سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :5

تابش بخاري

غزل

ڳالهه سهڻي کان پڇو ميهار جي،

جنهن نه ڪئي پرواهه تانگهي تار جي.

 

جو محل ۾ ٿو رهي،ڇالئه ٻُڌي،

جهوپڙيءَ ۾ ڪيهه ابهم ٻار جي.

 

جنهن جي نيڻن ۾ صلاحيت قتل جي،

تنهن کي ڪهڙي گهرج آ هٿيار جي.

 

سنگ سيني تي اٿس نسري ويا،

ڇو نه پو ڳڻتي ڪري هوُ جهار جي.

 

هو ڏسو ناري نويلي کوهه تي،

جنهن ۾ آهي بدنظر ڀوتار جي.

 

زندگي سڪرات جي ڀاڪر ۾ آ،

پو به جاني تڙپ تنهنجي پيار جي.

 

تهمتن جون هڻ نه تون تلهڙيون ڀري.

سهپ ڪاٿي آ رهي تنهن مار جي.

قرب ۾ ڪو ڪنڌ چئي، ڪوري ڏبو،

زور سان مڃبي نه ڪنهن زردار جي.

 

جو گلابن جي تمنا ٿو رکي،

ڪيئن ڪندو پرواه سو ڪنهن خار جي.

 

شاعري ايڏي نه آ مشڪل مگر،

ڳالهه مشڪل آ مگر معيار جي.

 

دم ڏيڻ کان اڳ وڃي دلبر کي چئو،

”دل طلب آهي ڪئي ديدار جي.“

 

تون ته آن باغ حسن اي جان من،

سونهن تو ۾ آ سڄي سنسار جي.

 

تون جو سامهون ٿو اچي ويهي رهين،

ڪيئن ڀلا تابش ڪري ڪم ڪار جي.

ساجد لعلپوري

غزل

وڻي جيڪو وڃي تنهن کي وسارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

لڳي دل جنهن سان تنهن کان دور گهارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

اندر ۾ اوچتو پيهي وڃي جيڪو پرين پرور،

پري تنهن گلبدن کان پل گذارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

ڪري سينگار جيئن محفل اندر محبوب ايندو آ،

سڀن لئه پاڻ ائين پنهنجو سنوارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

تري سيڻهه سهاري پار پهچڻ ناهه مشڪل پر،

بنا ڪنهن تار تُرهي پاڻ تارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

گهڙي ۾ راز سمجهائي ڇڏي جيڪا حقيقت جو،

نظر اهڙي سان ڪنهن ڏي هِت نهارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

پڇاڙيءَ ۾ سڀن کان خوبخود ويندي هلي آهي،

جواني ۾ هتي هستي کي مارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

سڏائيندو رهي هر شخص ٿو سورهيه زماني ۾،

مجاهد ٿي مگر ڏونگر کي ڏارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

وفاداري سندا وعدا ڪرڻ آسان آهن پر،

ڪيل هر واعدو دنيا ۾ پارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

زماني ۾ الم ۽ غم رئاريندو ئي رهندو آه،

الم ڌاران اکين مان آب هارڻ آ ڏکيو ڏاڍو،

رهن ٿا آدمي جي خوابِ غفلت ۾ سدا ”ساجد“،

اُنهن کي خواب غفلت مان اُٿارڻ آ ڏکيو ڏاڍو.

فراخ جانوري

غزل

انوکن حادثن اوکن جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو،

دنيا جي ٺوڪرن مون کي هلڻ جو ڍنگ سيکاريو.

 

نهايت ئي گلن جو دوستو ٿورائتو آهيان،

گلن ڪجهه ڀي وٺڻ ريءَ ڪجهه ڏيڻ جو ڍنگ سيکاريو.

 

اُهوئي اڄ نٿو ڀانئي، ڪڏهن آڱر ڏئي هٿ ۾،

اسان جنهن کي هيو يارو گهمڻ جو ڍنگ سيکاريو.

 

لُنڊي تي پير پوندس شل، الائي ڪهڙي ظالم آ

پرين! توکي ائين هر هر رُسڻ جو ڍنگ سيکاريو.

 

اُهوئي ”جانوري“ منهنجن اکين کي لڙڪ ڏئي ويو آ،

اسان کي جنهن هيو غم ۾ کِلڻ جو ڍنگ سيکاريو.

ابراهيم ملاح

قطعا

• رهي آ ديد ڏسندي راهه هُن جي،

غمن ۾ شام پنهنجي يار گذري؛

ڪنڊن جي سيج تي دل جو جنازو،

توهان کان هي گهڙي جا ڌار گذري!

