سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:10 

ڪهاڻيون

هن وقت ادب جي ٻين صنفن نسبت افساني جي زياده مقبوليت جو هڪ وڏو سبب هيءُ به آهي ته اڄ افراتفريءَ ۽ ڪشمڪش واري زماني ۾ جڏهن سائنسي ايجادون انسان کي سک آرام ڏيڻ سان گڏ مڪمل تباهيءَ جا خطرا پڻ ڏيئي رهيون آهن ۽ انسان جو دماغ موجوده حالتن جي زير اثر اهڙو تازو توانو نه رهيو آهي، جو هو خشڪ فلسفي يا اخلاقيات جي ٺلهيءَ نصيحت مان جمالياتي تسڪين حاصل ڪري سگهي، تڏهن ادب ۾ هڪ نئين صنف ايجاد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مختصر طور دلڪش انداز ۾ انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪم و پيش هر موضوع پيش ڪيو وڃي ٿو. فلسفي ۾ رڳو انساني حياتيءَ جي ڪن دقيق مسئلن تي روشني وڌل هوندي آهي، پر افساني ۾ اختصار جي باوجود اسان جي حقيقي زندگيءَ سان واسطو رکي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هر دور ۾ ادب جي ٻين صنفن نسبت قصن ڪهاڻين پڙهڻ جي شائقن جي اڪثريت رهي آهي.

افساني ۾ انسان جي خارجي زندگي ۽ ذهني فڪر جي گڏيل تصوير نظر اچي ٿي. افساني ۾ نه رڳو اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته ”ڇا ٿي رهيو آهي“، پر ”ڇا ٿيڻ کپي“، جي حسين تصور جي تصوير پڻ ان ۾ نظر اچي ٿي. افساني ۾ موضوع جي ڪابه پابندي نه آهي، ڌرتيءَ جي ڪک پن کان وٺي آسمان جي چنڊ تارن تائين ڪنهن به شيءِ کي افساني جو موضوع بنائي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ انسان سان جيڪا به چيز واسطو رکي ٿي، تنهن کي آسانيءَ سان افساني ۾ آڻي سگهجي ٿو، تنهن ڪري مجموعي طور پڙهندڙ افساني ۾ ڪڏهن ڪنهن ڪردار جي فلسفيانه انداز فڪر سان روشناس ٿئي ٿو ته ڪٿي اخلاقيات جي نئين نقطهء نگاه سان. ڪي بلند نظريا افساني ۾ اهڙي ته دلچسپ ۽ مختصر انداز ۾ پيش ڪيل هوندا آهن، جو پڙهندڙ نه ته اخلاقيات جي ٺلهيءَ نصيحت کان بيزار ٿيندو آهي ۽ نه وري فلسفي جي خشڪي کيس ڪڪ ڪندي آهي. مجموعي طور افسانو هڪ حسين جاذب نظر لباس جيان آهي، جيڪو ڪهڙي به خشڪ موضوع کي وڻندڙ بنايو ڇڏي.

اڪثر قصن، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ روماني تذڪري کان سواءِ انهن جي ڪاميابي ۽ دلچسپي ناممڪن نظر ايندي آهي، بلڪه ان حد تائين جو بنا لوڻ کاڌي مثل، بي لذت ٿي پوندا آهن.

اديب تاريخي قصن ۾ به رومانيت جو عنصر ملائي ڇڏيندا آهن، پر هن وقت سنڌي، اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ اهڙا افسانا نظر ايندا، جن ۾ رومان جو نالو به ڪونه آهي، پر ان جي باوجود سندن تاثر ۽ دلچسپيءَ ۾ ڪميءَ جي بجاءِ اضافو نظر ايندو. سنڌيءَ ۾ ان جا مثال محترم جمال ابڙي جو ”بدمعاش“ ۽ محترم اياز قادريءَ جو ”بلو دادا“. جيڪڏهن ساڳيا موضوع بجاءِ افساني جي ناول ۾ ڏنا وڃن ته انهن ۾ افسانن جهڙي دلڪشي ۽ دلچسپي موجود رهڻ ناممڪن ٿيو پوي. انسان جي زندگيءَ جا گوناگون رخ آهن. ضروري آهي ته سڀئي، وڻندڙ طريقي سان پڙهندڙ آڏو اچن ۽ افسانو اها ذميواري پوري ڪري ٿو. ان ڪري بلاشبه افساني جيڪو مقام اڄ حاصل ڪيو آهي، سو بي سبب نه- بلڪه سندس وصفن ڪري آهي.

ثميره زرين

ڪتاب ”افسانوي ۽ فڪري ادب“، ص 58-59 تان ورتل

 

مرزا نادر بيگ

 

 

 

 

رئفلس

هڪ شوقين ڌاڙيلو

 

سنڌي ادب جي معروف ليکڪ ۽ شاعر شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي وڏي فرزند ۽ جديد افساني جي باني مرزا نادر بيگ جو جنم 18 مارچ 1891ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجي مامي ميان محمد يعقوب جي گھر ٿيو ]سائو پَن يا ڪارو پَنو (1965ع) ص 55 ۽ 56[. تعليمي لحاظ کان اعلى تعليم حاصل ڪري، سال 1906ع ۾ بار ايٽ لا لاءِ لنڊن روانو ٿيو. جتان سال 1912ع ۾ بئريسٽر ٿي وطن واپس وريو. سال 1914ع ۾ هُو سٽي مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، ۽ ماتلي، لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو رهيو. نوشهرو فيروز کان پوءِ ڪجھ وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر پوءِ ڪنهن آفيشل ڳالهه تان ناراض ٿي استيفيٰ ڏئي ڇڏيائين ]مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون (1991ع) ص 35 ۽ 36[.

جيئن ته مرزا نادر بيگ جي پرورش علمي گھراڻي ۾ ٿيڻ لڳي. سندس والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جنهن جو گھڻو تڻو وقت تصنيف و تاليف ۾ صَرف ٿيندو هو، تنهن پنهنجي فرزند جي به اهڙي پرورش ڪئي، جو سندس ذهن لکڻ پڙهڻ طرف راغب رهڻ لڳو ۽ هُو ننڍپڻ ۾ لکڻ جي شروعات ڪري چڪو هو. سندس ڌيءَ مسز فيروز نانا پنهنجي انٽرويو ۾ ٻُڌائي ٿي ته: ”بابا ڪٿي لکيو آهي ته، مون ڪهاڻيون ننڍي هوندي کان پي لکيون آهن، جو والد مرحوم (قليچ بيگ) جي سُتي پيٽ ۾ پيل هئي. جڏهن ڪڏهن ساڻن گشت تي ويندو هئس ته منزل منزل تي پنو ۽ پينسل ڏيندا هئا ته جيڪي واٽ تي ۽ اڳين منزل تي ڏٺو، ٻڌو اَٿئي سو لکي ڏيکار..... سو لکڻ واري اها ڏات ته هن کي ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي“ ]نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون (1991ع) ص 35[.

مرزا نادر بيگ سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ جو باني ليکيو وڃي ٿو، سندس ڪهاڻين جو اهم ڪردار ”موهني“ رهي آهي ۽ ”موهني“ هڪ اهڙي علامت آهي، جيڪا سندس ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ نمايان نظر اچي ٿي. ”موهنيءَ جي آهه“، ”موهني جي ڊائري“، ”موهنيءَ جي دل جو داغ“ يا ”معشوق موهني“مرزا نادر بيگ جون شاندار ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻيون نصير مرزا وڏي محنت سان هٿ ڪري سهيڙيون ۽ ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري طرفان سال 1991ع ۾ شايع ڪرائي منظرعام تي آنديون. سال 1891ع ۾ مرزا نادر بيگ جو جنم ٿيو ۽ سال 1991ع ۾ سندس جنم کي هڪ سؤ سال پورا ٿيڻ تي ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“ پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون؛ جنهن جو سِهرو نصير مرزا جي سر سونهي ٿو.

مرزا نادر بيگ جي ڇپيل تصنيفات ۾ ”دلڪشا“ (انگريزي)، ”محبوب ڪربلا“، ”تناسخ ۽ اسلام“، ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان“، ”مروان موت ملوڪان شڪار: گوشت يا ڀاڄي“، ”منهنجي خوش قسمتي“، ”رئفلس: هڪ شوقين ڌاڙيلو“، نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون: ”پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۽ اڻڇپيل ۾ ”ديوان نادر“ (شاعري) ۽ ”منهنجون آکاڻيون“ (ڀاڱو ٻيو) شامل آهن.   

سنڌي ادب جي ماڊرن فڪشن رائيٽر مرزا نادر بيگ پنهنجي زندگيءَ جا اٺيتاليهه سال، ڏهه مهينا ۽ ڇهويهه ڏينهن شان و شوڪت سان گذاري، 17 فيبروري 1940ع تي وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرام گاهه بلند شاهه قبرستان حيدرآباد آهي.

مرزا نادر بيگ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ناول به لکيو، جنهن جو عنوان آهي: ”رئفلس: هڪ شوقين ڌاڙيلو“. هيءُ ناول ڪرائون سائيز ۾ 74 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سال 1917ع ۾ منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ناول ۾ لنڊن شهر جي ٻن دوستن جي واردات کي انتهائي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جيئن ته هيءُ ناول ناياب آهي، جيڪو هِتي ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ جيئن جو تيئن شايع ڪجي ٿو.

- ميرزا دبير حسين بيگ

 

جڏهن مون کي ٻيو ڪو به چاڙهو نظر ڪو نه آيو ۽ آءٌ اچي لاچار ٿيس، تڏهن نيٺ ساڍي ٻارهين وڳي رات جو موٽي وري آلبني * ڏي ويس. انهيءَ آلبني ۾ منهنجي مصيبت آئي هئي ۽ جنهن حالت ۾ اهو گهر ڇڏيو هئم، انهيءَ حالت ۾ وري اچي ڏٺومانس. چوپڙ جون ساريون اڃا ٽيبل تي پکڙيون پيون هيون. خالي گلاس ۽ ٿالهيون ٻيڙين جي خاڪ سان ڀريل به ٽيبل تي پيون هيون. هڪڙي دري کُلي پئي هئي ته ڀل باهه جو دونهون ٻاهر نڪري، پر دونهي ٻاهر نڪرڻ جي بدران ماڪ اندر پي آئي. رئفلس کي ڏٺم ته رڳو پنهنجو نئون ڪوٽ مَٽائي هڪڙو جهونو ڪوٽ پائي ويٺو هو. پر تنهن هوندي به، جڏهن آءٌ اندر ويس تڏهن گُهنڊ پاتائين، ڄڻ ته مون ننڊ مان گهلي اٿاريو هومانس!

جڏهن مون کي در جي ٻاهران بيٺو ڏٺائين، تڏهن مون کان پڇيائين ته ”ڪا شيءِ وساري ويو هئين ڇا؟“

مون جواب ۾ رڳو هڪڙو اکر چيو ته، ”نه!“ ۽ دم جهلي اندر لنگهي ويس. مون کي پاڻ پنهنجي بي حيائيءَ تي عجب پي لڳو.

