سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:8 

محمّد پُنهل ڏهر

 

 

 

سومرن جي دؤر جي باري ۾

       ٽن تاريخي ماخذن جو تنقيدي ۽ تقابلي مطالعو

 

قلعي ۾ پڪيون سرون استعمال ڪيل هيون. قلعي جي ماپ جي لاءِ مختلف رايا آهن قلعي جا ٻه دروازا ڇڏيل هئا. قلعي ۾ هڪ کوهه کوٽايو ويو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. قلعي ۾ توبون رکيل هونديون هيون. چيلهار جي ڳوٺاڻن مطابق توبن جا گولا 1970ع تائين پيل هوندا هئا. ميرن قلعي جي نسبت سان چيلهار جو نالو علي ڳڙهه، مٺي جو فتح ڳڙهه رکيو هو.

انگريز دور ۾ ٿر انتظامي طور تي حيدرآباد ۽ ڪڇ ڀُڄ سان ڳنڍيل رهيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٿرکي گڏيل ضلعي ٿرپارڪر طور هلايو ويو. هيڊڪوارٽر ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾، ٿر واري اڪثر علائقي کي ڌار ضلعي جو درجو ڏيئي، ٿر ايٽ مٺي نالو رکيو ويو ۽ ٿر جون ٽي يونين ڪائونسلون، نئين ٺهندڙ ضلعي عمرڪوٽ ۾ شامل ڪيون ويون. اڇڙي ٿر کي سانگهڙ ضلعي جو حصو بڻايو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خاص دلچسپيءَ سان، ضلعي جو اصل نالو ٿرپارڪر ٻيهر رکيو ويو، جنهن سان مجموعي طور تي ٿرپارڪر جي نالي جي ٻن مکيه ڀاڱن ٿر ۽ پارڪر ٻنهي کي اهميت ملي وئي. مجموعي طور تي ٿر واري ڀاڱي کي ڍٽ چئبو آهي ۽ پارڪر واري کي پٽ.[1] موجوده ٿرپارڪر ضلعي جي پکيڙ 19637 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ تحت آبادي 906720 آهي. پهرين چار تعلقا هئا، هاڻي ست تعلقا مٺي، ڏيپلو، ڪلوئي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي آهن.

سنڌ تي عربن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ هتي جي مقامي باشندن ”سومرن“ جي حڪومت قائم ٿي. اهي سنڌ تي تقريباً چار سؤ سالن تائين حڪومت ڪندا رهيا.

سومرن حاڪمن ڪڏهن سموري سنڌ تي حڪومت ڪئي ته ڪڏهن وري هندستان جي مختلف بادشاهن جي حملن ڪري، سنڌ جي ڪنهن ٿوري حصي تي؛ يعني ڪڏهن لاڙ واري حصي تي ته ڪڏهن وچولي سنڌ ته ڪڏهن وري سنڌ جي اُترئين حصي کان وٺي ملتان تائين حڪومت پئي ڪئي. آخرڪار ايتري وڏي عرصي تائين سنڌ تي حڪومت ڪندڙ، سومرن جي حڪومت کي هتان جي ٻين مقامي باشندن يعني ”سمن“ ختم ڪري، سنڌ تي پنهنجي يعني سمن جي حڪومت قائم ڪئي.

سنڌ تي سومرن حاڪمن جي دؤر جي باري ۾ فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي تاريخي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون لکيا ويا آهن. انهن ڪتابن مان گهڻا ڇپيل آهن ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل يعني قلمي صورت ۾ آهن. ڪجهه دستياب آهن ۽ ڪجهه ناياب آهن. اهي دستياب ناياب قلمي ڪتاب مختلف سرڪاري ۽ ذاتي ڪُتبخانن ۾ موجود آهن. ڪي قلمي ڪتاب ته هن وقت بلڪل ناياب آهن. انهن جا صرف نالا ئي مختلف تاريخي ماخذن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. سومرن جي دؤر متعلق انهن ناياب ۽ دستياب قلمي ماخذن کي هٿ ڪري شايع ڪرائڻ جي اشد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته، انهن جي ڇپجڻ سان سنڌ تي سومرن جي دؤر حڪومت جي باري ۾ ڪيترن ئي گُم ٿيل ڪڙين جي باري ۾ معلومات حاصل ٿيندي، جنهن جي روشنيءَ ۾ اڄ جا مؤرخ ۽ محقق نئين سري سان تحقيق ڪري سنڌ جي انهيءَ سومرا دؤر متعلق هڪ مفصل ۽ جامع تاريخ مرتب ڪري سگهندا.

هن مقالي ۾ جيڪڏهن سومرا دؤر جي باري ۾ لکيل سڀني ماخذن جو تعارف پيش ڪيو ويندو ته، هي مقالو تمام ضخيم ٿي ويندو. تنهن ڪري هتي صرف ٽن ڪتابن: 1 ”گلزار سنڌ نادرات هند“ مصنف: مولوي عبدالرحيم سومرو، 2. ”دولت علويه“ يعني
”سومرن جي حڪومت“ مصنف: مولوي عبيدالله
’شائق‘“، 3. ”دولت علويه جي مختصر تاريخ“ مصنف: محمد عالم سومرو جو تقابلي ۽ تنقيدي مطالعو ڪري ان جو تحقيق جي روشنيءَ ۾ تعارف پيش ڪيو ويندو.

