سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :12

عبدالغفار صديقي

سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق

”پاٽ جي صديقي خاندان لاءِ عالمگير جو فرمان“

سنڌ جي تاريخ هجي يا دنيا جي ڪنهن ٻئي خطي جي، اُنهي ۾ بيشمار غلط روايتون آيل آهن، جيڪي قياس آراين تي مبني آهن، يا وري ڏاڍن مڙسن ۽ حاڪمن جي چوڻ تي رائج ڪيون ويون آهن.

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن جو تاريخ کي جيڪڏهن ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڏسنداسين ته نڪي موهن جي دڙي کان اڳ جي تاريخ ملي ٿي ۽ نه وري پوءِ واري عرصي جي، ويندي محمد بن قاسم جي سنڌ فتح تائين اُن کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جو ٿورو گهڻو احوال ملي ٿو. ”موهن جي دڙي“ کي ئي ڪي ”مهن جو دڙو“، ته ڪي ماڳهين ”مئن جو دڙو“ ڪوٺن ٿا.

سنڌ جون جيڪي اوائلي تاريخون ملن ٿيون، جهڙوڪ چچ نامو، تحفة الڪرام، تاريخ معصومي، تن ۾ به ڪيترائي تاريخي واقعا اڻپورا، ناقص ۽ ڏند ڪٿائن جي نموني تي ملن ٿا. ايتري حد تائين جو تاريخ نويسن ۾ سنڌ تي عربن جي حملن ۾ به وڏا اختلاف آهن، ته محمد بن قاسم کان اڳ جملي گهڻا حملا ٿيا هئا ۽ پهريون حملو ڪهڙي خليفي جي زماني ۾ ٿيو هو ۽ ڇو ٿيو هو؟

سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي جي نمبر 3-4 /سال 2002 ۾ هڪ مضمون ”سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ ”پاٽ جي صديقي خاندان لاءِ عالمگير جو فرمان“ ۽ ٻيون دلچسپ ڳالهيون ڪيل آهن.

سنڌ جي تاريخ جي اِنهيءَ ورق واري مضمون ۾ لکيل آهي ته، ”سنڌ جي هڪ جيد عارف ۽ روشن ضمير بزرگ حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسى جندالله پاٽائي ثم برهانپوري جي حياتيءَ ۾ ئي سندس هڪ اهلِ دل فرزند شيخ شهر الله رمضان (طہ) پنهنجي پٺيان شيخ محمد حسن قاريءَ کي ڇڏي داعي اجل کي لبيڪ چيو. حضرت شيخ عيسى رحه کي برهانپور مان ٻي شادي مان پڻ اولاد ٿيو، جيئن بابا فتح محمد (صاحب ڪتاب ”مفتاح الصلواة“). اهڙيءَ طرح هن باوقار خاندان جون ٻه شاخون هليون: هڪ برهانپور ۾ ۽ ٻي پاٽ شريف سنڌ ۾. هن بزرگ جو سمورو احوال سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪيل اردو ڪتاب ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ۾ آيل آهي، جو سيد محمد مطيع الله شاهه ”راشد“ برهانپوري تاليف ڪيو آهي، جنهن جو محرڪ سنڌ جو هاڪارو عالم پير صاحب سائين حسام الدين راشدي هو.“

هن ”تاريخي ورق“ جي مٿان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن مان هرڪو پڙهندڙائين سمجهندو ته سنڌ جي تاريخ جو اِهو ورق ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو لکيل آهي. پر، ائين ڪونهي. جنهن به اِهو ورق لکيو ۽ ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي، تنهن پاڻ ئي اِهو ڪتاب ڪونه پڙهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ ڪتاب جي صفحي 92 تي حضرت مسيح الله شيخ عيسى جندالله جي ولادت جي باري ۾ هيئن لکيل آهي:

