سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر ريحانه ملاح

 

 

 

لوڪ ڪهاڻين جي پسمنظر، ارتقا

۽ انهن جي ڪردارن جو  سرسري جائزو

 

انسان جي سوچ ويچار، رسمن رواجن ۽ طور طريقن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ۽ اها به حقيقت آهي ته اهي وقت به وقت تبديل ٿينديون آيون آهن. بقول ڊاڪٽر بلوچ جي ته ”لوڪ ڪهاڻي هڪ فقير جي گودڙي آهي جنهن ۾ پنج ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جو اناج توڙي مانيءَ جا ڀور پڻ پيا گڏ ٿين؛ يا لنگر جي ديڳ آهي، جا چڙهي پئي آهي. جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچي وجهي؛ جوئر ٻاجهري، مڱ مٽر، ڪڻڪ تر، چانور چپر، دال بصر ۽ کاڌي جي ٻي ڪا ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڌي اوتري پئي پَچي: ڪنهن پاڻي وڌو ڪنهن ڪاٺيون سيريون، ڪن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙي طرح قندوري قائم آهي. پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ديڳ ڪنهن چاڙهي، ڪڏهن چڙهي ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري پئي ۽ ڪنهن ملائي.“ (2)

 ان راءِ جي روشني ۾ لوڪ ڪهاڻي جي سرجيندڙ جي ڪل ته ڪانه پئي ٿي. پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهي ڪهاڻيون پنهنجي دور جي سادن سودن ماڻهن جي اجتماعي شعور جي اهڃاڻ مثل آهن، جنهن جي ذريعي انساني سماج جي ارتقا ۽ اوسر جي پروڙ ڪري سگهجي ٿي. اهي لوڪ ڪهاڻيون جنن، پرين، ڏائڻين ڀوتن ۽ ديون جهڙن ڏندڪٿائي ڪردارن مان اُسري جانورن، پکين، بادشاهن، راڻين، وزيرن جي حقيقي ڪردارن تائين صدين جو پنڌ ڪري اڄ جي جديد ڪهاڻين جي اڻت ۾ پيڙه جو پٿر مثل اهميت حاصل ڪري ويون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ڪهاڻين ۾ مختلف دورن جي انسان جي زندگي ان جي نفسيات، سوچ ويچار ۽ شعوري اوسر جا عڪس لڪل آهن، جن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان ان قديم گهڻ رخي سماج ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مشڪلاتن، جنگين جي واقعن، محبت ۽ فراق جي مرحلن حق ۽ سچ جي سفر ۾ انسان جي ڳولا، جستجو ۽ جدوجهد جا داستان ملن ٿا.

حڪيم احسن ان بابت لکي ٿو ته ”لوڪ ڪهاڻين قصن ۾ عوامي همدردي، نيڪي بدي، بهادري، تڪليفن، پيڙائن ڀوڳنائن، مسئلن، ماجرن، مشڪلاتن ۽ مختلف انساني روين جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي. انهن جو بيان عوامي رنگ، يعني سادي سولي ٻولي ۾ ٿيل هوندو آهي.“ (3)

دراصل انهن لوڪ ڪهاڻين ۾ انساني سماج جو اوائلي دور جون ڪيتريون ئي نشانيون موجود آهن، جن جي بدولت اسان کي ڪجهه تاريخي حقيقتون معلوم ٿين ٿيون ته انسانن جا گروه ڪيئن متحد ٿيا، قبيلا ۽ معاشره ڪيئن وجود ۾ آيا، انسان ڊپ، خوف، وهم ۽ وسوسن تي پنهنجي عقل، شعور، جستجو، همت ۽ بهادريءَ سان ڪيئن غالب پيو، ڪهڙا ڪردار هن جا مدگار رهيا آهن ۽ ڪهڙا هن جي راهه ۾ رڪاوٽ رهيا آهن؟ انهن جي تصوير انهن ڪهاڻين ۾ چٽي نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ ان جي وضاحت هن طرح بيان ڪئي آهي ته ” لوڪ ڪهاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن عقل جي بلوغت جوانيءَ کان اڳ واري دور ۾، وهم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ ساٺ، منڊ ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن ۽ ڏائڻيون، انسان جي ڪائنات جا اصل اسباب هئا ۽ انهن کي سندن عملي زندگي ۾ وڏو دخل هو جهڙي طرح جهونن دڙن ۽ بڙن ۾ آڳاٽي تهذيبن ۽ تمدن جا آثار مدفون آهن اهڙي طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽن نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن.“4

انهن ڪهاڻين کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي هن ريت آهن :

1- ديومالائي يا ڏند ڪٿائي ڪهاڻيون

2- ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون

3- جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون

4- عشقيه رومانوي ۽ سورويرتا جون ڪهاڻيون

انهن سمورين ڪهاڻين جو واسطو سماجي نفسيات ۽ ان جي مرحليوار ارتقا سان ڳانڍاپيل آهي. شروعاتي ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي ڏند ڪٿائي (ميٿلاجي) ۽ پراسرار ماحول ۽ ڪرادرن تي مشتمل نظر اچن ٿيون. جيڪي تاريخ جي لکت جي رواج کان اڳ جي دور جي نشاندهي ڪن ٿيون، جن ۾ ڪجهه مافوق الفطرت قصا ۽ ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾ ماڻهن جا وهم وسوسا، عقيده، سوڻ، خوف ۽ ڊپ جا ڀيانڪ تصور نظر اچن ٿا. پر جيئن جيئن سماج جو شعور پروان چڙهندو ويو، تيئن تيئن انهن ڪهاڻين جي نه صرف ماحول پر ڪرادارن ۾ پڻ حقيقي انسان جو تصور چٽو ٿيڻ لڳو، گڏوگڏ معاشري جي سوچ لوچ ۾ پڻ وڏو ڦيرو ظاهر ٿيندي نظر آيو آهي. ماڻهو پنهنجي همت ۽ حوصلي سان پنهنجي ذريعي معاش لاءِ محنت مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ شروع ڪيو ۽ ڪنهن غيبي مدد کانسواءِ پنهنجي پاڻ تي ڀائڻ لڳو. ان ڪري ان دور جي ڪهاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي اسان کي انسان جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪيل جتن، محبت ماڻڻ لاءِ ڪيل ڪشالن، قيد و بند ۾ گهاريندڙ نارين جي آزاديءَ لاءَ ڪيل ڪاوشن تي مشتمل نظر اچن ٿا. جن ۾ سچ، سونهن، نيڪي، بهادري جي سوڀ ۽ ڪوڙ، دغا لوڀ ۽ لالچ جي شڪست جهڙا نصيحت آميز سبق ڏنل نظر اچن ٿا. انهن قديم لوڪ ڪهاڻين تي اڄ به اسان جو سماج خاص ڪري ڳوٺاڻو سماج، جن ۾ سگهڙ ڪچهريون، رهاڻيون ۽ گهرن ۾ وري گهر جي وڏڙي ناني، ڏاڏي يا ڪا پاڙي واري رات جو ٻارن جي وندر ورونهن لاءِ اهي ڪهاڻيون کڻنديون آهن ۽ ائين انهن وٽ لوڪ ڪهاڻي جي اهميت اڄ به قائم رهندي اچي. خاص طور تي ديون، پرين، جانورن ۽ پکين جي ڪهاڻين ۾ ننڍڙن ٻارن جي دلچسپي اڄ به ايتري ئي نظر اچي ٿي، جيتري قديم وقت ۾ هوندي هئي انهن ڪهاڻين جي پسمنظر تي نظر وجهبي ته اهي انسان جي ابتدائي زندگي جي اجتماعي سوچ ۽ فڪر جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿيون، جن ۾ ان سماج اندر مروج خيالن، عقيدن، رواجن، وهمن ۽ وسوسن جي تصوير چٽي نظر اچي ٿي.

