سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:16 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 

 

 

ڊاڪٽر اياز حسين قادري: علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو

]تحقيقي ۽ تنقيدي تناظر ۾[

 

ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج يا گهرجائو نه آهي. هُو هڪ عالم، بيباڪ سچار، کرو انسان، محبت ورهائيندڙ، نقاد، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

اياز صاحب تي ايترو ڪم نه ٿيو آهي، جيترو مٿس ٿيڻ کپندو هو. وري به جَس آهي اختر شاد سومري کي، جنهن مٿس ايم.اي جو مونوگراف لکيو. هي مونوگراف سيپٽمبر 2023ع ۾ ڇپيو آهي. هيءُ مونوگراف ڪل ڇهن بابن تي آڌاريل آهي، منجهس هرهڪ باب پنهنجي حساب سان چڱو چوکو پاڻ ۾ مواد سمائي ٿو. اختر شاد جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ادب جي ميدان تي ڇپجي نروار ٿيو آهي.

ڪتاب جي منڍ ۾ پبلشر جو نوٽ مرتضيٰ لغاريءَ لکيو آهي. ”اختر شاد ٻهڳڻو ليکڪ“ جي عنوان سان ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب لکيو آهي ۽ مختصر اختر شاد جي ڪم تي روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ ”پنهنجي پاران“ عنوان سان اختر شاد قلم آرائي ڪئي آهي. ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي سوانح عمري ۽ ان سان لاڳاپيل عنوان ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون جي عنوان سان هيءُ باب لکيو ويو آهي ۽ اياز صاحب جي علمي ادبي خدمتن ۽ ٻين ڳچ موضوعن تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت، شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ کان سواءِ سنڌي ادبي ڪانفرنس جو احوال درج ٿيل آهي ۽ انهن ۾ اياز قادري صاحب جو ڪيترو حصو آهي ۽ ڪيترو پاڻ پتوڙيو اٿس. ڪتاب جو ٽيون باب ”ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي ڪتابن جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ جو عنوان آهي، جنھن ۾ اياز صاحب جي ڪتابن تي تحقيقي انداز سان اپٽار ڪيل آهي. باب چوٿون ”ڊاڪٽر اياز حسين قادري بحيثيت ڪهاڻيڪار“ آهي. هن باب ۾ اياز صاحب جي ڪهاڻين تي عالمانا ۽ طائرانا نظر وجهي منجهس ڪهاڻين ۾ آيل مختلف گوشا نروار ڪيا ويا آهن. باب پنجون ”ڊاڪٽر اياز حسين قادري عالمن ۽ اديبن جي نظر ۾“ آهي. هن باب ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن جا رايا شامل آهن. اهڙيءَ طرح هن ئي باب ۾ ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي علمي ادبي قد ڪاٺ ۽ شخصيت کي نکاريو ويو آهي.

باب ڇهون ”ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي شاعري“ تي مشتمل آهي. هن باب ۾ اياز صاحب جي حمد ۽ نعت کان وٺي نظم، غزل، وايون ۽ ڏوهيڙا درج ڪيا ويا آهن.

لاڙڪاڻو سنڌ جي سرزمين جو اهو خطو آهي، جيڪو علم و ادب، سياست، وڪالت، بادشاهت، صحافت ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن سان مالا مال آهي. گهڻي کان گهڻيون علمي ادبي ڪانفرنسون به لاڙڪاڻي جي حصي ۾ آيون. اهڙيءَ ريت پهرين ادبي ڪانفرنس به لاڙڪاڻي ۾ ڊسمبر 1921ع ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت جڳ مشهور اديب، شاعر ۽ عالم مرزا قليچ بيگ صاحب ڪئي. اها ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي. علمي ادبي حوالي سان قادري خاندان جو وڏو نالو آهي ۽ اهڙيون ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۾ به قادري خاندان جو وڏو هٿ نظر اچي ٿو.

ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي ڄمڻ جي تاريخ اختر شاد 19 جنوري 1926ع لکي آهي، پر آزاد قاضي ۽ عبدالستار ڀٽي سال 1927ع ڄاڻايو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر اياز صاحب پنهنجي مرتب ڪيل سمريءَ ۾ پنهنجي ڄمڻ جو سال 1927ع لکيو آهي، جنهن کي سَنَدَ طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته حاجي محمود خادم اياز صاحب جي ڄمڻ جو سن ”سروار بخشي اياز حسين“ مان 1926ع ڪڍيو آهي، جنهن جو ماده غلط آهي جڏهن انهيءَ فقري جو مُلُھ لهڻ لاءِ حساب ڪجي ٿو، ته عدد 1526 ٿو نڪري. هاڻي ڪٿي سن 1926ع ته ڪٿي سن 1526ع!! اها ايڏي وڏي سَهوَ حاجي محمود خادم کان ڪيئن سرزد ٿي. ٿي سگهي ٿو ته هن فقره سان گڏ ڪي ٻيا حرف به هوندا. ان بابت اختر سومرو لکي ٿو ته :

