هيءُ ڪتاب سنڌي زبان ۾، ”علم الانسان“ جي مطالعي
جي موضوع تي يقيناً هڪ اهم اضافو آهي. هن ڪتاب جي
مطالعي سان سنڌ جي نوجوانن کي ”علم الانسان“ جي
موضوع جي سلسلي ۾ وڏي ڄاڻ ملي سگهندي.
ڪتاب جو تعارف سنڌ جي ٻهڳڻي بين الاقوامي شهرت
يافته عالم، علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو
آهي. ڊاڪٽر موصوف فرمايو آهي ته:
”هي ڪتاب ’انسان جي تاريخ‘ آهي، موضوع جيترو جاذب
۽ دلپذير آهي، اوتروئي وسيع ۽ گهڻ – طرفو آهي. هن
مشڪل موضوع تي قلم کڻڻ جيتري قدر لائق مصنف جي همت
۽ حوصلي جي ساک ڀري ٿو، اوتروئي سندس قلبي وسعت جي
تصديق ڪري ٿو.“
”علم الانسان“ جي ارتقائي تاريخ جي مطالعي مان
انسان جي تخليق جي ابتدا ۽ اُن جي ارتقا ۽ تاريخ
جي خبر پوي ٿي. هيءُ علم هڪ وڏو گهرو ۽ وسيع علم
آهي، جنهن تي وقت بوقت ماهرن خيال آرائي پئي ڪئي
آهي. ڊاڪٽر صديقي صاحب انسان جي باري ۾ لکيو آهي
ته:
”اڄ جو انسان پنهنجيءَ سموريءَ ترقيءَ جي باوجود
پنهنجي لاءِ ’راز‘ بڻيل آهي، انهيءَ ’راز‘ کي حل
ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان جي مڪمل تاريخ مرتب
ڪئي وڃي، جيڪا زماني جي خردبرد سبب ناممڪن آهي.“
(ص 5)
هڪ سوشل فلاسافر جي حوالي سان ڊاڪٽر صديقي لکي ٿو
ته:
”انسان هڪ اڻ کٽ ڪائنات آهي ۽ اسان لاءِ ڪائنات،
زندگيءَ جو اُهو اٽوٽ ڌاڳو آهي، جيڪو ازل تائين
ٻَڌو رهي ٿو.“ (ص 5)
صديقي صاحب مشهور برطانوي ماهر ڊاڪٽر چارلس ڊارون
جي اُن نظريي تي به روشني وڌي آهي.
جنهن انسان جي نظريئه ارتقا ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ته ”اوائلي انسان باندرن جي هڪ خاص قسم
مان ارتقا ڪري، موجوده صورت ۾ آيو آهي“، پر صديقي
صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته ”ڊاڪٽر چارلس ڊارون پنهنجي
پوري زندگي اِنهيءَ ناڪام ڪوشش ۾ گذاري ڇڏي ۽
پنهنجي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ هن گهڻو پڇتايو.“
صديقي صاحب دين اسلام ۽ تمام عبراني روايتن مطابق
دنيا جو پهريون انسان ”حضرت آدم عليہ السلام“ کي
ڄاڻايو آهي، جنهن کي الله تعالى پنهنجيءَ قدرت سان
(عين سائنس جي اصولن مطابق)، مٽيءَ (مادي) جي خمير
۽ پنهنجي (زندگي بخش) روح (توانائيءَ) جي مرڪب مان
تخليق ڪيو. سائنس جي سموري تحقيق اِنهيءَ حقيقت جي
تصديق ڪري ٿي ته بني آدم يا موجوده زماني جو
انسان، ڪائنات جي طويل تجربن ۽ تبديلين، ڌرتيءَ جي
ارتقائي دورن ۽ آب هوا جي سرديءَ ۾ گرميءَ جي
انتهائي مرحلن مان گذرڻ بعد، بغير تخم پنهنجي
منفرد صورت ۽ مخصوص جسماني خواه ذهني صلاحيتن سان
پيدا ٿيو آهي (ص 7).
هونئن ته هن ڪتاب ۾ هر باب اهميت وارو آهي پر ڪي
باب تمام اهم آهن، جن ۾ ڪائنات جي تخليق، انسان جي
پيدائش، ڌرتيءَ جي تاريخ، حضرت آدم عليہ السلام جي
تخليق، قديم نسل، قومون، ملڪ ۽ تهذيبون، آريا قوم،
ايراني آريا ۽ سنڌو سڀيتا، سنڌ ۽ سنڌي قوم، نهايت
ئي اهم باب آهن.
ڪائنات جي تخليق، انسان جي تلاش ۽ اوائلي انسان جي
پيدائش ۽ اُن جي ارتقا جو ذڪر باب پهرئين ۾ ڪيو
اٿس. هن ئي باب ۾ ڌرتي جي تاريخ ۽ زندگي جا زمانا
عنوان هيٺ ڌرتي جي تاريخ جي شروعات قرآن ڪريم جي
سورة الانبياء جي آيت 30 ۾ ڏنل ارشاد الاهي سان
ڪئي اٿس. صاحب موصوف لکي ٿو ته:
”تخليق ڪائنات متعلق قرآن الحڪيم جي سورة الانبياء
جي آيت 30 ۾ ارشاد الاهي آهي ته…… آسمان ۽ زمين
(منڍ ۾) مليل هئا. پوءِ اسان اُنهن کي جدا ڪري
ڇڏيو ۽ پاڻيءَ مان سڀ ساهوارا پيدا ڪيا“ (ص 41).
اُن کانپوءِ قابل تعريف محقق سائنس جي حوالي سان،
اُنهيءَ موقف تي وضاحت سان روشني وڌي آهي، ان
کانپوءِ ڌرتي جي ڪل عمر پوءِ ڌرتي تي زندگي جي
زمانن جو عرصو بيان ڪيو اٿس ۽ اُن لاءِ ڌار ڌار
عرصي جا جدا جدا نالا به ڏنا اٿس.