1. گلزار سنڌ نادرات هند: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هن ڪتاب جي مصنف جي باري ۾ لکيو آهي ته، ”مولوي عبدالرحيم ڳوٺ زنگي پور تعلقي ٺُل، ضلع جيڪب آباد جو ويٺل هو. تيرهين صدي جي آخر ۽ چوڏهين صدي جي شروع ۾ ٿي گذريو. فارسي جو علم ۽ ادب مولوي عبدالغفور همايوني کان سندس مدرسي مان حاصل ڪيائين. بيشڪ مولوي عبدالرحيم کي فارسي تي عُبور هو. سندس شعر شاهنامي جون سڪون ٿا لاهين. هي وڏو عالم سومرن جي عرب نسل واري سندن پنهنجي روايت جو قائل هو.“ (1)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سندس انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”تاريخ گلزار سنڌ نادرات هند، مولوي عبدالرحيم سومري جو لکيل ڪتاب آهي. اهو ڪتاب فارسي زبان ۾ شاهنامه فردوسي جي طرز تي منظوم مثنوي جي صورت ۾ آهي. هن اهو ڪتاب پنهنجي ذاتي ٻُڌ سُڌ، ڪن ڪتابي حوالن ۽ زباني هلندڙ روايتن جي بنياد تي فارسي ۾ سومرن جي تاريخ مرتب ڪئي. هن ڪتاب جي باري ۾ ڏنل روايتن جو مدار پڪن تاريخي حوالن تي ناهي بلڪ اُن جو مواد گهڻي حد تائين سنڌ ۾ هلندڙ دودي چنيسر جي ڳالهه تان ورتل آهي ۽ پوءِ مرحوم صوفي قلندربخش ۽ مرحوم محمد عثمان سومري ۽ ٻين صاحبن جي ترغيب تي سن 1922ع يعني 1340هه ۾ اُن جو سنڌي ترجمو ڪيائين. مولوي عبيدالله شائق سومري انهيءَ ترجمي کي سوڌي سنوراي سن 1929ع ۾ دولت علويه جي نالي سان ڇپايو.“ (2)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته ”گلزار سنڌ کي پوءِ مولوي عبيدالله شائق سومري ترميم ۽ اختصار سان تاريخ دولت علويه جي نالي سان سن 1929ع ۾ شايع ڪيو.“ (3)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري پنهنجي ٻي تصنيف ۾ انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته ”سومرن جي سربراهن، قبيلن ۽ سندن ڀاڳن فقيرن وٽ سومرن بادشاهن جي نسب نامي بابت جيڪي روايتون هلندڙ آهن، تن مان هڪ خاص روايت اها آهي جنهن کي مرحوم فقير قلندر بخش صوفي جي سرپرستيءَ هيٺ مولوي عبدالرحيم سومري ويٺل (زنگي پور تعلقو ٺُل) پنهنجي فارسي مثنوي گلزار سنڌ ۾ منظوم ڪيو ۽ جنهن جو سنڌي نثر ۾ ترجمو مرحوم مولوي عبيدالله شائق  سومري جي دولت علويه جي نالي سان ڇپايو. اڳتي هلي ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي وڌيڪ لکيو آهي، ته سندن فارسي مثنوي ۾ لکيل سومرن جي تاريخ پوين وٽان ضايع ٿي وئي. ان جا چند فارسي شعر جيڪي مولوي عبيدالله شائق کي ياد هئا سي هن ٻڌايا.“ (4) (اهي شعر هيٺ ڏنا ويا آهن.)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري پنهنجي ٻي تصنيف ۾ مصنف ۽ مذڪوره ڪتاب جي باري ۾ ڄاڻايو آهي ته:

در مطالعه تاريخ مشغول گشت و تاريخ قبيله خود يعني مردم سومره را بر اسلوب ’شاهنامه‘ فردوسي در فارسي مثنوي بنام تاريخ ”گلزار سند“ منظوم کرد. نسخه اصل اين تاريخ ضايع شد چند اشعار ازو در ياد شاگردان مصنف باقي ماند. اين اشعار در يک صحبت (21 ڊسمبر 1968ع) نگارنده از مرحوم مولوي عبيدالله ’شائق‘ شنيد و نوشت.

محمد حنيفه بود جد ما

که او هست ابن علي مرتضيٰ

شرم سند را هست از سومره

شجاعت عيان گشت از سومره

ختم شد کمالاتِ جنگ و جهاد

بر اين قوم اشجع تقدس نهاد

بخويشان تلطف بدشمن جري

در اسلاف شان اين سخن پرورِي

چو بنهاد دوده قدم دو مصاف

دهن خلجيان بند شد از گزاف

يلِ سند دوده چون شمشير زد

رميدند مرغان دويدند دد

چکا چاک خنجر بگردون رسيد

ز هندستان خون بجيهون رسيد

زِ سُمِ سِتُوران دران پهن و دشت

زمين شش شد و آسمان گشت هشت

گروهي ز گردان سند و بلوچ

سگاليده جنگ مانند هوچ

چو خلجي پناهي ز شيزان نه يافت

چو روباه در خيمه اي خود شتافت

چو گرزِ گران دوده برداشتي

يلان را بلرزه در انداختي

بزد دوده چون نيزه برپيلبان

شده زهره آب و تنش بي روان

نه پيلي امان يافت ني پيلبان

ز يلغار پيکار شاه زمان

بروز وغا شاه صولت نهاد

کسي پيش آمد اماني نداد. (5)

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب به هن ڪتاب جي تعارف ۾ لکيو آهي ته ”هي ڪتاب مولوي عبدالرحيم سومري جو لکيل آهي. سومرن سنڌ تي ٽي صديون راڄ ڪيو. مقامي ۽ خانداني روايتن تي مبني مولوي صاحب هي تاريخي مثنوي لکي. اصل ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. مصنف بعد ۾ صوفي قلندر بخش ۽ مرحوم محمد عثمان سومري جي ارشاد تي هي مثنوي 1340هه / 1922ع ۾ ترجمو ڪئي. مولوي عبيدالله شائق سومري ان کي سڌاري دولت علويه جي نالي سان 1929ع ۾ شايع ڪئي.“ (6)

وري ٻي جاءِ تي ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب هن ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو ته ”هي منظوم فارسي ڪتاب آهي جو اُتر سنڌ جو مولوي عبدالرحيم سومري سنه 1340هه / 1922ع ۾ تيار ڪيو. روايتن موجب هي ڪتاب مصنف سنڌي زبان ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. ليڪن ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. سومرن سردارن بابت هي پهريون جداگانه قلمي ڪشالو هو. سردست هن ڪتاب جي ڪنهن به نسخي جو پتو نه مليو آهي.“ (7)

2. دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت: سومرن جي دؤر حڪومت متعلق لکيل هي ڪتاب پهريون ڀيرو 12 ڊسمبر 1929ع ۾ وسڻ پرديس جيڪب آباد مان ڇپيو ۽ انهيءَ جو ٻيو نئون ڇاپو سال 2003ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ڪتاب جي انهن ٻنهي ڇاپن ۾ مولوي عبدالله ’شائق‘ کي انهيءَ ڪتاب جو مصنف يعني لکندڙ ڄاڻايل آهي.

هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ”هي ڪتاب مولوي عبيدالله شائق لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ آهي. جو سڀ کان اول 1929ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سومرن کي عرب سمجهڻ ۽ لکڻ واري جذبي سان سرشار ٿي لکيو ويو هو. سومرن جي قديم تاريخن ۾ آيل نالن ڏيڻ سان گڏ انهن نالن کي اسلامي رنگ پڻ ڏنو ويو. تاريخ جي مستند ماخذ طور هن ڪتاب جي گهڻي اهميت ڪونهي. هي ڪتاب ٻيهر حيدرآباد مان 2003ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو آهي.“

انهيءَ ڪتاب جي مختصر تعارف ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ڄاڻايو آهي ته ”اهو ڪتاب مولي عبيدالله شائق لکيو هو، جو سنه 1929ع ۾ پاڪيٽ سائيز ۾ شايع ٿيو. مولوي صاحب جي انهيءَ ڪتاب جو بنيادي ماخذ ”گلزار سنڌ“ هو، جو مولوي عبدالرحيم سومري جو لکيل هو.“ (8)

هِن ڪتاب جي لکندڙ مولوي عبيدالله
’شائق‘ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، ذات جو سومرو ڄاڻايو آهي. (9)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هن سان تاريخ 21 ڊسمبر1968ع تي ملاقات ڪئي. جنهن مان معلوم ٿيو ته هي سال 1968ع ۾ زنده هو. (10)

مولوي عبيدالله ’شائق‘ پنهنجي اِنهيءَ ڪتاب يعني دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت ۾ ڪتاب جي شروع ۾ گذارش جي عنوان هيٺ آخر ۾ پاڻ کي ”الله آباد، سبي بلوچستان“ جو ويٺل لکيو آهي. اسان کي اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻي معلومات هن جي سوانح متعلق معلوم نه ٿي سگهي آهي.

جيئن ته مٿي انهيءَ ڪتاب جي ٻنهي ڇاپن ۾ مولوي عبيدالله ’شائق‘ کي انهيءَ مذڪوره ڪتاب جو مصنف لکيو ويو آهي. خود مولوي عبيدالله ’شائق‘
مذڪوره ڪتاب جي شروعات ۾ ”گذارش“ جي عنوان هيٺ ڄاڻايو آهي ته ”اسان جي صوبي جي ڪابه مڪمل ۽ مفصل تاريخ اڄ تائين اسان جي سنڌي زبان ۾ اسان وٽ ڪانهي. اسان جي محترم بزرگن ڪافي علم ۽ تاريخدان هوندي به مختصر تاريخن جي لکڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن به وڏي تاريخي ڪُتب جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. جنهن ۾ هر هڪ گهراڻي جي هر هڪ بادشاهه جي واقعن کي روشني ۾ آندو ويو هجي. خاص طرح سومرن جي گهراڻي جا حالات چند
تاريخدانن کان سواءِ ڪنهن کي به معلوم نه آهن. ٻيو ته بجاءِ خود، پر سومرن جي اوڻويهن بادشاهن جا نالا به پوري طرح ڪو ٻڌائي نه سگهندو. اسان جي اهل علم صاحبن کي هن پاسي توجهه ڪرڻ گهربو هو، جو هي ڳالهه ڪيتري قدر افسوس ناڪ آهي جو اسين سنڌي ٿي ڪري سنڌي اڳوڻن حڪومتن جي مفصل تاريخ کان بي خبر هجون، پوءِ کڻي اسان ڪيتري به تعليم حاصل ڪيون. اهو داغ مٽجي نه ٿو سگهي. مگر اسان سنڌي ئي آهيون جو ان امر جو ڪو احساس نٿو ٿئي. مان پنهنجو ڪم علمي ۽ بي سرمائگي جي اعتراف ۽ اقرار هوندي انهيءَ ضرورت جي پوري ڪرڻ تي تيار ٿيس ته پنهنجو سنڌي ڀائرن جي سامهون سومرا گهراڻي جي زرين ڪارنامن ۽ سندن حڪومتن جي واقعن جي جا تقريبن چار صديون زور و شور سان هلي آهي. سچي ۽ مڪمل پر مختصر تاريخ پيش رکان ۽ چند اولوالعزم ۽ بلند حوصلا هستين جي سوانح عمري دنيا جي اڳيان پڌري ڪيان. جنهن ۾ هر هڪ بصيرت ۽ سمجهه واري جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت جو سبق موجود آهي ۽ اهڙن نامور انسانن جي بهادري ۽ سرويچائي جو بيان پڙهڻ هر هڪ دردمند ۽ احساس واري ماڻهوءَ کي شوق عمل لاءِ ۽ ڪرڙي جو ڪم ڏئي ٿو. خدا جو شڪر آهي جو، مون هن اهم ۽ ضروري ڪم کي ڪجهه ڏينهن ۾ سخت مشقت ۽ عرق ريزي ڪري پنهنجي دوستن جي مدد سان پورو ڪيو. هن ڪتاب جي تصنيف ۾ مون کي هيٺين ڪتابن مان مدد وٺڻ جي ضرورت پيئي. فتوح البلدان، طبري، بلاذري، اسماء الرجال، فتح سنڌ، سفرنامه ابن بطوطه، مجملہ التاريخ، اهي تاريخون عربي ۾ آهن. تاريخ لب سنڌ، تحفة الڪرام، تاريخ فرشته، تاريخ معصومي، تاريخ گلزار سنڌ منظوم مصنف مولوي عبدالرحيم صاحب سومرا نسب نامه ڪلان، تاريخ طاهري، شجره آبائي راهي ڪتاب فارسي ۾ آهن. تنهن کان سواءِ سنڌ ۽ هندستان جون سنڌي ۽ اردو تاريخون به تصنيف وقت مطالع هيٺ رهيون آهن. سڀ کان زياده مدد مون کي شجره مان ملي آهي. (جيڪو اسان جي وڏن پنهنجي پيءُ ڏاڏن کان ٻڌي يا ان زماني جي تاريخي ذخيره مان واقعات گڏ ڪري لکيا آهن) جنهن ۾ صحيح واقعن جي گڏ ڪرڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان اسان جا وڏا لکندا آيا آهن. نيڪ روشن هجي، ته مان پنهنجي ڪتاب ۾ هر هڪ ڳالهه گهڻي غور ڪرڻ ۽ سڀني پنن جي ورق اُٿلائڻ کان پوءِ لکي آهي جنهن موجب هن ڪتاب ۾ فقط سچيون ۽ تحقيقي ڳالهيون بيان ٿيل آهن. سومرا قوم جي تاريخ جي لاءِ منهنجي ڪتاب ۾ صحيح ۽ مستند واقعن جي رقمطراز ڪرڻ تي تمام گهڻي ڪوشش ٿيل آهي. سڀني تاجرن جي مڪمل ڪارنامن کي روشني ۾ آندو اٿم مگر ان سان گڏ دلچسپي ۽ اختصار تي به ڌيان رهيو آهي.“ (12)

