متفرقه
1.
ارادن جو پتو لفظن مان پوندو آهي.
17 جنوري 1972ع، هالا
2.
وقت جي رفتار کان ڍرو هلڻ نه گهرجي ۽ تيز به نه
ٿجي.
28 جنوري 1972ع، ڪراچي
3.
پرايو آسرو ڪرڻ يعني ناڪامي.
22 مارچ 1972ع، لاهور
4.
ٿورو ڳالهايو، گهڻو ٻڌو.
8 جون 1973ع، اسلام آباد
5.
هر شخص پنهنجي حد کان هٽيو ته به ويو، جي وڌيو ته
به ويو.
8 مارچ 1974ع، هالا
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
سيد عبدالله شاهه
شاهه عبداللطيف جو عاشق ۽ علم دوست وزيراعليٰ
سال 1993ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي ويون، ته انهن جي
نتيجي ۾ مرڪز ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه وزيراعظم
ٿي وئي ۽ سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه کي وزير اعليٰ
بنايو ويو. جنوري 1994ع ۾ مون کي ڪمشنر ميرپورخاص
کان بدلي ڪري حيدرآباد جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. اهي
ٻئي سال 1994ع ۽ 1995ع لساني فسادات ۽ غارتگريءَ
جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ جا بدترين سال هئا. خاص
ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ٻئي شهر مخصوص لساني
گروهه جي سياسي پارٽيءَ جي ور چڙهيل هئا، جيڪي هر
ٻئي ڏينهن هڙتال ۽ فسادن جي لپيٽ ۾ هئا. اهڙيءَ
صورتحال ۾ وڏي ۾ وڏو چئلينج امن امان قائم رکڻ هو.
جيتوڻيڪ سرڪاري ادارن ۽ عملدارن طرفان پوري ڪوشش
ٿي رهي هئي، پر ان سياسي پارٽيءَ جا ورڪر ڪيترن
سالن کان پرتشدد ڪاررواين جا ماهر ٿي چُڪا هئا.
وڏي ڳالهه ته حيدرآباد شهر يعني قلعي جي
پسگردائيءَ جا پراڻا علائقا، جتان اصلي سنڌين کي،
زوريءَ هڪالي ڪڍيو ويو، جيڪي قاسم آباد وغيره ۾
اچي رهيا هئا. اهي پراڻا علائقا هنن جا مرڪز ۽
ڳڙهه بنجي چُڪا هئا. هن کان اڳ جو هو اڳين
گورنمينٽ ۾ شامل هئا، تنهنڪري ڪيترن سرڪاري دفترن
۾ هنن جا ايجنٽ ۽ ڪارندا موجود هئا، جيڪي کين
ضروري اطلاع به ڏيندا هئا.
جيتوڻيڪ سرڪار جي پاليسي واضح هئي، تاهم مون
حيدرآباد شهر جي سابق ميئر وصي مظهرندوي کي پاڻ وٽ
اچڻ جي دعوت ڏني، ته شايد صورتحال کي وڌيڪ
گهرائيءَ سان سمجهي سگهجي. مون کي ياد آهي ته هن
سان گهڻيون ڪم جون ڳالهيون ٿيون ۽ آخر ۾ مون جڏهن
کيس چيو ته، سنڌ ۾ هاڻي نوڪرين جي لحاظ کان رورل
۽ اربن واري ڪوٽا کي ختم ڪرڻ گهرجي ته چيائين نه،
ڇو ته اها هينئر سندن ضرورت آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پاڪستان سرڪار طرفان
قانون نافذ ڪندڙ ادارن
(Law Enforcing Agencies)
جو ان وقت مڪمل تعاون حاصل هو ۽ هو تمام مفيد
معلومات به ڏيندا رهندا هئا. هنن سان ملاقات ۾
معلومات جي تبادلي واري حڪمت عملي تي به غور
ڪيو ويندو هو. امن و امان جي حالتن ۾ بهتري اچي
رهي هئي، پر اهي تسلي بخش ڪونه هيون. ان جو خاص
سبب سرڪار مخالف لساني جماعت جا ’تربيت يافته‘
ڪارندا هئا،
جيڪي هٿيارن ذريعي دهشت گردي ڦهلائڻ ۾ مهارت حاصل
ڪري چُڪا هئا ۽ سرڪار کي انهن جو قلع قمع ڪرڻ لاءِ
وقت گهربل هو.
