سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:7 

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

 

 

 

ٿر، هڪ تعارف

 

1.      ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، ممبئي يونيورسٽي، 2003ع، ص 60.

2.     طارق اشرف: ”مونولاگ“، ماهوار سهڻي، 1971ع.

3.     شورو، مشتاق: ”گيدي پڻي سان ڀريل جيون“
 (ڪهاڻي)، سهڻي ڌرتي پبلشنگ هائوس، حيدرآباد 1978ع.

4.     سنڌي، مدد علي: ”کنڊر“ (ڪهاڻي)، ”دل اندر درياهه“ نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1980ع.

5.     چانڊيو، جامي، افسانوي ۽ فڪري ادب، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع.

6.     وينا شرنگي: ”منهنجا معصوم سڄڻ“، پروميلا پبليڪيشن اِندرپوري، نئي دهلي، 1989ع .

ٿر جو بڻ بنياد:

لفظ ’ٿر‘ جي لفظي معنيٰ تي هن وقت تائين ڪا حتمي راءِ جڙي نه سگهي آهي. اڪثر محقق انهيءَ راءِ جا آهن ته: سنسڪرت ٻوليءَ جو  لفظ ’سٿل‘ بگڙي
’ٿل‘ ٿيو ۽ ’ٿل‘ مان ٿر لفظ جنم ورتو. ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته ڪاڙهيل کير جي ٿڌي ٿيڻ سان ملائيءَ جي ٺهندڙ تهه کي به ’ٿر‘ چئبو آهي. ’ٿر‘ لفظ ان تان ورتو ويو آهي. ٿر جو علائقو ٿل ۽ راجپوتانا جي وچ ۾، کير جي ملائيءَ جهڙو آهي.

 دنيا جي وڏن ريگستانن ۾ صحارا، اولهه جو ريگستان، عربي ريگستان، ڪالاهاري، نارنب، گوبي جو رڻ، ڪُزل ڪم، دشتي ڪبر، وڏو وڪٽوريا، ڪولوريڊو، وڏوبسين، آسٽريليا جو ريگستان، سونوران، ڪراڪُم ۽ ٻيا شامل آهن. انهن جي جوڙ ۾ سترهين نمبر تي ننڍي کنڊ جو وڏو ريگستان اچي ٿو. ساوڪ جي حوالي سان، هيءُ دنيا جو نائون نمبر ۽ آباديءَ جي حوالي سان پهريون نمبر، آباد ۽ سائو ريگستان آهي، جنهن کي سڀ کان پهرين مال چاريندڙ ’مارو‘ قبيلن آباد ڪيو. ان جي ڪري دنيا جي هن سائي ريگستان تي ’مارو سٿل‘ يا ’مرو سٿل‘ جو نالو پيو.[1] جنهن جو مطلب آهي، ته مارو ماڻهن جي آباديءَ وارو خشڪ علائقو.

   وقت گذرڻ سان زمين جي بيهڪ، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ڀر وارن ڀاڱن سان لڳ لاڳاپن جي بنياد تي، ’مارو سٿل‘ جو ماڳ ٻن مکيه حصن ۾ ورهائجي ويو. ’مارو‘ مان لفظ ’مارواڙ‘ ۽ ’سٿل‘ مان لفظ ’ٿل‘ جڙيو. ريگستان جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر فضل امام موجب انگريز جارج ٽامس 1801ع ۾ ’مارواڙ‘ جي ڀاڱي کي ’راجپوتانا‘ جونالوڏنو. 1818ع ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ ھن علائقي کي ’راجستان‘ لکيو، جيڪو نالو اڄ ڏينھن تائين ھلندو اچي[2]. رحيم يارخان کان وٺي پارڪر جي پٽن تائين، ڦهليل ريگستان ٽن ڀاڱن ’ٿل‘،
’چولستان‘ ۽ ’ٿر‘ تي مشتمل آهي. ٿل جو ذڪر ڪندي سرائيڪي شاعر چوي ٿو:

هوا ٿل دي مين تيڏي جي تُون صدقي،

مسافر دي ٿڪڙي لهي گئي هِن،

چيو وڃي ٿو ته ٿل، جل جو ضد آهي جل جي معنيٰ آهي پاڻي ۽ ٿل جي معنيٰ آهي خشڪ.. اردو ۾ ٻوڏ جي لاءِ محاورو آهي، ته ’جل ٿل ايڪ هوگئي.‘ ٿل يا ٿر هڪ لفظ جا ٻه لهجا آهن. نامياري صحافي ۽ ليکڪ خالد احمد لکيو آهي ته ’ٿل دڙن جي وچ ۾ هيٺائين زمين وارو علائقو آهي، ان ڪري ٿل چيو وڃي ٿو. تلا، ٿلا، ٿالا ٿل سان ملندڙ جلندڙ لفظ آهن. يوناني ٻوليءَ ۾ سمنڊ کي ٿلاسا ۽ لاطيني ۾ ماري Mare  چيو وڃي ٿو. لاطيني جو ماري پنجابي جي ’مارو‘ جي ويجهو آهي.‘[3]

 چولستان کي مقامي ٻوليءَ ۾ ’روهي‘ چيو وڃي ٿو. هڪ راءِ موجب چولستان ترڪي ٻوليءَ جي لفظ چول مان جُڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي واري. خواجه فريد پنهنجين ڪافين ۾ ’روهي‘ کي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آهي. چولستان ۾ دراوڙ جي قلعي کي ڏسي تاريخ جي سيني تي سورمن جي گهوڙن جي ٽاپولن جا نشان خيالن جي ڪينواس تي اُڀرن ٿا.

ٿر جي منفرد سڃاڻپ رهي آهي. زمين جي زرخيزي توڙي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ٿر جو خطو صدين کان وٺي ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ نمايان رهيو آهي. ٿر جي نسبت سان ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان کي ’ٿر جو ريگستان‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. ڍاٽ کان وٺي راجسٿان تائين سموري علائقي جي سماج کي، ’مارو سماج‘ سڏيو ويندو آهي. ننگرپارڪر کان وٺي گجرات جي گامن تائين، سماج کي ’گجر سماج‘ سڏيو ويندو آهي. مرڌر پوري ’مارو سماج‘ واري علائقي کي سڏيو ويو آهي يا رڳو ڍاٽ وارو علائقو آهي!؟ هڪ راءِ موجب ’مرڌر‘ مهراڻي وارو ڀاڱو آهي. هن ڏس ۾ تحقيق جي ضرورت آهي.

سار وکاڻان سنڌ ري، مونگ منڏور ڏيس،
جهيڻو ڪپڙو ماڙٻو، مڙد مرڌر ڏيس.

      (سنڌ جي سارين (چانور) جي ساراهه ڪريان، منڏور (مڏوهر) ڏيهه جا مڱ ڀليرا آهن، ماڙٻي جو  نفيس ڪپڙو ۽ مرڌر ڏيهه جا  مرد  سهڻا آهن)

آج گهٽا اُڻ ڏيس ۾ مرڌر ميهه،
پنک هوئي توو اڏ چلان، گهڙي ماهي گهريهه.

      (اڄ منهنجي ديس مرڌر تي گهنگهور گهٽائون وسي وهيون آهن، پر هجن ته اڏامي هڪ گهڙيءَ ۾ وڃي گهر (ڳوٺ) پهچان)

ٿر تي سوڍن جي صاحبيءَ دوران ٿر جي طبعي ڀاڱي ’ڍٽ‘ جي مکيه مرڪزي حيثيت هئڻ جي ڪري، پوري ٿر کي ڍاٽ پڻ سڏيو ويندو آهي. هنديءَ ۾ ’ڍ‘ ۽ ’گهه‘ جي صورتخطي ملندڙ جلندڙ آهي. ان ڪري ڍاٽ کي ڪجهه هندي ليکڪن ’گهاٽ‘ به لکيو آهي[4].  

     ٿر جي بڻ بنياد کي سمجهڻ جي لاءِ ارضياتي تاريخ جا پيرا کڻي، پري ڪيمبري، ڪريٽاسيوس، ايوسين، ڪواٽرنري دورن ۾ داخل ٿي معلوم ڪري سگهبو، ته ٿر جي واريءَ ۽ ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي جو وجود ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو آهي!؟ ’ٿر ڪول‘ جي کوٽائي دوران  ارضياتي ماهرن ’ريڊيو ميٽرڪ ڊيٽنگ‘ ذريعي مختلف رپورٽون تيار ڪيون آهن،[5]جيڪي ٿر جي ارضياتي تاريخ جوڙڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

اڪثر طور هيءَ راءِ ورجائي ويندي آهي، ته ننڍي کنڊ جو وڏو ريگستان هزارين ورهيه اڳ ۾ سمنڊ جي سيني مان ظاهر ٿيو. سڀ کان پهرين ڪارونجهر جي ٽڪري نڪري نروار ٿي هئي. علم بشريات جي ماهرن، انسان جي اوائلي ماڳن ۾ ايٿوپيا جي ’هدر‘ واري علائقي، هماليه جي ’شو رينج‘ ۽ سيوهڻ جي لڪيءَ واري جابلو پٽيءَ سان گڏ ٿر جي پهاڙي سلسلي ’ڪارونجهر‘ کي به شامل ڪيو آهي. اگروال ۽ ڪسو مگر ننڍي کنڊ جي جدا جدا حصن ۾ آرين جي اچڻ جي تاريخ ’ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ‘ جي ذريعي ڪڍي آهي ان ۾ وڏي ريگستان ۾ آرين جي اچڻ جو دور 800 ق م ڏنو ويو آهي.[6] هڪ راءِ موجب ان وقت وڏي ريگستان واري علائقي جو نالو ’سراسيا‘ هو.[7] 

تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي، ته ’رامائڻ واري زماني ۾ ڀلي نسل جا هاٿي ۽ گهوڙا ٿر جي ٻيلن مان ايوڌيا آندا ويا هئا، ان وقت سنڌ تي سورج ونسي حاڪم راڄ ڪندا هئا‘[8] جڏهن ته رامائڻ جو اڀياسي جائزو پيش ڪندڙ آچاريه والميڪي رامائڻ جي ’يڌ ڪانڍ‘ جي آڌار سمنڊ جي سيني مان، هن وارياسي خطي جي جُڙڻ جي ريت کي هڪ ڪهاڻي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ’ڌرُوماتوليا‘ جي ماڳ ۽ ’ورنا‘ نالي ڍنڍ جو تذڪرو آهي. ’ورنا ڍنڍ‘، ’مارو جو ريگستان‘ جي نالي سان مشهور ٿيو آهي.

    ٿر جي ناليواري محقق ۽ ڪهاڻيڪار حاجي محمد ڪنڀر پنهنجي هڪ ليک ۾، انگريزي ڪتاب ’قديم هندستان جي تاريخ‘ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ’537 ق م ڌاري ’سنڌو سووير‘ تي اودين نالي هڪ راجا راج ڪندو هو، جنهن جي قبضي هيٺ 363 شهر هوندا هئا. ان راجا جي راڻي ’پرڀاوتي‘ هوندي هئي، جيڪا جين مندر ۾ ڪنهن مورتيءَ جي پوڄا ڪندي هئي. اها مورتي وڏي شڪتيءَ واري هئي، جڏهن راڻي ’پرڀاوتي‘ گذاري ويئي، تڏهن انهي مورتيءَ جي شڪتي ’پرڀاوتيءَ‘ جي روپ ۾ ظاهر ٿي هئي. هڪ ڏينهن راجا ’سنڌو سووير‘ کان ’اونتي‘
واپس ورڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. ان وقت هن کي جيڪو کير جو گلاس پيئڻ لاءِ ڏنو ويو، ان ۾ زهر ملايل هو. جڏهن راجا گلاس مان کير پيئڻ شروع ڪيو، ته ان وقت راڻيءَ جي شڪتيءَ واسو ڪندي ڪاوڙ ۾ جنون جي حد تي پهچي ويئي. راجا اودين جي حاضر نوڪرياڻي ڪنڀارڻ هئي، تنهن به محسوس ڪيو ته شهر خالي ڪجي ته بهتر آهي. ائين هُو سوچيندي رهي تيسين واريءَ جو وڏو طوفان آيو، جنهن راجا اودين جي سنڌو سووير واري مڪمل راڄڌاني پوري (لَٽي) ڇڏي. خاص طور سپت سنڌو وارو هي علائقو جنهن کي ’هاڪڙو‘ دريا آباد ڪندو هو، اهو طوفان ۾ لٽجي ويو. ’قديم هندستان جي تاريخ‘ واري ليکڪ جو اهو به انومان آهي، ته موهن جو دڙو انهيءَ طوفان ۾ ئي برباد ٿيو آهي. انهي طوفان ۾ ٿر ۽ جيسلمير جا وارياسا پڊ ٺهيا آهن.‘

     انهن ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڇڏي، تاريخ جي ڪتابن ۾ دريائن جا پيرا کڻڻ سان پتو پوي ٿو، ته ٿر جي علائقي ۾ ’سرسوتي‘ ۽ ’هاڪڙي‘ سان گڏ ’مهراڻ ندي‘ ۽ ’پراڻ دريا‘ جا وهڪرا ايندا هئا. ٿر ۾ هاڪڙي، سرسوتي، مهراڻ ۽ پراڻ جي وهڪرن جي عروج جا مختلف آثار ملن ٿا. پراڻ ۽ مهراڻ جي وهڪرن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ’رگويدي نديءَ‘ جو پاڻي به ٿر ڏانهن پلٽجندو هو. ’نيئڙ‘ جي علائقي ۾ پنج نديون ’بناس‘، ’سوم‘، ’ماهي‘، ’لوڻي‘، ’سابر وهن ٿيون، انهن ننڍين ننڍين ندين جي ڪري، علائقي کي ’نيئڙ‘ سڏيو وڃي ٿو. ’نيئڙ‘ جو پاڻي ڀرپور وسڪاري ۾ اٺ ڪپاريئي رڻ وٽ اچي ننگر ۾ داخل ٿيندو آهي. ماهرن مطابق 3000 سال اڳ لوڻي ننگرپارڪر مان وهي اچي ڪوري نار ۾ پوندي هئي. ان وقت ننگر پارڪر تعلقو ٻيٽ هوندو هو. [9]

ٿر جي ندين نالن جو ذڪر ڪندي لطيف سائين چوي ٿو ته:

هي ڀٽون، هُو ڀاڻ، هيڪ نه پسان هاڪڙو،

ڏٺم نه ڏيهه ۾، اُٺي جا اهڃاڻ،

مينهوگيءَ جـا مـــــــــــاڻ، ڏسان ته ڏاهــــــي ٿيان. [10]

_

لکين سئين مهراڻ، آٽي سڀ اُڌميا،

سڙان منجهين ماڻ، ٻهر ٻاڦ نه نڪري.

