سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :2

بورڊ ڪي سال ته سڌو سنئون تعليم کاتي تحت سرڪاري انتظام هيٺ هلندو رهيو، پر 1954ع ڌاري ون يونٽ جا سانباها ٿيا، ته کيس ڳڻتي ٿي ته جيڪي ماڻهو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا نالا برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن. سي ڀلا سنڌي ادبي بورڊ کي برداشت ڪيئن ڪندا؟، سنڌ جو وزيراعلى پيرزادو عبدالستار هو. پاڻ ليڊر آف آپوزيشن هو. ساڻس صلاح ڪري، سندس ئي مدد سان بورڊ کي تعليم کاتي هيٺ ”آزاد ۽ خودمختيار“ ادارو قرار ڏياريائين. پيرزادو صاحب وڏو وڪيل هو. سندس مشوري موجب بورڊ جو آئين، 1860ع واري سوسائٽيز ائڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيو ته سنڌي ادبي بورڊ تعليم کاتي هيٺ هڪ آزاد ۽ خودمختيار اداري طور محفوظ ٿي ويو.

1958ع ۾ جنرل ايوب خان ڪمانڊر ان چيف هو. ملڪ ۾ پهريون مارشل لا سندس سرواڻيءَ هيٺ لڳو. خانبهادر محمد ايوب کهڙو وزير دفاع پاڪستان هو، کيس سڄي ملڪ ۾ سڀ کان اول نظربند ڪيائين.

جنرل ايوب پاور ۾ اچڻ شرط حڪم جاري ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ سمورن سياستدانن کي سمورن سرڪاري ادارن تان هٽايو وڃي. پر، سنڌي ادبي بورڊ جو صدر کهڙو صاحب ۽ نائب صدر سائين جي ايم سيد هو. پر، ادارو 1860ع واري سوسائٽيز ايڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيل خود مختيار ادارو هو. سو ڳالهه مُنجهي پيئي. آخرڪار ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، سرڪار فيصلو ڪيو ته مارشل لا جا اختيار استعمال ڪري بورڊ تان سياستدانن کي هٽايو وڃي.

اهڙيءَ ريت، 1961ع ۾ تڏهوڪي گورنر اولهه پاڪستان نواب ڪالاباغ مرحوم، مارشل لا وارن جي ڏنل اختيارين کي استعمال ڪندي، آرڊر جاري ڪيو، جنهن موجب کهڙي صاحب، سائين جي ايم سيد سائين ميران محمد شاهه، پير علي محمد راشدي، پير سائين حسام الدين راشدي ۽ ٻين کي بورڊ تان هٽايو ويو. کهڙو صاحب وڃي ممتاز ماهر قانون، جناب اي ڪي بروهي سان مليو، جيڪو وڏو وڪيل ته هو پر ذاتي طرح کهڙي صاحب کي ڏاڍو ويجهو به هو.

بروهي صاحب معاملي جو قانوني جائزو وٺي، ماهرانه راءِ ڏني ته:

”ڪورٽ ۾ وڃو، ڪو به فڪر نه ڪريو. 1860ع واري ائڪٽ سان هٿ چراند ڪرڻ سؤلي ڳالهه ڪانهي. Pandora’s Box کولڻي آهي. ڳالهه سرڪار کي اهڙي ته ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي جو مجبور ٿي پاڻ ئي پنهنجو آرڊر واپس وٺندي.“

پر، خانبهادر کهڙي ملڪ ۾ فوجي حڪومت ۽ ناسازگار ماحول خيال ۾ رکي، سياسي لحاظ کان ڪورٽ ۾ وڃڻ مناسب ڪو نه سمجهيو، جو جنرل ايوب جي اڳيئي ساڻس پوت ڪانه هئي، کيس بورڊ تان هٽائي، في الحال حيدرآباد جو ڪمشنر چيئرمين مقرر ڪيو هئائين. حيدرآباد جو ڪمشنر مرحوم نياز احمد هو، جيڪو روينيو وزير سنڌ پير علي محمد راشدي جو ماتحت ٿي رهيو هو. پير حسام الدين راشدي کي سندس هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ ڏکيو لڳو. جنرل ايوب خان سان مليو ته ”اسان هاڻي تپيدارن ۽ مختيارڪارن هيٺ ڪم ڪنداسين ڇا؟“

جنرل ايوب چيس ته ”پوءِ اوهان بورڊ جي صدارت قبول ڪريو.“

پير صاحب ان کان به آنا ڪاني ڪئي. جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان وڃي صلاح ڪيائين.