جڏهن اندر لنگهي ويس، تڏهن رئفلس ٻيو ڪِي ڪِينَ چيو. رڳو مون کان پڇيائين ته ”پنهنجو وير وٺڻ آيو آهين ڇا؟ جي ائين آهي ته مون کي افسوس آهي جو آءٌ اڪيلو تو سان راند ڪري ڪِينَ سگهندس. مون کي ڏاڍو ڏک آهي، ته پنهنجا ٻيا سنگتي ويا....“

انهي مهل اسين سندس بخاري وٽ هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا هئاسين ۽ رئفلس اڃا جملو پورو ڪِينَ ڪيو ته مون وچ ۾ ٽپي چيو ته:

”رئفلس تون عجب ۾ پوندو هوندين، جو آءٌ ڪُمهلو اهڙي بي حيائي سان هت موٽي آيو آهيان. آءٌ تنهنجو پوري طرح واقف به ڪِينَ آهيان. اڄ شام کان اڳي آءٌ تنهنجي گهر به ڪڏهن ڪِينَ آيو هئس. پر پاڻ جڏهن اسڪول ۾ گڏ هئاسين، تڏهن آءٌ تنهنجو ڪم ڪار ڪندو هئس ۽ اڄ تو مون کي چيو، ته مون کي تنهنجي ٿوري يادگيري آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو به منهنجي بيحيائي لاءِ پورو عذر ڪونهي، پر تنهن هوندي به ٻه منٽ کن صبر ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌندين؟“

هن چيو ته ”بيشڪ منهنجا سنگتي جيترا منٽ وڻنئي اوترا منٽ ڳالهائي. هي سليون* وٺ ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهه“. ائين چئي هن مون کي پنهنجي ٻيڙين جي چاندي  جي دٻي  آڇي.

مون کلئي آواز سان چيو ”نه نه! آءٌ هاڻي ٻيڙي ڪِينَ ڇڪيندس، نڪي آءٌ ويهندس، تنهنجي مهرباني ۽ مون کي يقين آهي ته جيڪي مون کي چوڻو آهي، اهو ٻُڌي مون کي نه ڪا ويهڻ جي ۽ نه ڪا ٻيڙي ڇڪڻ جي صلاح ڪندين“.

تنهن تي پنهنجي ٻيڙي دُکائي مون ڏي غور ڪري پڇيائين ته ”سچي؟ ڀلا ائين تون ڇو ٿو سمجهين؟“

”ڇو ته گهڻو ڪري منهنجي ڳالهه ٻُڌي، مون کي واجبي طرح در جو رستو ڏيکاريندين.“

مون ڏک ۾ جواب ڏنو ته، ”انهي کِٽ پِٽ ڪرڻ مان ڪِي ڪِينَ وَرندو. توکي ته خبر آهي، ته مون اڄ هي ٻه سؤ گنيون هارايون آهن.“

رئفلس جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”مون وٽ اهي پيسا حاضر ڪِينَ هئا.“

”هائو مون کي ياد آهي.“

”پر مون وٽ بئنڪ جي چيڪن جو ڪتاب هو، جنهن مان توهان سڀني کي هڪڙو هڪڙو چيڪ لکي ڏنم“.

”هائو، پوءِ؟“

”پر رئفلس انهن چيڪن جو ملهه سندن پني جيترو به ڪِينَ هو، ڇو ته بئنڪ ۾ منهنجا پيسا سڀ کُٽي ويا آهن“.

”هائو، پر ضرور سڀاڻي يا پريئن ٻيا پيسا بئنڪ ۾ وجهندين.“

”نه! مون وٽ جيڪي هو، سو سڀ خرچي ويٺو آهيان.“

”پر ڪنهن ماڻهوءَ مون کي چيو ته، تون شاهوڪار آهين ۽ توکي ڪي پيسا هڪڙي مائٽ جي ورثي ۾ مليا هئا.“

”هائو، برابر انهي ڳالهه کي ٽي ورهيه ٿيا. اهي پيسا منهنجي لاءِ پَٽ هئا، پر هاڻي هڪ پائي به ڪا نه بچي آهي! مون وڏي بيوقوفي ڪئي آهي ۽ مون جهڙو بيوقوف به هن دنيا ۾ نه ڪو ٿيو آهي نه ڪو ٿيندو. ايترو بس ڪينهي؟ هاڻ مون کي لوڌي ڇو نه ٿو ڪڍين؟“

پر ڌڪي ڪڍڻ جي بدران، رئفلس ڊگهو مُنهن ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. نيٺ مون کان پڇيائين ته، ”تنهنجن مائٽن مان ڪو تنهنجي مدد ڪو نه ڪري سگهندو؟“

مون رڙ ڪري چيو ته، ”شڪر آهي خدا جو، جو مون کي مائٽ آهن ئي ڪونه. آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ ماءٌ جو سِڪيلڌو ٻار هئس ۽ سندن سڄي ملڪيت مون کي ملي. مون کي هاڻ رڳو اهوئي دلاسو ۽ ڏڍ آهي ته منهنجا سڀ مائٽ مري ويا ۽ هاڻ منهنجي بيوقوفي ۽ نالائقي جي خبر ڪنهن کي ڪانه پوندي.“

مون پاڻ کي ڪرسيءَ تي کڻي اڇليو ۽ پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪايو.

رئفلس پنهنجي قيمتي غاليچي تي پسار پئي ڪئي ته، مون کي چيائين ته، ”اسڪول ۾ به، ته تون ڏاڍو هوشيار هوندو هئين. اسڪول ۾ هئاسين تڏهن تون اسڪول جي اخبار جو ايڊيٽر هئين نه؟ ڪنهن به صورت ۾ مون کي ياد آهي ته، منهنجي پاران به شعر ٺاهي اخبار ۾ ڇاپيندو هئين ۽ اڄڪلهه آکاڻين لکڻ جو هنر ته غنيمت آهي. ڪهڙو به بيوقوف جيڪو ڪتاب لکي پنهنجو گذران ڪري سگهي.“

مون پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته، ”برابر، پر ڪهڙو به بيوقوف منهنجا قرض ميٽي ڪِينَ سگهندو“.

۽ رئفلس چوندو ويو ته، ”توکي هڪڙي اوطاق به آهي؟“

”پوءِ پنهنجو گهر ۽ ٽپڙ ٽاڙي ڇو نه ٿو گِروِي رکين؟“

آءٌ پنهنجي مصيبت جو خيال ڪري ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳس ۽ چيم ته، ”انهن ٽپڙ ٽاڙين تي اڳيئي منهنجي قرضدارن اچي حق ڄمايو آهي.“

اهو ٻُڌي رئفلس بيهي رهيو ۽ اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو. پر هاڻي جڏهن کيس سڀ خبر هئي، تڏهن مون کي شرم ڪو نه ٿيو. نيٺ وري پنهنجو ڪلهو ڌوڻي وري پسار ڪرڻ لڳو. ٿورو وقت اسين ٻئي ماٺ ڪري ويٺاسين، پر سندس خوبصورت ۽ بي قياسيءَ جهڙي شڪل ۾ مون پنهنجو اجل ڏٺو ۽ قسمت جو نوشتو پڙهيو. هر هڪ ساهه کڻڻ سان مون پنهنجي ڪم همتي کي پئي پِٽيو، جو پنهنجا سور کڻي هن وٽ آيو هئس. رڳو اسڪول ۾ رئفلس جڏهن ڪرڪيٽ جو ڪپتان هو، تڏهن مون تي مهربان هو، تنهنڪري مون کي ڪهڙو حق هو جو هينئر به اميد رکان، ته هُو مون تي مهرباني ڪندو ۽ جي هاڻي مون سان ڪاوڙجي ته ڀلي ڪاوڙجي، اهو سندس حق هو ۽ مون کي پنهنجي بي شرميءَ جا بدلا به اِهي ئي لائق هئا. سندس اکين، ناسن ۽ ڀيڙيل ڄاڙين مان صفا ظاهر هو ته، سندس دل ۾ نه ڪي همدردي هئي ۽ نه ڪي رحمدلي هئي. آءٌ پنهنجي ٽوپي ڪرسيءَ تان کڻي ۽ ٿاٻڙجندو اٿي پيرن ڀر بيٺس. آءٌ جيڪر ماٺ ماٺ ڪري هليو وڃان ها، پر رئفلس منهنجي ۽ دروازي جي وچ ۾ ٿي بيٺو ۽ مون کان پڇيائين ته:

”ڪيڏي ٿو وڃين؟“

جواب ڏنم ته، ”تنهن ۾ تنهنجو ڇا وڃي؟ آءٌ توکي وڌيڪ تڪليف ڪانه ڏيندس.“

”پوءِ آءٌ توکي ڪيئن مدد ڏيان؟

”مون ته اڃا توکان مدد گهري به ڪانهي.“

”نه ته ڀلا مون وٽ آئين ڇو!؟“

”ڇو؟ اهو پاڻ آءٌ توکان ٿو پڇڻ گهران. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻاهر نڪرڻ ڏيندين يا نه؟“

”نه! جيسين تون مون کي نه ٻڌائيندين ته ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ هاڻ ڪهڙو ارادو اٿئي، تيسين آءٌ ڪِينَ ڇڏيندوسئين.“

مون جواب ڏنو ته، ”تون پاڻ سمجهي نه ٿو سگهين ته منهنجو ارادو ڪهڙو آهي؟“

۽ ٻه ٽي سيڪنڊ اسين هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏسڻ لڳاسين. نيٺ مون کان پڇيائين ته، ”اهڙو جگر اٿئي؟“ پر اهڙي کري ۽ ڌڪار جهڙي آواز سان پڇيائين، جو منهنجو رهيو کهُيو رت به جوش ۾ اچي ويو.

مون چيو ته، ”چڱو ڏسجئين!“ ۽ ٿورو پٺتي هَٽي کيسي منجهان پستول ڪڍيم ۽ وري پڇيم ته، ”هاڻي مون کي لنگهڻ ڏيندين يا آءٌ پاڻ کي هتي ماريان؟“

پستول جي نلي منهنجي لوندڙيءَ تائين پهتي ۽ منهنجو آڱوٺو پستول جي گهوڙي تي هو. جنهن صورت ۾ آءٌ جوش ۾ هئس، سُڃو بُکيو ۽ بي مانو، مون پڪو ارادو ڪيو ته پنهنجي بڇڙي حياتي کي پورو ڪريان. تنهن صورت ۾ مون کي اڄ ڏينهن تائين اهوئي عجب آهي ته، مون اتي جو اتي پاڻ کي ماري ڇو ڪينَ وڌو ۽ وري مون کي انهيءَ خيال به ڏاڍي خوشي ڏني، ته جي اتي پاڻ کي ماري وڌم ته ڪجهه ٿوري قدر رئفلس به منهنجي موت لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهندو ۽ جي پنهنجي سنگتيءَ جي منهن ۾ ڪي ٿوروئي ڊپ يا ڳڻتي ڏسڻ ۾ اچيم ها، ته آءٌ ڀانيان ٿو ته، اتي جو اتي آءٌ پاڻ ماري وجهان ها. پر ان جي بدران هن اهڙي شڪل ڏيکاري، جو منهنجو هٿ رڪجي ويو. انهيءَ شڪل ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ته ڪونه هو، پر اٽِلو عجب، ساراهه ۽ انتظار ايتري قدر ظاهر هو، جو مون نيٺ چپن ۾ گار ڏئي پستول کيسي ۾ کڻي وڌو. چيم ته:

”اي شيطان! مون کي شڪ ٿو پئي ته، تنهنجي مرضي اها هئي، ته ڀل آءٌ پاڻ کي ماريان“.