هن سلسلي ۾ يارهين صدي عيسويءَ ۾ محقق البيروني
(قديم سنڌ ۾ رهائش (1017ع – 1031ع) پنهنجي جڳ
مشهور ڪتاب ”ڪتاب الهند“ ۾ ڌرتيءَ جي عمر جُڳن ۾
بيان ڪئي آهي. هن چار جُڳ ڄاڻايل آهن، اُهي آهن:
(i)
ڪرتا جڳ 1728000 لک سال عرصو
(ii)
تريتا جڳ 1296000 لک سال عرصو
(iii)
دواپور جڳ 864000 لک سال عرصو
(iv)
ڪلجڳ 432000 لک سال عرصو
ڊاڪٽر صديقي صاحب ڀاڳوت گيتا جي حوالي سان جُڳن جا
جيڪي نالا ڄاڻايا آهن، اُهي هي آهن، البت اُنهن جو
عرصو اُهوئي آهي جيڪو البيرونيءَ ڄاڻايو آهي:
(i)
سَتيا جُڳ،
(ii)
دواپور جڳ،
(iii)
تريتا جڳ ۽
(iv)
ڪلجڳ (ص 47).
صديقي صاحب جو ڏنل اِهو سارو بيان، سنڌي ٻوليءَ جي
پڙهندڙڻ لاءِ بلڪل نئون آهي. صديقي صاحب صفحي 51
کان دنيا جي اوائلي انسان جي پيدائش جي باري ۾
مختلف حوالن سان تفصيل سان لکيو آهي، هن موضوع تي،
کانئس اڳ، ٻين ٻولين ۾ جن جن عالمن لکيو آهي، اُن
تي به روشني وڌي اٿس، اُنهن سڀني عالمن جي راءِ ۾
اوائلي انسان ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ ڪٿي پيدا ٿيو، اُنهن
نظرين تي صديقي صاحب وضاحت سان روشني وڌي آهي.
ڊاڪٽر صديقيءَ جي راءِ ۾ اُهي نظريا هي آهن:
(1) باندر – نما انسان
(Ape man)
جاوا مئن جي پيدائش.
صديقي صاحب لکيو آهي ته هن قسم واري انسان کي
”پٿيڪن ٿروپس“ سڏين ٿا (ص 56)
(2) نيندرٿل مئن (پٿر جي دور وارو انسان) (ص
57).
(3) ڊارون وارو نظريو (ص 59).
(4) جديد دور جو انسان (هومو – سئپين) (ص 65).
اِنهن نظرين جي وضاحت کانپوءِ، صديقي صاحب، اوائلي
انسان جي باري ۾ پنهنجا دليل ڏنا آهن. هو لکي ٿو
ته: ”ڊارون جي جسماني ارتقا جو نظريو جديد انسان
سان لاڳو نٿو ٿئي. سائنسي تحقيقات اُن لاءِ ڪابه
ثابتي پيش ڪري نه سگهي آهي.
”قديم ترين انسان نما حيواني ساخت، جنهن کي
هوميائنيوز
(Hominios)
چئجي ٿو، اُنهن جي پٿرايل جسمن ۾ ’ميوسين‘ ۽
’پلوسين‘
جي ارضياتي، حياتياتي دورن جي باندرن جي پٿرايل
جسمن جي وچ ۾، منهن مهانڊن ۽ جسماني بناوٽ جي وچ ۾
وڏو خال
(Morphological Gap)
آهي، جيڪو ارتقاءِ ابتدائي نظريي جو تسلسل ختم ڪري
ڇڏي ٿو“ (ص 66).
هن موضوع تي مون به پنهنجي تازي ڪتاب (جيڪو اڃا
ڇپايو نه ويو آهي) ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ ۾ جديد
سائنسي تحقيق جي حوالي سان بحث ڪيو آهي. ڪتاب جي
باب ٻئي ۾، ’ٻولي، اُن جي ابتدا ۽ اوسر‘ ۾ انسان
جي پيدائش ۽ اُن جي ارتقا (انسان ذات جي ارتقا جو
نظريو) ۽ دنيا ۾ ٻوليءَ/ ٻولين جي ابتدا ڪيئن ٿي،
ڪٿي ٿي، ڪڏهن ٿي، ڪهڙي ريت ٿي، جهڙن موضوعن تي
روشني وڌي وئي آهي.
اوائلي انسان ڳالهائي سگهندو هو يا نه، ماهرن
اِنهيءَ سوال جي جواب ۾ لکيو آهي ته:
”يقيناً اوائلي انسان، ڪنهن ٻوليءَ جا ڪي آواز
اُچاري سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ سلسلي ۾ تازين
تحقيقن مان هن سوال جو جواب مليوآهي. اُنهن تحقيقن
مان معلوم ٿئي ٿو ته ’قديم پٿر جي دور‘ جي زماني
جي کنڊرن جي کوٽاين مان، اُن دور جي زماني واري
انسان جي هٿ آيل کوپڙين ۽ اوائلي انسان جي بدني
بناوت ۾ سندس نڙي ۽ ’آوازن جي پيتي‘
(Sound box)،
قديم بَن مان (باندر) جي ’نڙيءَ ۽ آوازن واريءَ
پيتيءَ‘ سان ڪابه نسبت يا هڪجهڙائي نٿي رکي. اُنهن
ماهرن جو اِهو به خيال آهي ته ’اوائلي انسان‘
(Hominids)
جي کوپڙين جي ماپ، سندس ڄڀ جي ڊيگهه، سندس نڙيءَ ۽
آواز جي پيتيءَ جي بيهڪ، اهڙي نموني جي نه آهي،
جهڙي بَن مانس جي بيان ٿيل آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن
چئبو ته اوائلي بن مانس ڳالهائڻ جي صلاحيت نه
رکندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن بدن جي بناوت اهڙي هئي
ئي ڪانه. اها ساڳي حالت اڄ جي
Primates
جي به آهي. باندرن کي اڄ به اهڙي تربيت ڏيڻ ممڪن
نه آهي، جنهن جي وسيلي هو ڳالهائڻ جي قوت يا
صلاحيت حاصل ڪري سگهن. اُنهن جو تنتي سرشتو يا
سندن بدني بناوت، ڳالهائڻ واري قوت حاصل ڪرڻ جي
لائق ئي نه آهي. اُن جي ابتڙ، اِهو قبول ڪري سگهجي
ٿو ته اوائلي انسان کي ڳالهائڻ جي قوت يا صلاحيت
حاصل هئي. هوُ ٻوليءَ جا آواز اُچاري سگهيو ٿي؛
هوُ ڳالهائي به سگهيو ٿي ۽ هٿن، منهن، وات، چهري ۽
جسم سان اشارا ڏيئي به پنهنجو مقصد ۽ مفهوم ظاهر
ڪري سگهيو ٿي.“
مسٽر ميلون
(Melvin)
۽ سندس ساٿي اِنهيءَ راءِ جا آهن ته: ”Cro-magnon
انسان جي دماغي کوپڙيءَ، ڄڀ ۽ آوازن پيدا ڪرڻ
واريءَ پيتيءَ
(Sound box)
جي بناوت بلڪل اهڙي هئي، جهڙي اڄ جي انسان جي
آهي.“
ٻولي ڪڏهن وجود ۾ آئي؟ اُها بتدريج وجود ۾ آئي يا
هڪدم ۽ هڪ ئي دفعي سان؟ اِنهيءَ سوال جو جواب به
ماهرن ڏنو آهي. اِن سلسلي ۾ لينيبرگ
(Lenneberg)
جو خيال آهي ته ٻولين جو وجود انسان ذات جي وجود
سان گڏ، شروع کان وٺي شامل رهيو آهي. ان سلسلي ۾
هن دليل ڏئي لکيو آهي ته:
(1)
ٻولي، ’علم طبعي‘ سان واسطو رکي ٿي. علم طبعيءَ جي
لحاظ کان دماغ ۾ اهڙا خانا/ ڀاڱا
(Cells)
موجود آهن، جن جو واسطو ’ڳالهائڻ‘ يعني ٻوليءَ سان
ثابت ڪيو ويو آهي.