هن چيس ته، ”چاچا، پوءِ ڀلا مون کي پنهنجو ڪم ٺاهڻ ڏيو.“

’ڀٽي صاحب جنرل محمد ايوب خان کي چئي، مخدوم طالب المولى سائين کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرايو. پير صاحب جي جمشيد روڊ واريءَ رهائشگاهه جي ڊرائنگ روم ۾ جنرل ايوب خان سان اُنهي تاريخي ملاقات جي تصوير سالن جا سال رکيل هوندي هئي.

بورڊ جي رجسٽر ٿيل آئين ۾ پندرهن ميمبر هئا ۽ اُهي هڪ خاص طريقي سان چونڊڻا هئا. پر، گورنر اولهه پاڪستان مارشل لا جي ڏنل اختياري هيٺ جيڪو نئون بورڊ ٺاهيو، تنهن ۾ فقط نَوَ ميمبر مقرر ٿيا، جيڪي هن پنهنجيءَ صوابديد تي چونڊيا، اُن کانپوءِ اها هڪ روايت ٿي ويئي، ته بورڊ تي وقت بوقت ميمبرن جي مقرري ”مجاز اٿارٽي“ ”Competent Authority“ پنهنجيءَ صوابديد تي ڪندي رهي ۽ انهن جو تعداد نَوَ هوندو هو. هونئن ته واسطيدار سرڪاري کاتي جو سيڪريٽري به دستور موجب لسٽ موڪليندو هو، پر، ”مجاز اٿارٽي“ ڪڏهن اُن مان ڪي ميمبر کڻندي هئي ۽ ڪڏهن وري سڄي لسٽ رد ڪري ڇڏيندي هئي.

گورنر اولهه پاڪستان جي ٺاهيل نئين بورڊ ائين سمجهبو ته اڳيون رجسٽر ٿيل آئين رد ٿي ويو آهي، سو، ”نئون آئين“ ٺاهي لاهور ۾ تعليم کاتي کي منظوري لاءِ موڪليائون.

جڏهن بورڊ جو آفيسر سالياني گرانٽ وٺڻ لاءِ لاهور ويو، تڏهن تعليم کاتي جي واسطيدار عملدار، مسز بشير کيس ذهن نشين ڪرايو ته:

”سنڌي ادبي بورڊ 1860ع واري سوسائٽيز ائڪٽ هيٺ تعليم کاتي جو خودمختيار ادارو آهي. اسان رڳو مٿان آيل حڪم موجب ميمبرن واري شق کي مارشل لا جي سونپيل اختياري هيٺ هٿ لاتو آهي. بورڊ جو رجسٽر ٿيل آئين اڳي وانگر بحال آهي. بورڊ جيئن ته سرڪار جو ادارو آهي، سو، سرڪار ”مجاز اٿارٽي“ ”Competent Authority“ جي حيثيت ۾ جيڪي به حڪم جاري ڪري ٿي، تن جي باري ۾ اڳتي هلي قانون کاتو بورڊ جي آئين ۾ اوهان کي ضروري ترميمون ڪري ڏيندو. اوهان فڪر نه ڪريو.“

اهڙي ريت، سنڌي ادبي بورڊ ون يونٽ وارو سڄو دور تعليم کاتي جي هٿ هيٺ ڪم ڪندو رهيو. سنه 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿي ويو. سنڌ سميت سمورا صوبا بحال ٿيا، جسٽس سيد غوث علي شاهه وزير تعليم سنڌ مقرر ٿيو. بورڊ جي هدايت موجب تڏهوڪي سيڪريٽري (غلام رباني آگري) ساڻس ملاقات ڪئي ۽ اداري جي آئيني ۽ قانوني صورتحال بابت مشورو گهريو. شاهه صاحب چيو ته