هاڻي رئفلس جو چهرو ڦري ويو ۽ ڇرڪ ڀري مون کي جواب ڏنائين ته، ”نه ائين نه آهي! پر سچ ڪري پڇين ته، مون پڪ سمجهيو ته، تون پاڻ کي ماري وجهندين ۽ قسم آهي ته، آءٌ پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو موهجي ڪينَ ويو آهيان. مون کي ڪڏهن خواب ۾ به ڪينَ هو ته، تو ۾ اهڙو ڪو دم آهي. نه، مون کي لعنت آهي جي هاڻ توکي وڃڻ ڏنو اٿم ۽ اڳتي وري منهنجي روبرو ڪڏهن اهڙو ڪم نه ڪجئين، ڇو جو وري آءٌ ائين ماٺ ڪري ڪينَ بيهندس. هاڻي ويهه ته ويهي خيال ڪريون ته اها مصيبت تنهنجي سر تان ڪيئن ٽارجي. مون کي خبر ڪانه هئي ته تون ڪو اهڙو زبردست ماڻهو آهين. ٺهيو! هاڻي اِهو پستول مون کي ڏي“.

۽ هڪڙو هٿ ڏاڍي نرمي سان منهنجي ڪلهي تي رکي ٻئي هٿ سان منهنجي وڏي ڪوٽ جي کيسي مان رئفلس پستول ڪڍي ورتو. انهي ڪري ڄڻ جادوءَ سان منهنجي ويڳاڻي اميد جنهن سان آءٌ اتي آيو هئس، سا ڦري هڪڙو سلامتيءَ جو ڏڍ ٿي پئي. مون خيال ڪيو ته نيٺ رئفلس منهنجي مدد ڪندو ۽ نيٺ رئفلس منهنجو سچو سنگتي ٿيندو. مون ائين پئي سمجهيو ته ڄڻ سڄي دنيا منهنجن پيرن تي اچي پئي آهي. تنهن ڪري هن کي پستول ڪڍڻ کان جهلڻ جي بدران مون وڏي شوق سان هن جو هٿ سوگهو جهليو.

مون دعا ڪري چيو ته، ”خدا توکي برڪت ڏي. مون کي معاف ڪجئين، هاڻي آءٌ توکي سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان. اگرچه مون کي خبر هئي ته، منهنجو توتي ڪو حق ڪو نه هو، تڏهن به مون کي گهڻي اميد هئي، ته تون مون کي تڪليف جي وقت ۾ مدد ڏيندين. اسڪول جي ڏينهن جي ڪري، پنهنجي اڳين اسڪول جي سنگت جي ڪري. مون اهو خيال ڪيو ته، تون مون کي وري وجهه ڏيندين ته نئين سنئين پنهنجي حياتي شروع ڪريان ۽ جي نه، ته منهنجو پڪو ارادو هو ته پاڻ کي ماري ڇڏيندس. هينئر به جي تو منهنجي مدد نه ڪئي، ته آءٌ پاڻ کي ماري وجهندس.“

اگرچه هن مون سان کلي ڳالهايو هو ۽ مون کي پنهنجي چيڙائڻ واري نالي سان سڏائين. تڏهن به جڏهن مون پئي ڳالهايو، تڏهن مون کي ڊپ ٿيو، ته شايد وري دل ڦري وئي اٿس. پر وري جيڪي اکر ڳالهايائين، تن مان مون کي پڪ ٿي، ته مون غلطي ڪئي هئي.

”توکي تڪڙن انومانن ڪڍڻ لاءِ ته ڪهڙو نه ڇوڪر آهين. مون ۾ گهڻائي عيب آهن، پر ذري ذري دل ڦيرائڻ منهنجي عادت ناهي، هاڻي چڱا مڙس ويهي رهه ۽ ٻيڙي ڇڪ ته تنهنجي هانوَ کي ٿورو آرام اچي. نه، نه! ضرور ٻيڙي ڇڪڻي پونديئي. نه؟ ڀلا ٿوري مڌ پيئندين؟ مرضي تنهنجي! پر هن حالت ۾ مڌ تنهنجي لاءِ چڱي نه آهي. ڀلا ٻيو نه، ته به ٿوري ڪافي ته پي، جا مون پنهنجي لاءِ ويٺي ٺاهي جو تون اچي نڪتين. هاڻ منهنجي ڳالهه ٻُڌ. تو هينئر ڪا وجهه جي ڳالهه ڪئي. تنهنجو مطلب ڪهڙو هو؟ اهڙو مطلب ته ڪونه هوئي، ته توسان ويهي چوپڙ راند ڪريان. نه، هرگز نه! تون ڀانئين ٿو ته، راند ڪندي شايد تنهنجو نصيب کلي پئي ۽ تون ڪجهه کٽين. پر کڻي سمجهه ته وري ڪم نصيبي اچي زور رکي ته پوءِ سڌرڻ ته پنهنجي جاءِ رهيو، متان هيڪاري وڏي کڏ ۾ وڃين پوين. نه منهنجا پيارا سائين تو اڳئي گهڻيون ٽٻيون هنيون آهن. هاڻ تون پاڻ کي اصل منهنجي هٿ ۾ ڇڏيندين يا نه؟ جي هائو ته قسم آهي، ته وري  نصيب جي موتين پٺيان ٻي ٽٻي ڪانه هڻندين ۽ انهي جي عيوض آءٌ انجام ٿو ڪريان، ته جيڪو چيڪ تو مون کي ڏنو هو، اُهو بئنڪ ڏي ڪينَ نينديس. پر وڏي بدبختي ته اها آهي، ته تو ٻين ٻن کي به اهڙا ڪوڙا چيڪ ڏنا آهن ۽ انهي کان به وڏي بدبختي اها آهي ته هن مهل آءٌ به تو جهڙو ئي سڃو آهيان.“

هاڻ عجب ۾ پوڻ لاءِ منهنجو وارو هو ۽ مون عجب ۾ پئجي پڇيو ته، ”تون؟ رئفلس تون سُڃو؟ آءٌ ڀلا ڪيئن هت ويهي انهي ڳالهه تي اعتبار ڪريان؟“

”ڇو؟ جڏهن تو مون کي چيو ته، تون سُڃو آهين، تڏهن مون اعتبار نه ڪيو ڇا؟“ رئفلس مون کان کِلي پڇيو ته، ”توکي ته خبر هوندي ته جي ماڻهوءَ کي هن پاڙي ۾ چڱو گهر آهي ۽ هڪڙي يا ٻن چڱين ڪلبن يا جماعتن جو هُو ميمبر آهي ۽ ڪرڪيٽ کان سواءِ ٻيو ڪم ڪونهيس، ته هروڀرو به هن وٽ پيسا هوندا. منهنجا يار، آءٌ توکي چوان ٿو ته هن مهل آءٌ اهڙو سُڃو آهيان جهڙو تون به ڪينَ هوندين ۽ مون کي پنهنجي چالاڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. چوپڙ ۾ پيسا کٽڻ منهنجي لاءِ اڄ اهڙو ضروري هو، جهڙو تنهنجي لاءِ. اسين ٻئي ساڳئي ٻيڙي ۾ آهيون. هاڻي بهتر آهي ته ٻئي گڏجي ڪا همت ڪريون.“

”گڏجي؟“ مون کي انهي خيال ۾ خوشي پئي ٿي ۽ مون چيو ته، ”رئفلس آءٌ هن دنيا ۾ جيڪي چوندين سو تنهنجي لاءِ ڪندس. بشرطيڪ رڳو منهنجو ڍَڪ ڍڪين. آءٌ جڏهن تو وٽ آيو هئس، تڏهن بلڪل خوفناڪ هئس. رڳو هن مصيبت کان خواري ڌارا بچڻ لاءِ ڪجهه به ڪندس“.

انهي ڳالهه کي ورهيه گذري ويا آهن، پر پنهنجي خيال ۾ هن کي ائين ڏسان پيو، جيئن انهيءَ ڏينهن آرام ڪرسي تي ليٽيل ڏٺومانس. سندس ورندڙ ۽ سگهه وارو بت، سندس پيلو  ۽ چالاڪ منهن، سندس ڪارا ۽ گهنڊيدار وار ۽ سندس مضبوط ۽ بي وس وات، اهي سڀ هينئر به منهنجي اکين اڳيان پيا ڦرن ۽ اڃا به ائين پيو سمجهان ته سندس عجيب چمڪندڙن تارن جهڙيون اکيون منهنجي اندر ۾ غور ڪريو پيون نهارين، ڄڻ ته منهنجي اندر جا سڀ ڳجهه پيون ڏسن.

نيٺ مون کي چيائين ته، ”آءٌ انهيءَ ڳڻتي ۾ آهيان ته جيڪي چيئي سو دليئون چيئي يا نه؟ جنهن حال ۾ هينئر آهين انهيءَ حال ۾ ته ضرور تنهنجا اهڙا ئي خيال هوندا. پر وڏي ڳالهه اها آهي ته، توڙ تائين اهڙا خيال ۽ اهڙي همت هوندئي يا نه! پر جڏهن ڪو ماڻهو اهڙي جوش ۾ ڳالهائي سگهي ٿو، تڏهن انهي ماڻهوءَ ۾ ٿوري اميد رکي ٿي سگهجي ۽ مون کي ياد آهي ته، اسڪول ۾ به تون وڏو همت وارو شيطان هئين ۽ تو هڪڙي ڀيري مون سان وڏي ڀلائي به ڪئي هئي. بني! توکي اها ڳالهه ياد آهي نه؟ چڱو ٿورو ترس، مون کي رڳو خيال ڪرڻ جو وقت ڏي ته آءٌ توسان انهي کان به وڏي ڀلائي ڪندس.“

پوءِ رئفلس پاڻ اٿيو، ٻي ٻيڙي دُکائي وري ڪوٺيءَ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. پر هن ڀيري تمام گهڻي مدت تائين پسار ڪيائين ۽ قدم تمام آهستي پئي کنيائين، سڄو وقت ڪنهن خيال ۾ محو هو. ٻه ڀيرا منهنجي ڪرسيءَ وٽ اچي بيٺو، ڄڻ ته اجهو مون سان ٿو ڳالهائي. پر ٻئي ڀيرا پاڻ جهلي وري پسار شروع ڪيائين ۽ وچ ۾ هڪڙو ڀيرو وڃي هڪڙي دري کوليائين جا ٿورو اڳڀرو بند ڪري ڇڏي هئائين ۽ انهي دريءَ مان پنهنجو مٿو لنڊن جي ڌنڌ ۽ دونهي ۾ ڪڍي بيٺو. انهي عرصي ۾ گهڙيال جو بخاري تي رکيو هو، تنهن هڪڙو وڄائي وري ڏيڍ به وڄايو، پر سڄو وقت اسان هڪ ٻئي سان اکر ڪونه ڳالهايو.

