تحفة القاري اصل عربيءَ ۾ به ڇپيو آهي ته سنڌي ۾
به شايع ٿيو آهي. عربي متن ٻن محققن جي تحقيق سان
آيو آهي.
1-
تحفة القاري بجمع المقاري، عربي، استاد مفتي محمد
جان نعيمي جي تحقيق ۽ تخريج سان ڊيمي سائيز جي 88
صفحن تي، سال 1421هه مطابق 2000ع ۾ خوبصورت ٽائيٽل
سان، مڪتبہ مجدديه نعيميه، ملير، ڪراچي طرفان
ڇپيو.
2-
تحفة القاري بجمع المقاري – عربي، ڊاڪٽر مولانا
قاري عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي، اسسٽنٽ
پروفيسر ام القرى يونيورسٽي، مڪہ المڪرمة جي تحقيق
سان 1422هه/ 2001ع ۾ خود قاري صاحب طرفان ڪيل سنڌي
ترجمي ”هاشمي رڪوع“ جي آخر ۾ ڇپيو آهي، جنهن جو
ذڪر اچي رهيو آهي.
سنڌي ترجمو
تحفة القاري جو سنڌي ترجمو ”قرآن مجيد جا هاشمي
رڪوع“ جي نالي سان ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم السندي
ڪيو، جيڪو پهريون دفعو ”قرآن جا هاشمي رڪوع“ جي
نالي سان، ماهوار ”السنڌ“ شماره 80، سيپٽمبر
آڪٽوبر 2000، اسلام آباد ۾ ۽ ٻيو دفعو عربي متن
سان گڏ ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي سال 1422هه/2001ع
۾ انجمن خدام التجويد، ڪنڌڪوٽ سنڌ طرفان ڇپيو.
(8) التحفة المرغوبة في افضلية الدعاء بعد
المڪتوبة (عربي)
فرض نماز کانپوءِ اجتماعي طور هٿ مٿي کڻي دعا گهرڻ
جي سنت ۽ افضل هجڻ بابت مخدوم صاحب جو 1168هه ۾
لکيل هيءُ عربي ڪتاب، ٻن بابن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل
آهي، جنهن جا ٻه عربي ڇاپا ۽ ٻه اردو ترجما ڇاپي
منهنجي نظر مان گذريا آهن.
عربي ايڊيشن
1-
سڀ کان پهريائين ”التحفة المرغوبة“ عربي، استاد
مفتي پروفيسر سيد شجاعت علي قادري جي مقدمہ تحقيق
۽ تخريج سان ڊيمي سائيز جي 52 صفحن تي، 1983ع ۾
لجنة التصنيف و التاليف دارالعلوم النعيمية ڪراچي
طرفان شايع ٿيو.
2-
اُن کانپوءِ التحفة المرغوبة جو عربي اختصار، عربي
جي مشهور محدث شيخ عبدالفتاح ابوغده (جيڪو تازو
فوت ٿي ويو)، جي تحقيق سان، 164 صفحن جي هڪ مجموعي
۾ رائل سائيز تي 1997ع ۾ مڪتب المطبوعات الاسلامية
حلب/ شام طرفان شايع ٿيو، انهيءَ مجموعي ۾ 3 سالا
آهن.
(1)
التحفة المرغوبة للشيخ محمد هاشم التتوي السندي
(26 صفحات، ص 33 تا 48 تائين)
(2)
المخ المطلوبة للشيخ احمد بن الصديق الغماري
(3)
سنية رفع اليدين في الدعاء بعد الصلوات المکتوبة
ياد رهي ته پوين ٻنهي رسالن جو موضوع به ساڳيو آهي
۽ محقق به ساڳيو.
اردو ترجما
1-
شاندار تحفہ (فرض کي بعد دعا) جي عنوان سان هيءُ
اردو ترجمو 1994ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
تيار ڪيو، جيڪو عربي متن سان گڏ ڊيمي سائيز جي 80
صفحن تي، الراشد اڪيڊمي، ڪراچي طرفان ڇپيو.
2-
نماز اور حضور کي دعا جي عنوان سان هيءُ اردو
ترجمو 1998ع ۾ محمد شهزاد مجددي سيفيءَ جوڙيو،
جيڪو بنا عربي متن جي، سال 1999ع ۾، سني لٽرري
سوسائٽي 49 ريلوي روڊ لاهور طرفان شايع ٿيو.