”بورڊ تعليم کاتي جو رجسٽر ٿيل ادارو آهي. پر، اُن ۾ وقت بوقت سرڪار جي جاري ڪيل حڪمن موجب، ترميمون اينديون، جن لاءِ سيڪريٽري قانون سان رابطو ڪرڻ کپي. مان کيس ٽيليفون ڪريان ٿو.“

سيڪريٽري قانون سيد علي مدد شاهه، سيد غوث علي شاهه صاحب جي فون تي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري سان ڪراچي جي سنڌي اسيمبلي بلڊنگ ۾ پنهنجي آفيس اندر باضابطه ميٽنگ ڪئي ۽ سمجهايو ته:

”سنڌي ادبي بورڊ جو آئين 1860ع واري سوسائٽيز ايڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيل آهي. اسان وٽ فقط اُهوئي دستاويز قانوني حيثيت رکي ٿو. البت، سنڌ سرڪار جو قانون کاتو سرڪار جي جاري ڪيل حڪمن لاءِ بورڊ جي آئين ۾ ترميمون ڪري ڏيندو. پر اُن ۾ ڪافي عرصو لڳي ويندو، ڇو ته قانوني ڪم ڊيگهارو ٿئي ٿو. هونئن به اسان اڄڪلهه سياسي سرگرمين جي ڪري ڏاڍا مشغول آهيون، پر بورڊ جي ميمبرن کي تسلي هئڻ گهرجي ته هيءُ ادارو آئيني ۽ قانوني طرح تعليم کاتي جو آهي.“

بورڊ جي ميٽنگ ٿي. ميمبرن اها رپورٽ ٻڌي، اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته، ”هاڻي سنڌ سرڪار اڳي پوءِ بورڊ جي آئين ۾ ترميمون ڪري ڇڏيندي.“

بورڊ جي قانون کاتي وارن سان مسلسل لکپڙهه هلندي رهي ۽ ساڻس مسلسل ميٽنگون به ٿينديون رهيون، پر سيد علي مدد شاهه صاحب سيڪريٽري سمورو وقت تمام مصروف رهيو. بورڊ جي آئين ۾ ترميمون تيار ڪري ڪو نه سگهيو. اڳتي هلي رٽائر ڪري ويو. شاهه صاحب جي جاءِ تي مسٽر عبدالقادر صديقي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه ۽ ٻيا سيڪريٽري قانون مقرر ٿيا، جن جا بورڊ جي عهديدارن سان قريبي لاڳاپا هئا پر سندن زوربار جي باوجود اُهي به قانون کاتي جي مصروفيتن سبب گهربل ترميمون ڪري ڪو نه سگهيا. سنه 1984ع ۾ آگرو صاحب اسلام آباد بدلي ٿي ويو، ته محترم حبيب الله صديقي صاحب ڪوشش ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ هن آئين ۾ ترميمن لاءِ جيڪو ليٽر قانون کاتي کي لکيو، اُن جو به جواب ڪو نه آيو. ڳالهه اتي ئي رهي. دراصل، وڏين سرڪاري آفيسن ۾ ڪاغذ ۽ فائيل جو چرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.

هاڻي بورڊ وري تعليم کاتي ۾ واپس آيو آهي ته تعليم کاتي پاڻ ئي بورڊ کي ضروري ترميمون ڪرائي ڏيڻ لاءِ ڪاغذ گهرايا آهن ۽ ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو آهي. انشاء الله اهو ڪم راس ٿي ويندو.

بورڊ وچ ۾ ڪجهه عرصو ڪلچر کاتي ۾ پڻ رهيو. ڊئريڪٽر ڪلچر جو عهدو پڻ تعليم کاتي ۾ ئي قائم ٿيو هو. اڳتي هلي جدا کاتو ٿيو، تڏهوڪو سيڪريٽري ڪلچر سنڌي ادبي بورڊ کي ڪلچر کاتي ۾ کڻي ويو.

