڻ کان ھڪ سٽ سچي چڱي آ.
محبت جي معاملي ۾ سنگت جي سلسلي ۾،
ڳڻتي ڪبي ته ناھي پر جي ڪبي چڱي آ.
17-
راشد مورائي: راشد مورائي جي شاعري رومانيت، حسن
پرستي ۽ وطن دوستي تي مشتمل آهي.
تنھنجي ٻولي آ عوامي يار راشد رس ڀري،
شھر تنھنجي ۾ سدائين سادگي باقي رھي.
مٿي ذڪر ڪيل شاعرن کانسواءِ جديد سنڌي
شاعري ۾ ٻين به ڪافي شاعرن جو ڪم ٿيل آھي، انھن ۾
تاجل بيوس، امداد حسيني، سحر امداد، اسحاق سميجو،
سوز ھالائي، بشير مورياڻي، تاج بلوچ، قمر شھباز،
ايم ڪمل، تاج جويو، خاڪي جويو، مشڪور ڦلڪارو،
عبدالحڪيم ارشد، غلام حسين رنگريز، وفا ناٿن شاهي،
آسي زميني، شريڪانت صدف، ايوب کوسو، شيرل لغاري،
بخشڻ مهراڻوي، وفا مولا
بخش قمبراڻي، فقير محمد ڍول، خليل ڪنڀار،
مسرور پيرزادو، وسيم سومرو، شتاب زرداري ۽ ٻيا
ڪيترائي شاعر شامل آهن.
جديد سنڌي شاعري جون صنفون:
دوھو: اصل ھندي شاعري جي صنف آھي.
قديم سنڌي شاعري جا ڪي بيت دوھا آھن، جديد سنڌي
شاعرن دوھا به چيا آهن.
بيت: ھن صنف کي جديد شاعرن زنده رکيو آھي.
ھي شاعري جي واحد صنف آهي، جيڪا ھر دور ۾ شاعرن وٽ
رھي آھي.
وائي: جديد سنڌي شاعرن ھن صنف سان بخوبي نڀايو
آھي.
آزاد نظم: آزاد نظم فرانسيسي ادب جي علامت نگاري
واري دور جي پيدائش آھي.
سانيٽ: ھي صنف انگريزي شاعري مان آيل آھي.
جسارت الياس جوکيو
ڪوهستاني عورتن جو ڇپجندڙ سنڌي ادب ۾ ڪردار
ترائيل: جديد شاعري جي ھي صنف فرانس مان آيل آھي.
ھائيڪو: جديد سنڌي شاعري جي ھي صنف جپان مان آيل
آھي.
گيت: جديد سنڌي شاعرن ھن صنف سان بخوبي نڀايو
آھي.
نثري نظم: جديد سنڌي شاعرن ھن صنف تي به طبع
آزمائي ڪئي آهي.
مددي ڪتاب
(1) فلسفي جي مختصر تاريخ، اڪبر لغاري،
نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد سنڌ
2003ع.
(2) ايضاً.
(3) سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٻيو، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2005ع.
(4) تنوير عباسي، مقالو، جديد سنڌي شاعري.
(5) شعور شاعر شاعري، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام
شورو سنڌ 2008ع.
سنڌ جو وشال ڪوھستان جيئن پنھنجي
خوبصورتيءَ جي ڪري ڏيھ ۽ پرڏيھ ۾ مشھور آھي، تيئن
ئي ھي خطو علم ۽ ادب ۾ به شاھوڪار رھيو آھي. ھتي
سنڌ جا نامور ليکڪ، استاد ۽ اديب پيدا ٿيا، جن جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جا سنھري باب آھن. مڻيادار مردن سان گڏ
ھتان جون عورتون سگھڙ، سيبتِيون، سياڻيون ۽ سنگھار
(ھنرمند) ته شروعَ کان ئي آھن، پر ھاڻي ڇپجندڙ سنڌي ادب ۾ به سندن ڪردار
شانائتو پيو ڏسجي. اچو ته اھڙين ڪوھستاني عورتن جي
ڪردار جو مختصر جائزو وٺون، جن جي زندگيءَ ۾ سنڌي
ٻولي ۽ ادب سندن سڃاڻپ بڻجي چڪو آھي.
ج.
ع مُنگھاڻي:
سنڌ جي عورت اديبائن جو ذڪر ج.ع منگھاڻيءَ جي ذڪر بنا اڻپورو ھوندو آھي.