(9) تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المؤمنين
(فارسي)
رسول الله ﷺ طرفان پنهنجين بيبين سڳورين (اُمت جي
امڙين) کي ڏنل ڪابين (مَهر) بابت فارسي ۾ مخدوم
صاحب جو 1171هه ۾ جوڙيل هيءُ رسالو، رائل سائيز جي
6 صفحن تي مشتمل، سال 1992ع ۾ ”رحمت ڀريو رسالو“
(جيڪو مرتضائي سماجي خدمتگار انجمن لاڙڪاڻي طرفان
سلسليوار شايع ٿيندو آهي) جي اٺين شماري جي ضمن ۾
هڪ خطي نسخي جي عڪس جي صورت ۾ شايع ٿيو.
سنڌي ترجمو
تحفمة المسلمين جو سنڌي ترجمو، مولانا ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري 1419هه ۾ ڪيو، جيڪو ڊيمي سائيز جي
14 صفحن تي، مخدوم صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب ”الباقيات
الصالحات“ (جنهن جو ترجمو مولانا محمد ادريس
ڏاهريءَ ڪيو). جي ضميمي طور اداره خدمت القرآن و
السنة شاهپور جهانيان، ضلع نوابشاهه طرفان 1419هه
۾ شايع ٿيو.
(10) ترصيح الدرة علي درهم الصرت (عربي)
مخدوم صاحب نماز ۾ قيام دوران ”دُن هيٺان هٿ ٻڌڻ“
جي تائيد ڪندي جڏهن شيخ ابوالحسن ڪبير ٺٽويءَ جي
رد ۾ ”درهم الصرة“ نالي رسالو لکيو ته شيخ محمد
حيات سنڌيءَ اُن جو جواب ٻن رسالن ۾ ڏنو. مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي ٻنهي رسالن جو جواب لکيو.
هيءُ ڪتاب (ترصيح الدرة) پهرئين رسالي جي جواب طور
لکيل آهي، جڏهن ته ٻئي رسالي (درة في اظهار غش
نقدالصرة) جي جواب ۾ ”معيار النقاد“ لکيائين، جنهن
جو ذڪر اڳتي اچي رهيو آهي.
ترصيح الدرة: مجموعہ خمس رسائل (5 رسالن جو
مجموعو) جي ضمن ۾ ٻه ڀيرا ڇپيو آهي.
1-
1403هه ۾ افغانستان مان مولانا شير احمد منيب
طرفان، انهيءَ مجموعي ۾ ترصيح الدرة صرف 10 صفحا
والاري ٿو.
2-
1414هه ۾ ادارة القرآن ڪراچي طرفان انهيءَ مجموعي
۾ ترصيح الدرة 18 صفحن تي مشتمل آهي. ٻنهي ڇاپن جو
تفصيلي ذڪر ”درهم الصره“ ۾ اچي رهيو آهي.
(11) تفسير هاشمي پاره عم (سنڌي)
سنڌي بيتن سان سال 1162هه ۾ مخدوم صاحب جي جوڙيل
پاره عم (سورة النباء کان وٺي سورة الناس) جي
تفسير تي مشتمل هيءُ تفسير ڪيترا دفعا ڇپجي شايع
ٿيو، جنهن جو وچور هن ريت آهي:
1-
قاضي نور محمد وارو ڇاپو:
1288هه ۾ ڊيمي سائيز جي 504 صفحن تي قاضي نور محمد
بن مرحوم قاضي عبدالڪريم جي ڪوشش سان سندس مطبع
نامي ڪريمي واقع جزيره بمبئي ۾ ڇپيو.
2-
قاضي عبدالڪريم وارو ڇاپو:
133هه ۾ ڊيمي سائيز جي 504 صفحن تي قاضي عبدالڪريم
بن قاضي نور محمد صاحب (تاجر ڪتب، مالڪ مطبع ڪريمي
۽ فتح الڪريم) مطبع ڪريمي واقع بمبئي مان ڇپرائي
پڌرو ڪيو.
