مخدوم سليم الله صديقي
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
رح
ڪنهن به شخص جي نشونما ۾ والدين جي تربيت ۽ اردگرد
جو ماحول اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مانواري ڊاڪٽر
حبيب الله صديقي پهرين جنوري 1937ع بمطابق 1355هه
تي جمع مبارڪ جي ڏينهن ساجهر سويل فجر ويل مخدوم و
قاضي ڪريم بخش رح جي گهر جنم ورتو.
ڀلي ڀائنج باد صبا، جڏ ڀيرو ڪري ڀونءِ،
سي ئي جنم وٺن جوءِ، جرڪايو جن جڳ کي.
(سليم)
ڊاڪٽر
صاحب جي جنم وارن ڏهاڪن ۾ پاٽ شريف علم و ادب جي
حوالي سان منفرد حيثيت رکندڙ هو. صدين کان هلندڙ
روايتي ديني علوم عام انسان جي ڪردار ۽ سوچ کي
ايترو ته مثبت روين ۾ محفوظ ڪيو، جو معاشرتي قرب،
محبت، اخلاقيات نه رڳو وڏن بلڪ معصوم ٻارن جي سوچ
۽ ڪردار کي به مهان بڻايو. ان تعليم جو مقصد پاڻ
سڌارڻ هو، نه ڪي ڏوڪڙ ڪمائڻ. اهوئي ڪارڻ آهي جو
استاد مهان، ڊاڪٽر شفا جو گهر، ۽ انجنيئرن جون
جوڙيل عمارتون ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ تحفا بڻيل
آهن. مهمان نوازي، ڪچهريون ۽ خوفِ خدا هر سون
خوشبو ڦهلائي.
گلن هئي گلڪار، روحن ماڻي راحت،
پنهنجن ۽ پراون، ساڳي هئي ساعت،
هاڻ ڳول تون چاهت، اوڌر تي ملندئي.
(سليم)
اهي ئي ڏهاڪا هئا، جڏهن محترم حبيب الله صديقي جن
جي خاندان جي هڪ نامور شخصيت ميان صاحب احمدي قاضي
آف پاٽ 1915ع ۾ جديد تعليم لاءِ ڳوٺ ۾ پرائمري
اسڪول جي عمارت جوڙائي، جنهن جي نقاب ڪشائي ڊپٽي
ڪليڪٽر لاڙڪاڻو، ميڪلن ڪرڻ آيو. ان تقريب ۾ سر
شاهنواز ڀٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين
بلبل، سيد الهندو شاهه ۽ ڪجهه انگريز ڪامورا شامل
هئا. عليڳڙهه تحريڪ جهڙي تاريخ رکندڙ ان اسڪول جو
نالو پڻ احمدي قاضي جي نالي تي رکيو ويو. اهي ان
اسڪول جي تعمير کان پوءِ جا اثرات هئا، جو پاٽ
شريف ۽ ان جي آسپاس ان دور جون پيڙهيون روايتي ۽
ديني تعليم سان گڏ جديد طرزِ تعليم کان به روشناس
ٿيون. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ تربيت پڻ ان ماحول ۾
نپني سندن ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف کان
سواءِ سيوهڻ، ٿررڙي محبت، ٽنڊو رحيم خان، ٻڍاپور ۽
پٿوري ۾ پڻ ٿي. ان جو ڪارڻ سندن والد جي وفات کان
پوءِ پاڻ پنهنجي چاچي جي نظرداري هيٺ رهيا. جن جي
سرڪاري نوڪري سبب کين بدلين دوران مختلف شهرن ۾
رهڻو پيو. اهڙيءَ طرح ثانوي تعليم پڻ دادو ۽
ميرپورخاص ۾ حاصل ڪيائون. پاڻ 1953ع ۾ ميٽرڪ پاس
ڪرڻ کانپوءِ، ٿرڙي محبت، سيتاروڊ ۽ پاٽ ۾ انگريزي
ماستر جون خدمتون سرانجام ڏنائون. اهڙي طرح پاٽ
شريف ۾ ثانوي اسڪول قائم ٿيڻ کان پوءِ ان سان پڻ
منسلڪ رهيا. نوڪري دوران ٽي.ڊي، بي.اي ۽ بي.ٽي جا
امتحان پڻ پاس ڪيائون. پاڻ ضلعي ڪاميٽين جا
ايڊوائيزر ۽ ميمبر رهڻ کانسواءِ پاٽ جي وليج
ڪائونسل جا چيئرمن پڻ رهيا.