مذڪوره ڪتاب جي ڇپيل ٻنهي ڇاپن مان ۽ انهيءَ ڪتاب جي شروع ۾ لکيل ”گذارش“ ۽ پوري ڪتاب جي مطالعي مان بخوبي ۽ يقين سان معلوم ٿيندو ته ”دولت علويه“ يعني سومرن جي حڪومت جو مولوي عبيدالله ’شائق‘ ئي مصنف آهي ۽ اهو ڪتاب خود هن سنڌي ۾ لکيو آهي ۽ ڪنهن به فارسي ڪتاب تان ترجمو نه ڪيو آهي. البته ايترو آهي جو هن مولوي عبدالرحيم جي لکيل فارسي مثنوي تان صرف ۽ صرف استفادو ڪيو آهي. جنهن جو هن پنهنجي لکيل گذارش ۾ اظهار ۽ اقرار ڪيو آهي. پوءِ خبر ناهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هن کي مولوي عبدالرحيم سومري جي فارسي ۾ منظوم لکيل ڪتاب ”گلزار سنڌ نادرات هند“ جو سنڌي ترجمو ڪندڙ ۽ اختصار ڪندڙ ۽ وڌيڪ سنواريندڙ وغيره ڇو ۽ ڪهڙي بنيادن ۽ ڪهڙين شاهدين پٽاندر ڄاڻايو آهي. حالانڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سان ملاقات به ڪئي هئي ۽ ملاقات دؤران سندس زباني، ڪتاب: ”گلزار سنڌ نادرات هند“ جي متن ۾ آيل ڪجهه سٽون به ٻڌايون ۽ نوٽ ڪيون. جيڪي بعد هن پنهنجن ٻن تصنيفن: ”رهاڻ هيرن کاڻ“ ۽ ”تڪملة التڪملة“ ۾ به ڏنيون آهن.(13)

اڳتي هلي ڊاڪٽر لاکي صاحب به اهو اعتراف ڪيو آهي ته، مولوي عبدالرحيم پنهنجو فارسي ڪتاب جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، سو ڇپجي نه سگهيو. (14) جيتوڻيڪ اهو ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر لاکي صاحب جي سامهون مطالعي هيٺ به رهيو آهي.

باقي رهيو اهو سوال ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي انهيءَ ڪتاب جي مصنف طرفان ڪيل انهيءَ ڪتاب جي سنڌي نثري ترجمي جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي ته ”مولوي عبدالرحيم سومري پهريائين فارسي مثنوي لکي ۽ پوءِ مرحوم صوفي قلندر بخش، مرحوم محمد عثمان سومري ۽ ٻين صاحبن جي ترغيب تي سال 1340هه / 1922ع ۾ اصل فارسي متن جو سنڌي ترجمو ڪيائين....“ (15) سو مصنف ڪيو هو يا نه ۽ جي ڪيو هو ته اهو ڪيڏانهن ويو. انهيءَ سوال جو جواب اهو آهي ته مصنف پنهنجي انهيءَ تاريخي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو بلڪل ڪيو هوندو، ليڪن ان مان اها مراد وٺڻ ضروري ناهي ته اهو سنڌي ترجمو اهو آهي جيڪو بعد ۾ مولوي عبيدالله شائق پنهنجي نالي سان ڇپيل ڪتاب ”دولت علويه“ يعني سومرن جي حڪومت جي نالي سان ڇپايو آهي. انهيءَ ڪري اهو سوچڻو ۽ سمجهڻو پوندو ته، مولوي عبدالرحيم سومري وارو، انهيءَ منظوم تاريخي فارسي مثنوي جو ڪيل اهو سنڌي نثري ترجمو اڃا تائين ڪونه ڇپيو آهي، جنهن جو بعد ۾ لاکي صاحب به اعتراف ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته عبدالرحيم سومري واري انهيءَ تاريخي فارسي ڪتاب جو اهو نثري سنڌي ترجمو به اصل فارسي مثنوي وانگر هيٺ مٿي ٿي نظرن کان غائب ٿي چڪو هجي يعني گم ٿي ناياب ٿي چڪو هجي. تنهن ڪري پڪ سان اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو ڪتاب يعني ”دولت علويه“ يعني ”سومرن جي حڪومت“ مولوي عبيدالله ’شائق‘ جو ئي لکيل آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته مولوي عبدالرحيم سومري جي لکيل فارسي مثنوي ۽ ان جي ئي ڪيل سنڌي نثري ترجمي جي ڳولا ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش وٺڻ گهرجي ۽ هٿ ڪري انهن ٻنهي قلمي تاريخي ڪتابن کي شايع ڪرائجي ته جيئن نظرن کان اوجهل سومرن جي دؤر حڪومت جي باري ۾ لکيل اهي ناياب ڪتاب ضايع ٿيڻ کان هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي وڃن.