”حضرت شيخ طاهر محدث رحه (مسيح الاولياء رحه جو سڳو چاچو) جي زهد ۽ تقوى ۽ علم و فضل جي هاڪ ٻڌي، برابر ملڪ جي حاڪم تفال خان وڏي اصرار ۽ نياز منديءَ سان محدث صاحب کي برار اچڻ جي دعوت عرض رکي. هي خاندان جڏهن اهو عرض قبول ڪري ايلچپور (برار جي گاديءَ جو هنڌ) پهتو، ته علم دوست تفال خان سندن شايانِ شان استقبال ڪيو. محدث صاحب کي اُتي دارالعلوم جون ذميواريون سونپيائين. نقد رقم کان سواءِ زرخيز زمين جو هڪ موضع به جاگير طور سندن نذر ڪيائين. محدث صاحب موضع ۽ گهر جي سنڀال پنهنجي ننڍي ڀاءُ شيخ قاسم جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ پڙهڻ پڙهائڻ، تصنيفات ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ 5 ذي الحج 962هه آچر ڏينهن سندن (مسيح الاولياء رحه جي) ولادت ٿي.“

مٿئين بيان مان هڪ ڳالهه ته واضح ٿي ته حضرت مسيح الاولياء رحه جي ولادت ايلچپور ۾ ٿي ۽ پاٽ ۾ ڪانه ٿي.

هاڻي ڏسون ته سندس خاندان جي پاٽ مان لڏي وڃڻ کان ڪيترو عرصو پوءِ ايلچپور ۾ سندن ولادت ٿي. اُن لاءِ به ساڳئي ڪتاب جي صفحي 3 تي لکيل آهي ته:

”فرحي (مسيح الاولياء رحه جو خليفو شيخ اسماعيل فرحي، جنهن سندس خدمت ۾ ويهه سال گذاريا) مسيح الاولياء ؒ جي ذڪر ۾ وطن کي ترڪ ڪري اچڻ جو هي سبب لکيو آهي ته همايون بادشاهه جي اچڻ سان سنڌ ۾ افراتفري پکڙي ته حضرت مسيح جا پيءُ، ماءُ ۽ چاچو ۽ ڪي ٻيا عزيز پاٽ مان لڏي ويا.“ (ڪشف الحقائق قلمي ص 3)

”اُنهيءَ واقعي جو سن ملا غوثي ؒ 950هه لکيو آهي.“

ظاهر ٿيو ته مسيح الاولياء ؒ جي وڏن پاٽ مان 950هه ۾ هجرت ڪئي ۽ مسيح الاولياء ؒ جي ولادت اُن کان ٻارهن سال پوءِ 962هه ۾ ايلچپور ۾ ٿي.

مولانا دين محمد وفائيءَ به پنهنجي ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٽيون (سنڌي ادبي بورڊ جو 1986ع ۾ ڇپايل) جي صفحي 312 تي ”تذڪره گلزار ابرار“ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته:

”شيخ عيسى بن قاسم بن شيخ يوسف محدث پاٽائي سنڌي، شيخ عيسى ايرج پور صوبه برار جي گاديءَ واري هنڌ 5 ذي الحج 962هه ۾ تولد ٿيو.“

ساڳئي صفحي تي مولانا دين محمد وفائيءَ هيئن به لکيو آهي:

”مولوي محمد صادق گچيرائي مصباح النجات شرح مفتاح الصلواة ۾ لکي ٿو ته شيخ عيسى پاٽ ۾ تولد ٿيو. قاضي حبيب الله سيوهاڻي صديقي جو چوڻ آهي ته شيخ عيسى پاٽ ۾ تولد ٿيو ۽ سندس والد جڏهن برهانپور ۾ وفات ڪئي، تڏهن به پاٽ ۾ مقيم هو. اُن کانپوءِ برهانپور ڏانهن هجرت ڪري وڃي اُتي رهيو.“

مولوي محمد صادق گچيرائيءَ اهو احوال قاضي حبيب الله صديقي سيوهاڻي جي حوالي سان بنا تحقيق ڪرڻ جي ڏنو آهي، جيڪو تاريخي واقعن سان بلڪل ڪو نه ٿو ٺهڪي. ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ڪتاب جي صفحي 33 تي لکيل آهي ته:

”(مسيح الاولياء) جي جواني جو اڃا آغاز هو ته والد جي شفقت جو پاڇو مٿي تان کڄي ويو ۽ اُهو ايلچپور ۾ ئي مٽيءَ جي حوالي ٿيو. هي سانحو محرم 981هه تي رونما ٿيو.“

هنن حوالن مان هيءَ ڳالهه ته بلڪل واضح ٿي وئي ته حضرت شيخ عيسى جندالله رحه جي ولادت ايلچپور ۾ سندس والدين جي پاٽ مان هجرت ڪري اچڻ کان ٻارهن سال پوءِ ٿي ۽ پاڻ اڃا ايلچپور ۾ 18 سالن جو مس هو ته سندس والد جي اُتي وفات ٿي.

هاڻي اچون ٿا مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي تاريخ جي ورق جي اُنهي بيان تي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”مسيح الاولياء رحه جي حياتيءَ ۾ سندس هڪ اهل دل فرزند شيخ شهر الله رمضان (طہ) پنهنجي پٺيان شيخ محمد حسن قاري کي ڇڏي داعي اجل کي لبيڪ چيو. حضرت شيخ عيسى رحه کي برهانپور ۾ ٻي شاديءَ مان پڻ اولاد ٿيو… اهڙيءَ طرح هن باوقار خاندان جون ٻه شاخون هليون، هڪ برهانپور ۾ ۽ ٻي پاٽ شريف سنڌ ۾.“

تاريخي ورق جي اِنهي بيان ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته مسيح الاولياء ؒ شيخ عيسى جندالله پاٽ ۾ ڄائو. اُتي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو. پنهنجي اُنهي پٽ (شهر الله رمضان) جي به پاٽ ۾ شادي ڪرايائين، جنهن کي به هڪ پٽ (محمد حسن قاري) ڄائو. اُن کانپوءِ اڃا حضرت مسيح الله پاٽ ۾ ئي هو ته سندس پٽ (شهر الله رمضان) وفات ڪري ويو. باقي سندس پوٽو (محمد حسن قاري) پاٽ ۾ ئي هو ته پاڻ برهانپور هليو ويو ۽ اُتي وڃي ٻي شادي ڪيائين، جنهن ڪري هن خاندان جون ٻه شاخون ٿي ويون.“

مٿيون سڄو بيان حقيقتن جي اُبتڙ آهي، جيڪڏهن اسين انهيءَ ”بي بنياد بيان“ کي صحيح ڪري وٺون، تڏهن به هيٺين ثابتين ۽ شاهدين کي ڏسي اچرج ضرور وٺندو.

قاضي حبيب الله صديقي سيوهاڻي جيڪو صديقين جي نسب جو سلسلو ”ڪرسي نامي“ ۾ ڏنو آهي، تنهن کي علامه غلام مصطفى قاسميءَ پنهنجي معلومات جو ذريعو بنايو آهي. علامه صاحب ته ”ڪرسي نامي“ جو حوالو ڏيندي پنهنجي ڪتاب ”مقالاتِ قاسميءَ“ جي صفحي 524 تي پاٽ جي صديقي خاندان جو نسب ڏنو آهي، جنهن موجب هن خاندان جي ولادت جا سن هيٺين ريت ڄاڻايل آهن:

1-        مسيح الاولياء ؒ شيخ عيسى جندالله جي ولادت – 962هجري

2-       شهر الله رمضان بن مسيح الاولياء ؒ جي ولادت – 976 هجري

3-       محمد حسن قاري بن شهر الله رمضان جي ولادت – 990 هجري

جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل ٽن ڄڻن جي ولادت جي سنن تي غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته مسيح الاولياء ؒ کي چوڏهن سالن جي عمر ۾ پٽ ڄائو، ۽ ساڳيءَ طرح سندس پٽ کي به چوڏهن سالن ۾ پٽ ڄائو. معنى ته اُنهن جون شاديون 12 يا 13 سالن جي عمر ۾ ٿيون هونديون ۽ کين چوڏهن سالن جي عمرين ۾ پٽ ڄاوا!

