استاد لغاري
شاھه جي رسالي ۾ موکي ۽ ڪونروءَ جو مثبت ڪردار
سوڍي، مرادي، موکي ۽ چوکي.(2) ڪجھ
محققن جو خيال آهي، ته موکي ناتر جي ڌيءُ هئي.
البت تحقيق مان پتو پوي ٿو، ته موکي ناتر جي ڌيءَ
نه پر مومل ۽ سومل جي ڀيڻ هئي. جا ٻين ڀينرن سان
گڏ، لڊاڻي واري علائقي ۾ آئي.
2: موکيءَ جو دور
موکيءَ جو دور معلوم ڪرڻ لاءِ، ٻن نقطن کي بنياد
بنائي سگھجي ٿو. هڪ همير سومري جو دور، جيڪو
امرڪوٽ پرڳڻي تي، سن 1400ع کان 1440ع تائين حڪومت
ڪندو هو ۽ راڻو مينڌرو ان جو وزير هو. ٻيو راجا
نند گوجر جو دور، جيڪو رياست ماٿيلي تي، سن 1410ع
کان 1430ع ڌاري راڄ ڪندو هو.(3) ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻي پنهنجي ترتيب ڏنل شاھه جي
رسالي ۾ لکي ٿو، ته ”پندرهين صدي عيسويءَ جي اوائل
۾، سن 1400ع کان 1430ع ڌاري، راجا نند نالي هڪ
گوجر حڪمران ماٿيلي پرڳڻي تي حاڪم هو.“(4)
مٿين حقيقتن ۽ سنن کي سامهون رکندي چئي سگھجي ٿو،
ته ”موکي پنهنجي ٻانهي ناتر کي ساڻ ڪري، سن 1440ع
ڌاري هن علائقي (گڏاپ يا ڪَونڪر) ۾ اچي رهائش
اختيار ڪئي.
3: موکيءَ جو ماڳ
جڏهن مومل راڻي جو ٽِڪساٽ ٽُٽو ۽ ٻيئي باھ جي آڙاھ
۾ امر ٿي ويا، تڏهن مومل جون ٻيون ڀينرون ڪيڏانهن
هليون ويون؟ انهن جو پورو احوال نٿو ملي. البت
موکي پنهنجي ٻانهي ناتر کي ساڻ ڪري، گڏاپ ويجھو،
ناڙا ٿر ٽڪريءَ وٽ، ديھ ڪَونڪر ۾ اچي پنهنجو
ڪلاڙخانو قائم ڪيو. مومل جي مشهور ”ڪاڪ تڙ“ وانگي
موکيءَ به هتي هڪڙو ”موکيءَ تڙ“ قائم ڪيو، جنهن جا
نشان اڄ به ان علائقي ۾ موجود آهن.(5)
موکيءَ جو قائم ڪيل ”ڪلاڙخانو“ مُلڪان مُلڪ مشهور
ٿيو. ان موکيءَ جي ماڳ تي ٻين سوين سَري جي
سُوالين سميت، مشهور متارا اَٺَ ڄڻا به ايندا هئا.
ٻه سَما، ٻه سُومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ،
ايندا هئا اٺ ڄڻا، موکيءَ گھر مهماڻ.)6(
4: موکيءَ جو مئخانو
هتي اچڻ کان پوءِ، ملڪيت ميڙڻ جي خيال سان، موکي
نئين طريقي تي عمل شروع ڪيو. جنهن موجب هن هڪ
ڪلاڙخانو قائم ڪيو، جنهن جي هنڌين هاڪ هُلي. شاھ
صاحب موکيءَ کي مشورو ڏيندي فرمائي ٿو:
”وِجھجِ واٽاڙُوئنِ تي، مَئخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀ ڪَنهيِن، هَنڌ هَنڌ پُوندِي
هاڪَ.“(7)
جڏهن موکيءَ جي مئخاني جِي هنڌين هاڪ هُلِي، ته
اَگُهورِي آڳڙِين، انگُورِي عاشقن، پِڪَ پِياسن،
سامونڊري سَوداگرن، شير شهزادن، ڪَونر ڪَلاڙِين،
مڌ مُشتاقن، مئي متوالن ۽ ويراڳي واٽاڙوئن جي اچي
ڀِيڙ لڳي. پوءِ ته انهن البيلن کي ڪلاڙخاني ۾
ڪوٺي، پريت پيالا پياري، نينهن نشا چاڙهي، ملڪيت
ميڙڻ شروع ڪيائين.
”آڻي اُتر واءِ، موکِي مَٽ اُپٽِئا،
مَتارا تِنهن ساءِ، اَچَنِ سِر سَنباهيو.“(9)
5: موکيءَ جو فڪري پهلو
شاھ صاحب پنهنجي ڪلام توڙي فڪري پيغام ۾، موکيءَ
کي پِيرِ مُغان (مرشد) جي رتبي تي رکيو آهي.
”مَهيسَرَ جي مَنڌ جِي، هُتِ هَڏِهين وَهي هُوءِ.“(9)
”بِدھِ ساقِي بَرخيز، پِيار کي پِيندَنِ.“(10)
خليفو نبي بخش ”قاسم“ لغاري چوي ٿو:
”پِيرِ مُغان جي موهِيا، مَتارا مَئيخان،
پِيتائون پُرِ ٿِئا، مَنجھان دُنگ دُڪان.“(11)
وري ٻي هنڌ فرمائي ٿو:
”اِهدِنا الصراطَ المُستقِيم، اِيءُ پِياڪُنِ
پَنڌُ،
مَتارا ۽ مَنڌُ، هَر دوئِي هيڪُ ٿِئا.“(12)
متارا، موکيءَ پاران مليل مئي (فيض) جِي سُرڪِي
چکي، وحدت واري واديءَ ۾ مليا ميٽ ٿي ويا. لطيف
رحه فرمائي ٿو، ”اُهي عاشق هڪ الله پاڪ جي عشق،
جذبي ۽ جلوي ۾، پاڻ پنهنجو سِر ڪلهن تان ڪوري ٿا
ڏين. وحدانيت ۾ فنا واري رتبي تي رسي ٿا وڃن. شراب
چِڪائيندڙ بٺيدارن جي ماڳ مئخاني تي، سِر ڏيڻ جي
ڪارو ڪار لڳي پئي آهي. جن کي سِر جي عيوض اها
سُرڪي نصيب ٿي، سي موکيءَ جي مئخاني تان موٽي ڪين
ويا. اُتي ئي دم ڏنائون.
”سُرڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جون بَٺِيَنِ پاسي
بُٺِيون.“(13)
ڪَري نامَ نِهالَ، سُتا بَٺِيءَ ڀَرِ ۾.“(14)
شاھ جي رسالي ۾ موکي معشوق آهي. (يعني محبوب،
مطلوب، مئي پياريندڙ، ساقي، بود ۽ بقا باالله آهي)
ته متارا عاشق آهن. (يعني حُبدار، طالب، سالڪ،
سائل، مُريد، نابود ۽ فنا في الله آهن). موکي جنهن
کي به وحدت واري مئي پياريندي آهي، ته انهيءَ جي
هستي ختم ٿي ويندي آهي. مئي جا متوالا پِڪ پيئڻ
کان پوءِ، خودي، هوڏ، هستي ۽ هئڻ حرام ڪري، فنافي
الله جي درجي تي پهچي ويندا آهن.
”دِيا ساقي مُجھي پيالا، اُتِر گيا وَهم هَستِي
ڪا،
سارا اسرار هَم ديکا، عجب صُورت پَرستِي ڪا.“(15)
اگر ڪنهن محقق جو خيال هجي، ته شاھ صاحب موکيءَ کي
هلڪي ذات به سڏيو آهي.
مثال:
”موکِي چوکي نه ٿئي، اَصل اوڇِي ذات“(16)
ان ڪري موکي شاھ جي سُورمي نٿي چئي سگھجي. ان جو
سهڻو ۽ سگھارو جواب هن ريت آهي، ته ”شاھ صاحب
پنهنجِي هر هڪ سُورميءَ جي ڪمزور پهلوءَ کي به
ڇُهيو آهي. مثال:
سسئي: ڪُپَرِ سِين ڪوهِيارُ، لُوٺيِ! تو لَڄائِيو.(17)
سورٺ: ڏِنو جو ڏِياچُ، سو سورٺِ سُرهو نه ڪِئو.(18)
سهڻي: وَڏِي اِيءَ وِرسَ، جِئن ڏم وَٽِ ڏِينهن
گُذارِيين(19)
ليلا: ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪبُر ۾ پَئِي.(20)
مارئي: سَتِي! تُنهنجِي سَت ۾، ڳالھ گُهرجي ڳچُ.(21)
مومل: هَڻي حَڪِيمَنِ کي، زورُ ڀَرِئو زَبرُون.(22)
نوري: تون سَمو، آئون گَندرِي، مُون ۾ عيب اَپارَ.(23)
مٿي ڏيکاريل ستن ئي سُورمين جي ڪمزور پهلوئن سان
گڏوگڏ، مثبت ڪردار به سمايل آهن. ان ڪري انهن جي
ڪمزور پهلوئن تي، مثبت پهلو حاوي ٿي بيهن ٿا. تڏهن
ته اهي شاھ صاحب جون سُورميون سڏجن ٿيون. ساڳي
وانگر موکيءَ وٽ به پنهنجو پڇتاءُ ۽ مثبت ڪردار
موجود آهي. مثال:
وِجھيو مُنهن مَٽنِ ۾، موکِي اُڀِي روءَ.(24)
هَڏَ کَڻِيو سَڏَ ڪَري، موکِي ماءُ ڳري.(25)
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونهي ڏوھُ ڪَلاڙ جو.(26)
ڪَونرو
6: ڪَونروءَ جو تعارف
”ڪَونروءَ“ لفظ ٻن گڏيل لفظن جو مرڪب مجموعو آهي.
ڪَونر+ رُوءِ. ”ڪَونر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي
ڪَمل، ڪَنول، ڪَنول جو گُل، گُلِ نِيلوفر يا گُل
ڦُل وغيره. هن جي ٻي معنيٰ آهي ڪُمار، شهزادو،
ڳڀرو يا نوجوان وغيره. ”رُوءِ“ لفظ جي لغوي معنيٰ
آهي چهرو، مُنهن، مُک، مُکڙو، شڪل، شبيھ يا صورت
وغيره. گرامر موجب لفظ ”ڪَونروءَ“ اسم خاص، جنس
مونث ۽ عدد واحد آهي. ان ڪري لفظ ”ڪَونروءَ“ جي
معنيٰ ٿيندي ڪَنول جي گُل جهڙي چهري واري، گُلِ
نيلوفر جهڙي خوبصورت، سهڻي صورت واري، موهيندڙ
مُکڙي واري يا حَسين و جميل وغيره. ڪَونروءَ ڍٽ جي
حاڪم راءِ کنگھار جي اڪيلي سِڪيلڌي ڌيءَ هئي.(27)
سندس ماءُ جو نالو ”مَرڪِي“ چيو وڃي ٿو.(28)
ڪَونروءَ کي ماءُ ۽ پيءُ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو.
7: ڪَونروءَ جو دور
ڪَونروءَ جو واسطو سنئون سڌو ليلا چنيسر جي داستان
۽ دور سان آهي. چنيسر سومري جو پاڙو ”داسڙو“ هو،
جيڪو سن 1267ع کان 1285ع تائين ديول ڪوٽ (ديبل؟)
پرڳڻي تي راڄ ڪندو هو.(29) ديول ڪوٽ يا
ديول بندر مڪلي ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽ، پير پٺي
جي مقبري ويجھو، بگھاڙ شاخ جي ڪنڌيءَ تي هو.(30)
چنيسر جو دور خوشحاليءَ وارو دور ليکيو وڃي ٿو.
چنيسر پنهنجي وجيھ ۽ خوبصورت شخصيت سبب مشهور هو.
هن پنهنجي راڄڌانيءَ تي 18 سال حڪمراني ڪئي. ليلا
چنيسر جو داستان ۽ ڪَونروءَ جو قصو به هن ئي دور
سان تعلق رکي ٿو.
8: ڪَونرو ديول ڪوٽ ڪهڙي ارادي سان آئي؟
ڪَونرو ماءُ ۽ پيءُ جي اڪيلي سڪيلڌي ڌيءَ هئي.
والدين ان سان تمام گھڻو پيار ڪندا هئا ۽ ان جي هر
خواهش پوري ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا هئا. ڪَونرو هڪ
ڏينهن هار سينگار ڪري، پنهنجو نوَ لکو هار پائي،
آئيني اڳيان اچي بيٺي، ته سندس ساهيڙي مذاق مذاق ۾
چيس ”اڄ ته اهڙو هار سينگار ڪيو اٿئي، جو جهڙوڪر
راجا چنيسر سان شادي ڪندينءَ.“(31)
ڪَونرو اهڙو گفتو ٻڌي، چنيسر تي پرپٺ عاشق ٿي.