سنه 1989ع ۾ عاليجناب مخوم محمد زمان ”طالب المولى“ صاحب دوباره بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. پاڻ بورڊ جو سينئر ميمبر هو ۽ آئيني ۽ قانوني صورتحال کان واقف هو. سو، چيئرمين ٿيڻ سان پهريون ڪم اِهو ڪيائين ته بورڊ کي تعليم کاتي ۾ واپس آندائين ۽ سنڌ سرڪار کان اهڙو آرڊر جاري ڪرايائين. ليڪن، مخدوم صاحب جي بورڊ مان وڃڻ کانپوءِ تڏهوڪو سيڪريٽري ڪلچر وري بورڊ کي ڪلچر کاتي ۾ کڻي ويو.

بورڊ ڪلچر کاتي ۾ جيڪو به وقت رهيو، تنهن ۾ اداري لاءِ رڳو مسئلا پيدا ٿيندا رهيا. ادارو ڏتڙجي ويو. قرضن هيٺ دٻجي ويو. (جن مان اڃا آجو ڪو نه ٿيو آهي). ايتريقدر جو اُن جو وجود خطري ۾ اچي ويو. سو، سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ ۾ اهو اونداهو دور هو، جنهن جي مفصل رپورٽ انگن اکرن سان ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندي، ته پڙهندڙن کي اصل حقيقت جو پتو پويندو.

بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين سائين محمد ابراهيم جويو، بورڊ جو سابق ميمبر ۽ سنڌ جو نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻيا ڪيئي اهل قلم جن کي اصل حقيقت معلوم هئي سي سڀ انهي اونداهي دور ۾ بورڊ جي مستقبل لاءِ سخت پريشان هئا. پر انهي عرصي ۾ به محترم عاشق حسين ميمڻ اڳوڻي سيڪريٽير ڪلچر ۽ جناب گل محمد عمراڻي، تڏهوڪي ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر (جيڪو هاڻي سيڪريٽري ڪلچر ٿيو آهي) جو بورڊ ڏانهن رويو نهايت همدردي ۽ شفقت وارو هو. هو اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه ڪندا هئا، جا اداري ۾ مايوسي پيدا ڪري.

بهرحال، ڳوٽ ڀڄندي آهي، عقل سان، سنڌي ادبي بورڊ جي مستقبل متعلق ڪن سڄڻن عقل جي واٽ ورتي. سندن سوچ جي نيتجي طور، گذريل سال ڪراچي جي گورنمينٽ ريسٽ هائوس ۾ جيڪا ميٽنگ ٿي، تنهن ۾ هڪ تجويز تي بحث ٿيو ته اداري جي قانوني حيثيت بحال ٿيڻ گهرجي ۽ رجسٽر ٿيل آئين موجب ادارو تعليم کاتي ۾ منتقل ڪيو وڃي. صوبائي حڪومتون هونئن به گهڻو ڪري مرڪزي حڪومت جي پيروي ڪنديون آهن. حڪومت پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ادبي ادارو ايڪيڊمي آف ليٽرس پڻ وزارت تعليم ۾ آهي. مسٽر علوي ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم پاڻ ميٽنگ ۾ موجود هو. تنهن ان رٿ جي آجيان ڪئي ۽ بورڊ کي هر طرح مدد ڏيڻ جو يقين ڏياريائين.

ڪجهه عرصو گذريو ته گورنر هائوس بورڊ جو رجسٽر ٿيل آئين طلب ڪيو، جنهن کانپوءِ جناب گورنر سنڌ صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف جي آندل ناظمن واري نئين نظام کي خيال ۾ رکي، بورڊ جي موجوده گورننگ باڊي مقرر ڪئي. سمورا ميمبر پنهنجيءَ صوابديد تي مقرر ڪيائين. البت علامه آءِ آءِ قاضي جي قائم ڪيل روايتن موجب، سنڌ يونيورسٽي کان ميمبرن جا ڪي نالا ورتائين.

ستت، ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ته سردار علي محمد خان مهر وزيراعلى ٿيو. سندس ايامڪاري ۾ بورڊ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت بحال ٿي. بورڊ کي ڪلچر کاتي مان ڪڍي تعليم کاتي ۾ آڻڻ جو آرڊر جاري ٿيو.

