ايڊيٽوريل
ٽماهي
رسالي
جو نئون پرچو، يعني هلندڙ سال 2024ع جو هي ٽيون
شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ مڙني رسالن مان، ٽماهي
رسالي
کي سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد اهميت حاصل
رهي
آهي. ٽماهي
جي
ان غيرمعمولي اهميت جو ڪارڻ آهي سنڌي ادب جا اهي
وڏا
وڏا نالا، جن
کي
شايع ڪرائڻ کان ويندي ان جي معيار کي بلند و بالا
رکڻ لاءِ جاکوڙيو. انهن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائودپوٽو، عثمان علي انصاري،
لالچند امرڏنومل جڳتياڻي،
سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
مولانا دين محمد وفائي،
محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد
گرامي وغيره؛ جن پنهنجي پَر ۾، نه فقط سنڌي ادب کي
شاهڪار تحريرون ارپيون، پر ٽماهي
رسالي
جا چيف ايڊيٽر يا ايڊيٽر رهي، رسالي جي معيار کي
برقرار رکڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري
کي
سنڌي ادب ۾
عروج بخشيو. آءٌ پاڻ کي ڀاڳوند
ڀانئيان ٿو، جو
جهڙي
اهم ۽ معياري رسالي جي ايڊيٽرشپ منهنجي حوالي ٿي
آهي.
جنهن لاءِ آءٌ جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب
جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن مون کي اهم
ذميواري سونپي.
اِها
منهنجي ڀرپور ڪوشش رهندي ته،
ٽماهي
رسالي
جي معيار کي نظر ۾ رکندي
ان
۾ ادب ۽ تاريخ جا تحقيقي مقالا، معياري ڪهاڻيون ۽
شاعري کي شايع ڪيو وڃي.
سنڌي ادبي بورڊ
جي موجوده چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب بورڊ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا
آهن. جنهن ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ادبي بورڊ کي
پرنٽنگ مشين ڏيارڻ شامل آهي، ته جيئن ڪتاب توڙي
رسالا وقت سان شايع ٿي پڙهندڙن تائين پهچي سگهن.
هن وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان جيڪي به ڪتاب يا
رسالا شايع ٿي رهيا آهن، انهن جي ڪمپوزنگ کان
ويندي بائينڊنگ تائين جو سڄو ڪم هاڻي بورڊ ۾ ئي
ٿئي ٿو. ان کان سواءِ اڄوڪي جديد ٽيڪنالاجي جي دور
۾ سنڌي ادبي بورڊ جا لڳ ڀڳ 300 ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿي
(PDF)
جي صورت ۾ بورڊ جي ٻنهي ويب
سائيٽن تي اپلوڊ ٿي چڪا آهن، جتي پڙهندڙ آساني سان
پڙهي سگهن ٿا.
جديد ٽيڪنالاجي کي نظر ۾ رکندي، سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾
رکيل
قلمي مخطوطن ۽ ڇپيل ڪتابن
کي آڊيو بُڪس
رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آڊيو اسٽوڊيو قائم ڪيو ويو آهي،
جنهن تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي ۽ جلد ئي آڊيو بُڪس
رڪارڊ ڪري يوٽيوب ۽ بورڊ جي ويب سائيٽن تي پڻ
اپلوڊ ڪيا ويندا.
جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جون خاص هدايتون آهن ته،
سنڌي ادبي بورڊ
طرفان شايع ٿيندڙ ڪتابن جون مناسب قيمتون مقرر
ڪري،
50%
رعايت سان
وڪرو ڪيا
وڃن، ته جيئن
هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ پڙهندڙن کي سهولتون فراهم
ٿي سگهن.
اوهان
سنڌي ادبي بورڊ جا
ڪتاب بورڊ جي
بُڪ
اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۽ مِني بڪ شاپ ڄام شورو
تان %50 رعايت سان خريد ڪري سگهو ٿا.