3-
سنڌي ادبي بورڊ وارو ڇاپو:
1408هه/ 1987ع ۾ ٻئي نمبر ڇاپي جو عڪس ڊيمي سائيز
جي 556 صفحن تي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان
ڇپيو، جنهن جو مقدمو علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب
لکيو. (جيڪو 24 صفحن تي مشتمل آهي). آخر ۾ شيخ
محمد اسماعيل جي محنت سان تفسير هاشمي ۾ آيل انوکن
لفظن جي معنى جي پٽي ڏنل آهي، جيڪا 18 صفحن تي
مشتمل آهي. آخر ۾ 10 صفحن تي مشتمل ڀلنامو پڻ آيل
آهي.
تفسير هاشمي کي موجوده صورتخطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش:
تفسير هاشمي کي موجوده صورتخطي ۾ آڻڻ جون ٻه
ڪوششون ٿيون آهن.
(الف) استاد محمد يوسف نصرپوري طرفان، جنهن تفسير
جي بيتن کي برقرار رکندي صرف صورتخطي کي جديد ڪيو.
پروگرام ته 5 حصا شايع ڪرڻ جو هئس، پر صرف ٻه حصا
شايع ٿي سگهيا.
1-
ڀاڱو پهريون: سورة فاتحہ، ناس، فلق، اخلاص، لهب،
نصر ۽ ڪافرون جو تفسير، جيڪو رائل سائيز جي 32
صفحن تي جديد ٽائيپ ۾ قرآن پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.
2-
ڀاڱو پنجون: سورة نباء، نازعات، عبس، تڪوير،
انفطار، تطفيف ۽ انشقاق جو تفسير، جيڪو رائل سائيز
جي 40 صفحن تي جديد ٽائيپ ۾ فردوس پريس حيدرآباد
مان ڇپجي نروار ٿيو.
ياد رهي ته اِهي ٻئي حصا حاجي احمد خان ابڙو (ابڙا
محله نصرپور) طرفان شايع ٿيا.
(ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي طرفان، جنهن تفسير
هاشمي کي موجوده نثري صورت ۾ آندو. البته آيتن جو
ترجمو عوام جي سهولت خاطر مولانا امروٽيءَ جي
ترجمه قرآن تان ورتائين، منڍ ۾ مقدمو به لکيائين.
انهيءَ تفسير هاشمي جا 4 ڇاپا مهراڻ اڪيڊمي
شڪارپور طرفان ڊيمي سائيز جي 312 صفحن تي پڌرا ٿي
چڪا آهن. (1) پهريون ڇاپو ڊسمبر 1991ع، (2) ٻيو
ڇاپو جنوري 1994ع، (3) چوٿون ڇاپو اپريل 2002ع
(12) تمام العناية في الفرق بين الصريح و الڪناية
(عربي)
مخدوم صاحب جو 1156هه ۾ طلاق جي هڪ خاص مسئلي بابت
عربي ۾ جوڙيل هي مختصر رسالو رائل سائيز جي 8 صفحن
تي سال 1300هه ۾ مطبع مصطفائي محمد مصطفى خان ۾
ڇپيو.
ميان محمد عمر نالي هڪ شخص مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)
وٽان، تمام العناية جو خطي نسخو، مصنف جو هٿ اکري،
هٿ ڪري عبدالواحد بن محمد مصطفى خان کي ڏنو هو،
جنهن پنهنجي مطبع مان ڇاپي پڌرو ڪيو. رسالي جو متن
ته صرف 5 صفحن تي مشتمل آهي [23]. آخري ٻه صفحا
ڪتاب سان لاڳاپيل فقهي عبارتن تي مشتمل آهن.
”تمام العناية“ ۾ سنڌ اندر مروج هڪ قسم جي طلاق
(”مون ڇڏي، مون ڇڏي، مون ڇڏي“، (ٽي دفعا) جو شرعي
حڪم ٻڌايو ويو آهي، ته اُنهن ٽنهي لفظن دفعن مان
ڪنهن به هڪ لفظ/ دفعي ۾ مڙس جي نيت جيڪڏهن ٽن
طلاقن جي آهي ته ٽي طلاقون ٿي وينديون، پر جيڪڏهن
ائين نه آهي ته پوءِ پهرئين دفعي ”مون ڇڏي“ چوڻ
سان، هڪ ”بائن طلاق“ پوندي، باقي پويان ٻه دفعا
اجايا ليکبا (ڇو ته طلاق بائن کانپوءِ ڪابه ڏنل
طلاق واقع نه ٿيندي آهي).
