زيب سنڌي
وڻ اسان جا ڀائر
آهن
حيرت سان چيم، ”ٻڌو اٿم ته وڻن تي جنَ به رهندا
آهن ۽ تون هڪ هٿين خالي ماڻهوءَ کان ڊڄين پيو...
ڇا جو خوف پيو محسوس ٿئي توکي مون کان!؟“
اڌ سڙيل وڻ ڊنل انداز سان وراڻيو، ”متان تو وٽ به
ڪا پيٽرول جي بوتل ۽ ماچيس هجي!“
چيم، ”مان انهن ماڻهن منجهان ناهيان، جن هتي هُل
هنگامو ڪيو ۽ وڻن کي باهيون ڏنيون هيون!“
اڌ سڙيل وڻ ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ چيو،
”مان ته اڃان تائين سوچيان پيو ته، انهن ماڻهن ۾
ماڻهپو ۽ انسانيت ڇو نه هئي؟ ڇو انهن وڻن، ٻوٽن،
پکين جي ٻچن ۽ پوپٽن کي ساڙي ماري ڇڏيو...!“
وراڻيم، ”هڪ انسان جي حيثيت سان مان توکان معافي
ٿو وٺان.“ اهو چئي مون ندامت سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
مون کي خاموش ڏسي اڌ سڙيل وڻ تي ويٺل هڪ پکيءَ ڏک
مان چيو، ”هن وڻ تي منهنجو آکيرو هو. وڻ کي باهه
ڏني وئي ته منهنجا ٻچا به سڙي مري ويا!“
مون ٿڌو ساهه کڻي پکيءَ ڏانهن ڏسي وراڻيو، ”مان
تنهنجي درد کي سمجهان ٿو.“
پکيءَ چيو، ”ڏک کي فقط سمجهڻ ئي نه، محسوس به ڪرڻ
گهرجي.“
مون پنهنجو اندر سڙندي محسوس ڪيو.
پکيءَ ڏک مان چيو، ”منهنجا ٻچا سڙي وڻ تان هيٺ وڃي
ڪِريا هئا ۽ پوءِ هڪ ماڻهوءَ اهي کڻي کائي ڇڏيا
هئا!“
مون ماڻهو هجڻ تي شرم محسوس ڪيو.
اڌ سڙيل وڻ بيحد ڏک مان چيو، ”توھان جون عدالتون
ڪيترن موقعن تي هڪ انسان جي قتل تي ڪيترن ئي ماڻهن
کي سزائون ڏينديون آهن.“
وراڻيم، ”ها، بيشڪ اسان جون عدالتون ڏوهارين کي
سزائون ڏينديون آهن.“
وڻ ڏک مان سوال ڪيو، ”ڇا توهان جي ڪا عدالت وڻن،
ٻوٽن، پکين جي آکيرن ۾ موجود ٻچن، پوپٽن ۽ ٻين
ساهه وارن جي قتل عام جو نوٽيس وٺندي؟“
وڻ جي سوال جو جواب مون وٽ نه هو.
مان سخت ندامت سان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيس. ڏک سبب
منهنجي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ۽ اهي وڻ مان ڇڻيل
تازي ٻج مٿان وڃي ڪِريا.
مان اڃان ڏک ۽ ندامت سبب ڪنڌ جهڪائي ويٺو ئي هئس
ته، اهو ٻج ٽڙي پيو ۽ ٻج مان ننڍڙو سائو گئونچ
ڦُٽي نڪتو.
مون پراميد نظرن سان ڪنڌ مٿي ڪري وڻ کي چيو،
”توسان ته منهنجي ساهه جو ڳانڍاپو آهي منهنجا
ڀاءُ! مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن ماڻهپو وحشيت
کي شڪست ڏيندو. تنهنجا ۽ منهنجا ايندڙ نسل سدائين
گڏ رهندا ۽ هيءَ ڌرتي سدائين سائي رهندي.“
منهنجي ڳالهه ٻُڌي وڻ پنهنجين ٽارين کي سميٽي،
منهنجي مٿان گهاٽي ڇانوَ ڪري ڇڏي ۽ جيڪو گئونچ
منهنجي ڳوڙهن جي پاڻيءَ سان ڦُٽي نڪتو هو، انهيءَ
جي مٿان هڪ پوپٽ اچي ويهي رهيو.