3. دولت علويه جي مختصر تاريخ: سومرن جي دؤر حڪومت جي باري ۾ هي ڪتاب محمد عالم سومري جو لکيل آهي. مولوي محمد عالم سومرو ولد محمد نعيم سومرو ميرپور ماٿيلي شهر جو ويٺل هو. هي تاريخ 22 جنوري 1903ع بمطابق 22 شوال 1320هه ۾ ڄائو. قرآن پاڪ پهريائين پنهنجي چاچي وٽ پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ بعد ۾ حافظ الاهي بخش سيال وٽ پڙهي پورو ڪيائين. پرائمري تعليم جا ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ فارسي ۽ عربي جي تعليم ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ لڪپور (تعلقو اوٻاوڙو) جي مختلف مشهور مدرسن مان وقت جي مشهور عالمن جهڙوڪ مولانا بهاؤالدين ڀائي، مولانا اُميد علي چنا، مولانا نور محمد انڍڙ، مولانا سيد پير حاجي شير محمد شاهه، مولانا گل محمد قريشي ۽ مولانا علي شير لڪپوري وغيره کان حاصل ڪري سال 1348هه بمطابق 1929ع ۾ عالم ٿي تعليم کان فارغ ٿيو. (16)

محمد عالم سومري کي ننڍپڻ کان خوش نويسي جو تمام گهڻو شوق هو، پنهنجي انهيءَ شوق خاطر هن تمام گهڻي محنت ڪئي. جنهن ڪري پاڻ سٺو خطاط ۽ خوشنويس به هو. سندس هٿ اکرين لکيل ڪيترائي ادبي شهپارا سندس پوين وٽ محفوظ آهن. سندس اکر موتين جهڙا آهن. محمد عالم سومرو تاريخ 13 ذوالحج 1409هه / 28 جولاءِ 1988ع تي وفات ڪري ويو.

پاڻ پنهنجي وقت جو سٺو شاعر، عالم، اديب ۽ محقق هو. سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسي ٻولين تي دسترس هيس. سنڌي ۽ فارسي ۾ بهترين شاعري ڪئي اٿس. شاعري ۾ ’اختر‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس لکيل شاعري مختلف بياضن ۾ موجود آهي، جيڪي سندس پوين وٽ محفوظ آهن.

شاعريءَ سان گڏ هن نثر ۾ به چند بهترين تحقيقي ڪتاب تصنيف ڪيا، جيڪي قلمي صورت ۾ هن وقت سندس اولاد وٽ محفوظ آهن. جهڙوڪ:

1. قرآن شريف جو سنڌي ترجمو: سندس هٿ اکرين قرآن شريف جو اهو سنڌي ترجمو عڪسي صورت ۾ سال 1406هه/1986ع ۾ پهريون ڀيرو ”هجره ڪائونسل اسلام آباد“ مان شايع ٿيل آهي.

2. جرعت حسين عَليٰ شهادت حسين: سندس لکيل هي ڪتاب، قلمي صورت ۾ سندس وارثن وٽ موجود آهي. انهيءَ جي فوٽو ڪاپي راقم جي ذاتي ڪتب خاني ۾ به آهي.

3. چند بياض: سندس لکيل بياض به سندس وارثن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهن. جِن منجهه سندس کان علاوه ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام گڏ ڪيل آهي. ان کان سواءِ انهن بياضن ۾ سندس خاندان جي باري ۾ ۽ ڪجهه ٻيو قيمتي احوال موجود آهي.

4. دولت علويه جي مختصر تاريخ: هن تاريخي قلمي ڪتاب جو تفصيلي تعارف هيٺ پيش ڪري رهيا آهيون.

سنڌ جي سومرن حاڪمن جي باري ۾ محمد عالم سومري جو هيءُ ڪتاب، تاريخ 24 ماه شعبان 1372هه بمطابق 9 مئي 1953ع تي لکي پورو ڪيو. ڪتاب جي مصنف جو هٿ اکرين لکيل قلمي نسخو سندس اولاد وٽ محفوظ آهي. جنهن جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ۽ راقم الحروف جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

هن تاريخي ماخذ جو ڊاڪٽر حامد علي خانائي تعارف ڪرائيندي لکيو آهي ته، ”دولت علويه جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان هي قلمي نسخو ميرپور ماٿيلو جي وڏي عالم مولانا محمد عالم سومري جو تاليف ڪيل آهي. مولانا صاحب هن ڪتاب ۾ سومرا قوم جي مفصل تاريخ بيان ڪئي آهي. هن ڪتاب جا ڪُل ٽي باب آهن. پهرئين باب ۾ سڀ کان پهريائين سومرا قوم جي بڻ بنياد تي بحث ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مؤلف اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سومرا قوم جو تعلق حضرت علي عليہ السلام سان آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي انهيءَ ڪتاب جو نالو دولت علويه تجويز ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مؤلف سنڌ جي ڪن قديم تاريخن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. جهڙوڪ: ”تاريخ معصومي“، ”آئين اڪبري“، ”تاريخ فرشته“، ”تاريخ نوابين بکر“، ”منتخب التواريخ“، ”تحفة الڪرام“، ”تاريخ طاهري“، ”فتح نامه سنڌ، قديم سنڌ“ ۽ ”قاضي ميان محمد قاسم مورائي جو سومرا خاندان جو نسب“ وغيره. ان کان پوءِ سنڌ جا جيڪي به سومرا حڪمران ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو مختصر مگر جامع بيان ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ سومرا خاندان جي مشهور تاريخي معرڪي دودو چنيسر جي ويڙهه ۽ دهلي جي بادشاهه علاؤالدين پاران سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو احوال ڏنو ويو آهي. مشهور عشقيه داستان عمر مارئي جي تاريخي اهڃاڻن کي پڻ نروار ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم تمدني تاريخ جو مختصر احوال آيل آهي. ليڪن سومرن بادشاهن جو خانداني ۽ سياسي ڪارنامن جو احوال قدري تفصيل سان ڏنو ويو آهي. ٻئي باب ۾ ڪتاب جي مؤلف مولانا محمد عالم پنهنجي ڏاڏاڻي پيڙهي جو تفصيل بيان ڪيو آهي. جڏهن ته ٽئين ۽ آخري باب ۾ مؤلف خود پنهنجي سوانح حيات ڏني آهي. مولانا محمد عالم سومري هن ڪتاب جو قلمي نسخو 24 شعبان 1372هه/ 9 مئي1953ع تي لکي پورو ڪيو........... مؤلف جي فرزند ميان عبدالعظيم سومري روايت ڪندي ٻڌايو ته مذڪوره ڪتاب پاڪيٽ سائيز ۾ شايع ٿيل هو. جو هن وقت ناياب آهي.“ (17) ياد رکڻ گهرجي ته ڪتاب ”دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت“ سال 1929ع ۾ ڪرائون سائيز ۾ ڇپيو هو، نه ڪي پاڪيٽ سائيز ۾.