سيد عبدالله شاهه وزير اعليٰ ٿيڻ کان پوءِ امن
امان متعلق ڪراچيءَ ۾، جيڪي به اجلاس ڪيا ۽ هو
جيڪي فيصلا ڪندو هو، انهن مان هن پاڻ کي هڪ سخت
گير منتظم
(Administrator)
جي حيثيت ۾ ثابت ڪيو. ان جو هڪڙو وڏو سبب لساني
جماعت طرفان وڏو چئلينج هو. ائين کڻي چئجي ته ان
وقت سنڌ جون حالتون ان جي تقاضا ڪري رهيون هيون.
شاهه صاحب جو اباڻو ڳوٺ واهڙ تعلقه سيوهڻ ضلع دادو
هو. ياد رهي ته عبدالله شاهه 1934ع ۾ منڇر ڍنڍ جي
ڪناري سان آباد باجارن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو.
پرائمري تعليم ان ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. اهو ذڪر
ماستر محمد حسين باجاري ڪندو هو، جيڪو شاهه صاحب
سان ان اسڪول ۾ گڏ پڙهيو هو. شاهه صاحب جو ساڻس
تمام گهڻي محبت وارو رستو هو. هن جي چوڻ مطابق
شاهه صاحب جي والد مراد علي شاهه، جڏهن باجارن کان
ست ڪلوميٽر هيٺ نئين زمين کنئي، ته پوءِ اتي واهڙ
۾ اچي آباد ٿيو. شاهه صاحب جڏهن پاڻ اڪثر دوري تي
ايندو هو ته مون کي ساڻس ڊويزن جي انتظامي سربراهه
جي حيثيت ۾ گڏ هلڻو پوندو هو. انهن ئي سالن دوران
وڏا مينهن به پيا ۽ منڇر جو بند به ٽُٽو هو، روڊ
رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. البت ريل جو بند محفوظ
هو، تنهنڪري هڪ ڀيرو ڪوٽڙيءَ مان ريل ذريعي سيوهڻ
وڃڻو پيو. شاهه صاحب سان گڏ سفر ڪرڻ دوران، اڪثر
اسان جي گفتگو ڪجهه دير بعد انتظامي مسئلن کان هٽي
ڪچهري ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. ان صورتحال جو اهو
فائدو ٿيندو هو، ته هر مسئلي بابت حقيقت پسند
تجزيو ڪري سگهبو هو ۽ صحيح راءِ ڏئي سگهبي هئي.
منهنجو اهو ذاتي تجربو آهي، ته عمومي سرڪاري
ميٽنگن ۾ جتي اڪثريت آفيسرن ۽ وزيرن جي هوندي آهي.
اصلي صورتحال جو تجزيو نه ٿي سگهندو آهي، ان ڪري
حقيقت تي مبني طريقه ڪار
(Line of Action)
طئي نه ٿي سگهندو آهي، جنهن ڪري قابل عمل تجويزون
سامهون اچي نه سگهنديون آهن. ڇو ته اهڙي صورتحال ۾
آفيسر اڪثر پنهنجي راءِ کي هر دليل سان وڌيڪ صحيح
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن ته حڪمران يا
جنهن اٿارٽيءَ کي فيصلو
(Decision)
وٺڻو هوندو آهي، اهي اڪثر پنهنجي نقطئه نظر ۽
سياسي مصلحتن کي سامهون رکي فيصلا ڪندا آهن، جن تي
هر حال ۾ عمل ڪرڻو پوندو آهي. ان پسمنظر ۾ شاهه
صاحب منهنجي ذاتي راءِ کي گهڻي اهميت ڏيندو هو.
