ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ماجِيراءِ/ مَجِيرا
سنڌ ساڻيھه آڳاٽي سڀيتا جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار
رهيو آهي. پنھنجي سيني تي
مختلف دورن جي ڪيترن ئي ماڳن جا آثار سنڌ اڃا
سانڍيندي اچي. انهن ماڳن ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن،
جيڪي مختلف دورن تي مشتمل آهن. انهن مان هر دور
سوين يا هزارين سالن تي به مبني رهيو آهي. اهڙن
ماڳن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ سان گھڻي زماني
تائين آباد رهندڙ درياهي بندر 1 شھر جهرڪ کان 7
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ اُڀي ٽڪريءَ جي مٿاڇري
(مَنھه) تي ’ماجِيراءِ جي
ماڙي‘ نالي سان هڪ قديم ماڳ به آهي.
ماجِيراءِ جي آثارن واري هن ماڳ کي هتي جا مقامي
ماڻهو ’مَجِيرا/ مَجِيران جي ماڙي‘ يا ’مَجيرا جي
بُٺي‘ (ٽڪري) جي نالي سان سڏين ٿا. هتي جي ماڻهن
وٽ هن ٽڪريءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون/لوڪ
روايتون مشھور آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته ماجيراءِ
يا هتي جي آثارن بابت اسان جي تاريخ جي آڳاٽن
ڪتابن ۾ ڪو ذڪر نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته هي تاريخ کان به
آڳاٽي زماني جو ماڳ آهي. هن ماڳ کي ڦِٽندي به ڪيئي
جُڳ گذري ويا آهن. اُجڙي ويل هن ماڳ کي ’ڪافرن جو
ڪوٽ‘ سمجهي، ماڻهو به گهڻي زماني کان ڪڏهن رونشي
طور ٽوڙيندا رهيا آهن ته ڪڏهن ملڪيت ڳولڻ جي لالچ
۾ کوٽيندا، ڦٽائيندا رهيا آهن، ته ڪڏهن سرون ۽ پٿر
ڪڍي پنھنجي استعمال ۾ به آڻيندا رهيا آهن.
ماجيراءِ جو سڀ کان پھرين رڳو لوڪ ادب ۾ ئي ذڪر
ملي ٿو، ٻيو عربن جي ڪن آڳاٽن نقشن ۾ هن ماڳ جي
نشاندهي ضرور ٿيل آهي. تنھن کان پوءِ ويجهڙ وارن
دورن (اوڻهين صدي عيسوي) ۾ خاص ڪري انگريزن جي ڪن
رپورٽن ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ ماجيراءِ جو ذڪر ملي ٿو.
ايئن انگريزن کان پوءِ گذريل صديءَ ۾ ڪن ڏيھي
محققن به هن ماڳ جو بنھه ٿوروئي سھي پر ذڪر ڪيو
آهي. سڀ کان پھرين جنھن انگريز، هن ماڳ کي ڳولي
اچي ڏٺو، سو هو ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڊبليو
ڪول، جنھن 1852ع ۾ هِي ماڳ ڏسي، هتي کوٽائي ڪرائي
کوجنا ڪئي. مسٽر
ڪول تڏهن 1853ع ۾ ’رائيل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي‘
برانچ جي سيڪريٽريءَ کي هڪ خط لکي، هن ماڳ بابت
رپورٽ پيش ڪئي. اُن رپورٽ ۾ مسٽر ڊبليو ڪول هتي
ڪرايل کوٽائيءَ ۽ کوجنا جي بنياد تي هن ماڳ ۾ ٻُڌ
آثارن ۽ اسٽوپا جي موجودگيءَ جي آگاهي ڏني. تڪڙو
ئي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر
اليگزينڊر ڪننگهام پنھنجي ڪتاب
‘Ancient Geography of India’
(1871ع) ۾ ماجيراءِ جو مختصر احوال ڏنو آهي.
مسٽر ڪارٽر ۽ ڊاڪٽر فيڊن به سن 1876ع ۾ هن علائقي
کي ٻُڌ آثارن طور رپورٽ ڪيو. هتي جو ڪجهه ذڪر
ايٽڪن جي گزيٽيئر 1907ع ۾ به ملي ٿو. ايئن ڊبليو.
جي سمٿ پاران سھڙيل ’سنڌ گزيٽيئر-ضلعي ڪراچي‘ ۾
مسٽر ڪول جي حوالي سان بنھه مختصر پر چڱو احوال
ملي ٿو. مسٽر ڪول کان پوءِ قديم آثارن جو ماهر
هينري ڪزنس اهو شخص آهي، جنھن هتي اچي، مسٽر ڪول
جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ هن ماڳ جي کوٽائي ڪرائي،
جانچ ڪري سُٺو تحقيقي احوال پيش ڪيو. هن ماڳ جو
اهو احوال سندس مشھور ڪتاب
‘The Antiquities of Sind’
۾ موجود آهي. مسٽر سمٿ
(J.W.Smyth)
جو ذڪر ٿي چڪو آهي، جنهن ڪراچي
ضلعي جي گزيٽيئر ۾ ’دلچسپ ماڳ‘ جي عنوان سان ڏنل
باب ۾، هن ماڳ کي ٻُڌڪي شھر طور شامل ڪري، چڱـو
احوال ڏنو آهي. ايئن پوءِ ٻين گزيٽيئرس وغيره ۾
به ماجيراءِ جي نشاندهي ۽ ذڪر ٿيل آهي.
اهڙي طرح ڏيھي محققن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ
پنھنجي ڪتابن ’قديم سنڌ‘ ۽ ’سنڌ جو سيلاني‘ ۾ هن
ماڳ جو ڪجهه احوال ڏنو آهي. مرزا قليچ بيگ پنھنجي
ڪتاب ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ بنھه
مختصر ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به
پنھنجي پي. ايڇ. ڊي. (1971ع) جي ٿيسز ’لاڙ جي ادبي
۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ مختصر ذڪر ڪيو آهي. ايم.ايڇ.
پنھور صاحب پنھنجي ڪتابن ۾ پٿر جي دور وارن ماڳن ۾
ماجيراءِ جو مختصر پر خاص چٽائي ڪندي، ذڪر ڪيو
آهي. مشھور تاريخدان ممتاز حسين پٺاڻ به پنھنجي
ڪتاب ’History
of Sind-Arab period‘(1978ع)
۾ صفحي 363 ۽ 364 تي منجاباري
(Manjabari)
جي عنوان سان هڪ تحقيقي نوٽ ۾ هن ماڳ جو احوال ڏنو
آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر اي آر خان
1979ع ڌاري پنھنجي سروي ۾ هن ماڳ کي ’راجا
منجيراءِ‘ واري ’ڪافر ڪوٽ‘ جي نالي سان تاريخ کان
اڳ واري قديم دور جي ماڳ طور درج ڪيو. محترم علي
احمد بروهي صاحب به پنھنجي ڪتاب
`History on Tombstones`
جيڪو 1980ع ۾ ڇپيو آهي، جنھن ۾ هُن ماجيراءِ جو
ذڪر ’لاکي پير جو قبرستان‘ جي احوال ۾ ڪيو آهي.
تنھن کان پوءِ منھنجي ڄاڻ موجب (1997ع) تائين ٻئي
ڪنھن به ڪتاب ۾ هن ماڳ جو ڪو ذڪر نٿو ملي.
هتي آئون هِيءَ ڳالھ ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته
منھنجو ڳوٺ ماجيراءِ جي ٽڪريءَ جي تمام ويجهو يعني
ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اوڀر ۾ آهي. نه رڳو آئون
هن علائقي ۾ ڄائو، نپنو آهيان، پر هتي ئي گهمندي
ڦرندي، هن ٽڪريءَ جا سڀ پاسا ۽ هن ماڳ کي ننڍي
هوندي کان ڏسندو پسندو رهيو آهيان. منھنجا ڪيترائي
نسل هتي جنميا آهن ۽ هي هنڌ ڏسندا رهيا آهن، اُهي
به هن ماڳ جي باري ۾ ڪيئي قصا ٻڌائيندا رهيا آهن.
آئون هن ٽڪريءَ کي ننڍي هوندي کان نه رڳو مختلف
طرفن کان چڙهي، ڏسندو ۽ جاچيندو رهيو آهيان، پر
پنھنجي ۽ آسپاس جي وڏڙن کان هن ٽڪريءَ جي قدامت،
تباهي ۽ آثارن بابت گهڻيون ئي روايتون ٻڌندو رهيو
آهيان. مختلف ماڻهن کان هن ٽڪريءَ سان لاڳاپيل لوڪ
آکاڻيون به ٻڌندو رهيو آهيان. آثارن ۾ اڄ کان ڪجهه
ئي سال اڳ اسان جيڪي ننڍا وڏا پٿر جا گهڙيل اوزار،
سھڻن چِٽن وارا پٿر، سھڻيون پڪيون ڳاڙهيون سِرون،
چِٽ اُڪريل چوڪا، مورتين جا ٽڪر ۽ ٺڪراٺو ڏٺو هو،
ان مان هاڻي گهڻو غائب ٿي چڪو آهي. مقامي ماڻهن
پاران نقصان رسائڻ کان سواءِ جيڪو به گهمڻ يا
تحقيق جي لحاظ سان هتي آيو آهي، سو ويندي ويندي
هتان ڪجھ نه ڪجھ کڻي نيندو رهيو آهي.
ماجيراءِ تي پھچڻ لاءِ رستو:
ماجيراءِ جي ٽڪري حيدرآباد - ٺٽي قومي شاهراھ تي
حيدرآباد کان 55، ڪوٽڙيءَ کان 48، ۽ ٺٽي کان 45،
جهرڪ شھر کان اولهه (يعني ٺٽي) طرف 5 ڪلوميٽرن جي
فاصلي تي موجود آهي. جهرڪ کان ٺٽي طرف ويندي،
جابلو علائقي کان پوءِ ساوڪ ڀريو ’دبيار‘ نالي سان
هيٺاهون علائقو اچي ٿو، اهو سائو علائقو جيئن ئي
ختم ٿيندو ته جابلو علائقي جي چاڙهي ايندي. انهيءَ
چاڙهيءَ جي ساڄي پاسي شيخ اسماعيل (پُراڻو نالو
ڳوٺ شيخ ٺارو) نالي هڪ ڳوٺ آهي، ۽ کاٻي پاسي يعني
ڏکڻ طرف هڪ اُڀ ڪپري وڏي ٽڪري ڏسڻ ۾ ايندي، اها ئي
ٽڪري ’ماجيراءِ جي ماڙي‘ واري بٺي/
ٽڪريءَ جي نالي سان مشھور آهي. ٽڪريءَ جي اولهائين
پاسي کان چڙهي، مٿاڇري تي موجود آثارن تائين آرام
سان رسي سگهجي ٿو.