اهو مرحلو حل ٿيو ته مالي مسئلن جو حل ڳولڻو پيو، ڇو ته جيسين ڪو به ادارو مالي طرح مستحڪم ڪونهي، تيسين ان جا رٿيل سٺي کان سٺا پروگرام ثمر آور ثابت ڪو نه ٿيندا. انهي سلسلي ۾ جيڪي ڪوششون بورڊ جي خير خواهن وڏي ليول تي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ورتيون، سي قدرت ڪامياب ڪيون ۽ بورڊ لاءِ ٻن ڪروڙن رپين جي خصوصي گرانٽ جو اعلان ٿيو.

ائين ادارو بچي ويو. قدرت پنهنجو ڪرم ڪيو. بلاشبه، انسان کي رب جي رحمت مان مايوس ٿيڻ نه گهرجي.

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجن سمورن ڪرمفرمائن خاص طرح جناب محمد ميان سومري سابق گورنر سنڌ ۽ هاڻي چيئرمين سينيٽ آف پاڪستان ۽ سردار علي محمد خان مهر، وزيراعلى سنڌ جو انتهائي شڪر گذار آهي. سندن جاري ڪيل آرڊر ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ شامل آهن.

”مون کان ڪو پڇي سگهي ٿو ته سُرَ ۽ سَنگيتَ جي هن بي مثال منظرنامي ۾، منهنجي ذاتي پسند ڪهڙي آهي؟

”ادب ۾ پسند يا ناپسند (ماڻهوءَ جي) ذاتي ذوق تي منحصر آهي. عظيم شاعرن جي تخليقات تي تبصرو ڪندي، اها ڳالهه چوڻ مناسب نه آهي، ته هيءُ شاعر هن شاعر کان وڏو آهي. ماڻهو انهيءَ ڳالهه ۾ هميشہ هڪٻئي سان اختلاف ڪندا رهندا ۽ اهو صحيح به آهي.

”پر، منهنجي خيال ۾، (دنيا جي) ڇهن مختلف زبانن جي تيرهن سچن پچن شاعرن جي هن انتخاب ۾، عظمت جي لحاظ کان، سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهرئين نمبر تي آهي.“  

 – ڊاڪٽر سورلي

’جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين‘

 

آيتون

 

شاهه جو رسالو: مرتب علامه قاضي

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ

سَڀ وڃائي ساز تهان پوءِ تڪبيرَ چَوُ

-                      شاهه عبداللطيف ڀٽائي

شيخ اياز

وايون

ڪاته ٻي نوري ڏٺي مون ڪالهه ڪينجهر جي ڪناري،

جانوري ۾ شام ٿي وئي.

ڪئن تماچي تَڙ ڌڻيءَ جي تات کي ڪا مُنڌَ ٽاري،

سجُ ڪينجهر ۾ لهي ٿو ڄڻ ته وڻ جا ڏار ڏاري،

روشني جنهن جي پَئي ٿي هيٺ پاڻي مان نهاري،

پير لئه ٿو پيارُ تاڙي سار کي ٿي سارَ ساري،

جانوري ۾ شام ٿي وئي.

(2)

تِرمرائي ٿي ندي،

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

چيٽ ۾ ٿا چهچهائن، پاٽ تي اُڏري پکِي!

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

ڄڻ ته سائي پن وانگر آهه ساري زندگي،

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

تون اڃا جو بستري ۾، صبح ٿيو آهي، اُٿي!

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

رات جا گذري وئي، سا موت جي کاتي وَئي،

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

ننڊ ڪيئي، گهنڊ آهي، لار توتن جي ٻُڌي؟

سج جا تِڙڪا پون ٿا!

(3)

هي سرءُ جو وائرو،

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

هي هوا جو سرد جهؤنڪو، ڄڻ ته ڇاتيءَ ۾ ڇُرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

ڇَنُ ۾ مُون کي ڇُپائي، ڪاش ڪوئي گهڻگهرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

چنڊ مان ڪيڙا ڪِرن ٿا، وقت ڪيڏو آبُرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

پنڌ اڳتي ڪو نه ٿو ٿئي، آهه پٿر جيئن مُرو،

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

(4)

ڳاڙهو هيڊو آسمان،

ڪانوَ لنون ٿا.