سندن علم، ادب ۽ تاريخ
سان لڳاءُ اوائلي دور کان هو، ان جو ڪارڻ نه رڳو
پاٽ شريف جي چئني خاندانن، صديقي، انصاري، جوڻيجن
۽ چنن جو علمي ماحول هو، پر سندن صحبت به اهڙن ئي
شخصيتن سان رهي، جڏهن آمريڪا جو هڪ ناميارو محقق
ڊاڪٽر جان هونيمن پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ اتان جي ماحول
کان متاثر ٿي مقالو لکڻ شروع ڪيائين:
Education and Career
specialization in a west Pakistan village of
Renoun.
ان ڏس ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صاحب نه رڳو کين مواد
مهيا ڪري ڏنو، پر مختلف نقطه نگاهه کان گفتگو کي
به جاري رکيو. جنهن جو ذڪر هن مقالي جي شروعات ۾
ڪيو آهي، اهو مقالو 1960ع ڌاري شايع ٿيو.
ڊاڪٽر حبيب الله صاحب جن کي 1962ع ڌاري ايجوڪيشن
ڊپارٽمينٽ ۾ سينئر انگلش ٽيچر طور مقرر ڪري مڊل
اسڪول ڪڪڙ ۾ هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو، پر جلدي سندن
قابليت کي ڏسندي کين سپروائيزر پرائمري اسڪولز
تعلقه سيوهڻ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ پوسٽ تي پاڻ ٻين
تعلقن ۾ به خدمتون سرانجام ڏنائون، جيئن هالا،
حيدرآباد، عمرڪوٽ، دادو وغيره.
پاڻ نوڪريءَ سان گڏ پنهنجي تعليمي سلسلي کي پڻ
جاري رکيو. انهيءَ عرصي ۾ پاڻ نه رڳو ايم.اي مسلم
هسٽري جي ڊگري حاصل ڪيائون، بلڪه ايم.ايڊ فرسٽ
پوزيشن ۾ حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان گولڊ ميڊل
ماڻيو. 1972ع ڌاري کين سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر
مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ پاڻ حيدرآباد ۽ دادو سان
وابسته رهيا. ان سان گڏوگڏ ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪولز
ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن طور پڻ
فرائض انجام ڏيندا رهيا. 1979ع ۾
SPSC
جي سفارش تي کين
DEO
مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ سنڌ
جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. انهيءَ
عرصي ۾ لاهور ۾ ايڊمنسٽريٽرس ورڪشاپ منعقد ٿيو.
جنهن ۾ پاڻ استادن جي بهترين ڪارڪردگيءَ لاءِ
ضابطه اخلاق جا اصول مرتب ڪري پيش ڪيائون. جنهن جي
مڃتا طور کين چئني صوبن جو چيف ڪوآڊينيٽر مقرر ڪيو
ويو، نوڪريءَ دوران پڻ ذاتي دلچسپي وٺي ڪيترائي ڪم
سرانجام ڏنا. جيئن پاڻ نوابشاهه ۾ اسڪائوٽس هيڊ
ڪواٽر تعمير ڪرايائون. جنهن جي مڃتا طور کين صدر
پاڪستان طرفان ميڊل ڏنو ويو.
محترم حبيب الله صاحب کي علم ۽ ادب سان چاهه ته
سدائين رهيو، شايد اهوئي ڪارڻ هو، جو سندن خدمتن
سنڌي ادبي بورد جو رخ ڪيو. کين 1988ع ۾ سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ سيپٽمبر
1990ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائون. ان کان پوءِ
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين رهيا، پر جلدي فيبروري
1991ع کان کين پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سيڪنڊري پرائمري
ايجوڪيشن حيدرآباد جون ذميواريون سونپيون ويون.