آءٌ سارو وقت صبر سان پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو هئس. مون پنهنجو بوجو سڄو لاهي کڻي رئفلس جي سِر تي وڌو هو ۽ هاڻي منهنجا خيال ۽ منهنجون اکيون هڪڙي شيءِ کان ٻي تي ۽ ٻي کان ٽين تي پئي ڦريون. اها ڪوٺي، جنهن ۾ اسين ويٺا هئاسين سا چڱي ڪشادي ۽ چوڪنڊي هئي ۽ بخارو سنگمرمر جو هئس. منجهس سڀ عمدو سامان پيل هو ۽ تمام عمدي طرح سان ڪوٺي سينگاريل هئي. پر مون کي انهي ڳالهه تي عجب لڳو ته اگرچه رئفلس کي ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڌنڌو* ڪونه هو، تڏهن به سندس ڪوٺيءَ ۾ ڪرڪيٽ جو سامان ڪونه هو ۽ بيٽن جي بدران هڪڙو ڪوٺيءَ جو پاسو ته سڄو ڪتابن جي ڪٻٽن سان ڀريو پيو هو. ڀتين تي ڪرڪيٽ جي تصويرن جي بدران مون کي بزرگن ۽ عالمن جون تصويرن نظر آيون. جنهن کي رئفلس جي عادتن جي خبر ڪانه هئي، اهو ڀانئي ها ته رئفلس رانديگر نه، پر ڪو وڏو عالم آهي. مون کي ياد آهي ته، ننڍي هوندي کان رئفلس کي اهڙين ڳالهين جو شوق هو ۽ انهن ساڳين تصويرن مان ڪي تصويرون مون پاڻ اسڪول ۾ به ڏٺيون هيون. انهي خيال مان وري مون کي اسڪول جي ٻي ڳالهه ياد آئي، جنهن جو اشارو رئفلس به ڏنو هو، يعني مون جيڪا ساڻس ڀلائي ڪئي هئي.

سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته جي اسڪول جا رانديگر ڇوڪرا چڱي طبع ۽ چڱي چال جا هوندا آهن، ته انهي اسڪول جو نالو به چڱو هوندو آهي ۽ انهن ڇوڪرن جي چال رڳو سندن ڪپتان جي چال ۽ عادتن تي منحصر آهي. سڀ ڪو ائين ٿو چوي ته، جن ڏينهن ۾ رئفلس اسان جو ڪپتان هو، تن ڏينهن ۾ اسڪول جو نالو به چڱو هو. تنهن هوندي به اسڪول جي ڇوڪرن ۾ اهو هلُ هوندو هو، ته رئفلس رات جو ڪپڙا مَٽائي، ڪوڙيون ڏاڙهيون ۽ مُڇيون پائي گهٽيون گهمندو هو. پر انهي ڳالهه تي ڪنهن کي به اعتبار ڪو نه ايندو هو، رڳو مون کي ئي انهي ڳالهه جي پڪي خبر هئي. ڇو جو گهڻيون ئي راتيون جڏهن سڀ ڇوڪرا سمهي پوندا هئا، تڏهن آءٌ هن جي پٺيان رسو دريءَ مان ڇڪي وٺندو هئس ۽ وري اوجاڳا ڪري سندس سيٽ ٻڌي رسو دريءَ مان ڦٽو ڪندو هئس ته لڪ چوري چڙهي اچي سمهي. پر هڪڙي رات هن ڪا خرابي ڪري وڌي ۽ پڪڙجي پيو. جنهن ڪري هن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏين ها، پر مون چالاڪي ڪري ڪوڙ ڳالهائي کيس انهي بدناميءَ کان بچايو ۽ آءٌ ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڳالهه جي زور تي آءٌ هيتري حجت ڪري وٽس مدد لاءِ آيو هئس. نه مون پنهنجي دل ۾ عجب پئي ڪيو ته، پاڻ جا مون تي ايتري مهرباني ٿي ڪيائين، سا ڪيتري قدر انهي قصي جي يادگيريءَ ڪري هئي. آءٌ اڃا انهن خيالن ۾ هئس ته رئفلس وري اچي منهنجي ڪرسيءَ وٽ بيٺو ۽ مون کي چيائين ته، ”مون هينئر انهيءَ رات جو پئي خيال ڪيو، جنهن رات ذري گهٽ آءٌ اچي ڦاٿو هئس.... ڇو! ڇرڪ ڇو ٿو ڀرين؟“ آءٌ دهلجي ويس ۽ جواب ڏنم ته، ”مون به ساڳي ڳالهه جو خيال پئي ڪيو.“

رئفلس مرڪيو ڄڻ ته منهنجي دل جو خيال پڙهي ورتو هئائين.

”هائو، بني، انهن ڏينهن ۾ تون پڪو يار هئين. تون نه ڪي ٿي ڊنين نه ڪي ٿي ڪُڇين، نه ڪي ڪڏهن ڪو منهنجي ڳالهه بابت مون کان سوال پڇئي ۽ نه ڪي ڪڏهن ڪا چغلي هنيئي. آءٌ عجب ۾ آهيان ته، اڃا تنهنجي طبيعت ساڳي آهي يا نه.“

مون هٻڪي جواب ڏنو ته، ”الائجي.... مون پنهنجو ته خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مون کي پاڻ تي ايتري پت آهي، جيتري ٻين جي پت مون ۾ هوندي. پر اها پڪ اٿم ته پنهنجي عمر ۾ ڪنهن سنگتيءَ تي چغلي ڪانه هنئين اٿم نه ئي ڪنهن سنگتي کان منهن موڙيو اٿم. جي ائين ڪريان ها ته جيڪر اڄ اهڙي مصيبت ۾ به نه هجان ها“.

رئفلس ڪنڌ ڌوڻي چيو ته، ”برابر مون کي پاڻ تنهنجي اهائي يادگيري آهي ۽ آءٌ شرط ٿو ٻَڌان ته اڄ به تون اهڙو ساڳيو ئي ڳجهو يار آهين، جهڙو اڳي هئين. بني، ماڻهوءَ جون ننڍي هوندي جون عادتون ڦرن ڪينَ ٿيون. پر جيئن ماڻهو وڏو ٿيندو وڃي، تيئن عادتون به وڌنديون وڃن. مون کي پڪ آهي ته جن ڏينهن ۾ تون منهنجي لاءِ رسي ٻاهر  لڙڪائيندو هئين ۽ آءٌ هٿوراڙيون ڏئي مٿي چڙهي ايندو هئس، انهن ڏينهن کان تنهنجون ۽ منهنجون عادتون ذرو به ڪينَ ڦريون هونديون. تون سنگتيءَ کي مدد ڏيڻ لاءِ ڪنهن به ڪم کان انڪاري ڪينَ ٿيندين؟“

مون خوشيءَ ۾ چيو ته، ”نه ڪنهن به ڪم کان انڪاري ڪينَ ٿيندس.“

رئفلس مرڪي چيو ته، ”ڏوهه ڪرڻ کان به ڪينَ گُسندين؟

آءٌ ٿورو هٻڪي ويس ۽ خيال ڪرڻ لڳس، ڇو جو رئفلس جو آواز ذرو ڦريل هو ۽ مون ڀانيو ته مون سان چرچا ٿو ڪري؛ پر سندس اکين مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته چرچي جو ته کيس خيال ئي ڪو نه هو، آءٌ پاڻ به چرچي جهڙي حال ۾ ڪِينَ هئس. نيٺ مون جواب ڏنو ته، ”نه رئفلس نه! آءٌ ڏوهه ڪرڻ کان به ڪينَ گسندس. جي ڪو اهڙو نازڪ ڪم هجيئي ته ٻڌائيم، آءٌ حاضر آهيان.“

اتي رئفلس مون ڏي عجب ۽ بي اعتباريءَ جي اک سان نگاهه ڪئي. پوءِ کلي ڪنڌ ڌوڻي ڳالهه ڦيرائي چوڻ لڳو ته، ”بني، تون ڪو عجيب ماڻهو آهين. بلڪل خوفناڪ ماڻهو ٿو ڏسجين. اڃا هينئر منهنجي خون ڪرڻ لاءِ تيار هئين، وري اتي جو اتي ڪهڙي به ڏوهه ڪرڻ لاءِ تيار آهين. توکي مڙئي ڪا وندر کپي ۽ چڱو جو مون جهڙي اشراف ماڻهوءَ وٽ آئين. پر پاڻ کي ڪيئن به ڪري شرافت يا حرفت سان اڄ رات جو ئي اهي پيسا ڪٿان نه ڪٿان پيدا ڪرڻا آهن.

مون چيو ته، ”ڇا رئفلس! اڄ رات؟“

هن چيو ته، ”ضرور جيئن جلد تيئن چڱو. سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي کانپوءِ هڪڙو منٽ به خوفناڪ آهي. جي هنن ٻين ٻن يارن مان هڪڙو به تنهنجو چيڪ بئنڪ ۾ کڻي وڃي، ته پوءِ ته تنهنجو ڦڪڙ ڦاٽي پوندو نه! ضرور ڪيئن به ڪري صبح جو سوير تنهنجي بئنڪ ۾ تنهنجي نالي پيسا وجهڻا پوندا ته متان هو توکان اڳ ۾ اچي نه وڃن، مون کي اهڙي جاءِ سجهي ٿي، جتان اهي پيسا هينئر ملي سگهندا.“

”ڇا؟ رات جو ٻين وڳي!“

”هائو“

”پر هيڏي مهل ڪئين ۽ ڪٿان پيسا وٺندين؟“

”اجهو هي گهٽيءَ ۾ منهنجو هڪڙو دوست آهي انهيءَ وٽان.“

”هو تڏهن ڏاڍو گهرو دوست هوندئي!“

”گهري جي جاءِ ناهي. مون کي موڪل آهي ته، ڪيڏي مهل به سندس گهر وڃان ۽ اتي ڪيئن به ڪريان. سندس گهر جي ڪنجي به مون وٽ آهي.“

”۽ انهي کي هيڏي مهل وڃين تون ننڊ مان اٿاريندين؟“

”لاچار جي ستو پيو هوندو، ته ضرور اڄ رلڻو پوندو.

”منهنجو هلڻ ضروري آهي ڇا؟“

”هائو بلڪل ضروري آهي.“

”تڏهن لاچار مون کي هلڻو ئي پوندو. پر رئفلس سچ ڪري پڇين ته اها ڳالهه مون کي اصل نه ٿي وڻي.“

”نه ته ڀلا نه هلڻ جو نتيجو وڻئي ٿو؟ نه نه بني معاف ڪجيئن.“

رئفلس تڪڙ ۾ چيو ته، ”تنهنجي ڪمبختي مون کي تنهنجي پيش آڻڻ نه گهربي هئي. مون کي خبر آهي ته، توکي هلڻ نه وڻندو هوندو. پر هي لاچاريءَ جي حالت آهي. هاڻ اجهو تون هي مڌ ۽ سوڊا پيءُ، جيسين آءٌ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٽوپي پائي وٺان.“

مون کي البت رئفلس جي ڳالهين تي ڊپ پئي ٿيو، پر جيسين مڌ ۽ سوڊا پي رهيس، تيسين سڀ ڊپ لهي ويا. سگهوئي رئفلس ڪوٽ پائي مون وٽ آيو ۽ مڌ جو گلاس پي، مون کي چيائين ته، ”خبر اٿئي ته اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي.“ ائين چئي پنهنجي جنتريءَ تان هڪڙو ورق ڦاڙيائين، ”15 مارچ، بني اڄ عيد جو ڏينهن آهي. ياد ڪجئين اڄ مارچ جي عيد* آهي.“ پوءِ کلي باهه تي ٿورا اڱر وجهي بتيءَ جي وٽ جَهڪي ڪيائين ۽ اڃا بخاري تي گهڙيال ٻه پئي وڄايا ته اسين ٻئي ٻاهر نڪتاسين.