 اڄ جي شهري سماج ۾ اهي ڪهاڻيون جدت يا نواڻ اختيار ڪري باربي ٽيلس يا فيري ٽيلس جي نالن سان مشهور ۽ مقبول ٿي رهيون آهن. جن ۾ روايتي ڪردار نئين ماحول سان تبديل ڪري پيش ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته ڳوٺاڻي ماحول ۾ اڄ به انهن ڪهاڻين جو ايترو ته اثر آهي جو چانڊوڪي راتين ۾ اڪثر مائرون پنهنجي ٻارن کي اڪيلو سمهڻ کان منع ڪنديون آهن، ته متان انهن تي ڪنهن پري يا جن جو سايو ٿي پوي! سندن اهو وسوسو اڄ به قائم آهي ته خوبصورت ٻار ڇوڪري يا ڇوڪريءَ تي جن يا پريءَ جو اثر ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به هن جديد دور ۾ اهي والدين ٻارن جي اهڙين نفسياتي بيمارين کي تعويذن، ڦيڻن، ڦوڪن ۽ ٽوٽڪن سان حل ڪرائڻ لاءِ مختلف پيرن ۽ فقيرن وٽ کڻي وڃن ٿا.

جانورن ۽ پکين جي ڪهاڻين ۾ اڄ به اسان جي سماج ۾ مور پکي خوبصورتي جي علامت رهيو اچي. ڪانُ ۽ ڪبوتر وري نياپو يا پيغام کڻي ايندڙ ۽ ويندڙ طور مشهور رهيا آهن، ان کان علاوه طوطو، هرڻي، ڳئون، گهوڙو، ٻڪري ۽ شينهن وغيره پڻ انهن ڪهاڻين جا اهم رڪن رهيا آهن. هاڻي ننڍڙا ٻار اهي ڪهاڻيون غور سان ٻڌن ۽ ڏسن ٿا. سنڌي ادب ۾ ”ايسپ جون آکاڻيون“ ان سلسلي جي ئي ڪڙي آهن. ڪتاب ”پکين جي پارليامينٽ“ ۾ پڻ پکين سان منسوب ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون شامل آهن.

سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ٽئين قسم ۾ مذهبي، رومانوي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ داستان شامل آهن. جن ۾ حڪمرانن جي عشقيه داستانن، سنڌ جي سورهيه جوڌن ۽ ڏاتارن جي سخاوت جا قصا جن ۾ مورڙو ميربحر، دودو سومرو، لاکو ڦلاڻي، وڪيو ڏاتار راءِ ڏياچ، ڄام سپڙ وغيره شامل آهن. جن مان ڪيترن ئي تاريخي نيم تاريخي قصن ۽ داستانن کي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي شاعري جو موضوع بنائي، ماڻهن کي عشق الاهي، تصوف، اخلاق، صبر، سهپ ۽ سلامتي سان گڏ ظلم خلاف بهادري سان وڙهڻ جا پيغام ڏنا آهن. ڪيترائي عشقيه تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان اهڙا به آهن جن کي ڪلاسيڪل شاعرن ڪونه ڳايو آهي، پر اهي صدري رواين ذريعي هڪڙي سماج کان ٻئي سماج تائين سفر ڪري پنهنجي اهميت ۽ مقبوليت برقرار رکندا آيا آهن. جن ۾ سڀ کان قديم سڏونت ۽ سارنگا جو قصو ملي ٿو. جنهن کي مورخن قبل مسيح جي آخري دور سان منسلڪ ڪيو آهي. هن رومانوي قصي جو واسطو ننگر پارڪر جي شهر ويرواهه ڀرسان پاري ننگر سان جوڙيل آهي. هن قصي کي پاري ننگر ۽ پارڪر جا ماڻهو عام ڪچهرين ۾ توڙي سگهڙ ڪچهرين ۾ ضرور ورجائيندا آهن ۽ هن قصي تي ڀٽن ۽ چارڻن جا ٺاهيل رومانوي دوها پڻ ڳايا ويندا آهن.

لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار:

سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار پڻ قديم دور جي ماڻهن جي وهمن، وسوسن ۽ ڀرمن تي ٻڌل آهن، جن جو هيٺ فردن فردن ذڪر پيش ڪجي ٿو:

ديو:

ديو لوڪ ڪهاڻين جي مافوق الفطرت ڪردارن مان هڪ آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ڀوائتو ۽ ظالم پيش ڪيل هوندو آهي. ان جي اندر وڏي طاقت سمايل هوندي آهي. هو گهڻين شڪلين جو مالڪ هوندو آهي، وڏو وزن کڻڻ يا طاقتور جانور کي قابو ۾ رکڻ جي مهارت رکندڙ هوندو آهي. بنيادي طور تي هي منفي سرگرمين ۾ شامل هوندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي انسان کي پيڙا ۽ تڪليفون ڏيندو نظر اچي ٿو.

پريون:

پريون لوڪ ادب جي سڀ کان حَسين ۽ جمالياتي حظ بيدار ڪندڙ تصور کي ظاهر ڪندڙ ڪردارن ۾ شامل آهن. جيڪي گهڻي ڀاڱي خوشگوار ماحول جي علامت ۽ مدد ڪندڙ ڪردار ادا ڪنديون آهن. انهن جو ذڪر ڪوهه ڪاف جي شهر جي نالي سان منسوب هوندو آهي. لوڪ ادب جا اڪثر ڪردار انهن جي عشق ۾ مبتلا ڏيکاريا ويندا آهن. اهي پريون مختلف نالن سان ڪهاڻي ۾ شامل هونديون آهن. جيئن نيلم پري اڪثر نيلم جي پٿر جي محل ۾ هوندي، ته سون پري وري سون جي محل ۾ ڏيکاري ويندي آهي ۽ جل پري وري پاڻي ۾ رهندي آهي. اهي پريون ڪهاڻين ۾ ڪڏهن ڪنهن ديو جي قيد ۾ هونديون آهن ته ڪڏهن وري ڪنهن مددگار جي ڪردار ۾ ڪنهن جي مدد ڪندي نظر اينديون آهن. گهڻي ڀاڱي اهي لوڪ ڪهاڻين جي مثبت ڪردارن ۾ شامل هونديون آهن.

ڏائڻيون:

هي پڻ لوڪ ڪهاڻين جا اوئلي ۽ خيالي ڪردار آهن، جيڪي عورتن تي ٻڌل آهن. هنن جو پسنديده مشغلو ڪنهن جو هانءُ ڪڍي کائڻ هوندو آهي. ڏائڻ جي سواري اڪثر چراغ نالي جانور هوندو آهي. اڄ به ڪنهن جي برائي جو مثال ائين ڏيندا آهيون ته ڏائڻ هانءُ ئي کائي ڇڏيو اٿئي!