(2)
ڪافي وقت تائين، لڳاتار ڳالهائڻ کي جاري رکڻ لاءِ
قدرت طرفان، انسان ذات کي ڦڦڙن جي ذريعي، هوا کڻڻ
۽ ٻاهر ڪڍڻ جي خاص سهوليت
(Vespiratory adjustment)
طور وات واري کوپي ۾، ’آوازن جو پڙ‘
(Sound track)
عطا ڪيو ويو آهي، جتي آواز پيدا ٿين ٿا. انسان ذات
کان سواءِ ٻئي ڪنهن به جاندار کي سندس جسم ۾
’آوازن جي پڙ‘ جهڙي ڪابه جاءِ عطا ٿيل ڪانهي، جتي
هو آواز پيدا ڪري سگهي.“
اوائلي انسان جي ابتدا لاءِ ماهرن جدا جدا رايا
ڏنا آهن. واديءِ سنڌ جي لوڪ مالائي ادب ۾ سگهڙن وٽ
لوڪ ادب جو اهڙو ڪافي مواد موجود آهي، جنهن موجب
اهو بيان ڪيو ويو آهي ته پهرئين انسان حضرت آدم
عليہ السلام جي وجود جا آثار پهرين پهرين واريءَ
سنڌ ۾ ملن ٿا. لهاذا اُتر – اولهه هندستان واري
’سوان – واديءَ‘
(Swan Valley)
واري
(Ramapithecus)
انسان جو تصور به واديءِ سنڌ واري اوائلي انسان
حضرت آدم عليہ السلام جي ترجماني ڪري ٿو.
انسان هڪ عجيب جانور آهي. ماهرن انسان کي گونگي
جانور کان الڳ شمار ڪيو آهي. دراصل اها ڳالهائڻ
واري قوت ئي آهي، جنهن انسان ذات کي ’اشرف
المخلوقات‘ بنايو آهي. انسان ذات جو اِهو پختو
يقين آهي ته الله پاڪ انسان ذات کي ڳالهائڻ جي قوت
انهيءَ لاءِ عطا ڪئي آهي ته جيئن اُن ۾ سياڻپ،
ڏاهپ، تخليق، طاقت ۽ دانائيءَ جي صلاحيت پيدا ٿئي.
انسان جي ڳالهائڻ يعني انسان کي ٻوليءَ جي قوت عطا
ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڌار ڌار ملڪن جي مذهبي عالمن ۽
ماهرن ڌار ڌار رايا ڏنا آهن. قديم مصرين جو پنهجو
رايو آهي ته بابلي تهذيب وارن عالمن جو پنهنجو
رايو آهي. اهڙي طرح چيني تهذيب، هندو ڌرم ۽ يهودين
جي مذهب ۾ اِنهي سلسلي ۾ ڌار ڌار نظريا آهن، پر
قرآن ڪريم ۾ اِن سلسلي ۾ الله تعالى جو ارشاد بلڪل
واضح آهي. مسلمان مفڪرن ۽ عالمن جي راءِ موجب،
الله تعالى سندس پهرئين خلقيل انسان يعني انسان
اول کي وحيءَ ۽ الهام جي ذريعي زبان جي تعليم ڏني.
ان سلسلي ۾ قرآن ڪريم ۾ فرمايل آهي ته: وَعَلَمَ
آدَمَ اَلاسمآء کُلهَا. يعني: ۽ الله تعالى آدم کي
سڀني شين جا نالا سيکاريا.
اهڙي طرح قرآن حڪيم ۾ ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته:
اَلرحمانُ• عَلَمَ القرآن•خلقَ الانسانَ• علمہ
اَلَبيانَ• يعني: رحمان (الله تعالى) قرآن
سيکاريو، انسان کي پيدا ڪيو ۽ اُن کي بيان ڪرڻ
سيکاريو.
لهاذا الله تعالى پنهنجي خلقيل پهرئين انسان حضرت
آدم عليہ السلام کي سڄيءَ دنيا جون ٻوليون
سيکاريون ۽ پوءِ آدم جو اولاد اُنهن زبانن ۾
پنهنجي پنهنجي ضمير موجب اظهار ڪندو هو. پوءِ جڏهن
آدم جو اولاد مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويو، تڏهن هر
هڪ گروهه اُنهن زبانن مان هڪ کي استعمال ڪيو ۽
ٻيون زبانون متروڪ ٿينديون ويون.
صديقي صاحب به ’دين اسلام‘ ۽ تمام عبراني روايتن
مطابق دنيا جو پهريون انسان حضرت آدم عليہ السلام
کي ڄاڻايو آهي، جنهن کي الله تعالى پنهنجيءَ قدرت
سان (عين سائنس جي اصولن مطابق) مٽيءَ (مادي) جي
خمير ۽ پنهنجي (زندگي بخش) روح (توانائيءَ) جي
مرڪب مان تخليق ڪيو. سائنس جي سموري تحقيق اِنهي
حقيقت جي تصديق ڪري ٿي ته بني آدم يا موجوده زماني
جو انسان، ڪائنات جي طويل تجربن ۽ تبديلين، ڌرتيءَ
جي ارتقائي دورن ۽ آب هوا جي سرديءَ گرميءَ جي
انتهائي مرحلن مان گذرڻ بعد، بغير تخم پنهنجي
منفرد صورت ۾ مخصوص جسماني خواهه ذهني صلاحيتن سان
پيدا ٿيو آهي. (ص 6)
مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته هن ڪتاب جو هر باب اهم
آهي. هر باب جي باري ۾، هن مقالي ۾ راءِ ڏيڻ سان
منهنجو هيءُ مقالو تمام گهڻو طويل ٿي ويندو، ان
ڪري فقط ڪن بابن جي باري ۾ راءِ ڏني اٿم.
