سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :18

اڪبر سومرو

انت جي خوشبو

ڊگهيءَ ڇت وارو سانت ۽ اوندهه سان ڀريل ڪمرو هن کي بلب آن ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪجهه ڀوائتو لڳو. ڪمري جي ڊگهيءَ ڇت جي هڪ ڪُنڊ کان Wind Catcher (مَنگهه) ٺهيل هو، پر اُهو به ڏور ڇڪي بند ڪيل هو. ڪمري ۾ گهڙڻ سان ڪنن اَڻ ڏٺي احساسن جو اندازو ٿي ٿيو.

ڪمرن کي ڪمرن کان الڳ ڪندڙ هاٿيءَ جهڙين ٿيلهين ڀتين مٿان خوبصورت ٽيپسٽريون ۽ ٻيون پئنٽنگس لڳل هيون، تن مان هڪ ڏانهن هُن جو ڌيان وڃي ٿو هليو. اُهو چيني آرٽ جو هڪ نمونو هو ۽ اُن تي پٽاپٽي چيتي جي هڪ شاندار تصوير ٺهيل هئي، چيتو، جيڪو ٻوُڙن جي وچ ۾ بيهي پنهنجي شڪار کي چنگهاڙي رهيو هو. چيتي جي پويان سائي رنگ جا جبل هئا. هو اُها پئنٽنگ ڏسندو اُتر واري طرف کان ڀتين ۾ فڪس ٿيل هڪ ڪٻٽ ٿو کولي، جيڪو ڪتابن سان ڏٽيل آهي. ڪتابن جي مٿان دَزُ پيل آهي، جيڪا يقينن هن جي مامي جي سالن جي لاڳيتي بيماريءَ ۽ هاڻ موت جي ڪري ڪنهن به نوڪرياڻيءَ کان نه ڇنڊائي ويئي هئي. هُو ڪتابن جي هڪ قطار کي ٻِن آڱرين سان سيري ٿو ته ٿوري مِٽي ڇڻي ٿي ۽ اُڏوهيءَ جي بانس اچي ٿي. ڪتابن منجهان هُو هڪڙو جلد ٻڌل ٿلهو ڪتاب کڻي هٿ سان اُن جي مِٽي ٽائل لڳل فرش تي ڇنڊي ٿو ۽ پوءِ ڪتاب کي ڪپڙي سان اُگهي صاف ڪري کولي ٿو.

’ڊڪشنري آهي!‘ هو دل ۾ ڳالهائي ٿو. اُڏوهيءَ ڪتاب جا ڌاڻا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. مٿئين جلد ۾ اڏوهيءَ جيڪي ٽُنگ ڪيا هئا، اُهي گهٽ ۾ گهٽ چار انچ ٿلهي ڪتاب مان پار ٿي ٻئي طرف پُهتل هئا ۽ ٻئي طرف بئڪ تي اُڏوهيءَ جون بي ربط سرنگهون Tunnels ٺهيل هيون. اُڏوهيءَ ڪتاب ۾ وچان وچان جيڪا کاڌِ ڪئي هئي، اُن جي ڀرسان ناسي رنگ جون Feaces لڳل هيون ۽ ڪٿان ڪٿان ڳنڍيل پڻ هو. پراڻي ڪتاب جا اندران ڪنارا ڪارا ۽ وچان پنو ناسي ٿي چڪو هو، جيڪو هٿ لائڻ سان ڀُرڻ ٿي لڳو.

ڪتاب جي ’Inner TiTle‘ تي لکيل هو:

The Concise Oxford

Dictionary

Of

Current English.

هڪ ڪنڊ کان موتيءَ جهڙن اکرن ۾ لکيل هو:

Owner His Highness Mir Bankhtiar Ali Talpur,

Resident of Karachi, Sindh.

سنڌ جي اسپيلنگ ايس آءِ اين ڊي سان ۽ اُن جي هيٺان تاريخ لکيل هئي:

1931 – 7 – 5

1350 – Hijra

۽ هاڻي 2002ع جو سن آهي، يعني اِن ڪتاب تي مالڪ گهٽ ۾ گهٽ ٻاهتر سال اڳ اِها تاريخ ۽ نالو لکيا هئا. ڪتاب جي عمر هاڻ پوري ٿي چڪي هئي، ٻاهتر سال هڪ نسل جي عمر هوندي آهي. ’مامي جيان ڪتاب به ڀُري پيو آهي‘، هن سوچيو ۽ پڻ محسوس ڪيو، ڄڻ اِهو ڪتاب به ڪنهن ماڻهوءَ جيان بيمار ٿي مري چڪو هو ۽ هن جي هٿ ۾ ڪتاب نه پر ڪو لاش هو. لاش جيڪو هر شئي جو نصيب آهي!… ’هئه هئه!‘ هن جي اندر مان هڪ اڻ ڏٺي ڊپ جو عجيب احساس اُڀريو ۽ غسل واري تختي تي پيل مير صاحب جو جسم هن جي اکين جي اڳيان ڦري ويو. ٿڌو شوڪارو ڀري هن سوچيو: ’هميرن حساب، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙو ٿيو!‘ ڄڻ هن جو اندر به مُئل ڪتاب جيان ٿڙڪڻ ۽ ڀرڪڻ ٿو لڳي…!هن جي خيالن جا پاريهل پراڻين حويلين جي ڪانسن ۽ ڳڙکين تان هڪ هڪ ڪري اُڏامڻ لڳا ۽ هن جي دل ۾ آيو ته ماڻهو به ائين ئي ڪتابن جيان آهن، بند ته بند، کُلن ته سڀ ڪجهه کولي بيان ڪن. ۽ وري ’ماڻهوءَ کي به ڇنڊڻ ڦوڪڻ لاءِ هڪ ٻئي ماڻهوءَ جي شديد ضرورت پوي ٿي! ۽ جتي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ٻيو ماڻهو ناهي، اتي اُڏوهي لڳندي دير ئي نٿي ٿئي‘. هن سوچيو اُن مهل سندس چهري تي گنڀيرتا پنهنجا پَرَ هڻي رهي هئي. اسپتال ۾ هو پنهنجي مامي جو ڪافي ڏينهن تائين Attendent رهيو هو ۽ اُن مهل هن کي مير صاحب جي بيماري، علاج ۽ تيماداريءَ جا سڀ وقت ياد هئا. هن جي چهري تي ٿڪ جا ڪجهه آثار ظاهر ٿيا ۽ هو پاسي ۾ پيل هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

هزهائينس مير بختيار علي ٽالپور، ساڪن ڪراچي، ڪتاب هٿ ۾ کڻي شوڪاري ڀرڻ واري جو مامو هو، جيڪو اڄ کان پنج ڏينهن پهريائين پنهنجي خوبصورت زندگي جا سمورا 88 سال ڍڪ ڍڪ، قطرو قطرو ڪري، پي چڪو هو ۽ هاڻ خانداني قبرستان ۾ هن جي امانت رکيل مڙهه جي قبر تي نرگس ۽ گلاب جا پاروٿا توڙي تازا گل ڍڳ ٿي ويا هئا. گلن جي وچ ۾ اگربيتن جا بچيل سڙيل ٽوٽا کتل هئا، جيڪي هو صبح شام تازا گل کڻي فاتحه ۽ قُلَ پڙهڻ مهل ڏسندو هو.

مرڻ وارو مير بختيار علي سنه 1915ع ۾ جڏهن ڄائو هو، تڏهن سنڌ تي انگريزن کي حڪومت ڪندي ٽيهتر سال ٿيا هئا. خانداني حڪومت جي کسجڻ جي ٽيهترئين سال هو ڄائو هو، جيڪا ڳالهه هُن کي هُن جي نانيءَ ٻڌائي هئي، جيڪا پاڻ به ستانوي سالن جي ٿي گذاري ويئي هئي. خانداني حڪومت کان ٽيهتر سال پوءِ ۽ انگريزن خلاف غدر جي بغاوت جي ستونجاهين سال مير بختيار علي ڄائو هو.

’دنيا ڪيئن ته نه آهي!‘ هن تي اڄ ڪافي حساسيت ڇانيل هئي ۽ هو ڪافي Sensetive ٿي چڪو هو. اُن وقت دک ۽ جدائي جي احساس ۾ هن جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي آيا، جيڪي هن سندس ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل ٽشو ڪڍي اُگهيا. مرڻ واري سان سڄي خاندان ۾ هوُ ئي ويجهو رهيو هو ۽ هن مير صاحب سان ڪافي وقت گذاريو هو، ايستائين جو سندس پٽن کان به وڌيڪ ويجهو هو. گذريل ٻن ڏينهن کان لاڳيتو هو پنهنجي مامي جا ڇڏيل ڪتاب ۽ ڊائريون ڳولي ڦولهي پڙهي رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته اُنهن ٽياسي سالن ۾ دنيا ڪيڏي نه تبديل ٿي وئي هئي. انڪري اُن ۾ ڪيترا نه انقلاب آيا هئا. مير صاحب جي ڄمڻ جي ٻن سالن کانپوءِ 1917ع وارو آڪٽوبر انقلاب ۽ 33  سالن کانپوءِ 1948ع وارو چيني انقلاب آيو هو. اُن بعد موزمبيق، گني بِسائو. سوڊان، ڪيوبا، ڪوريا، جرمني، سڄيءَ اڌ دنيا ۾ سوشلزم جا ڳاڙها جهنڊا ڇانئجي ويا هئا ۽ ٻي عالمگير ويڙهه ٿي هوندي ته مير صاحب 16 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هوندو. جرمنيءَ جا ٻه ڀاڱا ٿيا. ديوارِ برلن ٺاهي ٻن نظرين ۽ هڪ قوم کي الڳ الڳ ڪيو ويو. پاڪستان ٺهيو، وري پاڪستان جو اڌ ٽٽو. انقلابن ۽ تبديلين ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ کان وڌيڪ لُٽيو ڦريو ۽ فقير ڪيو. سوشلزم؟ ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ فقير ٿو ٺاهي. ماڻهو جيئن ته هڪڙي بتال قسم جي مخلوق آهي، تنهنڪري ان انقلابن ۽ جنگين کي خوشي آڻڻ جو سامان سمجهيو ۽ سمورين خوبصورت موسم ۾ قومن جا نوجوان ۽ سپاهي سندن عمر جي خوبصورت حصن ۾ به ويڙهايا ويا ۽ لکين نوجوان ۽ سپاهي پنهنجين محبوبائن ۽ زالن کي بيوه ۽ نڌڻڪو ڪري ويا. اربين کربين رپيا بارود خريد ڪري دڦ ڪيا ويا، ائين ڄڻ ٻارڙا ڏياريءَ جي ڏڻ تي ڦٽاڪا ٻارين ۽ هوُڪريا ڪن ۽ پوءِ چُپ ڪري پنهنجي گهر هليا وڃن. پر هِتي ٻارڙا نه پر سڀ پنهنجن قومن جا معتبر ۽ سڄاڻ اڳواڻ هئا. ملڪ ٿي هلايائون ۽ اِهو جهيڙو صرف ۽ صرف Chemical Deposits جي ڪري هو!