نوان ڪتاب
حيدرآباد ۾
شام جي شفٽ وارن ڪاليجن اندر، ڪو ايجوڪيشن جو رواج رهيو آهي،
جنهن جو صبح واري شفٽ ۾ نه پڙهي سگھندڙ ڇوڪِرا ۽
ڇوڪِريُون لُطف ماڻيندا رهيا آهن. ڪلاس روم ۾
ڇوڪرَنِ ۽ ڇوڪرِين
جَي بينچز تي، اڳيان پٺيان ويهڻ ۾ هِڪ طراوَتَ
آهي. انسان جي فطرت ۾، مخالف جِنسَ ڏانهن تانگھه
شامل آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ٻئي هڪ هنڌ موجود هجن.
گُل ڪونڌر
جُدائيءَ جي پيڙا
حيدرآباد ۾
شام جي شفٽ وارن ڪاليجن اندر، ڪو ايجوڪيشن جو رواج رهيو آهي،
جنهن جو صبح واري شفٽ ۾ نه پڙهي سگھندڙ ڇوڪِرا ۽
ڇوڪِريُون لُطف ماڻيندا رهيا آهن. ڪلاس روم ۾
ڇوڪرَنِ ۽ ڇوڪرِين
جَي بينچز تي، اڳيان پٺيان ويهڻ ۾ هِڪ طراوَتَ
آهي. انسان جي فطرت ۾، مخالف جِنسَ ڏانهن تانگھه
شامل آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ٻئي هڪ هنڌ موجود هجن.
سُهڻيءَ شام جي شفٽ واري ڪاليج ۾ داخلا
ورتي، جتي آئون ليڪچرر هئس،
کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. ٻهراڙيءَ جِي ڇوڪرِي،
اُٿڻي ويهڻي ۽ انداز به ڳوٺاڻو، ننڍي عمر ۾ ئي
پنهنجي ماساتَ سان شادي ٿيَل. ڪلاس اندر ڳالهه
ڳالهه تي، گھروارَي جِي تعريف ڪري وٺڻ، سندس عادت
۾ شامل. مُڙس سان سِڪ جِي حامي ڀريندي رهندي، ان
جي سادگيءَ ۽ سُٺائيءَ تي ڳالهائڻ سندس پسنديده
موضوع، بيضوي شڪل جي چهري مان، خوبصورت ۽ سادَي
هئڻ جو گڏيل احساس ڏياريندڙ شخصيت. عجيب مزاج،
ڪڏهن سمجھدار لڳندي، ڪڏهن بي سمجهه، کيس پهرئين
سال آئون بلڪل سمجھي نه سگھيس. ٻئين سال انٽر ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو وجاهت رکيائين.
سندس ترقي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻ وارو شوق،
هُن جِي خُوبي نه، پر خامي لڳندو هو. هُوءَ پاڻ کي
هوشيار سمجھندي هئي، پر عملي طور ان کي ثابت ڪرڻ ۾
ناڪام رهي. ڪلاسز ۾ ريگيولر، جمعي ڏينهن اڪثر
شاگرد نه ايندا، هيءَ ضرور ايندي. استاد کان وڌيڪ
شاگردن کي ڪير سمجھندو، هڪڙا روز ايندا ڪلاس اَٽينڊ
ڪندا، نوٽ بُڪس تي تڪڙ تڪڙ ۾ لکندا، پر کانئن سوال
پڇبو، جواب نه ڏئي سگھندا. ٻيا ريگيولر نه هوندا،
ڪڏهن ڪڏهن ڪلاسن ۾ ايندا، استاد کي غور سان ٻڌندا،
لکندا ڪونه، کانئن سوال پڇبو، درست جواب ڏيندا.
حقيقت ۾ ٻئين درجي وارا شاگردَ، محنت سان سٺا نمبر
کڻي، عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا.
سُهڻيءَ جو شمارُ، اڃا ئي ٽئين قسم جي
شاگردن ۾ هو، هُوءَ ڪلاسن ۾ باقائدگيءَ سان ايندي،
استاد جي پڙهائڻ دؤران نوٽس لکندي.
جلد ۾ ٽاپڪ کي سمجهڻ کان قاصر، استاد جي پڇيَل هر
سوال جو جواب ضرور ڏيندي. انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي، پر ذهانت جي حوالي سان پُوري پُني. ڪاليج
۾ ٻه سال پڙهي انٽر ڪامرس چڱن نمبرن سان پاس ڪري،
يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر پڙهڻ بدران، پرائيويٽ طور
بي.اي،
ايم.اي
ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ مالي حالات درست نه هئڻ
ڪري، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي.
