صادق
هدايت
(ايراني افسانو)
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
ڪُٻڙو دائود
جديد
ايراني ادب جو سرموڙ نالو صادق هدايت 3 فيبروري
1903ع تي تهران جي هڪ سکئي ستابي گهراڻي ۾ پيدا
ٿيو. ابتدائي تعليم تهران جي مشهوردرسگاهه
”دبيرستان فرانسيه“ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم
پرائڻ لاءِ هُو 1926ع ۾ فرانس هليو ويو.
جتي کيس افساني نگاريءَ جو شوق ٿيو،
تنهنڪري اتي رهڻ دؤران هن ڪيترائي افسانا لکيا.
جيڪي پوءِ ”زندهه بگور“ ۽ ”سه قطر خون“ جي نالن
سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. 1930ع ۾ هُو
تهران موٽي آيو. قديم ايران سان بي پناهه محبت ۽
مقامي ماحول کان بيزاريءَ جي نتيجي ۾ هن 1936ع ۾
تهران ڇڏي اچي بمبئي وسائي. بمبئيءَ ۾ هن
صادق هدايت ٽيهارو کن ڪتاب ڇڏيا
آهن، جيڪي ايران جي جديد ادب ۾ هڪ نرالي ۽ مانائتي
جاءِ والارين ٿا. هن فارسي افساني کي هڪ نئون شعور
۽ مزاج ڏنو. کانئس اڳ ايراني ماڻهن جي دل جي ڌڙڪڻ
افسانن ۾ ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندي هئي. هن عوامي معاشري
جي ترجماني ڪئي ۽ سندن لاءِ سندن ئي ٻوليءَ کي ڪتب
آندو. اهو قدم فارسي افساني ۾ هڪ وڏو انقلاب هو.
صادق هدايت عوامي ٻوليءَ کي وڏو مانُ ۽ شانُ بخشيو
۽ پڙهندڙن کي عام ڪردارن جي اهميت جو هڪ زبردست
احساس ڏياريو. اڄ فارسي افساني تي صادق هدايت جي
ڌاڪ ويٺل آهي. صادق هدايت جي ٻولي هاڻي فارسي ناول
۽ افساني جي ٻولي
بڻجي
چڪي
آهي.
صادق هدايت جي پيڙائن جو احساس،
جيتوڻيڪ مريضاڻو ۽ چريائپ مثل آهي، پر سندس فن جي
تخليقي شان ۽ مٿڀرائپ کان انڪار ڪري ئي نه ٿو
سگهجي. هيءُ
افسانو بي. اي فارسي پنجاب يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾
شامل رهيو آهي ۽ دنيا جي ڪيترين ئي وڏين ٻولين ۾
ترجمو ٿي چڪو آهي.
(سنڌيڪار)
”نه
بابا نه! مون
کي اهو ڪم بنهه نه ڪرڻ گهرجي. هروڀرو ڦڏي ۾ پوڻ
سان ڇا ورندو؟ ٻيا وڃي ڌُوڙ
پائين. پنهنجو ڇا وڃي! اهو ڪم ٻين لاءِ خوشيءَ جو
ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، پر منهنجي لاءِ ان ۾ رنج ۽ ڏک ئي
هوندو. نه نه! هرگز به نه!“
ڪٻڙو دائود چپن ۾ ڀُڻڪندو هيڊي رنگ
جي ننڍڙي لَٺِ ٽيڪيندو نهايت ڏکيائيءَ سان اڳتي
وڌي رهيو هو. لڳو ٿي ته هن پنهنجو جسماني توازن
بيحد مشڪل سان برقرار پئي رکيو. سندس وڏو چهرو،
جيڪو ڏٻرن ڪُلهن جي وچ ۾ عجيب ٿي لڳو، ٻاهر نڪتل
سيني تي جُهڪيل هو. ظاهري طور سندس شخصيت اڻ
وڻندڙ، ڊيڄاريندڙ ۽ ڪرڀ جوڳي ٿي نظر آئي. سنهڙا
ڀڪوڙيل چپ، ڪمان وانگر سنها
ڀِروون،
کُٿل پنبڻيون، هيڊو رنگ، ڳٽن جون اُڀريل هڏيون،
پُٺيءَ پويان گهڻو ٻاهر نڪتل قميص، ڊگها، ڀوائتا ۽
ٽيڙا هٿ، مٿي تي رکيل گرگِلي ٽوپي- اهو سڀ ڪجهه ۽
خاص طور تي پاڻ مٿان زبردستي مڙهيل سنجيدگيءَ ۽
لَٺِ کي ڌرتيءَ تي زور سان هڻڻ واري انداز کيس اڃا
به کلڻ هاب ڪري ڇڏيو هو.
هو شاهراهه پهلوي جي موڙ وٽان هليو
هو ۽ شهر جي ٻاهرين
رستي
کان ٿيندو ”دولت دروازي“ ڏانهن وڃي رهيو هو. سج
پنهنجي پنڌ جي آخري منزل ۾ هو. هَوا ۾ ڪجهه ٿڌاڻ
هئي. ساڄي پاسي لهندڙ سج جي جهيڻي روشنيءَ ۾ گاري
مان ٺهيل ڀتيون ۽ سِرن سان کڄيل ٿنڀا آسمان ڏانهن
مُنهن ڪندي نظر ٿي آيا. کاٻي پاسي وري تازو ئي
ڀريل هڪ وڏي کڏ جي ڪناري ٿوري ٿوري پنڌ تي ٺهندڙ
پَڪا گهر ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
هتي ڪي قدر اڪيلائي ۽ سانت هئي.
ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا گاڏي يا بگي ٿي گذري ته ڇڻڪار جي
باوجود به فضا ۾ هلڪي دَزَ ٿي اڏاڻي.
دائود سوچي رهيو هو ته ننڍپڻ کان
وٺي هيل تائين سڀئي ماڻهو مٿس چَٿرون پئي ڪندا
رهيا آهن ۽ هن پنهنجي سموري زندگي ٻين جي رحم ۽
ڪرم تي گذاري آهي.