ڪوھستان جي ھيءَ ليکڪه پنھنجي لِکڻين ۽ شاعريءَ جي
ڪري تمام گھڻي مشھور آھي. سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچيءَ جي وچ ۾ قائم صدين پراڻي
ڳوٺ حاجي مريد بِڪڪ ۾ جنم وٺندڙ ھيءَ مھانڌيار
عورت نه رڳو سنڌي ادب ۾ پر سماجي رابطن جي ذريعن
جهڙوڪ؛ فيس
بُڪ ۽ ٽوئٽر وغيره تي به سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ڪري
جڳ مشھور آھي. سندس اصل نالو جنت آھي ۽ پاڻ
ڪراچيءَ جي ڪلاسيڪل سيٺ علي محمد بڪڪ جي نياڻي
آھي. ھوءَ سنڌي سَماٽن جي تاريخي بِڪڪ قبيلي جي
مُنگھاڻي پاڙي سان تعلق رکي ٿي. ادب ۾ ھوءَ ھڪ
پابند شاعره ۽ ناول نويس ھجڻ سان گڏ تحقيق جو فن
به ڀليءَ ريت ڄاڻي ٿي. وٽس سنڌ جي تاريخ جو اڻ کُٽ
خزانو ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي ڌرتي ڌڻي سنڌين بابت
انيڪ حقيقتون موجود آھن. پاڻ انٽرنيٽ تي به سنڌ جي
مختلف سماجي مسئلن ۾ اڳڀري نظر ايندي آھي. سندس
ڪتاب نه رڳو سنڌ پر ھند ۾ به ڇپيل ٿا ڏِسجن. ج.ع
منگھاڻيءَ جي لکيل شھرء
آفاق رومانوي ناول ”رُڃ“ کي سنڌي ادب ۾ عالمي
معيار جي ناول طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس خاڪن جو
مشھور ڪتاب ”مانجو ڪوھستان“ سنڌ جي ادبي دنيا ۾
ڪوھستان جي سڃاڻپ ثابت ٿيو. سندس ٻيا به ڪيترائي
مجموعا ڇپيل آھن، جن ۾ ”خسٿوريءَ خوشبوءِ“، ”ڇپر
ڪين ڏي....“، ”شاھ لطيف جي ٻولي، تحقيقي جائزو“ ۽
”رولاڪ خواب“ (شاعري) وغيره تمام گھڻو مشھور ٿيا. کيس ھن وقت تائين
ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آھن. ھوءَ
”سوجھرو“
جي 2003ع کان 2006ع تائين ”ايڊيٽر اِن چِيف“ به رھي. اڄڪلھ مُنگھاڻي صاحبه
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڪا منفرد
تحقيق ڪري رھي آھي.
سنڌي ادب کي منگھاڻي اڪيليءَ جھڙو شاندار
۽
ناياب خزانو ارپيو آھي، اھو اڄ ان
ڪري به ضروري ھو جو عام طور ڪوھستاني
عورتون دنيا جي ڪجھ معاملن (گھريلو سگھڙائپ وغيره)
۾ ته ھونئن ئي مُنڍَ کان وٺي ڀَڙُ آھن پر سنڌي ادب
۾ پير پائڻ ۽ وري شاھڪار ڪتاب لکڻ ۾ جهڙي شروعات ج.ع منگھاڻيءَ ڪئي آھي، اھا ڪيترين ئي عورتن
لاءِ
سنئين واٽ ٺاھي پئي. اھو ئي سبب آھي جو کيس نه رڳو
ڪوھستان پر سموري سنڌ توڙي ھندستان جا ادب دوست
ماڻھو ”جيجي ج.ع
منگھاڻي“ جي پياري لقب سان ڄاڻندا آھن.
سنڌو سنڌي:
ڪوھستان ضلعي ٺٽي جي مشھور ڪاري جبل جي
حَسين واديءَ ۽ جوکين جي تاريخي ڳوٺ مالماڙيءَ ۾
جنم وٺندڙ سُگھڙ عورت سنڌو سنڌيءَ جو اصل نالو
شفقت بانو بنت حاجي محمد جوکيو آھي. جيڪا اڄڪلھ نه رڳو سنڌ جي مختلف مشھور اخبارن ۾ لڳاتار لوڪ
ادب جي مختلف موضوعن تي خوب لکي پئي
۽
سوين ماڻھن جون تنقيدون برداشت ڪري پئي،
پر ھوءَ بي ڊپي ٿي، جَهر جهنگ وڃي، لوڪ ادب جا
موتي به ميڙڻ لڳي آھي. اھو ئي سبب آھي، جو سندس مختلف مضمونن تي مشتمل ھڪ ڪتاب
”پانجو ڪوھستان“ به تازو ”مالماڙي ادبي فورم“ پاران رومي پبلشر حيدرآباد جي
تعاون سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آھي.