اُن وقت منجهند جا ٻارهن ٿيا هئا. هن اُٿي ڏکڻ ڏانهن باغ واري پاسي کُلندڙ دريءَ جا تاڪ کوليا ته فيبروري جي ٿڌي هوا جا جهُٽا ائين ئي اندر اچڻ لڳا، جيئن اُن کان اڳ ايندا هئا. هن ڏٺو ته باغ ۾ انبن جا وڻ ائين ئي ٻُورجي رهيا هئا، جيئن اڳ ٻوُربا هئا. آسمان جون پراڻن شاهي انبن جي وڻن وچان چتيون چتيون ائين ئي هيون، جيئن اڳ هونديون هيون. سڀ ڪجهه ائين ئي هو، جيئن اڳ ۾ نظر ايندو هو. ’دنيا ۾ سڀ ڪجهه ائين ئي ٿو رهي ۽ شايد رهندو به ائين ئي، صرف ماڻهو بدلجن ٿا‘، هو سوچي ٿو.

مير صاحب جي اُها جهولا کائيندڙ آرام ڪُرسي، جيڪا شاهه بلوط جي ڪاٺيءَ مان ڏاڍيءَ نفاست سان ٺهيل هئي، تنهن تي پِتل جي خوبصورت گُلڪاريءَ جو ڪم ٿيل هو. پتل سان ٺهيل ڊاک جا ڇُڳا، پن ۽ ٽاريون ۽ ڪرسيءَ اڳيان ڇَهه ڪنڊياري ڄاريءَ واري چنيوٽي ٽيبل، جنهن تي به عاليشان ۽ نفيس ڪم ٿيل هو، پيل هئي، پر ويهڻ وارو مالڪ اڄ ڪو نه هو. ٿورڙو پريان پلنگ تي ڌوتل چادر وڇايل هئي. وهاڻا به رکيل هئا، پر سُمهڻ وارو اُتي نه هو. هن سوچيو ته زندگي، دنيا ۽ ڪائنات شايد دُک جو مقام آهي. اِهو مرثيو آهي يا ماتم يا شايد اِهو دک ۽ مرثيو ناهي. پر ماڻهوءَ اُن کي اهڙو ٺاهيو آهي، ماڻهوءَ جي خواهش ان کي اهڙي صورت ڏني آهي. جڏهن ڪجهه به نه هو ته زمين تي ڦل فروٽ کائي هرڪو گذران ڪندو هو. هو سوچي ٿو. جڏهن کان ماڻهوءَ زمين کوٽي ۽ اُن مان صديون اڳ ڪيميڪل ري ايڪشن ٿيل ڊپازٽس ڪڍيا ته ڌرتيءَ يت چؤڻي ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ ماڻهن سون، تيل، پتل، ٽامي ۽ لوهه تي سِر ڏيڻ شروع ڪيو ۽ افسوس اِهو آهي ته اُهو سمورو سون، تيل، پتل، ٽامو سڀ ڪجهه هتي ئي رهجيو وڃي ۽ ماڻهو پاڻ هليو وڃي!

هو اُٿي ٿو ۽ وري ٻيو ڪٻٽ کولي ٿو. ڪٻٽ کُلندي ئي ڪمري ۾ گڏيل سڏيل خوشبوئن جي مهڪ واسجي ٿي وڃي. اُن ۾ هندستان جا عطر، اصلي مُشڪ ۽ ٻيون فرانس جون پرفيومس ڀريل هيون، اُن هيٺان سوين خالي پرفيومس جو شيشيون به پيل هيون. مير صاحب کي پرفيومس استعمال ڪرڻ کان پوءِ انهن جي خوبصورت شيشين گڏڪرڻ جو به جنون جي حد تائين شوق هو. هو سوچي ٿو.