1993ع کان 1994ع تائين ڊائريڪٽر بورو آف ڪريڪيولم
جي عهدي تي رهي خدمتون سرانجام ڏنائون. اهڙي طرح
جولاءِ 1994ع کان جولاءِ 1996ع تائين ايڊيشنل
سيڪريٽري
اڪيڊمڪ
ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ رهيا، جنهن بعد سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي رهي فرائض انجام
ڏنائون، 31 ڊسمبر 1996ع تي سرڪاري نوڪري تان رٽائر
ٿيا.
معاشري ۾ عام تاثر اهو رهيو آهي ته جڏهن ڪو انسان
رٽائر ٿيندو آهي، ته اهو آهستي آهستي هر شيءِ کان
پاسيرو ٿيندو ويندو آهي. جيڪڏهن گَهِري نظر سان
ڏسجي ته اهو اصول هرهڪ تي صادق نه ٿو ٿئي. ڇو جو
جيڪي ڄمندي ڄام هوندا آهن، سي هر گهڙي خاص هوندا
آهن. اهي ته مرڻ کان پوءِ به مهان هوندا آهن. جڏهن
کان مانواري ڊاڪٽر حبيب الله صاحب هوش سنڀاليو،
تڏهن کان قلم ۽ ڪاغذ سان پريت نڀايائين. سرڪاري
نوڪريءَ جون ذميواريون هجن يا علم و ادب سان ناتو
نڀائڻ هر پهلو کان ڊاڪٽر محترم خلوص ۽ جانفشانيءَ
جو اعليٰ مظاهرو ڪيو. ادب جي دنيا ۾ ڪهاڻيون هجن،
شعر و شاعري يا تحقيقي جفاڪشي وغيره پاڻ ڪيترن ئي
پهلوئن کان ادب جي آبياري لاءِ پاڻ پتوڙيو. ڪهاڻي
لکڻ لاءِ قلم کنيائون، ته سندن عمر 8 سال هئي،
سندن پهرئين ڪهاڻي ڪاوش ”شاندار ٽوٽو“ هئي. ان
ڪهاڻيءَ جا مرڪزي ڪردار اهي عادي ماڻهو هئا جن وٽ
سگريٽ يا ٻيڙي نه هجڻ جي صورت ۾ ”ٽوٽن“ تي گذران
هوندو آهي. اهڙي طرح پاڻ ان ميدان ۾ وک وڌائيندا
ويا، تان جو دادو شهر ۾ موجود ادبي تنظيم ”انجمن
آفتاب ادب“ سان منسلڪ رهيا، سندن ڪهاڻين جو مجموعو
”ڪئي ڪهاڻيون 2009ع“ ۾ شايع ٿيو. سندن علمي ڪاوشن
ڪري ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن
ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) انسان جي تاريخ (ٻه جلد)،
(2) مغربي قومن جي تهذيب ۽ سياسي تاريخ
(3) تاريخ باب الاسلام (ٻه جلد)
(4) رچنائون (شاعري)
(5) وارداتون (شاعري)
(6) تازو ڪلام (شاعري)
(7) ڪيئي ڪهاڻيون
(8) سنڌ ۾ موسيقي جي اوسر
(9) قصو مختصر
(10) Education in Sindh: Past and Present
(11) Allama I.I.Kazi A Missionary Scholar and
Pioneer of University Education in Sindh
(12) Life on River Banks and Sea Shores
(13) Secrat-E- Mustafa (PBUH)
(14) Muqadmahe Latifi
(15) Piecas of Sugar Candy
ان کان علاوه سندن ڪيترائي مضمون، مقالا مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. جڏهن ته
سندن ڪجهه تحريرون ۽ مقالا قلمي صورت ۾ موجود آهن.
مختلف قلمڪارن سندن شخصيت کان متاثر ٿي ڪجهه مضمون
لکيا، جن کي ”هڪ قلم هڪڙو مان“ جي عنوان تحت ڪتابي
صورت ڏني وئي.