نئين سيڪريٽري جي مقرري
جناب ميرزا دبير حسين بيگ صاحب کي 08 جون
2024ع تي سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري مقرر
ڪيو ويو آهي. جنهن تي کين دلي واڌايون پيش ڪجن
ٿيون، انهي دعا سان
ته
پاڻ اداري جي بهتريءَ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندا رهندا.
اداري جي پاليسيءَ کي نظر ۾ رکندي، اسان
جي ڀرپور ڪوشش رهندي ته، بهترين سنڌي ادب سان گڏ
پاڪستان جي ٻين ٻولين ۽ عالمي ادب جي ترجمن کي
رسالي ۾ شامل ڪيو وڃي.
آخر ۾ آءٌ مانوارن ليکڪن جو بيحد شڪرگذار
آهيان، جن رسالي لاءِ پنهنجون نڪور لکڻيون موڪلي
ڏنيون. جنهن سبب هي رسالو پنهنجي مقرر وقت تي اوهان تائين پهتو
آهي.
گذارش
سڀني مانوارن ليکڪن کي گذارش ڪجي ٿي ته مواد
ڇپرائڻ لاءِ اوهان پنهنجون لکڻيون اسان کي موڪلي
ڏيندا ته جيئن پاليسي کي نظر ۾ رکندي اوهان جي
مواد کي شايع ڪري وقت سان اوهان تائين پهچائي
سگهجي.
جبران زيب
انچارج ايڊيٽر، ٽماهي
”مهراڻ“\
مخدوم خليق الزمان ”خليق“
(1949ع- 2022ع)
وکر
سو وهاءِ
غزل
قلب يادن جو ڄڻ ڪتاب آهي،
ياد تنهنجي وڏو ثواب آهي.
جام آهي شراب جو هٿ ۾،
رات منهنجي هي لاجواب آهي.
ساڳيو چنڊ آهي اڄ نڪتو،
مست دل کي ڪيو رباب آهي.
توکي ڀاڪر جو مون کڻي
پاتو،
هي به هڪ دلنشين خواب آهي.
رات ويهي صنم ڳڻيم ڳڻتيون،
پيار تولاءِ بي حساب آهي.
اڄ اچي شال منهنجو هُو دلبر،
دل ۾ ڏاڍو ئي اضطراب آهي.
توکي ڏسندي لڪي ويا تارا،
چنڊ هو، سو به آب آب آهي.
روئي هُن لئي ڪيم اکيون ڳاڙهيون،
مون تي ڇو تُهمتِ شراب آهي.
گذرندو وقت پيو وڃي اي ’خليق‘،
بي خبر جنهن کان بي حجاب آهي.
”گلدسته لاڙڪاڻه“ از: محمد علي ”جوهر“، ص: 106
جناب مخدوم غلام محمد عرف خليق الزمان، حضرت مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند آهي.
سندس ولادت هالا نوان ۾ 13- فيبروري 1949ع ۾ ٿي.
بي.اي تائين سندس تعليم آهي ۽ ادبي ۽ سماجي
سرگرمين ۾ گهڻي دلچسپي رکي ٿو.
شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’خليق‘ آهي ۽ هن فن ۾ حضرت
طالب الموليٰ جن سندن استاد آهن. سندس شاعريءَ جو
آغاز 1972ع کان ٿيو.
ملڪي سياست ۾ سندن گهرو عمل دخل هو. پاڻ قومي
اسيمبليءَ جا رڪن، سينيٽر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي
صوبه سنڌ جا صدر رهي چڪا آهن.
مخدوم خليق الزمان ’خليق‘ 14- مارچ 2022ع تي هن
فاني جهان کي الوداع ڪيو.
]”گلستانِ
سروري“، ص 268[
ڊاڪٽر
شيخ
محمّد ابراهيم
”خليل “
(1900-
1982ع)
پريشان فڪر
هاڻ شوقِ بزم آرائي ڪٿي،
هاڻ ذوقِ باده پيمائي ڪٿي.
قلب محزون آهه ڏاڍو مضطرب،
اڄ سخن جي آهه رعنائي ڪٿي.