اوڏي مهل لنڊن جون گهٽيون ڌنڌ ۽ دونهي سان ڀريون پيو هيون، جنهن منجهان رستي جون بتيون ڏيئن وانگر پئي چمڪيون. اسان کي ٻيو ڪوبه رهگذر ڪونه مليو، رڳو هڪڙو پوليس وارو اسان کي گڏيو، جنهن اسان ڏي چتائي نهاريو. پر منهنجي سنگتي کي ڏسڻ شرط اسان کي سلام ڪيائين.

رئفلس مون کي کلي چيو ته، ”ڏس بني! پوليس به مون کي هت سڃاڻي ٿي. ويچارن پوليس وارن کي سڄي رات چالاڪي ڪرڻي آهي. هي اونداهي اسان کي تڪليف ٿي ڏئي، پر بني چورن لاءِ ته هي وڏي غنيمت هوندي. اجهو منهنجي سنگتيءَ جو گهر هيءُ آهي، پر مون کي پڪ آهي ته هو ستو پيو آهي.“

اسين هڪڙي گهٽيءَ مان ڦري رستي جي ڪنڊ تي وڃين بيٺاسين. رئفلس رستي جي ٻئي پاسي هڪڙي گهر جي درين ڏي پئي نهاريو، جي اونداهي ۽ ڌنڌ جي ڪري ڏسڻ ۾ مس ٿي آيون. اُهي دريون هڪڙي جواهريءَ جي دڪان جي مٿان هيون. دستور موجب انهيءَ دڪان ۾ بتي پئي ٻري، جنهن جي روشني پردي جي سوراخن مان پئي ڏٺي. پر انهي دڪان جي ماڙيءَ ۾ اونداهي لڳي پئي هئي.

مون رئفلس کي زور ڀري چيو ته، ”بهتر ائين آهي ته اڄ رات کڻي ڇڏينس، سڀاڻي صبح جو پاڻ کي گهڻو ئي وقت ملندو.“ پر رئفلس نه مڃيو ۽ چيائين ته:

”نه، نه، اصل نه! ڪُنجي جي مون وٽ آهي، اوچتا هلي هن جي متان پونداسين. آءُ هليو آءُ.“

۽ مون کي ٻانهن مان وٺي تڪڙو تڪڙو گهلي رستي جي هن ڀر وٺي ويو ۽ ڪنجي کيسي مان ڪڍي در کوليائين جو دڪان جي پاسي کان هو. جهٽ ۾ اسين اندر لنگهي وياسين ۽ رئفلس پٺتي در بند ڪري ڇڏيو. اسين ٻئي گڏ اونداهيءَ ۾ بيهي رهياسين. اسان پوليس واري جو قدم ٻُڌو، جو رستي تي ئي ٻُڌڻ ۾ آيو هوسين ۽ هاڻي جڏهن ويجهو ويجهو ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن منهنجي سنگتيءَ پنهنجي هٿ سان منهنجي ڪرائي کي زور سان ور ڏنو ۽ مون کي ڪن ۾ چيائين ته:

”شايد گهر جو مالڪ پاڻ ٿو اچي، اڪثر رات جو گهر دير سان ايندو آهي. بني آواز نه ڪر، ڀلي اچي ته اسين ڊيڄارينداسونس.“

پوليس واري جو قدم هاڻي بند ٿي ويو ۽ رئفلس ٿڌو ساهه کنيو. سندس هٿ جو زور منهنجي ڪارائي تان البت ڍرو ٿيو.

رئفلس چيو ته، ”اڃا به ڪو آواز نه ڪر. اسين اڃا به هن کي ستائينداسون، ڀلي ڪٿي به هجي. پنهنجي جتي لاهه ۽ آهستي آهستي منهنجي پٺيان هليو اچ.“

شايد توهان کي عجب لڳندو ته، جيئن رئفلس مون کي چيو تيئن مون ڪيو. پر توهين رئفلس کي ڪينَ مليا آهيو. اصل امڪان نه آهي ته اهڙي  ماڻهوءَ تي ڪا بي اعتباري ڪجي، يا اهڙي ماڻهوءَ جو چيو نه مڃجي. شايد پڇندئوس ته ڇو ٿو ائين ڪرين يا ڇو ائين ڪريون، پر في الحال ته ضرور هن جو چيو مڃيندو. سو هاڻي جڏهن مون هن کي سندس جتيون لاهيندو ڏٺو، تڏهن مون به پنهنجي جتي لاٿي ۽ پٺيائس ڏاڪڻ تي ڪاهي پيس. مون کي اوڏي مهل اهو خيال ئي ڪونه آيو ته دوست وٽ وڃڻ جو هي ڪهڙو نه عجيب رستو هو ۽ خاص هن کان اوڌر وٺڻ لاءِ. پر مون ڀانيو ته شايد رئفلس ۽ هن جي وچ ۾ گهڻي گستاخي جو رستو آهي ۽ هڪ ٻئي سان اهڙا چرچن ڪرڻ تي هريل آهن.

اسين هٿوراڙيون ڏيندا مٿي چڙهي وياسين ۽ انهي عرصي ۾ مون گهڻين ئي شين جو ڌيان ڪيو. پهرين ڏاڪڻ تي غاليچو ڪو نه هو، جيئن هميشه دستور آهي ۽ ٻيو ته جيڪا ڀت ڏاڪڻ جي سڄي پاسي هئي، انهي تي ڪا تصوير يا ٻي ڪابه شيءِ ٽنگيل ڪانه هئي ۽ ڏاڪڻ سڄي مٽيءَ سان ڀري پيئي هئي. نيٺ اسين وڃي ڏاڪڻ جي چوٽيءَ تي پهتاسين. پوءِ کٻي پاسي ڦري چار ڏاڪا ٻيا چڙهي وڃي ٻئي ماڙيءَ تي پهتاسين. پوءِ اوچتو ئي اوچتو اونداهي ۾ هڪڙي ماچيس جي تيليءَ جو شعاع ٿيو. مون تيليءَ جي ٻرڻ جو آواز ڪونه ٻڌو، تنهن ڪري اوچتي روشني اکين ۾ اونداهي ڪري وئي. جڏهن نيٺ منهنجون اکيون وڃي روشنيءَ تي هريون، تڏهن ڏٺم ته هڪڙي هٿ ۾ رئفلس تيلي جهليو بيٺو هو ۽ ٻئي هٿ سان هن جي روشنيءَ کي پئي ڍڪيائين ۽ اسين جنهن ڪوٺيءَ ۾ بيٺا هئاسين، اها ڪوٺي اصل صفا خالي هئي.

مون ڊڄي چيو ته، ”مون کي ڪٿي آندو اٿئي؟ هي گهر ته خالي آهي.“

رئفلس آهستي چيو ته، ”هِشـش.... ٿورو صبر ڪر“ ۽ وري ٻي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويم. جڏهن اندر گهڙياسين، تڏهن ماچيس جي تيلي وسامي وئي. پر رئفلس ٻي تيلي ٻاري جنهن جو به آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيو. پوءِ مون کي پٺي ڏئي ڪنهن شيءِ کي بيهي ٺاهيائين، جا مون کي ڏسڻ ۾ ڪينَ آئي. پر جڏهن ٻي تيلي به اڇلي ڇڏيائين، تڏهن ڏٺم ته تيليءَ جي بدران ڪا ٻي روشني هئي ۽ تيلي جي ٻرڻ جي ٿوري باس پئي آئي. مون ڪوشش ڪئي ته، سندس ڪلهي تان ڏسان، ته ڇا جي روشني آهي. پر اوڏي مهل رئفلس ڦري هڪڙي ننڍي چور بتيءَ جي روشني منهنجي منهن ۾ وڌي.

مون ڇرڪ ڀري پڇيو ته، ”رئفلس هي ڇاهي؟ هاڻي وري ڪهڙو نئون چرچو ٿو ڪرين؟“

آهستي کلي رئفلس مون کي جواب ڏنو ته، ”جيڪو چرچو مون کي ڪرڻو هو، اهو آءٌ ڪري چڪو آهيان.“

”ڇو؟ هن گهر ۾ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه آهي ڇا؟“

”نه بني، اسان ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو ڪونهي.“

”ته تڏهن پنهنجي گهر جو چيئي ٿي ته، هت منهنجو دوست آهي جو اسان کي پيسا ڏيندو، سو سڄو ڪوڙ آهي ڇا؟“

”نه بني سڄو ڪوڙ ڪونهي. اها ڳالهه سچي آهي ته هن دڪان جو مالڪ ٿورو گهڻو منهنجو سنگتي آهي.“

مون هاڻي رئفلس جو مطلب سمجهي ورتو ۽ اچي ڊپ ۾ پيس ۽ ڏڪي پڇيومانس ته، ”ڇا ٿو چوين؟ انهيءَ جواهريءَ کان پيسا وٺندين ڇا؟“

”نه، نه! جواهريءَ کان ته پيسا وٺڻ جو ارادو ڪونه اٿم.“

”ته پوءِ ڇا؟“

”جواهريءَ کان نه ته ڀلا سندس دڪان کان وٺندس. اها به ڳالهه ساڳي آهي.“

مون کي وڌيڪ سوال ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونه هو. مون هاڻي سڀ ڪي سمجهو. آخر منهنجو ئي ڏوهه هو، جو مون هيتري دير ڪينَ سمجهيو هو. ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي چڪيون هيون، جنهن مان جي مون کي عقل هجي ها ته آءٌ سمجهي سگهان ها ته سچي ڳالهه ڪهڙي آهي. پر هاڻي ته انهي خالي ڪوٺيءَ ۾ مون هن کي چرين وانگر چتائي نهاريو ۽ هن مون ڏي پئي نهاريو. نيٺ مون عجب مان چيو ته، ”ڌاڙيلو! رئفلس تون! تون!“

”مون توکي سوير چيو ڪينَ هو ته منهنجي چالاڪي کانسواءِ مون کي ٻيو ڪو رستو ڪونهي؟“

پوءِ نيٺ مون ڪاوڙ ۾ چيو ته، ”ڀلا مون کي ائين ڇو نه ٿي چيئي ته تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟ ڇو نه مون تي ٿورو اعتبار ڪيئي؟ ۽ ڇو مون سان ايترا ڪوڙ ڳالهايئي؟“

رئفلس جواب ڏنو ته، ”منهنجي مرضي هئي ته توکي چوان ۽ هڪ ٻه ڀيرا ته اصل توکي چوڻ تي هئس. توکي ياد هوندو ته گهر مون توسان ڏوهه جي به ڳالهه ڪئي هئي، رڳو توکي آزمائڻ جي لاءِ. توکي شايد وسري ويو هوندو ته تو ڪهڙو جواب ڏنو. مون اوڏي مهل به ائين سمجهيو ته تون سچي دل سان جواب ٿو ڏين. پر پوءِ خيال ڪيم ته توکي آزمائڻ گهرجي. مگر هاڻي مون کي پڪ آهي ته تو سچي دل سان جواب ڪو نه ڏنو هو. پر آءٌ توکي ڏوهه نه ٿو ڏيان. هن ڳالهه جي لاءِ اڃا تائين رڳو آءٌ ئي جوابدار آهيان. هاڻي منهنجا سنگتي جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد هتان نڪري وڃ. آءٌ هن ڪم کي پاڻ ئي پهچندس. مون کي خبر آهي ته ٻيو ڪي به ڪندين پر مون تي چغلي ڪا نه هڻندين.“