ان مهان انسان جنهن جي خوش مزاجي کيرون لهڻي، هن
فاني دنيا کي رات جو 2 وڳي، 22 آڪٽوبر 2022ع تي
هميشه لاءِ خيرآباد چيو، کين احترام سان ڄام شورو
ڪالوني جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
موٽي ملن ماءُ، مٽيءَ تو ساهَه،
سهڻا جن ڳاهَ، ڳڀرو سڏجن ڏيهه ۾.
(سليم)
اولاد: محترم ڊاڪٽر صاحب علم ۽ ادب جي ترويج لاءِ
نه رڳو اهم فلاحي ڪوششون ورتيون، پر پنهنجي گهر ۽
اولاد جي ترويج ۽ تربيت لاءِ پڻ پنهنجو فرض نڀايو.
سندس اولاد نه رڳو اعليٰ تعليم يافته هو، پر اهم
عهدن تي پڻ فائز رهيو. (1) محترم ڪريم بخش اهم
سرڪاري عهدن تي فائز رهيو (2) محترمه بلقيس
(پرنسپال) (3) سائين شهاب الدين (ڊپٽي ڊائريڪٽر
تعليم کاتو) (4) سائين فضل ڪريم (پرنسپال) (5)
سائين معشوق صديقي (ڪنٽرولر سنڌ يونيورسٽي)
(6) محترمه ريشمان (ايسوسيئيٽ پروفيسر)
(7) محترمه مسلمه صديقي (ٽيچر) (8) محترمه فوزيه
(اسسٽنٽ پروفيسر) (9) زين العابدين.
رکيل مورائي
نامياري
ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي
جي زندگي ۽ ادب جي آس پاس
سنڌي ناول ۽ ڪهاڻي جي کيتر ۾ نهايت اهم مرتبو
رکندڙ ليکڪ ڪرشن کٽواڻي ولد عيدن داس کٽواڻي 7
نومبر 1927ع تي ساهتي پرڳڻي جي ان وقت تعلقي
نوشهري فيروز جي هڪ ڳوٺ (هاڻي شهر) ٺارو شاهه ۾
ڄائو. هي اُهو ڳوٺ /شهر آهي،
جنهن ڪرشن کٽواڻي جي شعوري عمر کي رسڻ کان اڳ ئي
ادبي ۽ شاعراڻي ناماچاري حاصل ڪري ورتي هئي، ڇاڪاڻ
ته هي شهر /ڳوٺ نامياري شاعر، راڳي ۽ ناول سمراٽ
جو اعزاز ماڻيدڙ ليکڪ گوبند مالهي کي جنم ڏئي چڪو
هو.
ڪرشن کٽواڻي کي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو
۽ هو ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ ڏانهن آيو، ساڳئي وقت ادبي
ڪتابن پڙهڻ ڏانهن پڻ!
سندس
بابت لکندڙن ۽ نقادن ڄاڻايو آهي ته:
”ڪرشن کٽواڻي ننڍپڻ کان ئي شانت فطرت وارو انسان
هو. هُو
سانتيڪو،
گهٽ ڳالهائو، ماٺيڻو ۽ تيري ميري کان بنهه
پري هوندو هو، ڌيمي آواز ۾ ڳالهائيندو هو ۽ پاڻ
طرف سندس رويو چقمق وانگر ڇڪيندڙ هو. هو ان وقت به
گهڻن جو پيارو هو ۽ گهڻن کي پيار ڪندو هو، پر سندس گهرائپ ۽ پنهنجائپ تمام ٿورن سان
هئي.“
ڪرشن کٽواڻي سنڌ ۾ ئي شاگردي واري زماني ۾ روشن
خيال سياسي ۽ ادبي جماعتن سان جڙي ويو هو، پر سندس اندر جو فنڪار رومانوادي رهيو.
