سنڌ جا سڀ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته هُو سندن باڪمال شاعر
آهي. سندس ڪلام سڪ سان ڳائن ۽ ٻڌن ٿا پر، عام
ماڻهن جي ساڻس عقيدت جو مکيه سبب هي آهي ته هو ولي
الله آهي، ڇو ته پاڻ ئي پنهنجي ڪلام ۾ چيو اٿس ته:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين
نيو مَنُ لائين، پريان سندي پار ڏي
شاهه سائينءَ جي وفات جي تاريخ تي سنڌ جي اوڀر،
اولهه، اُتر ۽ ڏکڻ، مان عام خاص ماڻهو سندس درگاهه
تي ايڏي ته وڏي تعداد م حاضري ڏيڻ ايندا آهن، جو
ميڙو مچي ويندو آهي. عام چوڻي ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾
ولين جي درگاهن تي وڏي ۾ وڏا ميڙا ٻه لڳن ٿا: هڪڙو
قلندر لعل شهباز تي، ۽ ٻيو شاهه ڀٽائيءَ تي.
ڪنهن زماني ۾، ڀٽ شاهه تي وڃڻ لاءِ پڪو روڊ ڪو نه
هو. ڪراچي کان لاهور ويندڙ پڪو روڊ بلاشڪ موجود
هو، جيڪو ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائي جي زماني ۾ فوجي
ضرورت جي ڪري ٺهيو هو. سائين ميران محمد شاهه مون
سان پاڻ ڳالهه ڪئي ته ڪيئن هن سنڌ جي انجنيئرن جو
وڏو وفد وٺي، ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ پڪي روڊ تي
مختلف جاين ۽ هنڌن تي بيهي، دوربينين جي وسيلي
جائزو وٺي، سائينءَ جي روضي تي سڌو پهچڻ لاءِ لنڪ
روڊ ٺهرايو هو. شروعات ائين ٿي. منتظم ٻيا به
گهڻيئي هئا، تڏهن وڃي روڊ ٺهي تيار ٿيو، ثقافتي
مرڪز جڙيو ۽ ادبي ڪانفرنس شروع ٿي.
ڪانفرنس ۾ سنڌ جو وڏو وزير پيرزادو عبدالستار،
مخالف ڌر جو اڳواڻ سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جا
مشاهير، وڏا وڏا اديب ۽ عالم شريڪ ٿيندا هئا، جن
جي رهڻ لاءِ تنبو به لڳندا هئا.
سن 1952ع- 1953ع ڌاران جيڪا ادبي ڪانفرنس ٿي، ان ۾
نذير احمد آگري نالي پرائمري اسڪول جو هڪ هيڊ
ماستر به شريڪ ٿيو. موٽيو، ته مون کانئس ادبي
ڪانفرنس جو احوال پڇيو.
چيائين ته ”سائين جي ايم سيد ڏاڍي سٺي تقرير ڪئي.“
مون تڏهن سائين جي ايم سيد ڪو نه ڏٺو هو. البت
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد جي ڦليليءَ واري
ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئم. سو علامه آءِ آءِ قاضيءَ
جي زيارت نصيب ٿي هئم. ذهن تي سندس علم جو وڏو رعب
ويٺل هو. سو، نذير احمد کان پڇيم ته ”علامه آءِ
آءِ قاضيءَ جي تقرير به ٻڌئي؟“
چيائين ته ”هائو، پر مون کي جي ايم سيد جي وڌيڪ
وڻي.“
سائين جي ايم سيد سدائين سنڌ جون ئي ڳالهيون ڪندو
هو، سو عام ماڻهن کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. علامه
صاحب هڪ ته انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو ۽ ٻيو ته
اعلى درجي جون مفڪرانه ڳالهيون ڪندو هو، جيڪي
(مرحوم) نذير احمد جي سمجهڻ کان مٿڀريون هيون.
سائين جي ايم سيد خود علامه صاحب جو وڏو عقيدتمند
هو. پنهنجي پٽ تي سندس نالو ’امداد‘ رکيائين.