جئسمين، روز اينڊ روز، آبسيشن، ڪيوراسٽي، سان گڏ  Lourent Chiristion Dior, Raybon, Emporis  CK & Armani, Yes sent Lourent,  جون سڄيون سڄيون ڪٽس، شيونگ جو سامان، مختلف شيونگ برش، سون، چانديءَ ۽ پکراج جي مُٺئي وارا شيونگ برش، سون جو پاڻي چڙهيل (Gold Palated) سيفٽيون، ڪيترين ئي قسمن جون ولائتي ڪريمون، صابڻ، موتئي، صندل ۽ گلاب مان ٺهيل صابڻ … پر هڻڻ وارو اڄ ڪو نه هو!

هڪ وڏو خانو کولڻ سان ڪئين چَشما، اُس جا ۽ نظر جا، چمڙي ۽ ويلويٽ جي ڪَوَرن ۾ بند ۽ ٻئي طرفن پندرهن ويهه کن واچون، جن ۾ ڪرسچن ڊائر، اوميگا، ٿِسٽ، زينٿ، ويسٽ اينڊ، راڊو ۽ ٻيون شامل. راڊو ۽ ٿِسٽ جون مختلف ڪوالٽيون. اڪثر گولڊ پيليٽيڊ يا وري ڊائل تي انگن جي جاءِ تي هيرا يا پلاٽينيم جي ڪيس سان. اُتي هڪ خاني ۾ Javel واريون ڪافي پراڻيون جيبي گهڙيون به پيل هيون، جن جي اندرئين ڪيس ۾ ريل گاڏيءَ جو دونهون اُڏائي ڊوڙندڙ انجڻ ڇاپيل ۽ ٻاهران چانديءَ جو زنجير لڳل. چيني جي ڊائل تي رومن انگن ۽ ڪانٽن مٿان ريڊيم لڳل، جيڪو رات جو اوندهه ۾ ٻري.

اُهو ڪٻٽ بند ڪندي هو وري پهرئين ڪمري جي ڪتابن واري ڪبٽ ڏانهن ويو ۽ اُهو کولي، اُن مان هڪ ٻيو ڪتاب ڪڍيائين ۽ مٽي ڇنڊي ڏٺائين. ڪتاب جو جلد ڳاڙهي رنگ جي چمڙي جو هو ۽ اندران گهڻو ڪري ساڳيو پهرئين ڪتاب وارو حال هئس. اِنرٽائيٽل تي لکيل هو:

`SAFU`

A Biography of the----Dancer, Poet of Ancient Anthens.

ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب اُڏوهيءَ کان ته بچيل هو. پر پنن ۾ حال نه رهيو هئس ۽ سڙيل سڙيل پئي لڳو، اُن جي هيٺان ڪاريءَ مَس سان لکيل هو.

For:

Mir Bakhtiar Ali, on his 26th Birthday

From:

Miss Annie Michel

24/3/1939

هن جي ذهن ۾ ڪائي کِڙڪي کُلي ٿي پوي ۽ هو سوچي ٿو: ’يوناني نرتڪي – شاعره تي لکيل اِهو ڪتاب، جنهن تي مارچ 1939ع جو سَن لکيل آهي، سو پَڪ سان هن جي مامي جي لنڊن ۾ بارايٽ لا واري وقت جو آهي. مارچ 1939ع جو بهار، جڏهن سندس مامي جي عمر 26 سال مس هئي ۽ سندس زندگيءَ ۾ بهارون ئي بهارون هيون ۽ اُتي آڪسفورڊ جي ڪنهن شاهي لان ۾ يا ڪنهن ڪاريڊار ۾ هُن جي اُن دور ۾ ڪنواري ’مامي‘ هن جي مامي سان ملندي هوندي ۽ هو هڪ ٻئي کي ڪو گل، ڪو ڪتاب، ڪو کڙيل تارو، ڪو چنڊ، ڪو آسمان ارپيندا هوندا!

يونيورسٽيءَ جي ڪلاسن ۾ هو جڏهن ٿِري پيس ۽ نيڪ ٽاءِ سان يا بؤ ۽ ’سيفيلو‘ جي گول گلاسز واري عينڪ پائي (جنهن جي اندران مير صاحب جون خوبصورت ڀوريون ۽ ذهين اکيون نهارينديون هيون) ويندو هوندو ته هنن ٻنهي پريمين هڪ ٻئي سان ڪهڙا ڪهڙا واعدا ۽ وچن ڪيا هوندا؟ پوءِ صرف ٽي سال ماما ۽ ايني شادي ڪري گڏ گذاريا، هڪ سال لنڊن ۾ ۽ ٻه سال هِت. هوءَ ماما سان سنڌ ۾ اچي رهي ۽ پوءِ جلد ئي ماما کان طلاق وٺي هلي ويئي. هن سوچيو: تڏهن ته مان به اڃان ڄائو نه هئس ۽ اها ڳالهه مون کي نانيءَ ٻڌائي هئي. هو دل ئي دل ۾ چوي ٿو ۽ بُخاري جي ڪانس تي پيل مير صاحب جو جوانيءَ وارو فوٽو ڏسي ٿو: ڪلين شيوڊ، سيفيلو جي ويجهي نظر جي گول گلاسز واري عينڪ پاتل، ويڪري چهري ۽ پيشانيءَ سان ڊگهو نڪ، وڏيون ۽ صاف شفاف ڀوريون اکيون، سنهڙا چپ ۽ ڀرون، انتهائي وجاهت سان ڀريل چهرو ۽ جواڻ جماڻ سنهڙو جسم!