کيس ياد آيو ته پهريون ڀيرو جڏهن
ڪلاس ۾ استاد تاريخ جو ڪو باب پڙهائيندي ٻڌايو هو
ته اسپارٽا جا ماڻهو بُڇڙي شڪل وارن پيدا ٿيندڙ
ٻارن کي ماري ڇڏيندا هئا،
ته ان وقت دائود جا سڀ هم ڪلاسي ڏانهنس عجيب نظرن
سان ڏسي رهيا هئا. ان مهل هن پاڻ کي هڪ اڻ ڄاتل
حالت ۾ جڪڙيل محسوس ڪيو هو. هاڻي ته سندس اها
خواهش هئي ته اهڙن بدصورت ٻارن کي ڄمندي ئي ماري
ڇڏڻ جو ڪو قانون ٺاهي ان کي لاڳو ڪيو وڃي يا وري
گهٽ ۾ گهٽ معذور، بيمار ۽ جَڏن ماڻهن جي شادي ڪرڻ
تي پابندي هنئي وڃي. اهڙي ڪا پابندي جيڪر ته اڳ ۾
هجي ها ته جيئن سندس پيءُ شادي نه ڪري ها ۽ پوءِ
نه دائود ڄمي ها ۽ نه وري کيس اهي ڏينهن ڏسڻا پون
ها. سندس خيال ۾ ان سموري صورتحال جو ذميوار سندس
پيءُ هو.
چهرو هيڊو پيلو، ڳِٽن جون هڏيون
ٻاهر نڪتل، اندر دَٻيل نيريون چُچيون
اکيون... چَپ ٽيڙا، ڊگهي کاڏي... وات پَٽيل... اهي
هئا سندس پيءُ جا منهن مهانڊا.
ان مَتِ منجهيل ۽ بي شڪلي پوڙهي هڪ
جوان ڇوڪريءَ کي ڏَٽا ڏئي ساڻس شادي ڪئي هئي، جنهن
مان هڙئي ٻار انڌا منڊا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا پيدا ٿيا
هئا. دائود جا سڀ ڀائر ننڍي هوندي ئي مري کپي ويا،
رڳو هڪڙو جيئرو بچيو هو، سو به گونگو ۽ اڌ چريو
هو. ٻه ٽي سال ٿيندا، اهو به ڌڻيءَ کي وڃي پَرتو
هو.
ننڍپڻ کان ئي اسڪول ۾ جيڪي رانديون
رونديون کيڏيون وينديون هيون يا وري اکٻوٽ، گوءِ ۽
ٻيون وندر ورونهن جون سرگرميون هونديون هيون، جيڪي
سندس هم ڪلاسين لاءِ خوشيءَ ۽ تفريح جو سبب هيون،
تن کان هيءُ
صفا وانجهيل هوندو هو. سڀ کيڏندا ۽ ڊوڙندا وتندا
هئا، پر هُو
ڪلاس جي ڪنڊ ۾ ويهي چهري جي سامهون ڪتاب رکي ويهي
رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب جي اوٽَ مان کين ڏسي
وٺندو هو. هُو پڙهائيءَ ۾ ڏاڍو ڀڙُ هو، ڏاڍي محنت
ڪندو هو ۽ چاهيندو هو ته هُو سڀني کان تعليم ۾ اَڳرو هجي.
ڪلاس جي نالائق شاگردن مان ٻه- ٽي
اهڙا به هئا، جيڪي سندس ويجهو رهڻ جي ڪوشش ڪندا
هئا ته جيئن رياضيءَ جا سوال حل ڪرڻ ۽
هوم ورڪ ۾ هُو سندن مدد ڪري سگهي. هن چڱيءَ ريت
ڄاتو ٿي ته سندن دوستي مطلب جي آهي. استادن مان
ٻه- چار دائود سان همدرديءَ ۽ پنهنجائپ جو اظهار
ڪندا هئا، ان
ڪري نه ته هُو
هڪ محنتي شاگرد هو، پر هُو کيس جڏڙو سمجهي مٿس رحم
ڪندا هئا. هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو معذوريءَ ڪري
کيس پنهنجي پڙهائي اَڌ ۾ ڇڏڻي پئي.
هاڻي هُو هر پاسي کان لاچار هو. سڀ ماڻهو کانئس پري پري رهندا هئا.
ايتري قدر جو سندس ويجها دوست به ساڻس گڏ هلڻ ۾
عار محسوس ڪندا هئا. عورتون کيس ڏسي ٺٺوليون ڪندي
چونديون هيون، ”هُو ڏسو! ڪٻڙو! ڪيڏو ته بڇڙو ٿو
لڳي!“
سال گذري ويا. هڪ ڀيري هن شاديءَ
جو ارادو ڪيو. هن ٻن ٽن ڇوڪرين ڏانهن شاديءَ جو
نياپو به موڪليو، پر مٿس چَٿرون ڪيون ويون. انهن مان هڪ ڇوڪري، جنهن جو نالو
زبيده هو، سندس ويجهو فشرآباد ۾ رهندي هئي. ايندي
ويندي هنن نه رڳو هڪٻئي کي ڏٺو وائٺو هو، پر
ڳالهايو ٻولهايو پڻ هو. ٽيپهريءَ ڌاري هُو بنا
ڪنهن ڪم ڪار جي فشرآباد ڏانهن نڪري ويندو هو ته
جيئن هو زبيده کي ڏسي سگهي. هاڻي کيس ياد ٿي آيو
ته هن جي چپن جي ڪناري تي هڪ ڪارو تِرُ هوندو هو.
دائود پنهنجي ماسيءَ کي موڪلي
زبيده جو سَڱُ گُهريو هو ته هن ٺٺول ڪندي چيو هو،
”دنيا ۾ ٻيا مرد ڪونهن جو مان هن ڪُٻڙي جي زال
ٿيان.“
زبيده جي والدين کيس سمجهايو ته
هوءَ ان ڪٻڙي تي ترس کائي ساڻس شادي ڪري، پر هن
دائود سان شادي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو
ته اڃان مردن ۾ ڪال ناهي پيو.
زبيده جي بي رُخيءَ ۽ ڌڪار جي
باوجود به هُو کيس ڏاڍو چاهيندو هو. زبيده کي ڏسڻ
سندس جوانيءَ جي حَسين يادن مان هڪ ياد
هئي.
هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن هُو اتان
لنگهندو هو ته گذريل
ڏينهن جون اهي حَسين يادون سندس تصور ۾ اُڀري اينديون هيون. هاڻي ته هو هر
شيءِ کان بيزار ۽ ڌار ٿي رهڻ لڳو. هُو اڪيلو ئي
گهمندو ۽ ماڻهن کان پري ڀڄندو هو.
جڏهن به ڪو ماڻهو کلندو هو يا
پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ سان هوريان ڳالهائيندو هو ته
دائود اهو سمجهندو هو ته اهي پَڪ سان هن لاءِ ئي
سُرٻاٽ ڪري رهيا آهن ۽ اهي ماڻهو کيس ڀُوڪ سمجهي
رهيا آهن. اهڙن موقعن تي هُو
ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنهنجي ڳچي ڦيري اڌ کليل اکين
سان ماڻهن تي ڌڪار ڀريل نظر وجهي مُنهن پري ڪري
ڇڏيندو هو.
ايندي ويندي رستي ۾ سندس سمورو
ڌيان ٻين ماڻهن تي رهندو هو ۽ هر وقت سندس اها
ڪوشش هوندي هئي ته هو پنهنجي باري ۾ ٻين جي راءِ
کان ضرور آگاهه رهي.
هڪ ڏينهن دائود نديءَ جو ڪنارو ڏئي
هوريان هوريان وڃي رهيو هو. هُو
ائين ئي پاڻيءَ جي هموار سطح کي لَٺ هڻندو ٿي ويو.
پاڻيءَ جا ڇنڊا، ائين ڪرڻ سان سندس خيالن وانگر
ٽِڙي پکڙي ٿي ويا. اوچتو هن ڊگهن وارن واري هڪ اڇي
ڪُتي کي ليٽيل ڏٺو، جنهن سندس لَٺِ جي هڪ پٿر سان ٽڪرائجڻ جو آواز ٻڌي پنهنجو
ڪنڌ مٿي کنيو هو. لڳو ٿي ته هو بيمار هو يا وري
مرڻ ڪنڌيءَ
تي،
ڇو جو هو پنهنجي جاءِ
تان چُريو پُريو ئي ڪونه ۽ هڪدم پنهنجو ڪنڌ پَٽَ
تي اڇلائي ڇڏيائين.
دائود
ڏاڍي ڏکيائيءَ سان هيٺ جُهڪيو ته چانڊوڪيءَ ۾ سندن نظرون هڪ ٻئي سان مليون.
ان گهڙيءَ هڪ عجيب خيال دائود کي سوگهو جهلي ورتو.
هن سوچيو ته زندگيءَ ۾ اها پهرين پُرخلوص ۽ همدرد
نگاهه هئي، جيڪا ڏانهس کڄي هئي.
شايد ان ڪري جو بدقسمتيءَ جي لحاظ کان اهي ٻئي هڪ
ئي ٻيڙيءَ جا سوار هئا. هڪ بي ملهائتي ۽ بيڪار
شيءِ وانگر اهي ٻئي انسانن جا ڌڪاريل هئا. هن
سوچيو ته هُو ان ڪتي کي پنهنجي هنج ۾ کڻي ۽ سندس
مٿي کي پنهنجي اُڀريل سيني سان ڀيڪوڙي.
پر پوءِ کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪو اچي ويو ۽ ان
حالت ۾ ڏسي ورتو ته پوءِ اڃان به وڌيڪ کيس ٺٺولين
جو نشانو بنايو ويندو.
سج رات جي هنج ۾ پناهه وٺي چڪو هو.
جڏهن دائود ”يوسف آباد دروازي“ وٽان لنگهيو ته
نوراني ڪرڻا وکيريندڙ چنڊ آسمان
جي ڪناري تان اُڀري آيو هو. هن شهر ڏانهن ڏٺو، فضا
۾ ماٺار ڪري شهر پري کان ڄڻ ته سُتل ٿي لڳو. پري
پري تائين ڪوبه ڪونه هو، پر نديءَ جي ٻئي ڪناري
کان ابو عطا جي گيت جو آواز هوريان هوريان اچي
رهيو هو.
دائود ڏکيائيءَ مان پنهنجو ڪنڌ مٿي
ڪيو. هُو
ڏاڍو ٿَڪل ۽ ڏک ۾ ٻُڏل هو. سندس اکين ۾ جذبن جي
شدت وگهي ڄڻ ته باهه ڀَڙڪي رهي هئي. ائين ٿي لڳو
ته ڄڻ سندس مٿو جسم تي هڪ ٻوجهه بڻجي
ويو هو. هن پنهنجي لَٺِ نديءَ ڪناري رکي ۽ هڪ پاسي
ٿي ويهي رهيو.
اوچتو سندس نظر هڪ برقعي پاتل عورت تي پئي، جيڪا
سندس پَر ڀَرو ئي نديءَ ڪناري ويٺي هئي.
دائود جي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. ان
گهڙيءَ عورت پنهنجو رخ ڏانهنس موڙيو ۽ هڪدم چيو،
”هُوشنگ! تون ايڏي دير ڪٿي هُئين؟“
دائود عورت جي اهڙي لهجي تي حيران
ٿي ويو، ڇو جو هوءَ کيس ڏسي ڪونه ڊني هئي. سندس
ڳالهائڻ جي انداز مان لڳو ٿي ته هن دائود سان
گفتگو ڪرڻ ٿي چاهي.
”پر هن مهل هوءَ هتي ڇا ڪري رهي
آهي؟“ دائود سوچيو، ”ڇا هيءَ شريف عورت آهي؟ اها
ته مون کي محبت جي ماريل ٿي لڳي.“ پوءِ هن پاڻ کي
مضبوط ڪري پنهنجو پاڻ کي چيو، ”جيڪو ٿيندو، سو ڏٺو
ويندو. مون کي هن سان ٻه- چار ڳالهيون ضرور ڪرڻ
گهرجن. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ مون کي نئين زندگي عطا
ڪري.“ ائين سوچي هن چيو، ”ڇا تون اڪيلي آهين؟ مان
به اڪيلو آهيان، پر هميشه کان ئي اڪيلو رهيو
آهيان. ننڍي هوندي کان ئي اڪيلائيءَ جي روڳ ۾ ڦاٿل
رهندو پئي آيو آهيان...“
دائود جي ڳالهه اڃان پوري ئي نه ٿي
جو اها عورت ڏانهس مُڙي چوڻ لڳي، ”پر تون ڪير
آهين؟ مان ته توکي هوشنگ ٿي سمجهيو.“
دائود سندس آخري جملو چڱيءَ ريت نه
ٻڌي سگهيو ۽ نه ئي وري سمجهي سگهيو. کيس اهڙي ڪابه
اميد ڪونه هئي. هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ڪنهن عورت
ساڻس ڳالهايو هو. ٻيو ته اها ڏاڍي سهڻي پڻ هئي.