مخدوم صاحب طالب المولى سائين، خانبهادر کهڙو،
سائين ميران محمد شاهه، حاجي مولا بخش سومرو ۽ سنڌ
جا ڪيئي مشاهير علامہ صاحب جي عظمت جا معترف هوندا
هئا. سو، آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته
اُن زماني ۾ ڪيڏا وڏا مشاهير ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ
ٿيندا هئا ۽ ڪهڙيون نه روح افزا تقريرون ڪندا هئا.
- - هاڻوڪين ادبي ڪانفرنسن جو حال به هر ڪنهن کي
ساريو پيو آهي.
وقت وقت جي ڳالهه آهي. شاهه سائينءَ جي بلند و
بالا شخصيت جي مدنظر، سندس ياد ۾ ادبي ڪانفرنس
ڪوٺائڻ جي رَسم ۽ ريت هاڻي رڳو ڀٽ شاهه تائين
مهدود ڪانه رهي آهي. هر مند ۽ موسم ۾ سڄي سنڌ ۾
سندس ياد م سيمينار ۽ ڪانفرنسون ٿين ٿيون. - -
ڀلا، پاڻ سنڌ جي تاريخ جو ’سدا بهار گلابي گُل‘ جو
ٿيو.
اِهي ڪانفرنسون ۽ سيمينار درحقيقت شاهه سائينءَ جي
قدمن ۾ سنڌ جي عوام جا عقيدت جا گل آهن. پر، هڪ
ليکي، سندس وڏي خدمت غالباً اُهي ئي عالم، اديب ۽
محقق ڪن ٿا، جيڪي سندس لافاني ڪلام ۽ پيغام کي
پکيڙڻ لاءِ اُن جا ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪن ٿا. مٿس
تحقيق ڪن ٿا، ليڪچر ڏين ٿا ۽ ڪتاب لکن ٿا.
پاڪستان جي چئن ئي صوبن ۾ چار مختلف ٻوليون
ڳالهايون وڃن ٿيون، ايڪيڊمي آف ليٽرس ٻين ٽن صوبن
۾ رهندڙ ماڻهن کي شاهه سائينءَ جي پيغام کان آشنا
ڪرڻ لاءِ سندس ڪلام جا پشتو، پنجابي ۽ بلوچي ۾ نثر
۾ ترجما ڪرائڻ لاءِ هڪ رٿ تيار ڪئي. پروگرام موجب
پهريائين ڪلام جو نثري ترجمو ٿيو. ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر جي پروفيسر اياز
حسين قادري (مرحوم) محترم وقار رضويءَ جي تعاون
سان جڏهن اردو نثري ترجمو پورو ڪيو ته اهو ڇپيو ۽
ڪراچيءَ شيريٽن هوٽل ۾ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر مرحوم
حڪيم محمد سعيد کان ان جو مهورت ڪيو. تقريب ۾ ان
وقت جو مرڪزي وزير اطلاعات مسٽر نثار ميمڻ ۽
صوبائي وزير تعليم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به شريڪ
ٿيا. ملڪ جي مختلف حصن مان عالم، اديب ۽ دانشور به
آيا. اِهو ڪم ته سٺو ٿي ويو، پر غلام رباني آگرو
ايڪيڊمي مان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر ٿي
ويو، ته پٺيان ايڪيڊميءَ وارن اردو نثر واري ترجمي
کي بلوچي، پشتو ۽ پنجابيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ وک
به ڪانه کنئي. شايد کين ملڪ جي مختلف ٻولين جي
اديبن ۽ شاعرن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جي اون ڪانه
هئي ۽ نه وري پاڪستان جي سدابهار گلابي گلن جي
سرهاڻ کي ملڪ ۾ چوڏس ڦهلائڻ جي ضرورت محسوس ٿي.