مِس ايني مچل، جيڪا مسز ’ايني بختيار‘ ٿي هتي پهتي هئي، تنهن جا ڪافي Snaps هن خانداني آلبمس ۾ ڏٺا هئا.

هن کي هاڻ ڪافي ٿڌ لڳي رهي هئي، ان ڪري هن ڏاکڻي طرف واري دري بند ڪئي ۽ ’سيفوءَ‘ جو ڪتاب کڻي هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو، جنهن ۾ به ساڳيو چونڪڙين وارو ٽائل، جنهن تي پيليون پَٽيون ۽ وچ ۾ ڪارا ۽ اڇا اَٺ ڪُنڊا تارا ۽ اُنهنجي وچ ۾ پيلاگل 20 X 20 جو ساڳيو شاهي ڪمرو ۽ فرش تي وچ ۾ ايراني قالين وڇايل. ساڳيا ڪٻٽ، ڊگهي شاهي ڇت ۽ منگهه، جيڪو ٿڌيءَ موسم جي ڪير بند ڪيو ويو هو. ڀتين تي پئنٽنگس ۽ ٽيپسٽريون، جن مان هڪ تي ٻه مور نچي رهيا هئا. هن ڪمري ۾ سندس مامي جي زندگيءَ جي مختلف دؤرن جا ۽ ڪجهه خانداني فوٽو لڳل هئا. هڪڙي فوٽوءَ ۾ مير صاحب پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سنڌٻائيءَ جي ڀرسان بيٺل آهي. هن جو پيءُ، جنهن کي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد لنڊن موڪلي ڇڏيو هو.

هڪ ٻئي فوٽوءَ ۾ مسز ايني بختيار مير صاحب سان گڏ بيٺل هئي. وار ڪٽيل ۽ پاسيري سينڌ نڪتل ۽ هڪ طرف کان وارن ۾ Clip لڳل. هڪ ڪوٽ وڏن ڪالرن سان ۽ ٽرائوزر پاتل ۽ پيرن ۾ چمڙي جي پامپي، مير صاحب کي بليڪ ٿري پيس ۽ ساڳي سيفيلو جي گول عينڪ، نيڪ ٽاءِ ۽ پيرن ۾ ڪارو بوٽ پيل هو.

هڪ فوٽوءَ ۾ مير بختيار عليءَ جو ڏاڏو ۽ نانو گڏ هئا ۽ اُنهن سان مير شير محمد به گڏ هو.

هڪ فوٽوءَ ۾ مير صاحب کي برجيس ۽ سولو هئٽ پاتل هو، ۽ ڪُلهي تي Holand & Holand جي بندوق هئس. اُهو فوٽو مير صاحب جي اڌڙوٽ عمر جو هو، جڏهن هن مُڇون رکڻ شروع ڪيون هيون.

هڪڙي فوٽوءَ ۾ مير صاحب ڊوڙندڙ تماچي گهوڙي تي چڙهيل هو. تماچي هن جو تمام پيارو گهوڙو هو، جيڪو ڪئين سال اڳ گاهه ۾ ڪاروواهه کائڻ جي ڪري وات مان گڦ ڳاڙي ڳاڙي مري ويو هو، ته مير صاحب اُن کي قبرستان جي ڀرسان هڪڙي کٻڙ جي وڻ هيٺان قبر کوٽائي دفنايو هو. هڪ فوٽوءَ ۾ مير صاحب جيمخانه قلب ڪراچيءَ ۾ پنهنجي زال اينيءَ سان اسپورٽس ڪاسٽيوم ۾ همبر (Humber) گاڏي ۾ ويٺو آهي.