هُو پگهر ۾ شَل ٿي ويو. هن ڊڄندي چيو، ”مان هوشنگ
ناهيان، منهنجو نالو دائود آهي.“
ان عورت هلڪو ٽَهڪ ڏيندي چيو،
”آها! دائود! ڪٻڙو دائود“ پوءِ هن ڏند ڪرٽيندي
چيو، ”مان به چيو ٿي ته هي ته ڄاتل سڃاتل آواز
آهي. مون کي سڃاڻين ٿو ڪُٻڙا؟ مان زبيده آهيان.“
سندس وارن جي هڪ چَڳ، جنهن سندس اڌ
چهري کي ڍڪي ڇڏيو هو، هَوا جي جُهوٽي ڪري لهرائڻ
لڳي ته دائود کي چپن جي هڪ ڪنڊ تي ڪارو تِر نظر
آيو. دائود کي سندس نڙيءَ کان سيني تائين ڪو خنجر
چيرڻ لڳو. پگهر جا ٽيپا سندس نرڙ تان هيٺ ڳَڙڻ
لڳا. هن پري پري تائين ڏٺو، پر کيس ڪوبه نظر نه
آيو. ابو عطا جي گيت جو آواز بنهه ويجهو اچي ويو
هو. سندس دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي، ايڏو تيز جو کيس
ساهه کڻڻ ۾ پڻ ڏکيائي ٿيڻ لڳي.
هُو ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيو. ڏڪندڙ
وجود سنڀالي هُو اٿي کڙو ٿيو. ڏک ۽ محرومي سندس
گهيرو ڪري ويا. هن لٺ کنئي ۽ ڳَرن قدمن سان ٿِڙندو
ٿاٻڙجندو، جنهن رستي سان آيو هو، تنهن تي واپس
موٽڻ لڳو. سڏڪندڙ آواز ۾ هن پنهنجو پاڻ سان
ڳالهايو، ”اها زبيده هئي؟ مان ته کيس پورو ڏٺو به
ڪونه! ممڪن آهي ته هوشنگ سندس مڱيندو هجي يا وري
مڙس! پر منهنجو ڇا؟ ڳالهه منهنجي هٿ ۾ ناهي رهي،
تنهنڪري مون کي سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ گهرجي.“
پاڻ گِهليندو دائود ان ڪُتي
وٽ آيو، جنهن کي هن ڪجهه دير اڳ رستي ۾ ڏٺو هو.
هُو ڪُتي
جي ڀرسان وڃي ويٺو ۽ سندس مٿو کڻي پنهنجي ٻاهر
نڪتل سيني سان لڳايائين... پر... پر ويچارو ڪُتو به مري چڪو هو.
نجيب محفوظ
(نوبل پرائيز)
(عالمي ادب)
قربان چنا
اڌ ڏينھن
ناول
نگار نجيب محفوظ 11 ڊسمبر 1911ع تي مصر جي شھر
قاھرہ ۾ جنم ورتو. کيس عربي ادب جي بااثر ليکڪن ۾
شمار ڪيو وڃي ٿو. نجيب محفوظ جو شاندار ڪيريئر ستن
ڏهاڪن تائين جاري رھيو، ان دوران هن 34 ناول، 350
کان وڌيڪ مختصر ڪهاڻيون، درجن فلمي اسڪرپٽ ۽ پنج
ڊراما لکيا. سندس ”قاهره ٽرلاجي“ تمام گهڻي مشھور
آھي، جن ۾ پئليس واڪ، پئليس آف ڊزائر ۽ شگر اسٽريٽ
ناول شامل آھن، جن ۾ ويهين صديءَ جي پهرين دور
واري مصري سماج جي عڪاسي ٿيل آھي. سندس اڪثر
لکڻيون وجوديت جي موضوعن، مصري معاشري ۽ ثقافت تي
مشتمل ھجن ٿيون.
. 1988ع ۾
محفوظ عربي ٻوليءَ جو پهريون ليکڪ بڻجي ويو، جنهن
کي ادب جي نوبل انعام سان نوازيو ويو. ھو
30 آگسٽ 2006ع تي وفات ڪري ويو.
مان پنھنجي بابا جو ساڄو ھٿ مضبوطيءَ
سان پڪڙيندي.
تيزيءَ سان ھلڻ لڳس، ته جيئن سندس تيز وِکن
کي پھچي سگهان. مون کي سمورو لباس نئون پھريل آھي،
جنھن ۾ ڪارو بوٽ، اسڪول جي سائي ڊريس ۽ ڳاڙھي ٽوپي
شامل آھن. بھرحال نون ڪپڙن ۾ به منھنجي خوشي
اڻپوري آھي، ڇو جو مان ڪنھن دعوت ۾ نه وڃي رھيو
آھيان، پر اڄ مون کي اسڪول ۾ اڇليو پيو وڃي.
منھنجي ماءُ ڳڙکيءَ ۾ بيٺي اسان کي ويندي ڏسي رھي
آھي ۽ مان رکي رکي ڪنھن مدد جي اميد سان، ھن ڏانھن
نھاريان ٿو. اسان ھڪ اھڙي گهٽيءَ مان گذري رھيا
آھيون،
جنھن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي فصلَ پوکيل آھن ۽ ڪنارن
تي قطارن جي صورت ۾ ناسپاتين،
مينديءَ ۽ کجين جا وڻ پوکيل آھن.