”ليکڪ عبدالستار ڀٽي ۽ آزاد قاضيءَ کان ڀُل ٿي آهي. هن سلسلي ۾ حاجي محمود خادم جي روايت وڌيڪ معتبر آهي ۽ اها ئي صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته حاجي محمود خادم ڊاڪٽر صاحب جن جي ڄمڻ جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ سندس روايت وڌيڪ وزندار آهي.“

اختر سومرو، عبدالستار ۽ آزاد قاضيءَ جي لکيل سال کي نه ٿو مڃي. بلڪه حاجي محمود خادم جي ماده تاريخ کي روايت سڏيندي وزندار ٿو سمجهي، ڇو ته حاجي محمود خادم کي ڊاڪٽر صاحب جي ڄمڻ جو اکين ڏٺو شاهد ٿو ڪوٺي. اختر شاد کي هن ماده تاريخ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپندو هو. اهڙي ريت انهيءَ فقره جي ملھ بابت ڪنھن ماهر اديب ۽ عالم کان پڇڻ کپندو هو ۽ اهڙي تصديق ڪري پوءِ ان سن کي وزندار سڏڻ کپندو هو. ايئن ڪرڻ سان ڊاڪٽر اياز صاحب جي ڄمڻ جي سال ۾ آيل مونجهارا دور ٿي وڃن ها. هاڻي ويتر ڊاڪٽر صاحب جي ڄمڻ جي سال کي سلجهائڻ بجاءِ الجهايو ويو آهي.

ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي والد صاحب جو به نالو اختيار نه ڪيو اٿائين، جڏهن ته سندس ڏاڏي ۽ ناني جو ذڪر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڏي جو به نالو غلط درج ڪيو اٿس. اياز صاحب شاعر ابن شاعر آهي. سندس والد ماجد جو نالو ميان غلام سرور فقير قادري آهي. پاڻ غزل جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ صاحب ديوان شاعر پڻ آهي. سندس ديوان ثقافت کاتي سنڌ  ”ديوان فقير“ جي نالي سان سال 2013ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو مرتب مرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ آهي. اهڙيءَ طرح فقير ميان غلام سرور قادريءَ جي ڪلام جو ڪو نمونو به پيش ڪري ها ته سندس تحقيق کي چار چنڊ لڳي وڃن ها. فقير غلام سرور قادريءَ جي ڪلام جون ٻه چار سِٽون نموني طور ڏجن ٿيون:

رازِ دل اغيار سان وائڻ، غلط، آهي غلط.

دل بزاري يار سان لائڻ، غلط، آهي غلط.

غير آخر غير رهندو پنهنجو ٿيندو غير ڪين

خار غيرن جي مٿي کائڻ، غلط، آهي غلط.

شوق جو رهبر نه جي همراھ آهي اي ’فقير‘

عشق جي منزل ۾ وک پائڻ، غلط، آهي غلط.

”ديوان فقير“ ۾ لکيل آهي ته، غلام سرور قادريءَ جي والد صاحب جو نالو نور محمد قادري آهي. انهيءَ حساب سان ڊاڪٽر اياز صاحب جو ڏاڏو نورمحمد آهي. جڏھن ته اختر شاد، ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڏي جو نالو غلام محمد گدا لکيو آهي، جيڪو صاحبِ ديوان شاعر پڻ هو. سندس ديوان اڄ تائين اشاعت هيٺ نه آيو آهي. پر غلام محمد گدا به غلام سرور فقير قادريءَ جو ڏاڏو نه آهي ته غلام محمد گدا، ڊاڪٽر اياز حسين جو ڏاڏو ڪيئن ٿيو!! فقير غلام سرور جي ڏاڏي جو نالو فقير محمد صالح آهي، جيڪو پڻ سٺو شاعر هو. تحقيق مان واضح ٿيو ته، ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي ڏاڏي جو نالو نور محمد آهي، نه ڪي غلام محمد گدا! غلام محمد گدا کي ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو ڏاڏو ٺهرائڻ ڪهڙي تحقيق چئبي. جڏهن ته اياز صاحب جي ڏاڏي جو نالو نورمحمد ۽ پڙڏاڏي جو نالو محمد صالح آهي. غلام محمد گدا، محمد صالح جو پٽ آهي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته :

”غلام محمد گدا جي والد جو نالو ميان محمد صالح هو، جيڪو ذات جو مڱڻيجو هو. بعد ۾ هيءُ خاندان پاڻ کي قادري سڏائڻ لڳو، جيڪو اڄ تائين قادريءَ جي نالي سان مشهور و معروف آهي. ميان غلام محمد گدا 23 رمضان المبارڪ 1246هجري مطابق 1828ع تي ڄائو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن تي مهارت رکندڙ هو. سندس فارسي ديوان ”ديوانِ گدا“ جي نالي سان ليٿو ۾ ڇپيو. سنڌيءَ ۾ به ديوان تيار ڪيائين. ”شيرين خسرو“ نالي سرائڪيءَ ۾ طويل مثنوي لکيائين، جنھن ۾ لاڙڪاڻي جو احوال به ملي ٿو. پاڻ 1892ع ڌاري وفات ڪيائين.“ (لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو ص 422).