(شاهه جو رسالو؛ آڏواڻي،  ص 418)

جڏهن ’ڍاڳي‘ ’ڍور‘ ٻئي وهن ’ٻليار‘ ۾،

تڏهن تازيين طور، هئو جسودڻ سين

 (شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص 146)

لاکو ’لوڻي‘ آئيو، هئي هئي پيئي هاڪ،

پائر ڪنا پڇڙي، ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عــــــــراق گڏيا تــــــان گهڻئــــــــــي ٿيا[11]

(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ بيگ، ص506)

’ٻني‘ ٻهڻ نه ڏئي، جهري پئي ’جهوڪ‘،

’لوڻيءَ‘ مٿان لوڪ لاکي لک لڏائيا.[12]

 (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ بيگ، ص506)

’پٽيهل‘ تو ۾ پور، اڳيون ناهي آب جو،

سُڪين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾

        (شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص 146)

 ’ڍٽ‘ ڍري پٽ پييون آيون ڪاهي ڪاماري،
وٺا پٽ ’پراڻ‘ جا، وٺيون ’ساماري‘،
ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پسو ويس ڪيا.

(شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي، ص99)

جهوني تون ’پراڻ‘، ڏينهن گهڻيرا سنڀرين.
لاکي جهڙا هاڻ، تو ڪي ڏٺا پيئڙا.

 

      (لطيف جا ٿر تان ڀيرا؛ معمور يوسفاڻي، ص 21)

سرسوتي ۽ هاڪڙو هڪ نديءَ جا ٻه نالا آهن يا ڌار ڌار حيثيت رکندڙ درياهه آهن!؟ هن سوال کي اڃان تائين مڪمل سُلجهايو نه ويو آهي. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي، ته سرسوتي ڌار ندي آهي، جيڪا آڳاٽي زماني ۾ گهگهر ۽ چٽانگ جيان هاڪڙي کي اچي ڀريندي هئي. تازي جاگرافيائي دور ۾ جمنا ندي به سمورو يا پنهنجو ڪجهه پاڻي هاڪڙي کي ڏيندي هئي. تيرهين صديءَ تائين ’ستلج‘ درياهه جي ڇڙوڇڙ شاخن جو پاڻي به ان ۾ اچي پوندو هو. هاڪڙي جو سمورو وهڪرو ڪڇ جي نار ذريعي خارج ٿيندو هو، جنهن کي هاڻي ڪوري نار  (کارِي) سڏجي ٿو. 1226ع ۾ هاڪڙو سُڪي ويو ۽ سنڌو درياهه اولهه ڏانهن ڌِڪجي ويو، ڪڇ جي نار ۾ پاڻي پَوڻ بند ٿي ويو. [13]

لوڪ ڪهاڻين ۾ سرسوتي نديءَ کي ’ديو مالائي‘ ندي به سڏيو ويو آهي. هندو ڌرم ۾ ’سرسوتي‘ ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي ديوي آهي.[14] اڇو ويس پاتل ديويءَ جي هٿ ۾ اڇو ڪنول جو گل ۽ ويڻا آهي. نديءَ ڪناري ويٺل ديويءَ جي اڳيان اڇو هنس ۽ پويان کيڙي سان مور نچي رهيو آهي. مس ڪُپڙي، قلم ۽ ڪتاب سندس اهڃاڻ آهن. سرسوتي ٻُڌمت جي 64 يوڳڻين ۾ هڪ اهم ’يوڳڻي‘ سڏجي ٿي. ٻوڌي چترڪاريءَ ۾ عقل جي ديوتا ’منجوسريءَ‘ سان گڏ ويٺل آهي. لوڪ ڪٿائن مطابق ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي ديوي سرسوتي جي پوئلڳن جي لاءِ ڪارونجهر ۾ ’ساڙڌري‘
جو ماڳ  اهم رهيو آهي. پارڪر جي پٽ ۾ شو پنٿين سان گڏ سوين سرسوتي جا ساڌو رهندا هئا. نامياري ڪهاڻيڪار حاجي محمد ڪنڀر ۽ نوجوان شاعر ساگر خاصخيليءَ کي پاري نگر جي آثارن کي ووڙيندي، هڪ ديوي جي تنبوري واري مورتي ملي آهي. جنهن جا اهڃاڻ سرسوتي ديويءَ سان ملن ٿا، پر وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. سنڌو تهذيب جي آثارن جي کوٽائي انگريز دور ۾ ٿي، انگريزن موئن جو دڙو ۽ هڙاپا جي ماڳن جي کوٽائي ڪري، تحقيق جا نوان رخ سامهون آندا. پر پاري نگر ۽ نهٽي جي آثارن جي کوٽائي نه ٿي. جنهن جو ڪهڙو ڪارڻ هو؟ ڪجهه رايا آهن ته انگريزن  1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي پر ٿر کي مڪمل هٿ هيٺ آڻڻ جي لاءِ 17 سال مختلف معرڪن کي منهن ڏيڻو پيو، جن مان ننگر وارو معرڪو اهم آهي. ان ڪري انگريز سرڪار ٿر جي تاريخ کي نروار ڪرڻ توڙي ٿر کي ترقياتي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. لوٿل، ڍول ويرا ۽ مهر ڳڙهه جي آثارن وانگر پاري نگر ۽ نهٽي جي آثارن جي اپٽار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن سمورن ماڳن جي هڪ بيمثال
هڪجهڙائي Homogeneity  ملڻ باوجود انفراديت آهي. تهذيب جون نراليون خاصيتون آهن. ثقافتي سونهن آهي.

چيو وڃي ٿو ته ماڙيچن جي وڏي آبادي، لوڻي نديءَ جي ڪناري تي پشڪر واري علائقي ۾ رهندڙ هئي. جتي ماڙيچا شڪار ڪرڻ سان گڏ ندي ۾ ٻيڙيون هلائي، مسافرن کي پار اُڪاريندا هئا. لوڻي جي سهڪاري درياهه سرسوتي جي گم ٿيڻ کان پوءِ حالتن هٿان مجبور ٿي ماڙيچا لڏي اچي سنڌو ندي جي ٻنهي ڪنارن تي جهنگلن ۾ آباد ٿيا. جتي جهنگلي جانورن، پکين ۽ مڇين جو شڪار ملندو رهيو. بهاولپور، سکر ۽ چونڊڪي واري علائقي ۾ ماڙيچا وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.[15] ماڙيچن جو ذڪرڪندي ڀٽ ڌڻي سُر مارئي ۾ چوي ٿو ته:

سڪان ساريان سومرا، تن ’ماڙيچن‘ مڻي،

ان جا پکا مينهن پسايو، ڇنڊن رات ڇڻي،

روز نهاريان ڏيهه ڏي، کاهڙ نيڻ کڻي،

ڦوڳ هيٺ ڦڻي، واري ڏيان وارن کي.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 413)

سرتين سنجڻ ڇڏيو، ستين ڳالهه سُئي،

ماڙيچي ماڙين ۾ ڪڏهن ڪا نه هُئي،

عمر آءٌ نه مُئي، ان اوڀاليان اڳهين.

(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ بيگ، ص 585)

مون سر ماڙيچن جا، ٿورا به ٿورا،

آئون ڪيئن ڪڍان ڪنن مان ڏاڏاڻن ڏورا،

سانبي سدورا، منڌ رئندي ميڙئين.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 409)

هي ڀونگا هي ڀيڻيون، هت هئا ماڙيچن جا مڏ،

سنجهي ويل سرتيون، ڪنديون ساهيڙيون سڏ،

کڻي لوءِ لڏ، اوٺي ويڙا اُڪري.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 402)

پڇي پڏي پهيڙا سڙي ويو سرير،

پيان شال پر ڪنهن پائر جو پنير،

ماڙيچيون ۽ ملير اچي چڙهيون چت تي.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 443)

ٿرين ٿاڌيليون پون، ماڪون مينهن ملير ۾،

ماڙيچيون محلن ۾، ميٽ نه مٿو ڌون،

جيڏين بنان جون، عمر کاڌي آهيان.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 396)

هڪ راءِ موجب ماڙيچا شڪاري قبيلن جو هڪ ميڙ آهي. جنهن جو بڻ بنياد ويدن ۽ پراڻن ۾ آيل لفظ ’مليڇا‘ آهي. مليڇن کي شڪار جي ڪِرت ڪرڻ جي ڪري اپوتر سمجهيو ويو آهي.

لوڻي نديءَ جي ڪناري تي پٿر جي دور جا اوزار ۽ انساني رهائش جا آثار لڌا ويا آهن. جن جي ڀيٽ پنجاب صوبي جي پوٽوهار ريجن ۾، سون نديءَ جي ڪناري تي، سون ماٿر مان ملندڙ اوائلي انسانن جي اوزارن ۽ رهائشي آثارن سان ڪئي وڃي ٿي.[16] نامور آرڪيالاجسٽ رفيق مغل پنهنجي ڪتاب
’هاڪڙا وادي‘ ۾ ٿر جي قديم آثارن کي شامل ڪيو آهي، پر اڃا تحقيق جي ضرورت آهي، ته ڪهڙين زميني تبديلين ۽ آفتن، ٿر۾ دريائن جي وهڪرن کي بدلائي ڇڏيو، ڀٽن ڀر رهندڙ ماڻهن ابر آسري پنهنجي زندگي شروع ڪئي ۽ انهي چوڻي جنم ورتو؛وٺو ته ٿر نه ته بر ئي بر‘.

لطيف سائين ٿر مان درياهي وهڪرن جي سُڪڻ جو درد بيان ڪندي چيو آهي:

سچ ڪ سُڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا،

جُنگن ڇڏيو زور، سَر سُڪو، سونگي ويا.

 (شاهه جو رسالو؛ جلد ٽيون، ڊاڪٽر بلوچ، ص 146)

ڍور نه اڳينءَ ڍار، مهند ملاحن لکئو،

موڙي چڙهئا مڪڙا پسي پاڻيءَ پار،

جسوڌڻ جيها يار، پئڙا وير وماس ۾

(شاهه جو رسالو؛ جلد ٽيون، ڊاڪٽر بلوچ، ص 146)

سُڪي ڍور ڊهيون ٿئو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،

پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آئو،

ماڙهن ميڙائو، ڪني ڪني ڀيڻيين.

(شاهه جو رسالو؛ جلد ٽيون ، ڊاڪٽر بلوچ، ص 147)

سُڪي ڍور ڊهيون ٿئو، ڪنڌي ڏني ڪر،

جن جي پاڳن پر، سي پئا وير وماس ۾،

    (شاهه جو رسالو؛ جلد ٽيون، ڊاڪٽر بلوچ، ص 147)

ٿر ۾ سانوڻ ساٺ ڪري اچي، ته تل ترايون تار ٿين، نه ته کوهن جي کاري پاڻيءَ تي مارو ماڻهو زندگي بسر ڪن ٿا. زير زمين پاڻيءَ جي ٽيبل مختلف جاين تي مختلف آهي. ڏيپلي جي ڳوٺن ۾ ڏهن فٽن کان شروع ٿيندڙ ٽيبل، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ گڍڙي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ 350 فٽن تائين پهچي ٿي. ٿر ۾ پاڻيءَ جو وسيلو ابر ۽ کوهه آهن. سامروٽي ۽ وٽ ۾ ننڍا کوهه ٿيندا آهن. ننڍي کوهه کي کُوهي به سڏيو ويندو آهي. کوهي جي نالي سان ڳوٺ پڻ آباد آهن، مثال طور سينهر کوهي. کوهه جهڙي کڏ کوٽبي آهي، ٻڌل نه هوندي آهي، ان کي ڀاڏ چئبو آهي، ڀاڏ جي نالي پويان ڳوٺن جا نالا آهن. مثال طور ڀاڏور وغيره. اهڙي طرح تعلقي ڇاڇري ۾، سيمي جي پاڻيءَ وارن ننڍن کوهن کي ويري‘ ۽
پار چئبو آهي. ويري‘ ۽ ’پار جي نالن سان به ڳوٺ آباد آهن. جيئن جيسي جو پار، کيمي جو پار‘، ’ڀٽين جي ويري، وغيره.