اِنهيءَ مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته هي نسب نامو ڪيتريقدر صحيح آهي؟ جڏهن ته مسيح الاولياء ؒ جي اولاد جي باري ۾ ڪتاب ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ۾ صفحي 82 کان 83 تائين جو احوال هن ريت آهي:

”اولاد ۾ چار فرزند ۽ ٻه ڌيئر آهن، فرزندن جا نالا: شيخ عبدالستار، شيخ مخدوم آهن، باقي ٻيا ڀائر اُتي ئي برهانپور ۾ رهيا.“

فتح محمد، شيخ طہ ۽ شيخ هاشم، ڌيئرن جا نالا: اُمت الرحمان، فاطمہ.

مسيح الاولياء ؒ جي پٽ شيخ عبدالستار جي باري ۾ صفحي 104 تي ٻُڌايل آهي ته پاڻ مسيح الله جو پهريون پٽ هو ۽ سندس ولادت 983هه ۾ ٿي. ٻيو پٽ شيخ فتح محمد ۽ ٽيون پٽ شيخ طہ ٻڌايا ويا آهن.

جيڪڏهن اسين فرض ڪري وٺون ته ٽيون پٽ شيخ طہ اُهوئي ساڳيو شيخ شهرالله رمضان (طہ) آهي، تڏهن به اُن جو جنم ضرور 983هه کان ٻه ٽي سال پوءِ يعني 986هه ۾ ٿيو هوندو. تڏهن به اُنهيءَ حساب سان محمد حسن قاري سندس پٽ ٿي نٿو سگهي، جنهن جي ولادت 990هه ۾ ٿي ۽ پاٽ جي صديقي خاندان جي هڪ شاخ اُن مان پيدا ٿي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته قاضي حبيب الله صديقي سيوهاڻيءَ اهي ڳالهيون ڪيئن ويهي ”ڪرسي نامي“ ۾ لکيون آهن! مولانا دين محمد وفائي مرحوم ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٽيون) جي صفحي 323 تي ٻڌائي ٿو ته:

”قاضي حبيب الله سيوهاڻي جي لکڻ موجب مسيح الاولياء ؒ شيخ عيسى کي ٽي پٽ هئا: (1) شيخ عبدالستار، (2) شيخ شهر الله رمضان، (3) شيخ فتح محمد ’مفتاح الصلواة‘ جو مصنف، اُنهن مان شيخ شهر الله سنڌ ڏانهن موٽي اچي پاٽ ۾ مقيم ٿيو، جنهن جو اولاد سيوهڻ ۽ پاٽ وارا صديقي

هوڏانهن ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ڪتاب جي محرڪ پير حسام الدين راشدي مرحوم، ڪتاب جا پيش لفظ لکندي اُنهيءَ مٿينءَ ڳالهه کي رد ڪيو ۽ اعتراف ڪيو آهي ته:

” مسيح الاولياء ؒ جو خاندان ۽ واسطي وارا وطن ڇڏي وڃي برهانپور ۾ آباد ٿيا، جتي رشد و هدايت ۽ تعليم ۽ تربيت ڏيندا رهيا. اُهي وري نه ڪڏهن سنڌ ۾ آيا ۽ نه وري سنڌ وارن کي ڪا اُنهن جي خبر ئي پئي. اِهو ئي سبب آهي جو اُنهن بزرگن جو احوال سنڌ جي حوالي کان خالي نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڪٿي ڪجهه احوال ملي به ٿو ته اُهو به انتهائي گهٽ ۽ نامڪمل، جنهن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. مثال طور حضرت مسيح الاولياء ؒ جي احوال کي وٺو. تحفت الڪرام جي صاحب سنڌ جي هڪ بزرگ شيخ عيسى لنگوٽي کي شيخ عيسى لنگوٽي برهانپوري لکيو آهي ۽ اُن جي مزار مڪليءَ تي ٻڌائي آهي. حالانڪ اِهي ٻئي شخصيتون جدا جدا آهن…… اُنهن بزرگن جي سلسلي ۾ اهڙيون گهڻيئي غلطيون ڪتابن ۾ ملن ٿيون، جيڪي سنڌ ۾ لکيا ويا.“