بغير ڪنهن سوچ ويچار ۽ تحقيق ۽ پڇا ڳاڇا جي لکي ڇڏڻ ته فلاڻو فلاڻي جو ڏاڏو هو. ايئن ئي تاريخ جو ورجاءُ هلندو ٿو اچي ۽ تاريخ مسخ ٿيندي ٿي رهي.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن خاندان پاڻ کي قادري ڪهڙيءَ نسبت سان  سڏرايو، جڏهن ته سندن ذات مڱڻيجو آهي، يا حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي عقيدت ڪري قادري سڏجڻ ۾ آيا. يا وري قادري طريقو اختيار ڪندي قادري سڏايائون. ان سلسلي ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو“ ۾ ميمڻ عبدالغفور سنڌي هن ريت روشني وجهي ٿو :

”هيءُ بزرگ، (محمد صالح) درازي درويش سچل سرمست جي چاچي ميان عبدالحق ولد ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو مريد هو. درازي درويش جو سلسلو ”قادري“ رهيو آهي؛ انهيءَ ڪري عقيدت وچان هن خاندان پاڻ کي ”قادري“ سڏيو.“ (ص 282)

اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قادري مشهور ٿيو ۽ سندن ذات ”مڱڻيجو“ تي ”قادري“ حاوي ٿي ويو، جنھنڪري هيءُ خاندان قادري سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ تائين قادري مشهور و معروف ٿي ويو.

 علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جا قادري خاندان سان تمام ويجهي کان ويجها ۽ دوستاڻا تعلقات هئا، جنهنڪري فقير غلام سرور جي وفات جو سال علامه تارڪ هن طرح لکيو آهي :

لڏي ويو مشفق مسٽر غلام سرور هاءِ

ڇڏي ويو بزم سخن غم ۾ پنهنجي رحلت تي

سندس وفات جو سن ”پايهء فضيلت بود“ 1351

هجي مقيم الاهي بهشتي  نعمت تي.

اهڙيءَ طرح ميان علي محمد قادري به هڪ فارسي غزل ميان غلام سرور جي وفات تي لکيو آهي. ان ۾ جنھن لفظ مان ماده تاريخ جو انگ نروار ٿئي ٿو، اهو آهي ”مرغوب زمانه“، جنهن جي قيمت آهي 1351. هن مان ظاهر آهي ته فقير غلام سرور 1351 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. جڏھن ته عيسوي سن 1932ع بيهي ٿو.

علامه تارڪ ڪيتريون ئي ماده تاريخون لکيون آهن، جن کي هن بندي (راقم) سهيڙي ڪتابي صورت ڏني آهي پر هيءُ ڪتاب اڃا تائين اڻ ڇپيل حالت ۾ آهي. هن مذڪور ڪتاب ۾ اسلامي، ديني، ادبي ۽ علمي شخصيتن وغيره بابت تاريخون ملن ٿيون. علامه تارڪ جيڪي تاريخي ماده لکيا آهن، تن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ، سندن اولاد، ازواج مطهرات، خلفاءِ راشدين، ٻارهن امام، مجتهد، صحابه ڪرام، قادري، نقشبندي  چشتي ۽ سهروردي سلسلي جي نامور هستين ۽ شخصيتن، سنڌي اولياءِ ڪرام، علماء، اديبن ۽ شاعرن جي ولادت ۽ وفات جون تاريخون شامل آهن. انهن کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي شخصيتن جا ماده تاريخ ڪڍيا اٿس.

جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته علامه محمد هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ جا قادري خاندان سان گَهَرا ۽ گهاٽا مراسم هئا، جڏهن ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي طوهر سنت جو وقت آيو ته سندس طوهر سنت تي علامه نجفي ’تارڪ‘ هن ريت ماده تاريخ چئي، جنهن مان سن 1345 هجري نڪري ٿو :

قطع تاريخ ختنه برخوردار اياز حسين ولد ميان غلام سرور فقير قادري لاڙڪاڻوي.