سندس پرپٺ پيار جي ڳالھ ڪَونروءَ جي مائٽن کي
معلوم ٿي، ته انهن چنيسر ڏانهن قاصد موڪلي، سڱ ڏيڻ
جي آڇ ڪئي جيڪا نامنظور ٿي. هاڻي ڪَونرو ۽ سندس
ماءُ وڻجارڪو ويس ڪري، ديول ڪوٽ ۾ اچي رهيون. هتي
جواهرات (ڪيمياگريءَ) جي ڪوٺي قائم ڪري، سون،
چاندي، ماڻڪ، موتي، هيرا، لعل ۽ ٻيا وستو وڪڻڻ
ويٺيون. ڪَونرو رات جو روح ريجھائڻ خاطر، پنهنجو
نوَ لکو هار آڏو ٽنگي، ان جي اُهاءُ سان ويهي ارٽ
اوريندي هئي. هن کي خبر هئي ته ليلا چلولِي آهي،
ان کي هار تي هرکائي حرفي ڪنديس. ان ريت چنيسر
راءُ کي ريجھائي، هڪ ڏينهن ضرور پنهنجو ڪري
وٺنديس.
9: ڪَونرو، چنيسر جي پٽ راڻِي ڪيئن بڻي؟
ڪجھ عرصي لاءِ ڪَونرو ۽ ان جي ماءُ، ليلا جي محلات
جون ٻانهيون به ٿي رهيون. جتي ڪَونروءَ جو نوَ لکو
هار ڏسي ليلا هِرکي ۽ مڻيي جو مُلھ معلوم ڪيو.
ليلا جو هار تي پڪو حرص ڏسي، موقعو مناسب سمجھي
ڪَونرو چيو، ”هن هار جي عيوض چنيسر جو نڪاح ڪرائي،
هڪ رات لاءِ منهنجي حوالي ڪرين، ته هي هار تنهنجو
ٿيو.“ ليلا به هار تي صفا هرکيل هئي، سو يڪدم کڻي
”ها“ ڪيائين. انهيءَ رات چنيسر کي نشو پياري، نڪاح
ڪرائي، کڻي ڪَونروءَ حوالي ڪيائين. صبح جو چنيسر
جي اک کُلي، ته معاملو ٻي طرح معلوم ٿيس. چنيسر
چَورنگ هو، جنهن اهڙي خطا تي سگھو ئي سُهاڳڻ کي
ڏهاڳ ڏنو. ڪَونرو پنهنجي ڪِرت ۾ ڪامياب ٿي ۽ چنيسر
جي پٽ راڻي بنجي وئي.
ڪَونرو ڪانڌ سندوءِ، دست ڪِيو داسڙي.(32)
اَڄُ ڪَونروءَ پاسي ڪُل، پيچيَنِ لايا پيچرا.(33)
ڪَونرو ڪوسو چاڙِهيو، تون ليلا! پنهنجو لاھِ.(34)
10: ڪَونروءَ جي ڪاميابيءَ تي ليلا جو ليلائڻ
جڏهن ليلا ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪبُر ۾
پيئِي ۽ ان جي وسان ڳالھ ويئي، تڏهن يڪدم
ليلائيندي چيائين:
هَٿان مُون پيئِي، توکمِين نه کانديلا سُپرِين!(35)
ڍولا! ڪُڄاڙِيان؟ ٻولايو ٿو ”ٻوڏُ“ چَئِين.(36)
داغُ تنهنجو دائِما، ماري مَعذُوريَنِ.(37)
هيءُ جو ڏنڀُ ڏُهاڳ جو، سَگھان ڪو نه سَهِي.(38)
ڏِسِي ڏنءُ ڏُهاڳ جو، ڍولا! آئون ڍائِي.(39)
ڪَونروءَ جِي ڪِرتِ، ڪامَڻَ مون سِين ڪِئا.(40)
پِرتان پيرَ ڀَري، مَلھائِجِ مِسڪِين کي.(41)
11: ڪَونروءَ جو فڪري پهلو
شاھه جي رسالي تي نظر وجھبي، ته ”سُر ليلا چنيسر“
۾ ڪَونروءَ جو فڪري ڪردار نمايان نظر ايندو.
ڪَونرو، چنيسر جو چاھُ کڻي، ماءُ سان گڏجي گھران
هلي ۽ ديول ڪوٽ ۾ اچي رهي. ايتريقدر جو ماءُ ۽
ڌيءُ ڪڏهن ڪڏهن ليلا جي در تي اچي حيلا هلائينديون
هيون، ته اسان ٻنهيءَ کي ٻانهيَنِ جي درجي تي قبول
ڪر.
”پُڇَنِ ليلا، هُوءَ ڪَنِ حِيلا، ٻاهران اَچِيو
ٻيئِي.“(42)
انهن عاجزين ۽ انڪسارين عيوض، بالآخر محلات جون
خدمتگار ٻانهيون به ٿي رهيون. ليلا جو دستور هيو،
ته روزانو رات جو هار سينگار ڪري، پنهنجين ٻانهين
کان داد حاصل ڪندي هئي.(43)
هڪ لڱان هار سينگار ڪري ڪَونروءَ جي اڳيان اچي
بيٺي ۽ چيائين ته ”اڄ آئون ڪيئن ٿي لڳان؟“ ته
ڪَونرو داد ڏيندي، پنهنجي پيتيءَ مان نوَ لکو هار
ڪڍي پاتو، ته ان جي اُھاءُ سان محلات جو ڪمرو منور
ٿي ويو. وري پاڻ ليلا کان پڇيائين، ”اڄ آئون ڪيئن
ٿي لڳان؟“ ان مڻيي کي ڏسي ليلا موهت ٿي ۽ چنيسر جو
سودو ڪيائين. تڏهن چَورنگ چنيسر پورهيت جي پاسي ٿي
ويو.
ڍولُ تَنِي جي گَسَ، هيٺاهِيُون هَلنِ جي.(44)
تان پيٺو تِنهِن دَراءُ، جي پَسِي پاڻَ لڄائِيُون.(45)
12: موکي ۽ ڪَونروءَ جو مثبت ڪردار
جهڙيءَ ريت شاھه جي رسالي ۾ ستن سُورمين بابت مثبت
ڪردار سمايل آهن، تهڙيءَ ريت موکي ۽ ڪَونروءَ جي
قصي ۾ به مثبت پهلو نمايان نظر اچن ٿا. شاھ جي
رسالي ۾ ستن سُورمين جا مثبت پهلوءَ وارا ڪيترائي
بيت پڙهي سگھجن ٿا. هتي چند مثالي سِٽُون پيش ڪجن
ٿيون:
سسئي: هُوءِ جي چُونِسِ ”ٻوڏُ“، ته ”جِيءُ“ سُڻائي
جَڳ کي.(46)
سورٺ: مَرَ ته آئين مَڱڻا! چَڱو ڪِيو تو ڪَمُ.(47)
سهڻي: حَقان حَقُ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبَ حَقَ جِي.(48)
ليلا: توڻي ڏي نه ڏي، ته پُڻ مُنهِنجو وَلهو.(49)
مارئي: پَنهوارنِ پاٻوهِئو، وَرِيا واهُوندا.(50)
مومل: ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُئسِ اُگھاڙِي اَڳُ.(51)
نوري: مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، گِيرَبُ نه گاءُ.(52)
موکي: موکِي مَٺو نه گُهرِيا، وِھُ نه وِهاٽِئا.(53)
ڪَونروءَ: ڪَونروءَ جو ڪِرتُ، مُونهان مَٿاهون
ٿِئو.(54)
شاھ جي رسالي ۾ ڪنهن به ڪردار وٽ، ذري برابر به
پڇتاءُ آهي، عاجزي آهي يا وحدانيت واري جَهلڪ شامل
آهي، ته اهو ڪردار معنوي پهلوءَ جي بُلند ترين
رتبي تي بيٺل آهي. انڪري موکي ۽ ڪَونروءَ به
پنهنجي پنهنجي معنوي ڪردار سان، امر، عظيم ۽
لافاني درجي تي موجود آهن.