1947ع جي ورهاڱي واري هاڃي وقت اڻ ڳڻيل ليکڪن،
شاعرن، اديبن، عالمن، تعليمدانن، مصورن ۽ فنڪارن
سان گڏ هن به پنهنجي ابن، ڏاڏن ۽ پڙڏاڏن جي سنڌ
ڇڏي وڃي انڊور وسايو جتي هو وڌيو ويجهيو، ڪاروباري
بڻيو، ليکڪ بڻيو، مصور بڻيو ۽ ٻيو به گهڻو ئي
ڪجهه. جتي هو ڏينهن جو ڪاروبار/بزنس ڪندو رهيو ۽
رات جو پنهنجو رچنا سنسار رچيندو رهيو. هن ادب جي
لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي قلم هلايو. ادب جي شايد ئي ڪا
صنف هجي، جنهن هن جي قلم کان پري رهي مرتبو نه
ماڻيو هجي.
ڪرشن کٽواڻي
ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪتابن جو سمورو وچور، شايد ميسر
نه ٿي سگهي، پوءِ به ڪي ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي هن جي هڪ اعليٰ ليکڪ هجڻ
جي ساک ڏين ٿا. هن جي رک گنگا سان ملي، ٿڌي ٿي
وئي، انڊور اڄ به اُتي ئي آهي، سنڌ به اتي ئي آهي، جيڪو نه
آهي، ان شخص/ليکڪ جو نالو ڪرشن کٽواڻي آهي.
ها! هو جسماني طور نه آهي، پر ادب ۾ سندس موجودگي
اوس رهڻي آهي. ڇاڪاڻ ته تخليق/ادب سدائين رهڻو آهي. ايئن ڪرشن کٽواڻي به
سدائين رهڻو آهي. ايستائين،
جيستائين اها قوم زنده آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيو،
اها ڌرتي زنده آهي، جنهن تي هن جنم ورتو ۽ اها
ٻولي زنده آهي، جنهن
۾ هن لکڻ جو عمل سرانجام ڏنو:
ڪرشن کٽواڻي جا ڪتاب:
منهنجي مٺڙي سنڌ
(ناول)
ٽٽل تارون
(ڪهاڻيون)
مٺڙي تو نه سڃاتو
(ڪهاڻيون)
هڪ ڇوڪري هئي
(ڪهاڻيون)
وئرٿ زندگيون
(ناول)
امر پيار
(ناول)
ياد هڪ پيار جي
(ناول)
ست ڏينهن
(ناول)
رات گذرڻ نه ڏي
(ڪويتائون
)
هڪ ڊگهي سانت
(ڪويتائون)
مرڪندي موڪل ڏي
(ڪويتائون)
آستانو
(ناٽڪ)
ترندڙ بادل
(ناول)
اڄ ڪرشن کٽواڻي موجود نه آهي، پر ٺارو شاهه وٽ
سندس يادگيريون ۽ سنڌي ادب ۾ سندس ڪتابَ سندس يادگيري طور محفوظ آهن. ڪرشن کٽواڻي
11 آڪٽوبر 2007ع ۾ انڊور شهر ۾ ديهانت ڪيو.
ڪرشن کٽواڻي ادب ۾ رومانوي ڌارا جو ليکڪ قبول ڪيو
ويو آهي، جيتوڻيڪ هو ذهني طور ترقي پسند لکندڙ اديبن جي اثر هيٺ رهيو.
ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هن کي گوبند مالهي ۽ ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي ئي ادب ڏانهن ۽ ڪميونسٽ نظريي ڏانهن
وٺي آيا ۽ هند ۾ هو گوبند مالهي،
ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم سان پڇاڙيءَ تائين ويجهو
۽ هم خيال رهيو.
هند توڻي سنڌ جي سڀني نقادن اها ڳالهه قبول ڪئي
آهي، ته هو ترقي پسند هجڻ باوجود اديب طور رومانوي ليکڪ آهي ۽
اهو به سچ آهي،
ته هن ترقي پسند هجڻ باوجود پنهنجي تخليقي ڪم کي
نظريي جي تبليغ کان بنهه بچائي رکيو. سندس ڪهاڻين
جا اڪثر ڪردار آرٽسٽ، فنڪار، مصور، راڳي ۽ ليکڪ
آهن. انهن جو ماحول فطري آهي، شانت رهڻ سندن
سڀاءَ ۾ آهي، اندر جو ڪوي سندن سڃاڻپ آهي، معصوميت
سندن فطرت آهي ۽ اداسائي سندن روح ۾ رچيل آهي.