هن ڪتاب جو ستون باب ”سنڌو – تهذيب جي تاريخ“ جي
لحاظ کان هڪ نهايت ئي اهم باب آهي. هن باب ۾ به
مفيد معلومات ڏني وئي آهي. هي باب (باب ستون) به
ضمني عنوانن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ سنڌو – سڀيتا،
سنڌي قوم، موهن جو دڙو، هڙپا جي تهذيب کانسواءِ
سنڌو ماٿريءَ کان وٺي پاڪستان جي قيام واري زماني
تائين واريءَ تاريخ تي روشني وڌل آهي. هي باب 130
صفحن تي مشتمل آهي. هن باب ۾ اِهو بحث ڪيو ويو آهي
ته سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جا معمار ڪير هئا؟
دراوڙن جو اصل نسل، هند – سنڌ جو نسلي جائزو، هند
– آريائي ٻوليون ۽ سنڌ – سڀيتا جي وسعت کانسواءِ
موهن جي دڙي ۽ هڙپا، سنڌي نسل ۽ قومون ۽ سنڌوندي ۽
سنڌ، ڪڇ، ڪڇ جون قومون ۽ قبيلا، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان
۾ آباد قبيلا، ڪلمتين، جوکين، جاڙيجن کانسواءِ
سنڌو ماٿريءَ جي قديم تاريخ جا ماخذ، سنڌوماٿريءَ
جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ، سنڌ جا تاريخي
قبيلا، جَت ۽ ميد، پرمار راجپوت، سما ۽ سميجا،
جديد سنڌ جي تاريخ، سنڌ ۾ آيل عرب سياحن جا سنڌ جي
باري ۾ لکيل احوال، ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت،
سنڌوماٿريءَ ۾ اسلام جي اشاعت کانسواءِ سنڌ تي
اسماعيلي حڪومت جو ذڪر ملي ٿو.
مون کي تعجب انهي ڳالهه تي آهي ته صديقي صاحب هن
ڪتاب ۾ ”ملتان“ ۽ ”منصوره“ جي اسماعيلي حڪمرانن ۽
اسماعيلي عوام لاءِ متضاد رايا ڏنا آهن. صفحي 428
تي منصوره جي اسماعيلي حڪومت ۽ منصوره جي اسماعيلي
حاڪم، خفيف سومري ۽ منصوره ۾ رهندڙ سڄي اسماعيلي
عوام کي، علامه ابن الاثير جي ڪتاب ’تاريخ الڪامل‘
جي حوالي سان مسلمان نه هجڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي،
ته ٻئي طرف منصوره جي ساڳئي سومري حاڪم (خفيف
سومري) ۽ منصوره واريءَ حڪومت جي اُن وقت جي
اسماعيلين کي مسلمان هجڻ جي ثبوت لاءِ سيد سلمان
ندوي ۽ سيد ابوظفر ندويءَ جي تاريخن مان حوالا ڏنا
ويا آهن. اُنهن راين جي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ غلط
فهميءَ ۾ پئجيو وڃي. ڊاڪٽر صديقيءَ صفحي 428 تي
منصوره جي اسماعيلي حاڪم، خفيف سومري جي باري ۾
علامه ابن الاثير جي ڪتاب ’تاريخ الڪامل‘ جي حوالي
سان لکيو آهي ته:
”…… ۽ سلطان منصوره جو قصد ڪيو. هِتان جو والي
اسلام کان ڦري ويو هو.“
صديقي صاحب اڳتي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
”اسلام کان ڦري وڃڻ جو اشارو، اسماعيلي تحريڪ ۽
اُنهيءَ ۾ شامل سنڌ جي سومرا خاندان ڏانهن آهي.
بعد ۾ سومرن، اُچ شريف ۾ سيد جلال سرخ ڪاري
سهروردي صوفي (1198هه – 1291هه) جي اثر هيٺ سُني
عقيدا اختيار ڪيا.“
ڊاڪٽر صديقي جهڙو دانشور ۽ محقق اِهو ڀليءَ ڀت
ڄاڻي ٿو ته ملتان ۽ منصوره جي اسماعيلي حڪمرانن جو
واسطو مصر جي فاطمي خلافت سان هو. فاطمي خليفن جون
اسلام لاءِ ڪيل خدمتون عالم آشڪار آهن. فاطمي
خليفا اسماعيليه شيعه فڪر سان تعلق رکندا هئا،
اُنهن جي خلافت واري زماني ۾، اسماعيلي تحريڪ شيعه
فڪر جي تبليغ جي تحريڪ هئي ۽ پوري ننڍي کنڊ ۾
شيعيت جو پيغام به سڀ کان اول اسماعيلي داعين ئي
پهچايو هو. منهنجي اِنهيءَ بيان جي تصديق خود
صديقي صاحب صفحي 420 ۽ 421 تي ڪئي آهي. ڊاڪٽر
صديقي صاحب، عرب سياح بشاري المقدسيءَ جي تصنيف
”احسن التقاسيم في معرفتہ الاقاليم“ (تاليف 985ع
کان 990ع) جي حوالي سان سنڌ جي خوشحالي، اقتصادي،
تجارتي ۽ فني ترقيءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”سندس بيان مان ظاهر آهي ته اُن زماني ۾ سنڌ اندر
شيعه مذهب تيزيءَ سان پکڙجي رهيو هو، جيڪو ملتان
جي اسماعيلي حڪومت جو ڪارنامو هو.“
صديقي صاحب اڳتي صفحي 431 تي اسماعيلي مبلغن کي
اسلام جا مبلغ ڄاڻائي ٿو ۽ لکي ٿو ته:
”تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ اسلام ۽ تصوف جي
علي الاعلان تبليغ ڪرڻ وارو پهريون مبلغ حضرت شيخ
عثمان مروندي قلندر شهباز رحه هو. اُنهيءَ کان اڳ
اسماعيلي داعي خفيه تبليغ ڪندا هئا ۽ سني/ صوفي،
مولوي ۽ شيخ پنهنجو واعظ مدرسن اندر محدود رکندا
هئا.“
ڊاڪٽر صديقي صاحب جن جي خدمت ۾ عرض آهي ته اِها به
مڃيل حقيقت آهي ته حضرت لال شهباز قلندر 573هه –
1177ع/ 673هه – 1274ع) به اسماعيلي مسلڪ جو صوفي
درويش هو ۽ سندس شجرو اسماعيلي عقيدي جي ڇهين امام
سيدنا حضرت امام شاهه اسماعيل بن سيدنا امام محمد
جعفر الصادق سان ملي ٿو. اِن سلسلي ۾ ماهوار رسالي
”نئين زندگيءَ“ (ڪراچي) جي سيپٽمبر 1973ع ۾ منهنجو
ڇپيل مقالو پڙهي سگهجي ٿو، جنهن جي تصحيح منهنجي
اُستاد علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب کان ڪرائي
هئم.