شاهه جي ڪلام جو پيغام عام ڪرڻ ڄام درڪ کي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ جو بار رڳو ٻروچن، سنڌين جي ڪلهن تي
ڪونهي. هر ڪنهن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي، نه
ته ڀلا ست سمنڊ پار ڪري آيل انگريزي عالمَ، ڊيمس ۽
سورلي، بلوچي ۽ سنڌي شاعرن جي حياتيءَ ۽ پيغام تي
ورهين جا ورهيه تحقيق ڪرڻ ۾ پنهنجو نور ڇو نچوئن
ها؟
مظهر يوسف نالي هڪ علم – دوست، 1947ع ۾ هندستان
مان سنڌ ۾ هجرت ڪري آيو. سورلي ۽ ڊيمس جي قائم ڪيل
روايت کي تازو ڪيائين. سورلي جي ڪتاب جو نئون ڇاپو
ڪڍيائين. شاهه سائينءَ تي وتڻ مل لالواڻي جي
انگريزي ڪتاب کي دوباره ڇاپيائين، جيڪو شاهه
سائينءَ تي انگريزي زبان ۾ پهريون پهريون باضابطه
معياري ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ غالباً گذريل سو
سالن کان اڻلڀ هو. - - ڪتاب جو مصنف ديوان وتڻ مل
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر
دائودپوٽي جو ساٿي هو.
مظهر يوسف ڪتابن جي طباعت ۽ اشاعت لاءِ جيڪو ننڍڙو
ادارو قائم ڪيو، تنهن جو نالو به ”سنڌي ڪتاب گهر“
رکيائين. سائين غلام مصطفى شاهه مرحوم شاهه جي
پيغام کي پکيڙڻ لاءِ ڪراچي ۾ ”شاهه عبداللطيف
ڪلچرل سوسائٽي“ ٺاهي هئي، جنهن جو پاڻ صدر ۽ نائب
صدر ڊاڪٽر محمود حسين هو، پر ٿورڙن ماڻهن کي اِها
ڳالهه معلوم آهي ته در حقيقت سوسائٽيءَ جو ڪم
هلائڻ واري پس پرده شخصيت مظهر يوسف جي هئي. جڏهن
ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ صوبو نئين سر بحال ٿيو، تڏهن
سنڌ جي ڪن سڄڻن کي موقعي جي مناسبت سان ”صبح سنڌ“
نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ جو خيال ٿيو، جنهن کي اڳتي
هلي روزانه ڪرڻو هو. پُکو وري به مظهر يوسف جي
نالي نڪتو. هن غريب انهيءَ سنڌي اخبار جي اشاعت تي
سالن جا سال هڙئون وڙئون خرچ ڪرڻ ۾ ڪو نه گهٽايو.
پر، ڪڏهن به ڪنهن سرنديءَ واري سنڌيءَ کي قدرت
اِها توفيق ڪانه ڏني، جو اُنهيءَ ڪا رخير ۾ هو
سندس هٿ ونڊائي، سو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته اخبار
بند ٿي وئي. پر، مظهر يوسف جي سنڌ سان محبت ۾ ڪمي
ڪانه آئي. هو سنڌ تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ تاريخي
اهميت جا ڪتاب شايع ڪندو رهيو، جن ۾ آفتاب ابڙي جو
ڪتاب“ ”شاهه جي ٻولي“ ۽ تاج صحرائيءَ جو ڪتاب
”منڇر ڍنڍ“ نمايان آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي
تحقيقي جرنل
SINDHOLOGICAL STUDIES
جو سالن جا ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. شاهه سائينءَ سان
ته مظهر يوسف کي والهانه عقيدت آهي. سو وڏي جستجو
ڪري، اهڙين واين ۽ بيتن جو مجموعو تيار ڪرايائين،
جيڪي فنڪار وڏي شوق ۽ ذوق سان ڳائيندا آهن. اُن کي
ڇپايائين.
تازو ساڻس ملاقات ٿي ته ڊاڪٽر شمل جي وفات جو ذڪر
نڪتو. مون کيس ٻڌايو ته ڊاڪٽر شمل شاهه سائينءَ ۽
خواجه مير درد تي انگريزيءَ ۾ هڪ سٺو ضخيم ڪتاب
لکيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ انشاءَ الله شاهه
سائينءَ وارو حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپائيندو.