• ماڪ موتئي مٿان رات چانڊوڪيون،

مان اڪيلوهُيس تنهنجون يادون هُيون؛

پنکڙين کي جڏهن هير ٿڌڙي ڇُهي،

ها گلن ٿي چميون هڪٻئي کي ڏنيون.

• اوهان جون يادون پرين اسان ڏي،

وري ٿي آيون عذاب بڻجي؛

اندر ويو ٿي اُداس صحرا،

وئي حياتي سراب بڻجي.

• هر طرف کان اچي پئي خوشبو،

هوُ جا نڪتي جڏهن سنواري زلف؛

هير ٿڌڙي به ٿي پئي هيراڪ،

روز هُن جا وڃي اُڏاري زلف.

خليل عارف سومرو

غزل

مطلب جي زماني ۾ آ پيار سزا کاڌي،

دولت جي نشاني ۾ دل يار سزا کاڌي.

 

سچ لفظ وفا آهي، سچ لفظ دعا آهي،

سچ لفظ فساني ۾ هر وار سزا کاڌي.

 

هي شهر منافق آ، ڪيئن قدر ڪنهن جو،

غربت جي بهاني ۾ فنڪار سزا کاڌي.

 

ها پيار پويتر هو، ڪارنهن نه هئس ڪائي،

ته به خواب سهاني ۾ ڪردار سزا کاڌي.

 

نه هي لوڪ انڌو ٻوڙو، نه هي لوڪ چريو عارف،

بي قياس زماني ۾ اظهار سزا کاڌي

شاهه زمان ڀنگر

غزل

خواب اُڻين ٿي غارن جهڙا،

پنهنجا سپنا ٻارن جهڙا.

 

گل هوا ۾ جهُومن ٿا ڏس،

تنهنجي هٿ اشارن جهڙا.

 

جڳ مڳ جرڪن ٿا هي ستارا،

تنهنجي اکين جي تارن جهڙا،

 

تنهنجا لفظ ڪيئن مان سانڍيان،

آهن ماکيءَ لارن جهڙا.

 

هيسيل هرڻيءَ وانگر تون ۽،

منهنجا شعر شڪارن جهڙا.

 

تنهنجي اکين ۾ شام لهي ٿي،

رنگ شفق به خمارن جهڙا.

 

مون کي پاڻ سان لڙهي ويا هن،

منهنجا گيت هي گهارن جهڙا.

حُبدار سولنگي

وائي

ڪنڊا ميڙيا مون،

۽ هوءَ گُلَ کڻي وئي.

 

هٿين خالي باغ مان، موٽي آياسون.

۽ هوءَ گُلَ کڻي وئي.

 

پوپٽ صرف ڏسي سگهيون، اسان جون اکيون

۽ هوءَ گُلَ کڻي وئي.

 

منهنجي لاءِ ڇڏي وئي، اڻ کُٽ اُداسيون

۽ هوءَ گُلَ کڻي وئي.

 

رهجي ويئي باغ ۾، ڀؤنرن جي ڀُوُن ڀُوُن

۽ هوءَ گُلَ کڻي وئي.

شهمير سومرو

غزل

پرين! تنهنجي وئي کان پوءِ اسان جا نيڻ آلا ها،

هئي غمگين دل منهنجي، وفا جا نيڻ آلا ها.

جڏهن ٽهڪن جي محفل ۾ قتل معصوم جذبا ٿيا،

دوا جا نيڻ آلا ها شفا جا نيڻ آلا ها.

ڇڏائي هٿ جدائي ڏئي هليو وئين شام جي ويلي،

تڏهن پيارا ڏکڻ واري هوا جا نيڻ آلا ها.

نه منهنجا ڪنهن اُگهيا ڳوڙها خدا جي هن خدائي ۾،

سوالي ٿي خدا ڏي ويا صدا جا نيڻ آلا ها.

جڏهن نيڻن جي گلشڻ ۾ ٽڙيا ڪل خواب گلڙا ٿي،

خبر ناهي الائي ڇو صبا جا نيڻ آلا ها.

نه تون مون کي ڏني چاهت نه دنيا ڪا ڏني آٿت،

دعا بيوس هئي منهنجي، دعا جا نيڻ آلا ها.

زماني پيار کي چاڙهيو جدائي جي صليبن تي،

روئي صدما پيا سارا سزا جا نيڻ آلا ها.

مصر جي شهر ۾ پهچي جڏهن يوسف وڪاڻو هو،

تڏهن سچ پچ خدا ڄاڻي بها جا نيڻ آلا هئا.