ڊاڪٽر صديقي صاحب، صفحي 431 تي، سنڌ ۾ اسلام جي
تبليغ جي تاريخ کي الاجي ڪهڙي بنياد تي، ٻن دؤرن ۾
ورهايو آهي. هو لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ کي ٻن دؤرن ۾ ورهائڻ گهرجي:
(1)
صوفي بزرگن جي تبليغ کان اڳ اسماعيلي داعين جي
اندروني ڪاوشن ۽ اوائلي نَون مسلمانن ۽ مبلغن جو
دور، جنهن ۾ تبليغ جي رفتار سست هئي ۽ مقامي
قبيلا، سواءِ سومرن جي، پنهنجي قديم مذهبي اعتقادن
تي سختي سان قائم هئا.
(2)
صوفي بزرگن جو دور جنهن ۾ اسلام جي اشاعت منظم
نموني سان ظاهر ظهور ڪئي وئي ۽ مقامي قبيلن ڪثرت
سان اسلام قبوليو.“
مون کي صديقي صاحب جي اِنهي راءِ سان به اختلاف
آهي، جيڪڏهن اسماعيلي مبلغن جي تبليغ سُست هئي ۽
مقامي قبيلا پنهنجن قديم مذهبي عقيدن تي سختيءَ
سان قائم نه هجن ها ته پوءِ عباسي خليفن طرفان
اسماعيلي داعين ۽ اسماعيلي تبليغ جي ملتان ۽ سنڌ ۾
مخالفت نه ڪئي وڃي ها. دراصل اسماعيلي مبلغن
پنهنجن نون اسماعيلي مريدن کي، سندن مقامي ريتين ۽
رسمن سان گڏ سندن مقامي لباس پائڻ جي به اجازت ڏني
هئي، پر کين (نو مسلم اسماعيلي مريدن کي) اها به
آزادي ڏني هئي ته هو پنهنجا نالا به ڀلي مقامي رسم
۽ رواج موجب، مقامي نموني جا رکن. اسماعيلي داعين،
پنهنجن پوئلڳن کي دين اسلام جي تعليم به ماڻهن جي
مقامي زبانن ذريعي ڏني. اُن جو وڏو ثبوت هر دور جي
داعين جي ”گنانن“ ۾ موجود آهي.
مون کي خبر نه آهي ته ڊاڪٽر صديقي صوفي بزرگن جو
دور، ڪهڙي دور کي ٿو ڪوٺي؟ صديقي صاحب جي نظر ۾
شايد اسماعيلي مبلغ صوفي درويش نه هئا، جڏهن ته
سڀني مؤرخن اسماعيلي مبلغن کي صوفي درويش مڃيو
آهي. خفيف سومري جي حڪومت (401هه – 1010ع/ 416هه –
1025ع) جي خاتمي کان لڳ ڀڳ 53 سال پوءِ، اسماعيلي
فڪر جو داعي ۽ صوفي درويش سيد نورالدين عرف پير
سَتگُر نُور، 1079ع ۾ قديم سنڌ ۾ آيو. هُو پهرين
پهرين گجرات ۾ آيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ پڌرايو. هن درويش
به اسلام جي اسماعيلي فڪر جي تبليغ ڪئي ۽ پنهنجي
ڪلام ذريعي پنهنجن نون اسماعيلي مريدن کي مقامي
زبانن ۾ اسلام جي تعليم ڏنائين. هن درويش پنهنجي
ڪلام کي ’گنان شريف‘ جو نالو ڏنو.
ڊاڪٽر صديقي صاحب به پنهنجي هن ڪتاب جي صفحي 433
تي پير ستگر نور جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُن کي اسماعيلي
درويش ڪوٺيو آهي. هن دور کي ئي صديقي صاحب صفحي
433 تي ’صوفين جو دور‘ سڏيو آهي. صديقي صاحب جي
راءِ ۾ اُن دور (صوفين جو دور) جو پهريون صوفي
مبلغ شيخ علي هجويري عرف داتا گنج بخش رحه (متوفي
465هه/ 1973ع) هو، جنهن لاهور شهر کي شرف اقامت
بخشيو. صديقي صاحب هن ئي دور ۾ شيعه تبليغ لاءِ
آيل اسماعيلي داعي سيد نورالدين عرف ستگر نور کي
به اسلام جي مبلغ جي حيثيت ۾ مڃي ٿو. صديقي صاحب
صفحي 433 تي لکي ٿو ته:
”اُنهيءَ زماني ۾ ڪڇ ۽ گجرات ۾ سيد نورالدين
(متوفي 1095ع) شيعه اسلام پکيڙيو. سندس بدولت
اسماعيليت سنڌ کان ٻاهر نڪري گجرات تائين پهتي.“
صديقي صاحب جي هن راءِ مان اِهو ٿو ثابت ٿئي ته هو
(صديقي صاحب) سيد نورالدين بلقب پير ستگر نور کي
”اسماعيلي صوفي مبلغ“ مڃي ٿو.