”اسڪول ڇو؟“ مون پڇيو، ”مان آئينده اھڙي ڪابه حرڪت
ڪونه ڪندس جنھن سان توھان کي تڪليف ٿئي.“
”مان توکي ڪا سزا نه ڏئي رھيو آھيان،“ بابا کِلندي
جواب ڏنو.
”اسڪول ڪنھن سزا واري جاءِ جو نالو ڪونه آھي.
اسڪول ته ھڪ اھڙي فيڪٽري آھي،
جتان ڇوڪرا ڪارائتا فرد ٿي ٻاھر نڪرندا آھن. ڇا
تون پنھنجي بابا ۽ ڀائرن جھڙو ٿيڻ نه ٿو چاھين؟“
مون کي ان ڳالھ سان آٿت نه ملي. ان ڳالھ تي بلڪل
به يقين نه پئي آيو ته مون کي گهر جھڙي ماحول مان
تڙي، ھنن ڊگهين ڀتين واري ڪشادي عمارت ۾ ڦٽو ڪري
وڃڻ سان مون کي ڪا چڱائي حاصل ٿيندي.
جڏھن اسان دروازي تي پھتاسين ته اسڪول جو اڱڻ
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل نظر آيو.
”مزي سان اندر وڃ ۽ انھن سان رُلي ملي وڃ.“
بابا چيو، ”مُنھن تي مرڪ آڻ ۽ ٻين لاءِ سٺو مثال
ٿي ڏيکار.“
مان ھٻڪندي بابا جو ھٿ ويتر مضبوطيءَ
سان پڪڙيو، پر ھن آرام سان منھنجي ھٿ کي پنھنجي ھٿ
کان الڳ ڪيو. ”مرد ٿيءُ“.
ھن چيو، ”اڄ تون پنھنجي حقيقي
زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھين. مان
توکي موڪل جي وقت تنھنجو انتظار ڪندي ٻاھر بيٺو
نظر ايندس.“
مان چند وکون اڳتي وڌيس ۽ مون کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
جي چھرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. مان انھن
مان ڪنھن کي به
ڪونه
سڃاڻيندو ھئس ۽ نه وري انھن مان ڪو مون کي سڃاڻي
رھيو ھو. مون محسوس ڪيو ته مان ڪو اوپرو آھيان ۽
پنھنجو
رستو ڀلجي ھتي پھتو آھيان. پر پوءِ ڪجھ نظرن مون
کي حيرت سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ ھڪ ڇوڪري منھنجي ويجهو
اچي پڇيو، ”توکي ھتي ڪير ڇڏي ويو آھي؟“
”منھنجو بابا،“ مون آھستڙي وراڻيو.
مون کي سُڌ ڪونه ھئي ته وڌيڪ ڇا ڳالھائڻو آھي.
دروازو بند ٿيندي ئي ڪجهه سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا. ڪجهه
ٻارن روئڻ شروع ڪيو ھو. گهنٽي وڳي. ھڪ عورت اڳيان
وڌي، جنھن سان ڪجهه مرد ساڻ ھئا، جيڪي سندس پٺيان
اچي رھيا ھئا. مردن اسان کي صِفن ۾ بيھارڻ شروع
ڪيو. اوچين ديوارن جي وچ ۾ پکڙيل ھن خلاصي اڱڻ ۾
اسان کي ور وڪڙن جي صورت ۾ بيھاريو ويو. ھر منزل
تي موجود ڪاٺ جي ڇت وارا ڇڄا نظر اچي رھيا ھئا.
”ھي تنھنجو
نئون گهر آھي،“ عورت چيو، ”ھن گهر ۾ ڇوڪرن جا به
والدين رھندا آھن. ھتي ھر تفريح مھيا ڪندڙ شيءِ
موجود آھي، جيڪا علم ۽ مذھب لاءِ فائديمند ھجي ٿي.
پنھنجا ڳوڙھا اگهُه ۽ خوشيءَ سان زندگيءَ جو
مقابلو ڪر.“
اسان حقيقتن کي تسليم ڪيو ۽ ڪن بدگمانين جي ور
چڙھڻ بجاءِ، اسان کي امن ۽ تسڪين جو احساس ٿيو.
زندگيون زندگين سان ڳنڍجڻ لڳيون ۽ مون ستت ئي سٺن
ڇوڪرن سان دوستي رکي ۽ ڪيترين ئي ڇوڪريُن جي محبت
۾ گرفتار ٿيس.
مون ائين محسوس ڪيو ته اڳ مان ڪنھن وڏي غلط فھميءَ
جو شڪار ھئس، جنھن جو ڪوبه وجود ڪونه ھو. مون کي
تصور ۾ به نه ھو ته اسڪول ڪيترن ئي خوشگوار تجربن
سان ڀرپور ھڪ بھترين جاءِ ھوندي. اسان ڪيئي
رانديون ڪيون: پينگهي
۾ جھولياسين، ھٿ ٽيڪي ڪاٺ گهوڙي ۽ بالن سان
کيڏياسين. اسان موسيقيءَ واري ڪمري ۾ پنھنجو
پھريون گيت جهونگاريو. ٻوليءَ سان اسان جو پھريون
تعارف ٿيو. اسان ڌرتيءَ جو گولو به ڏٺو، جيڪو
ڦرندو ھو.
جنھن ۾ تمام گهڻا ملڪ ۽ کنڊَ نظر ايندا ھئا. اسان
ڳڻپ سکياسين ۽ اسان کي ھن ڪائنات جي پيدا ڪندڙ جي
ڪھاڻي به ٻڌائي وئي. اسان کي دنيا ۽ آخرت جي ڄاڻ
ڏني وئي ۽ سندس حڪمن ۽ فرمانن جا مثال به ٻڌايا
ويا. اسان مزيدار کاڌا کاڌا، آرام ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ
لاءِ دوستي، محبت، کيڏڻ ۽ سکڻ جاري رکيو.
اسان جا رستا پاڻ مرادا صاف ٿي اسان جي اڳيان
وڇائجي ويا.
تنھن ھوندي به اھي ايترا آسان ۽ سولا ڪونه ھئا،
جيترا اسان سمجهيا
ھئا. رستي ۾ اوچتو سامھون ايندڙ مٽيءَ جي طوفانن ۽
غير متوقع حادثن جي ڪري محتاط رھڻو پيو ۽ صبر به
ڪرڻو پيو. ھتي رڳو کيڏڻ، ٽپا ڏيڻ يا مستيون ڪري
پاڻ کي وندرائڻو ڪونه پوندو ھو.
