وايون
منهنجي نيڻن جو –
پنڌ کُٽو پرڏيهه ۾!
اندر جي اختيار ۽،
سارن رستن جو-
پنڌ کُٽو پرڏيهه ۾!
وکري وئي هر دلبري،
جيڏا، جذبن جو –
پنڌ کُٽو پرڏيهه ۾!
وکريا نقش حيات جا،
وکريل جيون جو –
پنڌ کُٽو پرڏيهه ۾!
آءُ نهاريو چوطرف،
رشتن، ناتن جو –
پنڌ کُٽو پرڏيهه ۾!
(2)
هر گهٽيءَ جي شور ۾ -
ڇا وڃايو آ اسان؟
جُستجوءَ ۾ ٿا رهون،
زندگيءَ جي شور ۾ -
ڇا وڃايو آ اسان؟
نيڻ ڳولن ٿا پيا،
آرسيءَ جي شور ۾ -
ڇا وڃايو آ اسان؟
حسرتون ٿيون ڀور ٿين،
عاشقيءَ جي شور ۾ -
ڇا وڃايو آ اسان؟
ساٿ جي ڇو آ تلاش،
دوستيءَ جي شور ۾-
ڇا وڃايو آ اسان؟
(3)
رات ساري رُل اڃا –
ڇانورن جي شهر تائين!
عاشقين جي جُستجوءَ ۾،
هاڪ بڻجي هُل اڃا –
ڇانورن جي شهر تائين!
راز آهين، رمز آهين،
خواب آهين کُل اڃا –
ڇانورن جي شهر تائين!
هر ڳليءَ جو توڙ ايندو،
واءُ وانگي گهُل اڃا –
ڇانورن جي شهر تائين!
آ، جواني پياس وانگي،
سمنڊ بڻجي ڇُل اڃا –
ڇانورن جي شهر تائين!
چاهت جو سَڏُ
ٿو ڏسان اکين ڀرسان،
نقش رقص ۾ آ ڪو،
نيڻ مُسڪرائن ٿا،
نينهن رقص ۾ آ ڪو.
شام شام مُرڪي ٿي،
دل ٽٽل ٽِڙي پئي آ،
هر نظر کَڙي پئي آ،
چاهتن جي موسم آ،
پيار جا زمانا هِن،
هر ڏسا جي دامن ۾،
سرخَ سُرخ شامن جا،
مهڪندڙ نظارا هِن،
روح لئه سهارا هِن!
هر ڪيل وفائن جا،
واعدا ٿا پورا ٿين،
دل گهُرين جي محفل جا،
قاعدا ٿا پورا ٿين،
بوريتون ڀُري وکري،
دور ٿي ويون آهن،
هر چپن جي چانئٺ تي،
مُرڪ جا ترانا هِن،
هر اکين جي چانئٺ تي،
ساڀيان جا تحفا هِن،
اڄ شعور جاڳيو آ،
ڄڻ سرور جاڳيو آ،
تاڙين جا جهونڪا هِن،
مست نيڻ ٿي ويا هِن،
سامهون ستارن مان،
ڪهڪشائون جُهومن ٿيون،
سامهون ڏسائن مان،
باک ٿي ڦٽي تازي،
ٿو ڏسان اکين ڀرسان،
ڀٽ ڌڻيءَ جي محفل ۾،
شاهه جي تنبوري تي،
انگ انگ جهومن ٿا،
سنگ سنگ جهومن ٿا!
چاهتن جو سڏ آهي!
ياسين چانڊيو
وايون
تنهنجي وارن مان،
خوشبو مهڪي ٿي!
هو ڏِس گل جيان، ننڍڙن ٻارن مان،
خوشبو مهڪي ٿي!
جنهن تان وئينءَ گذري، سڀني چارن مان،
خوشبو مهڪي ٿي!
آئي ڪمري ۾، در ديوارن مان،
خوشبو مهڪي ٿي!
(2)
تو بن گلڙن جي،
خوشبو روئي ٿي!
مون کان دور نه ٿي، منهنجي ساهن جي،
خوشبو روئي ٿي!
توکي ياد ڪري، ساري گلشن جي،
خوشبو روئي ٿي!
توکي سوچڻ سان، منهنجي يادن جي،
خوشبو روئي ٿي!
توکي ڇُهڻ لئه منهنجي چپڙن جي،
خوشبو روئي ٿي!
(3)
زلف کولي مون اڳيان،
هوءَ جو مُرڪڻ لڳي.
ساهه سُرهو ٿي ويو!
هوءَ حسين آ مون جيان، چنڊ ويو مون کي چئي،
ساهه سُرهو ٿي ويو!