·
ساڳيو تمام العناية ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ مدرسہ صبغة
الهدى شاهپور چاڪر ضلع سانگهڙ پاران شايع ٿيندڙ
ٽماهي رسالي ”الهدى“ جي شماره 11 (آگسٽ تا آڪٽوبر
1998ع ۾ 4 صفحن تي شايع ٿيو آهي.
·
تازو مفتي ڪليم الله لغاري صاحب اُنهي رسالي کي
ايڊٽ ڪيو آهي ۽ راقم الحروف اُنهي جو مقدمو عربي ۾
لکيو آهي، جيڪو عنقريب ڇپجي منظر عام تي اچي
ويندو، انشاء الله تعالى.
(13) تنبيہ نامون – بي نمازن ۽ عاشورن بابت (سنڌي)
مخدوم ٺٽوي ڏانهن منسوب هن منظوم سنڌي رسالي جو
ذڪر نه مخدوم صاحب پاڻ اتحاف الاڪابر ۾ ڪيو آهي ۽
نه ٻئي ڪنهن تذڪره نگار اُن جو نالو آندو آهي.
البته اهو رسالو، ٽن سنڌي رسالن جي هڪ مجموعي ۾
(جنهن ۾ هيءُ رسالو پهريون نمبر آهي) 111 سال اڳ
1312هه (1894ع) ۾ ڊيمي سائيز جي 48 صفحن تي (جن ۾
هن رسالي جا صرف 7 صفحا آهن) قاضي نور محمد قريشي
ولد مخدوم محمد حسين صاحب قريشي هالائي نقشبنديءَ
(تاجر ڪتب لاڙڪاڻه) صرف 35 جي تعداد ۾ مطبع
مصطفائي لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ٻيا به رسالا
هيءُ آهن:
2- رسالو صفت چئن يارن جي – مخدوم غلام محمد
بگائي
3-
رسالو تنبيہ عاشورا ڪندڙن ۽ بي نمازن کي، ميان
عبدالهادي بگائي.
·
مجموعي ۾ هڪ هنڌ هامش تي لکيل آهي ته:
هي ٽي رسالا تنبيہ جاهلن جي بابت، موجب خواهش پير
ميان محمد صالح شاهه صاحب خلف پير قطب الدين ٺلاهي
۽ پير شاهه عباس صاحب ۽ پير ميان علي اڪبر شاهه
صاحب ۽ جناب پير ميان علي اصغر شاهه صاحب ڪنگري
واري جي ڇپاياسين ته پنهنجن فقيرن مريدن جماعت
طريقي وارن کي هدايت لاءِ سعي ۽ ڪوشش سان
وٺائيندا، يا اسان سان مدد ڪندا ته مان هن ڪتاب جي
وسيلي پير صاحبن جي مدد سان ماڻهو عاشورن ڏسڻ جي
کان ڇٽن (24).
مجموعي جي ٽائيٽل تي مٿان مٿان ”تنبيہ الجاهلين“
لکيل آهي. ان کان ٽائيٽل جي وچ ۾ لکي ٿو ته:
الحمدلله جي هي ٽي رسالا نصيحت ناما تنبيہ جاهلن ۽
بي دينن ۽ منع عاشورن ٺاهڻ بابت تصنيف 1- مخدوم
ميان محمد هاشم ٺٽوي جو، 2- مخدوم ميان غلام محمد
بغائيءَ جو، 3- مخدوم ميان عبدالهادي جو. الخ
(14) تنقيح الڪلام في النهي عن القراءة خلف الامام
(عربي)
احناف جي مسلڪ مطابق قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾
امام پٺيان قرات نه ڪرڻ جي تائيد ۾ مخدوم صاحب جو
عربي ۾ سال 1169هه ۾ جوڙيل هيءُ ڪتاب چئن بابن ۽
هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.