لطيف سائين ويري جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

الا جُنگ جين، جنين اجهي گهاريان،

شال مَ سُڪي ويري، جئان پي پين،

مرڪڻ! اکڙين، تو ڏٺي مون سُک ٿئي.

     (شاهه جو رسالو جلد ٽيون، ڊاڪٽر بلوچ، ص 146)

کوهه کي تڙ به چوندا آهن، تڙ جي نالي سان ڪيترائي ڳوٺ آهن جهڙوڪ ميگهي جو تڙ، مٺاتڙ‘،
تڙِ احمد‘، ’تڙ دوس‘. لطيف سائين تڙ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته:

ور اُهائي وير، جئن ڌڻ تسي تڙ آئيو،

سرتين ڏٿ سبيل ڪيو، اڱڻ ڍوئي ڍير،

هنئون ان جي هير، جهڄي جهروڪن ۾.

(شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي، ص381)

ساڳيءَ ريت ٿر ۾ ترائيءَ جي نالي سان ڳوٺ آهن؛ ترائيءَ (کيتلاري)، راڻا ترائيءَ. وڏي ترائي يا تلاء کي سر به چئبو آهي. ڳوٺن جا نالا سر پڇاڙي سان به ملن ٿا، جهڙوڪ: ’عالمسر‘، ’ڪڪڙاسر‘،
ڀوڏيسر، راڻاسر ڀڳيسر وغيره. سر جو تذڪرو ڪندي ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته:

آءُ اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري.

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص 126)

وڏا کوهه گهڻو ڪري ساٺيڪا يعني سٺ پُرهن جا آهن. ڀٽ ڌڻيءَ ساٺيڪن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:

ٿوهر، کوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سَٽيون،
چارن ات چاهه مُنجها، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪِنءَ لهندم ڪر؟ جِن مارو پاڻ اپاريا.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 329)

ٿر جي ساٺيڪن کوهن جو پاڻي کارو آهي، لطيف سائين چوي ٿو ته؛

چُرن چڻڪن چت، رهيا اندر روح،

اٺي ويڙا اڪري، مارو مٿي موهه،

ويرون ولوڙڻ جون ساريان گهڻو صبوح،

ورسي کارا کوهه، سنجيم ساڻيهه جا.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 328)

حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ کي عمر سومري کوهه تان پاڻي ڀريندي کنيو هو.

عمر آندي مارئي، مٿان کوهَه کڻي،

چلهيون ان نه چاڙهيون، جتي ايءَ ڄڻي،

ڌڪيندوءِ ڌڻي، شرع پڇندئي سومرا

(شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي، ص408)

 ٿر ۾ جڏهن مارئي کوهه تان اغوا ٿي هئي ته، راڄ جي رکوالي حاڪم کي عام ماڻهن هن بي انصافي ۽ بي واجبيءَ جي دانهن هيئن ڏني هئي؛

جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن،

مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو؟

        (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 345)

جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،

ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏين دانهڙي

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 345)

ميار جي سلسلي، هن دور ۾ به مات نه کاڌي آهي. اڄ به مسڪين مارو ماڻهو وقت جي جابرن کي اُنهن ئي اکرن ۾ ميار ڏيندا رهن ٿا.

وارياسو ٿر کليل چراگاهه طور مشهور آهي، وسڪاري جي رُت ٿر جي خوشحاليءَ جي رُت آهي. وسڪاري جي رُت سانوڻ ۾ شروع ٿيندي آهي. سانوڻ جي برسڻ جي لاءِ ماڻهو سَوڻ ساٺ ڪندا آهن ۽ فالون وجهندا آهن.هر جيت جڻيو تڙپ ۾ هوندو آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته:

سارنگ کي سارين ماڙهو، مرگهه مينهون،

آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،

سپون جي سمونڊ جون نئين سج نهارين،

پلر پيارين، سنگهارن سُک ٿئي.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 395)

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،

پاڻي پوڄ پٽن تي ارزان ان ڪريج،

وطن وسائيج، ته سنگهارن سُک ٿئي.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 395)

سڄي اُپکنڊ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو وڏي هندي سمونڊ ۽ بينگال جي اپسمنڊ مان جڙندو آهي. بينگال جي اپسمنڊ کان چوماسي جي برساتن جو سلسلو بنگلاديش، آسام، بهار، اُتر پرديش، هماچل پرديش، مڌيا پرديش، دهليءَ کي وسائيندو پنجاب، ڪشمير، پاڪستان جا اُتريان علائقا ۽ خيبر پختونخوا کي ڀِڄائيندو آهي. هندي وڏي سمونڊ وارو سلسلو اُڙيسا، ڪيرالا، مهاراشٽر، گجرات، راجسٿان کان ٿيندو ٿر پهچندو آهي.[17] آگم جي مند اچڻ سان ٿر جا ماڻهو اُڀ ڏي نهاريندا آهن. سانوڻ جو اوسيئڙو ٿرين وٽ پريت جي پار وانگر هوندو آهي. وڏ ڦڙي وسڻ سان پنهنجن پيارن جي لاءِ پڪار من جي پاتال مان اُٿندي آهي:

اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اُڀ ۾،

سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،

آءٌ آسائتي آهيان، مانَ ڀڄائي ڀون،

گهر ته گهرجين تون، مند مڙيوئي مينهن جي.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 395)

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪئي چوٽي،

مندائتي مينهن جي کنوڻ نه کوٽي،

آءُ لالڻ موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي انصاري، ص 463)

ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪيو، جهڙ پسيو جهڻڪن،

سڻيو رڙ رعد جي ڪليون ٿيون ڪنبن،

ڪليوُن ڪِين ڪڇن، ويچاريون ورن ري.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي انصاري، ص 467)

هن مند مارو سنرا، ويڙيين وڳ وارين،

ڇڇئا ڇيڪاريو ڇيلڙا، پٽين پهرائين،

نيڻ منهنجا ان کي، جهجهو جر هارين،

تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون.

   (شاهه جو رسالو؛ مرتب گربخشاڻي، ص 330)

وسڪاري ورڻ سان صحرا جون سيمون سايون ٿي پونديون آهن. پيرون ۽ پُسيءَ جو ڏيهه، ولڙين جي واس سان واسجي ويندو آهي. ڏيهه ۾ اناج جا انبار ٿي پوندا آهن. بئراج وارن علائقن ۾ هاري توڙي شهرن ۾ پيٽ گذر جي لاءِ پورهئي تي ويل ٿريا واپس پنهنجن ماڳن تي موٽي ايندا آهن؛

مند ٿي منڊل منڊيا، آيو جهڙ جهاٽي،

هڪ ارزان ان ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي،

ڪلمي سان ڪاٽي، لاٿم ڪس قلوب تان.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي  انصاري، ص 468)

هن مند مارو سنرا، جيائي جالين،

چاريو لنب لطيف چئي، واڳيين وهارين،

ڪيٽائي ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون،

(شاهه جو رسالو؛ مرتب گربخشاڻي، ص 330)

چرن چڻڪن چت ۾ گهارين مٿي گهٽ

کهه مانڌاڻا مکڻي، ڍوئن پاسي ڍٽ،

پنهوار ڪي پکڙين، وڃي ڪريان وٽ،

ساڙيهه سامهون سٽ، ڪنديس، ڀڃي ڪڙن کي.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 328)

آگم ڪيا الله لڳهه پس لطيف چئي،

پلر جي پالوٽ سين پٽن جهليا پاهه،

واحد وڌائي ڪيا، مٿي گسن گاهه،

سانگين وريا ساهه، اُٺن آب آگوندرو.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب مرزا قليچ،  ص 155)

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،

وڄون وسڻ آئيون، ڪري لال لبيس،

پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي  انصاري، ص 463)

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن،

پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيا.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي  انصاري، ص 470)

مينڍو مينهن پسائيو، سري ٿيو سيلو،

پکي پيهي آئيو، رحمت جو ريلو،

ساجن سويلو، ڀيڄ ڀني گهر آئيو.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب مرزا قليچ،  ص 164)

برسات پوڻ سان ٿر ۾ ڏهرن واري علائقي ۾ تراين ۽ ٽوڀن ۾، پلر پاڻي گڏ ٿيندو آهي. مارو ماڻهو توڙي چوپايو مال تراين ۽ ٽوڀن ۾ گڏ ٿيل پلر جو پاڻي پيئندا آهن. چوپائي مال کي اونهاري جي تک وارن ڏينهن ۾ تسو ڏنل هوندو آهي، پلر جو پاڻي ۽ سائي گاهه ملڻ سان رت واريندو آهي، کير وڌندو آهي، گهر گهر ڌيڻا ٿيندا آهن. ولوڙين جون وايون اٿنديون آهن ته:

ٿر وٺا بر وٺا، وٺيون ترايون،

پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،

ساريو ڏهن سامهيون، ٻولايون رايون

مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون.

ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پنهنجي،

 (شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 328)

موسمي تبديليءَ جي اثرن ۾  ڏڪاري حالتن جي وڌڻ جي ڪري  ٿر ۾ ڌيڻو گهٽ ملي ٿو. ان ڪري کير ولوڙڻ کان وٺي سچو گيهه تيار ڪرڻ تائين، پورو مرحلو ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ شيون نهيڙي‘، ’پرانڌڙي‘،
سونٿيو‘، ’ماٽي‘، ’من‘، ’مڪڙي‘، ’جهيرڻو‘، ’چاڻي‘،
مهي‘، ’وسلاڻ (وسراڻ) وغيره جا نالا نئين نسل کي وسري رهيا آهن.

 سٺي وسڪاري ۾ وڏين تراين ۾ ڇهه ڇهه مهينا پاڻي پيل هوندو آهي. ٿر ۾ ڪيتريون ئي ترايون مشهور آهن. اڳ ۾ تراين جي هر سال صفائي وغيره ٿيندي هئي. ترائي جي سارسنڀال لهڻ ۾، ڳوٺ جي چڱي مڙس جو اهم ڪردار هوندو هو. ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ جي لاءِ الڳ ترائي هوندي هئي. تراين ۽ کوهن جي ڀرسان وڏا وڻ هوندا هئا، پاڻي پيئڻ کان پوءِ مال اچي ويهندو هو. ماڻهو ٿڪ ڀڃندا هئا. وقت گذرڻ سان تراين جي سار سنڀال رڪجي ويئي، وڻ وڍجڻ لڳا، نياڻ جو احترام گهٽجي ويو، ماڻهو ۽ مال هڪ ترائي ۾ پاڻي پيئڻ لڳا. خراب پاڻي پيئڻ جي نتيجي ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو، انهن ۾ وڏي پيڙا ڏيندڙ وارو[18] جي بيماري شامل آهي. مال ۾ بيمارين سبب کير گهٽجڻ شروع ٿيو. ڏهي، ڏڌ ۽ مکڻ جي گهٽ واهپي جي متوازن کاڌي جي کوٽ ٿيڻ لڳي. کوهن جي پاڻي ۾ موجود فلورائيڊ پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو، ماڻهن ۾ هڏن جي مڙڻ، سَنڌن جي سور، ڏندن جي پيلاڻ ۽ ڪمزوري سميت مختلف بيمارين منهن ڪڍيو. واري جي بيماري جي هڪ وڏي جستجو سان روڪٿام ڪئي ويئي پر فلورائيڊ جا اثر اڄ به ڪر کڻي رهيا آهن. 

 ٿر جي ڀٽن تي ڪکاون ڀونگن ۾ رهندڙ ٿرين وٽ پلنگ ۽ پٿراڻين کان وڌيڪ نرم واريءَ جا وڇاڻا آهن، ٿري ماڻهو ست رڇي طعامن جي بدران ڏٿ کي ترجيح ڏين ٿا. بخمل ۽ بافتن جي ڀيٽ ۾ جهنگ جون وليون صحرا جي ماڻهن جو ستر آهن. لطيف سائين ٿر جي ماڻهن کي ٿوري تي راضي رهندڙ پنهوارڪي پريت جي رکوالي طور ڳائيندي چوي ٿو ته:

ورُسي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،

گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،

ويڙهيا گھمن وليين، جھانگي منجھه جھنگن.

مونکي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾،

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 318)

مون مارن سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،

سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،

عمر جو آئون، پٽ ڪِنءَ پرهيان؟ سومرا.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص318)

تن ونهين ويڙهيچن ۾، سدائين سڪار،

چونڊيو آڻيو چاڙهين، سندو ڏونرن ڏار

وهڻ جن واريءَ ۾، ٻيا ويڙين سين واپار،

اوءِ لاکيڻا لطيف چئي سمهن ڪين سنگهار،

جن جا اهڙا ئي پار، تن جي سام پرتئي سومرا.

(شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي، ص391)

ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست،

کٿي ۾ کيهه ڀڪلئا، ڀوڻن اهڙي ڀت،

پنهوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾

 (شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 303)

پلر پيئڻ، اوڇڻ ان، جن جا پير مٿي پٽ پاڪ،

وهڻ وراڪن ۾، ان جي اجوکي اوطاق،

پاڻ نه پسن پاڻ کي ويچارا بيباڪ،

عمر! اوءِ نه عاق، ڏکيا جم ڏکوئيين

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 318)

ٿر جي ماڻهن جي زندگي سادي سلوڻي آهي. ڀٽ ڌڻي ٿر جي  سادگي جي سونهن اندر ۾ سمائي، ٿر جو تعارف مختصر لفظن ۽ جامع انداز ۾ ٿو ڪرائي، جو پڙهندڙ دنگ رهجي ٿو وڃي:

ٿر ٿوهر ڀر جهوپڙا، ٻارڻ جني ٻوهه،

اُٺا مينهن ۾، ٽرمڻ لڳا ٽوهه،

رات منهنجي روح، ستي سڄڻ سارئا.

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ  ص 369)

 ٿر جي سُگهڙن سياڻن جي ڪچهريءَ ۾ هي بيت هن ريت به ملي ٿو ته:

ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، ٻارڻ جني ٻوهه،

اُٺا مينهن تي، ٽهڪي نڪتا ٽوهه،

رات به منهنجي روح، ستي سانگي سارئا.

ٿر جا ماڻهو اڄ به عام طور تي عوامي چوڻي وڏي فخر سان ورجائيندا رهن ٿا:

ڀلي بُک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان،

موسمي تبديليءَ جي اثرن، انساني هٿن جي بگاڙ سبب وڻن جي واڍيءَ ۽ جهنگلي جيوت جي شڪار، ٿر جي سماجي معاشي ۽ ثقافتي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ ڳايل ٿر جا گاهه، وليون ۽ وڻ جن ۾ ميها، چڀڙ، مانڌاڻا، مکڻي، گولاڙا، گُگريون، ڪنڊا، سڱريون، کٻڙا، ڄاريون، پيرون، ٿوهر، ٻوهه، ڏونئرا، پُسي، پڪا، ٽوهه، گوندا، ڦوڳ، لوهيڙا، ڳم، ڳنڍير، مريڙو، لُلر، سائون، سيارڇ، چيها شامل آهن. اهي پنهنجو وجود ڪيئن بچائي سگهندا؟  ماهرن مطابق دنيا جو سائو ريگستان تيزيءَ سان صحرائيت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي اداري ۽ ملڪ جي ماحولياتي کاتي پاران 2010ع ۾ جاري ڪيل هڪ پوسٽر ۾ ملڪ جي خشڪ علائقن ۾ خطري هيٺ آيل ست وڻ ڏيکاريا ويا آهن. جن مان پنج ٿر جا وڻ آهن. هي هڪ وڏي خطري جي نشاني آهي. موسمي تبديلي ۽ ڏڪارن جي بدحالي ۾ ٿر جو ماڻهو اڄ به لطيف جي لفظن ۾ پنهنجو اندر اوري ٿو ته:

عمر اسان جي ڏيهه ۾ ٽي ٽول سُجهن،

هڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن،

تهان پوءِ سُڄن، جهوپا جهانگيڙن جا.[19]

هي حالتن جي ستم ظريفي ڪيستائين رهندي؟ انهن ڏکن ۽ سورن جي حالتن ۾ به ٿر جا ماڻهو هڪ ٻي کي ڏڍ ڏيندي چون ٿا ته:

ڇڄي ڇڏ م سپرين، ڏلي ڇڏ م ڏيهه،

سڪا وڻ ساڻيهه جا، وڙڪيو اچيو ويهه

سڃو جي ساڻيهه، ته به ونهين کان وترو.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 413)[20]

هڪ انسان جي لاءِ اڻاسي کان وڌ ڪهڙو طعنو  ٿي سگهي ٿو!؟ ٿر جا ماڻهو وڏي واڪي چوندا آهن ته؛

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو

ڏڪار يا ڪنهن آفت سبب ٿر جا سانگيئڙا اباڻن پڊن کي عارضي طور ڇڏي ويندا آهن ته کوهن تان ڀوڻن جو آواز بند ٿي ويندو آهي. لطيف سائين اهڙي حالت جي عڪاسي مارئي جي واتان هن ريت ڪري ٿو:

ڀني جو ڀوڻن، ڀيڄ ڀڻڪو نه سڻان،

سنجڻ واريون ستيون، وڃي ويڙه ورن،

پيا سيٽ سڙن، تڙهي ٻنهي ڪنڌئين.

(شاهه جو رسالو؛ ڪلياڻ آڏواڻي، ص 336)

پيٽ جي مزدوري يا جيءُ جياپو ڳوليندي ڏاڏاڻو ڏيهُه ۽ ڏوٿي ياد پوندا آهن ته بي اختيار رڙ ڪري چوندا آهن ته:

تن سنگهارن سڌ مران، جي ڍنگهر ڍار رهن.

ڀٽن جي ڀر ۾، ڍنگهرن جي اوٽ ۾ رهندڙ مارو ماڻهو روز آڻين چاڙهين پر پرائي پلاءُ کان آراڙي کي اتم ڀائين:

آڻين ڪِي چاڙهين ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،

سٿا ڪيو سيد چئي سائون سڪائين،

منجهان لنب لطيف چئي چائر ڪيو چاڙهين،

پلاءُ نه پاڙين عمر! آراڙي سين..

(شاهه جو رسالو؛ ڪلياڻ آڏواڻي ص 332)

مارن ڄائي مارئي هڪ پل جي لاءِ به عمر جي نه لوڀ لالچ تي هرکي، نه وري داٻن دڙڪن تي هيڻي ٿي. هن هر پل لوئي جي لڄ سلامت رکي پٽ راڻي ٿيڻ جي بدران مارو محبوب جي هام هنئي. دنيا ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي. مارئي ظالم جي زور زبردستي کي للڪاريندي چيو ته:

جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم،

مون ڪُر اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪوجهو ڪم،

جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين!

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 336)

منافق ڦوڳ جي منهن تي ڪلهه به راڄن ڦلهيار وڌي هئي، اڄ به وجهن ٿا. پر لطيف سائين مارئي کي به ميار ڏيندي چوي ٿو ته:

هي منهن ڏيئي ٻن، تون وِهه کائي نه مرين،؟

تان جي ملير ڄايون توسين سڱ نه ڪن،

تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين؟ مارئي!

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 323)

مارئي پهرين عمر جي قيد ۾  ٿر جي گولاڙن ۽ گاهن کي ساري چوي ٿي  ته:

سنهي سئي سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،

ويٺي ساريان سومرا!، گولاڙا ۽ گاهه،

هِنئون منهنجو هُت ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهه،

پکن منجهه پساهه،، قالب آهي ڪوٽ ۾.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 327)

 پوءِ عمر جي قيد جا عذاب ڳڻائي پنهنجي اندر جي اعتماد سان اظهاري سوال ڪري ٿي ته:

مون سين ماروئڙيون ڪهڙي ريت رسنديون؟

چوٽي ۾ چيڙ پئو، پين رت ڄيون،

نيڻين ننڍ وهه ٿي ساري ساڏوهيون،

هِتي جي هُيون، ته سڌ پيين سيل جي!

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص 369)

حب الوطني جي جذبي سان سرشار مارئي جا وارث، پورهيت ماروئڙا پري کان ئي پڌرا آهن، هُو پنهنجي لوڏ مان ئي لکبا آهن:

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڻا، چڪندڙا اچن،

کڙيون کهه ڀڪليون، پگهر سين پيرن،

اي وڙ ويڙيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

  (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 333)

ٿر جي ثقافتي سرمايي ۾ ماڻهوءَ جي ڪردار جي بلندي، وطن جي حب ۽ هڪ ٻي تي اعتماد جو اعليٰ ڳڻ شامل آهي؛

سونهن وڃايم سومرا، ميرو مُنهن ٿيوم،

وڃڻ تت پيوم، جِت هلڻ ناهه حسن ري.

       (شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 322)

 ماڻهپي جي با ڪمال ڪردار ۽ سادگي جي حسن جي ڪري ڏکن، ڏاکڙن ۽ رُڃ ۽ اُڃ جي باوجود ٿر جو ريگستان رومانوي رنگ بڻجي روح ۾ اتري ٿو، پيار ۽ پنهنجائپ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي جنم ڏي ٿو. عشق جي آگم ۾ اڪير جي انڊلٺ کي اُڀاري ٿو:

مينهان ۽ نينهان، اکر ٻئي هيڪڙي،

وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان

بادل ٿي بيهان، جي آگم ڪرين اچڻ جا

(شاهه جو رسالو؛ مرتب عثمان علي  انصاري، ص467 )

ڪڪر ڪوٽ برنج جيئن، سڄڻ سنهرون ڪن،

مندائتي مينهن جيئن جهڙڪيو جهمن،

آئون پڻ مٿان تن، انڊلٺ ٿي اڀران.

(شاهه جو گنج؛ مرتب حاجي الهداد جنجهي، ص 409)

ٿر جا ثقافتي هنر:

ٿر جي ثقافتي هنرن جي تاريخ کي سمجهڻ جي لاءِ، واريءَ جي ڀٽن ۾ ٿر جي قديم آثارن تي ڪڏهن ڪم ٿيو ئي نه آهي! ارتقائي سفر مان گذرندي انسان غارن کي ڇڏي ٻين ندين ۽ نالن سان گڏ هاڪڙي جي پاڻي جي پيچرن جي ڀر سان گهر اڏي ويٺو، شڪار ۽ حفاظت جي لاءِ پٿر، ڪاٺ ۽ لوهه جا هٿيار ٺاهيا، زراعت جي لاءِ هر ۽ پاڃاري ٺاهيا، اناج رکڻ جي لاءِ گُنديون، ماني پچائڻ لاءِ دانگي، ٻوڙ رڌڻ جي لاءِ ڪُني، انگ ڍڪڻ جي لاءِ پهرين جانورن جي چمڙي کي ڪتب آندو. پوءِ اُن، ڏاس ۽ ڪپهه کي ارٽ ۽ ٻين اوزارن تي ڪَتي آڏاڻي تي ڪپڙو اُڻيو. ائين ڪورڪي، موچڪي، رازڪي، واڍڪي، ڪنڀارڪي ۽ لوهارڪي هنر کي هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي پروان چڙهڻ جو موقعو مليو، پر وقت گذرڻ سان اهي سمورا هنر هڪ وڏي عروج تان موٽ کائي، پنهنجي تخليقڪارن سان گڏ مٽيءَ جو پور ٿي ويا يا وري اهو مان نه رهيو.

      ٿر ۾ پرماري طبقي سماج جي اڏاوت تي قبضو ڪري، هنرمند هٿن جي ڌڻين کي اڻ سڌي طرح حقارت ۾ اُڇلي پاڻ اُتم حاڪم بڻجي پورهيت کي ’ڪسبي‘*
جي درجي ۾ آندو. پورهيت کي اُجورو ’بارٽر سسٽم‘ يا ’آهت‘ وسيلي ادا ڪيو. ٿر جي هنرمندن جا سون سريکا هٿ انصاف جي لاءِ هر دور ۾ واجهائيندا رهيا آهن.

       ٿر ۾ اُن ۽ ڏاس جي اڻڪاري ۽ چمڙي جي، ماضيءَ ۾ وڏي صنعتڪاري رهي آهي، ڪپڙي اُڻڻ جي لاءِ اَرٽَ ۽ آڏاڻو ڏاند گاڏيءَ جي لاءِ ڦيٿو، سنڌو تهذيب جون آڳاٽيون شاهڪار ايجادون آهن. اَرٽ جنهن جي طفيل انسان تهذيب جي ارتقائي دورن مان گذري ڪپڙي جي جديد صعنت ڪاريءَ ۾ داخل ٿيو آهي. شروعاتي دور ۾ هن گهريلو مشين جا سمورا پرزا ڪاٺ مان گهڙيا ويا، پر وقت گذرڻ سان هن ۾ ڪجهه لوهه جو به استعمال ٿيو. سنڌو ماٿري مان پروان چڙهندڙ هيءَ مشين سڄي دنيا ۾ ڪتب آندي ويئي آهي. صنعتي ترقي کان پوءِ روايتي ارٽ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي. جنهن سان ٿر ۽ ڪوهستان سميت چراگاهن وارن علائقن ۾ رڍن جي اُن مان تيار ٿيندڙ کٿن، لوين ۽ ٻين اوني شين جي لاءِ، ان جو ڌاڳو ڪتجڻ تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. بئراج ۾ ڪپهه پوڻيون ٺاهي ٽٻڪن ۾ رکي آتڻ تي اچي ارٽ ڪتيندڙ ڪاپائتين ۽ سڦرو سٽ خريد ڪندڙ واپارين سميت ڀٽ ڌڻيءَ جي سُر ڪاپائتي جا سمورا ڪردار ماضي جو قصو بڻجڻ تي پهتا آهن.