محمد عالم سومري پنهنجي انهيءَ ڪتاب جو سمورو مواد مولوي عبيدالله ’شائق‘ جي ڪتاب دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت تان هوبهو کنيو آهي ۽ ڪٿي اختصار کان به ڪم ورتو اٿس ۽ ڪٿي وري ٿوري گهڻي متبادل لفظن جي هيرا ڦيري به ڪئي اٿس. زياده تر سمورو احوال لفظ بلفظ ساڳيو لکيو اٿس، سواءِ شروع وارين ۽ آخري چند سٽن جي جيڪي هن پنهنجي طرفان لکيون آهن. مولوي عبيدالله ’شائق‘ پنهنجي ڪتاب ”دولت علويه“ جي شروعات ۾ ”تهديه“ يعني انتساب ۽ ”گذارش“ جي عنوان هيٺ جيڪي لکيو آهي، سو هن يعني مولانا محمد عالم سومري پنهنجي ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو آهي. انهيءَ جي جاءِ تي محمد عالم سومري پنهنجي ڪتاب جي شروعات هنن سٽن سان ڪئي آهي: هن عاجز احقر في العالم مسڪين محمد عالم ابن محمد نعيم بن محمد عالم (عفا الله عني ماڪان مني عن الخطاياي) کي ڳچ ورهين کان مصمم خيال رهندو هو، ته پنهنجي سوانح عمري يعني حالات زندگي کي قلمبند ڪريان. انهيءَ حالات لکڻ کان  معاذ الله اها منشا نه اٿم، ته پنهنجو غِلو ظاهر ڪريان. بلڪه هن غرض سان ته پنهنجن پسماندن لاءِ هڪ  يادگار ۽ پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکي ڇڏيان، جو منهنجن بعض ڪمن مان نيڪي ۽ عالم  آموزي لاءِ آماده ٿيندا ۽ بعض ڪمن کان پرهيز ۽ ڪناره ڪشي ڪري خوش سلوڪي جو رويه اختيار ڪندا ۽ دعاءِ خير و مغفرت سان ياد ڪندا رهندا. جو اُميد ٿو ڪريان ته خداوند ڪريم سندن دعا قبول فرمائي ۽ احقر کي عذاب قبر ۽ حشر کان نجات بخشي. آمين ثم آمين. يا اَرحَمُ الرّاحِمِين.

هن سوانح عمري جي شروع ۾ پهريون پنهنجي سومرا قوم جو بنيادي مختصر احوال لکيو اٿم، ڇاڪاڻ ته ساري قوم کي پنهنجو صحيح اصلي حسب نسب پوري طرح معلوم ٿي ويندو ۽ قوم جا افراد  پنهنجي تاريخي عظمت مطابق پنهنجي زندگي بنائڻ تي آماده ٿي ويندا ۽ منجهن ذهني انقلاب اچي ويندو. علم نفس جي ماهرن جو رايو ۽ تجربو هن ڳالهه جو مويد آهي، ته انفرادي خواهه اجتمائي ترقي لاءِ تواريخي روايات حيرت انگيز وقعت رکن ٿا. ٻيو پنهنجي ڏاڏاڻي پيڙهي، جا مرحوم حاجي محمد عظيم صاحب جن کان جيتري قدر معلوم ٿي آهي سا لکي اٿم. چوٿون ۽ ٽيون پنهنجي گذريل ڀاڱي حياتي جو احوال لکيو اٿم. (18)

محمد عالم سومري پنهنجي طرفان لکيل انهن سٽن کان پوءِ پنهنجي ڪتاب جي شروعات، دولت علويه واري لکيل شروعاتي مواد سان هوبهو ڪئي آهي. ۽ ڪتاب جي آخر تائين دولت علويه وارو سمورو مواد، ڪٿي سمورو ته ڪٿي اختصار سان لکيو اٿس. هن پنهنجي ڪتاب جي آخر ۾ دولت علويه واريون آخري ٻارنهن سٽون ”پر اپيل قاضي القضات تائين ٿيندي هئي.“ کان وٺي ”ته هندستان ۾ ايڏو وقت ڪو خانداني ورلي حڪمران رهيو هوندو.“ ۽ ان بعد دولت عَلويه جي آخري ٻن سٽن واري فارسي شعر (19) کي به نه لکيو آهي. محمد عالم سومري پنهنجي ڪتاب جو اختتام ڪتاب دولت علويه جي اختتام واري آخري صفحي جي هن آخري سٽ سان ڪيو آهي، ”عدالتي ڪمن لاءِ وڏن وڏن شهرن ۾ قاضي مقرر هئا جي شريعت محمدي مطابق فيصلو ڪندا هئا ۽ کين ڦاسي جي اختياري به هئي.“ (20)

محمد عالم سومري پنهنجي ڪتاب جي اختتام تي پنهنجي طرفان هيٺيون چند سٽون لکي ڪتاب کي ختم ڪيو آهي:

”هي سومرن جي اصليت ۽ ڪيترا سال حڪمران ٿي ۽ ان جي ڪيفيت ۽ ڪيترا ۽ ڪهڙا تاجدار ٿيا وغيره. سمورو احوال معتبر تاريخ جي ڪتابن مان ڳولا ڪري لکيو ويو آهي. هن ۾ ڪو به ذرو تاريخ جي ڪتاب کان ٻاهر نه آهي. ڪتاب پڙهندڙن کي اپيل ۽ عرض آهي ته هن بنده ڪاتب الحروف کي دعاءِ مغفرت سان ياد ڪن......... فقط ختم شد.