ساقِيءَ جي شَرابَ ۾، تَوحِيدُ جِي تَنوارَ،
گِهڏِيا گھوٽَ هَزارَ، اِنَ پِيالي پُرِ ڪِئا.(55)
ڪَلاڙنِئان ڪاءِ، مَتِ نه سِکيين مُون هِنيان!
رُوندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.(56)
قاتِلُ ڪَمائِي ڪَري، وِھُ ماکِي جي ڪَنِ،
وَٽان ويهِي تَنِ، پِيئيجُ ڪي پِيالِيُون.(57)
ڍولُ تَنِي جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلنِ جي.(58)
ڍولُ پَراهي تَنِ کي، وِلها جَنِي ويسَ،
پَسي نه لال لِبيسَ، ٿو دِليُون پَرکي داسَڙو.(59)
حوالا:
1: ميرزا صفدر حسين ۽ شوڪت چاچڙ، گنج (شاھ جو
رسالو الف ب وار ترتيب سان) ڇپائيندڙ شاھه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ڇاپو
پهريون سال 2012ع ص 796
2: لغاري استاد، موکي متارا، ڇپائيندڙ المهراڻ
فائونڊيشن سانگھڙ، ڇاپو پهريون سال 2013ع ص 115
3: شاهنواز ڏاهر، قديم سنڌ، ڇپائيندڙ سنڌيانا
پبلشرز حيدرآباد سنڌ. ڇاپو پهريون سال 2005ع ص...
4: گربخشاڻي هوتچند مولچند، شاھ جو رسالو.
ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. ڇاپو نئون سال
2008ع ص 626
5: ڪلمتي گل حسن، ڪراچي: سنڌ جي مارئي. ڇپائيندڙ
ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون سال 2007ع ص 375
6: بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، شاھ جو رسالو شاھ جو
ڪلام (تحقيقي جلد پهريون) ڇپائيندڙ شاھ عبداللطيف
ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاھ. ڇاپو پهريون سال 1989ع
ص 228
7: قاسمي علامه غلام مصطفيٰ، شاھ جو رسالو.
ڇپائيندڙ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو ٻيو سال
1999ع ص 67
8: ڏسو حوالو نمبر 1، ص 15
9: ساڳيو، ص 297
10: ساڳيو، ص 713
11: بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، خليفي صاحب جو رسالو.
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ. ڇاپو ٻيو
سال 2005ع ص 03
12: ساڳيو، ص 03
13: ڏسو حوالو نمبر1، ص 507
14: سگھڙ حاجي الھ داد جنجھي، گنج (شاھ جو رسالو)
ڇپائيندڙ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ. (وڌايل
مواد سان ڇاپو ٻيو) سال 2008ع ص 61
15: بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ڪلام فقير نواب ولي
محمد خان لغاري، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
سنڌ. ڇاپو ٻيو سال 1990ع ص 155
16: آڏواڻي ڪلياڻ، شاھ جو رسالو (مڪمل) ڇپائيندڙ
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پنجون، سال 1993ع ص
21
17: شيخ ٻانهون خان، شاھ جو رسالو (جلد ٻيو)
ڇپائيندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي
يونيورسٽي، ڇاپو پهريون سال 2001ع ص 86
18: ساڳيو، ص 367
19: ڏسو حوالو نمبر1، ص 173
20: ساڳيو، ص 188
21: شيخ ٻانهون خان، شاھ جو رسالو (جلد ٽيون)
ڇپائيندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي
يونيورسٽي، ڇاپو پهريون سال 2002ع ص 413
22: ڏسو حوالو نمبر17، ص 440
23: ڏسو حوالو نمبر1، ص 178
24: بمبئي ڇاپو نمبر1. شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ
علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد
سنڌ. پهريون عڪسي ڇاپو، سال 1995ع ص 23
25: ساڳيو، ص 24
26: قلمي ڇاپو، شاھ جو رسالو (فوٽو اسٽيٽ) ڪاتب ۽
سن نامعلوم. ص 21
27: راهمون محمد قاسم ساڪري. گنج (شاھ جو رسالو)
ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون سال
2011ع ص 520
28: ساڳيو، ص 520
29: پروفيسر فهميده حسين ڊاڪٽر، انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا (جلد چوٿون) ڇپائيندڙ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون سال 2012ع ص 205
30: ڏسو حوالو نمبر27، ص 520
31: ساڳيو، ص 520
32: ڏسو حوالو نمبر21، ص 209
33: جنجھي حاجي الھ داد سگهڙ، گنج (شاھ جو رسالو)
ڇپائيندڙ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو
سال 2008ع ص 386
34: ڏسو حوالو نمبر21، ص 227
35: ميرزا قليچ بيگ، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ. ڇاپو
چوٿون، سال 1994ع ص 660
36: انصاري عثمان علي، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ شاھ
عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ، ڇاپو پهريون
سال 1997ع ص 410
37: ڏسو حوالو نمبر1، ص 384
38: ڏسو حوالو نمبر21، ص 224
39: ساڳيو، ص 200
40: ڏسو حوالو نمبر33، ص 389
41: آڏواڻي ڪلياڻ، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پنجون، سال 1993ع ص 242
42: ڏسو حوالو نمبر21، ص 206
43: ڏسو حوالو نمبر27، ص 521
44: ڏسو حوالو نمبر 21، ص 201
45: ساڳيو، ص 202
46: ڏسو حوالو نمبر 24، ص 235
47: ڏسو حوالو نمبر35، ص 460
48: شيخ ٻانهون خان، شاھ جو رسالو (جلد پهريون)
ڇپائيندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي
يونيورسٽي. ڇاپو پهريون سال 2000ع ص 238
49: ڏسو حوالو نمبر24، ص 357
50: شوقيرام تاراچند، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ
مرڪنٽائيل پريس ڪراچي. ڇاپو پهريون سال 1900ع ص
590
51: ٽرمپ ارنيسٽ، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ ثقافت
کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو ٽيون سال 2008ع ص 532
52: ميمڻ حاجي محمد صديق، شاھ جو رسالو. (هٿ اکر
محمد بخش واصف) ڇپائيندڙ نامعلوم (ليٿو تي)، سال
1951ع ص 485
53: ڏسو حوالو نمبر 48، ص 62
54: ڏسو حوالو نمبر24، ص 355
55: ساڳيو، ص 25
56: ساڳيو، ص 25
مختيار احمد ملاح
مونولاگ ۽
سنڌي افسانوي ادب
ڊرامن، ناولن ۽ افسانن ۾ مختلف وقتن تي ڪردار ڳالهائيندا آهن ۽ انھن جي
واتان ادا ٿيندڙ جملن
کي ”مڪالما“ (Dialogues) چئبو آهي. شاعريءَ ۾ مڪالما ٿيندا آهن، جن وسيلي گفتگو اڳتي
وڌندي آهي. مڪالمي جو مطلب ڪلام ڪرڻ، گفتگو ڪرڻ
آهي. ھڪ سٺي ناول، ڊراما يا ڪهاڻيءَ لاءِ اھو
ضروري آھي ته ناول نگار، ڪردارن کان اھڙا جملا ڳالھرائي، جيڪي نه صرف معنيٰ خيز ھجن، پر من کي موھيندڙ به ھجن. مختصر افساني ۽ ڊرامي ۾ مڪالمن جو اھم ڪردار هوندو
آھي. سٺن مڪالمن ذريعي ئي ھڪ ڪھاڻي دلچسپ ٿئي ٿي. ان جو ثبوت
امر جليل جا افسانا آھن، جن ۾ مڪالما شاندار هجڻ
ڪري پڙهندڙ تي گهرو اثر ٿئي ٿو. مڪالمن جو اثر
ڪردار نگاريءَ تي به پوي ٿو. ڇو ته مڪالما ڪردارن
کي واضح ڪندا ۽ ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌايئندا
آھن. مطلب ته ڊائلاگ يا مڪالمي جو مطلب آهي ”ٻن ڪردارن جي وچ ۾
گفتگو“. پر ادبي دنيا ۾ خاص طور تي ڊرامي، ناول،
ڪهاڻي يا شاعريءَ ۾ ڪجهه خاص حالتن اندر هڪ ڪردار
پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو نظر ايندو آهي. اهڙي
ڪيفيت کي
”خودڪلامي“ يا ادبي دنيا ۾ ”مونو لاگ“ به
چيو ويندو آهي. مونولاگ جي ٽيڪنيڪ خاص طور تي يوناني ڊرامي جي پيداوار آهي.
مونولاگ يا خود
ڪلاميءَ جو تصور قديم دور کان دنيا ۾
موجود آهي. جڏهن آدم ۽
حوا
کي جنت مان ڪڍيو ويو ته هو ٻئي سالن تائين هڪٻئي
جي تلاش ۾ گهمندا رهيا ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندا
رهيا. اهڙي جبلت انسان جي فطرت ۾ سندس پيدائش سان گڏ شامل هوندي آهي. انسان پنهنجي منهن پاڻ ڳالهائيندو رهندو آهي ۽ پاڻ سان ڳالهيون ڪندو
آهي. ماڻهن جي سامهون پاڻ ڳالهائڻ واري کي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ”سودائي“ به چيو ويندو آهي.
لفظ ”مونو لاگ“ اصل ۾
يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ٻن لفظن (Monos)
”مونس“ يعني” اڪيلو“ (Alone) ۽ (Logue) ”لاگ“ يعني ڳالهائڻ (Speak)
مان گڏجي وجود ۾
آيو آهي، جنهن ۾ فقط ”هڪ طرفو ڳالهائڻ“ هوندو آهي. مونولاگ جو ئي هڪ ٻيو
قسم آهي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ کي ‘Soliloquy’
چئبو آهي.”سالي لوڪائي“ اصل ۾ لاطيني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي: سولس (Slous) يا سالي (Soli)
يعني ”اڪيلو“
(Alone)
۽ لوڪي (Loqui) يعني ”ڳالهائڻ وارو“. پر ”مونولاگ“ ۽ ”سالي لوڪائي“ ۾ فرق آهي. ”مونولاگ“
۾ ٻئي شخص جي به موجودگي ٿي سگهي ٿي. پر ان ۾ هڪ
شخص گفتگو ڪندو آهي ۽ ٻيو خاموش هوندو آهي يا
خاموشيءَ سان ٻڌندو رهندو آهي. جڏهن ته ”سالي
لوڪائي“ ۾ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ هڪ ئي شخص هوندو
آهي. جتي سنڌي ۾ مونولاگ کي ”خودڪلامي“ چئي سگهجي
ٿو ته اتي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندڙ کي ”سودائي“
چئي سگهجي ٿو.
تاريخي لحاظ کان مونو لاگ جو
اصطلاح گهڻو ڪري ڊرامن سان وابسته رهيو آهي.
مونولاگ
ڊرامي ۾ هڪ
ڪردار طرفان پيش ڪيل گفتگو هوندي آهي، جنهن ۾ گهڻو
ڪري هو پنهنجي ذهني خيالن کي سٺي طريقي سان ظاهر
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي
ڪردار يا سامعين کي سڌو سنئون خطاب به ڪندو آهي.
مونو لاگ، ڊرامائي ميڊيا (ڊرامو، فلمون، وغيره) جي
حد تائين عام آهن، پر اهڙي شاعري، جنهن ۾ ڊرامائي
ماحول جوڙيو وڃي ته اهڙن حالتن ۾ انهيءَ ٽيڪنيڪ
کي استعمال ڪيو ويندو آهي. مونولاگ جا ڪيترائي قسم
ٿيندا آهن، جن ۾ ”ڊرامائي مونولاگ“ کي خاص اهميت
حاصل آهي.
خود ڪلامي يا مونولاگ جو ادب ۾ سڀ کان پهريون مثال، مشهور
يوناني الميه ڊرامه نگار سوفوڪليز (406-497) (Sophocles)
جي ڊرامن جهڙوڪ
”انيٽيگون“
(Antigone)، ”اليڪٽرا“ (Electra)، ”ايڊيپيڪس ريڪس (Oedipus Rex) ۽ ٻين ڊرامن ۾ ملي ٿو. سندس ڊرامي جو هڪ ڪردار
ڊرامي ”اجيڪس“
(Ajax) ۾ ساڳي نالي وارو
ڪردار مرڻ وقت پاڻ سان ڳالهائي ٿو، اهو
مونولاگ جو هڪ بهترين مثال چيو وڃي ٿو. اڳتي هلي
لاطيني ڊرامي ۾ مونولاگ جي ٽيڪنيڪ اڃا به گهڻي
ترقي ڪئي، پر انگريزي ڊرامي ۾ شيڪسپيئر واري دور ۾
ڊرامن کي ”نظاماڻي نثر“ ۾ پيش ڪرڻ جو رواج پيو ته
ان نئين انداز ۾ ٽيڪنيڪ کي ”ڊراميٽڪ مونولاگ“ جو نالو ڏنو ويو. شيڪسپيئر جي اڪثر غمگين ڊرامن ۾ مرڪزي
ڪردار پاڻ سان ڳالهائين ٿا. سندس جڳ مشهور ڊرامي
Hamlet
۾
To be or not be
واري سين ۾ مونولاگ جي ٽيڪنيڪ انتهائي واضح ۽ ڀرپور ٿي اڀري.