ٽمن ٿا ڪيڏا ڌرتي تي امن جي اکين مان ڳوڙها،

سدائين سوز جي موسم دنيا جا نيڻ آلا هئا.

اچي عاشق جو محفل ۾ ڪوئي پرسوز سُر ڇيڙيو،

حياتي پوري ٿي وئي ۽ ڪلا جا نيڻ آلا ها.

مرڻ کان پوءِ مٽي منهنجي هوا ڇو ٿي اُڏائي پئي.

اسان ويران ٿي وياسين، اوهان جا نيڻ آلا ها.

زبير سومرو

غزل

برف جهڙي يا باهه جهڙي هئي،

پريت پنهنجي نباهه جهڙي هئي.

 

پاڻ ئي پاڻ ٿي هئي پيدا،

پريت صحرا جي گاهه جهڙي هئي.

 

عشق منهنجو ثواب جهڙو هو،

سونهن هُن جي گناهه جهڙي هئي!

 

دل شڪاري شڪار ڳولي پر،

اک هي مومن نگاهه جهڙي هئي!

 

ڇا ڏَسيان چاهه هُن سان هو ڪيڏو،

هوءَ پوئين پساهه جهڙي هئي.

 

اوچتو ئي اوچتو زبير ڏي آئي،

هوءَ ڌارين جي ڪاهه جهڙي هئي!

آصف مٺياڻوي

غزل

پاڻ ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون،

پاڻ ڇو ڇڪتاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

 

پاڻ کي هي ڄاڻ آ سنگت ڏني،

پو ڇو فورم ڄاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

 

لوڪ مڃتا ۽ وڌايون هن ڏنيون،

وقت سان واکاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

 

غزل ڀل ’محسن‘ لکي، ’راشد‘، ’وفا‘،

خيال فن ۽ ڄاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون،

 

چپ چميون ڏيئي ورهايون پيار کي،

سونهن سان سُرهاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

 

پُل هجي مورو ۽ دادو، پاڻ ٻئي،

شفق جي لالاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

 

هڪٻئي کان ڇو جدا ’آصف‘ ٿجي،

سَرنهن جي پيلاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون.

فياض ”چنڊ“ ڪليري

غزل

ريتن رسمن جي دنيا،

ڪوڙن قسمن جي دنيا.

هر پل من ۾ اُڻتڻ آ،

ڳڻتين، وهمن جي دنيا.

مُرڪ مهانگي ٿي پئي آ.

سُڏڪن صدمن جي دنيا.

يادون ۽ ڪجهه سپنا هن،

ڌنڌلن عڪسن جي دنيا.

من ڪاڳر آ بي تحرير،

خالي ورقن جي دنيا.

ڦٽجي پيو آ پيار – پکي،

تيرن، گولن جي دنيا.

چوڏس موت جيان آ سانت،

ويران رستن جي دنيا.

”چنڊ!“ هتي واس نه ملڻو،

ڪاغذ – گلڙن جي دنيا.

شائق ڪمبوهه

غزل

تنهنجي صورت به چنڊ تارن ۾،

تنهنجي خوشبو آ ڄڻ بهارن ۾ .

 

تون ته هونءَ ئي حسين آن سانئڻ!

گل ڇا لئه هنيا ٿي وارن ۾!

 

ڪو نه آئينءَ ڪڏهن تون نوشهري،

عمر ڳاري سي انتظارن ۾!

 

سارَ تنهنجي آ ساڻُ ”شائق“ سان،

چاندني ٿي وئي آ چارن ۾!

منٺار سولنگي

غزل

ها، گلن جا هار ها،

تن اندر پر خار ها.

 

دوستيءَ جي روپ ۾،

دشمنيءَ جا وار ها.

 

پاڻ بس ٻُڏندا رهياسين،

تنهنجا ٻيڙا پار ها.

 

عشق لئه هر دؤر ۾،

وِههُ وٽا يا دار ها.

 

تون ملي ڀي وئين تڏهن ڀي،

تنهنجا انتظار ها.

 

هوءَ گهرئي جي سِر کڻي،

تون ڪجان منٺار ها!

گل بهار باغائي

غزل

سُک چين زندگيءَ ۾ ڪو راس ڪو نه آيو،

من کي اسان جو ڪڏهن احساس ڪو نه آيو.

 

هُن جو کڻي قسم مون هُن کي يقين ڏياريو،

افسوس، پيار جو پر وشواس ڪو نه  آيو.

 

هي ڦول چوڏسائون، هٻڪار باغ سارو،

پنهنجي نصيب گل جو ڪو واس ڪو نه آيو.