تنهن تي پاڻ ٻي تجويز ڏنائين ته شاهه سائينءَ تي
جيڪي به عالم اديب ۽ محقق يا سرڪاري ادارا ۽ خانگي
پبلشر تحقيق يا ترجمي جو ڪم ڪن ٿا، سي ملڪي هجن يا
غير ملڪي، سڀيئي تحسين جي لائق آهن. سندن محنت جي
تسليمي ٿيڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت، تمام محدود پيماني
تي، ڪراچي ۾ شاهه لطيف سيمينار ڪوٺائڻ جي تجويز
تيار ٿي.
پاڪستاني زبانن ۾ شاهه جي ڪلام جي اردو نثري ترجمي
جو مٿي ذڪر آيو آهي، جيڪو حڪومت پاڪستان جي
ايڪيڊمي آف ليٽرس جو پروجيڪٽ هو، پر شاهه سائين جي
منظوم اردو ترجمي جو پروجيڪٽ اُن کان به اڳ مرڪزي
حڪومت جي وزارت تعليم تيار ڪيو هو. اُنهيءَ
پروجيڪٽ ۾ شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ۽ اردو –
سنڌي ۽ سنڌي – اردو ڊڪشنريون شامل هيون. مرڪزي
حڪومت اهو پروجيڪٽ سنڌ يونيورسٽي کي سونپيو هو ۽
گهربل فنڊ ڏنا هئا. علامه آءِ آءِ قاضي وائيس
چانسيلر هو، جنهن ٻنهي ڊڪشنرين جو ڪم ڊاڪٽر غلام
مصطفى خان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سونپيو.
ٻنهي ڄڻن سهڻيون ڊڪشنريون ٺاهيون. يونيورسٽي اِهي
وري وري ڇپائيندي رهندي، ڇو جو ڏاڍيون مفيد آهن ۽
ٻنهي جو ڪاپي رائيٽ سنڌ يونيورسٽي وٽ آهي. علامه
صاحب شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي لاءِ پير
سائين حسام الدين شاهه راشدي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پير صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر هو ۽ جويو صاحب
سيڪريٽري. پير صاحب وري جويي صاحب سان مشورو ڪيو،
جنهن منظوم اردو ترجمي جو ڪم شيخ اياز کي سونپيو.
ڊڪشنرين ٺاهڻ ۾ هڪ اردو ۽ هڪ سنڌي عالم گڏ هئا.
اهڙيءَ ريت، شيخ اياز کي به هڪ اردو مددگار جي
ضرورت محسوس ٿي. سندس نگاهه آفاق صديقي تي پيئي،
جو سکر ۾ کيس ويجهو هو. ڪم ۾ شامل ڪيائينس. شاهه
سائينءَ جي انهيءَ منظوم اردو ترجمي جا به ٻه ڇاپا
سنڌ يونيورسٽيءَ ڪڍيا آهن، جو ڊڪشنرين وانگر اُن
جو ڪاپي رائيٽ به سنڌ يونيورسٽي وٽ آهي.
شاهه سائينءَ جي ڪلام جو ٻيو سهڻو ترجمو آغا سليم
ڪيو. آغا سليم بنيادي طرح سنڌي زبان جو نامور نثر
نويس آهي، پر شاهه سائينءَ جي منظوم ترجمي ۾ ڪمال
ڪري ڇڏيائين. پنهنجي ذوق شوق سان شاهه سائين جي
ڪلام جو اهڙو ته ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪيائين،
جو نه فقط عام خاص پڙهندڙن بلڪ شاهه جي ڪلام جي
ماهرن ۽ محققن به اُن کي ساراهيو. مثلاً: مولانا
غلام مصطفى قاسميءَ انهيءَ جي ڏاڍي تعريف ڪئي.
ٽن جرمن اسڪالرن شاهه سائين تي وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر
شمل جرمن زبان ۾ ترجمو شروع ڪيو، جنهن جي فقط هڪ
حصو ڇپائي سگهي، جو حياتيءَ ساڻس وفا ڪانه ڪئي. ٻي
جرمن عالم خاتون، مڌر ايلسا قاضي هئي، جنهن شاهه
جي منتخب ڪلام جو منظوم انگريزي ترجمو ڪيو، جو
سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو ٽيون جرمن عالم ارنيسٽ ٽرمپ
هو، جنهن لاءِ هر ڪنهن کي خبر آهي ته سڀ کان اول
جرمني مان سنڌي ٽائيپ ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو
هئائين.