پڙهندڙن کي معلوم آهي ته ننڍي کنڊ پاڪ – هند جي
تصوف جي تاريخ لکندڙ سڀيئي مؤرخ اِهو قبول ڪن ٿا
ته پير شمس سبز واري ملتاني (560هه – 1165ع/ 675هه
– 1276ع)، پاڪ پتن وارو مشهور صوفي درويش بابا
فريد گنج شڪر (569هه – 1170ع/ 664هه – 1265ع) ۽
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني (566هه –
1170ع/569هه – 1267ع) هڪ ٻئي جا هعمعصر هئا. اِهو
به هر هڪ مؤرخ مڃي ٿو ته پير شمس سبزواري ملتاني
اسماعيلي فڪر جو صوفي ۽ داعي هو. هن پنجابيءَ،
سنڌيءَ، سرائڪي ۽ گجراتي ٻولين ذريعي پنهنجن نون
اسماعيلي مريدن کي دين اسلام جي تعليم سندن مادري
زبان ذريعي ڏين. سندس ڪلام (گنان) تصوف جي تعليم
سان ڀريل آهي، جيڪي اڄ به دنيا جي اسماعيلي جماعت
وٽ محفوظ آهن ۽ روزانه جماعت خانن ۾ سُر سان پڙهيا
ويندا آهن.
پير شمس جي والد جو نالو سيد اصلاح الدين هو ۽ اُن
جي والد جو نالو سيد اسلام الدين هو. سيد صلاح
الدين به ملتان سميت قديم سنڌ ۾ داعي ۽ صوفي درويش
هو. پير شمس جي فرزند جو نالو سيد نصيرالدين هو.
اُن جي فرزند جو نالو سيد شهاب الدين هو ۽ اُن جي
فرزند جو نالو سيد صدرالدين هو. سيد صدرالدين
سنڌ، پنجاب جي سرائڪي خطي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽
راجسٿان جي ڪجهه حصي ۾ اسماعيلي فڪر جي تبليغ ڪئي
۽ ماڻهن جي مقامي زبانن ذريعي کين دين اسلام جي
تعليم ڏني. سندن هٿ هيٺ جيڪي ماڻهو اسماعيلي شيعه
فڪر ۾ داخل ٿيا، اُن کي پاڻ ”خواجه“ يعني اميريا
واپاري جو لقب ڏنائون، پر عرف عام ۾ اُهي ”کوجا“
سڏجڻ ۾ آيا. سيد صدرالدين 689هه – 1290/ 808هه –
1409ع) جا فرزند هر هڪ: پير حسن ڪبير الدين عرف
حسن درياء (مدفون اُچ شريف)، پير امام شاهه (مدفون
پيراڻا شريف ڀارتي گجرات) ۽ پير تاج الدين عرف
شاهه طريل (مدفون تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ مڪان
اَچ شريف) به وڏا صوفي ۽ درويش ٿي گذريا آهن. سد
حسن ڪبير الدين کي ارڙهن فرزند ٿيا.
ڊاڪٽر صديقي صاحب لکي ٿو ته اسماعيلي تحريڪ، ”شيعه
تحريڪ“ هئي ۽ اسماعيلي شيعه فرقي جا پيرو هئا. هو
صفحي 432 تي لکي ٿو ته:
”جڏهن مصر ۾ خلافت فاطميه قائم ٿي ۽ سنڌ ۾ هباري
بادشاهه عبدالله بن عمر (270هه – 873ع/915ع) جو
راڄ هو، تڏهن هيشم نالي هڪ اسماعيلي داعيءَ کي سنڌ
روانو ڪيو ويو. هو سال 270هه (883ع) ۾ سنڌ اندر
داخل ٿيو. بعد ۾ ٻيا داعي پڻ سنڌ اندر داخل ٿيو.
بعد ۾ ٻيا داعي پڻ سنڌ ۾ ايندا رهيا. ٽئين داعيءَ
جلم بن شيبان ملتان ۾ شيعه حڪومت قائم ڪئي. اِهو
سال 372هه/982ع هو، جڏهن ملتان تي بنو سامه سني
قريشين جي حڪومت جو خاتمو آيو.“
جناب صديقي صاحب جن ساڳئي صفحي 432 تي بشاري
مقدسيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”سال 985ع ۾ بشاري مقدسيءَ ملتان پهچڻ بعد لکيو
آهي ته ملتان وارا شيعا آهن. اذان ۾ حي علي الخير
العمل جو اضافو ڪن ٿا ۽ اقامت وقت ٻه دفعا تڪبير
چون ٿا.“
هن راءِ مان اِهو ثابت ٿو ٿئي ته قديم سنڌ يعني
ملتان ۽ منصوره ۾ آباد اسماعيلي به مسلمان هئا ۽
اُهي شيعه عقيدي جا پيرو هئا. صديقي صاحب صفحي 433
تي منهنجي اِنهي راءِ سان اتفاق ڪيو آهي ته سلطان
محمود غزنوي شيعن جي خلاف هو ۽ هن اسماعيلين جي
شيعه حڪومت کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. صديقي صاحب لکي
ٿو ته :
”سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ جو هي پهريون دور سال 1025ع
۾ ختم ٿيو جڏهن سلطان محمود غزنويءَ ’منصوره‘ جي
شيعه حڪمران خفيف سومري کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو
ڪيو.“
مون اڳ ۾ قديم سنڌ ۾ اسماعيلي صوفي بزرگن – پير
شمس سبزواري ملتاني کان وٺي پير تاج الدين (وف
1467ع) جا نالا ڏيئي اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي ته سنڌ ۾ سمن جي حڪومت (1351ع – 1521ع) جي
آخري عرصي تائين اسماعيلي صوفي بزرگ سنڌ ۽ گجرات ۾
پنهنجيءَ تبليغ ۾ سرگرم هئا. ڊاڪٽر صديقي صاحب نه
ڄاڻي ڪهڙي بنياد تي ائين ٿو چوي ته: ”صوفين طرفان
اسلام جي تبليغ جو دور 1025ع کانپوءِ شروع ٿيو“ (ص
433). شايد صديقي صاحب جي نظر ۾ اسلام جا صوفي فقط
هي بزرگ هئا:
(i)
شيخ علي هجويري عرف داتا گنج بخش (متوفي
465هه/1073ع)
(ii)
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني (1182ع –
1262ع)
(iii)
سيد جلال سُرخ بخاري (1198ع – 1291ع)
(iv)
حضرت پير پٺو (متوفي 1248ع)
(v)
سيد جمعيل شاهه ڏاتار گرناري (1185ع –
1244)
(vi)
مخدوم پير اسماعيل پاٽائي (متوفي
1196ع)
(vii)
مخدوم پير ڀرڪيو (متوفي 1200ع)
(viii)
شيخ نوح بکري (متوفي 1218ع)
انهن بزرگن کانسواءِ پاڪ پتن وارو بابا فريد گنج
شڪر، لاهور ۾ ميان مير سنڌي (سيوهاڻي)، اُچ شريف ۾
سيد جهانيان جهان گشت ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻيا درويش
”صوفي“ نه هئا ڇا؟
ڊاڪٽر صديقي صاحب، سنڌ ۾ منصوره جي شيعه اسماعيلي
حڪومت جي باري ۾ صفحي 432 تي جيڪا راءِ ڏني آهي،
اُها به صحيح ڪانهي. صديقي صاحب لکيو آهي ته:
”سن 401هه/ 1010ع ۾ سلطان محمود غزنوي ملتان جي
شيعه حڪومت جو خاتمو آندو ۽ شيعه عمائدين ’منصوره‘
۾ صدر مقام قائم ڪيو. سن 1033ع ۾ هڪ دروزي داعي
’مقتنى‘ جي طرفان سنڌ جي سومري ’سردار راڄپال‘
ڏانهن لکيل خط هڪ تاريخي دستاويز آهي.“
جناب صديقي صاحب پنهنجي اِنهي راءِ لاءِ جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ (سندن ڪتاب ”سومرن
جو دور“، 1980ع، ص 292) جو حوالو ڏنو آهي، پر
”نئين زندگي“ رسالي جي فيبروري 1972ع واري پرچي ۾
۽ ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي صفحي 45 تي ۽
ٽماهي ”مهراڻ“ جلد 9، نمبر 1 – 2، سال 1960ع ۾ مون
سيد سلمان ندوي ۽ سيد ظفر ندويءَ ۽ فرينچ عالم
Delacy Oleary
جي 1923ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”Short
History of Fatimid Khalifate“
A
جي صفحي 75 کان 77 جي حوالي سان، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب جي اِنهيءَ راءِ سان اختلاف ڪيو هو.