اهو ئي سبب هو، جو حيدرآباد شهر جي باري ۾، ان خاص
لساني جماعت تي هو گهڻي سختيءَ جي ڳالهه ڪندو هو،
ته آءٌ نرميءَ جي ڳالهه ڪندو هئس. ائين حيدرآباد
جون حالتون نسبتاً بهتر ٿيڻ لڳيون هيون. هوڏانهن
ڪراچيءَ ۾ هر قسم جي انتظامي اقدامن جي باوجود
حالتون ڪنٽرول ۾ ڪونه ٿي آيون. مون هڪ دفعي شاهه
صاحب کي اهو واضح ڪيو هو، ته جڏهن هڪ فرنٽ اڃا
ڪنٽرول ۾ نه آيو آهي، ته ٻئي کي کولڻ عقلمنديءَ
کان پري آهي. اسان کي هر صورت ۾ ڏنڊي
(Force)
جي استعمال کي گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ هن ان راءِ کي
قبول ڪري ورتو هو. هن سلسلي ۾ بهرحال هڪ واقعو
قابل ذڪر آهي. جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چُڪو آهي ته
حيدرآباد شهر جو پراڻو علائقو پڪو قلعو، شاهي
بازار ۽ ان جي آس پاس جا علائقا ان جماعت جي
ڪارندن جا محفوظ پناهه گاهه هئا. حيدرآباد ريلوي
اسٽيشن جي سامهون تاريخي قلعي جي ٻاهرين ديوار سان
لڳو لڳ هڪ وڏو شاهي پلاٽ خالي پيل هو، جيڪو تاريخي
طور مير گارڊن سڏبو هو. انهيءَ جماعت اهو پلاٽ
پنهنجي اقتدار واري زماني ۾ رفاهي يعني خيراتي ڪمن
جي نالي ۾ الاٽ ڪرائي ڇڏيو هو. اهو پلاٽ ڪنهن به
ريت سياسي جماعت جي حوالي ڪرڻ صحيح نه هو. تنهن
ڪري اصولي طور اهو فيصلو ڪيو ويو، ته اهو پلاٽ هر
صورت ۾ خالي ٿي واپس ميونسپل جي حوالي ڪرڻ گهرجي.
شاهه صاحب مون کان راءِ گهري. مون چيو، بلڪل خالي
ٿيڻ گهرجي، پر ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ
گهرجي ۽ اها هيءَ ته مجاز اٿارٽي
(Competent Authority)
اهڙو فيصلو ڪري ۽ اهڙو نوٽيفڪيشن سيڪريٽري لوڪل
گورنمينٽ طرفان جاري ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن صبح جو چيف
منسٽر هائوس مان شاهه صاحب پاڻ فون ڪري، مون کي
ٻڌايو ته ٿوري دير ۾ توکي گهربل نوٽيفڪيشن ملي
ويندو. مون ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زاهد سعيد کي
گهرائي اهو ڪم ان جي حوالي ڪيو، ته هو پاڻ اهو
قبضو وٺندو. انهيءَ زماني ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي ڊسٽرڪٽ
ماجسٽريٽ جا بي پناهه اختيارات حاصل هئا. هو جڏهن
پوليس اٽالي سان اتي پهتو ته انهيءَ جماعت جا ٻه
ايم.پي.اي ڪجهه ورڪرن ۽ حمايتين سان پهچي ويا.
زاهد سعيد جڏهن مون کان وڌيڪ پاليسي ايڪشن بابت
پڇيو، ته مون کيس چيو ته انهن کي گرفتار ڪري قبضو
خالي ڪرايو وڃي. ان ريت ڪنهن وڌيڪ خرابيءَ کان
سواءِ، اهو معاملو حل ٿي ويو. البت شهر جي ڪن
علائقن ۾ ان مخصوص جماعت جي ڪارندن امن و امان جو
مسئلو پيدا ڪيو، جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو.
انهيءَ واقعي جو حيدرآباد جي مقامي ماحول تي گهڻو
اثر ٿيو. ان کان اڳ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مدد
سان حيدرآباد قلعي ڏانهن ويندڙ هوم اسٽيڊ هال،
چاڙهي ۽ مُکي هائوس کي به سندن قبضي کان خالي
ڪرايو ويو هو. هڪ دفعي شاهه صاحب چيو ته حيدرآباد
جي قلعي ۾ اندر ويٺل ماڻهن ۽ اڏاوتن کان خالي ڪري
ڏيکار. مون هائوڪار ڪئي ۽ چيم ته ڪجهه وقت ڏيو،
ته ڪو قابل عمل پلان تيار ڪريون. اهو پلان ان ريت
تيار ٿيو ته جيڪي ماڻهو اندر قلعي ۾ ويٺل آهن،
انهن جو سروي ڪري انهن کي ننڍن فليٽن ۾ منتقل ڪيو
وڃي. قلعي جي ئي پسگردائي ۾ واٽر سپلاءِ جا هڪ ٻه
اهڙا پلاٽ، جيڪي هاڻي زير استعمال نه هئا، اتي گهڻ
ماڙ عمارت ٺاهي وڃي. بهرحال اهو هڪ وڏو ۽ ڏکيو
پلان هو، جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت ۽ پئسو
گهربل هو.