انگريزي م شاهه سائينءَ تي هونئن ته گهڻن ئي عالمن
لکيو آهي، پر ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب
SHAH ABDUL LATIF OF BHIT
وڏو شاهڪار آهي. ان جو مقدمو صحيح معنى ۾ عالمانه
تحقيق جو مثال آهي.زندگي جي پوين سالن ۾ روڊيشا ۾
سڪونت اختيار ڪئي هئائين. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن
جو منتخب ڪلام ڇپايائين. جنهن ۾ شاهه سائين کي
”اوليت جو درجو“ ڏنائين. سنڌ جي ڪلچر کاتي آغا
محمد يعقوب جو شاهه تي انگريزي ۾ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾
ڇاپيو. پر، تيرٿداس هوتچند جيڪو ترجمو ڪيو، سو
پنهنجي هڙان وڙان ڇپايائين. اهڙيءَ ريت، پروفيسر
مئڊم امينه خميساڻيءَ وڏي محنت ڪري شاهه جي رسالي
جو انگريزي ترجمو ڪيو، جيڪو ڪلچر کاتي ڇاپيو. شاهه
سائينءَ تي الائي ته ڪيترن عالمن، اديبن ۽ محققن
لاجواب ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندا رهن ٿا. مثلاً ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ڏهن جلدن تي مشتمل شاهه جي رسالي جو
جامع ۽ معياري متن تازو شايع ڪيو آهي. ڪجهه عرصو
اڳي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شاهه سائينءَ جي شاعري تي
بي بها ڪتاب لکيو هو، جو سائين غلام مصطفى شاهه
ڇاپيو. اهڙي ريت، قريشي حامد علي خانائي، سرائي
امداد عليءَ ۽ دڙي واري دوست عبدالغفور الستيءَ
جون ڪوششون به قابل تعريف آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ
۾ ”شاهه لطيف چيئر“ ڪم ڪري رهي آهي. اميد ته ڪلچر
کاتي جو عالم ۽ فاضل سيڪريٽري مسٽر گل محمد عمراڻي
صاحب به هاڻي ڀٽ شاهه مرڪز ۾ رونق پيدا ڪندو.
هندستان ۾ شاهه سائين تي ڪهڙو ڪهڙو ڪم ٿي رهيو
آهي، تنهن جي صحيح خبر ڪانهي.
مظهر يوسف ۽ منهنجي ملاقات ۾ اِهي سڀ ڳالهيون
نڪتيون ۽ صلاح اِها بيٺي ته هڪ سٻنڌڙو سيمينار
ڪوٺائي، شاهه سائينءَ جي ترجمن جي تسليمي ڪرڻ
گهرجي. سائين ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه ڏانهن ويندڙ
روڊ ۽ ثقافتي مرڪز ٺهرائڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي، اُها
اڄ ڪنهن کي ياد به ڪانهي. اُن جي تسليمي ته سڀ کان
اول ٿيڻ گهرجي. اِنهي مقصد لاءِ اها به صلاح بيٺي
ته اُن موقعي تي ٻه چار اهل قلم ۽ دانشور شاهه
سائينءَ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجا خيالات
ظاهر ڪن ته سٺو. مطلب ته هڪ چڱڙي محفل مچائجي،
جنهن جو اصل مقصد هجي شاهه سائينءَ جي باري ۾
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.
ما هرچه دانئيم فراموش کردئيم
الاحديث يارکه تقرارمي کنيم
[اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، سو سڀ وساري ڇڏيون ٿا،
سواءِ يار جي ڳالهه جي، جنهن جو وري وري ذڪر ڪريون
ٿا.]
سنڌي ادبي بورڊ تعليم کاتي ۾ آهي، سو مون وزير
تعليم جناب عرفان الله خان مروت سان ڳالهه ڪئي.