ٻئي پاسي خود ”براهنپور کي سندهي اولياء“ ڪتاب جو مؤلف سيد محمد مطيع الله ”راشد“ برهانپوري، جنهن صديقين جي حسب نسب تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي، سو پنهنجي ڪتاب جي صفحي 93 ۽ 94 تي هن طرح قلمطراز آهي:

”هڪ شجرو آهي، جيڪو حضرت مخدوم محمد يوسف سنڌيءَ کان شروع ٿي مسيح الاولياء ؒ جي اولاد جي مختلف شاخن ۾ ورهائجي ٿو، جن جا سلسلا گجرات، پٽن، مڪہ مڪرمہ، پاٽ سنڌ، سيوهڻ سنڌ، خانديس (برهانپور) ۽ دکن تائين پکڙيل آهن. پر ڪنهن به شاخ ۾ ڇهن ستن يا ڏهن نالن کان وڌيڪ نالا ڪونهن. اُن کانسواءِ هر شاخ ۾ نالن جي ترتيب به صحيح ناهي. مطلب ته ڪجهه بزرگن جي نالن سان جيڪا معلومات ڏنل آهي، تن مان ڪي ته بلڪل ئي حقيقت جي اُبتڙ آهن.“

”راشد“ صاحب اڳتي هلي مثال ڏيندي لکي ٿو ته:

”مخدوم شيخ عبدالواحد مفتي پاٽ سن 1072هه ۾ فتوى جي منصب تي فائز ٿيو. عالمگير کيس جاگيرون انعام ۾ ڏنيون، پر کيس مسيح الاولياء ؒ جي پنجين پيڙهيءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.“

ٽماهي ”مهراڻ“، نمبر 3-4/سال 2002ع جي صفحي 256 تي اورنگزيب عالمگير جي فرمان جو جيڪو ”سنڌ گزيٽ“ ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ شيخ عبدالواحد مفتي پاٽائيءَ کي شيخ مسيح الله جو پٽ (Son) لکيو ويو آهي، جنهن جي تصديق ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ طرفان مارچ 1915ع ۾ ڏيکاري وئي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي اهڙي غلط تصديق ڪيئن ڪئي هوندي!

مذڪوره رسالي جي صفحي 254 تي هي به ڄاڻايل آهي ته:

”شجري جي تفصيل ۾ وڃڻ کانسواءِ فقط ’فرزندانِ ڪلان‘ جي حساب سان نالا هيٺ ڏجن ٿا.“

رسالي ۾ اِهي نالا مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائيءَ کان وٺي ڪجهه پيڙهين تائين ڏيکاريا ويا آهن، ۽ ظاهر ڪيو ويو آهي ته مخدوم عبدالواحد ڪبير جي اولاد ۾ فقط اِهي ئي وڃي رهيا آهن. اِها ڳالهه به تاريخي حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي. جيڪڏهن شجرو فقط مخدوم عبدالواحد ڪبير کان ئي ڏيکارڻو مقصد هو، ته هن وقت اُن جي اولاد مان جيڪي حال حيات آهن ۽ جن دين ۽ علم جي راهه ۾ گهڻوئي ڪجهه پاڻ موکيو آهي ۽ خدمت  ڪئي آهي، تن جا نالا به اچڻ کپندا هئا.

ساڳئي پرچي ۾ ساڳئي صفحي تي لکيل آهي ته:

”اورنگزيب عالمگير حضرت مسيح الاولياء ؒ جي بلند و بالا روحاني عظمت جي پيش نظر سندس عقيدتمندن مان هو.“

تاريخ مان ڪٿان به ڪا اهڙي ثابتي ڪانه ٿي ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ته اورنگزيب جي حضرت مسيح الاولياء ؒ سان ڪڏهن ڪا ملاقات به ٿي هجي. يا غائبانه ڪو روحاني فيَض حاصل ڪيو هجيس!