جن:

جن هڪ اهڙي مخلوق آهي جا نهايت چالاڪ ۽ شاطر آهي. هو باهه جا ٺهيل ڪردار آهن جيڪي بظاهر نظر ڪونه ايندا آهن. پر سندن دهشت آسيب بنجي ڪهاڻي جي ڪردارن جو تعاقب ڪندي کين نقصان رسائيندي آهي. جنن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪنهن منتر جي ضرورت پوي ٿي. اڪثر لوڪ ڪهاڻين ۾ جنن جو ساهه يا روح ڪنهن طوطي يا ڪنهن ڳوڙهي جڳهه تي لڪل هوندو آهي، جن کي لوڪ ڪهاڻي جا مشڪل ۾ گهيريل ڪردار ڳولا ڪري پنهنجو پاڻ کي يا ڪنهن ٻي کي آزاد ڪرائيندي نظر اچن ٿا. لوڪ ڪهاڻين جي انهن غيبي ڪردارن جي اوسر بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”انساني طاقتن جو غيبي طاقتن سان مقابلي ڪرڻ جو خيال نسبتاً پوءِ واري دور ۾ پيدا ٿيو ابتدائي دور ۾ اهڙي مقابلي جي خيال جو اُسرڻ ناممڪن هو، جيئن جيئن معاشرو ترقي پذير ٿيو ۽ انسان جو علم وسيع ٿيو ته وهم ۽ گمان زائل ٿيڻ لڳا. انهيءَ لحاظ سان قصي خوانن پڻ ڪنهن ڪردار جي مقابلي ۾ انسان اچي بيهاريو ۽ ٻنهي جو مقابلو ڪرايو جنهن ۾ اڪثر فتح انسان جي ٿي.“(5)

ڌوتيون ۽ ڌوتا:

 هي انساني سماج ۾ هر دور جا ڪردار آهن. هي ڪردار ظاهري بدصورتي سان گڏ اندر جا پڻ هچارا مڪار ۽ منافقتن سان ڀريل هوندا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي عورتن تي ٻڌل هوندا آهن. هي ڪنهن به مٽ مائٽ جي خوشي برداشت ڪري ڪونه سگهندا آهن. خاص طور تي عاشقن سان ته هنن جو ازل جو وير هوندو آهي. عاشق ۽ ان جي معشوق جي وچ ۾ هي هر قسم جا حيلا هلائي جدائي ۽ فراق جو ڪارڻ بنجي کين نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

سوداگر :

جڏهن سماج مختلف دورن مان گذري قبيلي قوم جي صورت اختيار ڪري ويا، تڏهن ڪهاڻين جا مافوق الفطرت ڪردار حقيقي ڪردارن جي صورت ۾ اُڀري آيا. بادشاه، راڻيون، شهزادا، شهزاديون، وزير سپهه سالار ۽ جادوگر ڪهاڻين جا خاص ڪردار بڻيا آمد ورفت جي وسيلن تجارت کي فروغ ڏنو ۽ ڪجهه نوان ڪردار جهڙوڪ واپاري، سوداگر وغيره پڻ لوڪ ڪهاڻين ۾ شامل ٿيا، جيڪي مال ۽ دولت، هيرن جواهرن جا خريدار ۽ وڪڻندڙ هئا. هي ڪردار ڪهاڻين جي وچين دور ۾ شامل ڪيا ويا. هي مثبت توڙي منفي ٻنهي صورتن ۾ موجود هوندا هئا.

 لوڪ ڪهاڻين جي هن مختصر جائزي مان هي نتيجو نڪري ٿو ته اهي لوڪ ڪهاڻيون انسان جي ارتقا سان گڏ پروان چڙهيون ۽ زمان ۽ مڪان جي تبديلين سان گڏ انهن جي موضوع توڙي ڪردارن ۾ تبديلي آئي آهي. پر ان سان گڏ اها به حقيقت رهي آهي ته اهي پنهنجي وندر، ورونهن، موضوع ۽ مقصد جي لحاظ کان اڄ به ايتريون ئي مقبول ۽ مشهور آهن، جو ڪلاسيڪل شاعري کان وٺي جديد دور جي ادب توڙي شاعري ۾ اهي ڪردار زنده ۽ متحرڪ زندگي جي علامت طور پيش ٿيندي نظر اچن ٿا.

حوالا:

1 مقدمو لوڪ ڪهاڻيون ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو“ 1998ع لاڙ ادبي سوسائٽي بدين ص 88 .

 2 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مقدمو، ”لوڪ ڪهاڻيون جلد 1“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع.

3 ”گجر پائي گج“ علي گل سانگي، گل حيات پبلشنگ هائوس لاڙڪاڻو 1998ع.

4 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقدمو لوڪ ڪهاڻيون جلد 1 سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008 ص 2

5 ايضاً

ڊاڪٽر احسان دانش

 

 

 

شاهه لطيف جي سُر مارئي ۾

هڪ اعلى سماجي قدر وطن دوستي

 

پنهنجي وطن، ديس ۽ ڌرتيءَ سان محبت هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هر مهذب سماج جي سڃاڻپ هوندو آهي. تنهن ڪري وطن دوستي هڪ اعلى سماجي قدر آهي. هر باشعور ماڻهو پنهنجي ديس ۽ ساڻيهه سان بيحد محبت ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڀونءِ جي مٽيءَ جي هڳاءَ کي پنهنجي ساهن ۾ سانڍيندو آهي. ڌرتيءَ سان محبت کي رڳو ڪنهن مادي شيءِ سان محبت تائين محدود نه ڪرڻ کپي، ان حُبَ ۽ پيار ۾ وطن ۽ وطن جي هر شيءِ شامل آهي چاهي اها مادي هجي يا غير مادي. ”انساني جسم جي خمير ۾ هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي شامل آهن ۽ اهي مڙيئي مٽيءَ جا جُزا آهن، تنهن ڪري پنهنجي خمير کان ڌار نه ٿا رهي سگھن. ان حساب موجب انسان جو ان ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ، جنهن مان ڄائو آهي، جنهن مان هو اسريو ۽ نسريو آهي... فطري آهي.“(1) پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ کان پري رهندي وطن جي سڪ ۽ پريت اڃا به وڌي ويندي آهي ۽ هر محبِ وطن ماڻهو جو من سدا پنهنجي وطن لاءِ بي چين هوندو آهي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد لکيو آهي ته ”جنهن ڌرتيءَ تي انسان جنم وٺي ٿو. پلي نپجي جوان ٿئي ٿو. جنهن زمين جو سينو چيري جياپي جو سامان حاصل ڪري ٿو، جنهن خطي جي پاڻيءَ سان پنهنجي رڳن کي ريج ڏئي ٿو، جنهن سرزمين سان سندس ڏک، سک جي وابستگي رهي ٿي، جنهن جاءِ تي وڏڙن جون مزارون ۽ مقبرا آهن، تنهن زمين سان محبت رکڻ هر با وفا انسان لاءِ ضروري آهي. “ (2)