اَرٽُ کي اَئٽ، بيرم ۽ چرخو به سڏيو ويندو آهي. رڍن جي اُن يا ڪپهه ڪتيندڙ عورت کي ڪاپائتي ۽ اُڻڻ جي عيوضي طور ملندڙ اجوري کي ڪاپو چيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ ڪاپائتيون، جتي اچي ويهي گڏجي ڪتينديون آهن، ان هنڌ کي آتڻ چيو ويندو آهي.

بئراج واري پٽي ۾ ڪپهه پوڻيون ٺاهڻ کان اڳ ۾، ڪپهه تيار ڪرڻ جي لاءِ ارٽي جي مدد ورتي ويندي آهي. اَرٽَ جي چڪري جون ڦنگڙيون ڇهه ۽ ارٽي جي چڪري جون اٺ ٿينديون آهن. ڪاٺ جي داٻڙي تي ٻه هڪ جيڏيون ٿنڀيون، جن کي مونا چئبو آهي. سل چوڙ وسيلي کُتل هوندا آهن. اهي ڏيڊ فٽ کن جا ٿيندا آهن. ٻنهي جي چوٽي هيٺڀرو ٻه ٻه ٻٽا سوراخ هوندا آهن. انهن مان هيٺين سوراخ ۾ هڪڙي ويلڻ جهڙي ڊگهي ڪاٺي ۽ مٿئين ۾ لوهه جي گول دُري جهڙي سيخ پيل هوندي آهي. اهي ٻئي لابت ٺهڪي بيٺل هوندا آهن، پر سخت ڳنڍيل نه، البت لچڪيدار هوندا آهن. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪاپائتي ڦُٽيءَ جو ٻڙو ڏيندي، ۽ موني جي ٻاهرين پاسي چئن درن کي پيراٽي بند ڪرڻ جي لاءِ رکبي آهي. انهي ساڳي نموني مڪڙي يا هٿي هوندي اٿس. ان کي جهلي ارٽي کي پيئي ڦيرائيندي، ته ڪپهه ڪاٺ واري ويلڻ کي ڦيري ۾ چهٽي بيهندي ۽ ڪَڪِڙو کُسي کسُي هيٺ ڪري پوندو. پوءِ ڪپهه روڙي لاهي جدا رکندي آهي.

رڍ جي ڪتريل اُن کي هٿن سان وهري ڪن ڪچرو ڪڍي صاف سٿري ڪري سلجهائي ٻڙا ٺاهي ٽٻڪن ۾ رکي ويندي آهي. پوءِ ارٽ تي ڌاڳو تيار ڪبو آهي.

ارٽ جي بناوٽ هن ريت هوندي آهي. هڪ آڏي رکيل ڪاٺي (داٻڙي) تي ٻه مونا سل چوڙ وسيلي لڳل هوندا آهن. انهن مونن جي چوٽي کان هيٺڀرو هڪڙو سوراخ نڪتل هوندو آهي. جنهن ۾ هڪ ويلڻ وانگر اوڀاري ٿلهي ڊُڍر ڪاٺي، جنهن جي وچ مان لوهه جي سيخ نڪتل هوندي آهي. انهن ۾ اٽڪائي رکندا آهن. لوهه جي سيخ جي بدران ڪاٺي پيل هوندي ته ان کي اوراڪ چئبو آهي. جيئن کوهه جو ڀوڻ اوراڪ تي ڦِرندو آهي. ائين هن جي ڦِرڻي حصي کي ڳجهه چون. ڳجهه جي ٻنهي پاسن کان چار چار يا ڇهه ڦرها يا مستطيل ليڪ واريون پٽيون آهن ۽ ڪنارا نيپل هوندا آهن جن جي وچ ۾ ٽُنگ/سوراخ ٿيل هوندا آهن جيڪي سيخ ۾ پوندا آهن. پوءِ انهن کي هڪ ٻي آڏو تاڏو بيهاري نيپل ڪنارن کي هڪ پڪي ڏور ڦيرائي قابو ڪندا آهن. ٻاهرين پاسي هڪڙي موني جي هڪڙي هٿي ارٽيءَ جي هٿي وانگر يا گولائي واري بيضوي برش جي ڪاٺ جي تري وانگر هوندي آهي. جيڪا سل چوڙ وسيلي ڳنڍيل هوندي آهي، اَرٽ جي ان حصي کي چڪر چئبو آهي. ڪاٺي جي ٻي ٽڪري (داٻڙي) تي مونا لڳل هوندا آهن. اهو ٽڪرو چڪر واري ٽڪري (داٻڙي) سان هڪ يا ٻن ايسوٽي يا ٻانهين ڪاٺين وسيلي ڳنڍيل هوندو آهي. ٻي ٽڪري (داٻڙي) جي ٽن مونن مان ٻه ٻاهريان هڪ جيڏا ۽ ٽيون وچيون وڏو ۽ وچ ۾ خال ٿيل هوندو آهي. ان خال کي ونگ سڏبو آهي. پاسن وارن مونن ۾ لوهه جي ٽڪ (تڪ) چمڙي جي ٺهيل چموٽين ۾ اٽڪي بيهندي آهي ۽ پئي ڦرندي آهي. ٽڪ لوهه جي چهنبدار سنهڙي ڊگهي سيخ آهي. جنهن جو وچ ٿُلهيرو هوندو آهي. جنهن تي ليڙون يا ڌاڳا ويڙهيل هوندا آهن. چڪر مان هڪ ڏور جنهن کي مالهه ڪوٺين، هار وانگر ڦرندي آهي. ونگ مان نڪري ٽڪ جي ٿلهي ڀاڱي تي وراڪو کائي پئي ڦرندي آهي. ٽڪ جو هڪ پاسو ڊگهو جنهن پاسي ڪپهه يا اُنَ ڪتجي، سڳو ٻانهن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. تنهن کي لاٽ چئبو آهي. ڪتيندڙ هڪ هٿ سان ارٽ هلائيندي ٻي هٿ سان اُن جو ٻڙو يا ڪپهه جو لوليهو کڻي ٽڪ جي منهن ۾ ڏيندي ته اُنَ يا ڪپهه وٽ کائي سڳو تيار ڪندي، جڏهن ڌاڳو تيار ٿيو ته ارٽ جهلي اُبتو ڦيرو ڏيئي ٽڪ ۾ پيل ناڙي تي ڌاڳو ويڙهي وري سبتو ڦيرو ڏيندي، ائين ڌاڳو تيار ٿيندو ويندو آهي. هڪ ٻڙو يا ڪپهه پوڻي ختم ٿيڻ تي آئي ته ٻي ڳنڍيندي ويندي ڌاڳي کي لاٽ چئبو آهي. جڏهن ڌاڳو ٻانهن ڊگهي ڪري ڊيگهه ۾ اڌ پرهه جيڏو ڪڍندي ته ان کي ٽي هٿ وراڪو ڏيئي ڦورو ڪري پوءِ ناڙي تي چاڙهيندي. جڏهن ناڙي ڀرجي پوندي آهي تڏهن ٻي ناڙي چاڙهي ويندي آهي. ڌاڳو نڪرندي ڪٿي لسي تند جي بدران تمام سنهڙي ٿي ويئي، ته ان کي لينجهه ڪوٺيو ويندو، ڪاتارڻ لينجهه ڇني ڇڏيندي، پر جي ڪٿي ٿلهيري تند ٿي ته ان کي ڀڙو چئبو آهي. ڀڙي کي ڀڃي وري هلڪو يا هڪ ساريڪو ڪري هلائيندي. پر ڪٿي تند وٽ کائي ويندي آهي، ته انهي کي وري رنڍو چون. رنڍو روڙهي يا کولي پوءِ تند هلائيندي. جي تند ۾ مونجهه ٿيندي ته اها به ڇني اُميٽ ڏيئي ڪتڻ جي ڪار ڪندي. ڀريل ناڙين جون ڪوڪڙيون اوبري تي ويڙهي پوءِ آٽيرڻ جي وسيلي ڳوٽي ٺاهبي. سفڙو وٽ ان کي چئبو آهي جيڪو هڪ ساريڪو هوندو آهي. اُنَ ڪَتي جڏهن دنگ ڪندي آهي، تڏهن ارٽ جي مالهه لاهي ڇڏيندي آهي، ان کي ارٽ اولاڻي ڇڏڻ چئبو آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته:

پائي ڏور ارٽ ۾ ڪتين نه ڪُوڙي،

ونهانءَ جي واڌائيين ڀوڻي سنڀوڙي،

مٿي جنهه مُوڙي، سا ڪئن ويهي ويسري!

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص87)

توڙي تون وڏي ٿيين، اٿي آتڻ آءُ،

ٿيءُ ڀيڙي ڀيرم واريين ٻي هنڌ ڪر م ڪاءِ،

ته صراف تو صباح، ڪوٺي ڪاتارين سين.

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص88)

ٽڪ ڏنگي ور گهڻا، ڪتيان ڪڄاڙو،

ڪاپي مٿان ڪيترو آڻيان اُڌارو،

جي ور ڏئي وارو، ته. سونهان سرتين وچ ۾،

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص91)

سي اڄ نه آتڻ آئيون، جني ڪَتو ڪالهه،

ارٽ اکلي مالهه، پوري وييون نجهرا.

(شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص93)

اولاڻئان ارٽ، ويون ڪيڏنهه ڪتڻ واريون،

لڙجن لاکيڻين جيون پهيون مٿي پٽ،

اوبڻ ۽ اُگهٽ، ڇڏي پيٺيون ڇپرين.

 (شاهه جو رسالو؛ ڊاڪٽر بلوچ، ص 94)

  ائٽ تان تيار ٿيل اُن، ڪپهه يا پشم جي ڌاڳي مان کَٿي يا لوئي کي اُڻڻ جي لاءِ پهرين تاني يا تاڃي پيٽو تيار ڪبو آهي، جنهن کي تاني يا تاڃي پيٽو اُڻڻ چئبو آهي، تاني اُڻڻ کان اڳ ۾ ڌاڳو آٽيرڻ ۽ چرخلي جي مرحلن مان به گذرندو آهي، ڌاڳي کي ٻيڻو ڪري تاڻبو آهي، ڇهه سئو کان هڪ هزار تائين ناڪا ڇڪي تاڻبا آهن، هن مرحلي ۾ تڻڻي اهم هوندي آهي، لٺ وانگر تڻڻي جي ڪاٺي، جنهن ۾ ڇلو لڳل هوندو آهي. جنهن جي مدد سان ڌاڳو تاڻبو آهي، تڻڻي کان پوءِ ڪاٺ جون ڪِليون آهن، جنهن کي مقامي لهجي ۾ کيليون چئبو آهي، کيليون زمين ۾ کوڙيل هونديون آهن. تاني ڊگهي ڪرڻ وقت انهن ۾ اٽڪائي وڃي ٿي، جُو ٽارڻ جي لاءِ جُو جون ڪاٺيون ڪتب آنديون وينديون آهن. هڪ اوبرو هوندو آهي، جنهن جي مٿان تاني جو ڌاڳو ويڙهيل هوندو آهي. چرخلي جي ذريعي ڌاڳو اوبرن تان ناڙين يا نرين تي ويڙهيو وڃي ٿو، هن سادي مشين ۾ هڪ ٿنڀي جي مٿان چرخلو جڙيل هوندو آهي. جنهن کي چرخي پڻ چئبو آهي. چرخلي کي ڦيرائڻ جي لاءِ هڪ هٿيو هوندو آهي، جنهن جي شڪل جهرڪي جهڙي هوندي آهي، ان ڪري هٿيئي کي مقامي ٻولي ۾ چڙڪلي چئبو آهي.

تيار ٿيل تاڃي پيٽو آڏاڻي تي آندو ويندو آھي کٿي ۽ لوئي اُڻڻ جي آڏاڻي ۾ فريم ننڍو وڏو ھوندو آھي. آڏاڻي جو فريم ڪاٺي جو ٺھيل ھوندو آھي، آڏاڻو ٽي کان چار فوٽ جي ننڍي کڏ تي سيٽ ٿيل ھوندو آھي، کڏ جي ھڪ پاسي تي بيٺڪ ٺھيل ھوندي آھي جنھن تي ويھي ڪاريگر آڏاڻو ھلائيندو آھي، آڏاڻي کي ھلائڻ جي لاءِ پڳتڙيا ۽ ھٿيو ھوندو آھي، پڳتڙيا کڏ ۾ سيٽ ٿيل ھوندا آھن، جن کي پيرن سان ھلائبو آھي. آڏاڻي ۾ ھڪ ڪاٺيءَ کي تر چئبو آھي، تر پاسن کان ٻن ڪاٺين جي ننڍن ٿنڀن ۾ چوڙ ڪڍي قابو ڪبو آھي، جن کي ڌوريو‘ چئبو آھي ھڪ پاسي جي ڌوريئي جي ڀر ۾ تر جي ڪاٺي ۾ سوراخ ڪري ھڪ ڪاٺي لڳائي ويندي آھي جنھن کي ڦيرڻي چئبو آھي. جيئن اڻت ٿيندي ويندي آھي اُڻيل کٿو يا لوئي تر تي ويڙھيو ويندو آھي، تاني پيٽي جو ھڪ ڇيڙو تر تي قابو ھوندو آھي ته ٻيو ڇيڙو ھڪ کوڙيل ڪاٺي جنھن کيانگيلو چئبو آھي. انگيلو سان ٻڌو ويندو آھي. تاني کي ٻڌيندڙ ھڪ رسي کي وڻاڪ يا گڻيس سڏيو ويندو آھي ھڪ ٻي رسي پڻ ھوندي آھي، جنھن کي ناڙي چئبو آھي.ڦڙڪي جي مدد سان تاني کي پکيڙيو ويندو آھي.