از دست مسڪين محمد عالم ابن مرحوم و مغفور ميان محمد نعيم صاحب سومره ساڪن شهر ميرپور ماٿيله ضلع سکر تاريخ 17 شعبان المعظم 1372هه بمطابق 2 مئي سنه 1953ع بروز شنبه.“ (21)

هن کان پوءِ محمد عالم سومري پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ پنهنجو لکيل واڌو مواد ”پنهنجي ڏاڏاڻي پيڙهي، جا مرحوم مغفور حاجي محمد عظيم صاحب جن کان جيتري قدر معلوم ٿي سگهي آهي.“ ۽ ٻيو ”هن عاجز ڪاتب الحروف (محمد عالم) جي گذريل ڀاڱي حياتيءَ جو احوال“ جي عنوانن سان شامل ڪيو آهي. جيڪو تقريباً 13 صفحن تي مشتمل آهي: هن پنهنجي ڪتاب جي آخري صفحي تي وري هي اختتامي عبارت لکي آهي.

”فقط تمام شد تاريخ 24 ماهه شعبان المعظم سن 1372 هجري بمطابق تاريخ 9، ماهه مئي سنه 1953عيسوي بروز شنبه از دست حقير پر تقصير مسڪين محمد عالم بن مرحوم مغفور ميان محمد نعيم صاحب سومره ساڪن ميرپور ماٿيله سکر سنڌ (پاڪستان).“

نوٽ: هي سومرن جي اصليت ۽ ڪيترا سال حڪمراني ۽ ان جي ڪيفيت ۽ ڪيترا ۽ ڪهڙا تاجدار ٿيا وغيره، هي سمورو احوال معتبر تاريخ جي ڪتابن مان اخذ ڪري لکيو اٿم. هن ۾ ڪوبه ذرو ڪتاب کان ٻاهر نه آهي. ڪتاب پڙهندڙن کي اپيل آهي ته هن بنده کي دعاءِ خير ۽ مغفرت سان ياد ڪن ۽ برخوردار عمردراز عبدالعظيم جي حق ۾ دعاءِ اقبال مندي ۽ عمردرازي جي گهرن.(22)

مصنف پاران مٿين عبارت لکڻ کان پوءِ بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص انهيءَ آخري عبارت جي هيٺيان مصنف ڪتاب محمد عالم سومري جي وفات جي تاريخ جون هيٺيون ٻه سٽون لکي ڇڏيون آهن:

تاريخ وفات ميان محمد عالم سومرو

13 ذوالحج 1409هه / 28 جولاءِ 1988ع. (23)

آخر ۾ تقابل طور مولوي عبيدالله ’شائق‘جي ڪتاب ”دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت“ مان هڪ عنوان تحت لکيل چند سٽون هتي پيش ڪري پوءِ وري محمد عالم سومري جي ڪتاب ”دولت علويه جي مختصر تاريخ“ مان انهيءَ ساڳئي عنوان مان اُهي ساڳيون سٽون ڏئي رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي بخوبي معلوم ٿي وڃي ته انهن ٻنهي مذڪوره ڪتابن ۾ سمايل سمورو مواد ساڳيو ۽ هڪ جهڙو آهي ۽ انهيءَ مان اهو به معلوم ٿي ويندو ته محمد عالم سومري جو لکيل ڪتاب، مولوي عبيدالله ’شائق‘ جي لکيل ڪتاب جو اُتارو آهي ۽ قدري اختصار به آهي.

مولوي عبيدالله ’شائق‘ جي ڪتاب ”دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت“ جي صفحي 53 تي، ”سلطان عماد الدنيا والدين خفيف بن ڀونگر تاجدار ڇهون“ جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته ”امين الدوله سلطان فتح خان جي وفات کان پوءِ عماد الدنيا والدين جي خطاب سان سنڌ جي تخت جو مالڪ ٿيو. سندس تاجپوشي جي رسم سن 511هه بمطابق 1115ع فخرالبلاد ٺٽي ۾ نهايت شان شوڪت سان ملهائي ويئي.“

اِها ساڳي عبارت، ساڳي عنوان تحت، محمد عالم سومري پنهنجي ڪتاب ”دولت علويه جي مختصر تاريخ“ (قلمي) جي صفحي 13 تي به ساڳي طرح لکي آهي ته ”امين دوالدوله سلطان فتح خان جي وفات کان پوءِ سنڌ جي تخت جو هي مالڪ ٿيو. تاج پوشي جي رسم سنه 511هه مطابق 1115ع تي فخ البلاد ٺٽي ۾ نهايت شان شوڪت سان ٿي.