جنھن تي سنڌ جي سينيئر اديبن جهڙوڪ:
ج.ع منگھاڻي، تاج جويو، ڊاڪٽر
محمد علي
مانجھي ۽ محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو
جا سنڌوءَ جي قلمي پورھئي بابت زبردست تاثرات لکيل
آھن. ان کان علاوه ان ڪتاب تي سنڌ جي نوجوان محققه
نفيس فاطمه جعفري، ڊاڪٽر طاھره جوکيو ۽ ٻين جا
رايا به لکيل آھن.
سنڌو سنڌيءَ جا مختلف اخبارن ۾ 150 کان
وڌيڪ مضمون ۽ مقالا ڇَپيل آھن، جن ۾ ”ڪارو ڪارو
چوٽو، چِٽمل تيل ڀريو“، ”ڪوھستان ۾ ڪڄاڙو پيو
ٿئي؟“،
”مالماڙي ڪوھستان جون ڇني ڄاريون ۽ ڪاڄ جا منظر“،
”ڪوھستاني عورتن جا ھڏ جوڙ ۽ آڍ مَک جا طريقا“،
”ڪوھستاني عورتون ۽ ڀرت جو ھنر“ کان علاوه ڪوھستان
جي ثقافتي ريتن ۽ رسمن بابت ڪجھ مضمون وڏي اھميت
جا حامل آھن. جڏھن ته سندس وڏي ۾ وڏي خصوصيت اھا
آھي ته، سندس ڳَچُ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪار
ڪوھستاني لھجي ۾ ئي لکيل آھن، جن کي ادبي حلقي ۾
گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه سنڌو سنڌيءَ
جا ذري گهٽ پنج کن ڪتاب ۽ ڪيترائي مضمون، اڻ ڇپيل
حالت ۾، ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھن.
سنڌو سنڌي نه رڳو ھڪ سُڄاڻ ليکڪه آھي، پر سگھڙ، سنگھار ۽ سئوٽي عورت ھجڻ سان گڏ
ھوءَ سماجي طور به ڏاڍو سرگرم آھي. ڪوھستاني نارين
جي رھنمائي لاءِ ”مالماڙي سَرتيون“ ۽ ”ڪوھستان سَرتيون“
جو بنياد وجهي، ھن ڪيترين ئي نينگرين سان رابطا
ڪري منجھن ادبي ذوق ۽ شوق پيدا ڪيو آھي. 2023ع ۾ ھوءَ ”سنڌي ادبي سنگت
شاخ مڪلي“ جي سيڪريٽري به رھي چڪي آھي. اڄڪلھ
”مالماڙي ادبي فورم“ سان گڏ مختلف سماجي ۽ ادبي
تنظيمن ۾ ڪم ڪري پئي. جن ذريعي ھوءَ نه رڳو
ڪوھستان جي ثقافت، ريتن ۽ رسمن جي بچاءُ لاءِ
پاڻ پتوڙي پئي،
پر ”سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي“ جي بقا لاءِ پڻ
ھوءَ نئين نسل جي ڪيترين ئي نوجوان نارين جي ادبي
تربيت به ڪري رھي آھي. جيڪو ھڪ تاريخ ۾ لکڻ جھڙو
ڪم آھي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻن صاحبِ ڪتاب ليکڪائن کان
علاوه ڪوھستان جون ٻيون به ڪيتريون ئي نينگريون
لکڻ جي ڪوشش ڪن پيون. جن مان ڪوثر ملڪ، فلڪ ملڪ،
مُنزه ڀيو، مصباح بشارت جوکيو، نازيه خاصخيلي،
سلمه برھماڻي، ھير کوسو ۽ پارس بتول قابل ذڪر آھن.
اميد آھي ته مستقبل قريب ۾ اھي به پنھنجون تخليقون
ضرور ڇپرائينديون.
حوالا ۽ ذريعا:
1. جوکيو، جسارت، الياس (2021) ڇپر ۽ ڇمر. حيدرآباد: رومي
پبلشرز.
2. سنڌي، سنڌو (2024) پانجو ڪوھستان. ٺٽو: مالماڙي ادبي فورم. |