کين پسند آئي پر ترت لنڊن وڃڻ ڪري، چيائين ته
تاريخ واپسيءَ تي طئه ڪنداسين. پاڻ واپسيءَ تي
صلاح ڏنائين ته انهيءَ محفل ۾ چيف منسٽر سنڌ کي
شريڪ ڪبو. سو چيف منسٽر کي خط لکو. مون سيڪريٽري
تعليم جناب غلام علي شاهه پاشا سان ڳالهه ٻولهه
ڪئي، جنهن چيو ته مان به شريڪ ٿيندس، کيس چيم ته
ڊاڪٽر شمل انگريزيءَ ۾ شاهه سائين تي ڪتاب لکيو
آهي ۽ ڊاڪٽر حميدالله وري حضور پيغمبر ﷺ تي لکيو
آهي، جيڪو سيرت مبارڪ جي موضوع تي سڄي دنيا ۾
سَنَد جي حيثيت رکي ٿو. اُنهن ٻنهي ڪتابن جي سنڌي
ترجمن جو به اِنهيءَ موقعي تي ذڪر ڪجي ته مناسب
ٿيندو؟ پاڻ مشورو ڏنائين ته ”ضرور ذڪر ڪرڻ کپي.“
اسان دستور موجب سيمينار جي لاءِ پروگرام ٺاهي چيف
منسٽر هائوس ۾ منظوريءَ لاءِ موڪليو پر پهرين آگسٽ
تائين جواب ڪو نه آيو، پنهنجي وزير جناب عرفان
الله خان مروت سان ڳالهه ڪئيسون، جنهن چوٿين آگسٽ
تي سيمينار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تڙ تڪڙ ۾ هوٽل ريجينٽ
پلازا ۾ سيمينار جو بندوبست ڪيوسون، جو ٻيءَ ڪنهن
به هوٽل ۾ هال خالي ڪو نه هو، دعوت ناما موڪلڻ
لاءِ هڪ ڏينهن بچيو. پر ڪراچيءَ جي سنڌي ۽ اردو
اديبن، شاعرن ۽ دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
جناب عرفان الله خان مروت، صوبائي وزير تعليم سنڌ،
صدارت فرمائي ۽ جناب سردار علي محمد خان مهر،
وزيراعلى سنڌ، بحيثيت ”چيف گيسٽ“ شريڪ ٿيو.
جناب آغا سليم ۽ آفاق صديقي شاهه سائينءَ جي ڪلام
جي منظوم اردو ترجمي بابت پنهنجا تاثر ۽ مشاهدا
نهايت دلپذير انداز سان بيان ڪيا. مظهر يوسف انهي
موقعي تي شاهه سائينءَ جي شان ۾ انگريزي زبان ۾ هڪ
نظم پڙهيو ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ سنڌ جي هڪ
ممتاز دانشور جي حيثيت ۾ شاهه سائينءَ کي دل جي
حضور سان خراجِ عقيدت پيش ڪيو. مون پنهنجي
’مرحبائي تقرير‘ ۾ وزير اعلى سنڌ کي گوش گذار ڪيو
ته سنڌي ادبي بورڊ حضور پيغمبر ﷺ جن جي سيرت مبارڪ
تي ڊاڪٽر حميدالله جي لکيل ڪتاب کي سنڌي زبان ۾
شايع ڪرڻ گهري ٿو ۽ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه
سائينءَ تي معروف مغربي مستشرقہ ڊاڪٽر انيمري شمل
جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڇاپڻ جو ارادو رکي ٿو. ان
کان علاوه اسان جو ارادو آهي ته شاهه سائينءَ جي
ڪلام جو هزهائينيس مير عبدالحسن خان سانگي جو
ٺهرايل نسخو پڻ شايع ڪيون. علاوه ازين ٻيا به نيڪ
ارادا ۽ پروگرام آهن. پر مڙني ڳالهين جو مدار آهي
مالي وسيلن تي، جناب عرفان الله خان مروت پنهنجيءَ
تقرير ۾ منهنجي پٺڀرائي ڪئي ۽ مؤثر لفظن ۾ نهايت
دلنشين تقرير ڪئي. دل کي ڇهندڙ لفظن ۾ سردار علي
محمد خان مهر کي چيائين ته ”اسان سردارن ۾ لکن نه
پر ڪروڙن جون اميدون رکون ٿا.“
الله سائين دعا ٻڌڻ وارو آهي. سردار علي محمد خان
مهر وزيراعلى سنڌ، پنهنجي تقرير ۾ سنڌي ادبي بورڊ
لاءِ ٻن ڪروڙن رپين جي امداد جو اعلان ڪيو. ٻاجهه
ڀريل لفظن ۾ شاهه سائينءَ لاءِ پنهنجي سڪ جو اظهار
ڪيائين. حضور پيغمبر ﷺ جن جو نالو کنيائين ته
اکيون آليون ٿي ويس. سڪ سان فرمايائين ته ”سنڌ
صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي. سنڌ کي مديني واري جي
دعا آهي، مان بورڊ کي ٻي به گهربل مدد ڏيندس.“
سردار علي محمد خان مهر جي اِنهيءَ اعلان تي
ريجينٽ پلازه جو ”ڪرسٽل هال“ ڪشت زعفران بڻجي ويو.