تنقيح الڪلام جو اردو ترجمو مولانا عبدالعليم
ندويءَ (وفات 1987ع) تيار ڪيو، جيڪو عربي متن سان
گڏ، ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي سال 1415هه ۾ جامعہ
مدينة العلوم ڀينڊو شيرف (نزد حيدرآباد) طرفان
شايع ٿيو.
(ج)
(15) جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم (عربي)
1134هه ۾ قرآن شريف جي فضائل بابت احاديث نبويہ جي
روشنيءَ ۾ تيار ڪيل، مخدوم صاحب جو هيءُ جامع ڪتاب
اڃا تائين مڪمل طور تي شايع نه ٿي سگهيو آهي،
البته اُن جو هڪ اختصار، اردن مان ”هبة الرحمان
الرحيم في فضائل القرآن الڪريم“ جي نالي سان شايع
ٿيو آهي، جنهن ۾ اختصار ڪندڙ، اصل مؤلف جو نالو
ٽائيٽل تي نه لکيو آهي [25]. جيتوڻيڪ اندر ڪتاب ۾
اصل مؤلف (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي) ڄاڻايو اٿس، تنهن
هوندي به اها روايت صحتمند نه ليکي ويندي.
(16) الحجة القوية في الرد علي من قدح في الحافظ
ابن تيمية (عربي)
جمال الدين ابن مطهر حُلي (وفات 726هه) نالي هڪ
شيعه عالم اهل
السنة والجماعة جي رد ۾ ”منهاج الڪرامة“ نالي ڪتاب
لکيو هو، جنهن جو جواب بروقت ئي ان جي همعصر سُني
عالم، شيخ الاسلام ابن تيمية رحمة الله عليہ (وفات
728هه) ”منهاج السنة“ نالي هڪ ڪتاب لکي ڏنو.
علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ (وفات 1161هه)
”منهاج السنة“ جي ڪجهه ڳالهين تي تنقيد لکي هئي،
جنهن جو جواب سندس همعصر عالم مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي هيءُ ڪتاب ”الحجة القوية“ نالي لکي ڪري ڏنو،
جيڪو تازو (1423هه) مولانا ڊاڪٽر عبدالقيوم بن
عبدالغفور سنڌي، اسسٽنٽ پروفيسر ام القرى
يونيورسٽي مڪة الڪرمة، جي تحقيق تصحيح ۽ تعليق،
ڊاڪٽر احمد سعد حمدان غامديءَ جي مقدمي سان، آرٽ
پيپر تي، خوبصورت ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 144
صفحن تي مڪتبة الاسدي، مڪة المڪرمة عربستان طرفان
پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي صفحي 37 تي مخدوم محمد معين
ٺٽويءَ جي ڪتاب ”الحجة الجليلة في رد من قطع
بالافضيلة“ جي ترديد ۾ مخدوم محمد محمد هاشم ٺٽوي
جو لکيل هڪ مختصر رسالو عربي ۾ ٻن صفحن تي مشتمل
به شامل آهي، جنهن کي ”رسالة مختصرة في رد الحجة
الجلية“ لکجي ته بهتر ٿيندو ۽ اها به هڪ مستقل
تصنيف مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ليکجي.
ياد رهي ته ٻنهي ڪتابن جي قلمي نسخن جا فوٽو راقم
وٽ موجود آهن.
(ح)
(17) حديقة الصفا في اسماء المصطفى ﷺ (عربي)
رسول الله ﷺ جن جي اسماء مبارڪه (نالا سڳورا) تي
مشتمل هيءُ ڪتاب، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو هڪ
عظيم شاهڪار آهي، جنهن ۾ رسول الله ﷺ جا 1181 نالا
مبارڪ الف بي وار ذڪر ڪيل آهن. حديقة الصفا ۾ ذڪر
ڪيل اسماءُ مبارڪ ته عربي ۾ ئي آهن، البته ان جو
مقدمو ڪن خطي نسخن ۾ عربي ۽ ڪن ۾ فارسي نظر اچي
ٿو، جڏڏهن ته مخدوم صاحب اتحاف الاڪابر ۾ ڄاڻايل
پنهنجي تصنيفات جي فهرست ۾ حديقة الصفا کي عربي
ڄاڻايو آهي. حديقة الصفا عربي يا فارسي مقدمہ سان
منظر عام تي ته نه اچي سگهيو آهي، البته اُن جو
اردو ترجمو (صرف مقدمه جو نالو ۽ نالا ساڳيا عربي
۾) ”باغ هي باغ“ جي نالي سان مولانا مفتي محمد جان
نعيمي تيار ڪيو، جيڪو پهريون دفعو ڊيمي سائيز جي
72 صفحن تي 1417هه ۾ مفتي اعظم سنڌ اڪيڊمي
دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير ڪراچي طرفان شايع
ٿيو.