وطن سان محبت، هڪ اهڙي محبت آهي، جنهن جي اڳيان محبت جا ٻيا پهلو ننڍا ٿي وڃن ٿا. فرد ۽ ديس سان محبت جي وچ ۾ انفراديت ۽ اجتماعيت وارو فرق آهي. شاهه لطيف جو سُر مارئي محبت جي اجتماعيت واري تصور سان ڀرپور آهي. هن سُر جي سورمي مارئي، عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ملير ۽ ملير واسين لاءِ جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي ان کي علامت بڻائي ڀٽائي سڄي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪئي آهي. ”مارئيءَ جي روپ ۾ هُن ماڻهوءَ ۽ ڌرتيءَ جي جن روين ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، اهو انسان جي اکين مان جَرُ جاري ڪيو وجھي ۽ جيءَ کي جھُٻو اچيو وڃي. جهڙي ريت انساني چهري جون ريکائون ان جي اندر جي آرسي آهن ۽ ان جي اندر جي احوال کي ظاهر ڪن ٿيون، تهڙيءَ ريت ڌرتيءَ جا حالات ان جي تاريخي ڪيفيت جا اهڃاڻ آهن، انهن کي پروڙڻ ۽ پڙهڻ ضروري آهي. جيڪا به قوم يا فرد انهيءَ ڪيفيت جا اولڙا ۽ ڌرتيءَ جي دانهن ۽ ان جي سوچن جي عمل تي ڪو ڌيان نه ٿا ڌرين ۽ انهن وارتائن کي نه ٿا ووڙين ته اها انهن فردن ۽ قوم جي بدنصيبي ۽ زوال پذيريءَ جي نشاني آهي.“ (3) تنهن ڪري ڀٽائي انهيءَ ڌرتيءَ سان رشتي ۽ سٻنڌ کي سمجھائڻ لاءِ سنڌي سماج منجھان ئي هڪ داستان عمر مارئي چونڊيو ۽ پنهنجي دور جي پيڙيل عوام کي ان داستان جي اوٽ نئون حوصلو ۽ جرئت ڏني. اهڙي ريت لطيف هن سُر جي علامتن وسيلي ان جو ڀرپور سماجي ڪارج بيان ڪيو آهي.

شاهه لطيف جي سُر مارئيءَ جون علامتون ۽ اهڃاڻ نهايت ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. اسان جي ڪن عالمن سُر مارئي جي روحاني رمزن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي ته ڪن هن سُر ۾ وطنيت ۽ قوميت واري احساس کي اجاگر ڪيو آهي. ڀٽائي جي ڪلام جي اها ئي خوبي آهي ته ان کي هر مڪتبهءِ فڪر جو ماڻهو قبول ڪري ٿو ۽ پنهنجي پنهنجي سوچ، نظريي ۽ فڪر مطابق ان جي تشريح ڪري ٿو. اها ڀٽائي جي گھڻ رخي ڪلام جي سونهن آهي جو ان کي هر طبقي پنهنجي سيني سان لاتو آهي. پر هن داستان جو سماجي پهلو نهايت ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ ڀٽائيءَ جي سماجي فڪر کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهي.

عمر مارئي هونءَ ته لطيف سائين جي دور کان سوين سال اڳ واري سماج جو قصو آهي، پر شاهه علامتي طور ان قصي کي پنهنجي دور جي سماج سان سلهاڙي ۽ ڳنڍي پيش ڪيو آهي ۽ ان جي علامتن کي استعمال ڪندي سنڌي ماڻهوءَ کي وطن دوستي جو سنيهو ڏنو آهي. ڊاڪٽر پرسو گدواڻي لکيو آهي ته ”پنهنجي وطن سان پريم جو اظهار جيڪو شاهه صاحب مارئيءَ جي مُکَ مان ڪيو آهي. سو دراصل سندس ئي دلي جذبا پيا لڳن. پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ شاهه صاحب جڏهن پنهنجو ديش ڇڏي جوڳين سان نڪتو هو، تڏهن کيس پنهنجي وطن جي ياد ضرور ستايو هوندو. ان ئي دوران ۾ کيس پنهنجي وطن جي سادگيءَ، بر پٽن جي سادن ماروئڙن جا سٻاجھا مهانڊا ضرور ياد آيا هوندا... مارئيءَ جي ديش پريم جا دلسوز بيان پڙهندي مٿين حقيقتن لاءِ وشواس وڌي وڃي ٿو.“ (4) شاهه سائين جي من ۾ جيڪا وطن جي سڪ ۽ اڪير هئي، ان سموري اڪير ۽ محبت کي هُن سُر مارئيءَ ۾ پرٽيو آهي. ”شاهه پنهنجي ساڻيهه لاءِ جا سِڪَ ظاهر ڪئي آهي، ان کي ڏسي من ۾ ڀاونائن جو عجيب وهڪرو وهي ٿو هلي. هن جو هي سُر وياڪلتا ۽ دُک سان ڀريل آهي، پر ان وياڪلتا ۾ وطني حب جي جا هٻڪار آهي تنهن سان هر سنڌيءَ جو جيءُ واسجي ٿو وڃي.“ (5)

ڀٽائي جو دور جيڪو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور انتشار جو دور هيو. اهڙين حالتن ۾ شاهه سائين مارئيءَ جي روپ ۾ هڪ آئيڊيل وطن پرست ڪردار تخليق ڪري سماج جي ڊنل، هيسيل، غلام ۽ پيڙهيل طبقي کي اتساهه بخشيو ۽ ٻڌايو ته ”جياپي جي انهيءَ جهد ۽ آجائپ جي جاکوڙ ۾ پنهنجي هستيءَ جي ڀرپور شعور سان گڏ وفا ۽ نيباهه جو پد به اتم ۽ اعليٰ هئڻ گھرجي. يعني ڪنهن به اداءِ دلفريب تي مست ٿي مارو نه مَٽِڻا آهن. ڪنهن به لوڀ جي لڙهه ۾ لُڙهي عارضي ۽ فوري مفادن خاطر عظيم ۽ ديرپا قومي مفادن تي سودي بازي ڪرڻي ناهي، ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ کان ڏرڻو ناهي، سِرُ سانداڻ ڪري پوءِ پرت جو پيچ پائڻو آهي، بي ڊپو ۽ لاطمع ٿي وطن سان وفا جو عهد ائين پاڙڻو آهي جيئن ملير جي مارئيءَ پاڙيو.“(6) مارئي جيڪا هڪ ڪمزور عورت هئي ان عمر جهڙي اقتدار ڌڻي ۽ جابر حاڪم سان جنهن ريت جهيڙيو ۽ سندس ڪنهن آڇ کي نه قبوليو، سا نهايت ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ۽ اهو ئي بنيادي نڪتو آهي جنهن کي ڀٽائي هن سُر ۾ ڀرپور نموني اڀاريو آهي. ان ئي نڪتي منجھان لطيف سائين جبر جي اڳيان سر بسجود ٿيڻ بدران ارڏائيءَ سان بيهڻ ۽ جھيڙڻ سيکاري ٿو ۽ سماج جي ڪمزور ڪردارن کي همت ۽ حوصلي لاءِ اتساهي ٿو.

سٺا وڳا، سون زيور، تيل ڦليل، هار سينگار، نرم هنڌ بسترا، عمده طعام، نوڪر چاڪر، محل محلات فطري طور هر عورت چاهيندي آهي، پر مارئي جي محبت جو محور سندس ڪانڌ، سندس مارو ۽ سندس ڳوٺ ملير آهي. هوءَ عمر جي ڪوٽ ۾ رهندي پنهنجي عزت ۽ غيرت جو سودو نه ٿي ڪرڻ چاهي، هوءَ پنهنجي لوئي ۽ لڄ جي محافظ آهي.

پَٽُ نه پهريان سومرا! جانڪيتان جيان،
آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪـــارڻ ٻن ڏينهان،

جانسين ٿي جيان، ڪـانڌُ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

®®®®®®

سي ٿاريلا ٿرن ۾، جي مان گھَٽُ گھُري،
وطن،  وسَ،  وسنديون،  هينئڙي  نت  هُـري،

اندر   چِتَ   چُري،   ورههُ   ويــڙيـچــن   جـــو.