شهري ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ، ٻيَن ماڻهن سان
ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ۽ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ ڪري،
سندس مزاج ۾ تبديلي آئي. ماسات مُڙسَ سان اختلاف
ٿيڻ لڳس، نتيجي طور ٻنهي جي ذهنن ۾، پڙهيل ۽
اڻپڙهيل وارو تضاد پيدا ٿيو، جنهن جلد ئي سندن،
ذهني هم آهنگيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.
مڙس سان اڻ اعلانيَل علحدگيءَ سبب،
سُهڻيءَ کي پُٽ
جي پڙهائيءَ جو گھڻو فڪر رهڻ لڳو.
سندس چوڻ هو ته ڳوٺ جو ماحول صحيح نه آهي. هُوءَ
وجاهت کي اهڙي ماحول مان ڪڍڻ جا سانباهه ڪرڻ لڳي، سندس عمر چار سال ٿي ته کيس
پڙهائڻ لاءِ شهر منتقل ٿي ويئي. هُن جو چوڻ هو،
هاڻي هُن جي زندگيءَ جو مقصد، صرف ۽ صرف وجاهت کي
اعليٰ
تعليم ڏيارڻ آهي.
ڪجھه سالن پڄاڻان سُهڻيءَ مڙس کان، خُلع
وٺڻ بابت ٻڌايو، دلي صدمو رسيو.
سندس ماساتُ گھروارو ڳوٺاڻو ۽ سادو، سُهڻيءَ
وانگيان کيس شهر جِي هوا نه لڳي هُئي. هُو ٻني
ٻاري جي ڪم ڪار ۾ رُڌلُ، کيس وڏو ماڻهو ٿيڻ جِي ڪا
خواهش نه، ان ڪري سندن اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ فرق ٿي
ويو.
وجاهت شهر جي ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي اسڪول
۾ جِهڙي تِهڙي تعليم پرائيندو رهيو.
ان جو سبب سُهڻيءَ جو شهر ۾ پنهنجو گھر نه هئڻ هو،
ڪِرائَي جو گھر سال ڏيڍ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري، اسڪول به
بدلجي پيو وڃي. سُهڻيءَ جي شهر ۾ رهڻ وارن ڇهن
سالن ۾ چار اسڪول بدليا، جنهن جو وجاهت جي
پڙهائيءَ ۽ رَوَيَي تي سٺو اثر نه ٿيو، هُن لاءِ
تعليم راند بڻجي وئي.
ائين سندس عمر تيرهن چوڏهن سال ٿي ويئي.
سُهڻيءَ جو مزاج سُٺو هو. سندس نِيَت بهتر هئي. ساڻس فون تي رابطو رهيو، هڪ ڏينهن
ٻڌايائين ته هُن، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي مالڪ
سان، شادي ڪري ڇڏي آهي. کيس شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ
لاءِ آفيس ويس. رسپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ کي چيم:
”ميڊم سُهڻيءَ سان ملڻو آهي.“
انٽرڪام تي کيس ٻڌائيندي چيائين:
”اوهان اندر وڃي سگھو ٿا.“
اُٿي ڀليڪار ڪيائين، چيومانس:
”ماشاالله اوهان ۾، ڪا تبديلي نه آئي آهي.“
صَوفَنِ ڏانهن ايندي چيائين:
”سر آئون ساڳي ٻهراڙيءَ واري ڇوڪري آهيان ۽ اوهان... اوهان
مُنهنجا مُحسن آهيو...“
صوفا تي ويهندي چيم:
”شاديءَ جِي مبارڪ هُجيوَ.“
وراڻيائين:
”خير
مبارڪ.“
سندس لفظن ۾ حقيقي خوشي محسوس نه ڪيم.
آفيس بواءِ کي ڪولڊ ڊرنڪ، فروٽ وغيره ڏيڻ جو
چيائين. ساڻس ڪافي ڳالهيون ٿيون.
پُڇيومانس:
”وجاهت ڪيئن آهي.“
گَهِرو ساهه کڻندي چُپ ٿي ويئي.
مون چيو:
”ڇا ٿيو!؟“
خاموش رهي، سندس چهري ڏانهن ڏٺم. اکيُن ۾ پاڻي ڀرجي آيس، ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي
پَيَس، پاڻُ روڪي نه سگھي، زور سان روئي پيئي.
آئون پريشان ٿي، ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويس.
سُهڻيءَ پاڻُ سنڀاليو ته ڳالهايائين:
”سر... سر وجاهت مون کي ڇڏي.....“
سندس زبان لفظن جو ساٿ نه ڏنو.