شيڪپيئر جي اڪثر ناٽڪن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. خاص طور تي سندس
Hamlet
کي مرزا قليچ بيگ ”شهزادو بهرام“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي،
جنهن ۾ پنجن جاين تي سلائي لوڪي يعني سودائي پڻ جا
مثال موجود آهن. شيڪپيئر جي هڪ ٻئي همعصر ٿامس ڪائيڊ (1558-1594ع) پنهنجي ”دي اسپينشن ٽريجڊي“ ۾ مرڪزي ڪردار
Hieronymo کان طويل مونولاگ ڳالهرايو آهي. شيڪيپئر جي هڪ ٻئي همعصر
ڪرسٽوفر مارلو پنهنجي مشهور ڊراميDr.
Faustus
۾
شاندار نموني مونولاگ جو استعمال ڪيو آهي. بلند
پايه فرانسيسي ڊرامانگار پيري ڪارني پنهنجي ڊرامي
سينا
(Cinna)
۾ مونولاگ جو بهترين استعمال ڪيو آهي.
هڪ ٻئي فرانسيسي ڊرامانگار موليئر پنهنجي ڊرامي ايمفيٿريون (Amphirtryon) جي ڪردار سوسي کان بهترين مونولاگ ڳالهرايو آهي. وڪٽر هيوگو پنهنجي ناول
هيريني (Harnani) ۾ چارلس پنجين کي، چارلس پهرين جي قبر
تي بهترين مونولاگ چورايا آهن. ميڪسيم
گورڪيءَ روسي زبان ۾ ڪجهه مونولاگ جي ٽيڪنيڪ ۾ افسانا لکيا.
انگريزي شاعري ۾ جان ڊرائڊن، شيلي مونولاگ جا
بهترين شاعر هئا. پر ”ڊراميٽڪ مونولاگ“ جو بي تاج بادشاهه رابرٽ
برائوننگ
(1812-1889ع) کي چيو وڃي ٿو.
رابرٽ برائوننگ
جو نظم
My Last Douches
مونولاگ
جو بهترين مثال آهي.
هن نظم ۾ هڪ نوابزادو پنهنجي ٿيندڙ نيئن ڪنوار کي
پنهنجي مرحيات زال جي باري حال احوال ڏئي ٿو.
انهيءَ ٽيڪنيڪ دنيا جي ادب ۾ اهم جڳهه والاري
آهي. مطلب ته مونولاگ جي ٽيڪنيڪ ڊرامن کان ٿيندي ناولن، ڪهاڻين ۽
شاعري ۾ پيشڪش جو بهترين ذريعو بڻي آهي.
مونولاگ قديم شيءِ آهي، پر سنڌيءَ ۾ انهيءَ ٽيڪنيڪ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. البته ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هن ٽيڪنيڪ جا بجا
اهڃاڻ پسي سگهجن ٿا. سسئي جي سموري ڪهاڻي مونولاگ
تي ٻڌل آهي. مثال طور شاهه سائين سسئي جي ڪيفيت هن
مونولاگ ۾ هن ريت
بيان ڪئي آهي:
اُٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏيرَ،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽِيا پُنوُنءَ پير،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اَويرَ،
ڇهون ويري ڇَپَرُ ٿيو، جنهن سَنوان ڪيا نه سيرَ،
ستون ويري چنڊ ٿيو، کِڙيو نه وَڏيءَ ويرَ،
واهيري جي ويرَ، ڇُلون ڪَريان ڇپرين!
اهڙي طرح، ٻين به لوڪ قصن ۾
ڪردارن جي واتان مونولاگ چيل آهن، جن کي مختلف
شاعرن مختلف انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌي نثر جي
شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي ته جديد ادب جي لاءِ
دروازا کليا. هن دور ۾ مختلف ٻولين جا شاهڪار
ناول، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ شاعري وڏي پيماني تي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون. اهڙي طرح نوان لاڙا ۽ نوان
رجحان به سنڌي ادب ۾ متعارف ٿيا. مونولاگ جي
ٽيڪنيڪ ۾ لکيل
ڪهاڻي ۾ گهڻو ڪري ڪهاڻيڪار خود هڪ ڪردار جي صورت ۾
موجود هوندو آهي ۽ اها ڳالهه ٻڌائيندو ويندو آهي،
ٻين ڪردارن جو تعارف پڻ ڪرائيندو آهي، ان واقعي يا
حادثي بابت پنهنجي راءِ پڻ ڏيندو آهي، ٻين ڪردارن
جي عملن، روين ۽ گفتگو کان پڻ واقف ڪندو ويندو آهي
۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تي رسائيندو آهي. سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان پهريون نالو
ڄيٺمل پرسرام جو اچي ٿو، جنهن مونولاگي ڪهاڻيون
لکيون. اي جي اتم لکي ٿو ته ”ٻيو مثال ڄيٺمل جي
”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ ڏسو! جن ۾ لکڻ جي اڄ جي
زماني واري مونو لاگي (خود ڪلاميءَ واري) جهڙي
آهي. ”دکيءَ جي دانهن“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ جوان جماڻ
استري واتان چوائي ٿو: ”ننڍي نيٽي ڦوهه جوانيءَ کي
پهتل، جنهن کي نڪا ئي ساهري پهر سنڀالڻ واري، نه
ڪائي پيڪي پهر سنڀالڻ واري، پر الٽو پيڪي ساهري
ٿيم شترو، سو چمڙا پوش چئه ته هاڻي وڃان سو ڪيڏي
وڃان، ائين نه سمجهه ته آءٌ ڪا بلڪل پوري ڀڳتڻ ٿي
ويئي هئس“، پر مريادا جو ليڪو لنگهڻ، مون کي نٿي
وڻيو.“ (1)
سنڌي ڪهاڻي جي هڪ ٻئي امر لعل
هنڱوراڻيءَ جو نالو سامهون اچي ٿو، جنهن جي افساني
”ادو عبدالرحمان“ جو ڪردار ٻين جي موجودگيءَ ۾ يڪ
طرفو ڳالهائي ٿو. هتي هڪ مثال ڏجي ٿو:
”گوبند پنجابيءَ جون به شرنارٿي جيوت جون مشهور
ڪهاڻيون آهن: ”سرڳ ۽ نرڳ“ ۽ ”نالائق“. پوئين جي