پر ھتي دشمني ۽ نفرت پيدا ٿيڻ جا به ڪيترائي سبب
ظاھر ٿي سگهيا پئي، جن مان
ويڙهه
ٿيڻ جو به امڪان رھندو ھو. اھا عورت جيڪا ڪڏھن
ڪڏھن مسڪرائيندي ھئي ته اڪثر دڙڪا ڏيندي
۽
رڙيون به ڪندي ھئي، ۽ اڪثر وقتن تي جسماني سزا به
ڏيندي ھئي.
ھاڻي پنھنجي ذھن کي تبديل ڪرڻ يا ارادو بدلائڻ جو
وقت ختم ٿي چڪو ھو ۽ گهر جي جنت جھڙي ماحول ڏانھن
واپس ورڻ جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. اسان وٽ
ھاڻي جدوجھد ڪرڻ ۽ ثابت قدم ٿي رھڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو رستو ڪونه ھو. جن وقت جو سٺي نموني استعمال
ڪيو، انھن کي ڪاميابي ملي.
گهنٽيءَ جي آواز ڏينھن گذرڻ ۽ ڪم جي خاتمي جو
اعلان ڪيو. ٻار ٽولين جي صورت ۾ ڊوڙندا وڃي دروازي
تي
پُڳا، جنھن کي ھاڻي ٻيھر کوليو ويو ھو. مون پنھنجي
دوستن ۽ محبوبن کي خدا حافظ چيو ۽ دروازي مان ٻاھر
نڪري آيس. مون چوڌاري نھاريو،
پر بابا جو ڪوبه نالو ۽ نشان نه مليو.
جيتوڻيڪ
ھن اتي موجود ھئڻ جو واعدو ڪيو ھو. مان ھڪ پاسي
بيھي سندس انتظار ڪرڻ لڳس. مون ڊگهي ۽ بي فائدي
انتظار کان پوءِ فيصلو ڪيو ته ھاڻي مون کي پاڻ
ئي
گهر ھليو وڃڻ گهرجي. مان چند وکون اڳتي وڌيس ته ھڪ
اڌڙوٽ
عمر واري شخص تي نظر پئي ۽ مون کي ھڪدم احساس ٿيو
ته مان کيس سڃاڻان ٿو. ھو منھنجي ويجهو ٿيو ۽
مشڪندي مون ڏانھن ھٿ وڌائيندي چيائين، ”اسان کي
ملاقات ڪندي الاھي وقت گذري چڪو آھي. تون ڪيئن
آھين؟“
مون
پنھنجو مٿو لوڏي
ساڻس
اتفاق ڪيو ۽ موٽ ۾ پڇيو،
”۽
توھان، توھان
ڪيئن آھيو؟“
”جيئن
تون ڏسين
پيو، مڙئي وقت گذري پيو، سڀ ساراھ خدا لاءِ آھي!“
ھن ٻيھر منھنجو ھٿ پڪڙيو ۽ اڳتي ھلندو رھيو.
منھنجا خدا! اھا گهٽي ڪيڏاھن وئي جنھن جي ٻنھي
پاسن کان باغ ھئا؟ اھي سموريون شيون ڪيڏانھن گم ٿي
ويون؟ ڇا ھنن تيز رفتار اکٽ گاڏين انھن کي لتاڙي
ڇڏيو؟ ۽ ھي ايترا ماڻھو زمين تي ڪٿان اچي ويا؟ ھي
گند ڪچري جا
ڍير
ڪٿان اچي ويا؟ اھو فصل ڪيڏانھن ويو جيڪو ٻنھي
ڪنارن کان پوکيل ھو، جن جي جاءِ عمارتن جي بلندين
اچي والاري آھي؟ گهٽيون ٻارن سان ڀريون پيون آھن ۽
ھوا
مداري بيٺل نظر آيا،
جيڪي پنھنجي ڇَٻين
مان نانگ ڪڍي انھن کي گم ڪرڻ جا ڪرتب ڏيکاري رھيا
آھن. پوءِ ھڪ بينڊ ٻڌڻ ۾ آيو،
جيڪو ڪنھن سرڪس جو اعلان ڪري رھيو ھو.
جنھن جي اڳيان مشڪرا ۽ پھلوان
ڦري
رھيا ھئا. مرڪزي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل
ماڻهن
سان ڀريل ڪجهه ٽرڪون سامھون گذري ويون. فائر برگيڊ
تيز ھارن وڄائيندي پنھنجي منزل تي پھچڻ جي ڪوشش
ڪري رھي ھئي، پر اھا ڪنھن امڪاني رڪاوٽ جي ڪري اتي
وقت سر پھچي به سگهندي الائي نه؟ ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور
۽ مسافر
جي
وچ ۾ جهيڙو شروع ٿيو.
جنھن لاءِ مسافر جي گهرواري مدد ڪاڻ
سڏ ڪري
رھي ھئي.
جڏھن ته ڪنھن جي به ڪن تي جُونءِ ڪانه چُري رھي
ھئي. منھنجا خدا! مان وائڙو ٿي ويس. منھنجو مٿو
ڦري رھيو ھو. رڳو اڌ ڏينھن ۾، صبح ۽ شام جي وچ ۾،
ھيترو ڪجهه مٽجي وڃڻ ڪيئن ممڪن آھي؟ شايد مان گهر
پھچي بابا وٽان انھن سوالن جو جواب وٺي سگھان. پر،
منھنجو گهر ڪٿي آھي؟ مون کي جيڪو ڪجهه نظر اچي
رھيو ھو، اھو صرف ماڻھن جو ميڙ ۽ ڊگهيون عمارتون
ھيون. مون
روڊ
جي وچ واري چوراھي کي تڪڙ ۾ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
روڊ
پار ڪري پنھنجي گهر ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
گاڏين جي دونھي مون کي
روڊ
پار ڪرڻ نه ڏنو.