(سُر مارئي، ابيات متفرقه)

ڪنهن به سماج ۾ غليظ ذهنيت رکندڙ اقتدار ڌڻي ڏتڙيل طبقي کي ٻن طريقن سان جھڪائڻ چاهيندا آهن. پهريون لالچ ڏئي ۽ ٻيو ڌمڪائي، ڏڪائي، ڊيڄاري ۽ ظلم ڪري. پر هڪ ڪميٽيڊ ماڻهو انهن ٻنهي حربن ۾ نه ڦاسندو آهي. ڀٽائي مارئي کي علامت بڻائي مجموعي طور سنڌي سماج ۾ ان جرئت ۽ حوصلي کي اڀارڻ ۽ ڪمزور کي بي غرض ۽ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏيندي وطن دوستي واري مثبت سماجي قدر کي واضح ڪيو آهي.

شاهه لطيف جا مارو غريب، مسڪين ۽ بي پهچ هئا ۽ صدين جي غلامي ۽ طبقاتي اوچ نيچ واري سماج ۾ پيڙجي رهيا هئا. انهيءَ ڪري منتشر ۽ ضعيف سماج ۽ پيڙيل عوام کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ لاءِ ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مارئيءَ جو ڪردار آندو. هن ڪردار وسيلي شاهه سائين، وطن دوستي ۽ قومي شعور کي اڀاريو. ان دور جي سماج ۾ جيئندڙ ماڻهن جي بظاهر حالت ان ڪمزور ۽ بي پهچ مارئي جهڙي هئي، جنهن ۾ وڙهڻ ۽ جھڙڻ جي سگھ نظر نه پئي آئي. پر عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ بعد هوءَ نهايت سگھاري ۽ ثابت قدم نظر اچي ٿي. اصل ۾ ڀٽائي به پنهنجي دور جي ماڻهن کي اهڙو ئي سگھارو ۽ باهمت ڏسڻ پئي چاهيو. هن مارئي کي محبِ وطن ڪردار، عمر کي جابر حاڪم ۽ استحصالي ٽولي، ملير کي وطن ۽ مارن کي ديس جي غريب عوام ۽ عمر ڪوٽ کي قيد جي اهڃاڻن ۾ پيش ڪري پنهنجي دور جي هيٺين ۽ پيڙيل طبقي کي سماجي تبديلي (Social Change) لاءِ اتساهه بخشيو. شاهه سائين مارئيءَ جي ڪردار جا جيڪي ڳڻ ڳڻايا آهن اهي شاهه جي دور جي سماج ۾ ناپيد هئا. ”شاهه انهيءَ قصي ۾ ڪردارن جي معرفت اهي ڳڻ پيدا ڪرڻ چاهيا، ان ڪري هو آزادي، انصاف، عزتِ نفس، همت، غيرت، جدوجهد جي جذبي، مستقل مزاجيءَ، ثابت قدميءَ، جيءُ مٺو نه ڪرڻ، خطرن کان نه ڊڄڻ، لالچ ۾ نه اچڻ، مقصد ماڻڻ جي عزم ڪرڻ ۾، سڀ کان وڌيڪ ’اميد‘ کي هٿان نه ڇڏڻ، جهڙا ڳڻ پنهنجي هن سُر ۾ آندا.“(7) ”مارئي هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جو پنهنجو پاڻ کي جاگيرداري نظام جي رحم و ڪرم تي نه ٿو ڇڏي، بلڪه هو چاهي ٿو ته سماجي بي آرامي (Social unrest) ختم ٿئي. هو انهيءَ سماجي تبديليءَ وارو عمل پنهنجي ماڻهن ۾ رهي (غريب عوام ۾) بهتر طريقي سان ڪري سگھي ٿو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ جاگيرداري ڪوٽ کي ڪيرائڻ جو خواهشمند آهي.“ (8)

جيها سي تيها، مون مارو مڃيا،
مون  جيڏيون  ملير  ۾،  چونڊن مـوڪ ميها،

منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

(سُر مارئي، ابيات متفرقه)

هن بيت ۾ ”جيها سي تيها“ جي معنيٰ ۾ هر قسم جا هم وطن اچي وڃن ٿا. ڪاهل، سست، نڪما، ڪمزور، هيڻا، نٻل، جاهل، ڇسا، سادا ڪهڙا به آهن، پنهنجا آهن. انهن جي روشن مستقبل لاءِ ئي تاريخ جو رخ موڙڻو آهي.“(9) شاهه لطيف هن بيت ۾ مارئيءَ جِي پنهنجي وطن، وطن واسين ۽ پنهنجي جڙن سان محبت کي ظاهر ڪيو آهي ۽ اها محبت غير مشروط آهي. شاهه سائين مارئيءَ جي ڪردار وسيلي پنهنجي دور ۽ سماج جي تشريح ڪئي آهي ۽ اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ان دور جا ماڻهو ڏکيا بکيا هوندي به خوددار بڻجي ٿي سگھيا. جيئن مارئي ۽ مارن عمر جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو، تيئن شاهه چاهيو ٿي ته سندس عوام به مٿين طبقي جا ساٿي ۽ سهيوڳي ٿيڻ جو خيال ڇڏي ڏين ته ڪوبه زور ۽ زبردستي کين ان طبقي جا دست نگر ٿيڻ لاءِ مجبور نٿي ڪري سگھيو. هو معاشي طرح سان غلام هئا، غريب هئا ۽ هيڻا هئا، جي وٽن ڪجھ هو ته اها هئي سندن عزتِ نفس، انا ۽ پاڪيزگي، جيڪي هنن کي هر قيمت تي قائم رکڻي هئي.“(10)

ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سونَ تي،
اچي  عمر  ڪوٽ  ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکــن  جـي  پــريت،  مــاڙين  سين  نه  مٽيان.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

مارئي جي وطن دوستي به عشق جو اهو روپ آهي، جنهن منجھان پنهنجي سماج سان ڪمٽمينٽ جو پيغام ملي ٿو. وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان اهڙي اٽوٽ محبت ان سماجي رشتي کي مضبوط ڪري ٿي، جنهن جي ڪمزوري قومن کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. شاهه لطيف مارئيءَ جي معرفت عشق جي ان انداز کي اهميت ڏني، جنهن سان ماڻهوءَ ۽ ڌرتيءَ جو رشتو مضبوط ٿئي ٿو. منتشر سنڌي سماج ۾ ان وطن دوستي واري عشق جي جيتري ڪالهه ضرورت هئي اوتري ئي اڄ ۾ موجود آهي.

شاهه لطيف جي سورمين منجھان ’مارئي‘
هڪ اهڙي سورمي آهي، جيڪا اقتدار جي نشي ۾ چُور حاڪمَ عمر سومري جي چنبي ۾ هجڻ باوجود پنهنجي آزاديءَ لاءِ مزاحمت ڪندي رهي ٿي. ان ڪري مارئي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ اڏول ڪردار آهي. هوءَ پنهنجي وطن ۽ ڪکن سان بي انتها محبت ڪري ٿي ۽ پنهنجي محبوبَ کيت کي به ساري ٿي. هوءَ عمر جي ڏاڍَ کان نه رڳو نفرت ڪري ٿي پر سندس هر آڇ کي ٺُڪرائي ڇڏي ٿي، ڇوته هن کي پنهنجي لوئي ۽ لڄ عزيز آهي. هوءَ سون تي سيڻ مٽائڻ نه ٿي چاهي ۽ عمر جي ڪوٽ ۾ اچي ڪا ڪُڌي ريت نه ٿي وجھڻ چاهي، ڇوته کيس پنهنجن پکن ۽ ڪکن سان پريت آهي، جيڪا ماڙين ۽ محلاتن جي ڪري ڪڏهن ختم ٿي نٿي سگھي. هوءَ آخر تائين ثابت قدم رهي ٿي ۽ ست جي سودي لاءِ تيار نه ٿي ٿئي. محمد حسين ڪاشف لکيو آهي ته ”جتي مارئي انساني آزادي، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت، پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان اٽوٽ انگ جي نشاني آهي، اتي هوءَ ظلم، زور، زبردستي، ڏاڍ ڏهڪاءُ، جبر، غلامي ۽ سماجي ڪُنياءُ خلاف هڪ آواز ۽ آدرش آهي.“ (11)

جي لوڻُ لڱين لائيين، چيري چيري چمُ،
مون ڪُرَ اڳ نه ڪـيو، اهـڙو ڪــوجھو ڪــم،

جـان جــان دعــويٰ دمُ، تان تان پرت پنهوار سين.

