سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:18 

شاعري

 

سنڌي شاعريءَ جي پرک لاءِ برصغير جي پوريءَ شاعريءَ جي مزاج سان آشنائي ضروري آهي. منهنجي نظر ۾ شاعريءَ جو فن پنهنجي ڪمال تي پهچي، دقيق ۾ دقيق خيال جو اظهار سليس ۾ سليس زبان ۾ ڪندو آهي. پر ان زبان جي سلاست ۽ عام فهميءَ جي تهه ۾ فڪر ۽ فن جو اهو رچاءُ هوندو آهي، جنهن ۾ صدين جي سڳنڌ سميٽجي ايندي آهي. ڪنهن به عظيم شاعر جي هڪ سوليءَ سٽ تي تنقيد يا تبصري لاءِ، نه فقط هن جي موجوده معاشري جو جائزو ضروري آهي، نه فقط هن جي دور جي قومي ۽ بين الاقوامي تعصبات جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي ردعمل جو مطالعو ضروري آهي، نه فقط شاعر جي داخلي زندگيءَ جي شعوري ارتقا ۽ ان تي هن جي خارجي زندگيءَ جي اثر پذيريءَ جو اندازو لڳائڻو آهي، پر هن جي تحت الشعور جي انهيءَ روشنيءَ کي به ڄاڻڻو آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا رهن ٿا. جنهن ڪٿڪليءَ جي نرت نه ڏٺي آهي، اهو ڪاليداس جي ڪويتا جي پوري هڳاءَ ۾ ويڙهجي نٿو سگهي. جنهن رگ ويد ۾ وايو پرجينا، اوشا، ارنياني، راتري جي باري ۾ گيت نه پڙهيا آهن، جنهن کي اها ڄاڻ نه آهي ته هوا، برسات، باک، جهنگل ۽ رات جي باري ۾ اڳ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ان لاءِ ميگهه- دوت جي روح تائين رسائي ناممڪن آهي ۽ جنهن ڪاليداس جي ميگهه- دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي ته ڪاليداس بادل کي آڏو آڻي چوي ٿو ته:

”اتي کليل کڙڪين مان واجهه- وجهندڙ، وار- سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ، تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري وجهندي.“

جنهن ميگهه- دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي، تنهن کي ڀٽائيءَ جي اڄاتي تاڃي پيٽي جي ڪهڙي پروڙ پوندي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڀٽائيءَ جي سٽ سٽ ڪهڙي ڪهڙي آتڻ ۾ اُڻي وئي آهي، ان کي ڪهڙي ڄاڻ ته اهو ڪهڙي ڪهڙي جڳ جو جادو آهي، جنهن ”سُر سارنگ“ سرجيو آهي.

شيخ اياز

ڪتاب ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“

ص 407 کان 410 تان ورتل

 

”اتي کليل کڙڪين مان واجهه- وجهندڙ، وار- سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ، تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري وجهندي.“

جنهن ميگهه- دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي، تنهن کي ڀٽائيءَ جي اڄاتي تاڃي پيٽي جي ڪهڙي پروڙ پوندي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڀٽائيءَ جي سٽ سٽ ڪهڙي ڪهڙي آتڻ ۾ اُڻي وئي آهي، ان کي ڪهڙي ڄاڻ ته اهو ڪهڙي ڪهڙي جڳ جو جادو آهي، جنهن ”سُر سارنگ“ سرجيو آهي.

اها ڏات هن ڌرتيءَ جي دين آهي. اوهان ميين عنات جو ڪلام پڙهيو هوندو، ته اوهان ڏٺو هوندو، ته عنات ۾ به اهي ئي لوڪ ڪهاڻيون، تمثيلون، محاورا، روزمره جو استعمال، استعارا، علامتون، ادبي اشارا، تشبيهون، تخيل، ڪلام جي فصاحت ۽ زبان جي سلاست سڀ ساڳئي رنگ روپ، سَڄ ڌڄ سان ملن ٿا، جيئن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهن. تاريخ جي ستم ظريفيءَ سنڌي ٻوليءَ جون ان کان اڳ جون تخليقون ناياب ڪري ڇڏيون آهن، نه ته انهن  روايتن جو سلسلو ڳولي سگهجي ها ۽ انهن جو ناتو هزارين صدين سان جوڙي سگهجي ها.

 

شيخ اياز

ڪتاب ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“

ص 407 کان 410 تان ورتل

 

سرفراز راڄڙ

 

 

 

 

غزل

 

ڪرين تون ٿو ڪوشش وساري ڪيئن سگهندين،

وڇوڙي جا ڏينهڙا تون گهاري ڪيئن سگهندين.