مطلب ته هن مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل ماخذن جي تقابلي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيو ته انهن جو سمورو مواد تقريباً ساڳيو ۽ هڪ جهڙو آهي. فرق صرف اهو آهي ته پهريون ماخذ ”گلزار سنڌ نادرات هند“ فارسي ۾ آهي باقي ٻئي سنڌي ۾ آهن. انهن سڀني جا لکندڙ سومرا ذات سان تعلق رکندڙ آهن. انهن ٽنهي جو مٿين ڪتاب لکڻ جو مقصد موقف ۽ ارادو به هڪ جهڙو آهي. يعني سنڌ جي سومرن حاڪمن کي عرب نسل مان يعني حضرت علي عليه السلام جو اولاد علوي ثابت ڪرڻ ۽ اهو ٻڌائڻ ته اهي اصلاً سنڌي نه آهن، بلڪ انهن جا وڏا عرب مان هتي سنڌ ۾ آيا. تنهن ڪري انهن اها به ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته، سنڌ جي تاريخ جي آڳاٽن لکيل ڪتابن ۾ سنڌ جي سومرن حاڪمن جا جيڪي اصلي سنڌي نالا ڄاڻايل آهن، انهن اصل سنڌي نالن سان گڏ انهن جا عربي ۽ اسلامي نالا لکيا وڃن ته جيئن پڙهندڙ اهو سمجهي سگهن ته سنڌ جا سومرا حاڪم اصل سنڌي نه بلڪ عرب نسل مان هئا.

حوالا:

1.      ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پهريون)، ڇاپو پهريون 2000ع خليل ڪتاب گهر رفيق مهيسر ضلع خيرپور صفحو 22.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رهاڻ هيرن کاڻ (ڀاڱو پهريون)، ڇاپو پهريون 2012ع ثقافت کاتو حڪومت سنڌ صفحو 31.

ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ، تڪملة التڪملة ڇاپو پهريون 2007ع آرٽس فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو. صفحو 350.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ ۾ فارسي شاعري ڪا آخري دؤر، ايڊيشن اول 2007ع، مقتدره قومي زبان پاڪستان اسلام آباد صفحو 350.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (مرتب) لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 28، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جو رزميه داستان دودو چنيسر (ڀاڱو ٻيو)، ڇاپو پهريون 1977ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1208.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (مرتب) لوڪ  ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 37، مشهور سنڌي قصا، عمر مارئي، ڇاپو پهريون 1983ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو صفحو 02 مقدمو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سومرن جو دؤر، ڇاپو پهريون1980ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو صفحو 182 ۽ 183.

2.     لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 28، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جو رزميه داستان دودو چنيسر، (ڀاڱو ٻيو)، صفحو 1208.

لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 37، مشهور سنڌي قصا عمر مارئي صفحو 02 مقدمو.

سومرن جو دؤرصفحو 182 ۽ 183.

3.     سومرن جو دؤر، صفحو 182 ۽ حاشيو صفحو 195 ۽ حاشيو صفحو 292.

4.     رهاڻ هيرن جي کاڻ، (جلد پهريون) صفحو 22.

رهاڻ هيرن کاڻ (ڀاڱو پهريون)، صفحو 31.

5.     تڪملة التڪملة صفحو 350 ۽ 351.

سنڌ ۾ فارسي شاعري ڪا آخري دؤر، تڪملة التڪملة صفحو 350 ۽ 351.

رهاڻ هيرن کاڻ، (جلد پهريون) صفحو 22.

رهاڻ هيرن کاڻ، (ڀاڱو پهريون) صفحو 31.

6.     ٽه ماهي مهراڻ نمبر 03، سال 1995ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 82، مقالو، فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما، از غلام محمد لاکو.

ناز سنائي (مرتب) سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، ڇاپو پهريون 1989ع سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد صفحو 164.

7.     ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 1-2/2008ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 64، مقالو، سومرا دؤر تي موجوده دؤر تائين ٿيل تحقيق. از ڊاڪٽر غلام محمد لاکو.

8.     ساڳيو، صفحو 64، ٽه ماهي مهراڻ نمبر 1، 1995ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 97 حاشيو.

9.     سومرن جو دؤر، صفحو 182 ۽ حاشيو صفحو 195 ۽ حاشيو صفحو 292.

رهاڻ هيرن کاڻ، (جلد پهريون) صفحو 22.

رهاڻ هيرن کاڻ، (ڀاڱو پهريون) صفحو 31.

ٽه ماهي مهراڻ نمبر 03، سال 1995ع صفحو 82.

10. ڏسو حوالو نمبر03، 04 ۽ 06.

11.      مولوي عبيدالله شائق، دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت، ڇاپو ٻيو 2003ع، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد صفحو 17.

12. ساڳيو ڇاپو ٻيو، صفحو 14 کان 16.

ساڳيو ڇاپو پهريون صفحو 02 کان 11.

13. تڪملة التڪملة صفحو 350.

سنڌ ۾ فارسي شاعري ڪا آخري دؤر، صفحو 350.

لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 37، مشهور سنڌي قصا عمر مارئي، صفحو 02 مقدمو.

رهاڻ هيرن کاڻ، (جلد پهريون) صفحو 22.

رهاڻ هيرن کاڻ، (ڀاڱو پهريون) صفحو 31.

لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 28، سنڌ جو رزميه داستان دودو چنيسر، (ڀاڱو ٻيو)، صفحو 1208.

ٽه ماهي مهراڻ نمبر 03، سال 1995ع صفحو 82.

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، صفحو 164.

14. ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 1-2/2008ع صفحو 64.

15. لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 28، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا رزميه داستان، دودو چنيسر، (ڀاڱو ٻيو) صفحو 1208.

لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 37، مشهور سنڌي قصا عمر مارئي صفحو 02 مقدمو.

ٽه ماهي مهراڻ نمبر 03/1995ع صفحو 82

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، صفحو 164

16. محمد عالم سومرو، دولت علويه جي مختصر تاريخ (قلمي) صفحو 40 کان 52.

17. ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 1 سال 1995ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 96/97.

18. دولت علويه جي مختصر تاريخ، صفحو 02 ۽ 03.

19. دولت علويه يعني سومرن جي حڪومت (ڇاپو ٻيو) صفحو 119.

20.            ساڳيو صفحو 119.

دولت علويه جي مختصر تاريخ صفحو 37.

21. ساڳيو صفحو 37.

22.            ساڳيو صفحو 40 کان 52.

23.            ساڳيو صفحو 52.


 ٿر عبدالقادر منگي ص 32[1]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org