ڪَڪِي نِم اُنهيءَ جي هيٺيان آهه سَرءُ سنسان،

پَنَ ڇڻن ٿا.

واءُ اتر جو ڦيراٽيون ڏي جنهن ۾ جَڳُ جهان،

وَڻ لڏن ٿا.

رُت جو ڦيرو، مٽيءَ گهيرو، سارو ڪونُ مڪان،

ساٿِ ڦِرن ٿا.

هاءِ حياتي! موت ڇڏيو آ ڪنهن جو نانءُ نشان؟

ڏينهن کُٽن ٿا.

ڪي ڪيئن مَرن، ڪي ڪيئن مرن سڀ نيٺ ٽٽن ٿا،

سڀ نيٺ ٽٽن ٿا.

 

(5)

ٿا اُڏامن ڪو ڪڙاٽَ،

فيرَڪَن ٿا.

ٻُڌ ته ڍوري تي هوا جا سيسراٽ،

فيرَڪَن ٿا.

لڙڪ پَن پَن جي مٿان آ ڄڻ ته ماٽ،

فيرَڪَن ٿا.

رَتُ پاڻيءَ پاٽُ تي آ، رَتُ گهاٽَ،

فيرَڪَن ٿا.

جهُڙ ڪئي آ اُڀَ ۾ ڪيڏي لُڙاٽَ،

فيرَڪَن ٿا.

(6)

انڊلٺ جن تي کُٽي ٿي، سي ٻَٻُر ڦلڙيون ته ڏِسِ!

وَنُ ڏس وڻراهه جا!

ائن اُٺي جو واءُ تِن تي، جِسُ ڳولي جيئن جِسُ،

وَنُ ڏس وڻراهه جا!

اوچتو ڪڪريون هَٽائي آه نڪتو سج سِسُ،

وَنُ ڏس وڻراهه جا!

لڙڪ آڻي سار ڪنهن جي، ٿي چوي مَن کي ته ڦِسُ

وَنُ ڏس وڻراهه جا!

(7)

آهه آهَڏ منجه پاڻي، آءُ گهوڙي کي پيار،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

هان لسيءَ جو ڍُڪ ۽ ڍوڍي ڳڀو، ڪجهه ڌيرُ ڌارِ،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

آهه گهاٽي ڇانوَ بڙ جي، ليٽُ هيٺان، ڏينهن ٺار،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

آگ ناري کي لڳي آ، ڀل تَري تائين نهارِ،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

جهُڙ جهمن سو ڪيئن چئجي آهه اونهارو آپارِ،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

(8)

آسمانو اِنڊلَٺِ،

ٻانهن ڪنهنجيءَ وانگيان!

هي نهارون ناز واريون، مون پڄاڻان تون نه پَٺِ!

اي زمانا، مون ڪڏهن تنهنجي نه چيتي آهه چَٺ،

عمر مون جئن آهه آندي، شعر ۾ ڪا گاسِ گَٺ؟

پاڻ ۾ پيهي ڏٺو، يا مُنهن وڌو مون ڪالهه مَٺِ!

(9)

پيرون پَٽن ٿيون نينگريون،

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

ڏس لوهه ڪيڏي ٿي لڳي، پر ڪو نه ٿيون ڪنهنجي مَڃن،

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

ٿا تيرَ سج جا ترورا، تِر مِر ڪري، تن تي سَڃن،

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

آ تيز ٿي ويئي تپت پر، ڪو نه ٿيون ڀيرو ڀڃن،

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

 

(10)

ڇوري! هي آڀوُن،

ائين کاءُ نه توُن،

ويهي هن جي واٽَ تي.

ڳوٺِي ڳالهيون ڪن پيا، گهر گهر ۾ تنهنجون،

ڇوري هي آُڀُون.

پريت ڪبي جي وائکي، ڀون ڀون ٿيندي ڀُون،

ڇوري هي آڀُون.

ايندي ويندي ٽؤنڪ کي، ڪيسين لنوايون؟

ڇوري هي آڀُون.

(11)

ڇَٽِي کولي مينهن ۾، ڪاڏي وڃين ٿي؟

ڪاڏي وڃي ٿي؟

ڀيرو پنهنجي پيار سان ورلي ڀڃين ٿي!