اتي به رئفلس جي هوشياري ۽ چالاڪي ظاهر هئي. جي هينئر به مون کي دڙڪا ڏئي ها يا ڊيڄاري ها ته شايد اڃا به آءٌ بچي پوان ها. پر انهي جي بدران هن مون کي خوشيءَ سان موڪل ڏني ته آءٌ کيس اهڙي مصيبت ۾ ڀلي اڪيلو ڇڏي وڃان. مون کي ڏوهه ڪونه ڏنائين نه ڪو مون کان ڪو اهڙو ئي انجام ورتائين، ته آءٌ ڪنهن سان ڳالهه ڪينَ ڪندس. پر منهنجي ايمانداري تي پت رکيائين. هن کي خبر هئي ته ڪهڙين ڳالهين تي منهنجي دل نرم هئي ۽ ڪهڙين ڳالهين تي آءٌ سخت هئس. ٻنهي پورن مان هينئر رئفلس پورو ڪم ورتو. پوءِ مون چيو ته:

”اهڙي تڪڙ نه ڪر، رڳو مون کي ٻڌائي ته اصل تنهنجو ارادو هو ته اهو ڪم ڪرين يا مون اها ڳالهه تنهنجي دل ۾ وڌي؟“

رئفلس جواب ڏنو ته، ”نه. هروڀرو منهنجو ارادو ڪو نه هو ته اهو ڪم ڪريان. اگرچه انهيءَ ارادي سان گهڻن ڏينهن کان انهي گهر جون ڪنجيون مون پنهنجي حوالي ڪيون هيون. پر جڏهن اڄ رات توکان چوپڙ ۾ پيسا کٽيم، تڏهن ڪنجيون اڇلڻ تي هئس، جو تون آئين. سچ ڪري پڇين ته هي ڌاڙو هڪڙي ماڻهوءَ جو ڪم به ناهي.“

”تڏهن ٺهيو. اچ آءٌ هاڻي تنهنجو آهيان.“

”بني سچ ٿو چئين؟“

”هائو، ٻيو نه ته به اڄ رات ته آءٌ توکي اهڙو ڌوڪو ڪينَ ڏيندين“

نيٺ رئفلس مون کي چيو ته، ”شابس بني شابس.“ پوءِ بتي هيٺ رکي پنهنجي سڄي رِٿ مون کي ٻڌائڻ لڳو ۽ آءٌ به ماٺ ڪري هن جي ڳالهه ٻڌڻ لڳس. ڄڻ ته سڄي حياتي اسين ٻئي صلاحڪار هئاسين.“

پوءِ رئفلس مون کي آهستي چوڻ لڳو ته، ”آءٌ هن دڪان جو چڱي طرح واقف آهيان ۽ هن مٿئين ماڙيءَ جي به سڀ خبر اٿم. هي ماڙي گهڻن ڏينهن کان مسواڙ جي لاءِ خالي پئي هئي ۽ مون سندس مالڪ کان وٺڻ جي ارادي سان موڪل گهري چڱي طرح ڏٺي آهي ۽ جڏهن هيءَ جاءِ ڏسڻ آيو هئس، تڏهن ڪنجي جي ماپ به پاڻ سان کڻي ويو هئس. رڳو هڪڙي شيءِ جي خبر ڪانه ٿي پويم ته هي ماڙي ۽ هيٺيون دڪان پاڻ ۾ ڪيئن ڳنڊيل آهن. اڃا تائين ته خبر ڪانه ٿي پويم، پر شايد ڪو رستو لڀي پوي. پر آءٌ ڀانيان ٿو ته دڪان جي هيٺان جيڪا ماڙي آهي، انهي مان وڌيڪ سهولت ٿيندي. پر بيهه ته توکي هينئر ٿو ڏسي ڏيان.“

ائين چئي رئفلس پنهنجي بتي زمين تي رکي ۽ هڪڙي دريءَ وٽ وڃي آهستي آهستي دري کولي ٻاهر ڏٺائين. سگهو ئي وري دري بند ڪري ڪنڌ ڌوڻيندو موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو ته:

”نه، اسان جي باقي اميد ئي اها هئي ته گهر جي پٺئين پاسي هڪ ٻئي جي مٿان دريون هونديون، پر اتي گگهه اونداهي لڳي پئي آهي، جو خبر ئي ڪانه ٿي پوي ۽ پاڻ بتي ٻاهر ڏيکاري نه ٿا سگهون. هاڻي منهنجي پٺيان هليو اچ ته هيٺين ماڙيءَ ۾ هلون. پر ياد ڪجئين ته، اگرچه هن گهر ۾ ماڻهو ڪونهي، تڏهن به غفلت نه ڪجئين. اجهو هاڻي وري ٻڌ!“

وري اهي ساڳيا قدم جي اسان سوير ڀرو ٻُڌا هئا. رئفلس پنهنجي بتيءَ جي روشني ڍڪي ڇڏي ۽ اسين ماٺ ڪري تيسين بيهي رهياسين، جيسين قدم ٻڌڻ ۾ نه آيا.

رئفلس ڀڻڪي چيو ته، ”اهو يا ڪو پوليس وارو آهي يا ڪو چوڪيدار آهي، جو هتي جا سڀ جواهري پگهار تي بيهاريندا آهن. پاڻ کي پوليس کان به وڌيڪ هنن چوڪيدارن جو خيال ڪرڻو آهي، ڇو جو جواهرين جي دڪانن تي پهري ڏيڻ کانسواءِ هنن کي ٻيو ڪو به ڪم ڪونهي.“

اسين آهستي آهستي ڏاڪڻ تان لهي وياسين ۽ هيٺ وڃي پنهنجون جتيون هٿ ڪيونسين. پوءِ وري ٻه ٽي ٻيا ڏاڪا لٿاسين، جتي رئفلس پنهنجي بتي به ڏيکاري ۽ اسان پنهنجون جتيون پاتيون. هاڻي اسين دڪان کان هيٺين ماڙيءَ تي هئاسين ۽ هڪڙي ننڍي ڪوٺيءَ ۾ بيٺا هئاسين، جنهن ۾ چار در هئا. ٽي در ته کليا پيا هئا، جن مان خالي ڪوٺيون پئي ڏٺيون، پر چوٿون در بند پيو هو ۽ ڪڙو  آيو پيو هئس. رئفلس اهو ڪڙو کوليو ۽ اسين وڃي پٺئين ڪوٺي ۾ پياسين. انهي در جي سامهون وري ٻيو در هو. رئفلس انهي در ڏي ويو ۽ پنهنجي بتيءَ جي روشني ڪلف ڏي ڪري بيهي ڪلف کي چتائي ڏٺائين. پوءِ منٽ ٻن ۾ هڪڙو آواز ٿيو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. پر جڏهن رئفلس ڏي ڏٺم، تڏهن هو در جي اندر بيٺو هو ۽ پنهنجي ڪلف ڀڃڻ جي اوزار سان مون کي پئي سڏيائين. پوءِ مون کي چيائين ته، ”اجهو هي دروازو نمبر پهريون. پر خدا کي خبر آهي ته باقي ٻيا گهڻا آهن. مون کي به ٻن جي ته يادگيري آهي، پر اهي ٻه آسانيءَ سان کلي پوندا.“

وري ٻه ٽي ٻيا ڏاڪا چڙهي وڃي ٻئي ڪوٺيءَ ۾ پياسين، جنهن مان اصل دڪان منجهه وڃڻ جو رستو هو. پر کُلئي رستي هجڻ جي بدران اتي هڪڙو وڏو ۽ مضبوط در هو.

اتي رئفلس چيو ته، ”مون پاڻ ائين ڀانيو.“ پوءِ بتي مون کي ڏنائين ۽ ٻه ٽي ڪوڙيون ڪنجيون ڪلف ۾ وجهي پوءِ سڄو ڇُڳو کڻي کيسي ۾ وڌائين ۽ چيائين ته، ”انهي مان پار پوڻ به گهٽ ۾ گهٽ ته ڪلاڪ جو ڪم آهي.“

”ڇو اهو ڪلف ڀڃي نٿو سگهين ڇا؟

”نه اهي ڪلف پنهنجا اڳي ڏٺل آهن، هنن کي ڀڃڻ جي ڪوشش اجائي آهي. انهي ڪلف جي چوڌاري در جو ڪاٺ ڪپڻو پوندو ۽ ڪلاڪ ته ضرور لڳندو“

پر منهنجي واچ موجب پورا ستيتاليهه منٽ گذريا ۽ پنهنجي سڄي حياتي ۾ مون ڪو اهڙو صفائيءَ سان ٿيل ڪم ڪونه ڏٺو هو. منهنجو ڪم رڳو هي هو ته هڪڙي هٿ ۾ بتي ۽ ٻئي هٿ ۾ تيل جي دٻلي جهلي بيهان. رئفلس پنهنجي کيسي مان هڪڙي ننڍڙي ڀريل دٻلي ڪڍي، جا عام راوجي طرح پاڪين رکڻ لاءِ ڪم ايندي آهي، پر هينئر منجهس سندس ڳجهي ڪرت جو سڀ سامان هو. انهي ٿيلهي مان رئفلس هڪڙي انگريزي سيرائي ڪڍي جا انچ گولائي جو سوراخ ڪري ٿي سگهي. پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي پٽ تي وڇايائين ۽ انهيءَ تي گوڏا کوڙي ٻانهون کُنجي اچي ڪم کي لڳو. پر پهرين سيرائيءَ کي تيل مکيائين ته آواز ٿورو ڪري. نيٺ ٻٽيهه ٽنگن ڪڍڻ کانپوءِ ڪلف سوڌو ڪاٺ ڇِڄي در کان ڌار ٿيو. پوءِ رئفلس پنهنجو هٿ انهي سوراخ ۾ گهيڙائي وڌو ۽ ٿوري وقت ۾ مون چپن ۾ گار ڏيندو ٻڌومانس، پوءِ چيائين ته، ”مون کي ڊپ هو ته ائين ئي هوندو.“

”هاڻي وري ڇا آهي؟“

”اجهو  هن در جي پٺيان وري ٻيو لوهه جو در آهي.“

مون نااميد ٿي پڇيو ته، ”پوءِ انهي مان ڪيئن لنگهي پار پونداسين؟“

”انهي جو ته ڪلف ڀڃڻو پوندو، پر شڪ ڪونهي ته انهي ۾ به، ٻه ڪلف هجن ۽ جي ٻه ڪلف آهن ته هڪڙو مٿي ۽ ٻيو هيٺ هوندو ۽ اسان کي ٻيا به سوراخ ڪرڻا پوندا. جئين هينئر آهي تيئن ته دروازو ٻه انچ به ڪينَ کلي سگهندو.“

سچ ڪري پڇو ته، جڏهن هڪڙي ئي ڪلف اسانکي ايڏي تڪليف ڏني هئي، تڏهن مون کي ڪا اميد ڪا نه هئي ته، اهي ٻيا ڪلف ڀڄندا. جي آءٌ بيهي خيال ڪريان ها ته جيڪر پنهنجي نااميدي ۽ تڪڙ تي مون کي عجب لڳي ها. پر حقيقت هي آهي ته انهي بري ڪم ۾ هاڻي آءٌ پاڻ به محو ٿي ويو هئس. پر آءٌ صبر ڪري بتي ۽ تيلي جهلي بيٺو هئس ۽ رئفلس هتي گوڏا کوڙيو پنهنجي ڪم کي لڳو پيو هو.