سائين عبدالله شاهه کي شاهه لطيف جي ڪلام سان تمام
گهڻو اُنس هو. کيس رسالي مان ڪيترائي بيت ياد هئا.
بلڪه آءٌ چوندس ته مون سان سندس وڌيڪ قرب جو سبب
اُهي شاهه لطيف جا بيت ئي هئا. هڪ دفعي حيدرآباد
جي ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ ۾ سياسي ورڪرن کي خطاب
ڪري رهيو هو. آءٌ جلسي ۾ اندر وڃڻ بجاءِ ظاهر آهي،
ته ٻاهر انتظار ڪري رهيو هئس. اوچتو اندران هڪ
ماڻهو پيغام کڻي پهتو ته شاهه صاحب، شاهه جي هن
بيت جي ٻي يا ٽين سٽ بابت پڇيو آهي، توهان جلدي
ٻڌايو. مون کي ياد آهي، ته مون اها سٽ ڪيئن به ڪري
پوري ڪري ڏني هئي. خبر ناهي ته اها ڪهڙيءَ ريت
مڪمل ٿي هئي! شاهه صاحب کي شاهه جي ڪلام توڻي عام
سنڌي راڳ سان به گهڻي رغبت هئي. هو جڏهن به پنهنجي
ڳوٺ واهڙ ايندو هو، ته اتي اڪثر هڪ ڳوٺاڻي فقير
کان ڪلام ڳارائي ٻڌندو هو. اهو فقير هڪ سادو سودو
ڳائيندڙ هو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ هڪ سادو تنبورو هوندو
هو. سندس آواز بلڪل سادو ۽ ماٺو هو. هڪ ڀيري هن
کي ’بڊي جبل‘ تي وٺي هليو، ته اتي هن کان سنڌي
ڪلام ٻڌنداسين. شاهه صاحب راڳ ۽ فنڪارن جي
قدردانيءَ جو به خاص خيال رکندو هو. هڪ دفعي قلندر
شهباز جي ميلي تي عابده پروين تمام سٺو ڳايو ۽
حاضرين کي وجد ۾ آڻي ڇڏيائين، آءٌ شاهه صاحب سان
گڏ ويٺو هئس. حوصله افزائي خاطر تاڙيون وڄائي ٿڪجي
پياسين. اوچتو مون ڏانهن مُنهن ڪري پڇيائين، هاڻي
ڇا ڪريون؟ مون چيو ته سائين! اٿي بيهي مائي عابده
پروين کي داد ڏيڻ گهرجي. کيس اها ڳالهه وڻي ۽ فوري
طور اسان اُٿي بيهي مائي صاحبه کي داد ڏنو.
سائين عبدالله شاهه گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾
پڙهيو هو. ظاهر آهي ته اهو سندس جوانيءَ جو زمانو
هو ۽ جيئن اڪثر ٿيندو آهي ته ان ڪاليج سان سندس
ڪيتريون يادون وابسته هيون. هڪ دفعي ڦليلي ڪاليج
75 ساله جشن
(Celebration)
جو موقعو هو، جنهن ۾ شاهه صاحب کي مُک مهمان طور
دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. ان موقعي تي آءٌ ساڻس گڏ
هئس. اسين جڏهن لينڊ ڪروز ۾ ڦليليءَ جي ڪنارن سان
گذري رهيا هئاسين ته ڦليليءَ ڏانهن اشارو ڪندي
چيائين ته آءٌ هن ڦليليءَ ۾ ترندو هئس، پر هاڻي ان
جي حالت ڏس! جو ڪيترو گندو پاڻي ان ۾ شامل ٿي رهيو
آهي! اهڙيءَ طرح ڪناري جي ڪجهه حصي تي ڪچي آباديءَ
نما گهر ٺهيل هئا، چيائين ته اهي هٽائي ڏيکار. جن
کي اسان پوءِ ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو هو. ڦليلي ڪاليج ۾
اها هڪ يادگار تقريب هئي، جنهن ۾ شاهه صاحب نهايت
پُرجوش تقرير ڪئي ۽ پنهنجي ماضيءَ جي ڪاليجي دوستن
کي ياد ڪندي شاهه لطيف جو هي بيت پڙهيائين.
ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارؤن ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن سين.
ڦليليءَ جي ڪنارن تي يا ان جي ڀرپاسي مينهن جا
ڪيترائي واڙا هئا. ان ڪري ترجيحي طور
’ڀينس ڪالوني‘
(Cattle Colony)
کي هنگامي طور تي شهرکان ٻاهر ٽنڊومحمد خان روڊ
تي، ڏينهن رات ڪم ڪرائي منتقل ڪيو ويو. ان تقريب ۾
به شاهه صاحب پاڻ تشريف فرما ٿيو هو، جو ان جو
افتتاح ڪيو هئائين.
جولاءِ 1994ع ۾ وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير
صاحبه جو ڀٽ شاهه جي ميلي تي اچڻ جو پروگرام ٿيو.
اهو پروگرام ڪاميابي ۽ خير خوبيءَ سان ٿي ويو.
وزير اعظم صاحبه درگاهه شاهه عبداللطيف جي
ڊولپمينٽ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون ۽ وفاقي
سرڪار طرفان 50 لکن جي گرانٽ جو اعلان ڪيو.
ابتدائي طور ان ۾ راڳائي فقيرن لاءِ گهر ٺهرائي
ڏيڻ ۽ شاهه جي راڳ جو باقاعدي ادارو قائم ڪرڻ شامل
هئا. ڪمشنر حيدرآباد جي حيثيت ۾ ڀٽ شاهه تي درگاهه
جي توسيع ۽ خوبصورتي
(Beautification)
پراجيڪٽ جي ذميواري مون کي ڏني وئي. مون کي شاهه
عبداللطيف جي ڪلام ۽ ڀٽائي سان جيڪا عقيدت هئي، ان
لاءِ مون هي موقعو وڏي غنيمت سمجهيو. پي.سي.ون
جلدي تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ درگاهه جي اڱڻ
(Courtyard)
جي توسيع، ’ڪراڙ ڍنڍ‘ جي چوڌاري گِرل ۽ فٽ پاٿ،
راڳائي فقيرن جا گهر، دنبوري چوڪ کان سڌو آڊيٽوريم
تائين رستو ۽ گهر ٺهرائڻ وغيره شامل هئا. اهو
موقعو هو، جڏهن مون درگاهه جو چپو چپو چڱيءَ طرح
پاڻ ڏٺو. مون کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته اها ڀٽ
جنهن تي روضو ٺهيل آهي، ان جي اڌ حصي تي ڀٽائي
خاندان جا ڪجهه فرد ۽ ڪجهه فقيرن جا گهر ٺهيل آهن،
جنهنڪري ڀٽائي جي حويلي وغيره. سڀ ان جي اندر اچي
ويا آهن. اهو سمورو پلاٽ خالي ڪرائي صحن ۾ شامل
ڪرڻو هو. انهيءَ سان وڏو فائدو اهو ٿيڻو هو، ته
ائين ’دنبوري چوڪ‘ کان داخل ٿي ٻئي طرف نڪري
سگهبو، جتي وري ڀٽائي جو حجرو ٺهيل هو، جتي پاڻ
اڪيلائيءَ ۾ عبادت ڪندو هو. ان ريت درگاهه کي هڪ
ٻيو متبادل رستو اُتر طرف کان ملي ويندو. ان وقت
ڀٽائي خاندان مان نازڻ سائين جو هڪ پڪو گهر به اتي
وچ صحن ۾ هو. بهرحال هن پورو تعاون ڪيو ۽ جيڪي
اڏاوتون هيون، انهن جو مڪمل معاوضو ڏيئي پورو
ميدان خالي ڪرايو ويو. هاڻي ان ميدان يا صحن جو
پورو ڊزائن تيار ڪرايو ويو، جنهن جي اُتر ۾ خاص
گُنبذن سان برآمدو رکيو ويو ۽ ان صحن جو نالو
’ايوان رومي‘ تجويز ڪيو ويو. اها سموري منهنجي سوچ
هئي. ڇو ته ڀٽائي جي ريسرچ اسڪالر جي حيثيت ۾ مون
پڙهيو هو ته شاهه عبداللطيف رسالي ۾ مولانا روميءَ
جو ڇهن بيتن ۾ ڇهه دفعا نالو کڻي عقيدت جو اظهار
ڪيو آهي. آخر اهو ڏينهن آيو، جڏهن سائين عبدالله
شاهه ڀٽ شاهه تي آيو، ته مون کيس بريفنگ ڏني، جنهن
کان پوءِ هن پاڻ پنهنجي هٿن سان ’ايوان رومي‘ جو
سنگ بنياد رکيو. انهيءَ پراجيڪٽ لاءِ مون هالن جي
ڊاڪٽر عبدالقدوس علوي جهڙي ماهر آرڪيٽيڪٽ کي
ڪنسلٽنٽ رکيو هو. ڀٽ شاهه تي اهو ڪم زور شور سان
جاري هو ۽ آءٌ هر هفتي هڪ ڏينهن ضرور اتي پاڻ چڪر
هڻندو هئس.