خبر ناهي ته صديقي صاحب، سال 1033ع ۾ اِنهيءَ خط
جو حوالو ڪيئن ٿو مڃي، جڏهن ته منصوره ۾ خفيف
سومري جي اسماعيلي حڪومت 1025ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي.
مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ادب سان اختلاف رکندي
لکيو هو ته:
”دروزي فرقو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب طرفان ڏنل سن ۽ سال
کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو هو. دروزي فرقي جو بنياد
فاطمي خليفي ۽ امام الحاڪم بامر الله جن جي وفات
واري سال 411هه/ 1021ع کان ٽي سال اڳ محمد بن
اسماعيل درازي نالي هڪ ايراني اسماعيلي داعيءَ،
ملڪ شام ۾ 408هه/ 1018ع ۾ وڌو.
تاريخي سن مطابق جيئن ئي ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت
جو خاتمو (401هه/ 1010ع) آيو، تيئن اسماعيلي عقيدي
جي سترهين امام ۽ مصر جي فاطمي خليفي سيدنا امام
الحاڪم بامر الله (وفات 411هه/ 1021ع)، فوراً سنڌ
جي سومري سردار ابن سومر راڄپال کي خط لکي، کيس
سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ همٿايو، ڇاڪاڻ
ته ان زماني تائين سنڌ ۾ اسماعيلين جو وڏو اثر
رسوخ قائم ٿي چڪو هو ۽ سندن تعداد به وڏو هو.“
ڊاڪٽر صديقي توڙي ٻين سڀني مؤرخن جو اِهو رايو آهي
ته ملڪ شام ۾ دروزي فرقي جي بنياد پوڻ کان ست سال
اڳ يعني 401هه/1010ع ۾، منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت
جي شروعات ٿي چڪي هئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي راءِ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مُنجهائيندڙ ڳالهيون
بيان ڪيل آهن، جن جو مون ”مهراڻ“ رسالي ۾ پنهنجي
ڇپيل مقالي ۾ ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صديقي صاحب سندس مذڪوره ڪتاب جي صفحي 435
تي، سومرن جي اصل نسل جي باري ۾، منهنجي ڪتاب ”لاڙ
جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جو صفحو 14 ڄاڻائيندي
لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر غلام علي الانا جي راءِ مطابق سومرا 9771ع
کان 986ع جي وچ ۾ خلافت فاطميه سان منسلڪ ٿيا ۽
قرمطي مسلمان ٿيا“.
مون کي تعجب اِنهيءَ ڳالهه تي به آهي ته منهنجي
مذڪوره ڪتاب جي صديقي صاحب طرفان ڄاڻايل صفحي تي
يا ڪتاب ۾ ڪٿي به مون ائين ڪو نه لکيو آهي ته
سومرا قرمطي مسلمان ٿيا هئا. مون دراصل پنهنجي
مذڪوره ڪتاب (ص 45) ۽ ”نئين زندگي“ رسالي ماهه
فيبروري 1973ع ۾ سومرن جي اصل نسل جي باري ۾ سيد
سلمان ندويءَ ۽ سيد ظفر ندويءَ جي حوالي سان هيئن
لکيو آهي:
”جيئن جيئن اسماعيلي داعي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب
ٿيندا ويا، تيئن تيئن سلطنت جي ڳالهين ۾ به
اندروني طرح بهرو وٺڻ لڳا. نيٺ سال 372هه/ 982ع ۾
هو ڪامياب ٿي ويا ۽ وجهه وٺي منصوره مان عرف حاڪم
جو زور ٽوڙي اُتي پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. جڏهن
محمود غزنويءَ سال 401هه/ 1010ع ۾ ملتان ۾
اسماعيلين پٺيان وٺ پڪڙ لاتي تڏهن سومرا ڏکڻ سنڌ ۾
لاڙ ۾ گڏ ٿيا. اُن وقت سندن سردار سومرو هو. سومري
سردار جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ ابن سومر راڄپال کي
اُن وقت جي اسماعيلي عقيدي جي سترهين امام الحاڪم
بامرالله خط لکي، ملتان ۽ سنڌ ۾ ٻيهر اسماعيلي
حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ آڀاريو هو.“
امام الحاڪم بامرالله (وفات 411هه/ 1021ع) اُن خط
۾، اُن وقت جي سومري سردار کي ’ابن سومر راڄپال‘
جي نالي مخاطب ٿيا آهن. تاريخ نويسن، جنهن سومري
سردار، سال 401هه/ 1010ع ۾، منصوره ۾ پنهنجي حڪومت
قائم ڪئي هئي، اُن جو نالو ’خفيف سومرو‘ لکيو آهي.