 

بارش اُٺي ڪٿي آ، لڙڪن جو مينهن آهي،

دل جي ڀڳي جهُڳي آ، ڪو پاس ڪو نه آيو.

 

دعوت ڪيم سڀن جي هُن ڪاڻ هو بهانو،

مهمان کوڙ آيا، پر خاص ڪو نه آيو.

ابرار ابڙو

غزل

مان دل لڳيءَ جي تنوار بڻجي هميشہ گهُلندس، هوا ٿي ويندس،

متان تون سمجهين ته تنهنجي نيڻن جي حادثن ۾ فنا ٿي ويندس.

 

تون دلبري جا ٻه ٽي ڏهاڙا، اُداس نيڻن جي نانءِ لکجانءِ،

مان تنهنجي در تي فقير بڻجي گهڙي پلڪ لئه صدا ٿي ويندس.

 

تون عاشقي جي عجب ڪهاڻي، مان زندگي جو اُداس نوحو،

سڄي حياتي عذاب سانڍي اُجاڙ گهر جي ڪٿا ٿي ويندس!

 

نه مون ۾ رهجان مان ڌوڙ آهيان، مان ڌوڙ ۾ ئي ملڻ ٿو چاهيان،

حيات منهنجي ڪچو گهڙو آه، ڀُري ڀُري مان ذرا ٿي ويندس!

 

نه چاهتن کي تلاش مون ۾، اداس ويرانيون ئي ملندءِ،

مان بي رُخي جو گناهه آهيان، ڪڏهن اچانڪ سزا ٿي ويندس!

(2)

آءُ تحفي ۾ سندس گل موڪليا،

پاڙي وارن لاءِ ڄڻ هُل موڪليا.

 

ڪيترين منٿن ڪرڻ جي باوجود،

هُن ملڻ جي لئه نه ڪي پل موڪليا!

 

خواهشون ۽ خواب منهنجا ويا مري،

ڪنهن نه تعزيت ڪئي، نه ڪنهن قُل موڪليا!

 

آءُ هُن ڏي چاه، سڪ مان خط لکيا،

هن خطن ۾ لفظ قاتل موڪليا!

 

مون امن ۽ آتشي چاهي هُئي،

هُن ته منهنجي لاءِ مقتل موڪليا!

(3)

موهن- دڙي تي دل جا آواز ٿا رُلن پيا،

هرسُو نظر نظر جا انداز ٿا رُلن پيا،

وئي ناچڻي نِهارن کان دوُر دوُر گذري،

خالي ڀٽن تي نغما ۽ ساز ٿا رُلن پيا!

آتم ڪٿا ٿي ڀٽڪي، هر شهر جي گهٽيءَ ۾،

هر ڪنهن گهٽيءَ ۾ نقشا ۽ راز ٿا رُلن پيا!

ڪٿِ عاشقيون رلن ٿيون، ڪٿي معاشقيون رلن ٿيون،

هر انتها ۾ وکريل آغاز ٿا رُلن پيا!

چنچل اکين مان گيتن جا نقش سڀ ڊهي ويا،

هر آرزوءَ جا نخرا ۽ ناز ٿا رُلن پيا!

سانت آهي، هي گهٽيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

زندگيءَ مان روشنيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

ڪا شڪايت ۽ نه چپڙن تي ٻُري ٿو گيت ڪو،

هِن اکين مان عاشقيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

ڪو به اوسيئڙو نه ڪائي جُستجو ۽ آرزو،

ماٺ تَنَ مان زندگيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

راڳڻيون جيون – ڪٿا جون ڪنهن اڳيان ظاهر نه ٿيون،

روح جي هر نغمگيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

سمنڊ تنهائيون تڪيندو ٿو رهي هڪ شخص جون،

ٻن هٿن مان دوستيءَ جو شور ڪاڏي ويو هَليو؟

(5)

ايترا گُل رکيائين قبر جي مٿان،

ساهه صدقي ڪيائين قبر جي مٿان.

 

شام ٿي وئي. هوُ گهر ڏي نه موٽي سگهيو،

رات گهاري ڇڏيائين قبر جي مٿان.

 

زندگي جي حقيقت به وسري ويس،

هر حقيقت ڏٺائين قبر جي مٿان!

 

روز اُلجهاءُ ٿي ويو، عُمر جو ڊگهو،

درد ڪيڏا سٺائين قبر جي مٿان!

 

عاشقيءَ جي سفر جون ڪٿائون ڪَئي.

صُبح، سانجهيءَ لکيائين قبر جي مٿان!