اورنگزيب عالمگير 1658ع ۾ تخت نشين ٿيو، ته اُن کان اٽڪل 35 سال اڳ حضرت مسيح الله جي وفات ٿي چڪي هئي، جيستائين مذهبي نظرين ۽ عقيدن جو تعلق آهي ته ٻنهي جا نظريا جدا جدا هئا. اورنگزيب ”وحدت الوجودي“ نظريي ۽ عقيدي جي خلاف هو، پر، حضرت مسيح الله اُنهيءَ نظريي تي پڪو ۽ سالم هو، جنهن جو ثبوت ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ڪتاب جي صفحي 72 تان ملي ٿو، جتي لکيل آهي ته:

”حضرت شيخ عبدالله بلياني رحه حديث نبوي من عرف نفسہ فقد عرف ربہ جي شرح ۾ عربي زبان ۾ وحدت الوجود تي هڪ رسالو تاليف ڪيو، جنهن جي فارسي شرح مسيح الاولياء ؒ پنهنجي مرشد جي چوڻ تي لکي.“

اُنهيءَ مان ثابت ٿيو ته حضرت مسيح الاولياء ؒ ۽ سندس مرشد پڪا وحدت الوجودي هئا، ان کان سواءِ وحدت الوجود تي سندن ٻه تصنيفون ”روضة الحسن“ ۽ ”عين المعاني“ به قابل ذڪر آهن. هي ٻيئي رسالا اسماء الحسنى جي شرح ۽ معنى ۾ آهن، جن جو بيان وحدت الوجودي صوفين جي رنگ ۾ ڪيل آهي.

اورنگزيب عالمگير پنهنجن عقيدن موجب، حضرت مجدد الف ثاني (جنهن کي ”امام رباني“ به ڪوٺيو ويندو آهي) جي نظريي جو پوئلڳ هو. امام ربانيءَ جهانگير جي دور ۾ پهريون ڀيرو صوفين جي ڏنل ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت اديان“ (Pantheism) وارن نظرين کي رد ڪري، ”وحدت الشهود“ جي نظريي جي تبليغ ڪئي.

هاڻي اِنهي پس منظر ۾ سوال ٿو اُٿي ته پوءِ ”وحدت الوجودي“ نظريي رکندڙ خاندان جي فرزند مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائيءَ تي اورنگزيب ايڏيون نوازشون ڪيئن ڪيون، جو کيس نه صرف سيوستان (سيوهڻ) جو ”قاضي القضاة“ مقرر ڪيائين، بلڪه معاشي خوشحاليءَ لاءَ جاگير به عطا ڪيائين.

ڇا مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي به حضرت مجدد الف ثاني ”امام ربانيءَ“ وارو نظريو ”وحدت الشهود“ ۽ اُن جا عقيدا اختيار ڪيا هئا؟

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتان هُتان، هِن هُن کان ٻڌل سُڌل ڳالهين کي ڳنڍ ٻڌي، ويچار ۽ تحقيق ڪرڻ بنا لکي ڇڏڻ کي ”تاريخ جو ورق“ سڏي نٿو سگهجي. ماضيءَ جي هر واقعي جي پوريءَ طرح ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ جيڪي واقعا صحيح صحيح ٿي اڳيان اچي بيهن، تن کي ڀلي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي. وما توفيقي الابالله العلي العظيم.

غلام رباني آگرو

ڊاڪٽر ائنيمري شمل

[موجوده دؤر ۾ ڊاڪٽر شمل جو نالو دنيا جي نامور مستشرقين ۾ ورتو وڃي ٿو. هن پاڪستاني ادبيات جو اونهو اڀياس ڪيو ۽ ڪيئي ڪتاب لکيا. سنڌي ادبيات کي مغرب سان متعارف ڪرايو. مون کيس ورهين جا ورهيه ويجهڙو ڏٺو. ساڻس نيازمنديءَ جو عرصو ڀريا چاليهه سال آهي. ايڏي وڏي عرصي جو احوال لکڻ لاءِ ته وقت ۽ فرصت کپي، جي الائي ڪڏهن نصيب ٿين!