طرز به مونولاگ (خودڪلامي) واري آهي. پهرين ڪهاڻي
جي پڇاڙي ڏاڍي دردناڪ آهي، ان جو هيرو ماستر
موتيرام ڪئمپ ۾ سوري جي مرض جو بک ٿيندڙ سوين
سنڌين جا لاش ڳڻي رهيو آهي، جن ۾ هڪ سندس ڌيءَ به
آهي. ”نالائق“ ڪهاڻي جو نائڪ شرنارٿي پنهنجي پيٽ
خاطر بيمار ڌيءَ جي دوا لاءِ پئسا ڪمائڻ ڪاڻ ڪيلا
وڪڻي ٿو ته پڪڙجي پوي ٿو ۽ هڪ ڏينهن جيل ڪاٽڻ وقت
سندس ڌيءَ پرپٺ مري وڃي ٿي. وري ريڊي ميڊ ڪپڙو
رستي ۾ وڪڻي ٿو ته وري به پوليس پڪڙي وٺيس ٿي.“(2)
ڪامريڊ سوڀي پهرين ڪهاڻي
”خودڪشي“ اصل ۾ انگريزي
My Suicide
جي عنوان سان هڪ رسالي ۾ جون 1940ع ۾ شايع ٿي هئي
جيڪا بعد ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي وئي. مونو لاگ جي
ٽيڪنيڪ ۾ لکيل اها ڪهاڻي هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن
بابت آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز غريب سنڌي مڪرانن جي معاشي
تڪليفن ۽ جفاڪشيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مونولاگ انداز
۾ لکيل هن ڪهاڻِي ۾ اياز مزدور مڪراني عورتن جي
مزدوريءَ عيوض گهٽ اجوري تي افسرده آهي. مڪراني
عورت جو هڪ ٻار جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو هڪ معصوم ڪردار
آهي. جيڪو ٻاتي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو/ڳائي ٿو:
اوٺو وڏو امان جو،
تُرو وڏو ابا جو،
تئو وڏو امان جو،
ڇرو وڏو ابا جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو.
آزاديءَ کان پوءِ جي به ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ اهڙا مثال ملن ٿا.
”1965ع ۾
هريش واسواڻيءَ جو ساهت ڌارا رسالي ۾ هڪڙو مونو لاگ ڇپيو. پاڻ سان پاڻ
ڳالهائڻ واري انداز ۾ فني لحاظ سان اهو مڪمل مونو
لاگ آهي ۽ شايد سنڌيءَ ۾ پهريون مڪمل مونو لاگ ۾
افسانو آهي. ان کان پوءِ شام ڀاڳيا جو افسانو به
مونولاگ ۾ آيو. انهيءَ افساني جو هڪ خاص ڪردار زال
پنهنجي مڙس جي موجودگيءَ ۾ مونولاگ واري اسٽائيل ۾
ڳالهائي ٿي. غلام نبي مغل جو هڪڙو افسانو ”رات جا
نيڻ“ انهيءَ لحاظ سان شاندار افسانو آهي. غلام نبي مغل به
چيخوف واري ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي آهي.
افساني جو مرڪزي ڪردار ڪٿي ڪٿي مونولاگ ۾ ڳالهائي
ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ٿرڊ پرسن ۾ هلي ٿي ۽ ڪٿي فرسٽ پرسن ۾.“
(3)
1970ع کان پوءِ جديديت واري دور ۾ شوڪت شوري، مشتاق شوري، نور گهلوءَ ۽ ٻين
خود ڪلاميءَ جي طرز ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن.
مشتاق شوري جي ڪهاڻي ”گيدي پڻي سان ڀريل جيون“ هڪ
مونولاگ ۽ شعور جي وهڪري ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. هن
ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته جڏهن ماڻهوءَ جي همت
جواب ڏئي ڇڏي جڏهن معاشري طرفان کيس ڏنڀ ملن، تڏهن
هڪ حساس دل رکندڙ انسان مٿان ڇا گذرندي آهي. ڪهاڻي
۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”لڳي ٿو ته ظالم ۽ انڌيون انڌوڪار واريون آسماني
طاقتون انهن جوابن کي ڳڙڪائي وڃن. هونئن به هر
سوال جو جواب هئڻ ڇا ضروري آهي؟ انسان ذات جو مقدر
اهو آهي ته اها سوالن جون ڀريون ٻڌي هلندي رهي
آهي. هڪ انڌي، اونداهي اڻ ڄاڻ آئيندي ڏانهن سفر
ڪندي.“ (4)
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ”کنڊر“ به اهم آهي. هن
ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ مونولاگ طرز جو استعمال ڪيو آهي.
ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار بظاهر ذهني مريض لڳي ٿو پر
زندگيءَ جون انتهائي ڪڙيون حقيقتون پيش ڪري ٿو.
ڪهاڻيءَ ۾ ڪافڪا جا ڏنل ٽڪرا به وجودي نڪتي نظر
کان اهم سوال اڀارين ٿا. ”اڏوهي جيئن ڏکڙا“ ۾
رخسانه جي ڪردار ۾ وجودي اڪيلائي جا سوال اڀاري
ٿو. هو سوچي ٿي ته ”اڪيلو ته هتي هر ڪوئي آهي، هر
ماڻهو جي اندر ۾ بي انتها اڪيلائي ۽ ويراني آهي،
ڪو محسوس ڪري ٿو ۽ محسوس ڪري به ان کي محسوس ڪرڻ
نه ٿو ڏي.“(5)
ممتاز مهر جي ”ڪوئن جو دڙو“ مونولاگ جي فارم ۾
لکيل انوکي ڪهاڻي آهي. روشن تنيي جي ڪهاڻي”اگهاڙو
پاڇو“ مونولاگ جي انداز ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ وڏيرڪي
نظام هٿان هڪ عورت لاچار ٿي وڃي ٿي. ”تتل ماڻهو“ ۾
بي جوڙ شادين جو ذڪر آهي. ”آپگهات“ ۾ هڪ اهڙي
ماڻهوءَ جي وارتا بيان ڪيل آهي، جيڪو حالتن کان
تنگ ٿي، خودڪشي وارو رستو اختيار ڪري ٿو.