تر جي ڀرسان پڻڇ جي ڪاٺي ھوندي آھي، جيڪا کٿي يا لوئي کي ويڪرو ڪرڻ ۾ ڪتب ايندي آھي. پڻڇ جي ڀر ۾ ھٿيو ھوندو آھي، جنھن جي ھيٺيان پڳتڙيا ھوندا آھن. ھٿيئي کانپوءِ رڇ
ھوندو آھي، اڻت جي دوران رڇ جو ڪم اھم ھوندو آھي، رڇ کي ڦڻي پڻ چئبو آھي. رڇ جي ذريعي ساربو آھي، ته تاڃي ۾ گھڻا ناڪا آھن، ٻن جڙيل ڌاڳن کي ھڪ ناڪو چئبو آھي، جن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو آھي. اڇڙيون‘ اٺن کان ٻارهن ڪاٺيون ھونديون آھن جن کي ڪانا پڻ چئبو آھي، کٿي يا لوئي ۾ ڀرت ڀرڻ يعني ڊزائن ٺاھڻ ۾ ڪم اينديون آھن. کٿي جي آخري ڇيڙن يا وچ ۾ ڊزائن ڀربي آھي، تنھن کي پلو ٺاھڻ يا کٽياڻ وجھڻ چئبو آھي، ڊزائن جا ڌاڳا جن ڪاٺين تي ويڙھيل ھوندا آھن، تن کي سرڪ چئبو آھي. ويلڻيون تاني وچيان ڌاڳو مٽائڻ جي لاءِ ڪم اينديون آھن، ويلڻين جي ذريعي تاني کلندي آھي، نريبو يا نريو تاني ھلائڻ يا وڌائڻ جي لاءِ ڪم ايندو آھي، نريبو جي ذريعي ڌاڳو ٽپايو ويندو آھي.پڳتڙيا ھلائڻ سان تاني وچان گھارو پيدا ٿيندو آھي. آڏاڻي جي ڍيري کي نري سڏيو ويندو آھي. آڏاڻي ۾ ٿڙڪڻ جي ڪاٺي تاني کي ھڪ ھنڌ جھلي بيھندي آھي. گھوڙي جي ڪاٺي جي ذريعي تاني کي ھيٺ مٿي ڪبو آھي.

 ٻڪرين ۽ اُٺ جي ڏاس کي پهرين سٽي، صاف سُٿرو ڪري پوءِ ويڙهي ٺاهي ڍيري تي پهرين وٽي ان مان کرڙ، کاهيون ۽ فراسيون ٺاهيون وينديون آهن.

آڏاڻو ۽ اُڻت جي ڪم کي صوفياڻي شاعريءَ ۾ تمام گھڻو ڳايو ويو آھي. لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ کٿي، لوئي ۽ کرڙ کي ڳائيندي چيو آهي ته:

جت ’کرڙ‘، ’کٿا‘ ۽ ’کاهيون‘، پال پڪا ۽ پڪ،

سرهيون سي سرتيون، حاضر پاسي حق،

ماروئن سين ماڻيان، شال مندائتي مڪ،

کنڪاريان خلق، جا ٿر ڄائي ۾ ٿوهرين!

(شاهه جو رسالو مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 346)

لاکيون مٿن لويون، اوڍين اڇي اُن،

وٺي ولهارن جون، سرتيون ڪن سمن،

آگا ساڻ امن، مون کي مارن ميڙئين!

 (شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي، ص410)

ننڍي کٿي کي کٿِيءَ چئبو آهي. کٿي ۽ کٿِيءَ جي ڀانت ۾ فرق هوندو آهي. لطيف سائين کٿِيءَ کي ڳائيندي چيو آهي ته:

ستي لڌم سپنو، کٿيءَ ۾ خاصو،

وٺا مينهن ملير ۾ ٿيو تڙ تڙ تماشو،

چوريان جان پاسو، تان جسو زنجيرن ۾.

(شاهه جو گنج مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 345)

ڪفن جي لاءِ ڪتب ايندڙ کٿيءَ ۾ مخصوص ڀانت وارا گل هوندا آهن. ٿر جي ريٻارين ۾ اها اڃان هلندي اچي. نامياري محقق حاجي محمد ڪنڀر موجب مون کي ڪجهه وقت اڳ ۾ سکپور جي رٻارين اها کٿي ڏيکاري هئي.[21]

کٿي جو ويس ڍڪيندڙ عورت کي کٿيري
۽ مرد کي کٿيروسڏيو ويندو آهي:

آءٌ ڪئن سوڙئين سمهان، مون ور گهاري ولهه،

کٿيري تان کل، عمر ڪج م اهڙي.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 318)

منهنجو من ميان، واڳيو ويڙيچن سان،

کيرون کٿيرن کي، وڃي ڏيهه ڏيان،

آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 333)

ڪانڌ نه ڪنديس، ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب،

ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾.

        (شاهه جو رسالو مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 345)

کٿيرين وٽ کٿيءَ ۽ لوئيءَ جي اهميت، پٽولن، بافتن، ارمق، ٻانڌڻن، ارغچ، عنبير ۽ کُهنبن کان وڌيڪ رهي آهي. لطيف مارئي جي واتان چورائي ٿو ته:

پٽولا پنهواريون، مُور نه مٿي ڪن،

جن لاک رتيون لوئيون، ته شالنئان سونهن،

اُن ايلاچِنِئون اڳري بخمل بافتن

سکر ڀانئيان سومرا، کٿيءَ کان کُهنبن،

جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.

(شاهه جورسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 397)

اَرمق هڏ نه اوڍيان، پٽولا پٽ چير،

ٻانڌوڻا ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير،

ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير،

اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.

(شاهه جورسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 397)

رڍن جا ننڍا ڦر، جن کي سسا ڦر سڏيو ويندو آهي، انهن جي اُنَ ريشم جهڙي نرم هوندي آهي. سسن ڦرن جي اُن واري شال ملائم ٿيندي آهي. ڀٽ ڌڻي ننڍن ڦرن جي اُن جو تذڪرو ڪندي چيو آهي ته:

اوءِ ٿا ڪورين ڪوئنري، مٿان ان سسن.

(شاهه جورسالو؛ گربخشاڻي ص 326)

اُت سپجي اُن سَسَن جي، هِت رڇيائين ريٺ.

(شاهه جو گنج ، الهداد جنجهي ص375)

سسن ڦرن ۾ پاڪ دامن واري مادي ڦر[22] جي اُن کي ڀاروڙي  چئبو آهي. ڀٽائي مارئي جي واتان ڀاروڙي جي ڀرم جي دعا گهرندي چيو آهي ته:

ڀرم ڀاروڙي رهي، جنهن ۾ اڇي ان.
ته پڻ ويٺي ونڌيان توڙي پونس تن،
غافل رک غريب کي عمر! منجهه امن.

سرتين ساڻ سمن، آهم اُٺي مينهڙي.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 325)

زيريين ٻيڙيين لوهه ۾ ڳٽن ڪيس ڳاهه،

سنڪي سندي سومري هڏ نه چاڙهيم ماهه،

سرتيون! دعا ڪجاه ته ڀرم ڀاروڙي رهي.

(شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 325)

هاڻي ٿر ۾ اُن ۽ ڏاس نه ٿي ڪتجي، نه اُن جا کٿا اُڻجن ٿا، مشين جي ٺهيل پشم جي لوئي ۽ شال جا، ڪجهه ڳوٺن ٽاڀو مينگهواڙ، سوري جو تڙ، رامجي جي ويري، سينهار، ننگرپارڪر ۾ آڏاڻا آهن. جڏهن ته کرڙ، کاهيون، جيرويون ۽ ٻوريون ته ٺهڻ جهڙوڪر مڪمل بند ٿي ويون آهن. اُڻڪاريءَ جي ڪم ڪندڙ کي ڪوري پڻ چئبو آهي، ٿر ۾ ڪوري اڇڙي ٿر واري پاسي رهن ٿا. ڀٽ ڌڻي ڪورين کي ڳائيندي چيو آهي ته:

هلو هلو ڪورين، نازڪ جني جو نيهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.

کٿي، لوئي ۽ شال جي اُڻڪاريءَ جو ڪم مينگهواڙ قبيلي جا ڪاريگر ڪن ٿا. ڏاس مان کرڙ، ٻوريون ۽ فراسيون وغيره ڀيل قبيلي جا ڪاريگر به ٺاهيندا آهن.

ٿر ۾ چمڙي جي هنر جو وڏو عروج رهيو آهي. ٿر جا مينگواڙ  موچي چمڙي جي رنڱاوت ۽ ڪم جا وڏا ڪاريگر هوندا هئا، انهن جي هٿن جي رنڱيل چمڙي جون ٺهيل شيون، ڪاريگريءَ جي شاهڪار نمونن منجهان ڳڻيون وينديون هيون.

چوپائي مال جي لاٿل کل کي ڇوڙو سڏيو ويندو آهي. ان کي رنڱڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ماٽي جي مرحلي مان گذاريو ويندو آهي. ماٽي جي لاءِ هڪ وڏي مٽ ۾ اڪ جو کير ۽ لوڻ ملائي ڇوڙي سان گڏ مٽ ۾ وجهي بند ڪري، هڪڙي پاسي وڻن جي جهڳٽن ۾ پوريو ويندو آهي. تقريباً ڏهه ڏينهن پوريل رهندو آهي، پوءِ مٽ کولي ڇوڙو ڪڍي پاڻي سان ڌوئي، رنبي سان وار لاهي سُڪائي ڇڏبو آهي. هن مرحلي ۾ ڇوڙي کي اڌوڙ چئبو آهي. اڌوڙ جي پوريءَ ريت سُڪڻ کان پوءِ، رنڱڻ جي مرحلي ۾ آڻبو آهي. ٿر ۾ ٻٻر جي ڇوڏن سان رنڱ ڏبو آهي. اڌوڙ
کي ٻٻر جي ڇوڏن کي ڀري ڳوٿري ٺاهي ٽنگيندا آهن. مٿي پاڻي هاري ڏهن کان پندرنهن ڏينهن تائين پُسائي رکندا آهن. پوءِ چمڙو تيار هوندو آهي. جنهن جاءِ ۾ موچي ڪم ڪندو آهي، تنهن کي دُکاڻ سڏيو ويندو آهي. چمڙي جي ٺهندڙ شين ۾ ساندارا، سانداريون، ٻوڪا، چڙسيون، ڪوس، بڊوڪا، قنديل، ڀاني، توبرو، نورا، دٻيو، مياڻ، ڍال، تنگ، لوند، ڇل مردو، دئال، ڇڄ، موڙا، ورت، نيٽا، جهاڙولا، ڌمڻيون، دهل، نغارا، ديسي سليپر، مارواڙي جُتي، گهوڙن جي سجائي، ناڻا، نيٺا، چامٽا، ڳانيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. چمڙي جي ڪيترين شين تي ڀرت ڀريل هوندو آهي. ڪن تي وري چاندي مڙهيل هوندي آهي.

ٿر جي ڪاريگرن جون چمڙي مان ٺهيل شيون ۽ رڱيل چمڙو ٿر کان ٻاهر وڪري جي لاءِ پڻ ويندو هو. ٿر ۾ هاڻي چمڙي جي رڱاوت توڙي چمڙي مان شيون ٺاهڻ جو ڪم گهٽجي ويو آهي. هڪ ٻن ڳوٺن ۾ ورلي ڪو ڪاريگر اهو ڪم ڪري ٿو. عمرڪوٽ جا جٽيا ۽ ڪلال[23] کلن جو واپار ڪندا هئا. هاڻي جٽيا به هن ڪِرت کي ڇڏي چڪا آهن. آڳاٽي دور جي موچين ڪپڙي جي اُڻت کان اڳ ۾ چمڙي کي رنڱي انگ ڍڪڻ جي لائق بڻايو هو. لطيف سائين چمڙي ۽ اُنَ مان ٺهندڙ شين جو تذڪرو ڪندي چيو آهي ته:

ڇڏ چادر ٻڌ چمڙا، جُتي تو نه جُڳاءِ،

(شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 566 )

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار،

(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 506 )

      اهڙي طرح ٿر ۾ ڪاٺ جي هنر جي پڻ وڏي نامياچاري رهي آهي. ڪاٺ جي هنرمند کي واڍو ۽ ڊکڻ سڏيو ويندو آهي. لطيف سائين واڍي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:

ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين.
من تن اندر تيئن وهين، جيئن وڻ وڍي واڍو،
اي ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.
 

(شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 272)

دنگي وچ درياهه، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي.
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
 

ملاح! تنهنجي مڪڙي اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!