سائين عبدالله شاهه جي ادب نوازيءَ جا ڪيترائي
مثال موجود آهن. هڪ دفعي سنڌي ادب جي عظيم محسن
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾
خانداني لئبرري ڏسڻ جو پروگرام ٿيو. ان جي دعوت ان
وقت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر
عاشق حسين مرزا ڏني هئي، جيڪو ان خاندان جو فرد
هو. مرزا قليچ بيگ جي ذاتي ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ اڻڇپيل
ڪتابن کي ڏسي هرڪو حيرت ۾ هو. ياد رهي ته قليچ بيگ
سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڍا ٽي سؤ کان مٿي ڪتاب لکيا آهن.
اهڙيءَ طرح انگريزيءَ ۾ به سندس قابل ذڪر تصنيفون
آهن. مرزا قليچ بيگ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو
تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪرسيءَ جي بجاءِ هڪ اسٽول تي
ويهي ڪندو هو. مطلب ته ان کي ٽيڪ نه هوندي هئي.
اتي اهو اسٽول يا منجي ڏسڻ جو به موقعو مليو. ان
موقعي تي گهڻيون علمي ڳالهيون ۽ مطالبا ٿيا، جنهن
۾ ’قليچ اڪيڊمي‘ وغيره قائم ڪرڻ جو به ذڪر ٿيو.
شاهه صاحب هن موقعي تي ڏهه لک رپين جي گرانٽ ڏيڻ
جو وعدو ڪيو.
سال 2021ع ۾ مون کي نصير مرزا جي معرفت هڪ عالم
دوست جي خاطر ان لئبرريءَ کي ٻيهر ڏسڻ جو موقعو
مليو ته معلوم ٿيو، ته اتان قليچ بيگ جا ذاتي آثار
(Personal Items)
گهر وارن اندر وڃي يادگار طور محفوظ ڪيا آهن. باقي
قليچ بيگ جي مطالعي جا ڪتاب جيڪي گهڻي ڀاڱي
انگريزيءَ ۽ فارسي ۾ آهن، جن ۾ ان وقت جو
’انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا‘ به شامل آهي، اتي ڪٻٽن
۾ بوسيده حالت ۾ موجود آهن. اتي ئي اسان کي اهو
ڪتاب نظر آيو، جنهن جي سرورق اندران ايلس پرائز
وارو سرٽيفيڪيٽ لڳل هو، جيڪو قليچ بيگ کي مئٽرڪ ۾
سنڌيءَ ۾ گهڻيون مارڪون کڻڻ تي مليو هو. هينئر اها
لئبرري هڪ اوطاق ۾ آهي، ان جي عمارت ڪافي زبون
آهي، جيڪا شايد هڪ ٻن برساتن کان وڌيڪ برداشت ڪري
نه سگهي. ڪاش! اها سموري اوطاق سنڌي ادب جي عظيم
محسن مرزا قليچ بيگ جي نالي پويان محفوظ
(Preserve & Conserve)
ڪئي وڃي. جيئن ترقي يافته دنيا ۾ عام دستور آهي،
ته جيئن ايندڙ نسل اها جاءِ ڏسي محظوظ ٿي سگهن، ته
سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو ليکڪ، ڪهڙي ماحول ۾
ڪهڙيءَ ريت تخليقي ڪم ڪندو هو.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
(Sindhi Language Authority)
جو قيام 1990ع ۾ عمل ۾ آيو. سال 1994ع ۾ ان اداري
جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شاهه
صاحب چيف گيسٽ هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آجياڻي
واري تقرير ۽ اٿارٽي جي ڪم تي روشني وڌي. ان موقعي