رفيق سومري جو ڪتاب جيڪو 2011ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾
”نوويلا“ ڪهاڻيون، خط،
پروفائيل ۽ تاثر شامل آهن. هن ڪتاب جو اهم حصو
نوويلا آهي، جنهن ۾ ليکڪ نئين فن، نئين اسلوب، ڊڪشن (Diction) کي متعارف ڪرايو آهي. رفيق سومري جو پنهنجن ڪهاڻين ۾ Monologue
کي مڪالمن ذريعي تخليق ڪيو آهي. سندس ڪهاڻيون، حقيقت پسندي جو
اهڃاڻ آهن. ڪهاڻين ۾ نفسياتي الجهن به نظر اچي ٿي.
جيئن
”اڻ ٿانيڪو من“، ۾ عورت جو ڪردار مونولاگ جي ذريعي تخليق ڪيو ويو آهي. نوويلا ۾ ليکڪ، جي ذهن جي هڪ ڪيفيت جو اظهار آهي.
نئين دور جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن مونولاگي ڪهاڻيون
لکيون آهن. ذوالفقار ڪانڌڙي جي ڪتاب ”بند ٿيل
دروازو“ ۾ شامل، اڪثر ڪهاڻيون مونولاگ ۾ لکيل آهن.
ڪردارن جي معرفت، محروم جذبن ۽ احساسن وارن فردن
جي هُن خوب ترجماني ڪئي آهي، جنهن جو عمدو مثال
ڪهاڻيون ”محبتن کان وسري ويل شخص“، ”وڃايل وجود جي
ڪٿا“، ”ورهايل محبت جو نوحو“ ۽
”ٽڪرن ۾ ورهايل ماڻهو“ آهن.
مونولاگ
ڪهاڻيءَ لاءِ سعيد سومري جي ڪهاڻي
”مون کي ننڊ نه ٿي اچي“ مان هي ٽڪرو رکجي ٿو:
”اخبار وارو ڇوڪرو هوڪا ڏيندو منهنجي اڳيان اڳيان گذريو. مون کي
وائڙن وانگر اخبارن ڏانهن ڏسندي، بيٺي پير ئي
پڇائين:
”سائين! اخبار کپي ڇا!؟“
مون ڇرڪندي
”هونهن“ ڪري هُن ڏانهن ڏٺو.
سانوري رنگت، پوريل اکيون، وکريل وار، ميري قميص ۽
ڪيترن ڏينهن کان منهن نه ڌوتل.... اف! منهنجو
ايندڙ نسل .... هيءُ..!؟
”ڪاوش ... سچ ... ڪوشش .... سنڌ ... جيڪا چئو ...!“ هن وري ڳالهايو.
مون اکين تي نظر جو چشمو ٺاهيندي، روڊ کان ويندڙ گڏهه گاڏي تي
ويٺل مايوس شخص ڏانهن ڏسندي هاڪر کي چيو.
”نه پُٽ .. مون کي اخبار نه گھرجي، اخبار ۾ رڳو ڏکن جون خبرون
اچن ٿيون ۽ مان ڏک سهڻ جھڙو ناهيان رهيو...!“
”سائين! اخبار وٺندو ته مون کي روپيو بچندو. مون کي امان جون
دوائون وٺڻيون آهن سائين!“
منهنجو هانءُ اُٻڙڪو ڏيئي ڄڻ پيرن ۾ اچي ڪريو. مون تڪڙ ۾ کيسي
۾ هٿ هنيو ته رڳو ٻه روپيا مس هئا. ڇوڪرو مون کي
ائين وساميل ڏسي سمجھي ويو.
”پٽ! مون وٽ پيسا ڪونهن، تون هي ٻه روپيا رک...! مون هٿ هن
ڏانهن وڌائيندي چيو.
”نه سائين!“ ڪري هن هلڪڙي وک اڳتي کڻندي جھيڻو هوڪو ڏنو. “س ... چ ... سن ...ڌ“....
مون کي لڳو ته ڄڻ مان گورڪن ٿي ويو آهيان ۽ ڪي قبرون کوٽڻ ۾
مصروف آهيان.“
(6)
ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ڪتاب ”اڻپورا وجود“ ۾ ”ڏکي ڏونگر پاڻ ۾“ مونولاگ ۾ لکيل هڪ بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اڪيلائپ، ذات جي
خلا ۽ خود اذيتي کي شاندار نموني بيان ڪيو ويو
آهي. قربان جتوئي جي
ڪتاب ”اڏار“ ۾
”يوٽرن“
سياسي ويچارن تي ٻڌل
ڪهاڻي، جنهن جو مرڪزي خيال
”عدم تشدد“ جو فلسفو آهي. سنڌ جي
قومي تحريڪ جي نظرياتي جهيڙي جي نمائندگي ڪندڙ. پر
اها ڄڻ ته هڪ مونولاگ آهي. ڪهاڻيءَ جي اندر وڌيڪ
سگهه تڏهن پيدا ٿئي ها جڏهن ان ۾ ٻيو ڪردار به
اوترائي طاقتور دليل
”تشدد“ جي حق ۾ ڏئي ها.
سنڌي ناول ۾ به ڪجهه اهم مثال ملن ٿا. ”روشني جي تلاش“
ناول ۾ آغا سليم ھڪ نئين ٽيڪنيڪ خود ڪلامي (Monologue)
شامل ڪئي
آھي. وِمي سدا
رنگاڻيءَ جو
”مَمِي اِئين ڇو آهي؟“ (2001ع) مونولاگ جو بهترين مثال آهي. وينا شرنگيءَ جو ناول
”منهنجا معصوم سڄڻ“ مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول
آھي. ھوءَ لکي ٿي:
”هي ڪا صرف منهنجي نه
پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ....
اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... ”منهنجا معصوم
سڄڻ“ ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر
اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ”منهنجا
معصوم سڄڻ“ ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان
ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.“
(7)
سنڌي ڊرامي خاص طور تي ريڊيائي ۽ ٽي.وي ڊرامن ۾ مونولاگ جا
بهترين مثال ملن ٿا. آغا سليم جي ڊرامن ۾ اڪثر ڪري
هي رجحان موجود آهي. شيخ اياز جي منظوم ڊرامن ”ڀڳت
سنگهه کي ڦاسي“، ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”رني ڪوٽ
جا ڌاڙيل“ ۾ مختلف جاين تي مونولاگ ڏنل آهن.
امرجليل جي ڊرامن جهڙوڪ ”زخم زندگيءَ جا“ ۽
”سڄڻ سفر هليا“ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي
ڪردارن کان مونولاگ چورايا. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن
ئي ڊرامن ۾ اهڙا مثال ملن ٿا. جديد سنڌي شاعريءَ ۾
ڪي مونولاگ جا مثال موجود آهن. شبنم گل جو هڪ طويل
نظم ”خود ڪلامي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
57: ساڳيو، ص 21
58: قاضي علامه آءِ.آءِ، شاھ جو رسالو. ڇپائيندڙ
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ. ڇاپو ٽيون سال 1993ع
ص 583
59: ڏسو حوالو نمبر24، ص 358 |