هتي آئون انهن آڳاٽن شخصن جا ڪي جملا ڏيڻ به بھتر
سمجهان ٿو، جن هن ماڳ کي اوڻھين يا ويھين صديءَ جي
شروع ۾ نه رڳو ڏوري اچي ڏٺو پر ماجيراءِ تائين رسڻ
جا ڏس ۽ احوال ڏيئي، ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. ذڪر ٿي
چڪو آهي ته انهن ۾ سڀ کان پھرين رپورٽ ڪندڙ ڊپٽي
ڪليڪٽر مسٽر ڪول آهي، جنھن پنھنجي رپورٽ ۾ هن ماڳ
جو ڏس ڏيندي، لکيو آهي: ”جهرڪ، روڊ ذريعي ٺٽي،
ڪوٽڙي ۽ ميٽنگ سان ڳنڍيل آهي، ميٽنگ اسٽيشن جهرڪ
کان 13 ميلن تي آهي. اهو (ماڳ) جهرڪ کان 3 ميلن تي
ٺٽي تعلقي جي ديھه شيخاڻيءَ ۾ هڪ ٽڪريءَ جي مٿاهين
سطح تي، ٺٽي کان جهرڪ ويندڙ روڊ کان 300 گزن جي
فاصلي تي آهي.“ (1) قديم آثارن جي ماهر
هينري ڪزنس هن ماڳ جو ڏَس هن ريت ڏنو آهي:
”حيدرآباد کان 24 ميل هيٺ سنڌو درياھ جي ڀرسان
ٽڪرين جي وچ ۾ خوبصورت شھر جهرڪ آباد آهي. هن شھر
کان اڍائي- ٽي ميل ڏکڻ طرف، جهرڪ - ٺٽي روڊ ۽
درياھ جي وچ تي تراکڙين چوٽين سان هڪڙو پھاڙي
علائقو آهي، جتي تي ٻُڌ اسٽوپا جا کنڊر آهن.“(2)
بيھڪ:
ماجيراءِ واري ٽڪري، ويڪرائي ڦاڪ 24.954167083 ۽
ڊگهائي ڦاڪ 68،231904389 تي آهي. روينيو رڪارڊ
موجب ضلعي ۽ تعلقي ٺٽي جي تپي/ يونين ڪائونسل جهرڪ
جي ديھه شيخاڻي جي اولهائين ڪنڊ تي، ڳوٺ شيخ
اسماعيل کان 300 ٽي سؤ گزن تي ڏکڻ طرف، روڊ جي ٻئي
پاسي آهي. هيءَ ٽڪري زميني سطح کان لڳ ڀڳ 200 فوٽ
اوچي ۽ اڀڪپري آهي. هن جي مٿاڇري جي ڊيگهه 1608 فٽ
۽ ويڪر 350 فٽ آهي. آڳاٽي زماني ۾ سنڌوءَ جو هِيءُ
وهڪرو جهرڪن کان ٿورو اڳتي وهندي دبيار واري هنڌ
کان وڏو وڪڙ ڪندو اولھ طرف نڪرندو هو، يعني دبيار
وارو علائقو درياھ جي پاڻيءَ هيٺ هوندو هو. ان وقت
ماجيراءِ واري ٽڪري سنڌوءَ جي بنھه ڪنڌيءَ سان
هئي. درياھ نه رڳو ڏکڻ ڀر سان لڳو لڳ وهندو رهندو
هو، پر اوڀر کان ويندي اُتر تائين ٽڪريءَ کي گھري
پاڻيءَ جو وڏو وڪڙ ڪري بيٺل هو. مطلب ته هن ٽڪريءَ
کي ان وڪڙ جو اڌ گول کان به سرس گهيرو بڻيل رهندو
هو. پاڻيءَ جو اهوگهيرو ميرن جي دور ۾ 1798ع تائين
رهيو. ان کان پوءِ اوڀر پاسان پاڻي هٽڻ شروع ٿيو،
پر هڪ ڍنڍ جي شڪل ۾ موجود رهيو، نه رڳو اهو ڀاڱو
پر دبيار وارو سڄو علائقو ئي ڍنڍ رهيو. دبيار کي
هڪ پاسي سانوڻيءَ جي مند ۾ درياهه جي اُٿل ايندي
هئي ته ٻئي پاسي مينھوڳيءَ جي مند ۾ مينھن جو پاڻي
ٽڪرين تان وهندو اچي هتي پوندو هو. اڳتي هلي دبيار
کي بچاءُ بند اچڻ ڪري، ماجيراءِ ٽڪريءَ کي پاڻيءَ
جو اهو گهيرو ته نه رهيو پر ڏکڻ ڀر مان (اوڀر کان
اولهه طرف) پوءِ به وهڪرو وهندو رهندو هو. 1936ع
کان پوءِ سنڌؤَ ۾ پاڻي گهٽجڻ جي ڪري، هن پٽن تي
فرق ته گهڻو پيو، پر پوءِ به هر سانوڻيءَ جي مند ۾
هن ٽڪريءَ جي ڏکڻ کان ڪنڌي ڏيئي، ڪجھ مھينا هڪ وڏو
ڍورو وهندو رهندو هو. 1973ع واري ٻوڏ ۾ به سنڌو
درياهه جهرڪ کان ٿورو اڳيان اڳوڻي وهڪري وارا پٽ
وٺي، بچاءُ بند کي پاسو ڏيئي اچي، هتان وهڻ لڳو
هو. 1976، 1986 ۽ 1988ع وارا سال به سنڌو ساڳيا
رستا وٺي، ماجيراءِ جي ڀر ڏيئي، لڳ ڀڳ اڳوڻي نموني
وهڻ لڳو هو. ايئن اڄ کان ٻه سال اڳ 1996ع ۾ به
درياهه جو پاڻي اڳي وانگر هن ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڀر
ڏيئي وهڻ لڳو هو. اڃا تائين به هر سال سانوڻيءَ جي
مند ۾ درياهه مان هڪ ڍورو وهي اچي، ٽڪريءَ جي ڏکڻ
واري پاسي موجود ’ماجيراءِ واري ڪوري/ ڪُھري‘
(ڍنڍ) کي ڀريندو رهندو آهي. مطلب ته هيءَ ٽڪري
جاگرافيائي بيھڪ جي هر لحاظ کان هڪ اهم هنڌ تي،
نرالي ۽ دلچسپ رهي آهي. اها ڪوري سڄو سال پاڻيءَ
سان ڀريل رهندي آهي، جنھن تي آسپاس جي ماڻهن ۽ ٻي
جيوت جو گذر ٿيندو آهي. هن ٽڪريءَ ۽ سنڌو درياهه
جي وچ واري علائقي ۾ اوڀر کان ڏکڻ ويندي ڏکڻ_اولهه
تائين تمام وڏو ۽ گهاٽو ’ويران‘ نالي ٻيلو پکڙيل
آهي، جيڪو اڳوڻي جهنگ واري هنڌ تي مير محمد خان
ٽالپور سن 1800ع ڌاري پوکايو هو. هيوز جي ’سنڌ
گزيٽيئر‘ جي صفحي نمبر 301 تي ٻيلي ويران جي
ايراضي 9،142 ۽ آمدني 1873_74 ۾ 1،609 ڏيکاريل
آهي.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته آڳاٽي زماني ۾ ماجيراءِ جي
ٽڪريءَ کي ٽن طرفن کان پاڻيءَ جو وڏو گهيرو رهندو
هو. ٽڪريءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن پاسن کان ته سدائين
گھرو پاڻي رهندو هو، ٻيو ته انهن پاسن کان ٽڪريءَ
تي چڙهڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھ به نه هئي، فقط
اوڀر - اُتر واري ڪنڊ کان ٻيڙيون بيٺل رهنديون
هيون، سُرنگهون به اُتان ئي آهن. خشڪيءَ جي رستي
هن ٽڪريءَ تي گهڻي اچ وڃ فقط اولهه طرف کان،
آسانيءَ سان ٿي سگهندي هئي. ان زماني ۾ هِيءَ ٽڪري
هڪ اُپ ٻيٽ جي شڪل ۾ هئي. اهڙي قسم جو بھترين
قدرتي تحفظ آئون ڀانيان ٿو شايد ئي ڪنھن وستيءَ کي
هجي. اڃا به واڌارو انهيءَ ڳالھ جو آهي ته اُتر
طرف کان ٻه غارون / سُرنگهون ٺھيل آهن، جيڪي زميني
سطح جي ٿورو مٿان کان شروع ٿي، ڪوٽ تائين وينديون
هيون. انهن سُرنگهن جا نشان اڃا تائين به پري کان
پڌرا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهي غارون اڃا به آڳاٽي
انسان پنھنجي استعمال ۾ آنديون هجن، ۽ پوءِ وري
جڏهن هن ٽڪريءَ تي ڪوٽ جُڙيو تڏهن هنن غارن کي
اوچتا حملا وغيره ٿيڻ ۽ وقت جي ڪن ڏکين حالتن ۾
تحفظ سان تڪڙو ٻاهر نڪري سگهڻ لاءِ استعمال ڪيو
ويو هجي. غارن جي مُنھن هيٺان ئي سامهون ٻيڙيون
به اچي بيھي سگهنديون هيون. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته
هي سرنگهون تُرت ڪاروائيءَ
(Emergency)
لاءِ هٿرادو جوڙيون ويون هجن. هن ٽڪريءَ کي هڪ غار
ڏکڻ پاسان به آهي، جيڪا شايد انساني استعمال ۾ گهٽ
آئي هجي، ان غار جو ذڪر اڳتي ايندو. ڏٺو وڃي ته
هيڏو پاڻيءَ جو گهيرو هوندي به هتي جي ڄاڻو ماڻهن
لاءِ هن ٽڪريءَ تي اچ وڃ جا رستا ڏاڍا سولا موجود
هئا. ڏکڻ ۽ اوڀر طرفن کان سنڌؤَ سان نه رڳو ڏيھي
علائقن تائين پر ٻين ويجهن ڏيھن تائين وڃڻ لاءِ
درياهي رستو موجود هو. هتان سنڌوءَ وسيلي ڇوڙ
تائين ۽ پوءِ اُتان وري سامونڊي ٻيڙن وسيلي ڏور
ڏيھن تائين آسانيءَ سان وڃي ۽ اچي سگهبو هو.
خشڪيءَ طرف وارو رستو به ڏاڍو سَھنجو هو. هن
ٽڪريءَ جي اولهه پاسان خشڪيءَ واري ڀاڱي وٽان نڪري
ٿرڙيءَ، ٻُڙي مڪان ۽ اونگر جي ٽڪرين کان ٿيندو
ٻولهاڙي، آمري ۽ اڃا اڳتي وڃڻ لاءِ تمام سٺو رستو
موجود هو. هتان خشڪيءَ جو ٻيو رستو مُگر پير واري
چاڙهيءَ کان اڳتي نڪري، سونڊا شهر کان ٿورو پھرين،
ڏاڏوري پتڻ جي اُتر کان نڪرندو هو. جهمپير ۽
ميٽنگ جي وچ واري علائقي مان نڪرندڙ انهيءَ رستي
سان ڪيچ ۽ مڪران کان نڪري، ايران ۽ ٻين ڏور ڏيھن
تائين به آسانيءَ سان وڃي سگهبو هو. ڀنڀور کان
نڪرندڙ رستو به ان رستي سان اچي ملندو هو. هن رستي
جا نشان اڃا تائين به ڏسي ۽ استعمال ڪري سگھجن ٿا.