سرد آهي، سرد ڇو بزمِ سخن،
اڄ خيالِ رنج تنهائي ڪٿي.
مطلعِ اميد ڇو ظلمت فروش،
اڄ خيالِ مقطع آرائي ڪٿي.
محفلِ شعر سُخن مون کان پري،
هاڻ لطفِ نغمه پيرائي ڪٿي.
اڄ گهُلي پيئي هواي انقلاب،
اي سخنور! نازِ يڪتائي ڪٿي.
دل کي منهنجي آهه فڪرِ احتساب،
هاڻ ڪيفِ دورِ صهبائي ڪٿي.
ملڪ کي منهنجي بقا حاصل ٿئي،
ڳوليا چئو تنهنجي دارائي ڪٿي.
منهنجي ٻولي شل هجي آباد و شاد،
چشم ڳولي ٿي سي شيدائي ڪٿي.
دم بخود آهيان ڏسي دنيا جو رنگ،
اي ”خليل“ اڄ تابِ گويائي ڪٿي.
”گلدسته لاڙڪاڻه“ از: محمد علي ”جوهر“ ص: 108
عطا محمد ”حامي“
(1919- 1982ع)
غزل
جو ڪجهه دل تي گذري ٿو سو حال ٻڌائڻ مشڪل آ،
دردن جو فسانو آهي گهڻو، لفظن ۾ سمائڻ مشڪل آ.
دل جي حال کي ڪوشش سان اي يار ڇپائڻ مشڪل آ،
عشق ۽ مُشڪ جي خوشبوءَ کي پابند بنائڻ مشڪل آ.
عاشق نام سڏائڻ سَهنجو، عشق ڪمائڻ مشڪل آ،
لاف هڻي ٿو هر ڪو ليڪن، نينهن نڀائڻ مشڪل آ.
سوز فراق جو سيني اندر جان نگر کي جلائي ٿو،
ٿڌڙي ٿڌڙي آه ڀري، هي باهه وسائڻ مشڪل آ.
ويڄ حڪيم هٽي ويو هر ڪو، ڪنهن جو حيلو ڪين هليو،
آهي دعا درڪار دوا سان، درد هٽائڻ مشڪل آ.
رسمي سجدا هرڪو ڏئي ٿو، عشق جو سجدو ڪير ڏي،
سر کي جهُڪائڻ سَهنجو آهي، دل کي جهُڪائڻ مشڪل آ.
رات کي ڏينهن نه سڏبو هرگز، زهر کي ماکي چئبو ڪين،
رنج رهي يا راضي ڪوئي، سچ کي لڪائڻ مشڪل آ.
’حامي‘ توکي حيف هجي، اميد رکين ٿو پراون ۾،
پنهنجن کان ئي پنهنجي اڄڪلهه جان بچائڻ مشڪل آ.
]”گلدسته
لاڙڪاڻه“ از: محمد علي ”جوهر“، ص: 127[
ڊاڪٽر
عطا محمّد ’’حامي“ ولد قائم خان سوهو ويٺل ڳوٺ
سوهو قناصره تعلقه ڪوٽ ڏيجي ضلع خيرپور ميرس، 1-
جنوري 1919ع تي توّلد ٿيو. ڊاڪٽر عطا محمّد حامي
جا وڏا مير سهراب خان جي خاص مقربن مان هئا، تنهن
ڪري هن وقت تائين سندن وڏي عزت ۽ آبرو آهي. پاڻ
اتي جي اسڪول مان پرائمري ۽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور
مان انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. طالب
العلميءَ واري زماني ۾ سيّد غلام علي ”مخمور“ کان
علمِ عروض جي تعليم حاصل ڪيائين. ”اديبِ سنڌ“
لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪلام شايع ٿيو. اسلاميه ڪاليج هالا
۾ پروفيسر هو. نهايت خوش مزاج ۽ باتهذيب شخص هو.
3- جون 1982ع تي انتقال ڪيائين.