اياز حسين  ہووے ختنہ مبارک

ميرے نازنين ہووے  ختنہ مبارک

تیرا بخت بالا ترا عز اعلیٰ

اے زهره جبين ہووے  ختنہ مبارک

تيرے باپ چچا  اقارب عزيزون

کو يہ دلنشين ہووے   ختنہ مبارک

جو شادی کی محفل ميں احباب ہون جمع

انهون  کو یہی ہووے   ختنہ مبارک

جو پوچها سن جشنِ ختنہ کا تارک‘

کہا نکتہ چين ہووے  ختنہ مبارک

           1345

ڊاڪٽر اياز حسين قادري هڪ برجستو، پڪو پختو شاعر، اديب ۽ عالم آهي. هن جو هڪ ڪتاب ”بلو دادا“ ئي ڪافي آهي، جيڪو سندس تحقيقي مقالن وانگر خوب سِڪون لاهي ٿو. اياز صاحب علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ پي.ايڇ.ڊي ڪئي، سندس تحقيقي مقالو ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي نالي سان نهايت شاندار ۽ معياري آهي. اختر شاد ”سنڌي غزل جي اوسر“ بابت لکي ٿو :

”ڊاڪٽر اياز قادري هن ڪتاب ۾ غزل جي اوسر کي مختلف دؤرن ۾ ورهائي تاريخ بيان ڪئي آهي. تاريخ جا دؤر به ادبي حوالي سان مقرر ڪيا اٿس ته ڪي سياسي، سماجي حوالي سان، جيئن ٻين ادبي تاريخن ۾ بيان ٿيل هوندو آهي. غزل جي اوسر بيان ڪري انهن شاعرن جون سوانح عمريون به آنديون اٿس. ڪل 164 شاعرن جون منجهس سوانح عمريون ۽ سندن چونڊ ڪلام آهن. منجهس ڪيترائي شاعر اهڙا آهن، جن جو هن ڪتاب کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ذڪر نه ٿو ملي يا ايئن کڻي چئجي ته قلمي بياضن ۾ دفن هئا. ڊاڪٽر اياز قادري وڏي جستجو ۽ جاکوڙ سان اهي دفن ٿيل خزانا کولي تفصيل گڏ ڪيا ۽ انهن کي سوڌي ۽ سموئي هن ٿيسز جي صورت ۾ پيش ڪيو.“

ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي تحقيقي مقالي بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن طرح لکي ٿو ته:

ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي اوسر“ سنڌي ادبي تاريخ جي نظم واري حصي کي ”شعرالعجم“ جهڙي حيثيت ۽ مقام ڏيئي سگهجي ٿو. اياز قادري نه رڳو محقق ۽ لائق استاد هو، پر سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي ادب ۾ پڻ سندس نالو وڏي اهميت وارو نالو آهي.“

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي باري ۾ هن طرح رقم طراز آهي :

”تحقيق جي ميدان ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ جهڙو ضخيم ڪتاب لکي سنڌيءَ جي تحقيق جي ميدان ۾ اهڙي روايت قائم ڪيائين، جو ڪيترن ئي محققن لاءِ واٽ جي لاٽ بڻجي پيو ۽ بنيادي ماخذن ۾ ليکيو وڃي ٿو.“

ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي باري ۾ پنجون نمبر باب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اياز صاحب بابت عالمن ۽ اديبن جا رايا ۽ تاثرات درج ٿيل آهن، جن  ڊاڪٽر اياز جي شخصيت ۽ سندس ڪم تي خوب روشني وڌي آهي. انهن رايَن مان ڪجھ سٽون نقل ڪجن ٿيون. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر اياز قادري شاعر، نقاد، محقق ۽ افسانا نويس هو. هن جا افسانا پنجاھ واري ڏهاڪي دوران ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ ڇپيا. ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن سندس شخصيت تي افسانا لکيا جن ۾ جمال ابڙو ۽ غلام رباني آگرو به شامل آهن.“

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو لکي ٿو ته:

”ادب جي ميدان ۾ لاڙڪاڻي جو قادري خاندان هڪ ڦلواڙيءَ مثل آهي، جنهن ۾ طرحين طرحين ۽ قسمين قسمين گل خوشبوءِ ڏيندي پسجن ٿا. انهيءَ ڦلواڙيءَ جو گل ڊاڪٽر اياز حسين قادري آهي، جيڪو ادب جي ميدان ۾ اياز قادريءَ جي نالي سان مشهور آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. هُو شاعر به هو ته ڪهاڻيڪار به هو. محقق به هو ته سٺو نقاد به هو. سچل شناس به هو ته لطيف شناس به هو. پاڻ هر ميدان ۾ ملهايائين.“

ڊاڪٽر اياز صاحب جي متعلق سخي قبول محمد (سجاده نشين درازا درگاھ) هن ريت ويچار ونڊي ٿو ته:

”منهنجي ڊاڪٽر اياز قادريءَ سان تمام گهڻي محبت ۽ رفاقت رهي. مون کي پي.ايڇ ڊيءَ جو فخر نه آهي. مون کي فخر اهو آهي، ته آئون سندس شاگرد هئس. سائين اياز قادريءَ جي شخصيت جو هڪ پنهنجو ڪمال هو. حقيقت اها آهي ته درگاھ درازا جو گادي نشين وري قادري خاندان جي گادي نشين جو شاگرد ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽري ڪرڻ واري عرصي ۾ آئون کيس پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ۽ هُو وري هڪ مريد هئڻ واريءَ حيثيت ۾ مون کي پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

قادري خاندان جون ادبي حوالي سان يا روحاني حوالي سان ڪيل خدمتون بي مثال آهن. مون ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي انتهائي ويجهو ۽ عقيدت واري انداز سان ڏٺو آهي. آئون سائين اياز قادريءَ جي فقيري واري خاصيت کان تمام گهڻو متاثر هئس ۽ اها خاصيت قادري خاندان جي سمورن فردن ۾ موجود آهي.“

پروفيسر اياز حسين قادريءَ جي ولادت تي لکيو ويو آهي، پر سندس وفات جي تاريخ يا سال نه ڏنو ويو آهي. قادري صاحب 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين عهدي تي رهيو. اردو، سنڌي ۽ فارسي ٻولين تي مهارت رکندو هو. سنڌي ادبي سنگت جو ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو. هو سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن مان هڪ هو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو. ميڪسم گورڪيءَ جي مشهور ناول ”آتم ڪهاڻي“
جا ٻه جلد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. ان کان علاوه
’جي.الانا‘ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”مٽيءَ لڌو مانُ“ ۽ ”پَرين جون ڪهاڻيون“ ۽ ”عشقيه داستان“ وغيره به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15- ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. اختر شاد صاحب کي قادري صاحب جي وفات متعلق به لکڻ کپي ها.

طوالت جي لحاظ کان قلم کي بند ڪريان ٿو، جن ٻين اديبن ۽ عالمن ڊاڪٽر اياز قادريءَ بابت ويچار ونڊيا آهن انهن ۾ علي احمد بروهي، جمال ابڙو، محمد علي پٺاڻ ۽ عبدالستار ڀٽي آهن. هنن به ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ علمي ادبي حوالي سان چڱن خيالن جي اپٽار ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب گهڻ پاسائين شخصيت رهيو آهي، جيڪو اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي پنهنجي لکڻين، ڪتابن ۽ ڪهاڻين ذريعي راڄ ڪري ٿو. پر هيءُ زير نظر ڪتاب ڊاڪٽر اياز حسين قادري متعلق اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ٿئي ٿو.

 

بادل جمالي

 

 

 

”منهنجو ڏک“ ڪَوِتا ناول تي تبصرو

 

”منھنجو ڏک“ جي نالي سان ڪَوِتا ناول جو سرجڻھار محترم محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو هڪ انتھائي محنتي، اورچ ۽ يگانو ڪردار آهي. لکڻ ۽ لکندو رھڻ، ھن جي زندگيءَ جو ”موٽِوِ“ آهي. ھن جي قلم کي، ساھَه کڻڻ جيتري مھلت به نه ٿي ملي. ڪڏهن ڏِسُ ته غزل جي قافيي، رديف ۾ لڳو پيو آهي. ڪڏهن ڏِسُ ته ڪھاڻيءَ جي ڪردارن سان جهيڙي پيو. ڪڏهن ڏِسُ ته ڪنھن ڪتاب جو مھاڳ پيو لکي. ڪڏهن ڪنھن ناول جا باب پيو ترتيب ڏئي. ڪڏهن ڏوڪريءَ مان پيو ڳالهائي ته ڪڏھن لاڙڪاڻي مان. ڪڏهن ٿر جي مِٺي ۽ عمرڪوٽ مان پيو رابطو ڪري ته ڪڏهن لطيف سائينءَ جي نگري ڀٽ شاھه کان.

ھڪ بيچين روح آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ جهاڳي، ان جا نظارا، وستيون ۽ واھڻ ۽ انهن جا معاملا قلمبند پيو ڪري. ھن کي ادب ۾ لکڻ سان گڏ نوان نوان تجربا ڪرڻ جو جُنونَ جي حد تائين شوق آهي. طويل نظم ”وقت بيھي نٿو“ لکڻ شروع ڪيائين، ته ھڪ نظم ۾ پورو ڪتاب لکي ويو. مختصر ڪھاڻي ”سؤ لفظن“ ۾ لکيائين ته، ان جون به سؤ ڪھاڻيون مڪمل ڪري، ڪتاب ڇپرايائين. وري جو ”ھڪ سِٽَ“ واري ڪھاڻيءَ جو تجربو ڪيائين ته، ان کي به لڳو پيو آهي. خدا ڄاڻي ڇيھُ ڪٿي ڪندو.