نالو:
مقامي ماڻهو هن ٽڪريءَ کي ’ماجيراءِ‘
يا ’مجيرا/ مجيران جي ماڙي‘ جي نالي سان ڪوٺيندا
آهن. چيو وڃي ٿو ته: ”ڪن جُڳن تائين هتي جا ماڻهو
غارن ۾ رهندا هئا، وقت گذرڻ سان هنن ٽڪرين تي گهر
ٺاهي رهڻ لڳا. زمانا گذرڻ کان پوءِ هِن ٽڪريءَ تي
ملڪ جو بادشاهه ڪوٽ ۽ محل ٺهرائي رهڻ لڳو، پوءِ
وري مختلف زمانن ۾ بادشاهه هتي وارو تخت سنڀاليندا
۽ پنھنجو وارو وڄائيندا رهيا. هن ٽڪريءَ تي شاهي
ڪوٽ ۽ بادشاهي محل ته آڳاٽي زماني کان موجود هو پر
محل مٿان ماڙي هتي جي آخري راجا ماجيراءِ اڏائي
هئي، ان ڪري نه رڳو
هن محل پر هن ٽڪريءَ تي نالو ئي ’ماجيراءِ جي
ماڙي‘ واري بُٺي/ٽڪري
پئجي ويو.“ چيو وڃي ٿو ته: ”ماجيراءِ وڏو رحمدل ۽
سخي بادشاهه هو، هُو هر وقت هر ڪنھن جي سار لھندڙ
هو، تنھنڪري ماڻهو ته ماڻهو پر جانور به سندس
اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيھندا هئا.“ اھڙيون ڪيتريون ئي
روايتون اڃا تائين ٻڌايون وڃن ٿيون. مجيرا يا
ماجيراءِ جي نالي جي باري ۾ اسان جي تاريخ جي
ڪتابن ۾ ڪو به احوال نٿو ملي. هن ماڳ تي گهڻو اڳ
تحقيق ڪندڙ هينري ڪزنس به نالي جي باري ۾ ڪا خاص
ڳالهه نه ڪئي آهي، پر مسٽر ڪول جو حوالو ڏنو اٿس.
’سنڌ گزيٽيئر‘ موجب مسٽر ڪول چوي ٿو ته: ”ڪي ماڻهو
هن کي چڱي جاءِ نه سمجهندا آهن، سو انهن هن جو
نالو ’ڪافر ڪوٽ‘ رکي ڇڏيو. ڪجهه ماڻهو هن کي’راجا
ماجي راءِ جو ڪوٽ‘ چوندا آهن.“(3) نالي
جي باري ۾ مانواري محقق ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ’سنڌ
جو سيلاني‘ ۾ لکيو آهي: ”جهرڪن کان ڏيڍ ڪوهه کن
پري ٺٽي تعلقي جي ديھه شيخاڻيءَ ۾ هڪ خلاصي ٽڪريءَ
تي ٻُڌ ڌرم جي هڪ آڳاٽي شھر جو ويرانو آهي. هتي هڪ
وڏو مندر ٺھيل هو، جو سڄو ڊٺو پيو آهي، مگر بنياد
اڃا ظاهر بيٺو آهي. هتان اڳي گوتم ٻُڌ جون شڪليون
۽ ٻيون گهڻيون شيون لڌيون اٿن. چون ٿا ته اهو مندر
اصل قلعي جي نموني ٺھيل هو. اڄ تائين مسلمان اُن
کي ’ڪافر ڪوٽ‘ ڪري ٿا سڏين ۽ هندو چون ٿا هي
’راجا مائو جي راءِ ڪوٽ‘ آهي.“(4) مرزا
قليچ بيگ ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾
هن ماڳ بابت فقط هي لکيو آهي: ”جهرڪن ۾ هڪڙي
ٽڪريءَ تي هڪڙو ڦٽل ڪوٽ آهي، جنھن کي ’ڪافر ڪوٽ‘
يا ’راجا ماجي راءِ‘ جو ڪوٽ چون ٿا.“(5)
محترم علي احمد بروهي پنھنجي ڪتاب
‘History on Tombstones: Sindh and Balochistan’
۾ ’لاکو پير
قبرستان‘ جي عنوان سان ڏنل
احوال ۾ لکي ٿو ته: ”هن قبرستان جي اوڀر ۾ تاريخي
دلچسپيءَ واريون ٻه ٽڪريون آهن، جن کي مانجهراءِ
بٺيون سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ بُٺي جو مطلب آهي قبر يا
اُڀريل مٿاهون پٽ، انهن ٽڪرين مان هڪ جي چوٽيءَ تي
هڪ کوھ ۽ ڳاڙهين سِرن جا ڍير پکڙيل آهن. مانجهرا،
جيئن ويجهڙائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو ان کي سڏين ٿا.
غالباً لفظ مانجهي راءِ جي بگڙيل صورت آهي، جيڪو
مقامي قبائلي اڳواڻ جو نالو لڳي ٿو، جنھن جي سھڻي
ڌيءَ کي بدنام چور کپرو کاٽوڙي اغوا ڪري ويو هو.“(6)
مطلب ته ڪا چٽي معلومات نٿي ملي ته ماجيراءِ ڪير
هو، پر نالي جي آخر ۾ ’راءِ‘ جو لفظ ڳنڍيل هئڻ مان
پڌرو ٿئي ٿو ته هو راءِ گهراڻي جو ڪو راجا هو. پڪ
سان هِيءُ هڪ اهم تاريخي ڪردار هوندو پر اسان جي
تاريخي ڪتابن ۾ هن نالي سان ڪردار نٿو ملي، جنھن
مان ڪو اندازو ڪري سگهجي. بھرحال صورتحال ڏسي چئي
سگهجي ٿو ته هو پنهنجي وقت جو وڏو ڪو ڏاهو راجا
هو، جنھن هن اهم جاگرافيائي ٽڪريءَ تي پنھنجو ڪوٽ
جوڙايو، جيڪو بھترين شاهراهه تي هوندي به قدرتي
تحفظ رکندڙ هو
ماجيراءِ جو ڦٽڻ:
ماجيراءِ جي بنياد پوڻ، اڏجڻ ۽ اوج بابت ته ڪٿان
ڄاڻ نٿي ملي، پر هيءُ ماڳ ڪيئن ۽ ڪڏهن ڦٽو ان باري
۾ به ڪا مستند معلومات ڪٿان به نٿي ملي. سارن جا
سڀيئي پيچرا لٽجي چڪا آهن، هاڻي فقط انومان وڃي
بچيا آهن ۽ ٻيون ڪجهه مقامي روايتون، جن مان فقط
ڪي اندازا ئي ڪري سگهجن ٿا. هونئن به جتي لکت ۾ ڪو
تاريخي رڪارڊ نه ملندو آهي ته اتي لوڪ تاريخ مان
ئي مدد وٺڻي پوندي آهي. چيو وڃي ٿو ته: ”ڪنھن
زماني ۾ هن ملڪ جي راجا جو تخت گاھ هن ٽڪريءَ تي
هوندو هو. هر سرڪاري شئي قلعا بند هوندي هئي. فقط
اوڀر- ڏکڻ پاسي کان سپاهين ۽ ملازمن جي رهڻ لاءِ
ڪي گهر هوندا هئا. ڪوٽ جي وچين ڀاڱي ۾ راجا جو محل
هو. محل جا ٻه ڀاڱا هوندا هئا، جن مان هڪ ۾ راجا
پاڻ رهندو هو ۽ ٻئي ۾ ٻانهيون رهنديون هيون. وزير
۽ ٻيا ماڻهو محل جي اوڀر واري ڇيڙهي ۾ (موجود
آثارن واري هنڌ تي) رهندا هئا. محل هر وقت روشن
رهندو هو، ڏينھن ته ڏينھن پر رات جو به ڏينھن جھڙي
روشني هوندي هئي. ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته محل جي ڇت
جي اولهائين ڀاڱي ۾ هڪ ٿَلهو ٺھيل هوندو هو، جنھن
تي هڪ قيمتي پٿر لڳل هو. سج لھڻ سان اُن پٿر مان
روشنيءَ جا اهڙا ڪرڻا نڪرڻ شروع ٿيندا هئا، جيڪي
نه رڳو محل پر ڪوٽ کان ٻاهران سڄي ٽڪريءَ کي به
روشن رکندا هئا. هن قيمتي پٿر جي راجا پاڻ پنھنجي
هٿن سان روزانو صفائي ڪندو هو ۽ هر چوڏهينءَ جي
رات جو ان پٿر کي کير سان ڌئاريندو هو. ماجيرا
نالي هتي جو آخري هاڪارو وڏو بھادر ۽ سخي
بادشاهه/راجا هو. سڄي ملڪ جي ماڻهن جي پرگهور هو
پاڻ لھندو هو.“ ذڪر ٿي چڪو آهي ته ماجيراءِ هن محل
جي ڇت تي هڪ سھڻي ماڙي ٺھرائي هئي. چيو وڃي ٿو ته:
”بادشاهه پاڻ روزانو صبح جو سوير اُٿي، ماڙيءَ جي
اڱڻ ۾ اچي چُپ ٿي، سج اُڀري تائين عبادت ڪندو هو.
هو سج اڀرڻ مھل پاڻ سڄي ملڪ جي خبرچار وٺندو هو.“
خبر چار وٺڻ جي طريقي لاءِ چيو وڃي ٿو ته: ”هو
جنھن طرف مُنھن ڪري نهار ڪندو هو ته هر شئي ۽
حقيقت سندس سامهون چِٽي ٿي اچي بيھندي هئي. ان
لاءِ پاڻ پھرين اوڀر ۽ اولهه طرف، اُن کان پوءِ
اُتر، ۽ آخر ۾ ڏکڻ طرف جي سماچار وٺندو هو.