]”درِناياب
عرف يادِ رفتگان“،
مصنف: مخدوم طالب الموليٰ، ص: 165
سيّد ذوالفقار راشدي
(1938- 1986ع)
غزل
چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،
ڀٽڪي ڀٽڪي بيهي رهندين وري نه ملندئي واٽ.
ڀاڻ مهل جا ڀلي ڀٽاري تنهن جو ڪهڙو خير،
سانجهي ساڻ ٿڙ ٿاڻءَ نه ٿي، جا پسي نه پوءِ گهر
گهاٽ.
اڄ سوڌو خيالن تي آهي اڪريل ڪا تصور ۾،
صبح سويرو نيڻ نشي ۾، ڏيک ڏين چمڪاٽ.
هيءَ پاڻي زهريلو گدلو، ناهي جوئي شيم،
گهر به ڪري ويئي فرهادن جي روحن منجهه اساٽ.
ڪهڙي ندي سانڍي سانده اوٻر اندر جا،
ڪهڙي ڪنڌي زور جهليندي ڦٿا جڏهن ڪي ڦاٽ.
هي سانتيڪي رڃ لڳي مي، هو هرڻن جي لونجھه،
ڏيا ڏياٽيون اکيون اڃاريون، سا منهن ڪاري پاٽ.
ڍٽ ڌڻي مومل جي ماڙي باقي هڪ ٻلانگهه،
هن اوکي پر ٿوري پنڌ ۾ ڪِرندا ڪين ڪنواٽ
اوٿر ۽ انڌير اسان کي روڪيندو هڪ وار،
ليڪن پنڌ ته جاري رهندو وڄ ڏسيندي واٽ.
ذوالفقار راشدي ولد سيّد محمّد امام شاهه راشدي جي
ولادت 10 مارچ 1938ع تي ٿي ۽ سندس انتقال 27 آگسٽ
1986ع تي ٿيو. سنڌ جي مشهور راشدي خاندان جو
نوجوان شاعر ۽ اديب هئو. هن 1949ع کان شعر لکڻ
شروع ڪيو. 1952ع ۾ پهريون دفعو سندس شعر ”انسان جي
منزل“ دادو ۾ ڇپيو. 53-1954ع ۾ هفتيوار ”هاري“
لاڙڪاڻه کي ڪجهه وقت لاءِ ايڊٽ ڪيائين. 1960ع ۾
لاڙڪاڻي مان هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري
ڪيائين. مرحوم جديد شاعريءَ ۾ ڪافي بهترين تجربا
ڪيا.
]”درِناياب
عرف يادِ رفتگان“،
مصنف: مخدوم طالب الموليٰ، ص: 183[
تحقيق
پهرين تاريخ ربيع الاول (962هه) جو روانا ٿي، ڏهن
ڏينهن کان پوءِ (10- ربيع الاول) راجپوتن جي ڳوٺ
پارڪر ۾ پهتاسين، جتي ڪفارن اسان کي گهيري ۾ آندو،
پر شڪر ٿيو جو پرواني ڏيکارڻ ۽ ڪجهه پئسن ڏيڻ ڪري
اسان جي مٿان اها بلا ٽري ويئي. انهيءَ کان پوءِ
اسين ڪڏهن غافل ڪونه رهياسين ۽ خطري جي مقابلي
لاءِ هر وقت چوڪس رهڻو پيو. ٻئي ڏينهن (11- ربيع
الاول) تي وري راجپوتن (راشپوت) جي هڪ ٻي ٽوليءَ
رستي- روڪ ڪري، اسان سان سخت ويڙهه شروع ڪري ڏني.