ڪافي وقت اڳ، گفتگوءَ دوران ٻڌايو ھُئائين ته :

”انور پيرزادي جي يادگيرين تي ڪَوِتا ناول لکڻ شروع ڪيو اٿم. دعا ڪَرِ ته پورو ڪيان.“

دعا ته ڏني مانس، پر دل ۾ چيم، ته عجيب جُنوني ماڻهو آهي. دوست جون يادگيريون ’نثر‘ ۾ به سولائيءَ سان لکي پيو سگهي. ھروڀرو ان کي
”ڪَوِتا“۾ آڻي، پاڻ کي جهنجهٽ ۾ وجهي پيو... ان بعد وچ وچ ۾ ڪڏهن ٻڌائيندو به ھو، ته ھُو ان ڪم کي کنيو پيو اچي... پر ان کان علاوه ھُو پنھنجا لکڻ پڙهڻ وارا ٻيا ڪم به باقائدگيءَ سان ڪندو رهندو هو. ان ڪري ھر ٻئي ٽئين مھيني ھُن جا ھڪ ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا رھندا ھئا.

انور پيرزادي سان محمد عليءَ جون ٻَٽيھَ نه ڇَٽيھَ دليون ھُيون. انور ھن جو وڏو ڀاءُ به ھو، ته چاچو ۽ مامو به. يارُ، دوست به ھو، ته پيرُ مرشد به. ھن جي زندگيءَ ۾ ٽي اھم شخصيتون اثر رکنديون ھُيون. جن مان انور کي اوليت حاصل ھُئي. ان بعد رزاق مھر، جيڪو ھن جي ٻالجتيءَ جو يارُ ھو. ان بعد بزرگ دوست سوڀو گيانچنداڻي. انور ۽ محمد عليءَ جي تربيت ڪئي. کيس با اصول زندگي گذارڻ جا ”گُرَ“ سيکاريا. باقي رزاق مھر سان ته ھر وقت ننڍي ڀاءُ جيان گڏ نظر ايندو هو.

ڪمال ته اھو آھي، مٿين ٽنھي شخصيتن لاءِ ھنن جي زندگيءَ ۾ ھن وٽ جيڪو ادب ۽ احترام ھو، انهن جي موڪلاڻيءَ کان پوءِ به ڪا ڪمي ڪا نه آئي. حالانڪ دنيا ڇڏڻ وارن عزيز ترين انسانن جي خود سندن گهر وارن وٽ به اھا ڪشش باقي نه ٿي رهي. جيڪا زندگيءَ ۾ انهن لاءِ ھوندي آھي.

محمد عليءَ جي ڪتابن جو تعداد ٽيھن کان مٿي پھچي چڪو آهي، پر سندس ھي ڪتاب ”منھنجو ڏک“ پنھنجي نوعيت جو ھڪ انتھائي انوکو ڪتاب آهي، جنھن جو ڇپجڻ کان اڳ ئي پڙھندڙن کي انتظار ھو. اھو ڪتاب رڳو ”ڪَوِتا ناول“ ڪونهي، بلڪه ”سوانحي ڪَوِتا ناول“ آهي. يعني انور صاحب جي زندگيءَ جي سکن، ڏکن، اندرين ٻاھرين واقعن کي ھن ”منظوم“ انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو ڏکيو ڪم آهي، پر سچ پچ ته تمام ڏکيو ڪم آهي.

ھن ”ڪَوِتا ناول“ جو مھاڳ، ڪھاڻيڪار محترم طارق قريشيءَ تمام گهڻي دلچسپي ۽ محبت سان لکيو آهي.

طارق قريشيءَ جو نالو ته ٻڌل ۽ سندس ڪھاڻيون پڙھيل ھيون. پر ھن سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي ھئي، نه وري مون وٽ ھن بابت سواءِ ڪھاڻيڪار جي ڪا وڏي معلومات ھئي. سندس لکيل مھاڳ پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو، ته ھو پنھنجي ڪم سان ڪيڏو نه سنسيئر آهي! ناول تي لکندي ڪٿي ڪٿي ته ھو ايڏو ”اِنوالوِ“ ٿي ويو آهي، ڄڻ ته ناول محمد عليءَ جو نه، بلڪه سندس ئي لکيل آهي. اھڙي انوالوِمينٽ ٿورن ماڻهن ۾ ھوندي آھي.