”پر ڇو.. ڇا ٿيو هُن کي.. هُن ايئن ڇو
ڪيو...“
”هُو منهنجي شاديءَ واري ڏينهن... پيءُ
ڏانهن هليو ويو...“
ماءُ جي پُٽ کان جدا ٿيڻ واري ڪيفيت ڏِسِي...! آئون بَي ڪَيف ٿي
ويس...! کيس آٿت ڏيڻ لاءِ، مون وٽ ڪي به لفظ نه هئا...!
آفيس جي ڪمري ۾ خاموشي ڇانيَل رهي، هُن جي
حالت کي ڏسندي مون اٿڻ جِي ڪئي، هُوءَ به اُٿي
بيٺي. ساڻس موڪلايُم، وري اچڻ لاءِ چيائين. کيس
ٻيهر اچڻ جو چئي، دروازي ڏانهن وڌيس، هُوءَ به مون
سان گڏ، ٻاهر اچي ويئي. گاڏيءَ ۾ ويهندي کيس
ڀلائيءَ جِي دعا ڏنم، هُن جون اکيون ٻيهر سيراب ٿي
ويون.
لڳو ڪجهه چوڻ چاهَي ٿِي، پر پُٽَ سان جُدائيءَ جي
پِيڙا، سندس چپن کي چُرُڻ نه ڏنو.
رضوان گل
ڇوڪريون: شوڪيس ۾ رکيل بي جان بُتَ
ويس...! کيس آٿت ڏيڻ لاءِ، مون وٽ ڪي به لفظ نه هئا...!
آفيس جي ڪمري ۾ خاموشي ڇانيَل رهي، هُن جي حالت کي
ڏسندي مون اٿڻ جِي ڪئي، هُوءَ به اُٿي بيٺي. ساڻس
موڪلايُم، وري اچڻ لاءِ چيائين. کيس ٻيهر اچڻ جو
چئي، دروازي ڏانهن وڌيس، هُوءَ به مون سان گڏ،
ٻاهر اچي ويئي. گاڏيءَ ۾ ويهندي کيس ڀلائيءَ جِي
دعا ڏنم، هُن جون اکيون ٻيهر سيراب ٿي ويون.
لڳو ڪجهه چوڻ چاهَي ٿِي، پر پُٽَ سان جُدائيءَ جي
پِيڙا، سندس چپن کي چُرُڻ نه ڏنو.آئون
روانو ٿي ويس پر منهنجا خيالَ، هُن جي خوابن کي
ڀورا ڀورا ٿيَل ڏسي، هِڪُ سوال جَوڙَي بيٺا؛
”وجاهت جَي تعليم جِي رُڪاوٽَ ڪير...؟
سُهڻي، خود وجاهت يا ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو
مالِڪُ.؟“
ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ ٻن جي انگ واري ميڻ بتي ٻاري
ڪيڪ ڪٽي هڪ ٻئي
کي کارايوسين...
پوءِ ماضيءَ جي قصن کي ياد ڪري گهڻي دير تائين
کلندا رهياسين...
ماضيءَ جون يادون هوا جي جهوٽي جيان بي ساخته مون
کي پاڻ سان گڏ اڏاري ويون....
هونئن ته هر شام جو گهر ۾ چانھ،
مان ئي ٺاهي سڀني جي آڏو ڊش جھليندي هئس
۽ هر ڪو پنهنجو ڪپ کڻي وٺندو هو.
پر هفتي ٻي هفتي منهنجو رشتو ڏسڻ لاءِ ايندڙ عورتن
جي آڏو جيڪو مون کي ڊش تي چانھ رکي اچڻو پوندو هو...
تيار ٿي، وار ٺاهي، فريش ٿي، هلڪو ميڪ اپ ڪري....
نه چاهيندي به..... مون کي بار بار ائين ڪرڻو
پوندو هو. اداڪارن جيان.... اداڪاري ڪري... هلڪو
مسڪرائڻ... اهو سڀ زهر لڳندو
هو...
مان هڪ بي جان شيءِ جيان محسوس ڪندي هئس پاڻ کي...
جنهن کي آئي ڏينهن عجيب عجيب قسم جون عورتون ڏسڻ
لاءِ اينديون هيون!
ڀل ته انهن جا پُٽ ڪهڙا به هجن.... ڪارا، ڍينڊا،
ڊگها، سُڪا يا ٿلها... پڙهيل يا اڻ پڙهيل، شريف يا
بدمعاش، نشئي، پانائي، سگريٽي يا ڪنهن به قسم جا
موالي، ان ڳالھ جو کانئن ڪو به نه پڇندو هو...