سندس سموري تخليقي ڪم ۾ آسپاس جي ماحول جو اظهار
آهي.گهر کان ٻاهر جي فضا، نجي آزمودن جي
ڀوڳيل يا ماڻيل زندگيءَ جي سچائي خوبصورت نموني
اظهاريل آهي.
زندگيءَ ۾ هن ڪيترائي سفر ڪيا،
پر سندس دل ۽ روح ڪٿي به ٺڪاڻو حاصل نه ڪري سگهيا.
هو اڪثر فطرت جي جهوليءَ ۾ گذارڻ پسند ڪندو هو.
جنهن مزاج جو اولڙو سندس لڳ ڀڳ سڀني ڪهاڻين ۽
ناولن توڻي ڪويتائن ۾ موجود آهي. اڪثر جڏهن هو
ڪاروبار مان بيزار ٿيندو هو، ته ڪنهن به پهاڙي هل اسٽيشن يا شهر ڏانهن هليو ويندو هو.
تنهن هوندي به محسوس ٿئي ٿو،
ته سندس سمنڊ سان گَهِري دوستي هوندي هئي. جنهن ڪري، هو هفتي کن لاءِ سمنڊ جي ڇولين سان گڏ
گذاريندو هو. شايد سندس لکڻ لاءِ اهڙو ئي ماحول
سازگار هوندو؟
ڪرشن کٽواڻي جي تخليق ڪيل هر ڪردار ۾ زندگي آهي. هو ڏک، خوشي،
اونچائي، سختي، نرمي، لڙڪ، مرڪ، تڙپ، ڀٽڪ، ڀوڳنا،
اڪيلائي، پريم وغيره جي ترجماني ڪندڙ آهن. سنڌي
ماڻهو جيئن ته آدرش
وادي/اميد پرست رهيا آهن،
ان ڪري ڪرشن کٽواڻي جي ناولن، ڪهاڻين توڻي ناٽڪن
جا ڪردار گهڻي ڀاڱي آدرش وادي/
اميد پرست آهن، جيڪي ڪهڙين به ڏکين حالتن
۾ مايوس/
نا اميد نه ٿا ٿين.
ڪرشن کٽواڻي جي ناولن ۾ ڀلي ڪي پل، ڪي پهر ۽ انهن جا واقعا ڏنل آهن. پر مان سمجهان ٿو ته، سندس ناولن جي تخليقي ڊيگهه ۽ ويڪر
زندگيءَ جيتري ڪشادي آهي.
شخصي طور هو نهايت نفيس ۽ سنجيده شخص هو.
سندس سڀاءُ تي ٻن اهم شخصن جو گهڻو اثر پيل ٿو
ڏسجي.
1-
ساڌو ٽي ايل واسواڻي، جنهن جي ويجهو هن
سمورو ننڍپڻ گذاريو ۽ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.
2- ٻيو شخص مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور هو، جنهن جي
ڇانوَ ۾ ۽ سندس ٺهيل علمي مرڪز شانتي نڪيتن ۾ هن
ڪاليج ۾ پڙهڻ واري عمر گذاري.
سندس لکڻين ۾ گلن ڦلن، وڻن، ٻوٽن، بينسريءَ،
سانوري شام، ڳَئُونُ جي پيرن جي اُڏندڙ دوڙ وغيره جي لاءِ
احساس ٽيگور وٽان آيل آهن. ٻيءَ طرح هن جي ادب تي
اڪثر هندستان جي سنڌي اديبن وانگر شِرت چندر جي
ادب جو اثر به ظاهر آهي.