ھڪ ھنڌ طارق لکي ٿو :

”ھي ناول ناهي، ڪيترن ئي عذابن جو اڪائونٽ آهي. جنھن جي اپٽار ڪندي، اکڙين مان لڙڪ وھي ھلن ٿا.“

۽ پڪ سان چئي سگھجي ٿو، ته اھي جملا لکندي طارق جا لڙڪ به لڙي پيا ھوندا. ھو ٻئي ھنڌ لکي ٿو :

”محمد علي پٺاڻ جي لکيل ھن منظوم سوانحي ناول ۾ شاعريءَ جو انداز ڏسجي ته اھو ”ويڻ“ ڏيئي، اوسارا ڪرڻ ۽ پارَ ڪڍڻ واري انداز ۾ سوڳ جو اظھار آهي. مائرون پنھنجي جوان پٽن جي ڪُمھلي موت تي، يا وَنيون پنھنجي سُھاڳ جي وڇوڙن تي، المناڪ انداز ۾ آه و فغان ڪنديون آهن، انهيءَ انداز ۾ ھن ناول ۾ انور پيرزادي جي وڇوڙي تي اوسارا ڪيل آهن. ويڻ ڏيئي پارَ ڪڍيا ويا آهن. ھي انداز، اندر ۾ وڇڙي ويل جي ياد کي ھميشه تازو رکندو آهي.

مھاڳ کان پوءِ پيش لفظ ڏنل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ، نقاد، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جو لکيل آهي. مھراڻي صاحب وڏي جاکوڙ ڪري دنيا ۾ جيڪي ”ڪَوِتا ناول“ يا ”سوانحي ناول“ ڇپيا آھن، انهن جا حوالا ڏنا آهن. جيڪا واقعي ھڪ محنت طلب ڪاوش آهي.

”ڪَوِتا ناول“ بابت اسان جي مانواري ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جي اڌ صفحي تي مختصر راءِ ڏنل آهي، جيڪا پڻ پنھنجي جاءِ تي وڏو وزن رکي ٿي. اديءَ لکيو آهي :

”سؤ صفحن کان وڌيڪ ھن ناول ۾ انور پيرزادي جي حياتيءَ کي سموھڻ، ڪو سولو ڪم ته ناهي. جتي محمد علي پٺاڻ جي من گهُريي دوست جي جدائي ھڪ الميو آهي، اتي وري پٺاڻ صاحب جي تخليقي ھنر انور پيرزادي جي حياتيءَ کي ڄڻ دوام بخشيو آهي.“

”ڪَوِتا ناول“ تي نوجوان ليکڪ علي بخش پٺاڻ پڻ پنھنجي جذبن جو اظھار ڪيو آهي. علي بخش پٺاڻ، محمد عليءَ جو ”ادبي ٻچڙو“ آهي. جنھن جي ھو تمام پيار محبت سان پرورش ڪري پيو. علي بخش لکي ٿو :

”انور پيرزادي سان گهاريل گھڙين کي محمد عليءَ اھڙي پيرائي سان پويو آهي، جيئن تسبيح ۾ مڻيا پويل ھوندا آھن. وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي ڳالهه/يادگيريءَ کي به نظرانداز ناھي ڪيو. ۽ انور پيرزادي جي سوانح جي حوالي سان جيڪا به ننڍي وڏي معلومات، جتان به ممڪن ٿي سگهي، سا محمد علي پٺاڻ حاصل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.

انور جي پيدائش کان وٺي آخري گهڙين تائين ھن جيڪا به جدوجھد ڪئي، سک ڏٺا، ڏک ڏٺا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ڏٺيون، تن کي ليکڪ اھڙي انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي، ڄڻ اھو سڀ ڪجهه انور مرحوم پاڻ پنھنجن ھٿن سان لکيو ھُجي! ان سڄي ڪھاڻيءَ جو چشم ديد گواھ ته محمد علي پٺاڻ آهي، پر ان کان علاوه انور بابت ھن جي گهر ڀاتين ۽ ٻين جا تاثر به ھن ڪمال ڪاريگريءَ سان قلمبند ڪيا آهن.

انور جي دوستن ۾ بزرگن جو ھن سان رويو، تعاون ۽ پنھنجائپ واري رشتي کي به ھن پوري ديانتداريءَ سان ڪاغذ تي اوتيو آهي. جنھن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، امر جليل، سراج الحق ميمڻ، قربان پيرزادو ۽ ٻيا به ڪيترائي مانوارا دوست شامل آهن.

انور جيئن ته ھڪ زبردست ڪميٽيڊ قسم جو شاعر ھو، ان ڪري بيان جي لحاظ سان ھن سندس شاعريءَ مان به چونڊ ڪري اُھي حصا شامل ڪيا آهن. خاص طور تي انور جي گهر جي مسڪيني حالت، والد جي بيماري، اُن جي موڪلاڻي بابت ھن جيڪو نظم لکيو، سو ته پڙھڻ واري کي به روئاري ٿو ڇڏي:

زندگي ھڪ آپريشن ٿئيٽر

پست ۽ ھيڻن ٽنگن وارو سوار،

ٿڙڪندڙ ۽ ٿاٻا کائيندڙ

سوار جون جوڙي ٽنگون

زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ ۾ جُٽيل

جنھن تي ھڪڙي زال

۽ ٻارن جو ميڙ

بک رڌڻ جون ديڳڙيون

۽ اڃ ڀرڻ جا خالي ٿانوَ

سيءَ لڳڻ واريون رِلهيون

۽ اُٻَ ڪڍڻ وارا پکا

پاڪ ۽ پوِتر بدن کي

وائکو ڪندڙ لٽا

ھارَ ۽ سينگارَ لئه

دَڳَ جي مِٽي

تڙ ڪرڻ لئه

اڀ ۾ گجگوڙَ ۽ کنوڻيون

مٿان وسندو اچي

وڏ ڦڙي سان گڏ

چڻي جيڏو ڳڙو-

ٻارڙن جي سُڏڪڙن جا لوڪ گيت

زال جي پارن ڪڍڻ جا

سھرا لاڏا

سُر سنگيت

رت سُڪل، لاچار ۽ بيمار

انهيءَ سوار جون

زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ ۾ جُٽيل

پست ۽ ھِيڻيون ٽنگون

جن جي گوڏن مان

سُڪي ويو آهي تيل-

خشڪ ڦيٿن وانگيان

چيڪاٽ ڪنديون ٿيون وڌن،

اڳتي جتي وڻراھ ناھ،

سڃ آهي، بک آهي

اڃ آھ

پيٽ ۾ ولهوٽ،

اکين ۾ ڦلا،

رت ڳڙيون ۽ جسم تي

ناسور جا بي انت سورَ

سلهه، تپ ۽ رت-وھڪ

خون جون گرڙيون،

حياتي موت جي اکٻوٽ راند

زندگيءَ جي بيل گاڏي،

مسئلن جي گپ چڪ،

حالتن جي واچ مينھن ۽

خواھشن جي قتل گاھن مان رڙھي

بک جي جهوليءَ منجهان،

اڃ جي جهاڪن مٿان

وقت جي ظلمن جي مُنھن ۾

چيڪندي اڳتي وڌي ۽

زندگيءَ جي آپريشن ٿئيٽر ۾

گپجي پئي-

زندگيءَ جي بيل گاڏي جونءَ پير،

منزلون اڻ کٽ

۽ نسلن جون وکون

زندگيءَ جي شاھراھ ڏاڍي ڊگهي،

ٿي ھڻي تاريخ جنھن تي

ويڪريون ٻٽيون ٻرانگهون

ارتقا جون، سچ جون ۽ رت جون،

تنھن تي اڄ،

ماڻهپو:

بيمار ۽ لاچار روح،

زندگيءَ جي بيل گاڏي

گِھِلي گِھِلي-

زندگيءَ جي آپريشن ٿئيٽر ۾

ٿڪجي پيو آهي ڪري-

ڊاڪٽر،

تاريخ جا نابين روح،

جن کي نفرت مان ڀٽائيءَ

ھو سڏيو،

انڌا اونڌا ويڄ...“

ھن طويل نثري نظم ۾، شاعر ھر سِٽَ کان پوءِ ”ڪاما“ جو استعمال ڪري، بيان کي اڳتي وڌايو آهي ”فل اسٽاپ“ جو استعمال ڪٿي ڪٿي ڪيو آهي.

تقريبن سؤ صفحن جي ڊگهي نظم ۾ ڪٿي به ائين نٿو لڳي، ته ھن پنھنجي دلچسپي گهٽائي ڇڏي ھجي. اول کان آخر تائين ھن جو قلم ساڳي ئي جنون ۾ نظر ٿو اچي.

محمد علي پٺاڻ جي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ھڪ وڏي نانءَ، انور پيرزادي کي سندس ھيءَ ڀيٽا، ھڪ يادگار ۽ منفرد ڪوشش آهي. جيڪا يقينن ھڪ وڏي عرصي تائين پڙھندڙن کي ياد رھندي. ڪتاب جي پڄاڻي انور جي زندگيءَ جي وچ تي ڪئي وئي آهي. سندس زندگيءَ جو باقي رهيل حصو به ساڳي طرح قلمبند ٿيڻ گهرجي، ته جيئن سندس احوال مڪمل ٿي سگهي. اميد ته محمد علي پٺاڻ ان کي ضرور مڪمل ڪندو.

ڪتاب جو ٽائيٽل ڪپتان ابڙي ڊزائن ڪيو آهي ۽ ڪمپوزنگ علي بخش پٺاڻ جي ڪيل آهي. قيمت چار سؤ رپيا اٿس.

ھي خوبصورت ڪتاب ڪونج اڪيڊمي/ پيڪاڪ پبلشرس پاران ڇپرايو ويو آهي. صفحا ھڪ سؤ اُڻويھَ ۽ ارپنا محترم منظور مارفاڻيءَ جي نالي ڪيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org