رات سپني ۾ اچي، پيار وئي مون کي ڏئي،
ساهه سُرهو ٿي ويو!
گل اچي مون کي چيو، ڇا ته سُندرتا هئي،
ساهه سُرهو ٿي ويو!
چوڏهينءَ جي رات ۾، جيئن اچي مون سان ٻکي،
ساهه سُرهو ٿي ويو!
(4)
هوءَ نهاري پيار سان،
چين منهنجو وئي کڻي
وئي اندر ۾ ڇائنجي، گُل جي خوشبو جيان
چين منهنجو وئي کڻي
ڄڻ خدا لاٿي هئي، حور ڪا آڪاش تان
چين منهنجو وئي کڻي
چنڊ پاڳل ٿي ويو، خوشبو ٿي حيران مٿان
چين منهنجو وئي کڻي
هاڻ ڏس ’ياسين‘ تون، دور هن کان ڪيئن رهان
چين منهنجو وئي کڻي
(5)
منهنجي اندر جي،
ڪومل جذبن تي،
تنهنجو نانءُ لکيو پيو آ!
سرتي! خوشبو سان، جيون پن پن تي،
تنهنجو نانءُ لکيو پيو آ!
هو ڏس رنگن سان، پوپٽ پرڙن تي!
تنهنجو نانءُ لکيو پيو آ!
تو ته وساريو آ، پر مون ساهن تي،
تنهنجو نانءُ لکيو پيو آ!
(6)
تو جو ٽهڪ ڏنو،
گُلڙا مُرڪي پيا.
توکي گل سمجهي، پوپٽ جو ويٺو!
گُلڙا مُرڪي پيا.
سندر آن مون کان، توکي چنڊ چيو،
گُلڙا مُرڪي پيا.
توکي ياد ڪندي، ٿڌڙو ساهه ڀريو.
گُلڙا مُرڪي پيا.
چنڊ ستارن ڀي، توکي ڇُهڻ گهُريو،
گُلڙا مُرڪي پيا.
ڪومل هٿڙن سان، تو جو گل ڇنو،
گُلڙا مُرڪي پيا.
(7)
هڪڙو گل هيو،
ناريءَ جي هٿ ۾.
هلڻ سان هن جي، پوپٽ مُرڪي پيو،
هڪڙو گل هيو،
ناريءَ جي هٿ ۾.
هن ڏي گهوريندي، پاڳل چنڊ ٿيو،
هڪڙو گل هيو،
ناريءَ جي هٿ ۾.
هن جو مُرڪڻ ئي، اندر گهائي ويو،
هڪڙو گل هيو،
ناريءَ جي هٿ ۾.
اوندهه ۾ ڄڻ ڪو، روشن ڪرڻو هيو،
هڪڙو گل هيو،
ناريءَ جي هٿ ۾.
(8)
تنهنجي يادن ۾،
جيون گهاريوسين.
تون جي دوُر وئينءَ، ڄڻ ته عذابن ۾،
جيون گهاريوسين.
ساڀيا ٿي نه سگهينءَ، ۽ پو خوابن ۾،
جيون گهاريوسين.
توکان دور رهي، هر پل جاڳن ۾،
جيون گهاريوسين.
تنهنجو پيار رکي، پنهنجي جذبن ۾،
جيون گهاريوسين.
سارو لوڪ ڇڏي، تنهنجي نيڻن ۾،
جيون گهاريوسين.
غزل
ڪير آهي جو رستا نهاري پيو.
لڙڪ پنهنجي اکين مان ٿو هاري پيو.
مُرڪ جي هن چپن تان ٿي گذري وڃي،
ڪيئن مُرڪي پٺيان ٿو نهاري پيو.
هو کڻي گل هٿن ۾ ٿو مرڪي ائين،
ڄڻ ته گلڙن تي خوشبو ٿو هاري پيو!
نيڻ پنهنجا وڃائي هو رستن پٺيان،
ڪي اميدن جا ڏيئا ٿو ٻاري پيو.
هن جي هر مرڪ ۾ آهي سُڏڪو ڇپيل،
ڪيئن جذبا اندر جا ٿو ماري پيو.
خط هن جا لکيل جي هيس پيار مان،
تن کي ساڙي هوا ۾ اُڏاري پيو.
(2)
اوهان جي ٽهڪن پکيڙي خوشبو، سڄي فضا ٿي وئي آ
خوشبو!
اداس لمحن مٿان مسلسل الاءِ ڪيڏو وسي آ خوشبو!