        (شاهه جو رسالو؛ گربخشاڻي، ص 133)

ٿر ۾ سوٽهڙ قبيلو واڍڪي هنر سان لاڳاپيل آهي، ٻين قبيلن جا ڪجهه فرد پڻ انهي ڪِرت ۾ مصروف آهن. ارٽ وانگر هر جي مشين واڍڪي هنر جي اوائلي ايجاد آهي. ٿر جا واڍا جنڊا، کوهه جي ڪُهڙ،
ڪڙايون ڀوُڻ، مَنجيون، جنڊ جون پڙيون يا پاٽ، اُکريون، مُهرلا، پينگها، هندورا، ٻاجهٽا، رحيل، گهر جو فرنيچر، هنا، پاکڙا، پلاڻ، تنبورا، ڪينر‘،
چوٿايون‘، ’پاٽيون‘، ’چَڙنِ جي لار وغيره گهڙيندا رهيا آهن. گهڻيون اهڙيون شيون آهن، جيڪي هاڻي ناياب ٿينديون وڃن پيون. چٽساليءَ ۽ جنڊيءَ جو ڪم تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. جنڊي جي لاءِ لاک مان هٿرادو رنگ ٺاهڻ ڪاريگرن ڇڏي ڏنو آهي، پر پوءِ به پارڪر جا اهي ڪاريگر، جن جي هٿن جي ڪلا سان جڙيل ڍڳا گاڏيون ڏسي، هاڪڙي جي عروج واري زماني جو سهڻو تصور اکين اڳيان تري ايندو آهي. لطيف سائين واڍڪي جي هنر جي شاهڪار تخليقن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

هني مٿان هٿڙا، لاکو نه لاهي.

(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 506)

پايو جر جنڊن ۾ ڪوڏان ڪن ڪهون.

 (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص409)

ڏونگها آڇ م تن کي ڪاسا جنين ڪم.

(شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 506)

لڳي اُتر واءُ ته ڪينجهر هندورو ٿئي.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 421)

ٻري نه ٻڪر دانهن، ڀُوڻ ڀڻڪو نه سُڻان.

    (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 409)

هوءِ جي سور سڄن، سي مون پينگهي پرائيا.

   (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 317)

اي نه ڀانن ڀير، جيئن ڪينر ڪيريءَ ٽنگيو.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار.

      (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص 468)

ٿر ۾ ڪاٺ جو هنر پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ مان، جدت ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ٿر جا واڍا اڳ ۾ ڪاٺيءَ جي ڪم ۾ لوهه، پتل ۽ چانديءَ جو استعمال ڪندا هئا. هن وقت پڻ انهن ڌاتن سان گڏ ٻيا ڌاتو ڪتب ۾ آڻي رهيا آهن. هٿ جي اوزارن جي جاءِ تي، جديد مشيني اوزارن وڏي سهوليت پيدا ڪري ڇڏي آهي، پر اڳوڻن هنرمندن جي هٿن جي  محنت وڏو مان لهي ٿي.  

ٿر ۾ مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙيندڙ ڪاريگرن جي ڪلا مان، اڄ به هاڪڙي تهذيب جي عروج جا اهڃاڻ ملن ٿا. توڙي جو سندن فن وقت جي گردش ۾ لاوارثيءَ جو شڪار رهيو آهي! ٿر جي ڪيترن ماڳن، مڪانن، ڏهرن ۽ دڙن  تي واريءَ جي ڍير ۾ تاريخ جي دور کان به آڳاٽو مٽيءَ جي ٿانون جو ٺڪراٽو تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جي اهم نشان طور ملي ٿو. ٿر جي ماڳن جي ٺڪراٽي ۾ مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙڻ جي ان شروعاتي دور جي ڳرن ٿانون جو ٺڪراٽو ملي ٿو، جنهن دور ۾ اڃان چڪ تي ٿانوَ گهڙڻ جو تصور انسان جي اندر ۾ نه آيو هو. پر ان ٺڪراٽي تي ڪڏهن سائنسي بنيادن تي تحقيق نه ٿي آهي.

ٿر ۾ مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙڻ جي ڪِرت سان ڪنڀر قبيلو لاڳاپيل رهيو آهي. هيٺئين سنڌ ۾ ڪنڀار قبيلي جا ڇهه ڇنا مشهور رهيا آهن. تن ۾
1. سنجهورو، 2. ڪاپايو، 3. مهراڻو 4. ڍٽ، 5. واڳڙ ۽ 6. ڪڇ جو ڇنو شامل آهن. هر هڪ ڇني ۾ ڪنڀارڪي ڪِرت سان لاڳاپيل مختلف نکون آهن. جهڙوڪ؛ جوکيا، ڀٽي، ڌڪر، چنا، سمان، سومرا، پنهور، جويا، ذنگي، مهيڻ، هاڪڙا، لوهاريا، ڀوپا وغيره. ڍٽ ۽ مهراڻي جا چنا ٿر جي ڪنڀارن سان تعلق رکن ٿا

لطيف سائين سُر رپ ۽ سُر سهڻي  ۾ ڪنڀار کي ڳائيندي چيو آهي ته:

ڪي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنِيو،
تنهان مان تِر جيتري جي پئي خبر کَرَن،
هي تان هوند مرن، هُن اڱڻ اوراتو ٿئي.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين،
مون کي تيائين، ڀيلو ئي ڀاڱي پيو.
 

  (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص151 )

ڪچو ٿانءُ ڪنڀار جو، چٽايم چئي،
آڻي رکيم آب تي مٿي ڪُن ڪهي،
لهرين منجهه لطيف چئي، پرزا ٿيو پئي،

سپڪ هو سهي، پر ڪرم کڻي ڪچو ڪيو.
 

       (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 145 )

 لطيف سائين ڪنڀار کي ڪُلال پڻ سڏيو آهي:

ڪڍيا جي ڪُلال سي پسي خال خوش ٿي.
پاڻي چٽ پسائيا، داءُ نه جهلي ڌمال،
سپڪ ڀانيا سهڻيءَ، جوڀن جي جمال،.

آڪي جا احوال، معلم ٿيا مهراڻ ۾.
 

        (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 172)

پڪو کڻج پاڻ سين، چڱو چٽائي.
ڪچو ڏيج ڪُلال کي، منهن تي موٽائي،
سوسُڻُ هِنئين سين، سُهڻي! جيڪي فائِق فرمائي،.
 

موجون منجهائي، ماريِنئي مهراڻ جون.

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 173)

      ڪنڀار چيڪي مٽي ميڙي ان کي ڳوهي، پنوڙو ٺاهي چڪ تي چاڙهي ٿانوَ جوڙيندو آهي. چڪ تي گهڙيل ٿانوَ نفاست وارا ٿيندا آهن. پراڻو چڪ مٽيءَ جو هوندو هو، نئون ڪاٺي جي ٽڪري مان ٺاهيو ويو آهي. چڪ جا ٻه پُڙَ ٿيندا آهن. مٿئين پُڙَ  جي مٿئين پاسي وچ ۾ ڌيڻو هوندو آهي. چڪ جو هيٺيون پڙ مٿئين پُڙ کان گهڻو ننڍو هوندو آهي، چڪ جي وچ ۾ ڪاٺ جي ڪلي کُتل هوندي آهي، جنهن کي چوڙ
چيو ويندو آهي. مٿئين پُڙَ جي هيٺئين پاسي پوري وچ ۾ هڪ ننڍڙي کڏ ٿئي ٿي، جنهن کي پاتڻي چئجي ٿو. اهو پُڙ هيٺئين پُڙ تي اهڙي نموني رکيو ويندو آهي جو چوڙ وڃي پاتڻي ۾ پوندي آهي. چڪ جي مٿئين پُڙ ۾، پاسي تي سوراخ ٿئي ٿو، جنهن مان ڪنڀر ٿانوَ جوڙيندو آهي. مٽي وارو چڪ ڏاس ملائي ٺاهيو ويندو آهي. ٿر ۾ مٽي وارو چڪ ڪتب ۾ ايندو آهي، جنهن جو ساڳيو ننگهه‘، ’مڪڙي ۽ چڪ ۽
لٺ وارو سرشتو آهي. ڪنڀر ٿانوَ گهڙي تيار ڪري رکندو آهي ته ڪنڀارڻ ٿانوَن تي چٽسالي ڪڍندي آهي. پوءِ نهائين ۾ پچايا ويندا آهن. اڳ ۾ ٿر جي ڳوٺن ۾ ڪنڀارن جي گهرن وٽ، هر گهر جي اڳيان نهائي هوندي هئي پر هاڻي نهايون گهٽجي ويون آهن. لطيف سائين ڪنڀر جي  نهائين جو تذڪرو ڪندي چيو آهي ته:

نينهن نهائينءِ جان، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئَين.
ڄر ڄيري ڇڏي، ته ڪئن پچندا ٿانءِ،
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.

 

(شاهه جو رسالو مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ص 428)

نينهن نهائينءِ جئن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئَين.
ڄر ڄيري ڇڏي، ته رڇ پچندا ڪئن،
تون پڻ ڪريج تئن، جئن ڪنڀار ڪرن ڪم سين.

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

نيڻ نهائينءَ جان، ستي لوڪ ڍڪيان،
اجهاميو ٻران، تو کي ساريو سپرين.
 

(شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 428)

ٿر ۾ ڪنڀر ٿانوَ ٺاهي ٻين ڳوٺن ۾ وڪرو پڻ ڪندا هئا، پر اڪثر ’آهت‘ واري کي ڏيندا هئا. جنهن کي تنگڙو تا ٽنگڙو چيو ويندو هو. هاڻي مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙڻ توڙي ’آهتپي‘ جو رواج گهٽجي ويو آهي.

ڪجهه ڳوٺن ۾ ڪنڀار ٿانوَ جوڙڻ جي ڪِرت ڪن ٿا، پر کين مناسب اجورو نٿو ملي. ٿر جي شهرن ۾ ڪنڀر بئراجي علائقي مان ٿانوَ خريد ڪري اچي وڪڻن ٿا پر ٿر جي مٽي مان ٺهيل دِلو  بئراجي جي دلي کان وڌيڪ علائقي جي مٽيءَ مان ٺهيل ٿڌو پاڻي ڪندوآهي.

ٿر جي ڪن ڳوٺن ۾ اڃا ڪاريگر ٿانوَ اهڙي نفاست ۽ ڪاريگري سان تيار ڪن ٿا، جو انهن جي هنڌين ماڳين هاڪ آهي. ٿر جي طبعي ڀاڱي وٽ جي ڳوٺ مهاڙيو جي ڪاريگرن جو جوڙيل گهڙو ۽ گهاگهر مشهور آهن. ڪنڀارڪي ڪِرت سان جڙيل مٽيءَ جي شين ۾ ڪونڊي، دلو، نادي، دانگي، ڏيئو، تسيو، لوٽي، طباخ، پاٽ، ڍڪڻيءَ، ماٽلو، ماٽي، ڪرو، بونبو، گهُگهي، ڦيلهي پيالو وغيره.

ڪنڀر قبيلي جي ڪاريگرن کان سواءِ، ڪو به ماڻهو مٽيءَ جا ٿانوَ جوڙڻ جو ڪم نٿو ڪري. ٿر ۾ اڳ پڪيون سرون ڪنڀر پنهنجي ننڍي نهائين ۾ پچائيندا هئا، اهي قبرستان ۾ قبرون پڪيون ڪرڻ ۽ ستين جا ٿلها جوڙڻ وغيره ۾ به ڪم اينديون هيون.

ٿر ۾ لوهه، جو ڪم لوهار ڪندا آهن، جن کيآڳڙيا ۽ ڪاريا پڻ چيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو ته پاري نگر جي عروج واري زماني ۾ لوهارن جا پاري نگر ۾ وڏا لوهه جا ڪارخانا هوندا هئا. جنهن جا آثار پاري نگر جو ڪٽهڙو آهي. ڪارخانن جا ڪهڙي سبب خانه بدوش ٿي ويا، هي تحقيق طلب موضوع آهي.

ٿر ۾ لوهار هاڻي وڃي گهر ٺاهي ٿانيڪا ٿي ويٺا آهن، اڳ ۾ اونهاري جو ناري ۾ وسڪاري ۽ سياري جي مُند ۾ وري ٿر جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا. لوهارن وٽ گاڏا هوندا هئا، جن تي لڏپلاڻ ڪندا هئا، انڪري انهن کي گاڏيا لوهار سڏيو ويندو هو. لطيف سائين لوهارن ۽ انهن جي ڪرت کي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آهي:

ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي،
ٻاري مچ مجاز جو اوتيائون اڱار،
ڌُوڌا ٿيُ مَ ڌار، جِم ڪچو رُڪُ ڪڻيون ٿئي.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 72)

ڌوڌا! تون نه ڌئين!، آڳ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين!
اُڀو اِئن چئين، ته آئون آڳڙيو آهيان!
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 72)

سِرُ سانداڻ ڪري، پڇج گهر لُهار جو،
ڌڪن هيٺ ڌري، مان گڏينئي رڪ سين.

  (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص27)

سهين جئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا!
وِه وِڃائي پاڻ، ڏي ڏٻايون ڏُڱڙين.
 