روزانو جيان هڪ ڏينھن اوڀر طرف مُنھن ڪيائين ته
سدائين وانگر سَرهو ٿيو، پر جڏهن اولھ طرف ڏٺائين
تڏهن کيس وڏي رتوڇاڻ ٿيندي نظر آئي ۽ اُتر طرف
ڏٺائين ته به کيس سٺو سنوڻ ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ ڏکڻ طرف
ڏٺائين ته به سرهائي محسوس نه ٿيس. اُنهي ڏينھن ئي
راجا هن محل کي ڇڏي ڪنھن ٻئي هنڌ نڪري وڃڻ جو
فيصلو ڪيو. انهيءَ ڏينھن هن سڀني وزيرن ۽ ٻين
ماڻهن کي درٻار ۾ گهرائي اعلان ڪيو ته هن محل تي
ڪا شيطاني مخلوق حملو ڪرڻ واري آهي، سو هاڻي هئُ
هنڌ ڇڏي ڪنھن ٻئي هنڌ هلڻو آهي، تنھنڪري جيڪو مون
سان هلڻ چاهي ته ڀلي گڏ هلي پر جيڪو پنھنجي مرضيءَ
سان ڪنھن ٻئي هنڌ وڃڻ چاهي ته ان کي به اجازت آهي.
ائين ڪي ٿوري تعداد ۾ ماڻهو پنھنجي پسند جي هنڌن
ڏانھن هليا ويا، باقي سڀني ماڻهن، ٻانهن ۽ ٻانهين
سميت راجا سُرنگھ رستي هتان سدائين لاءِ هليو
ويو.“
چيو وڃي ٿو ته: ”ڪجھ ئي ڏينھن کان پوءِ ماجيراءِ
جي ماڙيءَ تي ڪنھن ڌارئين ملڪ جي ماڻهن جو تمام
وڏو حملو ٿيو، حملي آورن کي هن ٽڪريءَ تي ڪوبه
ماڻهو نه مليو، سو محل، ماڙين، ايستائين جو ڪوٽ کي
به ڊاهي ناس ڪري، هر قيمتي شئي کڻندا، هتان هليا
ويا. ويندي ويندي، آسپاس جي وستين ۽ زمينن کي
ڀيليندا ويا. ائين پوءِ هي ڪوٽ محل سميت هميشه
لاءِ اُجڙي ويو ته وري ڪڏهن به آباد نه ٿيو.“ هن
روايت کي ڪي ماڻهو ٿوري تبديليءَ سان هيئن به
ٻڌائن ٿا: ”بادشاهه کي جڏهن غيب مان معلوم ٿيو ته
عرب ملڪ کان هتي حملو ٿيڻ وارو آهي تڏهن، پاڻ هتي
جي رهندڙ سڀني ماڻهن کي گهرائي آگاهه ڪندي چيو ته،
جيڪو پنھنجي مرضيءَ سان هتي رهڻ چاهي ته ڀلي رهي،
پر جيڪو ڪنھن ٻئي هنڌ وڃڻ چاهي ته به ان کي موڪل
آهي.“ ان کان پوءِ گهڻا ماڻهو موڪلائي هليا ويا،
جن پنھنجي مرضيءَ سان هتي رهڻ چاهيو، اهي هتي
بادشاهه سان گڏ رهي پيا. ڪجهه ئي ڏينھن کان پوءِ
عرب ڪاهيندا اچي هتي به پھتا. هو پھريائين هن
ٽڪريءَ جي اولهائين پاسي کان وانڍ هڻي اچي ويٺا،
جيڪو به اتان گذريو ٿي ان کي تلوارن سان چيري ماري
ٿي وڌائون ۽ جي ڪو جانور ٿي ڏٺائون ته ان کي ڪھي
کائي ٿي ڇڏيائون. نيٺ هڪ ڏينھن حملي آور هن ٽڪريءَ
تي چڙهڻ لڳا، اهو ڏسي ڪوٽ جي ماڻهن ماجيراءِ
بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ وڌي وڃي، هٿيارن سان ساڻن
سامهون ٿيا، پوءِ هتي هڪ وڏي جنگ لڳي پر ماجيراءِ
۽ سندس ماڻهو سڀ وڙهندي وڙهندي مارجي ويا. تنھن
کان پوءِ حملي آور ٽڪريءَ تي چڙهي آيا ۽ سڄي ڪوٽ،
مندر ۽ ٻين جڳھين کي ڊاهي تباهه ڪري ڇڏيائون.
ويندي ويندي جيڪو مال ملڪيت کين ملي سا هو سڀ پاڻ
سان کڻندا ويا.“
ماجيراءِ جي ماڳ جي ڦٽڻ جي باري ۾ ٻيون به ڪي
ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون. پر منھنجي خيال ۾، ٻين
ڪھاڻين ۾ ڪا خاص حقيقت نٿي لڳي، پر انهن ڳالهين
مان فقط ڪي اندازا ئي ڪري سگهجن ٿا. ٽوڙ ڦوڙ ڪري،
مورتين وغيره کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، ديوارن، سِرن
وغيره جي ڀڃ ڊاھ مان اها حقيقت پڌري آهي ته هتي ڪو
وڏو حملو ٿيو هو جنھن جي نتيجي ۾ سڀ ڪجھ تباھ ٿي
ويو. هن ماڳ جي ڦٽڻ جي باري ۾ هينري ڪزنس، مسٽر
ڪول کي مليل روايت هن ريت درج ڪئي آهي: ”مقامي
روايت آهي ته، هي منجيرا ڪافر جي رهائش هئي، جنھن
جي مسلمانن جي حملي کان اڳ هتي حڪومت هوندي هئي.“(7)
هن لکت مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿو ته، هي ماڳ هتي
مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ تباهه ٿيو. مٿين روايتن ۽
شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڳ عربن جي حملي
کان پوءِ هميشه لاءِ تباهه ٿي، اُجڙي ويو. هتي
هيءَ حقيقت به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ته هتي ڪوبه لاش
وغيره نه مليو آهي، جنھن سوال جو جواب اڃا گهربل
آهي. هتي روايت واري ڳالهه ته، عربن جي حملي ٿيڻ
وقت ٽڪريءَ تان هيٺ لهي وڃي مقابلو ڪندي، پنھنجا
سِر ڏيڻ واري ڳالهه درست لڳي ٿي، پر پوءِ به
عورتن، ٻُڍن ۽ ٻارن جا لاش ضرور ملن ها. انهن
سوالن کي سامهون رکي ٻي روايت واري ڳالهه درست چئي
سگهجي ٿي ته، ’حملي آورن جي حملي کان اڳ ئي هي ڪوٽ
خالي ڪيو ويو.‘
آثار:
ماجيراءِ جي ٽڪريءَ کي توڙي جو گهڻو ڪري ٻُڌ دور
جي آثارن سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته هن ماڳ
جي شروعات ان کان گهڻو آڳاٽو پٿر جي دور کان ٿئي
ٿي. هتي جي قديم غارن / سُرنگهن وغيره کي ڇڏي، هتي
فقط هن ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ملندڙ آثارن جو احوال
پيش ڪجي ٿو. جانچي ڏسبو ته ٽڪريءَ تي ٽن دورن (1)
پٿر جو دور (2) پٿر جي دور کان پوءِ وارو آڳاٽو
دور، ۽ (3) ٻُڌ دور جا آثار ملن ٿا.
(1) پٿر جي دور جا آثار:
ماجيراءِ ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي اُتر اولھ واري ڀاڱي
۾ اهڙا ڪيترائي گهڙيل پٿر ملن ٿا، جن لاءِ پڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته اُهي پٿر جي دور واري انسان جا
ڇڏيل آثار آهن. توڙي جو هتي هن ٽڪريءَ تي گهمڻ يا
ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ جيڪو به ماڻهو ايندو آهي، سو
هتان سرون، پٿر وغيره پنھنجي دلچسپيءَ موجب کڻي
ويندو رهيو آهي. اهو سلسلو به سوين سالن کان جاري
آهي. تنھن هوندي به هن ڀاڱي ۾ اڃا به ڪيترائي پٿر
مان گهڙي ٺاهيل بليڊ ۽ ڇُريون وغيره گهڻي تعداد ۾
پکڙيا پيا آهن. نه رڳو ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي پر
اوڀر پاسي ٽڪريءَ جي لاهيءَ جي اڌ ۾ اهڙن پٿر جي
اوزارن جو ڪافي تعداد پيل آهي. اوڀارين ڪنڌيءَ سان
’پکي پير‘ جي قبر ڀر ۾ پٿر جا ننڍا اوزار پيل آهن.
پٿر جا گهڙيل اهي اوزار ڪارسري رڱ جي چقمقي پٿر جا
آهن. ڏٺو وڃي ته هن ٽڪريءَ جو پٿر هيڊسرو آهي، پر
ڇلي ٺاھيل اوزارن وارو پٿر هن ٽڪريءَ جو نٿو لڳي.
اوزارن ٺاهڻ لاءِ اهو پٿر شايد ميٽنگ جي جبلن مان
آڻي، هتي گهڙڻ جو ڪم ڪيو ويندو هو. هتي پٿر جي
اوزارن ۾ گهڻو ڪري ننڍا ننڍا 2 کان 6 سينٽي ميٽرن
جا گهڻا ملن ٿا، پر ڪٿي ڪٿي 6 انچن تائين ته ڪٿي
ان کان به وڏا اوزار ڏسجن ٿا.
پنھور صاحب پنھنجي ڪتاب
‘Chronological Dictionary of Sindh’
۾
چِٽيءَ
ريت لکيو آهي ته: ”گجي ويجهو ٿرڙو ٽڪري، شاهه حسين
(ٺٽي ضلعي)، ڪافر ڪوٽ (جهرڪ ويجهو) ٻُڌ جي ٽڪر
(ٽنڊو محمد خان) جون کوٽايون ٻُڌائن ٿيون ته ٽي
هزار سال ق.م. ۾ انهن ماڳن تي پٿر چِيرڻ جا
ڪارخانا موجود هئا.“(8) پنھور صاحب
هيءَ حقيقت پنھنجي ٻين به ڪتابن ۾ ڪيترن ئي هنڌن
تي لکي آهي ته، هي اُن زماني جي جديد صنعت وارو
شهر هو. جتي اوزار ٺھندا هئا. ماجيراءِ جي ٽڪريءَ
تي پکڙيل پٿر جا اوزار ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته
ماجيراءِ جي ٽڪريءَ تي نه رڳو پٿر چيرڻ ۽ انهن مان
اوزار ٺاهڻ جو تمام وڏو ڪاخانو هو، پر انهيءَ
ڪارخاني مان هي اوزار ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر به
موڪليا ويندا هئا. ٻيڙين بيھڻ وارن هنڌن تي گهڻي
تعداد ۾ پيل اهي اوزار ان حقيقت جي شاهدي آهن.
مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار سنڌ جا قديم ماڳ
ڳوليندي، جڏهن جهرڪ واري علائقي کي ووڙي اچي ڏٺو
هو، تڏهن پاڻ جهرڪ کان ٿيندو، جهرڪ پتڻ پار ڪري
ٻئي ڪنڌيءَ سان ٻُڌڪا ٽڪر جي آثارن تائين پھچي
کوجنا ڪئي هئائين. جنھن جو مختصر احوال هن پنھنجي
ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هو ٻُڌڪا ٽڪر جو احوال پيش ڪندي،
مسٽر ڪارٽر ۽ ٻين حوالن سان لکي ٿو ته: ”هتي
(ٻُڌڪا ۾) ڪو به ٺڪراٺو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، تنھن ڪري
اها ڳالھ چٽي نٿي ٿئي ته مسٽر ڪارٽر پٿر جا اوزار
ڪٿان لڌا هئا. ڪلڪتي جي ميوزيم ۾ پٿر جي اوزارن
صاف ڪرڻ جي روهي
(Scraper)
موجود آهي. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو پٿر
جيالاجيءَ جي ڊاڪٽر فيڊن
(Dr. fedden)
سن 1876ع ۾ سنڌ جي لاڙ جي خطي، جهرڪ شھر جي مٿاڇري
تان لڌو هو.“(9) مجمدار اڳتي لکي ٿو
ته: ”ان روهيءَ جي حقيقي جاءِ کي اسين ڳولڻ ۾
ڪامياب ڪونه ٿياسين.“(10) منھنجي خيال
۾ مسٽر ڪارٽر کي پٿر جا اُهي اوزار ماجيراءِ جي
ٽڪريءَ تان ئي مليا هوندا ۽ ڊاڪٽر فيڊن به اها
روهي، ماجيراءِ واري ٽڪريءَ جي مٿاڇري تان ئي لڌي
هوندي، ڇاڪاڻ ته هتي اڄ به پٿر جا گهڻا ئي اوزار
موجود آهن. هن ٽڪريءَ جي اولهه ڀر ۾ هن ئي
اوچائيءَ جون ٻه ٻيون گڏيل ٽڪريون موجود آهن جن کي
مقامي ماڻهو جاڙيون بُٺيون چون ٿا، انهن مان ڏکڻ
پاسي واري مٿاهين تي هڪ وڏي لسي پٿر تي هڪ مڇي
اُڪريل آهي ۽ ڀر ۾ ئي ڪجهه لڪيرون اُڪريل آهن، هڪ
ٻئي پٿر تي هڪ گول دائرو اُڪريل آهي.
2. پٿر جي دور کان پوءِ جا آثار:
هن ٽڪريءَ جي اوڀر واري ڀاڱي ۾ غير هموار ڀتين سان
ننڍن ننڍن ڪمرن جا نشان ملن ٿا. نه رڳو اتي
استعمال ٿيل پٿر گهاڙ وغيره جي لحاظ کان مختلف
آهن، پر ديوارن جي اڏاوت بي ڊولي ۽ مختلف آهي.
منھنجي خيال ۾ اهي آثار ٻُڌڪي آثارن کان اڳ جا
آثار آهن. هي تڏهن جا آثار آهن، جڏهن انسان اڃا مس
پٿر جي ڀتين وارا گهر ٺاهڻ جي شروعات ڪئي هئي.
ڪوٽ جا آثار:
هي ڪوٽ ڪڏهن ٺھيو، ان حقيقت بابت مختلف رايا آهن،
ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته، هن ڪوٽ جا اوڀاريان آثار
گهڻا آڳاٽا آهن ۽ ڪوٽ ٻُڌ دور جو آهي. ڪن عالمن
موجب هي ڪوٽ ۽ ٻيا سڀئي آثار هڪئي يعني ٻُڌ دور جا
آهن. قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم لاشاري صاحب
جو رايو آهي ته هي ڪوٽ گپت دور جو ٺاهيل اهم
يادگار آهي.
ماجيراءِ جي ڪوٽ وارن آثارن ۾ پٿر جي ديوارن
سان ٺھيل ڪوٽ جا نشان پڌرا موجود آهن، جنھن جي ماپ
ورتي آهي، جيڪا هن ريت آهي:
ڪوٽ جي ديوار:
ڊيگهه: (اوڀر کان اولهه ) 551 فٽ
ويڪر: (اُتر کان ڏکڻ) 80 فٽ
اڏاوت جي ماپ:
ڊيگهه: 380 فٽ
ويڪر: 70 فٽ
ڪوٽ جي اولهه ۾ اسٽوپا آهي ۽ اُتر ۾ هڪ ڪمري جا
نشان موجود آهن. هتي ٻُڌ دور جا آثار بنھه چٽا
موجود آهن. خاص ڪري ڪوٽ جي اولهائين ڀاڱي ۾ موجود
ٺل جو هجڻ ئي وڏو ثبوت آهي. ڪننگهام هن ماڳ ۽
آثارن بابت لکي ٿو ته: “جهرڪ کان ميل هيٺ هڪ ٽڪري
آهي، جنھن مٿان کنڊر ڏسڻ ۾ ايندا. هتان جا ماڻهو
هنن دڙن کي ’ڪافر ڪوٽ‘ ڪوٺيندا آهن. هي چوندا آهن
ته اهو شھر راجا مانجيرا
`Manjira`
ٻَڌايو هو. هن دڙي جو مک ڀاڱو همچورس آهي. جنھن
اندر هڪ جيتري وٿيءَ تي ڀتين مان ٻاهر نڪتل حصا
ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چيو وڃي ٿو ته اهي مندر جا باقي
بچيل حصا آهن. هن مندر ۾ ٻُڌ ڌرم سان لاڳاپيل ڪن
مورتين جا ٽڪر به نظر آيا. اُتان ٿوري ئي پنڌ تي
لکت به نظر آئي، جنھن
جو لاڳاپو ڪنھن قديم دور سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو. انهن
مان آئون رڳو پتراسا
‘Putrasa’
۽ ڀڳواتسا‘Bhagavatasa’
جا لفظ مسَ پڙهي سگهيس. ٻيا به ڪي اهڙا لفظ هئا،
جن جا ڪي ڪنڊون پاسا به پڙهيم. انهن ڳالهين مان
معلوم ٿئي ٿو ته هن ٿرڙ ۽ لکت جو لاڳاپو ٻُڌ ڌرم
سان آهي.“(11)
سمٿ جي ’سنڌ گزيٽيئر‘ (1919ع) ۾ لکيل آهي: ”تعلقي
ٺٽي ۾ جهرڪ کان 3 ميل، جهرڪ- ٺٽي روڊ تي ديھه
شيخاڻي ۾ هڪ ٽڪريءَ جي مٿاهين تي ٻڌن جي شھر جو
دڙو آهي.“ هن مسٽر ڪول جي حوالي سان ماجيراءِ بابت
احوال هن ريت ڏنو آهي (جنهن کي هينري ڪزنس به کنيو
آهي): ”اسٽوپا جي بنياد واري چورس فرش جي ڊيگهه هر
پاسي کان 30 فٽ آهي ۽ هر پاسي جي اوچائي 4 فٽ آهي.
ڊٺل ان عمارت جو ڪچرو صفائي ڪري، هٽايو ويو، جيڪو
ان جي چوڌاري ڍير جي شڪل ۾ موجود هو.“ (12)
هينري ڪزنس ماجيراءِ جي آثارن کي ٻُڌ اسٽوپا جا
کنڊر ڪوٺيندي لکي ٿو ته: ”هاڻي ته اتي سروٽن جي بي
ڊولن ڍيرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ موجود نه آهي، جن ۾
اڌ ڊزن کن ڪي اڪريل سرون به ملنديون، پر ڀتين جو
ڪو نشان نظر نٿو اچي. ان دڙي جي وچ ۾ مٿان کان،
زمين جي سنوت تائين سرنگھ هنئين وئي. ان کان سواءِ
مون ٻي به ڪجھ کوٽائي ڪرائي. جڏهن دڙي کي جانچي
ڏٺم ته، ان مان ڪابه اهميت واري شيءِ ڪانه لڌي.
اتي ٽڪريءَ تي ٻين سادين سودين جڳهين جي بنيادن جا
نشان ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي ڪڏهن هڪ
ننڍڙو ڳوٺڙو آباد هو. لڌل سرن مان گهڻين جي ماپ
18”*10 1\2”* 2 1\2”
انچ آهي، جنھن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته
هئُ اسٽوپا ميرپور خاص واري اسٽوپا جو همعصر آهي.
اتفاق سان اسان هنن کنڊرن بابت ڪجھ وڌيڪ ڄاڻ رکون
ٿا.“(13) اڳتي ڄاڻايو اٿس ته: ”مسٽر
ڊبليو ڪول ڪراچيءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر هن ماڳ کي 1852ع
۾ جاچي ڏٺو هو. هن تڏهن ’رائيل ايشياٽڪ سوسائٽي
بمبئي‘ جي سيڪريٽريءَ ڏانهن 1853ع ۾ هڪ خط لکي، هن
جاءِ جي باري ۾ هن ريت لکيو ته: ”سڀ آرائشي نمونا
غارن ۾ ٺھيل ٻُڌن جي عبادت گاهن سان ميل کائن ٿا.
جيڪي ٽڪرا لڌا ويا آهن، تن ۾ ٻُڌ جي ويٺل تصوير
آهي، جنھن ۾ هو غور ۽ فڪر ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
سندس مٿو ڀڳل يا ڪپيل آهي. گهڻو ڪري، بت شڪن
مسلمانن ان کي ڀڳو هوندو، جن هن اسٽوپا کي تباھ
ڪيو، پر ٻُڌ جا لڙڪندڙ ڊگها ڪن ۽ ٻيون ٻُڌ واريون
خاصيتون، اڃا به چڱيءَ طرح ڏسي سگهجن
ٿيون.
ڪي آرائشي سرون ٺپيل آهن، يعني ته اهي سانچي سان
بڻيل آهن، ڪي وري اڪيريون ويو هيون، جن جا تمام
گهڻا نمونا آهن.“(14) مسٽر ڪول کي
ماجيراءِ تان مليل شين ۽ سندس پاران موڪليل رپورٽ
جو احوال هينري ڪزنس پنھنجي ڪتاب جي فُٽ نوٽ ۾ هن
ريت ڏنو آهي: ”مسٽر ڪول جهرڪن کان ٽي ميل هيٺ
درياهه جي ڪناري سان، ٻُڌ جي کنڊرن مان جيڪي
ڪالنسن تي ڪارب/ سانچي سان ٺپي ٺاهيل سھڻيون
آرائشي سِرون لڌيون آهن، انهن جو نمونو ڪجهه
يوناني طرز سان ملي ٿو. جيئن انساني شڪليون،
ڊوڙندڙ پيڻ پکين جا نمونا، ڏانڊيءَ سميت ڪنول جي
گلن ۽ پنن جي گلڪاريءَ جو نمونو، سِرن تي ٺاهيل
ڪنول جا گل ۽ شينھن وغيره. هڪ سِر تي ٻُڌ جي تصوير
ڏنل آهي، جنھن ۾ هو ڪنول جي گل تي ليٽيل/ويٺل
ڏيکاريل آهي. سندس هٿ سيني تي آهن، کاٻي هٿ جي چيچ
ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر ۾ آهي. ڳچيءَ کان سواءِ سندس
ٻيو سڄو بدن ڪپڙي سان ڍڪيل آهي. هر هڪ پاسي کان ٻه
گهيٽا بيٺل ڏيکاريل آهن، جن جي پُٺ تصوير ڏانھن
آهي. ٻه شينھن ڪنول جي هيٺان ويٺل ڏيکاريل آهن، جن
جا منھن مٿي آهن. مٿي جي پاسن کان به ڪي شڪليون
ڏيکاريل آهن. واڳن جا وات وغيره به ڏنل آهن، پر
اُهي ٻُڌ جي مٿي سان گڏ ڀڳل آهن. (جرنل بمبئي برٽش
رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، جلد 7، ص ص 371، 367، 353)
انهن جا 113 نمونا ڪراچي ميوزيم ۽ پوءِ فريئر هال
۾ رکيا ويا آهن، تن مان هڪ ۾ ٻُڌ جي تصوير آهي.