 

اڙي او ستمگر ڪو احساس ڪر تون،

ڀريم جيڪي سُڏڪا سنڀاري ڪيئن سگهندين.

 

حُسن جا ناز ڪيا حال هيڻان،

جياري وري هاڻ ماري ڪيئن سگهندين.

 

دل جا ٿي ڌڙڪي ۽ راهون نهاري،

ٽُٽي دل جي ويئي پڪاري ڪيئن سگهندين.

 

ڀلي يار جاني تون منهڙو مَٽي وڃ،

اڪيلو ٿي دلڙي ڌتاري ڪيئن سگهندين.

 

”فراز“ ته عاشق اصل کان ئي تنهنجو،

هن کي تون سهڻا وساري ڪيئن سگهندين.

 

عنايت بلوچ

 

 

 

غزل

 

ماڻهو انبوهه ۽ اڪيلائي،

دل جي دنيا نه ڪنهن به وندرائي.

پنهنجي مستيءَ ۾ آ مگن هر ڪو،

چؤطرف شور پو به تنهائي.

مان اڪيلو هتي لِکان ويٺو،

هر ڪو سوچي ٿو آهيان سودائي.

سُندري غور ساڻ گهُوري ٿي،

هن طرف مون ڏٺو ته شرمائي.

آدميت جا قدر ڪاڏي ويا،

راس انسان کي نه سا آئي.

عقل جي ڳالهه ڪو نه ٿو سمجهي،

ڪيڏي رُسوا ٿئي پئي دانائي.

ڇو ”عنايت“ لڳين ٿو ويڳاڻو،

ڪوبه ڪنهن جو نه، هر ڪو هرجائي.

غزل

دکيل چڻنگ ڇو اڄ اُجهامڻ لڳي،

ٻريل لاٽ ڇو يَر وسامڻ لڳي.

وسيل آشيانا به اُجڙي ويا،

اُتان ڌوڙ ڇائي اُڏامڻ لڳي.

اندر ۾ سوين سور نسري پيا،

سڄي دل جي ڌرتي به کامڻ لڳي.

ملاقات جي رات گذري نه شل،

نه ويرم لڳي، سا وهامڻ لڳي.

چڱايون ۽ نيڪيون لڏي ڄڻ ويون،

برائي ته ويتر ويامڻ لڳي.

”عنايت“ وري ڪي بهارون وَرن،

اها آس اندر اُڀامڻ لڳي.

 

ادل سومرو

 

 

 

 

غزل

 

خالي گهر ۾ ڄڻ بتيون ٻاريون ويون،

پيار کان پرتي گهڙيون گهاريون ويون.

 

پهريان  تن کي اڃ ۾  اوتيو  ويو،

پوءِ اھي اوبر جيان ھاريون  ويون.

 

پوپٽن  بينر کڻي دانهون ڪيون،

جيپ ھيٺان گل ويا ٽاريون ويون.

 

روڊ سان بيٺا  ھئاسين پاڻ  ٻئي،

ساھ کي دونهون ڏئي لاريون ويون.

 

مينهن جو ڏمريو کجورن جي مٿان،

ٻارڙيون خالي کڻي کاريون ويون.

 

شعر پنهنجا سمنڊ ۾  ٻوڙيا  ويا،

۽ بندوقون ڀونڪندڙ تاريون ويون.

 

شاعريءَ جو تون پڇين ڪارج پئي،

منهنجون وايون ٻاٽ ۾ ٻاريون ويون.

 

ٻار، شاپنگ مال ۾  رلندو  رھيو،

خواھشون شوڪيس ۾ ماريون ويون.

 

وڻ، پڪنڪ ھو انبن جون ٽوڪريون،

واھ ۾  وھنتل اھي ياريون  ويون.

 
 

غزل

منهنجو نالو ھن اچاريو، پوءِ وئي،

ڊائريءَ ۾ ڪجھه اتاريو، پوءِ وئي.

داڻو پاڻي ھن پکين کي ھو ڏنو،

ننڊ مان مون کي اٿاريو، پوءِ وئي.

ھن سنڌوءَ کي گل ارپيا گهاٽ تي،

ھن سکر ۾ ڏينهن ٺاريو، پوءِ وئي.

ڳوٺ وارا ڄڻ ته ٻوڙا ھا سڀيئي،

ھن وڻن کي ھو پڪاريو، پوءِ وئي.

منهنجا ڳوڙھا ميڙي چونڊي ھن کنيا،

درد منهنجي کي سمهاريو، پوءِ وئي.

پهريان ھن ھو ننڊ کي ڳولي لڌو،

واٽ تي جاڳي گذاريو، پوءِ وئي.

ڪوئي سڏڪو ساھه ۾ سهڪي پيو،

ھن مڙي مون ڏي نهاريو، پوءِ وئي.