 (شاهه جو رسالو؛ عثمان علي انصاري، ص27)

ويا سي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي.
تنين سندا پويان، سِيهي لهن سار،
ڪٽين ڪٽ لُهار، هاڻي اُنين ڀيڻيين.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 173)

اڄ آڳڙيا آئيا، سائوُ ڪي سڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪَرِريندا پڌرو.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 73)

اڄ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تِکيون.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 73)

سرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻ سين،
لاهيندا مورياڻ رُڪ ڪريندا پڌرو.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرتب ڪلياڻ آڏواڻي، ص 73)

اِي پر اڱارن، ٻه ڏاهين ٻَرن جي،
هڪ کوري کانئيا، ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،
پاڻان لُهارن، ميڙي رکيا مچ تي.
 

       (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 34 )

ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌُوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
 

       (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 35 )

ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لُونهان لُهارن جا.
 

 (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ، ص 35 )

پچائي پَهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.

 (شاهه جو رسالو؛ مرزا قليچ ص 35 )

لطيف سائين جي انهن بيتن ۾ لوهارڪيءَ ڪِرت ۾، استعمال ٿيندڙ اوزارن ۽ کوري جي اڱارن جو تذڪرو آهي، سراڻ ذريعي اوزارن ۽ هٿيارن (تلوارن وغيره) کي پاڻي ڏيئي تکو ڪرڻ جو احوال آهي. رڪ کي پڌرو ڪرڻ جي ريت سمايل آهي. لوهارڪيءَ ڪرت مان جڙندڙ شين ۾ ڏاٽا، ڏانداريون، ڪهاڙيون، ڪوڏارون، رنبا، رنبيون، ڀمر ڪڙيون، ڪتريون، ڪات، ڪڻڇيون، ڪوڏاريا، ڪوڙڪيون، ڪليون، کهِيڙا، لغام، لوڙهه جون ڪريون، نهيريون، نير، واهولا، وڇيا، سويا، سوئا، سراهيون، سنبا، سجايا، سنگهرون، رڪيب، چمٽا، ٽپريون،. تئا، تيلاٽيون، ڦار، ڪلف، ماڏڙيا، ڪُنجيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ٿر جي ڳوٺن مان لوهار لڏي شهرن ڏانهن اچي رهيا آهن. ٻين هنرن جيان روايتي لوهارڪو هنر پڻ گهٽجي رهيو آهي.

ٿر جي ثقافتي هنرن ۾ کٿن ۽ لوئيءَ جي اُڻت ۾ گلڪاري ۽ مٽي، لوهه توڙي ڪاٺي جي شين تي ٿيل پراڻي طرز جي چٽساليءَ موئن جي دڙي جي لکت وانگر، ٻوليءَ جي آڳاٽي اسڪرپٽ کي ظاهر ڪري ٿي. ڇا هي هاڪڙي تهذيب جي شاندار ٻوليءَ جي رهجي ويل لکت جو نمونو نه آهي!؟

هيريٽيج اسٽيڊيز ۾ ميوزم انتهائي اهم هوندو آهي. لطيف سائين جي شاعري ۾ ٿر جي ثقافت ۽ آرٽ جو ميوزم جڙيل آهي.

ٿر جو انتظامي احوال:

تاريخ جي ورقن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ٽين صدي ق. م ۾ هيءُ علائقو موريا خاندان جي سلطنت ۾ شامل هو. 184 ق.م ۾ باختري يونانين سنڌ فتح ڪئي. 74 ق.م ۾ سٿين يونانين کي هارائي سنڌ تي قبضو ڪيو. 46 ق.م ۾ پارٿي آيا، جن جي حاڪميت، ڪشن دور شروع ٿيڻ تائين رهي. ڪشن دور، 230ع تائين هليو ۽ پوءِ وهليڪن جو دور قائم ٿيو. پنجين کان ستين صديءَ جي اڌ تائين سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حاڪميت رهي. ان وچ ۾ گپتا ۽ هُن خاندان جي بادشاهي پڻ اچي ٿي. انهن سمورن دورن ۾ ٿر جا ڪهڙا علائقا، ڪنهن جي هٿ هيٺ رهيا، هي هڪ تحقيق طلب موضوع آهي.

ٿر جي لوڪ روايتن موجب راءِ گهراڻي جي راڄائي دوران/ راءِ سهاسي (ٻيو) جي ڀاءُ سڳر يا سگر ٿر تي ڌيان ڏنو هو. هن عام ماڻهن  جي ڀلائي جي لاءِ منصوبا جوڙيا. سڳر جا ڪيترائي کوٽايل کوهه ٿر ۾ ملن ٿا.[24] جن کي سڳر جي واري جا کوهه سڏيا وڃن ٿا. سڳر جي کوهن جي حوالي سان هڪ ڪهاوت مشهور آهي ته:

سگر کڻايا ساڳڙو، ڪوئا ڪروڙ پچاس.

ٿر تي حاڪميت جي حوالي سان تاريخ ۾ پرمارن جو تذڪرو پڻ ملي ٿو. ٿر ۾ پرمارن جي سلطنت جا سماچار ميڙڻ سان گڏ سمن، سومرن، مڪواڻن، راٺوڙن ۽ سوڍن جي صاحبي جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

تاريخ ريگستان ۾ تاريخدان رائچند هريجن لکيو آهي ته: سنڌ ۾ سومرن کان پوءِ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ دهلي جي مغلن حڪومت ڪئي، ته به ٿر ۾ سوڍا خودمختيار حاڪم هئا. جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ٿي، تڏهن پهريائين سوڍا خودمختيار هئا. نادر شاهه جي ڪاهه کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي عمرڪوٽ جي سوڍن کي نالي ماتر پنهنجي تابع ڪيو پر ڪجهه وقت کان پوءِ سوڍن ميان جي تابعداري ڇڏي ڏني، جنهنڪري ميان 1750ع ۾ ڪاهه ڪري، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ٻيو به ڪيترو ٿر جو ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.[25]

سمن جي سلطنت ۾ سامروٽي ۽ ونگي جو وڏو حصو، ديهه کاڙڪ جي ڳوٺ پاتار جي انتظامي سرشتي سان جڙيل رهيو. پائر ۽ چوٽاڻي تي سمن گهڻي وقت تائين پنهنجو حڪم هلايو.

تاريخ جي صفحن ۾ پارڪر تي پرمار راجپوتن جي راڄ بابت مختصر مواد ملي ٿو. هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته پرمارن جي حاڪميت پارڪر تي ڪڏهن شروع ٿي هئي ۽ ڪهڙا ڪهڙا حاڪم رهيا آهن؟

ميرن سنڌ تي پنهنجي حڪومت دوران ٿرپارڪر ۾، سڀ کان پهرين مٺي ۾ 1785ع ٻه قلعا جوڙيا. مير فتح علي جي شروع ڪرايل قلعن جو ڪم 1795ع تائين هليو. مٺيءَ جو مکيه قلعو شهر جي ڀرسان هو. جنهن جو نالو فتح ڳڙهه رکيو. بعد ۾ اسلام ڪوٽ ۾ 1795ع ڌاري قلعو ٺهرايو. 1800ع ۾ چيلهار، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ کڏي، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سينگارئي، ۽ ڏيپلي ۾ قلعا ٺهرايا. جيڪي سڀ هڪ ماپ ۽ طرز جا ٺهيل هئا. سڀ کان آخر ۾ مير ڪرم علي خان نئون ڪوٽ وارو قلعو 1814ع ۾ ٺهرايو. جيڪو ٿر جي سمورن قلعن ۾ وڏو قلعو آهي. جنهن جي ماپ ڊيگهه ۾ 640 فٽ ۽ ويڪر 600 فٽ آهي. جنهن جون ديوارون اڃان بيٺل آهن.

 مٺيءَ جي شهر واري قلعي جي ڊيگهه 240 فٽ ۽ ويڪر 190 فٽ هئي، هر هڪ سر جي ڊيگهه اَٺ انچ، ويڪر ساڍا پنج انچ ۽ ٿولهه ڏيڊ انچ هئي. قلعي ۾ رهائش جي لاءِ ٻه ڪمرا ۽ لائبريري ٺهيل هئي. مٺي ۾ هڪ ٻيو قلعو وڏي ڀٽ تي ٺهرايو. ٿري لهجي ۾ قلعي کي ’گڍ‘ سڏيو ويندو آهي. اونچي ڀٽ وارو قلعو ننڍو هجڻ جي ڪري، انهي ڀٽ کي ’گڍي‘ سڏيو ويو. ’گڍي‘ وارو قلعو جيڪو مورچي طور استعمال ٿيندو هو، اهو 1844ع جي زلزلي ۾ ڊهي ويو. اسلام ڪوٽ واري قلعي جي ڊيگهه 120 فٽ ۽ ويڪر 100 فٽ هئي. عمرڪوٽ جي قلعي وانگر مضبوط ٺل پڻ ٺهيل هئا. جن ۾ عام سرن جي بدران پٿر استعمال ٿيل هو. قلعي ۾ رهائش جي لاءِ ڪمرا پڻ ٺهيل هئا. قلعي ۾ نَوَ توبون رکيل هيون. مٺي ۾ گڍي واري قلعي جا آثار بچيا آهن. جڏهن مٺي شهر ۽ اسلام ڪوٽ وارو قلعو ڊهي انهن جاين تي نيون آباديون قائم ٿي چڪيون آهن.

 چيلهار وارو قلعو وڏي وقت تائين سلامت هو. چيلهار واري قلعي تي 1800ع ۾ ٺاهڻ وقت 8 لک روپيا خرچ آيو هو.

 

[1] Thar, he great Indian Desert, R.C Sharma p 21

 راجستانی زبان و ادب ايک جائزه، فضل امام، ص 25 [2]

 لفظون کي کهاني، لفظون کي زباني، خالد احمد، ص 11 [3]

[4] همروٽ ڇتيسي جي مارواڙي ڇاپي ۾ ڍاٽ کي گهاٽ لکيو ويو آهي. اهڙي طرح پروفيسر شڪتيڏان ڪويا جي سوڍائڻ ۾ ڍاٽ گهاٽ آهي.

 سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر مشڪور ڦلڪارو، ص 65[5]

 سنڌ شناسي ايم ايڇ پنهور ص 60 [6]

[7]A Historical Atlas of South Asia , Joseph Schawartzburg 1978

[8] بلوچستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اڀياس، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي

[9] سنڌ شناسي ايم.ايڇ.پنهور، مرتب غلام محمد لاکو، ص 113

[10] بدين ضلعي جي ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي سگهڙ شفيع  محمد چانڊيو کان مليل

 هن بيت جي پڙهڻي ڊاڪٽر بلوچ شاهه جو رسالو جلد ٽيون ص 149 تي هن ريت ڏني آهي:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،

پائر ڪنا پڇڙي، ڏونگر پيئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عراق گڏيا تان گهڻئي ٿيا [11]

[12] هڪ راءِ موجب لوڻيءَ ندي نه پر لوڻي شهرکي لطيف سائين ڳايو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو (جلد ٽيون) ص 544 تي لوڻي جو تذڪرو ڪندي لکيو آهي ته لوڻي آئيو مطلب لوڻي شهر تي آيو، سنڌ مان ڪڇ ڏانهن رهمڪي واري واٽ تي تڙ ڀٽارو، اتان پنج ميل اڳتي رڻ جو اوڪار لوڻو يا لوڻو بندر جتان کان ٻني جو علائقو شروع ٿئي.

[13] سنڌ شناسي ايم.ايڇ پنهور، مرتب غلام محمد لاکو، ص113

 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. [14]

[15] ماڙ جيسلمير جي هڪ علائقي جو به نالو آهي گهوٽڪي واري علائقي ۾ ماڙ واري علائقي کان آيل جاتين کي ’ماڙيچا‘ چيو وڃي ٿو.

 انساني ارتقا ۽ سنڌ ڌرتي. زاهد آرائين [16]

 [17] سو رنگ سارنگ جا، ڪلال ٿرديپ سماچار، اپريل_جون 2012ع

 [18] واري کي انگريزي ۾ گني ورم چئبو آهي، پاڻي سان گڏ ننڍڙا پاڻي جا جيت پنرا پيٽ ۾ هليا ويندا هئا. وسڪاري جي موسم ۾ پنرن جي ڪري هڪ ڪيڙو بدن مان سري نڪرندو هو. 

 [19] هڪ راءِ مطابق هي بيت لطيف سائين جو نه آهي، وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

[20] هيءُ بيت هن ريت به ملي ٿو ته:

ڇُلي پَئُه مَ ڇپرين ڏُلي ڇڏ مَ ڏيهه،

پسي وڻ وطن جا، وڙڪي اچي ويهه،

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري!.

* ڪسبي لفظ هونئن ته مانائتو آهي پر طبقاتي سماج ۾ هن کي نيچ ڏيکاريو ويو آهي.

 حاجي محمد ڪنڀر جو ڪچهريءَ ۾ اظهار[21]

 جنهن تي نر ڦر(گهيٽو) ٽپيو نه هجي. [22]

[23]  لطيف سائين ڪلالن کي مڌ ۽ گوشت وڪرو ڪندڙ جي    ڪِرت ۾ ڳايو آهي.

 نسب نامه سنڌ، عبالڪريم آزاد، ص 155[24]

 تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون، رائچند ص 129[25]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org