ليکڪ طور هو نهايت معصوم تخليقڪار هو، جنهن جي
ٻولي آخر تائين ساهتي پرڳڻي واري رهي. جنهن ۾ هندي
گهٽ شامل ٿي، هن جا ناول، ڪهاڻيون، ڪويتائون، آتم ڪٿا ۽ جيونيون سڀ شايع ٿيل آهن، جن جو ذڪر مان
مٿي ڪري آيو آهيان. مٿين ڪتابن جو هي ليکڪ سنڌ مان
ڪهڙين حالتن ۾ هند ويو، اهو درد سندس ڪيترين ئي
ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو، نه فقط ڏسي سگهجي ٿو، پر اهو درد شدت سان محسوس به ڪري سگهجي
ٿو، ڇاڪاڻ ته ورهاڱي جي درد کي هن جيئن ڀوڳيو
آهي،
تيئن ئي چِٽيو آهي. شايد ئي ڪنهن سنڌي ليکڪ ان درد
کي پنهنجي رومانويت سان جوڙي اظهاريو هجي.
هو سنڌ توڻي هند ۾ هڪ جيترو ڄاتل سڃاتل ليکڪ هو ۽
سرحد جي ٻنهي پاسي هڪ جيترو پڙهيو ويندڙ هو، جنهن
جو پهريون سبب ورهاڱي جو درد آهي ۽ ٻيو سبب سندس
ٻوليءَ جي اها حسناڪي ۽ رومانويت آهي،
جيڪا کيس هندستاني سنڌي اديبن ۾ منفرد ڪري بيهاري
ٿي، اها ٻولي پڪ ئي پڪ ساهتي جون سڪون لاهي ٿي. جنهن جي معيار کي ڏسندي انگريز سرڪار ان
کي اسٽينڊرڊ لئنگويج/معياري ٻولي ڄاڻي، ان ۾ نصابي
ڪتابن ۽ ادبي ڪتابن ڇپائڻ ۽ تعليم جو واهڻ بڻائڻ
جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
ڪرشن کٽواڻيءَ جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيا
آهن. هن کي سندس لکيل ناول
”ياد هڪ پيار جي“ تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو 1980ع ۾ آبرودار ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ اڻ ڳڻيا ايوارڊ، مان پَتَر
۽ سندون سندس نالي ٿي آبرو ماڻي ويون آهن، پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو سنڌ ۽ هند جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن پاران
کيس پيار مليو آهي، اهو
سندس
لاءِ وڏو اعزاز آهي، جنهن جو ذڪر هُن لکت
۾ به ڪيو آهي،
ته مون سان ڪيل ڪچهريءَ ۾ پڻ ڪيو هو.
ڪنهن عظيم مصور جي ٺاهيل لينڊ اسڪيپ جيان جڙيل گهر
۾ رهندڙ، اڇي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ حسين چهري ۽ سفيد
وارن وارو شخص/ليکڪ ڪرشن کٽواڻي، پنهنجي جيئري
پنهنجي هڪ خواهش به پوري ٿيندي ڏسي ويو،
جيڪا آهي.
هڪ ڀيرو وري سنڌ ڏسڻ جي، جيڪا خواهش هند ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اديبن ۽
عالمن جي پوري ڪا نه ٿي سگهي. هو اوڻيهه سؤ اُڻانوي ۾ سچل سائينءَ بابت سگا پاران سڏايل انٽرنيشنل ڪانفرنس
۾ شريڪ ٿيو. ساڻس، سندس نظرياتي استاد، دادا گوبند
مالهي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي،
قيمت هريسگهاڻي ۽ وينا شرنگي گڏجي آيل هئا. کيس
ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ڏسڻ جو موقعو
مليو. ساڻس پراڻا يار دوست مليا، پراڻا ماڳ مڪان مليا، ٺارو شاهه
مليو، ساهتي پرڳڻو مليو ۽ هڪ ڀيرو وري کيس سڀني
کان روئي موڪلايو.
انڊور ۾ رهندي کيس سنڌ جو سفر ۽ يار دوست ياد
ايندا رهيا. هو هڪ نئون گهاءُ کائي جيئندو رهيو.