جنھن ۾ هو پُرسڪون ڏيکاريو ويو آهي، سندس وڌيڪ ذڪر
مٿي اچي چڪو آهي.“ (15)
ڏنل مٿئين احوال وارا آثار سڀ نه پر اڃا به ڪافي
موجود آهن، جن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اهي آثار ٻُڌ
دور جا آهن. حقيقت ۾ مندر ۽ ٻين جڳھين جي اڏاوتن
مان نڪتل پٿر، سِرون وغيره هاڻي پاڻ ۾ گڏجي ويون
آهن. تنھن ڪري انهن کي الڳ سُڃاڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي
ٿي. هينري ڪزنس لکي ٿو ته: ”ٽڪريءَ جو هموار
مٿاڇرو، جنھنجي ايراضي ٿوري آهي، سا وڏن پٿرن جي
ڪوٽ سان وڪوڙيل آهي، جنھن جا نشان اڃا به ڏسي
سگهجن ٿا. اوڀر طرف کان وڌيل حصو ڪوٽ کان ٻاهر
آهي، جتي گڏ ٿيل پٿرن ۽ مٽيءَ جا ڍير آهن. ان جي
اندر پٿرن جي ڀت جا نشان به ملن ٿا، جيڪڏهن هنن
پٿرن ۽ مٽيءَ جي ڍير کي هٽائبو ته هتي ڪجھ نه ڪجھ
ظاهر ٿي سگھي ٿو.“(16)
هينري ڪزنس، وري به مسٽر ڪول جي حوالي سان اڳتي
لکي ٿو ته: ”مسٽر ڪول جو ڌيان تڏهن ڇڪيو، جڏهن هن
هڪ ڏاڍي خوبصورت آرائشي سر جو ٽڪر لڌو، جنھن جھڙي
سر هن ڪڏهن به سنڌ ۾ نه لڌي هئي. پوءِ هن دڙي کي
کوٽڻ لاءِ پورهيت رکيا، جي کوٽيندا وڃي ديوار جي
ڪنڊ تائين پھتا. جڏهن ان کي ٽڪريءَ جي مٿاڇري جي
سطح تائين صفائي ڪيائون ته، ڀِت وٽان هڪ هم چورس
جاءِ لڌائون، جنھن جي ماپ 2/1/85 فوٽ هئي، جيڪا
تمام سھڻين ۽ وڏين سرن
¾
2 +
½
9 +
½
15 سان جوڙيل آهي، جن جي ماپ آهي. اوساري سنڌو
درياهه جي صاف چيڪي مٽيءَ سان ڪئي وئي ٿي ڀانئجي.
مسٽر ڪول جو خيال آهي ته ”ان گاري ۾ ڪا تندن واري
شيءِ پڻ مليل هئي.“(17) ”جڳھ جي بنيادن
واري ڀت وارن، سھڻن چٽن سان ڏاڍي سھڻي نموني سان
سينگاريل آهي. 6 فوٽن جي وٿيءَ تي سر کي ٿورو
وڌاءُ ڏئي چورس بنايا ويا آهن، انهن کي گاري جو
ليپو ڏنل ٿو ڀانئجي، اهي ڄڻ ته ڀت ۾ پايا بڻايل ٿا
ڀانئجن.“(18)
”ڀت جي بنيادن واري آرائشي تعمير کان سواءِ ٻي
ڪابه شيءِ سلامت ڪانه هئي. ٻئي آرائشي فن جا ٽڪرا،
مٽي ۽ ٽوٽن جي انهن ڍيرن ۾ پوريل هئا، جن ڀت جي
پيڙھ ڍڪي ڇڏي هئي. سمجھ ۾ ائين پئي آيو ته ڄڻ ڪنھن
مٿين اڏاوت مان ڪريل آهن ۽ اهو محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ
انساني تصويرون ڪنھن ڄاڻي ٻجهي ناس ڪيون آهن.“
”مسٽر ڪول هن اسٽوپا جي کنڊرن کان ڪجھ ميل پري هڪ
اڪريل پٿر لڌو هو. اهو پٿر هڪ هم چورس ڪوٽ جي
اندران لڌو ويو. ان ڪوٽ جي تعمير وڏن اڻ گھڙيل
پٿرن سان بنا گاري جي هڪ ٻئي مٿان رکي، ڪئي وئي
آهي. جنھن کي ڌنار عام طور ڪافر ڪوٽ سڏيندا آهن.“
(19)
آثارن مان ملندڙ شيون:
پٿر جا اوزار:
ڪوٽ ۽ ٺلھ کان اُتر واري خاص ڪري اولهه واري ڀاڱي
۾ ڪارسري چقمقي پٿر مان ڪٽي لسائي ٺاهيل ڪيترائي
بليڊ، چاقو، ڇُريون ۽ ٻيا اوزار تمام گهڻا پيل ڏسڻ
۾ اچن ٿا، ننڍا ننڍا بليڊ ته تمام گهڻي تعداد ۾
پيل آهن. اهڙن پٿرن ۾ هڪ اهڙو پٿر به پيل آهي،
جيڪو بنا پاهي جي ڪنھن ڪھاڙيءَ جي ڦر جھڙو آهي،
اُن جو هڪ پاسو سنهو ۽ تمام تيز لڳي ٿو. سُئيءَ جي
شڪل جھڙا، ڪٿي هڪ ۽ ڪٿي ٻن انچن جي ماپ جا ڊگها،
تيز مُنھن وارا پٿر ته گهڻا پيل آهن.
ڪوٽ ۽ مندر جو ٺڪراٺو:
هن وقت ڪوٽ جي ديوارن جا پٿر، محل جي ديوارن ۽ ٻين
حصن جون چيڪي مٽيءَ مان ٺھيل ٿوري تعداد ۾ سڄيون
ته گهڻي تعداد ۾ ٽٽل سرون ڍير لڳيون پيون آهن،
جيڪي پنھنجي مضبوطيءَ جي اڄ به ساک ڏين ٿيون. مسٽر
ڪول کي هتان جيڪو ٺڪراٺو مليو هو، ان جو احوال هن
ريت بيان ڪيل آهي:” اتان کيس وڏي تعداد ۾ ٿانو
مليا، جن مان ڪجهه ٺڪر جا ۽ ڪجهه چيڪي مٽيءَ مان
گهڙي تيار ڪيل هئا. ڪافي مورتين جون شڪليون
بگاڙيون ويون هيون، باقي سندن جسم سلامت هئا. اهي
مورتيون جيڪي ٺڪرن جي مٿان ٺاهيون ويون هيون، تن
سان ڪنھن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي ويئي هئي.“(20)
هتي سرون ٻن قسمن جون آهن، هڪ ديوارن جون جيڪي
مستطيل ٺھيل آهن، ته ڪي وري چورس 1.2*1 ماپ جون
آهن، جيڪي شايد ڇتين جا چوڪا آهن. سِرن جي بناوت
مان پتو پئي ٿو ته اُهي ڪارب يعني سانچي ۾ ٺاهي
پوءِ پچايل آهن. ڪن سِرن تي وڻن ۽ ولين جي پنن
وغيره جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪن سِرن جي ٽڪرن تي
ڪنول جھڙا چٽ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪن سِرن جي ڪنارن
تي زنجير جھڙا نمونا به آهن. ڪن سرن جي ٽڪرن تي ڪن
پکين جا مُنھن ۽ کنڀ به ٺھيل ڏسبا هئا.
هڪ هنڌ تي ڳاڙهسري پٿر مان لسائي ٺاهيل ننڍڙا
ننڍڙا گولا به ملن ٿا ته اُتي ئي مٽيءَ جا پچايل
ڏڙهي جھڙا گولا به نظر اچن ٿا. انهن گول ڏڙهن لاءِ
ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪھڙي مقصد سان ٺاهيا
ويا هئا. چيڪي مٽيءَ مان جوڙي، پچائي ٺاهيل مورتين
جا ڪيترائي ٽڪرا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٺڪراٺي ۾ جن
مورتين جا ٽڪرا ملن ٿا، انهن ۾ خاص ڪري چھرن جا
ٽڪرا به نظر اچن ٿا. ڏکڻ پاسي ڪجهه ٺڪر جا اهڙا
ٽڪر به ملن ٿا، جن تي انساني هٿ ۽ پير چٽا ڏسي
سگهجن ٿا. ڪن مورتين جي ڪنن جا ٽڪرا به ڏسڻ ۾ اچن
ٿا.
ماجيراءِ جي باري ۾ لوڪ ڪھاڻي:
آخر ۾ مجيراءِ جي باري ۾ هلندڙ انهيءَ لوڪ ڪھاڻيءَ
جو ذڪر پيش ڪجي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل،
لوڪ ادب سلسلي جي ’لوڪ ڪھاڻيون‘ جي جلد 7 جي صفحي
نمبر 129 تي ’کپرو کاهوڙي ۽ راڻي ڪاڍاري‘ جي عنوان
سان ڏنل آهي. جنھن جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ پنھنجي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”کپرو کاهوڙي ۽
راڻي ڪاڍاري“ ضلعي ٺٽي جي اترئين ڀاڱي خصوصاً
جهرڪن واري ايراضيءَ جو داستان آهي. هن ڳالھ موجب
کپرو هڪ درويش هو، جنھن جو ماجيراءِ بادشاھ جي
ڌيءَ ڪاڍاري سان سندس نينھن لڳو. فرهاد وانگر
ڪشالا ڪري، سرنگھ هڻي شھزادي ڪاڍاري تائين پھتو ۽
انهيءَ سرنگھ واري ڪشالي سببان کيس ’کپرو کاهوڙي‘
يا ’کاٽ کپريو‘ سڏيو ويو.“(21) ڪتاب ۾
وضاحت ٿيل آهي ته هيءَ ڳالهه تعلقي ٺٽي مان
عبدالله گندري کان ملي.”(22) انهيءَ
علائقي جي هئڻ جي ڪري کپري کاٽڙيي واري هيءَ ڪھاڻي
ننڍي هوندي کان اسين به ٻڌندا رهيا آهيون. پر ڪتاب
۾ ڏنل هن ڪھاڻيءَ جي ڪن ڳالهين ۾ ڪي فرق موجود
آهن، جيڪي ترتيبوار هتي ڏجن ٿا:
1. ڇپيل ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته جڏهن ماجيراءِ کي ڌيءَ
ڄائي تڏهن نجوميءَ کيس چيو ته: ”سندس لکيو تو سان
آهي.“(23) ٻڌائي ويندڙ آکاڻيءَ ۾ ’سندس
لکيو تو سان آهي.‘ وارو جملو ناهي.