هن ڪمري ۾ هُن هڪڙو وڏو ڪٻٽ کوليو، جنهن ۾ پراڻي اسٽائل جا سنگل بريسٽ، ٿري پيس، نيڪ ٽاءِ ۽ بؤز جا ڍڳ ٽنگيل هئا. ٽوئڊ جا ڪوٽ، ويسٽ ڪوٽ، اوورڪوٽ، جيڪي هو آخري ڏينهن تائين سياري ۾ پائي اوطاق تي مچ ٻارائي ويهندو هو. ٻيءَ الماريءَ ۾ وري بوسڪين ۽ هرکن جا ڍڳ ڌوتل، استري ٿيل ۽ ڪجهه پائي ٽنگيل ڪپڙا هئا، جن مان اڃا به مير صاحب جي پگهر ۽ پرفيوم گاڏڙ خوشبوءِ اچي رهي هئي. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي هڪ مخصوص خوشبو هوندي آهي. هر جڳهه، هر جاءِ، شهر ۽ ملڪ جي به هڪ مخصوص خوشبوءِ هوندي آهي، جيڪا ختم نه ٿيندي آهي. هڪ الماريءَ ۾ هيٺ، Sticks، نيٽ ۽ بوٽن جا انبار پيل هئا، جن ۾ ڪي هرڻ ۽ نانگ جي کل جا بوٽ ۽ شڪار لاءِ لانگ بوٽ به پيل هئا.

هڪ ڪٻٽ ۾ وري اعلى قسم جي ڪولمبيا جي ڪافيءَ جا ٽِن، نيروبيءَ جي چانهه جا دَٻا، ڪئناڊا جا ماکي پيل بسڪيٽ، ڪيوبا جو خوشبودار تماڪ ۽ پائيپ پيل هئا، جيڪي مير صاحب بيماريءَ کان مهينو اڳ تائين استعمال ڪندو هو.

ٿڌي ڪمري ۾ هاڻ هن کي گهڻو سيءُ محسوس ٿي رهيو هو. ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل ٻاهر وڻن شوڪارا ٿي ڀريا. انڪري هن بخاري ۾ پيل گئس جو هيٽر هلايو ۽ ڪجهه دير اُن جي اڳيان پيل ايزي چيئر تي ويهي رهيو. ٿوري ئي دير ۾ هو اُٿيو ۽ ڏکڻ طرف واريءَ ڀت ڏانهن رکيل رائٽنگ ٽيبل جا خانا کوليائين ته هڪ شاهي آلبم ڏٺائين. آلبم کڻي هو وري اچي هيٽر جي ڀرسان ويٺو ۽ آلبم اُٿلائڻ لڳو.

هڪ فوٽوءَ ۾ مير صاحب صدر ۾ ايلفنسٽن اسٽريٽ تي بِلس (Bliss) جي دڪان اڳيان بيٺو آهي ۽ ڀرسان سندس کُليل ڇت واري امريڪي ڪار Chew بيٺي آهي.

هيءُ اُن دؤر جو صدر هو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انگريز ڪلفٽن تي ’هوابندر‘ گهمڻ لاءِ گهوڙن تي چڙهي ويندا هئا. صدر کان ڪياماڙي تائين جيڪا ٽرام هلندي هئي، تنهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا. شهر ۾ هنڌين ماڳين گوٿڪ طرز جون عمارتون ڪَرَ کنيو بيٺيون هونديون هيون. شهر ۾ شامون گذارڻ لاءِ بليئرڊ رومس، رٽزبار، اولڊ ٽوڊي شاپ ۽ ونرز بار ۾ هندو ٽِيڪ ووڊ جي ڪائونٽرن پويان ويٺا گراهڪن کي تاڙيندا رهندا هئا.

هڪ فوٽوءَ ۾ مير صاحب رام باغ ۾ بيٺل هو، جتي اُن دور ۾ انگريزن خلاف سياسي سرگرميون ٿينديون هيون. رام باغ مان جيڪي مشهور تحريڪون اُٿيون، تن ۾ ’لوڻ واري تحريڪ‘ ۽ ’ستيا گرهه تحريڪ‘ مشهور هيون.

هڪڙي فوٽوءَ ۾ مير صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير اختيار عليءَ سان گڏ بيٺل هو، جنهن کي جوانيءَ ۾ رستي ويندي ڌاڙيلن ماري ڇڏيو هو ۽ خانداني قبرستان ۾ سندس قبر جي ڪَتبي مٿان لکيل هو:

بر مزارِ ما غريبان ني چراغ وني گُلي،

نِي پَرِ پروانه سوزد، نِي صدائي بُلبلي.

شهيد مير اختيار علي ٽالپور جنم بتاريخ 5- فيبروري 1920ع، 1338 هجري، وفات بتاريخ 22- آگسٽ 1944ع، 1363هجري. ڪتبي تي ’شهيد‘ لفظ لکي مائٽن پنهنجي دک ۽ الم جي جذبي جي تسڪين ڪئي هئي. ’دراصل دنيا هڪ غزل جيان آهي، جنهن کي ماڻهو گيت جيان گذارڻ چاهين ٿا!‘ هن جي ذهن ۾ خيال آيو.