آءٌ هت هن ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته
ملتان توڙي سنڌ جي عام اسماعيلي ماڻهن توڙي حاڪمن
جو واسطو نه ڪڏهن دروزي فرقي سان رهيو آهي ۽ نه ئي
وري قرمطين سان، سنڌ جو مشهور مؤرخ ڊاڪٽر ممتاز
حسين پٺاڻ لکي ٿو ته:
”دروزين جو ملتان جي اسماعيلين سان رتيءَ ماتر به
واسطو ڪو نه هو، ڇو ته هي فرقو (دروزي) يارهين
صديءَ عيسويءَ جي پهرئين ڏهاڪي ڌاري وجود ۾ آيو.“
(ڏسو 390.p
،1974 ”Arab
Kingdom of Al-Mansurah“)
ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب هن راءِ جو به آهي ته:
”ملتان جي اسماعيلين جو قرمطين سان ڪو به واسطو ڪو
نه هو، ڇو ته اَذان ۾ ’حي اعلى خير المعمل‘ لفظن
جي پڙهڻ مان ائين ٿو واضح ٿيئ ته ملتان توڙي سنڌ
جي اسماعيلين جو قرمطين سان ڪو به واسطو ڪو نه
هو.“ (ساڳيو حوالو)
ساڳيءَ طرح سيد سلمان ندوي به ملتان ۽ سنڌ جي
اسماعيلين کي قرمطي نٿو مڃي. هو لکي ٿو ته:
”ملتان ۾ جيڪي اسماعيلي برسر اقتدار آيا هئا، اُهي
فاطمي شيعا هئا. اُنهن جو مرڪز مصر هو. ڪن مؤرخن
اُنهن کي قرمطي لکيو آهي، پر قرمطي فرقي وارا مصر
جي فاطمي خليفن کي نالي ماتر سردار تسليم ڪندا هئا
۽ ملتان وارا مصر جي فاطمي خليفن کي پنهنجا حاڪم
مڃيندا هئا. بشاري مقدسميءَ جهڙو مذهبي عالم پڻ
اُنهن کي شيعا ۽ فاطمين جي زير اثر لکي ٿو.“
(”هندستان عربون کي نظر مين“، ص 316)
صديقي صاحب صفحي 354 تي خوجن (خواجن) جي باري ۾ به
گمراهه ڪندڙ رايو ڏنو آهي. لکي ٿو ته:
”خواجا، ڀاٽيه قوم مان مسلمان ٿيا. بمبئيءَ ۾ مقيم
هزهائنس آغا خان جا مريد ٿيا ۽ ’دس اوتار‘ سندن
پاڪ ڪتاب ٿيو. جماعت خانا ٺهيا ۽ بعد ۾ ڪجهه سني
مسلمان ٿيا.“
مون صديقي صاحب جي اِنهيءَ راءِ کي ”گمراه ڪندڙ
راءِ “ انهيءَ ڪري لکيو آهي جو ’خواجه قوم‘، (هن
وقت برصغير ۾ رهندڙ پڙائي خواجن سميت) سيدنا پير
صدرالدين (1290ع – 1409ع) جي تبليغ هيٺ مسلمان ٿيا
هئا، جن کي پير صاحب ’خواجه‘ جو لقب ڏنو. بمبئيءَ
۾، هز هائنس آغا خان اول (حسن علي شاهه) ايران کان
1838ع ۾ پهرين ”سنڌ“ ۾ آيا ۽ جهرڪن جي شهر ۾ اچي
قيام ڪايئون، جتي سندس رهڻ جون جايون (آغا خان جو
محلات) اڄ به قائم آهن. پوءِ هو 1843ع ۾ جهرڪن مان
لڏي بمبئي ۾ وڃي رهيا ۽ جنهن علائقي ۾ وڃي رهيا
اُن کي اڄ به ’حسن آباد‘ سڏيندا آهن.
پير صدرالدين جي هٿ هيٺ فقط ڀاٽيا اسماعيلي مسلمان
ڪو نه ٿيا هئا، پر هندن جون ٻيون به ذاتيون جهڙُڪ:
لوهاڻا، سونارا، صابوگر، واڻيا ۽ پاوا به پير
صدرالدين جي هٿ هيٺ اسماعيلي مسلمان ٿيا هئا، جن
کي پير صاحب ’خواجه‘ جو لقب ڏنو. ڪي پسمانده
ذاتيون جهڙوڪ: مينگهواڙ، ڪولهي ۽ چمار وغيره به
پير صدرالدين جي هٿ هيٺ اسماعيلي مسلمان ٿيون هيون
۽ اُهي به ’خواجه‘ قوم ۾ شامل آهن.
خواجه جماعت لاءِ پهريون ”جماعت خانو“، پير
صدرالدين صاحب موجوده ٺٽي ضلعي جي شهر ڪوٽڙي الهه
رکيو شاهه ۾ قائم ڪيو ۽ جماعت جي چڱي مڙس ”ٽيڪم“
نالي شخص کي اُن جماعت جو ”مُکي“ مقرر ڪيو هئائون.
صديقي صاحب جيڪا ٽين ڳالهه لکي آهي، اُها وڌيڪ
گمراهه ڪندڙ ۽ ڏک پهچائيندڙ آهي، جنهن ۾ لکيو اٿس
ته: ”داس اوتار سندن پاڪ ڪتاب ٿيو.“ سڄي دنيا ۾
ٻين مسلمانن وانگر اسماعيلي جماعت جو پاڪ ڪتاب
”قرآن ڪريم“ ئي آهي. ”داس اوتار“ ته دراصل پير
صدرالدين جي گنانن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾
هندومت جي ’ڏهن اوتارن‘ جو ذڪر ڪيل آهي. اِنهي ڪري
اُنهي مجموعي جو نالو ’دس اوتار‘ رکيائون.
صفحي 570 کان نائون باب شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾
ايراني آريا قوم جي عنوان سان ايران جي قديم ۽
جديد تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. هن باب ۾ قديم فارسي
جي مذهب تاريخ، ايران جو قديم قومون، ايران جون
قديم بادشاهتون، اُنهن جا تاريخي لاها چاڙها،
ويندي تازو امام آيت الله خميني طرفان ايران ۾
آندل اسلامي انقلاب جو به سربستو احوال ڏنل آهي.
مطلب ته ”انسان جي تاريخ“ جي عنوان سان لکيل هيءُ
ڪتاب وڏي محنت جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ آءُ ڊاڪٽر
حبيب الله صديقي صاحب کي دل جي گهراين مان لکين
لکين مبارڪون پيش ڪريان ٿو. |