2. ڪھاڻيءَ ۾ ان ڪردار جو نالو ’کپرو کاهوڙي‘ نه
پر ’کپرو کاٽڙيو‘ (يعني کاٽ هڻندڙ) آهي.
3. ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايل آهي ته: ”کپري، شهزاديءَ کي
حاصل ڪرڻ لاءِ رات ڏينھن سرنگھ کوٽي. ڇھه ڀيرا
ايئن ڪرڻ سان به محلات تائين پھچي نه سگهيو، ۽
ستين دفعي سڌو ڪاڍاريءَ جي ڪمري مان وڃي نڪتو.”(24)
مقامي طور هلندڙ ڪھاڻيءَ ۾ کپري پاران سرنگهن کوٽڻ
جي ڳالهه نه آهي. پر ٻڌايو وڃي ٿو ته: ”کپرو
شھزاديءَ تائين پھچڻ لاءِ پريشان ٿي هڪ ڀيري فقير
جي روپ ۾ وري به ماڙيءَ وٽ پھتو ته ٻانهي خيرات
ڏيڻ آئي، تنھن کان محل جي اندر پھچڻ جو ڏس
پڇيائين. پھريائين ته ٻانهي به چُپ رهي، پر نيٺ
گهڻو زور ڀرڻ تي ٻڌايائين ته هن ڪوٽ کي ٽي
سُرنگهون آهن. انهن مان اُتر پاسي کان جيڪي ٻه
سُرنگهون آهن، انهن مان وري ڏنل وڏي پٿر واري
سُرنگھ سڌو محلات جي اندر اچي ٿي. ان ڏَس ملڻ کان
پوءِ کپرو محلات تائين پھتو. مطلب ته اُهي
سُرنگھون اڳي ئي موجود هيون.
3. هتي ٻڌائي ويندڙ ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته:
”کپرو درويش نه پر قافلن کان ڦرون ڪندڙ ۽ کاٽ
هڻندڙ هو. ان ڪري کاٽڙئي طور مشھور هو.“ اڄ به
جهرڪ شھر کان ساڍن چئن ميلن جي فاصلي تي اُتر طرف
جنھن ٽڪريءَ تي سندس قبر آهي، اها ٽڪري کپري
کاٽڙيي واري ٽڪريءَ جي نالي سان مشھور آهي. اهڙي
ريت ڪي ٻيا به فرق ملن ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنھنجي مقدمي ۾ چٽيءَ ريت لکي ٿو
ته: ”کپريي بابت مقامي طور ٻيون ڳالهيون به هلندڙ
آهن، جن مان ڪن موجب هو هڪ ڏاڍو مڙس چور هو. جهرڪن
کان چار - پنج ميل اولھ طرف، ڪراچيءَ ڏانهن ويندڙ
شاهي رستي جي ڏکڻ طرف ماجيراءِ جي ٽڪري موجود آهي،
جي غالباً ٻُڌ ڌرم جي مڙهي ۽ ان وقت جي شھر جا
آثار آهن. هئُ داستان انهن قديم آثارن سان وابسته
آهي.(25)
ٽڪريءَ جي آسپاس:
ماجيراءِ جي ٽڪريءَ وٽ ۽ اُن کان اولھ ۽ اُتر واري
جابلو علائقي ۾ ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن، جتي مختلف
دورن سان تعلق رکندڙ قديم آثار موجود آهن. انهن
مان هتي فقط ويجهڙ واري آسپاس جو ذڪر ڪجي ٿو:
(الف) غارون / سُرنگهون:
ماجيراءِ ٽڪريءَ کي اُتر طرفان هيٺان کان ٻه غارون
موجود آهن، جن جو ذڪر ٿي چڪو آهي. انهن کان سواءِ
هڪ غار ڏکڻ طرف کان انهيءَ هنڌ وٽ آهي، جتان آڳاٽي
زماني ۾ درياھ ڪنڌي ڏئي، وهندو رهندو هو ۽ اُتي
ويجهو ئي ماجيراءِ نالي سان ڪوري (ڍنڍ) آهي، جنھن
۾ اڃا تائين به پاڻي موجود رهندو آهي. ڏکڻ واري
غار کي واڳوءَ واري غار چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته
هن غار ۾ قديم زماني کان واڳو رهن ٿا. ماڻهن جي
چوڻ موجب هتي هڪ واڳو آهي، ٻيو سندس عيال آهي ۽
ان واڳوءَ جي سوين سال ڄمار آهي. ڪي ته سندس ڄمار
هزارين سال به ٻڌائين ٿا. منھنجي خيال ۾ انهيءَ
واڳوءَ جي ايتري ڄمار به نه هوندي، پر هن غار ۾
مختلف دورن ۾ مختلف واڳو رهندا آيا آهن، هاڻي جيڪو
واڳو موجود آهي، اهو گهڻو جهونو آهي. هي واڳو
’موتي فقير‘ جي نالي سان مشھور آهي. ماڻهو هن کي
ڪنھن درويش جو روح سمجهن ٿا. مختلف علائقن کان هتي
ايندڙ ماڻهو، غار جي مُنھن وٽ اچي بيھي ’موتي
فقير‘ نالي سان پڪاريندا آهن، ته واڳو نڪري ايندو
آهي. ماڻهو کيس گوشت اڇلي ڏيئي، کانئس دعائون
گهرندا آهن. واڳو گوشت کڻي واپس ڏَر ۾ هليو ويندو
آهي. ڪڏهن درياهه ۾ ته ڪڏهن وري ڪوريءَ جي پاڻيءَ
۾ ويندي به ڏسبو آهي. ڏَر مان جڏهن نڪرندو آهي
تڏهن گهڻو ڪري پُسيل (آلو) يا گپ ۾ ڀريل هوندو
آهي، جنھن مان لڳي ٿو ته ڏَر جي اندرئين ڇيڙهي وٽ
پاڻي موجود آهي. مانواري محقق علي احمد بروهيءَ
پنھنجي ڪتاب ۾’لاکو پير قبرستان‘ جي احوال ۾ هن
واڳوءَ جو دلچسپ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
”ويجهڙين غارن مان هڪڙي غار هڪ پوڙهي واڳوءَ جو
آستانو آهي. اُهو ڪراچيءَ جي ويجهو منگهي پير جي
واڳوئن وانگر آهي. عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته اُن جو
نالو انساني يعني ’موتي فقير‘ آهي. جڏهن به ڪو
ماڻهو غار جي مُنھن وٽ وڃي اُن کي نالي سان سڏي ٿو
ته هُو غار جي مُنھن وٽ هليو ايندو آهي. پوءِ سندس
سامهون گوشت وغيره رکيو وڃي ٿو ته اُهو وٺي هليو
ويندو آهي. اِها غار ڪافي ڊگهي آهي ۽ شيخ جکري جي
مقبري وٽ جيڪو تلاءَ آهي اُن تائين وڃي پڄي ٿي.
اِها حقيقت آهي ته واڳو پنھنجي نالي کان به واقف
آهي.“(26) بروهي صاحب اڳتي لکيو آهي
ته: ”اُن ڳالهه ماڻهن ۾ انهيءَ ڏند ڪٿا کي مشھور
ڪري ڇڏيو آهي ته اِهو واڳوءَ جي روپ ۾ ڪو ’روح’
آهي.
واڳوءَ اڳيان ڀيٽا پيش ڪرڻ واري ريت اڻپڙهيل ماڻهن
۾ وهم پرستي به پيدا ڪري ڇڏي آهي. عام طور مشھور
عقيدي موجب ماڻهو اِهو تصور ڪن ٿا ته ’موتي فقير
سندن ڀيٽا قبول ڪئي، ان جو مطلب اِهو ٿيو ته سندن
من جون مرادون پوريون ٿينديون. بنگلاديش ۾ مختلف
هنڌن تي ڪڪڙن ۽ ٻين پکين جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي
آهي.“(27)
بروهي صاحب لکي ٿو ته: ”هن ليکڪ (بروهي صاحب) به
هڪ ڀيرو غار جي مُنھن وٽ وڃي، موتي فقير کي سڏ ڪيو
ته واڳو اچي ظاهر ٿيو، ۽ پاڻيءَ ۾ سندس وڏو وات
کليل هو. سندس نالي ’موتي فقير‘ وانگر اِهو واڳو
به وڻندڙ ۽ پياري مخلوق آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته
هن واڳوءَ ڪڏهن به ڪنھن ماڻهوءَ توڙي جانور کي ڪو
به نقصان نه رسايو آهي. سواءِ هڪ ڀيري جي، جڏهن
اونهاري جي گرميءَ ۾ ڪنھن لالچي ماڻهوءَ جي جنھن
اهو وڻ وڍڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن هيٺ هو اچي آرامي
ٿيندو هو. فقط سياري جي مند ۾ موتي پنھنجي رهائش
ڇڏي، سنڌو درياهه جي کلي پاڻيءَ ۾ ترندو رهندو
آهي، جيڪو اٽڪل فرلانگ جي فاصلي تي آهي. اها غار
ڇڏڻ جو سبب سياري ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي آهي، جنھن
ڪري غار ۾ پاڻي گهٽ رهجي ويندو آهي.“(28)
هن سموري احوال مان هڪ پاسي هتي جي ماڻهن پاران
واڳو ۽ جل - پوڄا جي سُڌ ملي ٿي ته ٻئي پاسي
ماجيراءِ جي ٽڪريءَ جي قدامت وغيره تي به روشني
پئي ٿي.
(ب) جاڙيون ٽڪريون:
ماجيراءِ ٽڪريءَ کان اولهه پاسي هزار کن فوٽن جي
فاصلي تي ٻه اُڀيون، ماجيراءِ جي اوچائيءَ جون
ٽڪريون موجود آهن. انهن مان ڏکڻ پاسي واري مٿاهين
تي هڪ وڏي لسي پٿر تي هڪ مڇي اُڪريل آهي ۽ مڇيءَ
جي ڀرسان ڪجهه لڪيرون اُڪريل آهن، هڪ ٻئي پٿر تي
هڪ گول دائرو اُڪريل آهي.