نيٺ جڏهن ڪلف ڇِڄي ڌار ٿيو، تڏهن رئفلس پنهنجي ٻانهن اندر گهيڙائي وڌي. اتي رئفلس چيو ته، ”هاڻي جي هڪڙو ڪلف آهي ته ضرور وچ تي هوندو. واهه ڙي واهه! اجهو لڌم. رڳو بيهه، اهو ڀڃان ته پوءِ پار آهيون.“

پوءِ رئفلس پنهنجي ٻانهن ڪڍي ورتي ۽ ڪوڙيون ڪنجيون کيسي مان ڪڍي وري هٿ اندر وڌائين. ٿوري دير ڪُنجين جي ڇِم ڇِم ٿي، پوءِ نيٺ هڪڙي ڪنجي لڳي ۽ منٽ ۾ ڪاٺ جو ۽ لوهه جو در ٻئي کلي پيا. رئفلس اندر لنگهي ويو ۽ هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجي منهن تان پگهر سڪايائين.

پر اندر وڃڻ شرط ڏٺوسين ته، اڃا به اسان جو ڪم پورو نه ٿيو آهي. ڇو جو اسين جنهن ڪوٺي ۾ هاڻي هئاسين، انهي ۽ دڪان جي وچ ۾ هڪڙو در هو جنهن کي سڄو لوهه جو پردو پيل هو، جنهن جي شڪل ئي مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. پر رئفلس کي ته انهي تي خيال ئي ڪو نه هو. اٽلو ٿورو آرام وٺي پوءِ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٽوپي هڪڙي ڪِليءَ تي ٽنگيائين ۽ پوءِ وڃي انهي پردي کي چڪاسيائين. منٽ کن انهي پردي کي ڏسي چوڻ لڳو ته، ”انهي ۾ ته ڪي ڪينهي. انهي مان ته جهٽ وڃي پار پونداسين. پر شايد انهي جي پٺيان ٻيو در هجي جو تڪليف ڏئي.“

مون ڪنجهي پڇيو ته، ”مار! اڃا ٻيو در! ڀلا هن پردي منجهان رستو ڪيئن ڪنداسين؟“

”انهي کي ته رڳو لوهه جي  لٺ هيٺان ڏئي کڻي مٿي کڻبو. ٻئي ڪري هي پردا چڱا آهن پر اهو ئي هڪڙو عيب اٿن جو هيٺان ڪنهن شيءِ لنگهائڻ جي وٿي آهي. پر انهي ۾ به البت آواز ٿيندو ۽ بني، تون اجهو هتي ڪمائتو ٿيندين. اهو ئي ڪم هو، جو توکان سواءِ آءُ اڪيلو ڪينَ ڪري سگهان ها. هاڻي تون مٿئين ماڙي تي وڃ ۽ جڏهن رستو خالي ڏسين، تڏهن زمين تي لت هڻ ته پوءِ آءٌ بي ڊپو ٿي ڪم شروع ڪريان. هلي آءٌ توکي رستو ڏيکاريان.“

هاڻي اوهين خيال ڪري سگهندؤ ته، منهنجا ڪهڙا خراب خيال هئا. اڃا تائين ته آءٌ رڳو تماشبين هئس، پر هاڻي ته مون پاڻ انهي ڪم ۾ هٿ ٿي وڌو ۽ اڳتي آءٌ پاڻ جوابدار ٿي  ٿيس. انهي نئين جوش جي ڪري باقي جيڪا رهي کُهي غيرت منهنجي دل ۾ هئي اها به اڏامي وئي.

هاڻي دڪان جي مٿان جيڪا ڪوٺي هئي، انهي جي دريءَ تي وڃي بيٺس ۽ نصيب اسان جو اهڙو زور هو جو درين تي اڳيئي پردا چڙهيا پيا هئا، جن جي پٺيان لِڪي آءٌ سلامتي سان بيهي ڏسي ٿي سگهيس. انهي ۾ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي، ته آءٌ پردي جي پٺيان لڪي بيهان ۽ جي گهٽيءَ ۾ ڪو ماڻهو ڏسجي ته ٻه ڀيرا، وري جڏهن گهٽي خالي ٿئي، تڏهين هڪڙو ڀيرو زمين تي ٽوڪر هڻان؛ منهنجو ڪم اهو ئي هو. اگرچه آءٌ گهر جي اندر ئي هئس، تڏهن به هڪڙي ڀيري کان سواءِ ڪو اهڙو آواز ڪو نه ٻڌم جو ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچي. پر جيڪو آواز هو، اهو به منهنجي ٽوڪر تي يڪدم بند ٿيو ٿي ويو. آءٌ ڪلاڪ کن انهيءَ ڪم تي هئس ۽ انهي وچ ۾ پوليس وارو گهٽ ۾ گهٽ ته به ڇهه ڀيرا گهٽيءَ مان لنگهيو ۽ جواهري جو چوڪيدار اڃا به گهڻا ڀيرا اوڏهين لنگهيو. رڳو هڪڙي ڀيري ڊپ ۾ منهنجو هانوءَ اچي منهنجي وات ۾ پيو. سو هن ڪري ته اهو چوڪيدار دڪان جي پردي جي سوراخ مان اک وجهي اندر نهارڻ لڳو. آءٌ اچي ڊنس ۽ سمجهيم ته اجهو پوليس واري کي ٿو سڏي ۽ پنهنجي خيال ۾ اڳتي پاڻ کي جيل ۾ ويٺو ڏٺم. پر هيٺ رئفلس منهنجو اشارو ٻُڌي ماٺ کڻي ڪئي هئي ۽ چوڪيدار کي ڪو شڪ به ڪو نه پيو ۽ هو ماٺ ڪري هليو ويو. پوءِ مون کي پاڻ هيٺان سڏ ٿيو ۽ آءٌ تيليون ٻاريندو هيٺ لهي ويس، جتي رئفلس ٻانهن ڊگهيري مون کي ملڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”شاباس بني شاباس تون اڄ به تڪليف مهل اهو ساڳيو يار آهين، جهڙو اڳي هئين ۽ توکي انهي جو عيوضو به ڏينديس. گهٽ ۾ گهٽ ته به پندرنهن هزارن جي ملڪيت هٿ ڪئي اٿم ۽ سڀ جواهر منهنجي کيسي ۾ آهن. اجهو هيءُ مڌ ۽ هي ٻيڙيون به ڪٻٽ مان لڌيون اٿم، جي انهي ويچاري جواهري شايد پنهنجن دوستن لاءِ وٺي رکيون هيون. ٿورو مڌ پي ته پوءِ ٻيڙيون دکايون. وهنجڻ جي ڪوٺي به تاڙي اٿم ۽ هلڻ کان اڳ ۾ هٿ منهن به ڌويو هلنداسين، ڇو جو آءٌ سڄو مٽيءَ ۾ ڀريو پيو آهيان.“

اهو لوهه جو پردو لٿو پيو هو ۽ اگرچه اهو ڏاڍو نازڪ ڪم هو، تڏهن به رئفلس زور ڪري اهو پردو مٿي ڪيو ته ڀلي آءٌ ڏسان ته پاڻ دڪان ۾ ڪهڙي صفائي سان ڪم ڪيو هئائين. هن دڪان ۾ دستور موجب ٻه بجليءَ جون بتيون پئي ٻريون، انهي لاءِ ته جي سندن چوڪيدار پردي واري ٽُنگ مان اک وجهي ڏسي ته خبر پئيس ته اندر سڀ شيءِ سلامت رکيل آهي. انهن بتين جي روشنيءَ ۾ مون کي پهرين ڪي به ڏسڻ ۾ ڪينَ آيو. سڄي ۽ کٻي پاسي ڏٺم ته ڪٻٽ چاندي ۽ سون جي شين سان ڀريا پيا هئا. انهن مان ڪي به نڪتل ڪينَ ٿي ڏٺو. رڳو هڪڙي  چاندي جي دٻلي منهنجي لاءِ ڪڍي هئائين، رئفلس رڳو دريءَ مان مال ڪڍيو هو. اها دري هن نموني تي ٽڪنڊياري هئي.

۽ هر هڪ پاسي کي اندران ڪاٺ جا در هئا، ۽ رئفلس ٻن پاسي وارين درين جا ڪلف ڀڳا هئا، يعني بي ۽ تي درين کي کاٽ هنيو هئائين ۽ انهي ڪري مون کي دريون خالي ڏسڻ ۾ آيون. وچين دريءَ جي پردي جي سوراخ مان به پاسي واريون دريون ڏسڻ ۾ ڪينَ اچن ها ۽ وڃڻ مهل رڳو ڀڳل درن، ٻريل ماچيسن، خالي مڌ جي گلاسن ۽ ڇِڪيل ٻيڙين کان سواءِ اسان پنهنجي ملاقات جو ڪو به نشان اتي ڪو نه ڇڏيو.

جڏهن اسين صحيح سلامت وري رستي تي اچي چڙهياسين، تڏهن مون رئفلس کان پڇيو ته، ”رئفلس تو گهڻن ڏينهن کان انهي ڳالهه جو خيال ڪيو هو ڇا؟“

هن چيو ته، ”نه نه بني، مهينو کن ٿيندو ته اها مٿين ماڙي خالي ڏٺيم. تنهن کان اڳ مون کي ڪو به خيال ڪو نه هو ۽ تنهن کانپوءِ مون ماڙي گهمي ڏٺي ۽ دڪان مان ٻه ٽي شيون خريدڻ جي بهاني سان سڄي گهر جو نمونو ڏسي ورتم.“ پر اها ڳالهه ڪندي مون کي يادگيري پئي آهي ته انهن شين جا به پيسا اڃا ڪين ڏنا اٿم؛ پر انشاءالله سڀاڻي ڏئي ڇڏيندوسانس. جڏهن پهرين پهرين دڪان ۾ پير وڌم تڏهن ڏٺم ته اهو ڪم ٿي سگهندو، پر ٻئي ڀيري وري جانچي ڏٺومانس ته يقين ڄاتم ته ڪنهن ٻئي سنگتيءَ کانسواءِ اهو ڪم ٿيڻو ئي نه آهي. تنهن ڪري اهو خيال ئي لاهي ڇڏيو هئم، جو اڄ تون آئين پر اجهو هاڻ اچي البنيءَ کي پهتا آهيون. باهه شل وسامي نه وئي هجي تون الائجي ڪيئن ٿو ڀائين پر آءٌ ته ڪيٽس* جي چٻ وانگر سيءَ سان پيو ڏڪان.“

آءٌ ته وائڙو ٿي ويس. ڪهڙو نه عجيب شخص هو، جو هن کي چوري ڪرڻ کانپوءِ به وڏن شاعرن جون ڳالهيون دل تي پئي چڙهيون. اوچتو مون کي اچي خيال پيو ته مار رئفلس ته ڌاڙيلو آهي! مون جو هن کي ڌاڙي ۾ مدد ڪئي هئي، سو آءٌ به ڌاڙيلو ٿي چڪس. تڏهن مون هن کي سندس کيسا خالي ڪندو ائين پئي ڏٺو، جو ڄڻ ته سڄي ڄمار اسان ٻيو ڪو ڪم ئي ڪو نه ڪيو هو.

