اسلامي تصوف
”شاهه جي رسالي“ جي مشهور محقق، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
پنهنجي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
”اسلامي تصوف عربن کان وڌيڪ ايران جي طبع موافق
هو. منصور ’اناالحق‘ جو نعرو هنيو: سندس پونين
’اناالحق‘ جو نغارو وڄايو. ايران جي زمين
’اناالحق‘ جي ٻج لاءِ نهايت سيراب هئي. اُتي ڦَري،
ڦلي، شاعريءَ جا سهڻا گل جهليائين ۽ پارسي شعر جو
گويا تاڃي پيٽو بڻجي پئي. ناميارن شاعرن فريد
الدين عطار ۽ روميءَ تصوف جي ’الاهيات‘ کي پنهنجي
شعر ۾ تمثيلي لباس ڍڪايو.“
موجوده دور ۾، ڊاڪٽر ائنيمري شمل يوروپي مستشرقين
۾ ”اسلامي تصوف“ جي حوالي سان وڏو نالو آهي. سندس
چوڻ هو ته ”اسلامي تصوف جيڪا ڪاميابي سنڌ“ ۾ حاصل
ڪئي آهي، سا مون کي ايران ته ڇا، دنيا ۾ ڪٿي به
نظر ڪانه آئي.“
سنڌ کي ’باب الاسلام‘ ڪوٺيندا آهن، جو عربن سڀ کان
اول سنڌ فتح ڪئي هئي ۽ اتان ئي اسلام جو پيغام
هندستان ۾ پکڙيو هو. اسلام جو پيغام برابر محمد بن
قاسم جي فتح آندو، پر ان کي چوڏس پکيڙڻ ۾ اسلامي
تصوف جي اڪابرن سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو. سنڌ اسلامي
تصوف جا وڏا وڏا روشن مينار پيدا ڪيا، جن جي
روشنائي پري پري تائين پهتي.
غوث بهاوالحق ملتانيءَ جو پوٽو ’رڪن عالم‘ سڄي
هندستان جو ”شيخ الاسلام“ هو. پاڻ ابن بطوطه کي
ٻڌايائين ته ”اسان سنڌي نسل جا آهيون.“ غوث
بهاوالحق ملتاني کي هي جهان ڇڏي ڀريا ست سؤ سال
ٿيا آهن. پر، سنڌ ۾ اهڙو ڪو به ضلعو ڪونهي، جنهن ۾
غوث جي درگاهه جا مريد نه هجن.
مخدوم نوح سرور رحمت الله عليہ جي پرهيزگاريءَ جي
شهرت هندستان جي هاڪاري مغل بادشاهه اڪبر اعظم
تائين پهتي. جڏهن خانِ خانانِ سنڌ مان شڪست کائي
موٽيو، ته اڪبر اعظم کيس چيو ته، ”هن وقت سنڌ جي
سڀ کان وڏي روحاني شخصيت ٻڌائي سگهين ٿو؟“
خانِ خانان مخدوم نوح سرور رحمت الله عليہ جو نالو
کنيو، اڪبر کيس حڪم ڪيو ته ”واپس وڃ. پر، ٺٽي تي
چڙهائي ڪرڻ کان اڳ حضرت مخدوم نوح سرور وٽ حاضري
ڏئي، دعا گهرجانءِ.“ - هن ائين ئي ڪيو. ٺٽي ۾
لڙائي لڳي، هن ڀيري، خانِ خانانِ کٽيو.
حضرت مخدوم نوح سرور جي جماعت ”سروري جماعت“ ۽
سندس گادي ”نو لکي گودڙي“ سڏبي آهي. سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ ان جا عقيدتمند لکن جي تعداد ۾ پکڙيا پيا
آهن.
پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليہ جي
سجاده نشينن کي ”پير پاڳارا“ ڪوٺيندا آهن. هندستان
جي هاڪاري عالم، مولانا سيد ابوالحسن ندويءَ
پنهنجي ڪتاب ”پراني چراغ“ ۾ لکيو آهي ته:
”بارهوين صدي ڪي تقريباً وسط مين سندهه و بلوچستان
مين ايک مشهور شيخِ طريقت سيد محمد راشد گذري هين،
جن کا سلسله قادريه تها – مين ني مولانا عبيدالله
سندهي سي خود سنا ڪي اس ديار مين آپ علمي اور
روحاني طور پر تقريباً وهي مرتبه اور شهرت رکتي
تهي جو ان کي معاصر حضرت شاهه ولي الله صاحب دهلوي
کا شمالي مغربي هندستان مين تها“-
پير سائين روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي درگاهه پير
جي ڳوٺ ۾ آهي، جو خيرپور ضلعي ۾ آهي. پر، درگاهه
شريف جا سلسلا ۽ انهن سان وابسته مريد پنجاب،
بلوچستان، سڄيءَ سنڌ، خاص طرح سانگهڙ، ناري، ٿَرَ
۽ راجسٿان ۾ لکن جي تعداد ۾ پکڙيا پيا آهن. کين
پنهنجي مرشد سان جيڪا والهانه محبت ۽ عقيدت آهي،
ان جو مثال هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ
مشڪل نظر ايندو. بلاشبه، سندن مثال شمع ۽ پروانن
وارو آهي.