يارهين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين، سنڌي ادب جي
هند توڙي
سنڌ جي تاريخ مٿئين ڏينهن، مهيني ۽ سال کي ڪڏهن به
نه وساري سگهندي، ڇو ته اُهو ڏينهن اهڙي اديب جي ديهانت جو ڏينهن آهي، جنهن
سموري عمر سنڌي ادب کي ارپي ڇڏي هئي.
هن سنڌي ادب کي ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، ڪويتائون ۽
ڪيتريون ئي حَسين تصويرون ڏنيون. دراصل سندس لکڻيون به ڄڻ ته تصويرون آهن. ”هڪ ڊگهي سانت“ سندس ڪويتائن جو مجموعو
جنهن پڙهيو هوندو، اهو اهڙي شاهدي به ڏئي سگهندو ۽
قبول به ڪري سگهندو ته ترقي پسند مانواري ليکڪ
ڪرشن کٽواڻيءَ جي اندر ۾ سنڌ جون ۽ شانتي نڪيتن
جون ڪيتريون تصويرون سانڍيل هيون، جن مان ڪي هو
اظهاري سگهيو ۽ چئي سگهيو ۽ ڪيتريون سندس ڪلپنا ۾
ئي رهجي ويون، جيڪي سندس شرير سان گڏ چِکيا
تي چڙهيون.
اها منهنجي زندگيءَ جي ڪيترين اجاين گذاريل شامن ۾
هڪ نهايت سجائي گذاريل شام هئي. جيڪا مون انڊور ۾
اَجهو
اَڏي ويٺل، ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي شهر
ٺارو شاهه ۾ جنم ورتل ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي
رومانوي/اشتراڪي رخ ڏيندڙ ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي
سان ڪچهري ڪري رهيو هئس.
ٺارو شاهه، ڪرشن کٽواڻي جو جنم هنڌ ته آهي ئي، پر
سنڌ جي پهرين ۽ شايد آخري صوفي ڪميونسٽ ۽ ناول
”سمراٽ“ جو اعزاز ماڻيندڙ دادا گوبند مالهي ۽ سنڌين جي دلين تي
سدائين راڄ ڪندڙ راڳي
شاعر ماسٽر چندر جو به جنم هنڌ آهي، ڪرشن کٽواڻي،
مصور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪويتاڪار، ناٽڪ نگار ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا!!
ننڍي کنڊ جي پهرين نوبل ايوارڊ وٺندڙ ناٽڪ نويس،
ڪهاڻيڪار ناول نگار، موسيقار ۽ اول توڙي آخر ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر رابندر ناٿ
ٽئگور جي تخليق ڪيل تعليمي اداري شانتي نڪيتن مان
تعليم ورتل سنڌي ليکڪ ڪرشن کٽواڻيءَ سان گهاريل
اُهي گهڙيون منهنجي لاءِ ڪنهن به اعزاز کان وڌيڪ
اهم آهن.
اُهي جون جا پهريان ڏينهن هئا ۽ آڪٽوبر ۾ هن جو
ديهانت ٿيو. سنڌ، ساهتي پرڳڻي ۽ پنهنجي جنم هنڌ
ٺارو شاهه کان ڪيترائي ميل پري، هنڌ جي شهر انڊور
۾!
ڇا به هجي، ڪرشن کٽواڻي هڪ اعليٰ رچناڪار جي پد تي
سدائين ادب ۾ موجود رهندو. نقاد هن جي ادب جون
جيڪي به معنائون ڏين، پر هو پاڻ بابت ڇا ٿو چوي ۽ سندس مزاج
ڪيئن هو، اُهو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اظهاريو آهي. جنهن جو سمورو تَت مان سندس ڪجهه سٽن ۾ ئي ڏيندس، جيڪي هن کي سمجهڻ ۾ آساني
پيدا ڪنديون. سندس اُهي سِٽون آهن:
”ڪنيا ڪماريءَ ۾ سمنڊ ڪناري گذاريل راتيون مون کان
ڪڏهن به نه وسرنديون، ڪاريون راتيون، سمنڊ جي
لڳاتار گجگوڙ، هڪ بنگالي ڇوڪري ۽ مان...........“
|