بس اهي مايون پنهنجي پُٽ لاءِ ڇوڪرين جا رشتا ڏسڻ
اينديون هيون... جهڙوڪ ڇوڪريون مارڪيٽ جي دڪان تي
شوڪيس ۾ رکيل بي جان بُت هجن....
اهڙيون عورتون جن کي ڳالهائيندي ڏسندي هئس
ته پنهنجي بي وسيءَ تي روئڻ ايندو هو.....
مان يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر پڙهيل پوزيشن هولڊر
ڇوڪري ۽ ڪٿي انهن ماين جي ائپروچ.... پر بس...
اسان جي سماج ۾ ڇوڪريءَ کي ڏسڻ وارو روايتي طريقو
اهو ئي هو.
سالن کان ائين ئي ٿيندو آيو هو.
ڪجھ وري هاءِ فاءِ اليٽ ڪلاس واريون مايون.. سوال
ائين پڇنديون هيون جيئن نوڪريءَ لاءِ انٽرويو
ڪنديون هجن...
ڪجھ مايون وري زوريءَ ڳالهائي صرف اهو چيڪ ڪنديون
هيون ته گونگي ته ناهي... ڪي وري اٿاري ٻيهر پاڻي
کڻي اچڻ لاءِ چونديون هيون ته چيڪ ڪيون.... ڪٿي
گهمڻ ۾ ڪو
عيب
ته نه اٿس
مان اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي هئس...
۽
سوچيندي هئس...
هي ڪهڙو طريقو آهي... مايون اچن ٿيون ڏسي رجيڪٽ
ٿيون ڪري وڃن.
اها اسان ڇوڪرين جي ڪيڏي وڏي تذليل
آهي.
اسان ڪيئن يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرن کي رجيڪٽ ڪنديون
هيون
سين... اڄ ٿو احساس ٿي ته کوڙ سارا اهڙا به هئا
جن کي رجيڪٽ نه ڪرڻ گهرجي ها..... پر هاڻي گهر
ويٺي هن ريت آئي ڏينهن عزتِ نفس سان مذاق پئي ٿي....
ڇوڪري ٿيڻ به عجيب آهي ڀل ڪيڏي به پڙهيل ڇو نه
هجي... پاڻ وڻائڻ لاءِ زوريءَ ڏند ٽيڙي يا وري
ويچاري ٿي سواليا نظرن سان ٻين ڏانهن نهاري
پوءِ وري عجيب جواب اچن.... ته ڇوڪري سمجھ ۾ نه
آئي....
نه وڻي...
وس ۾ هجي ها ته واپسيءَ ۾ چئجين ها... اصل ۾
ڇوڪريءَ کي به توهان ٽڪو نه وَڻِيوُن....
پر اسان وٽ ڇوڪرين کي ڳالهائڻو به ناهي هوندو.
نه ته وڏا ناراض ٿي ويندا آهن...
مون کي هڪ ڏينهن ياد آيو...
اهو شيراز جيڪو هر روز
مون کي ڏسڻ لاءِ ڪلوميٽر پنڌ ڪري ايندو هو...
مان فيڪلٽيءَ ۾ ۽ هو فارميسي ۾ پڙهندو هو.... جنهن
آخري ڏينهَن ۾ مون کي همت ڪري چيو هو ته هي منهنجو
نمبر اٿوَ... ڪڏهن هن بي نام عاشق لاءِ دل ۾ ٿوري
به جاءِ هجيوَ ته رابطو ڪري منهنجي دل جي اجڙيل
ڌرتيءَ تي محبت جا مينهن وسائجو...
شايد ڪنهن ناول جا جملا پڙهي مون تي رعب ڄمايو
هئائين...
پر گهڻو پوءِ مون کي پنهنجي سهيلي ٻڌايو هو ته
شيراز تنهنجو پروانو ٿئي
۽
اها ڳالھ پهچائڻ ۾ هو آخر تائين ڪامياب ٿي نه
سگهيو...
....
پوءِ
مون هڪ ڏينهن شيراز کي ڪال ڪئي... بنا دير جي...
چيائين... مون سان شادي ڪندئو؟ مون
ها ڪئي
اڄ اسان جي شاديءَ جي ٻي سالگره آهي.... مان ۽
شيراز ٻه نمبر انگ واري ميڻ بتي ٻاري ڪيڪ ڪٽي
يونيورسٽيءَ جي يادين تي ڏاڍو کليا سين... |