حقيقت ۾، مٿس مضمون لکڻ جو حق صحيح معنى ۾ ائين ئي ادا ٿي سگهي ٿو، ته سندس ڪتابن ۽ علمي جستجوءَ جو مخلصانه جائزو وٺجي. مون وٽ اُن لاءِ ڪجهه مواد موجود آهي، پر جيئن ته ’شخص‘ ۽ ’عڪس‘ هڪٻئي کان جدا ڪونهن، سو مناسب لڳم، ته ساڻس گڏ ڪيل سير ۽ سياحت جون ڪي يادگيريون پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريان، جو چون ٿا ته سير ۽ سفر ۾، ماڻهوءَ جو مزاج صحيح نموني ۾ معلوم ٿيندو آهي.“ – مصنف]

ڊاڪٽر شمل سان منهنجي پهرين پهرين ملاقات سن 1958ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. هوءَ اُتي هيئن آئي هئي، جو ٻيلي کاتي جو هڪ رٽائرڊ عملدار، سيد عبدالواحد ساڻس جرمنيءَ ۾ متعارف ٿيو هو. اقبال ايڪيڊميءَ جو ميمبر هو ۽ کيس ڪراچيءَ جي دعوت ڏني هئائين. ڊاڪٽر شمل ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ واري زماني ۾ علامه اقبال جو ڪلام پڙهيو هو. تڏهن کان وٺي سندس ڪلام ۽ پيغام ۾ دلچسپي هئس. – پير سائين حسام الدين شاهه راشدي به اقبال ايڪيڊميءَ جو ميمبر هو. سو به ساڻس ائين ئي واقف ٿيو هو. پوءِ رفتي رفتي ٻنهي هڪٻئي ڏانهن پير وڌايو ۽ گهرا گهاٽا دوست ٿي ويا. علامه اقبال جي فرزند جسٽس جاويد اقبال سان به سندس ملاقات انهيءَ ريت سن 1958ع ۾ ٿي هئي.

مغربي ماڻهو، هر سال، پنهنجي ڄَمَ جو جشن ملهائيندا آهن. اسان وٽ به ڪي سکيا ستابا ماڻهو اِهي ’شاهاڻا شؤنق‘ ڪندا آهن. پر، سنڌ جي ڏتڙيل عام ماڻهن جو حالُ ته هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي:

بُک ۾ ڦٽي باکَ ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن!

1958ع ۾، ڊاڪٽر شمل، پنهنجيءَ سالگره جو جشن ڪراچيءَ ۾ سيد عبدالواحد جي گهر ملهايو. پير صاحب مون کي اِنهي ئي تقريب ۾ وٺي هليو ۽ ساڻس واقفيت ڪرايائين. تقريب شام جو ڇهين ستين بجي رکيل هئي. منجهس جيڪي مهمان سڏيل هئا. سي، دستور موجب، سوکڙيون پاکڙيون وٺي آيا هئا. مان هالن جي جنڊيءَ جي فريم سان هڪ وڏو آئينو وٺي ويو هئس. ۽ اهو به ياد اٿم ته سنڌ جو سٻاجهو ۽ هاڪارو نيڪمردُ، مير غلام علي خان ٽالپر، چانديءَ جو ٽي – سيٽ (Tea-set) وٺي آيو هو.

پير صاحب ڊاڪٽر شمل کي مون سان متعارف ڪرايو ته چوڻ لڳي ته ”ڪراچي شهر جا پراڻا پاڙا ۽ بزارون گهمڻ جو شوق اٿم.“ – تن ڏينهن ۾ بورڊ جيپ ورتي هئي، سو، جيڪڏهن هوءَ اشتياق ڏيکاري ها، ته مان کيس کاري در ۽ مٺي در وارو علائقو، کڏي مدرسي وارو پاسي ۽ ڪياماڙي وغيره آسانيءَ سان ڏيکاري سگهان ها. پر، ٻيهر نڪي ته هُن ڳالهه ڪڍي ۽ نه وري مون ذڪر چوريو.

قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. ڪي ڪي لفظ ۽ خواهشون ’پيشنگويون‘ ثابت ٿينديون آهن، ڪنهن کي به خواب خيال ڪو نه هو، ته اڳتي هلي مان کيس نه رڳو ڪراچي پر سڄو پاڪستان گهمائيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com