ڪاڏي وڃي ٿي؟

پنهنجون نظرون تير جان سامهون سَڃين ٿي،

ڪاڏي وڃي ٿي؟

لوڪ گلائون پيو ڪري تون ڪٿ مڃين ٿي!

ڪاڏي وڃي ٿي؟

ڇَٽي کولي مينهن ۾، ڪاڏي وڃي ٿي!

ڪاڏي وڃي ٿي؟

 

(12)

پيءُ پوڙهو، ماءُ، ڌيءُ،

سڀ اَٻهرا پاٽِ تي.

وِلهه چوڌاري وَسي ٿي، سَر سُڪايا ڪالهه سيءَ،

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

هي به آ آجيوِ ڪا، منهنجا ڌڻي ڇا هي به چيءَ!

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

ڪير چوندو ڳوٺ ۾، آهن لڳا مانيءَ مَڇيءَ!

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

(13)

هوءَ آئيني اڳيان،

ڇا اَڃا ڳولي پئي؟

ڇا چَوي ٿي اي جواني، تون وئي ناهين اڃان!

”اڄ به هي رخسار آهن، موتئي مُگري وانگيان.“

”دل ته چاهي ٿي ته پنهنجي اولڙي کي مان چمان.“

”۽ رکان هي چَپ پنهنجا، آنءُ آئيني مٿان.“

ڪيترو خاموش بيٺي آ، سندس پيري پٺيان!

(14)

آڳ اجهاڻي ناهي، جَر ۾ گيت پيا جَرڪن.

عمر پئي گذري.

پيار پتنگا ڪيئي اڏري تن ۾ کامي ويا،

پو به کٽن ٿا ڪو نه پيا ٿا ڦيرا وَر وَر ڪن،

عمر پئي گذري.

چنڊ چڪورَ ڪهاڻي ساڳي پوري ٿيڻي ناهه،

ڪيئي ٿا آڪاس اُڏارون ٻيهر ٻيهر ڪن،

عمر پئي گذري.

هنج اچن ٿا هنج وڃن ٿا نيرَ ولوڙا ڏئي،

راتيون اڳ جان آهن پيئون ڪونجون ڪَر ڪَر ڪن،

عمر پئي گذري.

من ۾ ڍانڍو ساڻا ناهن، ڀنڀٽ ڀڙڪن ٿا،

سَر تي سيءُ ته آهي، پيئون سيرُون سَر سَر ڪن،

عمر پئي گذري.

گيت امرتا آهن جن کي موتُ نٿو ماري،

جهرڻا بڻجي ڪيئي شاعر مون جئن جهَر جهرڪن،

عمر پئي گذري.

آڳ اجهاڻي ناهي، جَر ۾ گيت پيار جَرڪن،

عمر پئي گذري.

 

(15)

آ ويو ڪيڏانهن خسرو، روز ڳولي ٿي سِتار،

ڇا رڳو حيرت رهي ٿي؟

تون لتاڙيندو وڃين ٿو، سِر هزارين شهسوار،

پوئتي عبرت رهي ٿي؟

ڪام ڪنڊيءَ جي ٽٽي، يا ٻانهن ڌڙ کان آهه ڌار!

هوبهو صورت رهي ٿي!

رنگ وبو ڪَئي آجيان، ”مون گهر ڀَلي آئين بهار!“

رُتِ ۾ راحت رهي ٿي.

ماڪ گل تي لڙڪ لاڙيا، بان ڪري بي اختيار،

مرڪ ڪا مدت رهي ٿي!

(16)

متان سُرندي کي،

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ٻيهر ٻُڌين ڪينڪي، متان ٻُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

متان چائِت سان ڏِسين، چُرندي پُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڦَٽُ اُکيلي ٿو ڇُهين تون، ڪئن ڪُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڪو شَل ڪاڻيارو نه ٿِئي، گهورُ نه گهرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڳهلا! ڳنيءَ کي ڏسِي پو، ڏِس تُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

شال ڪَروڻا سان ڏسين، جيوَن جهُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

(17)

هيءَ ساڪت زندگي،

ايتري ساڪت به ناهي!