(سُر مارئي، ابيات متفرقه)

حقيقت اها آهي ته ڀٽائي انهن غريب حال ماڻهن کي پنهنجي محبت جو محور بڻايو، جن جون کُڙيون کهه سان ڀريل هيون ۽ محنت ۽ پورهئي سبب کين مٿي کان پيرن تائين پگھر هو، پر شاهه سائين پري کان ئي سندن لوڏ سڃاڻي ٿي ورتي.

مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کُڙيون کهه  ڀڪليون، پگھر سر  پيرن،

ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

(سُر مارئي، داستان ستون)

شيخ اياز چوي ٿو ته ورلي ئي انهيءَ دور ۾ ڪو اهڙو شاعر ٿيو هوندو، جنهن جاگيردار طبقي کان ايتري نفرت ڏيکاري هوندي، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي مسڪين ماروئڙن جي ڏک سک ۾ ايتري حد تائين ڀاڱي ڀائيوار ڪيو هوندو. ڀٽائي جي سٽ سٽ ۾ انهن جي پگھر جو واس آهي، انهن جي گرم ڳوڙهن جو سيڪ آهي، انهن جي بکايل آنڊن جا وٽ آهن، انهن جي اڃايل اکين جي پياس آهي. ورلي ڪنهن شاعر جي شاعري اجتماعي زندگيءَ سان ائين ملي هڪ ٿي وئي هوندي، پنهنجي اکٽ انفراديت محفوظ رکندي به هڪڙيءَ سگھڙ ٻيڙيءَ وانگر ساگر جي ڇولين ۾ ملي وئي هوندي.(12) ڀٽائي جون انيڪ سٽون انهن غريب ۽ مسڪين ماروئڙن سان محبت جي گواهي ڏين ٿيون.

ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا  گھمن  ولين، جھانگي منجھ جھنگن،

مـــونـکــي  مـاروئــڙن،  سڃ  ڳڻـائي  سيج  ۾.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

شاهه جي شاعريءَ ۾ مارئي جو ڪردار مزاحمت ۽ محبت جو اعلى مثال آهي. هوءَ هڪ لمحي لاءِ به جبر اڳيان سِرُ نه ٿي جھڪائي ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي سار هر پل سندس سيني ۾ رهي ٿي. شاهه کي مارئيءَ جي روپ ۾ هڪ آئيڊيل سنڌي عورت نظر آئي ۽ هن ان داستان منجھان وطن دوستي واري سماجي قدر کي نهايت ڀرپور نموني اڀاري چِٽو ڪيو ۽ ان داستان وسيلي هُن پنهنجي دور ۽ سماج جي ان ڪمزور طبقي کي اهو سمجھائڻ پئي چاهيو ته اوهان به ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان خوفزده ٿي همت هاري نه ويهو. وطن ئي اوهان جو شان ۽ عزت آهي، تنهن ڪري ڪنهن خوف يا لالچ ۾ اچي ان جو سودو نه ڪيو. ڇو ته ديس هر غيرتمند ماڻهوءَ جو ضمير ۽ خمير هوندو آهي. سنڌي ماڻهو تاريخي طور پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان اٽوٽ محبت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قربانيون به ڏنيون آهن. شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول وطن دوستي واري عهد تي قائم رهندي پنهنجي سِرن جو نذرانو ڏئي ڇڏيو، پر وطن خاطر ڪو سودو قبول نه ڪيو. شاهه لطيف به انهن ئي وطن پرستن جو تسلسل آهي. ”وطن جو واس هن جي شاعريءَ جو جوهر آهي، وطن هن جو رومانس آهي، وطن هن جو عشق آهي ۽ وطن سان ئي سندس وحدت الوجود جو سر ڳنڍير جي ڳنڍين جيئن ڳنڍيل ۽ ڳتيل آهي.“ (13)

شاهه لطيف سُر مارئي ۾ انيڪ تصور، علامتون، اهڃاڻ، تشبيهون ۽ استعارا ڏنا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو آهي ته ”ملير، مارئي، مارو، سيڻ، عمر ڪوٽ، پکا، ماڙيون، لوئي، سومرو، سنگھرون لفظ نه آهن، پر اهي تصور به آهن ته آئيڊيا به آهن. شاهه لطيف انهن کي لغوي معنيٰ ۾ استعمال نه ڪيو آهي، پر انهن کي ڪنهن تصور يا آئيڊيا طور استعمال ڪيو آهي. ملير مارئيءَ جو اهو خاص ڳوٺ نه آهي، پر اهو وطن يا ديس آهي. اهو لفظ ملير مان اسرندڙ تصور آهي. سون، ڌاتو نه آهي ان مان اٿندڙ دولت ۽ ناڻي جي تصور جو حامل آهي. لوئي مخصوص ڪپڙو نه پر مٿي تي ڪپڙي هجڻ جو تصور آهي. ست ۽ حياءَ جي نشاني آهي.“(14) جي.ايم.سيد هن سُر جي ڪردارن ۽ ماڳن بابت لکيو آهي ته ”جيڪڏهن ان جي سياسي معنيٰ وٺبي ته مارئيءَ کي محبِ وطن، عمر کي ظالم حاڪم، عمر ڪوٽ کي غلاميءَ جي زندگي ۽ ملير کي آزاديءَ جي دنيا سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿي.“(15) مطلب ڀٽائي هن سُر جي ڪردارن، ماڳن ۽ ننڍڙين ننڍڙين شين کي وسيع پيماني تي اڀاري وطن دوستي جهڙي مثبت سماجي قدر کي پيش ڪيو آهي.

مارئي جي ڪردار وسيلي شاهه سائين سندس انفرادي ڪردار ۾ سڄي سنڌي سماج جو اجتماعي نقشو چٽيندي، ان دور جي ريتن، رسمن، رواجن، عزت ۽ غيرت جي معيارن کي بيان ڪيو آهي ۽ مارئيءَ جي زباني ٻڌايو آهي ته، هوءَ ان وطن سان تعلق رکي ٿي، جتي جا ماڻهو سون جي عيوض عزتن جو سودو نه ڪندا آهن. تنهن ڪري هوءَ به عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي ڪا ڪُڌي ريت نه ٿي وجھڻ چاهي. کيس پنهنجي ڌرتيءَ سان جيڪا پريت آهي سا عمر جي ماڙيءَ سان ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگھي.

ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچــي عمر ڪــوٽ ۾، ڪنديس ڪـانه ڪُـريت،

پکـــن  جــي  پـريت،  ماڙيءَ  سين  نه  مٽيان.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

لطيف وٽ وطن جو ڪو مُجرد (Abstract) تصور نه آهي. وطن مان مراد وطن جا وڻ ٽڻ وليون، پهاڙ پٽَ پيچرا، نديون نالا ۽ چشما، وطن جون سون ورنيون صبحون ۽ مڌ ماٽن ڪٽورن جهڙيون شامون به آهن ته اهي لکين مارو ماڻهو به آهن، جيڪي اُتر، ڏکڻ، ڪاڇڪي، ماڇڪي تائين ڦهليل آهن. اِهي اهي مارو لوڪ آهن جن مارئيءَ کي سيڄ ۾ سُڃ ڳڻائي آهي ته به هن جي وات وائي آهي. ’جيها جي تيها مون مارو مڃيا‘(16). مارئيءَ جي من ۾ هر پل پنهنجي مارن ۽ پنهوارن جي پچار هئي. هن جي دل ۾ انهن ماروئڙن جي محبت جون اهڙيون ته پختيون ميخون لڳل هيون، جيڪي ڪنهن لوهار نه هنئيون هيون. هن کي پنهنجي وطن جي سڪ ۽ محبت جھوري وڌو هو ۽ کيس هر وقت رڳو پنهنجن پکن ۽ پنهوارن جي ئي سار هئي.

آئون ڪيئن ڇڏيان، سومرا! تَنِ پنهوارن پچارَ،
جَڙَ جنين جي جيءَ ۾، لڳي ريءَ لُهارَ،
ميخون محبت سنديــون، هنئڙي منجھ هــزار،

پَکا   ۽   پنهوار،   ڏِٺي   مـون   ڏينهن   ٿيا.

(سُر مارئي، داستان چوٿون)

هي اهي ئي پکا ۽ پنهوار آهن، هي اهو ئي وطن ۽ وطن جو عوام آهي جيڪو استحصالي قوتن اڳيان بي وس بڻيل آهي. ”هي اُهي مارو ماڻهو آهن جيڪي رياستي جبر ۽ اقتصادي ڦر لُٽ جي گھاڻي ۾ پيڙجندي حياتيءَ جا ڏينهن گھارين ٿا پر مارئي هنن جي ڏکئي حال کان مُنهن موڙي انفرادي يا ذاتي سُک ماڻڻ کان انڪار ڪري ٿي بيهي. هُن وٽ سُک، سرهائي ۽ آسائش جو ذاتي تصور اوڏڙو به نه ٿو اچي.“(17) بلڪه هُن وٽ هميشه اجتماعي سوچ رهي ٿي. هوءَ جڏهن پنهنجي ورَ کي ساري ٿي ته به ان سار کي انفراديت جي دائري ۾ قيد نه ٿو ڪري سگھجي. هوءَ جڏهن مارو چئي کيت سان مخاطب ٿئي ٿي ته به علامتي طور ڄڻ سڄي سماج سان مخاطب ٿئي ٿي. ڇو ته هن جي پريت ۽ پريم جو محور رڳو هڪ فرد نه آهي، پر پنهنجو ڳوٺ ملير ۽ ملير جا مارو آهن. ملير جيڪو وسيع معنيٰ ۾ وطن، ديس ۽ سماج جي علامت آهي ۽ مارو اهو پيڙيل طبقو جيڪو ان دُکي ديس جو واسي آهي. ”وطن ۽ وطن وارن جو اهو گڏيل تصور ئي هن سُر (سُر مارئيءَ) جو موضوع آهي. پنهنجن ماڻهن ۽ ملڪ جي آزادي ۽ سُک لاءِ ڪوشش رڳو اهڙو ماڻهو ڪري سگھي ٿو، جنهن کي انهن سان بي لوث پيار هجي. ڪوبه سماج سڌارڪ يا توڻي قوم پرست انهيءَ پيار کانسواءِ ائين سوچي به نه ٿو سگھي. سموري دنيا کي پنهنجو وطن سمجھڻ ۽ ساري دنيا جي انسانن لاءِ درد محسوس ڪرڻ لاءِ پڻ اهو ضروري آهي ته هو ان جي ابتدا پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن سان ڪري. انفرادي احساس کانسواءِ اجتماعي ڀلائيءَ جو سوچي نه ٿو سگھجي. شاهه لطيف کي ان جو احساس هو ۽ ان ڪري ئي هن سُر ۾ حب الوطني جو انتهائي اعليٰ آدرش ڏنو اٿس.“(18)

لطيف جي هن سڄي سُر ۾ مارئي پنهنجي وَرَ، گھرَ ۽ اباڻن کي ساريندي ۽ سُڏڪندي نظر اچي ٿي. سندس انهن سڏڪن جي سرگوشي ڀٽائي جي لفظن مان محسوس ڪري سگھجي ٿي. مارئيءَ کي پنهنجي ورَ، پنهنجي وطن ۽ اباڻن جي ڳڻتي آهي. هو سياري ۾ ولهه ۽ سُڃ ۾ سمهن ٿا، تنهن ڪري کيس به گرم سوڙ نه ٿي وڻي. هن جا اباڻا اڃيا آهن، تنهن ڪري عمر جو شربت به کيس قبول نه آهي. هن کي عمر جا اڇا ڪپڙا قبول نه آهن ڇوته هن کي اباڻن کان ملندڙ ويڻ ٿا ياد اچن. بي ڏوهي هوندي به هوءَ پاڻ کي جرم جي احساس ۾ جڪڙيل ٿي ڀانئين. هُن کي ڪرائيءَ ۾ ٻَڌل ڪارو ڌاڳو عمر جي آڇيل سونَ کان سٺو ٿو لڳي ۽ هوءَ سونَ کي سوءَ وانگر ٿي سمجھي. هوءَ پنهنجي سرتين سهيلين سان گڏ گھاريل بُک ڏک وارن انهن لمحن کي ياد ڪندي انهن فاقن وارن ڏينهن کي سٺو ٿي ڀانئين.

آئــون ڪيئن سوڙين سمهان، مون وَرُ گھاري سُڃَ،

وَرُ اباڻن سين اُڃ، کوءِ شـربت تنهنجو سـومـرا.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

®®®®®®

عُمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪَنِ،
جنين   جا   ٿرن   ۾،   وَرَ   ٿــا   ويـــڻ   سَهن،

هو  جي  حق  ڀڃن، سي ڪيئن سَتيون سومرا.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

®®®®®®

ڪارا   ڪراين   ۾،   سونُ   اسان   کي  سوءَ،

ور  جيڏين  سين  جوعَ،  فاقو  فرحت  ڀـائـيـان.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

اها غيرت، اها ڪردار جي پاڪيزگي، اهو عزتِ نفس، اهو غربت تي ناز، اهو پنهنجي رشتن سان اٽوٽ تعلق ۽ اها پنهنجي ملڪ ۽ سماج سان محبت ئي مارئيءَ کي مٿاهون مقام بخشي ٿي. ڀلي کڻي هن جو جسم عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد آهي، پر سندس ساهه پساهه پنهنجي ماروئڙن جي انهن پکن ۾ آهي جتي هن جو هنيون اٽڪيل آهي. هن جو روح ملير ۾ آهي ۽ رڳو جسم جو بوتو ڪوٽ جي اوچين ديوارن ۾ قيد آهي. هوءَ پنهنجي وطن جي گولاڙن ۽ گاهن کي ساري ٿي ۽ کيس لڳي ٿو ته هن جو ماروءَ سان محبت وارو ناتو سنهي سُئيءَ سان ڳنڍيل ۽ ٽاڪيل آهي ۽ اهو ساهه جو سڳو ڪنهن سَٽ سان ڇڄڻ جو نه آهي.

سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساههُ،
ويٺي ساريان سومرا! گولاڙا ۽ گاههَ،
هنيون منهنجو  هُت  ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماههُ،

پَکن  منجھ  پساههَ،  قالبُ  آهي  ڪـوٽ ۾.