اوهان کي ساريان، جڏهن به ٿو مان وجود سارو پوي ٿو
مهڪي،
اوهان جي يادن سندي اوسر تي منهنجي اندر ۾ رهي آ
خوشبو.
جڏهن ٿي وينگس تون زلف کولين وڃي ٿو ماحول خشنما
ٿي!
اوهان جي زلفن کي پو ڇهڻ لاءِ الاءِ ڪيڏو لُڇي آ
خوشبو!
هزار صديون وڃن گذر ٿي، اوهان جو جوڀن رهي سلامت،
اِها دعا بس خدا جي دربار ۾ اوهان لئه گهُري آ
خوشبو.
(3)
پنهنجو ماضي ياد ڪرڻ هوءَ چاهي ٿي،
ٻيهر پنهنجا گيت لکڻ هوءَ چاهي ٿي.
پوپٽ پڪڙي پنهنجن پيارن هٿڙن سان،
تن کي پوءِ آزاد ڪرڻ هوءَ چاهي ٿي.
تيز هوائن ۾ هوءَ پنهنجا زلف وکيري.
تن کي ڪو پيغام ڏيڻ هوءَ چاهي ٿي.
هن جي چپن تي جا آتي آ صدين کان،
سا ته چُمي ڪنهن کي ارپڻ هوءَ چاهي ٿي.
(4)
زندگي ساري خوشين جو ڄڻ شهر آ،
بس پرين! هي پيار تنهنجي جو اثر آ.
ٿي وڃي خوشبو فضا ڇانئجي ٿي،
تو جڏهن سندر کنئي مون ڏي نظر آ.
حوصلا پنهنجا وڃائي ٿو ويهان مان،
ٿيو جڏهن منهنجي اڳيان تنهنجو گذر آ.
پوپٽن ڀي پيار مان توکي ڇُهيو آ!
ڇا ته جوڀن ۾ پرين تنهنجي سَحرُ آ.
گل، خوشبو، چنڊ، راتيون ۽ بهارون!
سڀ سندرتائون پرينءَ جي هڪ نظر آ.
ڄڻ عذابن ۾ حياتي مون گذاري،
دور مون کان جو ٿي هوءَ هڪ پهر آ.
(5)
جهڪيل نيڻ تنهنجا جڏهن ٿا کڄن،
ڪئي موسمون پوءِ قتل ٿيون ٿين!
سندم آڱرين مان ٿي خوشبو ڇڻي!
جڏهن ڀي اوهان جو بدن ٿيون ڇُهن.
الائي ته ڪهڙي آ خوشبو اوهان ۾،
جنهين جي مٿان پيا ٿا پوپٽ اُڏن!
رنگن سان ڀريل تنهنجي چولي اندر،
اُڏڻ لاءِ پنڇي ٿا ڀڙڪا ڏين.
(6)
تنهنجي جوڀن جي سَر تي! ڏسي چاندني،
رات بڻجي وئي آ سڄي چاندني!
مُرڪ تنهنجي تي مُرڪي پيا هِن گلاب!
ٽهڪ تنهنجي تي جهومي پئي چاندني!
تنهنجي خوشبو بدن کي ڇهڻ لئه پرين
رات ساري پئي آ رلي چاندني!
گل پٽيندي جي هن کي ڇهي ويو گلاب،
رات ڪيڏو هئي پوءِ رُني چاندني!
زلف تنهنجا کُلن جي، ٿي خوشبو وڃي،
زلف تنهنجا وئي سي چُمي چاندني.
گل بدن، شوخ چنچل ۽ خوشبو جيان،
ڇا ته تشبيهه توکي ڏني چاندني.
چنڊ بادل پٺيان ائين ٿو ڊوڙي پيو،
ڄڻ ته هن کان هجي وئي رُسي چاندني.
تنهنجي هٿڙن جو منهنجي هٿن کي ڇهيو،
منهنجي ساري بدن مان ڇَڻي چاندني!
ڇا ته ”ياسين“ هن ۾ عجب هو سَحرُ،
هن جي هر هڪ ادا ٿي وئي چاندني.
(7)
بهارن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟
نظارن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟
ويا خوشبو سمورا نيڻ ٿي هن!
نهارن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟
پيا حيران ٿي ڀؤنرا اُڏامن،
هوائن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟
اچي ٿي ورق هرهڪ مان ڀي خوشبو،
ڪتابن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي!؟
پُڇن پوپٽ پيا حيرانگيءَ مان،
گلابن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟
چون ”ياسين“ ٿيون مون کي اکيون اڄ!
خوابن ۾ هڳاءُ هي ڪنهن جو آهي؟. |