ڪاغذي تصوير ۾ فرياد ڪنهن ايڏي ڀَرِي؟

ٿا اُفق ڏي گل اُڏامن، آ شفق ڄڻ شاعري!

ڪنهن مصور آ ابد ۾ قيد ڪئي ڪائي گهڙي!

رات ٿي آ، ڪنهن جلائي آ ڪَتين جي ڦل جهَڙي؟

ڪنهن ڏني آهي اَزل کان، اوچتي پايندگي؟

هيءَ ساڪت زندگي،

ايتري ساڪت به ناهي!

(18)

موت جو گهوڙي سُوار،

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

راهه هُن جي آهه ڄڻ شاخ انارَ.

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

وائرو جنهن تي لڳي ٿو موتمارُ،

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

جنهن طرف ڏس شعله زن آ لاله زارُ،

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن کي قرارُ،

ڀَر ڪري ڀالا هڻي ٿو.

 

(19)

هي به گهرجي، هُو به گهرجي، هي هڏا چوڌارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس.

اس ۾ ڀنڀور جي تون سجَ جي ديوارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس.

ٻي طرف اونداهه لهرون ٿي هڻي، ٻي پارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس.

تيزگي ڪائي آَزل کان، آهه تارئون تارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس.

وِڄُ ڄڻ چمڪي پئي ڪا، وچ ڪارونڀارِ ڏِس،

آءُ هي هڪوار ڏِس.

(20)

هي به گهرجي، هوُ به گهرجي،

ڪيستائين؟

ڪجهه ته هن سنسار کان اڳتي به سرجي!

هي به گهرجي، هوُ به گهرجي!

زندگيءَ کان ٿي ڪڏهن هر چيز ڦڻجي!

هي به گهرجي، هوُ به گهرجي!

مُلهه ڪَٿي ٿو موت ڇا؟ تُر جي نه تُرجي!

هي به گهرجي، هوُ به گهرجي!

ڪاش واڙيءَ ڦل جيان هَر هَر اسِرجي،

هي به گهرجي، هوُ به گهرجي!

انت پنهنجي تي به ڪُرجي،

ڪيستائين؟

 

(21)

ساڙ پنهنجي ۾ اڳيئي ٿو سَڙي،

ڇو پيو تيلي وِڃائين!

جا نظر توکي اَجائي، آ، لِڪي ٿو هوُ لَڙي!

ڇانوري ۾ ٿو ٿڌو پاڻي ٿئي هر ڪنهن گهِڙي!

ريت ڇو هُن کي رُلايو آ، نه سمجهو وائڙي؟

رُڃ جو راهِي، پٺيان نڪتو تَرائيءَ کي تَڙي.

(22)

ڪير خالي ڪُرسيون،

ويا ڪري تِن تان اُٿي؟

جام و مينا ميڪدي ۾، ڪن پيا ڪجهه ڳالهڙيون!

ميز تي ڇا ڪجهه ٻڌين ٿو، ڏئي مٿي کي هَٿُ تون؟

ڇو اڪيلو ٿو پئين، ڪهڙيون اَٿي ساروڻيون؟

گهگهه ڪيڏو آ گهٽيءَ ۾، گم ٿيون سڀ روشنيون!

(23)

ڪيترا خيما کُپي ويا،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

ڪير ٿو دفنائجي جو ڳوٺ، سارو هئڻ مِڙيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

واٽ تي گهاٽن وڻن ۾، ڪو ته ٿڪجي ٿاٻڙيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

ڏس ته پيلي گل جيان، سنسار سارو ئي ٽِڙيو آ!

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

وِکُ هِن جي ائن وڌي ٿِي، ڄڻ کُڙيءَ ۾ گل کِڙيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

 

ٿو وڃي ڪيڏانهن اوچو، ڪير وستيءَ تي چڙهيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

چنڊ ائن آڪاس ۾ آ، ڄڻ ته ڪوئي ڦَٽُ مِڙيو آ،

ڪيرُ اهڙو گامڙيو آ،

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

چَنڊُ ٽڪريءَ تي کِڙيو آ!

(24)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com