زندگيءَ کي مون دريءَ مان ھو ڏٺو،

ھن ڪبوتر کي اڏاريو، پوءِ وئي.

ڄامشــــــــوري ۾ پڙھڻ ٿـــــي ھـــــــــن گهريو،

ھن امڙ جو ھار ڳاريو، پوءِ وئي.

ھن چيو توکي ڇڏي مان ڪيئن وڃان،

ھن اڳ ۾ مون کي ماريو، پوءِ وئي.

غزل

عاشقيءَ جي اڌ صدي ۽ شاعري،

ھوءَ ھئي پنهنجي لڳي ۽ شاعري.

عمر جا بس انگ ٿا مٽبا  وڃن،

جنم ڏينهن جي جنتري ۽ شاعري.

آخري  ڀيرو ملياسين پاڻ  ٻئي،

ھُوءَ، جدائيءَ جي گهٽي ۽ شاعري.

ٻيئي  اڏامڻ  جي  تمنا ٿا  رکن،

پڃري ۾  پاليل پکي ۽  شاعري.

ٿيون ٻرن مون سان ٻئي اڌ رات جو

ميز تي جهيڻي بتي ۽ شاعري.

ڄڻ ته آھن ساھ جو حصو رھيا،

ھي سکر،  سنڌوندي، ۽  شاعري.

پاڻ ۾  گڏجي گذارن ٿا اڃان،

سومرو، ھيءَ  زندگي ۽  شاعري

 

گل ڪونڌر

 

 

 

 

نظم

 

ڪنڊن جي بدلي....

ڪَنڊَنِ جَي بَدلَي گُلابَ سانئِڻِ،

گُلَنِ جَي بَدلَي شَبابَ سانئِڻِ.

وَرِي وَرِي پِيا اَسان ڏَي اَچِجَو،

اَسان جُون جَهولِيُون وَفا سان ڀَرِجَو،

دُعا اَسان کان وَٺِيُون پِيا وَٺِجَو،

اَوَهان جو ايِندَؤ هَلِي اَسان ڏَي،

وَڄِي ته پَوَندا رَباب َ سانئِڻِ،

ڪَنڊَنِ جَي بَدلَي گُلابَ سانئِڻِ،

گُلَنِ جَي بَدلَي شَبابَ سانئِڻِ.

اَوَهان سان ڪَوئِي حِسابُ ڪَونَهي،

اَوَهان جو ڪَوئِي جَوابُ ڪَونَهي،

رُڳَو اَوَهان جِي اَدا ٿِي گُهرِجَي،

اَوَهان جِي ڪائِي صَدا ٿِي گُهرِجَي،

تَوَهان سان ڪِهَڙا حِسابَ سانئِڻِ،

ڪَنڊَنِ جَي بَدلَي گُلابَ سانئِڻِ،

گُلَنِ جَي بَدلَي شَبابَ سانئِڻِ.

اَوَهان جِي صُورَتَ وَڻِي وَئِي آ،

اَوَهان جِي سِيرَتَ وَڻِي وَئِي آ،

اَوَهان جو مَٽُ ڪَو ٻِيَو نه ٿِيندو،

اَسان کي راحَت ٻِيَو نه ڏِيندو،

ڪَرِيَو نه هاڻَي حِسابَ سانئِڻِ،

ڪَنڊَنِ جَي بَدلَي گُلابَ سانئِڻِ،

گُلَنِ جَي بَدلَي شَبابَ سانئِڻِ.

اَسان جُون آهُون، اَسان جُون دانهُون،

اَسان جا رَستا، اَسان جُون راهُون،

ڇَڏَي سَگهو ٿا ڇَڏِيَو ڀَلِي پَر،

اَوَهان بِنا گُلُ رَهِي نه سَگَهندو،

ڏِجو نه اِهَڙا عَذابَ سانئِڻِ،

ڪَنڊَنِ جَي بَدلَي گُلابَ سانئِڻِ،

گُلَنِ جَي بَدلَي شَبابَ سانئِڻِ.

نظم

غائِبُ ٿِي وَئِي....

غائِبُ ٿي وئي....