منهنجو ته رت ئي سڪي ويو ۽ دل پئي ڪچي ٿيم ۽ مٿي ۾ ڦيري اچڻ لڳم. اهو  بدمعاش جنهن جي لاءِ ننڍپڻ ۾ منهنجي دل ايتري ڇڪي کائيندي هئي! ڪيئن نه منهنجي دل هن کي گهرندي هئي. پر هاڻي ته مون کي واجب هو ته هن کي ڌڪاريان. مون ڏٺومانس پئي ته پنهنجا کيسا پئي خالي ڪيائين. سڄي ميز خزاني سان ڀرجي وئي. سوين منڊيون، هزارين هيرا، چوڙيون، هار موتي، لعل ۽ فيروزا پئي چلڪيا، منهنجون ته وائيون ئي بتال ٿي ويون. جڏهن سڀ جواهر ڪڍي رهيو هو، تڏهن منهنجو پستول جو کيسي ۾ وڌو هئائين اهو به ڪڍي ٻاهر ڪيائين. اهو ڏسڻ شرط منهنجي اک کلي. مون اوچتو پنهنجو هٿ ڊگهيريو، پر رئفلس مون ڏي غور ڪري نهاريو ۽ پستول مان سڀ گوليون ڪڍي خالي پستول مون کي موٽائي ڏنائين. پوءِ مون کي چوڻ لڳو:

”بني تون الائجي اعتبار ڪندين ڪي نه، پر اڳي ڪڏهن مون ڀريل پستول پاڻ سان نه کنيو. مگر اڄ ڏٺم ته ڀريل پستول کيسي ۾ آهي ته دل کي به ٿورو ڏڍ ٿو رهي.

پر ڀريل پستول کڻڻ ۾ وڏو نقصان هي آهي، ته خدانخواسته جي چوري ڪندي ڪڏهن ماڻهو پڪڙجي پئي ته امڪان آهي ته پاڻ ڇڏائڻ لاءِ اتفاق سان مڙس ماري به وجهي. اها ته جيڪر وڏي نالائقي ٿي پوي. نه يار، دل نه لوڙهه! مون ڪڏهن اَڃا ماڻهو ڪو نه ماريو آهي ۽ خدا شل اهڙو ڪم نه ڪرائينم.“

مون چيو ته، ”انهيءَ مان مطلب هي ٿو نڪري ته اڳي گهڻائي ڌاڙا هنيا اٿئي.“

هن ورندي ڏني ته، ”اڳي، بني هاڻ ته مون کي ڪاوڙ ٿو ڏيارين. اڄ ته پاڻ اکين سان ڏٺئين ته ڪهڙي صفائي سان ڪم ڪيم؟ اهو به ڀلا ڀانئين ته پهرين ڀيري جهڙو ٿي ڏٺئي. نه نه منهنجا سائين! انهيءَ کان ته وڏيون وڏيون ڪثرتون ڪري چڪو آهيان.

مون چيو ته، ”گهڻا ڀيرا؟“

هن جواب ڏنو ته، ”نه هروڀرو ايترا گهڻا ڀيرا به نه جو انهي ڪم مان مزو نڪري وڃي. پر آءٌ ڌاڙو تڏهن هڻندو آهيان، جڏهن هڙ ۾ بنهه پائي به ڪانه هوندي اٿم. مهل ٽپائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڌاڙو هڻي قسم کڻي ڇڏيندس؟

مون کي ته ڳالهه عقل ۾ نه ٿي ويٺي اعتبار ڪري نه ٿي سگهيس. پر وري منهنجي اک وڃيو جواهرن تي ٿي پيئي، پوءِ ته بي اعتباري ناممڪن هئي. نيٺ آءٌ تعجب ۾ پئجي ويس ۽ پڇيومانس ته:

”تو اهو ڌنڌو شروع ڇو ڪيو؟“

رئفلس جواب ڏنو ته، ”اها وڏي آکاڻي آهي. پهرين پهرين جڏهن آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽ ڪرڻ ويو هئس، تڏهن اهو ڪم ڪيم: هينئر ته ڳالهه ڪرڻ جهڙي نه آهي، ٻئي ڪنهن ڏينهن ٻڌائيندوسئين، پر انهيءَ ڏينهن منهنجي به اهڙي حالت هئي جهڙي اڄ تنهنجي آهي ۽ ڌاڙي هڻڻ کان سواءِ ٻيو رستو ئي ڪو نه ٿي سُجهيم. اوڏي مهل مون کي ڪو خيال ڪو نه هو ته پنهنجو ڌنڌو ڪريان. پر هڪڙي ڀيري رت چکي ڏٺم ۽ چوس اچي ويم، پوءِ ڇڏڻ ڏکيو لڳو. خيال ڪيم ته جي ڌاڙا هڻي گذارو ڪري ٿو سگهان ته پورهيو ڇو ڪريان؟ آءٌ سمجهان ٿو ته اهو خيال بلڪل غلط آهي ۽ ائين ڪرڻ نه گهرجيم. پر دنيا ۾ سڀ ته هڪ جهڙا به ڪينَ آهن. ڪي چڱا ته ڪي بڇڙا به هئڻ گهرجن. پر ٻيلي چئو، مون کي ته اهو ڌنڌو وڻي ٿو. توکي الائجي وڻندو ڪي نه؟“

مون دانهن ڪري چيو ته، ”وڻندو؟ توبهه! اهو منهنجو ڪم نه آهي. هڪڙو ڀيرو ئي منهنجي لاءِ بس آهي“.

هن چيو ته، ”تنهن جي معنيٰ ته وري ٻيهر مون کي مدد ڪانه ڪندين!“

مون چيو ته، ”رئفلس مون کان نه پڇ. واسطي خدا جي وري مون کان مدد نه گهرجئين.“

رئفلس ٿورو مرڪيو ۽ چيائين ته، ”سوير ته مون کي چيئي ٿي ته، ڪهڙو به ڏوهه مون کي چئو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر اوڏي مهل ئي مون سجهيو ٿي ته تنهنجو جگر ڪينَ ٿيندو. اڄ ته مون سان رهائي اٿئي ۽ مون کي انهيءَ لاءِ تنهنجو شڪرگذار رهڻ گهرجي. پر بني سچ ڪري پڇين ته جي مون سان نه تون هميشه مددگار هجين، ته الائجي جيڪر ڇا ڪري وجهان. خيال ته ڪر ته اڄ ڪيئن نه ڪم ڪڍي آياسين. نه ڪو ڊپ نه ڪو ڊاءُ. اصل ذري به تڪليف ڪا نه ٿي. نيٺ به انهي ۾ ڪهڙي  خرابي آهي. تون جيڪر مون سان شامل هجين ته پوءِ رڳي فتح ئي فتح آهي.“

رئفلس منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيو منهنجي سامهون بيٺو هو ۽ پئي مرڪيائين. آءٌ يڪدم کيس پٺي ڏئي، ٺونٺيون بخاري تي رکي پنهنجو مٿو هٿن تي ٽيڪي بيٺس. پوءِ رئفلس منهنجي پٺي ٺپي مون کي چيو ته:

”ٺهيو يار، تنهنجي مرضي! وري توکي ڪين چوندس. هاڻي جي دل چوئي ته ڀلي وڃ، پر سڀاڻي ٻن پهرن ڌاري پنهنجي پتي وٺي وڃجئين. اگرچه مون توسان پتيءَ جي ڪا ٻول ڪانه ڪئي هئي. تڏهن به تو مون کي مدد ڪئي آهي، سو توکي مڙئي تڪليف کان ڇڏائيندس.“

پر منهنجو رت تپي ويو ۽ ڏانهس منهن ڪري چيم ته، ”نه رئفلس وري به آءٌ توکي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

تنهن تي پاڻ کلي چيائين ته، ”تو ڪيو!“ مون وري چيومانس ته، ”رئفلس قسم آهي خدا جو، ته آءٌ تيار آهيان. هاڻي ڇا آهي. هڪڙو ڀيرو ڌاڙو هڻي، دوزخي ٿي چڪس. هاڻي وري رک رکاڻي ڪهڙي آهي. جڏهن وڻئي تڏهن مون کان مدد گهرجئين. هاڻي آءٌ گسڻ وارو ڪينَ آهيان“

اهڙي دستور مارچ جي عيد جي ڏينهن رئفلس ۽ آءٌ ڌاڙي جي ڌنڌي ۾ ڀائيوار ٿياسين.

مان اڌ سڙيل پراڻي وڻ جي هيٺان ڇانوري ۾ وڃي بيٺس ته وڻ چيو، ”مون کي توکان خوف پيو ٿئي، تون مون کان پري هليو وڃ!“

وڻ جي ڳالهه ٻُڌي مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو پر مان اتي ئي بيٺو رهيس، جو مون کي وڻ جي ڇانوري جي سخت ضرورت هئي.

انهيءَ ملڪ جي گاديءَ واري شهر جي اهم ترين چوڪ ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪيترائي وڻ، ٻوٽا ۽ ڇٻر سڙيل هئي. هر طرف رَکَ اڏامي رهي هئي. مان سخت گرميءَ ۾ حيرت ۽ ڏک سان سڙيل گرين بيلٽس، وڻن ۽ ٻوٽن کي ڏسندو اڳتي وڌندو رهيس.

هڪ ڏينهن اڳ تائين انهيءَ رستي تي هلندي اهڙي گرمي نه هوندي هئي، پر اڄ اتي ڌرتي ٽامو بڻجي پئي هئي. سخت گرميءَ ۾ گهڻي پگهر سبب مون کي پهريل ڪپڙا آلا ٿي، منهنجي جسم تي چنبڙي پيا هئا. گرم هوا سان گڏ اڏامندڙ خاڪ سبب منهنجو چهرو ۽ پگهر هاڻا اڇا اُجرا ڪپڙا ڪاراٽجي ويا هئا.

اهو واقعو گهڻو پراڻو ناهي، جڏهن هڪ جلوس ۾ شامل ڪيترن ئي ماڻهن نه فقط ٻين انسانن کي زخمي ڪيو هو، پر ڪيترن گرين بيلٽس، وڻن ۽ ٻوٽن کي ساڙي قتل ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ باهه ۾ بيشمار جيت ۽ آکيرن ۾ موجود پکين جا ٻچا به سڙي مري ويا هئا.

مان سخت گرميءَ کان بچڻ لاءِ لڳاتار اتي بيٺو رهيس، ته اڌ سڙيل وڻ ٻيهر چيو، ”مهرباني ڪري تون مون کان پرتي هليو وڃ!“

مون ڪنڌ مٿي ڪري چيو، ”مان ڪجهه دير اڃان تنهنجي ڇانوَ ۾ بيهڻ ٿو چاهيان. مون کي سخت گرمي پئي ٿئي.“

وڻ هڪدم وراڻيو، ”پر مون کي توکان سخت خوف پيو محسوس ٿئي!“


*  آلبني: رئفلس جي گهر جو نالو آهي.

*  سليون: هڪڙي تماڪ جي ٻيڙيءَ جي قسم جو نالو آهي، جيئن سزرس فلئگ ۽ ٻيا.

* ولايت ۾ وڏا وڏا ڪرڪيٽ راند ڪرڻ وارا پگهار رکندا آهن يا راند راند پيسا وٺندا آهن. تنهن ڪري ڪرڪيٽ کي ڌنڌو به چئي ٿو سگهجي.

*  مارچ جي عيد کي انگريزيءَ ۾ ائڊز آف بارج ڪري سڏيندا آهن. روم جي ماڻهن ۾ مارچ جي 15 تاريخ وڏو ڏينهن ليکجڻ ۾ ايندو هو.

* ڪيٽس، هڪ انگريز شاعر هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org