ڪي ماڻهوءَ ته خوشيءَ ۾ ڪرسين تان اُٿي بيٺا. ڪا
دير هال ۾ رڳو سامعين جي تاڙين جي گونج هئي!
تقريب هلندي، وقفي کانپوءِ سائين ميران محمد شاهه
مرحوم جي خدمتن جي اعتراف طور جناب سيد غلام علي
پاشا کي شيلڊ ڏني وئي. جناب آغا سليم ۽ آفاق
صديقيءَ کي شاهه سائينءَ جي اردو ترجمن جي اعتراف
طور شيلڊون ڏنيون ويون. وزيراعلى سنڌ سردار علي
محمد خان مهر ۽ وزير تعليم سنڌ جناب عرفان الله
خان مروت جي علم پروريءَ جي اعتراف طور کين شيلڊون
ڏنيون ويون. اڪادمي ادبيات پاڪستان ڪراچي جي
ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ کي شيلڊ ڏني
ويئي، جنهن ڪراچي ۾ ”شاهه لطيف ڪائونسل“ قائم ڪئي
آهي ۽ سڄي سيمينار جي سموري انتظام جو بار پاڻ
کنيو هئائين. شيلڊن ڏيڻ سان گڏ معزز مهمانن کي
اجرڪ پاتا ويا، جا سنڌي ڪلچر جي روايت آهي.
تقريب جي ڪارروائيءَ جو آغاز ۽ اختتام محترمه
شهناز شورو ڪيو. هن ڪارروائي ايڏي ته مؤثر نموني ۾
هلائي، جو هڪ لمحي لاءِ به جلسي ۾ ڪنهن ڪميءَ
پيشيءَ جو احساس ڪو نه ٿيو.
اردو زبان جي نامور دانشور، عالم، اديب ۽ محقق
ڊاڪٽر فرمان فتحپوريءَ هن موقعي تي سنڌ جي سنڌي ۽
اردو زبانن جي اديبن پاران هندستان پاڪستان ۾ قرآن
ڪريم جي فارسي ترجمي جو اولين نسخو (جيڪو سنڌي
ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي) سردار علي محمد خان مهر
وزيراعلى کي تحفي طور ڏنو.
سيمينار پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ سامعين چاءِ نوشي
فرمائي رهيا هئا ته ”ڪرسٽل هال“ ۾ الغوزي جي روح
پرور ڌُن تي، شاهه سائينءَ جي ڪلام جي گونج هئي.
خواتين جا ٽهڪڙا هئا، چؤطرف گلن جي سرهاڻ هئي ۽
صاحب ذوق – علم دوست سامعين شاهه سائينءَ جا بيت
مٺي آواز ۾ جهونگاري رهيا هئا:
لڳهه پَسُ، لطيف چئي، آگميو آهي،
وُٺا مِينهنَ، وڏ ڦڙا، ڪڍون ڌَڻَ ڪاهي،
وهومَ لاهي، آسرو الله مان.
- - ادارو. |