(18) حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم (عربي)
مخدوم صاحب پاران عربي ٻوليءَ ۾ سال 1171هه ۾ رسول
الله ﷺ جي مختصر پر جامع احاديث شريفہ جي بيان ۾
جوڙيل هيءُ ڪتاب سال 1992ع ۾ رائل سائيز جي 12
صفحن تي ”رحمت ڀريو رسالو“ (جيڪو مرتضائي سماجي
خدتمگار انجمن لاڙڪاڻي طرفان سلسليوار شايع ٿيندو
آهي) جي شماري 8 جي ضمن ۾ هڪ خطي نسخي جي عڪس جي
صورت ۾ شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب اهڙين جامع حديثن تي
الفابيٽيڪل ترتيب ڏنل آهي. حلاوة الفم کي منهنجي
ڀاءُ مولانا سليم الله سومري ايڊٽ ڪيو آهي، جيڪو
عنقريب الرحيم اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ٿيندو.
انشاء الله تعالى.
(19) حياة القلوب في زيارة المحبوب (فارسي)
حج جي فقهي احڪام تي تفصيل سان فارسي ۾لکيل هيءُ
ڪتاب مخدوم صاحب 1135هه ۾ تيار ڪيو، جيڪو 14 بابن
تي مشتمل آهي. اصل فارسي حيات القلوب جا ٻه ڇاپا
منهنجي علم ۾ آهن.
1-
فتح الڪريم بمبئي وارو ڇاپو:
پهريون دفعو 1299هه مطابق 1882ع ۾ رائل سائيز جي
24 صفحن تي حاجي حسن ميمڻ، متوطن ڄام گر مضافات
ڪاٺياواڙ، مقيم رنگون (برما) جي سعي سان مطبع فتح
الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي آخر ۾ طباعت جي قطعہ
تايرخ هن ريت ڏنل آهي:
چون بفتح الکريم شد مطبوع
اين حياة القلوب اول بار
گفت افسر بصوري تاريخش
نودونہ ودوصد برالف شمار
2-
ادارة المعارف ڪراچي وارو ڇاپو:
ٻيو دفعو 1391هه ۾ حضرت شاهه شير محمد سنڌي مهاجر
مدني جي ايماء سان حضرت مولانا مفتي محمد شفيع جي
اهتمام هيٺ، ڊيمي سائيز جي 368 صفحن تي ادارة
المعارف ڪراچي طرفان شايع ٿيو.
اردو ترجمو
”حيات القلوب في زيارت المحبوب“ جو اردو ترجمو،
مفتي محمد شفيع صاحب رحمة الله عليہ جي حڪم تي،
مولانا خليل الرحمان نعمانيءَ 1392هه مطابق 1972ع
۾ ڪيو هو، جيڪو تازو 1422هه/ 2001ع ۾ ڊيمي سائيز
جي 480 صفحن تي، خوبصورت ٽائيٽل ۽ جلد سان،
دارالڪتب النعمانيہ، نعماني منزل، صديق وهاب روڊ،
بادشاهي روڊ، نزد رحماني مسجد، ڪراچي طرفان شايع
ٿيو.
(خ)
(20) خطبات هاشميہ (عربي)
”الخطبات الهاشمية في العيدين و الجمعة“ نالي شايع
ٿيل هن مجموعي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا اُهي
خطبا گڏ ٿيل آهن، جيڪي پاڻ جمعي يا عيدن جي موقعي
تي پڙهندو هو، جن کي سندس هڪ شاگرد مخدوم عبدالله
بن محمد رحمة الله عليہ پنهنجي ڪتاب ”جامع الڪلام
في منافع الانام“ ۾ نقل ڪيو آهي. |