فائر برگيڊ جو ھارن دماغ ۾ وڄي رھيو ھو ۽ مون
پنھنجي منھن سوچيو، ”باھ کي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏيو ۽
ان ۾ ناگريز مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيو.“ مون
انتھائي پريشانيءَ واري عالم ۾ سوچيو ته خبر ناھي
مان ڪنھن وقت
روڊ
پار ڪرڻ جي قابل ٿيندس. مان ڳپل دير تائين اتي
بيٺو رھيس، تڏھن ڪنڊ ۾ واقع ڌوٻيءَ جي دڪان تي
استري ڪرڻ وارو ملازم ڇوڪرو منھنجي ويجهو آيو. ھن
پنھنجي ٻانھن مون ڏانھن وڌائيندي سورھائيءَ وچان
چيو، ”ڏاڏا، اچو مان اوھان کي سڙڪ پار ٿو ڪرايان.“
ايڊگر ايلن پو
سنڌيڪار: اياز ڀٽو
آخري ڪهاڻي
ايڊگر ايلن پو انگريزي ادب جو مشهور نقاد، مضمون
نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ايڊيٽر هو، پر
سندس سڃاڻپ نقاد ۽ شاعر طور آهي. هُو 19 جنوري
1809ع تي آمريڪا ۾ ڄائو ۽ 7 آڪٽومبر 1849ع ۾
لاڏاڻو ڪيائين.
ايڊگر ايلن پو جون ادبي دنيا ۾ 20 ڪهاڻيون تمام
گهڻيون مشهور آهن، انهن منجهان ”آخري ڪهاڻي“ به
هڪ آهي. جيڪا هڪ ليکڪ جي زندگي بابت آهي، جنهن ۾
تجسس ۽ راز آهي. ايڊگر ايلن پو جي ٻين ڪهاڻين ۾
به
Mystery
۽ Macabre
جو عنصر جهجهو ملي ٿو. هن هڪ ناول به 1840ع ۾
لکيو، جنهن جو نالو The
Journal
of
Juilus
آهي. نقاد چون ٿا ته ايڊگر جو هي نامڪمل ناول آهي.
هن هڪ ڊرامو 1835ع ۾ لکيو هو،
جنهن جو نالو Politian
آهي.
ايڊگر ايلن پو انگريزي ادب ۾ مٿانهون مقام رکي ٿو
۽ هن جا تمام گهڻا مداح آهن. اميد ته پڙهندڙن کي
هيءَ ڪهاڻي پسند ايندي.
شهر جا سڀئي ڊاڪٽر ان پوڙهي ۽ انڌي ليکڪ جي
زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪا هئا. پاڻ ليکڪ کي به ان
ڳالھ جو احساس هو ته سندس زندگيءَ جا ڏهاڙا هاڻي
پورا ٿي چڪا آهن. اڄ هو پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيل بلڪل
اڪيلو ۽ اداس پنهنجي ماضيءَ جون گم ٿيل تڪليفون
سهي رهيو هو. هن اٽڪل پنجٽيهن ورهين تائين پنهنجين
لکڻين سان ماڻهن کي فيض پهچايو ۽ پنهنجي پنجهتر
سالن واري ڊگهي زندگيءَ ۾ دنيا جي ڏک ۽ سک کي
برداشت ڪيو. پنهنجا تجربا ۽ زندگيءَ جون ڪهاڻيون
هن ڪاڳر تي پکيڙي ڇڏيون. پر هڪ ڪهاڻي اهڙي به هئي،
جيڪا سندس زندگيءَ جي امانت هئي.
اڄ هن جي دل چاهي رهي هئي ته هُو اها امانت به
دنيا کي سونپي ڇڏي ۽ پاڻ خالي ذهن ٿي خاموشيءَ سان
هن دنيا کان اکيون ٻوٽي ڇڏي.
انڌي ليکڪ پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ٻَڌل گهڙيءَ جي ڪنڊ ۾
لڳل ننڍڙو بٽڻ دٻائي ڇڏيو. جيئن ئي هُن بٽڻ دٻايو
ته گهڙيءَ جو شيشو مٿي جي طرف ٿي ويو ۽ انڌي ليکڪ
گهڙيءَ جي ڊائل تي اڀريل نڪتن تي پنهنجون آڱريون
ڦيريندي گهڙيءَ سان وقت معلوم ڪيو.
”اوهه، شام جا ساڍا ست ٿي چڪا آهن ۽ نوڪرياڻي اڃان
تائين کاڌو کڻي ناهي آئي!“
هو ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳو. هن پنهنجو وِهاڻو سڌو ڪيو ۽
پنهنجي بي نور اکين سان خلائن ۾ گهورڻ لڳو. پوڻي
اٺين وڳي جي ويجھو هن جي نوڪرياڻيءَ ڪمري جو
دروازو کوليو ۽ انڌي ليکڪ جي ويجھو ميز تي کاڌو
رکي پاڻ سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهي، پوءِ هن
پنهنجي هٿن سان هن کي کاڌو کارايو.