کو رندو کي کيبي راشپوت الابي دوه جيلر کو تور
دي ردلابي
مون پنهنجي ساٿين کي حڪم ڏنو ته اُٺن کي چوڌاري
ويهاري حلقو قائم ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان چوڌاري
باهه وسائڻ شروع ڪري ڏني. ڪفار اهڙي مقابلي لاءِ
تيار ڪونه هئا. نياپو موڪليائون ته اسان وڙهڻ ڪونه
ٿا گهرون، اسان کي فقط محصول ڏيو. مون کين جواب
موڪليو ته اسان واپاري ڪونه آهيون، اسان وٽ دوائون
۽ مَڻِ (دارو و مهره) آهن، جنهن جو محصول اسين ادا
ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن محصول جهڙي ڪابه شيءِ هجي
ها ته اسين خوشيءَ سان پاڻهرتو ڀريون ها. انهيءَ
جو اثر حملي ڪندڙن تي خاطر خواه ٿيو ۽ هنن ضد ڇڏي
ڏنو.
اسين قريباً ڏهه ڏينهن رڻ ۾ هلي (21- ربيع الاول)
وانگہ ۾ پهتاسين، جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. هتان
اسان ٻيا اُٺ ڀاڙي ڪيا ۽ پنج ڏينهن پنڌ ڪري جوڻ ۽
فتح باغ (جونہ و شهر باغ فتح) ۾ آياسين. انهيءَ
وقت سنڌ جي تخت تي شاهه حسن ميرزا متمڪن هو. هن
چاليهه ورهيه راڄ ڪيو ۽ گذريل پنجن سالن کان فالج
(نيم تن) جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو هو، جنهنڪري گهوڙي
سواريءَ کان لاچار ٿي، سنڌو درياهه (درياء
سيحونده) ۾ ٻيڙيءَ رستي اچ وڃ ڪيائين ٿي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي دارالخلافہ ٺٽي (پاء تختند
تتہ) جو ڪماندار عيسيٰ ترخان، شاهه حسن ميرزا جي
چند لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو
هو، جيڪو نصرت آباد جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. هن نقدي
پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي پاڻ کي همايون بادشاهه جو
لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري
نقارو وڄرايو.
انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا، سلطان محمود نالي
پنهنجي ديني ڀاءُ (کوکلتاش- کلداشني- ٿڃ شريڪ
ڀاءُ) کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ
جهازن جو ٻيڙو وٺي، مير عيسيٰ بيگ باغيءَ جي
سرڪوبيءَ لاءِ هليو.
جڏهن منهنجي پهچڻ جي کيس خبر پيئي ان وقت هن وڏي
مان ۽ آبروءَ سان منهنجو آڌرڀاءُ (استقبال) ڪيو.
اها ربيع الثانيءَ جي شروعات هئي. هن مون کي سروپا
(خلعت) پهرائي ۽ اسان جي ٽولي کي غيبي لشڪر ڪري
سڏيو (لشڪر غيب). ساڳئي وقت لاهوري بندر يعني ديول
سند (بندر لاهوري يعني ديول سندي) جي صوبيداريءَ
جي به آڇ ڪيائين، ليڪن مون انڪار ڪيو.
مون کانئس اڳتي وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن تي چيائين
ته جيسين پيش آيل مهم ڪاميابيءَ سان پوري نه ٿي
تيسين موڪل جي درخواست منظور نه ٿيندي. انهيءَ
باري ۾ هن منهنجي بادشاهه جي حضور ۾ پڻ عريضو
موڪلي ڏنو. ساڳئي وقت جيسين اها پڪ نه ٿيس ته اسين
مير عيسيٰ جو طرف نه آهيون، تيسين کيس آرام نه
آيو. اسان ڪيترو به يقين ٿي ڏياريو ته اسان جي
هٿيارن سان- مسلمان هجڻ سبب- کيس ڪوبه آسيب ڪونه
ٿيندو، ليڪن هن اهوئي چيو ٿي ته ڇا اسان سڀ هڪ قوم
نه آهيون؟ بغاوت ۾ اسان جا ئي ڀائر ۽ عزيز شامل
ڪونه آهن؟ اهو واقعي سچ به هو!
آءٌ سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب سان مليس ۽
کانئس دعائون حاصل ڪيم. شيخ جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي
مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي.
سيد حسام الدين راشدي
ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“
ص 372-373-374 تان ورتل |