هن آلبم بند ڪري، ڪٻٽ ۾ رکيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ گهڙيو، جتي ڪافي اوندهه هئي. هن بلب ٻاريو ۽ ڪمري ۾ چوڌاري رکيل گهوڙين ڏانهن ڏٺو، جتي مختلف اميريڪن، اسپينش، جرمن، فرانسيسي ۽ چائنيز بندوقون، رائفلون ۽ ڀتين تي چمڙي جي خوبصورت ڪيسن ۾ ريوالور ۽ پسٽل، جيڪي مير صاحب کي تمام گهڻا پسند هئا، ٽنگيل هئا. اُن ئي ڪمري ۾ کيس برطانيا جي شاهي خاندان، ايران جي شاهه ۽ ابوظهبي جي شڪار جي شوقين حڪمرانن طرفان مليل تلوارون ۽ بندوقون به رکيل هيون. ڪن گهوڙين ۾ قديم مُنهن مان ڀرڻ واريون ديسي بندوقون به رکيل هيون، جيڪي هاڻ Antique  ٿي چڪيون هيون.

مير صاحب جڏهن لنڊن مان موٽيو هو ته سندس اڪثر شامون جيمخانه ڪلب ۾ گذريون هيون. هن کي مير صاحب هڪ ڀري ٻڌايو هو ته اُن دؤر ۾ هو ’همبر‘ ۾ چڙهي اُتي ويندو هو. اُن ئي دور جو هڪ فوٽو، جنهن ۾ هن کي بؤ – ڪٽ مڇون، سولو هئٽ، لوز سنگل بريسٽ ڪوٽ ۽ لوز فولڊنگ پئنٽ پيل هئي، بليئرڊ رهندي ڪڍيل هو، سو هن ڪمري ۾ لڳل هو. اُن دؤر ۾ ئي مامي ٻڌايو هئس ته شامن جو گورا پيگ ڏوگهي پنهنجين ميمُن سان گڏ ڪلب ۾ ايندا هئا ۽ سندن هنيل پرفيومس جا هُٻڪارا ٻاهر رستن تائين پشوري ٽانگن ۾ چڙهي ويندڙن کي به ايندا هئا. 12 X 10 جي اُن فوٽوءَ جي ڀرسان هڪ ٻيو Black & White فوٽو به لڳل هو، جنهن ۾ مير صاحب کي وڏيءَ گهير واري سلوار قميص، ڪارو ڪوٽ، پيرن ۾ ڪارو بوٽ ۽ مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتل هئي. اِهو فوٽو مير صاحب جي وڪالت مان بيزاري بعد سنڌي مسلم ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ڪجهه مهينن لاءِ نوڪريءَ واري زماني جو هو. اِهو پڻ کيس مير صاحب ٻڌايو هو.

اُن ڪمري ۾ ڪجهه آرام ڪرسيون پيل هيون ۽ هڪ ڪنڊ ۾ چاٻيءَ سان هلڻ وارو گراموفون، اُن جي هڪ پاسي کان سائي رنگ جو توتاري يا وڏيءَ بئنڊ جهڙو اسپيڪر ۽ رڪارڊن جون ڪافي پيتيون پيل هيون. مير صاحب کي نه رڳو موسيقي ٻڌڻ پر رڪارڊ گڏ ڪرڻ جو به شوق هو. هن جڏهن پيتيون کوليون، اُنهن ۾ لاک جا ٺهيل سوين ننڍا وڏا رڪارڊ پيل هئا، جن جي وچ ۾ ڳاڙهي، سائي يا ڦڪي رنگ جي گول ٽِڪلي لڳل، جنن تي گراموفون ۽ اسپيڪر سان گڏ هڪڙو ڪتو ڇاپيل هئو، جيڪو ڄن موسيقي ٻڌي رهيو هو ۽ مٿان گولائيءَ ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ’دي مسلم گراموفون ڪمپني، ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد سنڌ‘ لکيل هو. ٽِڪليءَ جي وچ ۾ رڪارڊ جو سن، گاني يا ڪلام جو ٿلهه ۽ ڳائڻي يا ڳائڻيءَ جو نالو لکيل هو. اڪثر رڪارڊ استاد امير خان، بڙي غلام علي خان، سهگل، مائي حياتان، جيوڻي ٻائي، رتني ٻائي، جانڪي ٻائي، عنايت ٻائي ديره والي، زهرا ٻائي آگري والي وغيره وغيره جا ڳايل هئا.

عمر عزيز جي پنجونجاهه سال گذرڻ کانپوءِ مير صاحب حڪيم کان سَنکئي جو ماريل ڪک ورتو! حڪيم مکڻ جي وچ ۾ ڪک وجهي کارايس. زهر جي ماريل ڪک جو ٻه ڏينهن اثر هليو ۽ اُن بعد آهستي آهستي مير بختيار علي ٽالپور، جيڪو ڪنهن دؤر ۾ لڪڻ جهڙو سنهو هوندو هو. سو بدن ۾ ٿلهو ٿيڻ لڳو ۽ بُت ۾ گرمي وڌي ويس ته هن جي حويليءَ ۾ ٽئين ديري جو اضافو ٿي ويو. چوويهن سالن جي نئين نويلي ڪنوار سان مير صاحب لانئون لڌيون ۽ اسلامي قانون موجب مسز ايني سميت هن جي اِها چوٿين شادي هئي. هاڻ ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي ٿڌ ۾ هن کي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو هو. ململ جو پهرياڻ ۽ گوڏ، هن جي پسنديده ڊريس هئي، پر سرڪاري تقريبن ۾ هو اڪثر سنگل بريسٽ ئي پائيندو هو.