تي ’سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ‘ 1967ع جو سنڌي ترجمو
منهنجي نگراني ۾ تصحيح سان شايع ٿيو هو. ان تقريب
۾ مون اهو ڪتاب کيس پيش ڪيو، ته پاڻ گهڻي خوشيءَ
جو اظهار ڪندي چيائين: ”واه سومرا صاحب، تنهنجا
ڪم!“
سال 1995ع ۾ سنڌ جي وڏي مفڪر ۽ عالم علامه
آءِ.آءِ. قاضيءَ جي فلسفيانه مقالن جي مجموعي
(Casual Peeps At Sophia)
جو سنڌي ترجمو، منهنجي تحقيق سان سنڌي ادبي بورڊ
پاران شايع ٿيو. ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين
سيد حسين شاهه راشدي هو. منهنجي خواب خيال ۾ به نه
هو ته، چيف منسٽر سنڌ منهنجي ان ڪتاب جي پڌرائي
لاءِ تشريف فرما ٿيندو، ڇو ته مون ان طرف ڪڏهن
سوچيو ئي نه هو. هوڏانهن حسين شاهه راشدي پنهنجي ۽
بورڊ جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ بورڊ جي گرانٽ وڌرائڻ
خاطر اهو بهترين موقعو ڄاڻي، شاهه صاحب کي چيف
گيسٽ ڪري گهرايو. اهو 6 - ڊسمبر 1995ع جو ڏهاڙو
هو، جڏهن اها يادگار تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ عالمن،
اديبن ۽ مقامي رهنمائن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي
ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، مراد
علي مرزا ۽ حسين شاهه راشدي خيالن جو اظهار ڪيو.
شاهه صاحب ان موقي تي بورڊ جي گرانٽ وڌائڻ جو
اعلان ڪيو ۽ منهنجي ڪتاب جي تعريف ڪندي علامه
آءِ.آءِ قاضيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي
جي پوري ڪارروائي ٽماهي مهراڻ 4/1995ع ۾ شايع ٿي.
ان موقعي جي مناسبت سان ان تقريب جو يادگار فوٽو
ڏجي ٿو.
سال 1995ع ۾ قلندر شهباز جي مقبري جو گنبذ ڪِري
پيو، جنهن ڪري وڏيون چميگويون ٿيڻ لڳيون، ته اهو
سال حڪومت لاءِ ڳرو ثابت ٿي سگهي ٿو. شاهه صاحب
هنگامي طور سيوهڻ پهتو. معائني ۽ حالتن جي جائزي
کانپوءِ هڪ اهم ميٽنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ اها راءِ
سامهون آئي، ته نئون مقبرو تعمير ڪيو وڃي. ان
موقعي تي مون مشورو ڏنو ته موجوده مقبري جا چڱيءَ
طرح ڦوٽو ڪڍيا وڃن ته جيئن وري انهيءَ جاءِ تي
بلڪل ساڳئي قسم جو، جهڙوڪ ان جو نقل
(Replica)
تعمير ڪرايو وڃي. ان سان اوائلي فن تعمير يعني
آرڪيٽيڪچر جو عڪس پيش ڪري سگهبو. اهڙيءَ طرح مقبري
جي ديوارن تي جيڪي تاريخي ڪتبا لڳل هئا، انهن کي
اصلي صورت ۾ محفوظ ڪري وري ٻيهر لڳايو وڃي. ياد
رهي ته انهن ڪتبن ۾ اٺين صدي هجريءَ جو اهو تاريخي
ڪتبو به شامل آهي، جنهن مطابق دهليءَ جو بادشاهه
سلطان محمد تغلق هو. جڏهن هو اوچتو سنڌ ۾ وفات ڪري
ويو هو، ته کيس 752هه ۾ قلندر شهباز جي اڱڻ جي
احاطي ۾ هڪ ڇٽي اندر امانت طور دفن ڪيو ويو هو.
بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وفاقي سرڪار فيصلو ڪيو
ته، قلندر شهباز جي مقبري جي نئين سر تعمير جو ڪم،
هو پاڻ ڪرائيندا ۽ اهو سڄو پراجيڪٽ نيسپاڪ جي
حوالي ڪيو ويو.
اهي ٻئي سال يعني 1994ع ۽ 1995ع سنڌ ۾ خاص طور
شهري علائقن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ امن امان جي لحاظ
کان نهايت هنگاما خيز هئا. بهرحال ٻن سالن جي
لڳاتار محنت ۽ سائين عبدالله شاهه جي قائدانه
صلاحيتن جي ڪري گهڻي حد تائين حالتون ڪنٽرول ۾ اچي
رهيون هيون، تاهم انهن کي پُرسڪون ڪونه چئي سگهبو.
هڪ طرف حيدرآباد پُرامن ٿي رهيو هو، ٻئي طرف
ڪراچيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي مخصوص لساني جماعت جا
دهشتگرد ڪيترن انسانن، جن ۾ خاص طور سنڌي شامل
هئا، تن کي نشانو بنائي انهن جو خون وهايو ٿي ويو.
اهو ساڳيو سال 1995ع هو، جڏهن سائين عبدالله شاهه
جو ڀاءُ احسان علي شاهه جيڪو فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي
ڊائريڪٽر هو ۽ سندس شادي به اردو ڳالهائيندڙن مان
ٿيل هئي، ته دهشتگردن ان کي ڪراچيءَ ۾ ناحق قتل
ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ان سياسي جماعت جو خاص مقصد
شاهه صاحب کي اهو پيغام ڏيڻو هو ته، هو ڪراچيءَ ۾
ڪيترا طاقتور آهن، جو جيڪو چاهين سو ڪري سگهن ٿا.
منهنجي يادگيريءَ مطابق انهيءَ ڏينهن وزير اعظم
محترمه بينظير صاحبه ’مين نارا ويلي ڊرين‘ جي
زهريلي پاڻيءَ کي منڇر ۾ وجهڻ جي بجاءِ واپڊا
طرفان هڪ نئين پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ لاءِ دادو
آيل هئي. هڪ لحاظ سان انهيءَ سڄي پراجيڪٽ جو سهرو
(Credit)
شاهه صاحب ڏانهن وڃي ٿو، جو مون کي ياد آهي ته
جڏهن کان هو چيف منسٽر ٿيو ته کيس اهو فڪر هوندو
هو ته منڇر کي ان زهريلي پاڻيءَ کان ڪيئن بچائجي.
آخر ته سندس ڳوٺ واهڙ منڇر کان ڪو گهڻو پري ڪونه
هو ۽ اهو سندس تڪ هو ۽ جهانگارا باجارا سان سندس
ننڍپڻ جون يادون وابسته هيون. انهي ڏينهن اهو جلسو
اڃا شروع ٿيڻ وارو هو ته اها وحشتناڪ خبر پهچي
وئي، جنهن ڪري شاهه صاحب اتان ئي روانو ٿي ويو.
سنڌ دشمنن گويا شاهه صاحب تي اهو ذاتي وار ڪيو هو،
ته جيئن هو هن کي ڊيڄاري ۽ هيسائي سگهن، پر اسان
ڏٺو ته شاهه صاحب ان کان بعد پاڻ وڌيڪ بي خوف ۽
بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. بهرحال ان کان پوءِ جلدي
ئي ان سياسي جماعت جي ليڊر جو ڀاءُ به دهشتگردن
هٿان قتل ٿي ويو. ان دوران شاهه صاحب ڪراچيءَ ۾
عوامي تقريبن ۾ جوشيلي ۽ جذباتي تقريرون ڪندو هو.
هڪ دفعي قلندر شهباز جي ميلي جي موقعي تي اهڙي
تقرير ڪيائين، جيڪا هر لحاظ کان جذبات ۽ ولولي سان
ڀرپور هئي. واقعي هو هڪ سچو ۽ کرو، بهادر ۽ اڻ موٽ
۽ سنڌ جو پروانو هو، جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو هو:
پتنگ چائين پاڻ کي ته اچي آڳ اُجهاءِ
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي به پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
|