ڳَوٺَ ۾ هُوندِي کَيرِ هُئِي جا،

ڍَورَنِ وَڄَندِي ڇَيرِ هُئِي جا،

لاٽُونءَ جِي ڀِي ڏَورِ هُئِي جا،

ڦِر ڦِر سَنؤنٽَو ڦَيرِ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

ڏَکڻَ کان هُئِي، اُتَرِ وِيندِي،

هَزارَين جِھرِڪِيُنِ، جهار هُئِي جا،

اَولَهَه کان هُئِي، اَوڀَر وِيندِي،

ڪانوَنِ هَيڙَهنِ، قَطارَ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

مُون به ڏِٺا ها، جَهنگِلِي سِيهَڙَ،

سَيڙِهيُنِ ڄاهَنِ، ڀَرمار هُئي جا،

ڍَورَي ۾ ”مَڏَ“، ڳَوٺَ جَي ڀَرسان،

ڳَوهُنِ گِدَڙَنِ، ڏَرِ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

نِسِرِيَلَ ٻُوڙَي، سَنگَ تَي وِهَندَي،

جَھنگِلِي ڪُڪِڙِ، مُون به ڏِٺِي هُئِي،

ڳِجُهون سانباها، هِڪَٻِئَي وِڙَهندَي،

ڍُونڍَ مَٿان تَنِ، هُوڪَرَ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

اُونَها کامان، شاخَ ڪَپَرَ لَڳِ،

تِنِ ۾ ڪَٻِرِيُون، مَينا طوطا،

ڊُونڊِي ٽالِهيءَ، تَي هُوءَ وَيهِي،

چِٻِرا ڏِيندِي، چِٻَرِ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

سِجَ لاهُوندَي، شامَ جَي وَيلَي،

ڪُوئَي مارِ، پَکِي هَو اُڏَندو،

ٽِڪَ ٻَڌِي هَو، چُوهَي ڪِرَندَو،

ڏِکَ جَيڪا تَنهِن، مَنظَر هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

هِيءَ حَياتِي، اَوکِي سَوکِي،

ڄانڀَي جو ڪَنهِن، تَيلُ لَڳِي آ،

ڪَنهِن کي ماکِيءَ، لارَ لَڳِي آ،

جِهَڙِي تِهَڙِي، بَهتَرِ هُئِي جا،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي،

گُم سُم، ڪاڏَي غائِبُ ٿِي وَئِي.

 

احمد سولنگي

 

 

 

رباعيون

معنيٰ جي مصوريءَ مان تو شاعره نهاريو،

مون کي نئين رباعيءَ ڄڻ ننڊ مان اُٿاريو.

مٺڙي اکين جي ٻولي مون ترجمو ڪئي يا،

رنگين شاعريءَ جي عنوان کي سنواريو!

 

ليڪي ۽ بُرش پاسي تجريد ٿِي ڏٺو تو،

سورج مکيءَ جي اک جِي ڪا ديد ٿِي ڏٺو تو.

ڪُپڙي ڪا رنگ جي يا ڪنهن ڪينواس تي تو،

پهرين جي چنڊُ بڻجي ڪا عيد ٿِي ڏٺو تو!

 

اڌ اڀَ تي پکين جي انبوهه ٿو اڏامي،

اڌ اُڀَّ تان جهازن جو لوهه ٿو اڏامي.

اڌ اڀَّ تان وڃي ٿو راڪيٽ جو هي دونهون،

يا منهنجي دل جو اُڀ تي اَندوهه ٿو اڏامي!

 

ڪچڙيون نِمن جون ڇائون اڌ ڏينهن تي وَري ويون،

جِهرڪيون سُفيد شيشي ڪاوڙ ڪَڍي ٺَري ويون.

تِکَ تيز مئي مهينو وڻ ٿا مٿو لڪائن،

سِرڻِيون، اُسن جي اک مان ٿِي ترورا تَري ويون!

 

تون ٿي ورق وارين، هر وار پنهنجي ليکي،

ڪاغذ هوا پڙهي ۽ ڪوتار پنهنجي ليکي.

تو سان ملڻ نه سَهنجو، توکي ڏسڻ نه سولو،

آ دل فريب تنهنجو ديدار پنهنجي ليکي!

 

تنهنجي نظر جا موتي اکرين تي ائين ٿا چمڪن،

جيئن ڪنهن پني تي پاڇا زرقون جا ٿا جَرڪن.

سورج صراف ۽ تون پيتي جواهرن جي،

تنهنجا انيڪ تجلا ڪِرِڻن ڪٺار اُڀرن.

 

اکڙين جي سمنڊ جهڙي مون کي به ڏي نشاني،

ڏي رنگَ جو صحيفو مون کي به آسماني.

پنهنجو نڪور ڏي تون هڪ هڪ ٻُڙو بدن جو،

تنهنجي مَڙهيان چپن سان ڪُندن نُما جواني!

 

هڪ شاعره جو سپنو، هڪڙي خدا جو خاڪو،

ڄڻ بادلن جي گهر ۾ هڪ وڄَ جو وراڪو.

هڪ شاعره جي مُکَ جي تصوير جو تَبسم،

ڄڻ ڪائنات جي آ رچنا جو پهريون ڏاڪو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org