(ت) لاکو پير:
ماجيراءِ ٽڪريءَ کان اڌ ڪلو ميٽر کن اولھ طرف
حيدرآباد - ٺٽي روڊ جي ڏاکڻين ڀر ۾ هيٺاهين تي
اٽڪل چئن ڪلوميٽرن تي مشتمل ’لاکو پير‘ (لطف الله
عرف ’لاکو پير‘ مخدوم نوح سرور هالا واري جو پوٽو)
جي نالي سان مشھور قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ گھڻا
مقبرا هتي جي ئي مضبوط ۽ خوبصورت پٿر مان ٺھيل
آهن. هن قبرستان جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪ اُتر وارو،
جنھن ۾ لاکي پير جو مقبرو آهي، ٻيو ڀاڱو اولھ وارو
قديم قبرستان آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ ان ڀاڱي کي
مُگر پير وارو قبرستان سڏيو ويندو هو.
ڏکڻ پاسي هڪ مزار ڳاڙهين سِرن ۽ پٿر جي ٺھيل آهي.
انهن مان هڪ ’لال ڇتو‘ جي قبر، ۽ ٻي ’شيخ جکري‘ جي
آهي. اُتي گهڻيون قبرون مٿاهين ٿلهي تي ٺھيل آهن ۽
پٿرن تي سھڻا چٽ چٽيل آهن. ڪن تي وڏا وڏا اُڀا پٿر
به لڳل آهن.
لاکي پير جي مقبري جي ويجهو ڪيتريون ئي چوڪنڊ ٿنڀن
واريون ڇٽيون آهن، جيڪي سمن جي دور جون ٻڌايون وڃن
ٿيون. انهن ڇٽين جي پيلرن ۽ قبرن جي پٿرن تي تمام
سھڻي چٽسالي اُڪريل آهي. ڇٽين کان سواءِ ٻين قبرن
مان ڪن تي تلوارون، تير - ڪمان، ڍالون ۽ گهوڙا
اُڪريل آهن ۽ ڪن تي پَڳون به ٺھيل آهن. ڪن قبرن تي
سھڻا سھڻا زيور به چٽيل آهن، جن مان پتو پئي ٿو ته
اُهي عورتن جون قبرون آهن.
قبرستان جو ٻيو ڀاڱو اڃا به قديم آهي، هن ڀاڱي ۾
ٻن قبرن تي گهوڙو ۽ هڪ تي مور اُڪريل آهن. خوبصورت
چٽساليءَ سان ٻئي قبر تي گھوڙو، ٽي مور ۽ ڍال
اُڪريل آهي. اولھ طرف هڪ قبر جي مٿئين پٿر تي مور
جي چھنب ۾ نانگ جهليل اُڪريل آهي ۽ پاسي کان سورج
مکي اُڪريل آهن. هن ڀاڱي ۾ تمام گهڻين قبرن تي ٿيل
اُڪر ۾ سورج مکي، مختلف هٿيار، گهوڙا، گهوڙيسوار ۽
زيور چٽيل آهن. هتي هڪ قبر ماهيڙ (مينھن يعني
چوپائي مال وارو) جي قبر جي نالي سان مشھور آهي،
جنھن جي سيرانديءَ کان هڪ ماٽيءَ جھڙي پٿر جي ڪُني
۽ اُن ۾ جهرڻي جھڙو پٿر موجود آهي. پري کان هر
ايندڙ کي لڳندو ته جهرڻي سميت ماٽي رکيل آهي.
مُگر واري چاڙهي:
ماجيراءِ ٽڪريءَ کان اڌ ڪلوميٽر اولھ ۾ لاکي پير
قبرستان جي اولھ اُتر واري جابلو مٿاهين ڪنڌي،
’مُگر واري چاڙهي‘ سڏجي ٿي. هينئن سمجهيو وڃي ته
جهرڪ کان ٺٽي روڊ سان ايندي، دبيار جي زرعي زمينن
وارو علائقو ڇڏي، ماجيراءِ وٽان جابلو مٿاڇري واري
پھرين چاڙهي چڙهي، اڌ ڪلوميٽر ٺٽي طرف نڪربو ته
ڳوٺ شيخ اسماعيل کان پوءِ قومي شاهراهه تي جيڪا
ٻئي وڏي جابلو چاڙهي اچي ٿي، اها ئي ’مُگر‘ يا
’مُگر پير‘ واري چاڙهي جي نالي سان مشھور آهي.
(د) ٻُڌڪا:
ماجيراءِ جي اوڀر ۾، جهرڪ شھر جي سامهون سنڌؤَ جي
اڳوڻي زماني ۾ ساڳئي ۽ هاڻي ٻئي (يعني اوڀارين)
ڪنڌيءَ تي ٻه اوچا ٽڪر آهن، انهن کي ٻُڌڪا ٽڪر چيو
وڃي ٿو. هن ٽڪرن تي پٿر جي دور کان وٺي ٻُڌ دور جا
آثار اڃا به موجود آهن.
سَميٽَ:
(Conclusion)
ماجيراءِ هڪ اهڙو قديم ماڳ آهي، جتي انسان بنهه
آڳاٽي دور کان رهيو آهي. هتي هڪ ئي ٽڪريءَ تي
ڪيترن ئي آڳاٽن دورن جا آثار اڄ به موجود آهن، جن
۾ 1. پٿر جو دور، 2. پٿر کان پوءِ ٽامي- پتل وارو
دور، 3.گپت دور کان آخري ٻُڌ دور.
هتي جل پوڄا جا آثار به ملن ٿا.
گهڻي تعداد ۾ پيل پٿر جي اوزارن ۽ ڇليل ٽڪرن مان
معلوم ٿئي ٿو ته هتي پٿر جي اوزارن جي صنعت هئي.
مسٽر ڪارٽر کي هتان پٿر جي روهي ملي هئي، جيڪا هن
ميوزيم ۾ موڪلي. ڪوٽ واري هنڌ جي ٿوري ئي پنڌ تي
کين لکت به نظر آئي، جنھن جو لاڳاپو ڪنھن قديم دور
سان ٻڌايو وڃي ٿو. هتان مليل انهيءَ پٿر تي اُڪريل
لکت کي ڪننگهام پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، ان کي ٻُڌ دور
جي لکت ڄاڻايو آهي. هن ٽڪريءَ جي اولهه پاسي وارين
ٽڪرين تي اُڪريل لکت به گهڻو آڳاٽي ۽ اهم آهي.
ٽڪريءَ تي موجود ڪوٽ جي آثارن مان کوٽايون ڪندڙ
ماهرن کي گهڻيون ئي ٻُڌڪي دور جون مورتيون مليون
آهن.
هتي چيڪي مٽي جون پچايل ڳاڙهيون سرون ۽ چوڪا
استعمال ٿيل آهن. ماهرن موجب اهي اوچي معيار جون
آهن. مسٽر ڪول کي هتان هڪ ڏاڍي خوبصورت آرائشي سِر
جو اهڙو ٽڪر به مليو، جيڪو سندس موجب، ”جنھن جھڙي
سِر هن ڪڏهن به سنڌ ۾ نه لڌي هئي.“ مطلب ته هتي جي
سِر مٿاهين معيار جي هئي.
لڳاتار تمام گهڻو نقصان (چوري ۽ ڀڃ ٽوڙ) ٿيڻ
باوجود اٺ به هتي تمام گهڻو ٺڪراٺو ۽ ٻيا آثار
موجود آهن. هن ٽڪريءَ جي بيھڪ اهڙي آهي جيڪا پاسن
کان سنڌو جي گھري پاڻيءَ جي وڏي گهيري ۾ رهي، ڄڻ
ته هڪ ننڍڙو اُپ ٻيٽ رهي. سنڌوءَ جي خاص وهڪري تي
هجڻ ڪري، هندستان، چين ۽ افغانستان سان سلهاڙيل
ڪيترن ئي علائقن جا واپاري ماڻهو هتي اچي ۽ سمنڊ
ڏانھن گذري هوندا. اُتر وارو پاسو ڊگهي جابلو
علائقي سان سلهاڙيل هئڻ ڪري، ايران، عراق، مصر،
ٻين عرب ملڪن ۽ يورپ تائين وڃڻ لاءِ سَھنجا رستا
موجود هئا. اهڙي ريت ميسيپوٽيما، بابل ۽ ٻين
آڳاٽين تھذيبن سان سلهاڙيل ضرور هوندو. هزارين سال
گذرڻ کان پوءِ اڄ به انهن آبي توڙي خشڪيءَ جي رستن
جا چٽا نشان موجود آهن.
ماجيراءِ واري ٽڪريءَ جو اُتر-
اوڀر کان ڏيک
حوالا
1.
Smyth J.W., ‘Gazetteer
of the province of Sindh District Karachi’,
vol.B-1 Bomby 1919, p: 54
2.
Cousens Henry,
‘The
Antiquities of Sindh’,
Department of Culture, Government of Sindh,
1998, p. 87
3.
Smyth J.W., ‘Gazetteer
of the Province of Sind’
p: 54
4.
آڏواڻي، ڀيرو مل مھرچند، ’سنڌ جو سيلاني‘ منسٽري
آف ايديوڪيشن اينڊ ڪلچر، نيو دلي، 1983ع ص 77
5.
قليچ بيگ مرزا، ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽
ماڻهو‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1981ع ص 38
6.
Brohi Ali Ahmed, ‘History
on Tombstones Sindh and Baluchistan’,
Sindhi Adabi Board, Jam Shoro, 1980, p: 46
7.
Cousens Henry, ‘The
Antiquities of Sindh’,
p: 87
8.
M.H.Panhwar, ‘Chronological
Dictionary of Sindh’,
Institute of Sindhology, University of Sindh
Jamshoro, P 21
9.
Majumdar N.G, ‘Explorations
in Sind’,
(Being a Report of the exploratory survey
carried out during the years 1927-28-29-30 and
1930 – 31) Delhi, Manager of Publications 1934,
p:20
10.
Same
ref, p: 20
11.
Alexender Cunningham,
‘Ancient Geography of India’,
London, 1871, p: 264
12.
Smyth W.J., ‘Gazetteer
of the Province of Sindh’,
p: 55
13.
Henry Cousens, ‘The
Antiquities of Sindh’,
p: 87
14.
Same ref. p: 8
15.
Same ref. p: 88
16.
Same ref., p: 87
17.
Same ref., p: 87
18.
Same ref., p: 88
19.
Same ref., p: 88
20.
Smyth W.J. ‘Gazetteer
of the Province of Sindh’,
p:
21.
بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان، سنڌي لوڪ ڪھاڻيون- 7، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، ڇاپو ٻيو، 1995، ص:6
22.
ساڳيو حوالو، ص:7
23.
ساڳيو حوال، ص:129
24.
ساڳيو حوال، ص:130
25.
ساڳيو حوال، ص:7
26.
Brohi Ali Ahmed, ‘History
on Tombstones’,
p: 46
27.
Same ref., p: 47
28.
Same ref. p: 48 |