(سُر مارئي، داستان ستون)

شاهه لطيف هن سُر ۾ مارئي جي من ۾ هر لمحي مٽجندڙ ڪيفيتن کي بيان ڪيو آهي، پر هوءَ هڪ پل لاءِ به ساڻيهه جي سڪ کان غافل نظر نه ٿي اچي. ان حد تائين جو موت پڄاڻان به هن جي اها ئي خواهش آهي ته سندس قبر پنهوارن پاس هجي. هوءَ ڏاڏاڻي ڏيهه جي ولڙين جو واس وٺڻ چاهي ٿي ۽ چوي ٿي ته جيڪڏهن وطن جي سڪ ۽ حب دل ۾ رکندي مونکي موت اچي وڃي ۽ منهنجو مڙهه منهنجي وطن پهچايو وڃي ته مان اهڙي موت کي به زندگي سمجھنديس.

واجھائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گورِ منهنجي سومرا! ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻــي ڏيهه جـي، منجھان ولڙين واس،

مُيائي  جياس،  جي  وڃي  مڙهه  مليـر ڏي.

(سُر مارئي، داستان ڇهون)

پنهنجي وطن ۽ سماج سان اهڙي ڪمٽمينٽ اسان کي ڪنهن ٻئي ڪردار ۾ نظر نه ايندي. مارئيءَ لاءِ وطن ۽ وطن جا ماڻهو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن. هوءَ اهڙي موت کي ترجيح ڏئي ٿي، بلڪه زندگي سمجھي ٿي، جنهن سان کيس وطن جي مٽي نصيب ٿئي. اهڙو آدرشي تصور ڀٽائي جي ڪنهن ٻي سورميءَ وٽ نه آهي. لطيف سائين مارئيءَ جهڙي ارڏي ڪردار کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏئي دراصل پنهنجي ان سماجي فڪر کي واضح ڪيو آهي، جنهن سان معاشري ۾ همت ۽ جرئت پيدا ٿئي ٿي. هن جو وطن دوستي جو اهو سنيهو رڳو سنڌ واسين لاءِ نه آهي، هن جي سوچ ۾ اجتماعيت ۽ عالمگيريت آهي، تنهن ڪري جنهن به سماج ۾ استحصالي قوتون پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر جي روايت کي برقرار رکندي، هيڻي کي ظلم جو نشانو بڻائينديون، اُتي شاهه جي مارئي هڪ آئيڊيل ڪردار طور انهن جي سامهون هوندي. 

ڀٽائي هڪ اميد پرست شاعر آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جا اڪثر ڪردار زندگيءَ جي جنگ لڙندي ثابت قدميءَ سان اڳتي وڌندي نظر اچن ٿا. پوءِ اهو سسئيءَ جو ڪردار هجي، يا مورڙي جو، کاهوڙي جو ڪردار هجي يا جوڳيءَ جو، ڪاپائتيءَ جو ڪردار هجي يا مارئيءَ جو. اهي سڀ ڪردار هڪ اميد ۽ هڪ روشن صبح جا تمنائي آهن ۽ ان لاءِ هو عملي طور جستجو ڪندي نظر اچن ٿا. ڀٽائي مارئي جي ڪردار ۾ هڪ طرف پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت جو سنيهو ڏنو آهي ته ٻي پاسي مارئيءَ کي عمر جهڙي ڏاڍي مڙس سان مزاحمت ڪندي ڏيکاريو اٿس، پر هن داستان جو هڪ روشن پاسو اهو آهي ته مارئي کي اها اميد آهي ته هوءَ هڪ ڏينهن وري پنهنجي ديس جي مٽيءَ تي پير ضرور ڌريندي ۽ پنهنجي لوئي ۽ لڄ جي سلامتيءَ سميت مارن سان ضرور ملندي.

منهنجو تُورُ تلن ۾، آئون هت بندياڻي،
مون  ڏاڏاڻي  ڏيهه  ۾،  ڦرهه  ۽  لاڻـي،

ڪنديس رهـاڻــي، مــاروءَ پـاس مليــر ۾.

(سُر مارئي، داستان ٽيون)

 

ٿر ٿر اندر ٿانءُ، ونهين ويڙهيچن جو،
سَڀِ تنهنجو سومـــرا! ويٺـا ڳنهن نــانءُ،

اُتي وينديس آنءُ، لــوئي لڄ مٿي ڪري.

(سُر مارئي، داستان ٻيو)

شاهه جي مارئي نه رڳو سنڌي سماج جو هڪ مثالي ڪردار آهي، پر ان ڪردار ۾ سڄي عالم لاءِ هڪ اتساهه آهي. هولا رام هنس جي راءِ مطابق ”حب الوطني جي ڪري ’مارئيءَ جو ڪردار‘ هومر جي هيلن، شيڪسپيئر جي ڪلوپيٽرا ۽ ڪاليداس جي شڪنتلا جي مانَ کان مٿاهون ۽ مٿڀرو آهي.“(19) شاهه سائين جي سُر مارئي ۾ وطن دوستي جو تصور گھرو ۽ ڳوڙهو آهي، جيڪو حقيقت ۾ نه رڳو اڄ جي سنڌي سماج پر نئين دنيا لاءِ به اتساهه جي علامت جيان آهي.

حوالا

1.      سنڌي حميد، ”سُر مارئي“ مقالو: (ڌاريائين ڌارَ) حافظ ارشد انڍڙ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1990، ص 95

2.      شاد بشيراحمد ڊاڪٽر ”عرفانِ لطيف“ مهراڻ اڪيڊمي، 1993، ص 91

3.      ڪاشف محمد حسين  ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جولاءِ 2005ع، ص 158

4.      گدواڻي پرسو ڊاڪٽر ”ڇپر ڇاٽون مڪيون“ (شاهه جي شاعريءَ جو ادبي اڀياس) باک ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد 1997ع، ص 35

5.      هيراننداڻي پوپٽي ”شاهه لطيف جو شعر ۽ سندس سورما ۽ سورميون“ ديپشکا پبليڪيشنس ممبئي 2000، ص 100

6.      مانجھي محمد علي ڊاڪٽر (مرتب) ”جهڙي سونهن سندياس“ ــ مضمون ”جي ڪر لڌائون.... (سُر مارئي ــ هڪ پيغام)“ غلام حسين رنگريز، ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ، 2012، ص 51

7.      فهميده حسين ڊاڪٽر ”اديون آءٌ اڄاڻ“ ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ 2012، ص 177

8.      سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007، ص 130

9.      عباسي تنوير  ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع،  ص 96

10.  فهميده حسين ڊاڪٽر ”اديون آءٌ اڄاڻ“ ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ 2012، ص 177

11.   ڪاشف محمد حسين، حوالو ساڳيو ص 151

12.  شيخ اياز ”روسي سفارتخاني جي فرينڊشپ هائوس ۾ ڀٽائي جي ورسيءَ تي ڪيل تقرير“ ، پرک“ (ايڊيٽر: عبد القادر جوڻيجو) سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي  77 ـــ 1976 ص 82

13.  مانجھي محمد علي ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 46

14.  عباسي تنوير  ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع، ص 220

15.  جي. ايم سيد ”پيغامِ لطيف“ جي. ايم سيد اڪيڊمي سن، 2005، ص 155

16.  مانجھي محمد علي ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 48

17.  ساڳيو ص 48

18.  فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993، ص 268

هنس هولا رام، ”شاهه عبداللطيف -ـ هڪ فيلسوف“ بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي 2012، ص 46

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org