شڪار جا شوق پورا ٿيندا رهيا. ولائتي وسڪيءَ جا شيشن مٿان شيشا ختم ٿيندا رهيا. موسمن سان گڏ سنگتياڻيون/ عورتون مٽبيون رهيون. فرق رڳو هيءُ ٿيو ته وار اڇا ٿي ويا هئا، پر اُنهن جو حل به روبي هيئر اسٽائيل واري وٽ موجود هو. جيڪو پابندي سان بنگلي تي اچي مير صاحب کي ڪلر ڪندو رهندو هو. سٺ سالن بعد مير صاحب کي شُگر جي بيماري ٿي پيئي.

اُن بعد مير صاحب ٻه دفعا زوار ٿيڻ جو شرف حاصل ڪيو. دنياوي لوازمات رڳو محرم ۽ صفر جا چاليهه ڏهاڙا بند هوندا هئا. زيارتن دوران ئي هن عراق جي حڪومت کان ڪربلا معلى ۾ پنهنجيءَ قبر جي جاءِ مخصوص ڪرائي. هِن عمر ۾ سندس طلاق يافته زال مسز ايني مچل به اگر ڏسيس ها ته کيس قطعي سڃاڻي نه سگهي ها!، سندس بدن هاڻ مينهن جهڙو ڳؤرو ۽ بيمارين جو گهر بڻجي ويو هو. کل هيٺان پروٽين تهه در تهه چرٻي چاڙهي ڇڏي هئي. هن جي ٽنگن، ٻانهن، ڳچيءَ ۽ ڳلن جي کَل لڙڪي پيئي هئي. وار ڇڻي ويا هئس ۽ هاڻ رڳو ڪننن جي مٿان ۽ ڪياڙي وٽان گل دائرو بچيو هو. اکين جو رنگ به بدلجي ويو هئس. اکين جي تارن جي چوڌاري ميرانجهڙي رنگ جا گول دائرا پيدا ٿي پيا هئس. چهري ۽ نرڙ تي ناسي رنگ جا هسا يا ڪي ٻيون فارميشنس اُڀري آيون هيون. سَنکئي جي ڪک جو اثر اڃا به هلي رهيو هو ۽ فقط اڳيان چار ڏند وفاداري نباهي رهيا هئا. اُنهن ئي ڏندن سان هن الاجي ڪيترن هرڻن، ڦاڙهن، تترن ۽ رتونبن جو رانون چٻاڙيون هيون، پر هاڻ هن جي غذا ۾ هروڀرو گوشت شامل نه هوندو هو، ڇو ته ڊاڪٽرن جي منع ٿيل هئي.

اوطاق تي نوڪر جهلي اُٿاريندا هئس ۽ گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه زالون يا وري پُٽن ۽ اسٽڪ جي مدد سان ٿوري چهل قدمي ٿيندي هئي.

وسڪيءَ جو شوق ته سالن کان ختم ٿي چڪو هو، پر اُهو Liver Infection ڏيئي ويو هو، ان ڪري اکين جي تارن جي ڀرسان پيلاڻ جو پردو چڙهي ويو هو. دوائون درمل هلندڙ هئا، پر ٻياسي سالن جي مير صاحب لاءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته سندس جيري ۾ نه رڳو Infection آهي، پر اُن جي سائيز به وڌي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جيري جي تڪيلف ايتري ته وڌي ويندي هئس ۽ ويٺو ڇاتيءَ تي هٿ هڻندو هو. ”باهه اڙي باهه…! جيري جي گرمي کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، جو هانبارو پيو لڳندو هئس. ٽنهي ديرن مان ننڍي زال اڃا به سندس شوق خاطر سندس ڀرسان اچي ويهندي هئي ۽ سندس چوڻ تي گراموفون تي بيگم اختر ۽ استاد امير خان جا رڪارڊ هڻندي هئي.  گٺل آواز ۾ کيس ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو هو، باقي مير صاحب ويل زمانن جي ڇڻيل پنن جهڙا پَلَ پيرن هيٺان لتاڙيندو ويندو هو ۽ ڪنڌ لوڏيندو رهندو هو. رڪارڊ ٻڌي ننڍي ديري تي نظر وجهندو هو، پر …! ٻئي ٽئين ڏينهن حويليءَ جي ڪمري ۾ درد ۽ ڪراهه جو دؤر شروع ٿيندو هو.

ٻياسي سالن ۽ اٺن مهينن جي مير بختيار علي ٽالپور جي نظر زماني کي ڪهڙيءَ ريت ڏسندي هئي، اُن جو اندازو اُهي ئي ڪري سگهندا، جن جي ٻُڪ مان واري وَهي وڃڻ بعد باقي اُن جي هٿ کي چنبڙيل چند داڻا ڪڻا وڃي رهندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com