هيءَ يادگار تصوير سنڌ جي ٽنهي متبرڪ درگاهن جي
سجاده نشينن جي آهي، جيڪا تاريخي حيثيت رکي ٿي.
گذارش
ٽماهي ”مهراڻ“ جو هلندڙ سال جو هيءُ ٻيو ۽ ٽيون
نمبر گڏيل پرچو پڙهندڙن جي خدمت ۾ ادب ۽ احترام
سان پيش ڪجي ٿو.
”مهراڻ“ جو ايندڙ پرچو ”قليچ نمبر“ هوندو، جنهن ۾
سنڌ جي هن عظيم فرزند جي زندگي، علمي ۽ ادبي خدمتن
جو احوال، سندس يادگار تصويرن سان پيش ڪيو ويندو.
اُميد آهي ته شمس العلماءَ جا عقيدتمند هن ”خاص
نمبر“ کي سهڻي کان سهڻو شايع ڪرڻ ۾ اسان جي ڀرپور
علمي مدد ڪندا. اسان جون شمس العلماء جي خاندان ۾
خاص طرح وڏيون اميدون آهن.
سنڌ سرڪار تازو سنڌي ادبي بورڊ کي ڪلچر کاتي مان
ڪڍي تعليم کاتي ۾ آندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ قانوني
۽ آئيني طرح تعليم کاتي جو ئي هڪ ادارو آهي. بلڪ،
ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، اقبال ايڪيڊمي
لاهور، قائداعظم ايڪيڊمي ڪراچي، اردو سائنس بورڊ
لاهور ۽ اردو لغت بورڊ ڪراچي وانگر هڪ باضابطه
”خود مختيار ادارو“
(Autonomous Body)
آهي. سو، اُن جي گرانٽ مقرر ڪرڻ، ميمبر مقرر ڪرڻ ۽
ٻيا سمورا حڪم احڪام پڻ سرڪار ئي جاري ڪندي رهندي
آهي.
ملڪ جي ڪن ٻين ادبي ادارن مثلاً ثقافت اسلاميه
لاهور، پشتو ايڪيڊمي پشاور، پنجابي ادبي بورڊ
لاهور، بلوچي ايڪيڊمي ڪوئٽيا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي حيدرآباد، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۽
سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد جي قانوني حيثيت ۽
نوعيت جداگانه آهي. مثلاً اُنهن مان ڪي يونيورسٽين
سان وابسته آهن. ڪي اُنهن جو حصو آهن. ڪي ڪن ٻين
سرڪاري کاتن سان وابسته آهن. ڪي وري خانگي نوعيت
جا آهن. سو، بورڊ جي آئيني ۽ قانوني صورتحال کي
سمجهڻ لاءِ اسان هڪ نوٽ ڏئي رهيا آهيون، ته جيئن
پڙهندڙن کي صحيح صورتحال جي خبر پوي.
سنڌي ادبي بورڊ ڪجهه عرصو ڪلچر کاتي ۾ به رهيو هو،
جتي اُن لاءِ رڳو مسئلا پيدا ٿيا، ڪتاب ڇپجڻ گهٽجي
ويا. ملازمن جون پگهارون به اداري لاءِ مسئلو ٿي
پيون!، هاڻي، بورڊ واپس تعليم کاتي ۾ آيو آهي ته
اداري جا مسئلا حل ٿيڻ لڳا آهن. تازو، سردار علي
محمد خان مهر وزير اعلى سنڌ ۽ جناب عرفان الله خان
مروت وزير تعليم جي مهرباني سان سنڌي ادبي بورڊ
لاءِ ٻن ڪروڙن رپين جي خصوصي گرانٽ جو اعلان ٿيو
آهي، جنهن لاءِ اسان سردار علي محمد خان مهر، چيف
منسٽر سنڌ، جناب عرفان الله خان مروت، وزير تعليم
۽ سيد غلام علي پاشا، سيڪريٽري تعليم جا ازحد شڪر
گذار آهيون.
يوم آزاديءَ جي موقعي تي حڪومت پاڪستان مختلف شعبن
۾ اهڙن شخصيتن کي ايوارڊ ڏيندي آهي، جن پنهنجي
پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي. اهي ايوارڊ هڪ
طرح سان اُنهن شخصيتن جي لياقت ۽ قابليت جي تسليمي
آهن، اسان هن موقعي تي پنهنجن اهڙن احبابن کي
مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اُميد ڪريون ٿا ته زندگيءَ ۾
هو انهن کان به وڌيڪ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل
ڪندا:
1-
مسٽر حميد هارون ستارهء
امتياز
2-
پروفيسر انيتا غلام علي ستارهء
امتياز
3-
مسٽر غلام محمد ملڪاڻي ستارهء امتياز
4-
جناب اختر ضامن ستارهء
امتياز
5-
محترمہ مهتاب اڪبر راشدي پرائيڊ آف پرفارمنس
6-
آغا خالد سليم پرائيڊ آف پرفارمنس
7-
(مرحوم) محمد عثمان ڏيپلائي پرائيڊ آف پرفارمنس
(بعد از وفات)
8-
مسٽر عبدالرشيد ميمڻ تمغهء امتياز
سيد شاهه محمد شاهه آڪٽوبر 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري مقرر ٿيو هو ۽ آڪٽوبر 1962ع تائين
اُن عهدي تي رهيو. بنيادي طرح تعليمدان هو، پر علم
۽ ادب سان چاهه هئس. سندس قريبي دوستن ۾ مير علي
احمد خان ٽالپر ۽ آغا بدرالدين دراني اسپيڪر سنڌ
اسيمبلي سرفهرست هئا. ٽنڊي مير محمود ۾ پروفيسر
مير خادم حسين ٽالپر سان پڻ قريبي لاڳاپا هئس.
رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪجهه عرصو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
جو چيئرمين، سنڌ مدرسي جو پرنسپال ۽ پبلڪ اسڪول
ميرپور خاص جو پرنسپال پڻ رهيو. حيدرآباد ايندو هو
ته بورڊ ۾ قرب جا پير ڀري ايندو هو. ابوالڪلام
آزاد جو وڏو معترف هو. وٽس مولانا جي ”الهلال“ ۽
”البلاغ“ جا مڪمل فائيل به سانڍيل هئا. سندس صحت
ٺيڪ هئي. البت پوين ڏينهن ۾ نظر ڪمزور ٿي وئي هئس.
محترم شاهه صاحب، 29- مئي 2003ع تي هن فاني جهان
مان لاڏاڻو ڪري ويو. انالله وانا اليہ راجعون!
بورڊ جي آفيس ۾ ملازمن جو هڪ تعزيتي اجلاس ٿيو،
جنهن ۾ سندن روح جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، هن
ڏکوئيندڙ موقعي تي، اسان بورڊ جي چيئرمين، ميمبرن،
عملدارن ۽ سمورن ڪارڪنن طرفان سندس روح جي مغفرت
لاءِ ڌڻيءَ جي در دعاگو آهيون ۽ سندس فرزندن سيد
نور احمد شاهه، ڊاڪٽر نگار احمد شاهه ۽ ٻين سمورن
عزيزن سان پنهنجي دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. –
ن. ا. ش
سنڌي ادبي بورڊ جي تعليم کاتي ۾ واپسي
سنه 1940ع ۾، سنڌ سرڪار، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي
واڌاري لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ ٺاهيو، جنهن جو
تڏهوڪو نالو هو: ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار
بورڊ“ پنجاهه سٺ صفحن جو ”مهراڻ“ رسالو ڇپيندو هو
۽ جيڪي سنڌي عالم ۽ اديب پنهنجي خرچ سان ادبي ڪتاب
ڇپائيندا هئا، تن کي همت افزائي لاءِ ڪجهه سؤ رپيا
انعام طور ڏيندو هو. مثلاً، الله بچائي سمي کي
’سير ڪوهستان‘ ڪتاب تي انعام ڏنو هئائين.
صلاحڪار
بورڊ، اُن وقت جي وزير تعليم، سائين جي ايم سيد جي
ڪوششن سان ٺهيو هو، جيڪو اُنهي دؤر جي بااثر سياسي
شخصيت هو. ڪجهه عرصو سنڌ مسلم ليگ جو صدر به هو.
سنڌ جي سياست، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت ۾
به گهري دلچسپي هئس. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ
پروانونشل لئبريري ۽ ميوزيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ ٺاهڻ
۾ سندس هٿ هو.
صلاحڪار بورڊ جو چيئرمين سائين ميران محمد شاهه کي
مقرر ڪرايائين، ڇو ته هو سندس نهايت قريبي ساٿي
هو.
1947ع ۾ انگريز هندن ۽ مسلمان کي آزادي ڏيئي
انگلستان هليا ويا، ته هندو عالم به هندوستان لڏي
ويا، صلاحڪار بورڊ جو ڪم لُڏي ويو، جنهن کي سنڀالڻ
لاءِ نئين سر ڪوششون ٿيون. وري به سرواڻي لاءِ
سائين ميران محمد شاهه کي منتخب ڪيائين.
1951ع ۾، سائين جي ايم سيد سنڌي ادبي بورڊ جو
موجوده ادارو ٺهرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. بورڊ جو پهريون
صدر آغا غلام نبي خان پٺاڻ کي ڪرايائين. کيس اڳيئي
وزير تعليم ڪرايو هئائين. محترم محمد ابراهيم جويو
به سندس معتمد ماڻهو هو ۽ تعليم کاتي ۾ عملدار هو.
کيس بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرايائين. سڀ ميمبر
باوقار، ناميارا عالم ۽ اديب مقرر ڪرايائين. اُنهن
جي چونڊ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ، شمس العلماء عمر
بن محمد دائود پوٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، پير
علي محمد راشديءَ ۽ پير حسام الدين راشدي سان
مشورو ڪيائين. اهي سندس دل کي تمام ويجهو هئا.
البت، ڪي ميمبر پنهنجيءَ سياسي ۽ سماجي مصلحت سان
به چونڊيائين. |