کاڌو ختم ڪرڻ کان پوءِ نوڪرياڻيءَ جيئن ئي ٿانو
کڻي ٻاهر وڃڻ لڳي، ليکڪ هُن کي هوريان سڏ ڪري
گهرايو ۽ چيو، ”ٻڌ، ٻئي ڪمري مان منهنجو ٽائيپ
رائيٽر کڻي اچ.“
ڪجهه دير بعد نوڪرياڻي هڪ ننڍڙو پراڻو ٽائيپ
رائيٽر هٿ ۾ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي. نوڪرياڻيءَ جي
قدمن جو کڙڪو ٻڌي ليکڪ پنهنجي بيمار آواز ۾ چيو،
”ڪافي ڏهاڙن کان مان ٽائيپ رائيٽر استعمال ناهي
ڪيو، تون ٿوري ان جي صفائي وغيره ڪري ڇڏ.“
نوڪرياڻيءَ خاموشي وچان ٽائيپ رائيٽر جي صفائي ڪئي
۽ ليکڪ کي واپس ڏئي ڇڏيو. اڃان نوڪرياڻي ڪمري کان
واپس وڃڻ جي لاءِ ڪجهه قدم ئي کنيا هئا ته انڌي
ليکڪ نوڪرياڻيءَ کي ٻيهر چيو، ”ڪرسيءَ تي ويهي
رھ.“
نوڪرياڻي ويجهو رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
ليکڪ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ڍري آواز ۾ چوڻ شروع
ڪيو، ”توکي خبر آهي ته شهر جا سڀ ڊاڪٽر منهنجي
زندگيءَ کان مايوس ٿي ويا آهن ۽ مون کي ائين لڳي
ٿو ته ڄڻ مان هن دنيا ۾ فقط هڪ رات جو مهمان
هجان.“
نوڪرياڻيءَ ڏکويل آواز ۾ چيو، ”مالڪ، توهان ائين
نه سوچيو، توهان ٺيڪ ٿي ويندؤ.“
”نه ائين ناهي. دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا
آهن، جن کي پنهنجي موت کان پهريائين پنهنجي مرڻ جي
خبر پئجي ويندي آهي. بهرحال مون کي، توکي اهو چوڻو
آهي ته اڄ جي سڄي رات مان پنهنجي زندگيءَ جي اها
ڪهاڻي لکندس، جيڪا گذريل پنجهتر ورهين کان به وڌيڪ
عرصي کان منهنجي سيني ۾ امانت طور دفن آهي. اِها
منهنجي زندگيءَ جي آخري ڪهاڻي ھوندي. ان کي ٽائيپ
ڪرڻ کان پوءِ مان ڪافي حد تائين مطمئن ٿي ويندس.
تون ائين ڪر جو مون کي هڪ ڪاڳرن جو دستو ڏئي وڃ،
ته جيئن مان رات جو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڪهاڻي
لکي سگهان ۽ ها! ان ڳالھ جو خيال رکجانءِ ته رات
جو ڪوئي مون کي پريشان نه ڪري. تون منهنجي ڪمري
جون سڀئي دريون ۽ دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري وڃ ۽
ان وقت تائين منهنجي ڪمري ۾ نه اچجانءِ، جيستائين
ٽائيپ رائيٽر جو آواز ڪمري کان ايندو رهي. ٺيڪ آهي
هاڻي تون وڃ ۽ آرام ڪر.“ اهو چئي انڌي ليکڪ پاسو
ورايو.
ليکڪ پنهنجي ٻنهي ڄنگهن تي ٽائيپ رائيٽر رکيو ۽
پوءِ هُو هڪ ٻئي پٺيان هڪ هڪ ورق ورائيندو ويو ۽
ائين هُو سڄي رات پنهنجي زندگيءَ جي اها ڪهاڻي
ٽائيپ ڪندو رهيو، جنهن سڄي ڄمار کيس اڪيلائين ۾
رکيو. شايد ان جي ڪري هُو اڄ تائين شادي به نه ڪري
سگهيو. شايد اڄ هُو پنهنجي ڪهاڻي ۾ پنهنجي زندگيءَ
جي ان ناسور کي بيان ڪرڻ وارو هو، جيڪو ترت ئي
ڦاٽڻ وارو هو، جنهن سان هن جو موت به ٿي سگهي پيو.
ڪهاڻي لکندي هن جي بي نور اکين منجهان لڙڪن جو
طوفان اٿلي پيو. هن جون آڱريون تيزيءَ سان ٽائيپ
رائيٽر جي اکرن تي نچي رهيون هيون.
انڌي ليکڪ جي ڪمري کان ٻاهر هن جي پوڙهي نوڪرياڻي
پنهنجي مالڪ جي ٽائيپ رائيٽر جو آواز ٻُڌي رهي
هئي، پر هوءَ ڪمري ۾ وڃي نه پئي سگهي. هوءَ سوچي
رهي هئي ته مالڪ اڄ پنهنجي زندگيءَ جي آخري
ڪهاڻيءَ ۾ نه ڄاڻ ڪهڙي ڳالهه لکندو، جيڪا هن اڄ
تائين ناهي لکي! سڄي رات نوڪرياڻيءَ جو ذهن انهن
خيالن ۾ چڪر ڏيڻ لڳو.
اندر ڪمري ۾ انڌو ليکڪ تيزيءَ سان پنهنجي زندگيءَ
جي آخري تخليق مڪمل ڪرڻ ۾ مشغول هو. ڏسندي ئي
ڏسندي رات به گذري وئي ۽ پوءِ ليکڪ جي گهر جي سائي
اڱڻ ۾ جهرڪين جي لاتين لنوڻ جا آواز اچڻ لڳا.
اوچتو ليکڪ جي ڪمري وٽان ٽائيپ رائيٽر جو آواز بند
ٿي ويو.
نوڪرياڻيءَ بيتابي سان تڪڙ ۾ پنهنجي مالڪ جي ڪمري
جو دروازو کوليو ۽ چرين وانگر ليکڪ جي ويجهو پهتي.
هوءَ ان آخري ڪهاڻيءَ کي جلد کان جلد پڙهڻ چاهي
پئي، جيڪا، سندس مالڪ ورهين کان پنهنجي دل ۾
لِڪائي ويٺو هو. هن ٽائيپ رائيٽر جي اندر لڳل
صفحو ڏٺو ته اهو بلڪل خالي هو، ان تي ڪجهه به
لکيل نه هو. هن اهو پئي سمجهيو ته شايد مالڪ اهو
صفحو ٽائيپ ئي ناهي ڪيو. جڏهن هن ساڄي پاسي رکيل
صفحا ڏٺا ته اهي به بلڪل خالي هئا. هن پريشان ٿي
هيڏي هوڏي ڏٺو، پر هن کي ڪائي خاص ڳالھ نظر نه
آئي. اوچتو هن جي نظر ٽائيپ رائيٽر جي اندر پئي ته
هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، ڇو ته هوءَ
ٽائيپ رائيٽر جي صفائي ڪرڻ وقت ان ۾ ڊگهي سنهي پٽي
لڳائڻ وساري ويٺي هئي.
نوڪرياڻيءَ انڌي ليکڪ جي ڪلهي کي جهلي کيس اٿارڻ
چاهيو ته هن جي ڳچي ساڄي پاسي جهڪي وئي. شايد هن
جو روح هڪ نت نئين دنيا جي طرف روانو ٿي چڪو هو،
جتان ڪوئي واپس ناهي ايندو.
|