(6)

ٿي تماشو ٽهڪ منهنجا آرسيءَ تي ٿا ڪِرن،

اولڙا آوارگيءَ جا زندگيءَ تي ٿا ڪِرن.

ٿيون پشيمانيون اکين جي چانئٺن تي رقص ڪن،

۽ پهاڙن جيئن لمحا دوستيءَ تي ٿا ڪِرن!

هر نظر جو پابند اوندهه ٿي ڇُهي ڪنهن وقت کان،

رات ڪاريءَ جا زمانا روشنيءَ تي ٿا ڪِرن!

پنڌ صحرا جو ڊگهو مون کي تڪي ٿو شام جو،

ماڳ جا ڪيڏا ته نخرا عاشقيءَ تي ٿا ڪِرن!

سانت گهُوري ٿي، جوانيءَ کان رُٺل پوڙهو بدن،

وقت جا ڪيڏا ته شعلا ساهميءَ تي ٿا ڪِرن!

ڪا شئي در درين جي رهجي وئي گهٽين ۾،

ڪا شئي آ، اکين جي رهجي وئي گهٽين ۾.

هرسو درين کان ٻاهر، ليئا لتاڙجي ويا،

آوارگي دلين جي رهجي وئي گهٽين ۾!

ڪي ڪين هٿ ملائي گذري سگهيا گهٽين مان،

هر جستجو گهڙين جي رهجي وئي گهٽين ۾.

سڪل پتا ٿي، شامن جا رنگ سڀ ڇڻي ويا،

هر آرزو سکين جي رهجي وئي، گهٽين ۾!

جذبات جي سفر جي منزل گهڻي پري هئي.

ڪا بات ئي صدين جي رهجي وئي گهٽين ۾.

هوُ سانت جا مسافر ڪنهن شور ۾ رُلي ويا،

۽ سانت عاشقين جي رهجي وئي گهٽِين ۾!

(8)

اکين ۾ بات جون رمزون، چپن تي خاموشي،

سڄي حيات رکي مون چپن تي خاموشي.

گهٽين جا موڙ سمورا رُليا سي ڳولا ۾،

سدا ڪٺي هيون سوچون، چپن تي خاموشي.

ٻئي وياسي ڪٺي ماڳ جا مسافر ٿي،

سڄي سفر ۾ رکي سون چپن تي خاموشي!

جنون ٺوڪرون کائي هوا ۾ وکري ويو،

اُداسيون هون عمر جون، چپن تي خاموشي!

اکين جي بَرَ ۾ ويا بس سوال ئي رهجي،

جواب ۽ نه وفائون، چپن تي خاموشي!

(9)

اسان فقير، پيچرن جي هر ڪٿا لکي ڇڏي،

سفر جي بات بات ۽ صدا صدا لکي ڇڏي.

ڪٿي اکين جا حادثا ختم ٿين، پتو نه آ،

اکين ۾ گهر گهٽيءَ جي ڏسا ڏسا لکي ڇڏي.

سراب سمنڊ جيئن ها، لهر لهر ڇُلي پئي،

اُداس عاشقي جي خطا خطا لکي ڇڏي،!

اُداس دل ۾ پيار جا جهان تڙپندا رهيا،

اسان ملڻ جي پنڌ ۾ ڊگهي خلا لکي ڇڏي!

خطن جي سلسلن پٺيان ڪا سانت ٿي تڪي پئي،

اسان خطن جي قبر تي وري فنا لکي ڇڏي!

نه هاڻ تڪ اسان جا نيڻ، عمر جي سرور لئه،

ٽٽل اکين ۾ ساٿ جي اسان وِداع لکي ڇڏي!

(10)

من جي تارنديءَ ۾ وهم گُمان هُئا،

ڇا هيءُ ويا ڪلتا جا نانءَ نشان هُئا؟

 

آئيني ۾ نيڻ کڻي واجهايوسين،

ٽُڪرا ٽُڪرا نيڻن جا ارمان هُئا!

 

ڪنهن جي ياد ستايو، در تي آياسين،

دروازي تي اوسيئڙا مهمان هُئا!

 

ميز ڀريل هُئي پٿرن، ٿانون، ٺڪرن سان،

جي نه هُئا بس خط ئي تنهنجا ڪانه هُئا!

 

هُئي ته وڏي بدنامي دوُر رهڻ جانان!

پر ڇا پيار ٽٽل جا ڪي درمان هُئا؟

 

اڻڄاڻائي چئن اکين جي قاتل هُئي،

چئن اکين جا قاتل هيءُ بهتان هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com