”سرويچ“ سجاولي
آجاين کي اوڏا اوڏا
ڪيڏا ٿي ويا آهيون ساٿي، آجاين کي اوڏا اوڏا،
هاڙه هاڙه هٽڪايون پيا، ڇَپر ٿئي پيو ڇوڏا ڇوڏا!
منصورن ۽ مهميرن ڇا، مهميرن ڇا، مهميزن کي مُنهن
ڏنا،
نيشن مڙسن نڪ وڍين جي نڙگهوٽن تي ننهن ڏنا،
لنگهه لتاڙي ڄاڻ پُڳاڙي، لڪن جا سهي لوڏا لوڏا،
جان نثارن جوڌن پُٽن، جيجل ڪاَرڻ جنگيون جوٽيون،
کيٽن وارن کاهوڙين اڄ کوٽن لاءِ کاهيون کوٽيون،
ڌڱن جي ڌونڌاڙ وڌا هي ڌارين ۾ ڏس ڌوڏا ڌوڏا.
ڪُهندا رهندا ڪو نه گُسندا، وڙهندا وڙهندا وڌندا
وڌندا.
پنهنجي ٻَل ۽ ٻَڌيءَ سان سي، ٻاهرين کي يپا ٻَڌندا
ايندا،
موٽڻ کي ٿا مهڻو ڄاڻن، مڙس مٿيرا موڏا موڏا.
ڀاڳيا پنهنجي ڀونءَ ۽ ڀيڻي، بزدل ٿي ڪيئن
ڀيلائيندا،
هي جي هيڏا ڀڙڳ ڏسين ٿو، تن کان ٻيڻا ڀڙڪائيندا،
تنگيا تن جا بيٺا آهن، هو ڏس تازي توڏا توڏا.
سوڍن ۽ ”سرويچن“ واري سنڌ سهاڳڻ راڻي رهندي،
ويڙهاڪن ۽ وريامن جي، ڌرتي راڄِ ڌڃاڻي رهندي،
جونجهارن سان جهيڙانديءَ ۾ غيرن کپندا گوڏا گوڏا.
عنايت بلوچ
غزل
هر بُرائي ٿي اسان وٽ سرس ساماڻي اچي،
هن بُري هن ڀنڀور ۾ هاڻي ڪو آرياڻي اچي.
هر طرف هُٻڪار سان واسيل وطن هو، اڄ مگر،
ٻهڪندڙ مکڙي به گلشن مان ٿي ڪوماڻي اچي!
مست موجن سان ڀريل هو، سو ويو سنڌو سُڪي،
مَنَ اُنهيءَ برپٽ مُٺي مهراڻ ۾ پاڻي اچي!
دوغلن، سياسي مدارين کي قطارن مان ڪڍو،
درد ڄاڻي ديس جا، سو سنڌ جو ساڻي اچي.
دشمنن جا داو هرگز ڪين ٿيندا ڪامياب،
سنڌ سوڀاري صدين کان، واهه واکاڻي اچي.
جوش ۽ جذبا نئين سِر باهه تي ٺپرائجن،
آڳڙيا آيا عنايت، هاڻ سانداڻي اچي.
تاج بلوچ
غزل
تنهنجا انداز ٿي چورايو وڃي چانڊوڪي،
تنهنجي پازيب جي ڇم ڇم تي نچي چانڊوڪي!
منهنجي ٻانهن ۾ جو توکي ئي ڏٺو هوندائين،
ويندي ويندي به وريو مون کي سڏي چانڊوڪي.
ڌُنڌ ۽ ماڪ جي آلاڻ تي مکڙيون مُرڪن،
تيئن تخليق کي مهڪايو ڇڏي چانڊوڪي.
جيئن ٿو اونده ۾ ڀٽائيءَ جو رسالو کوليان،
ڇانئجي سُرت جي مون تي ٿي وڃي چانڊوڪي.
دل جي مضراب کي ڇيڙي، ڪو لِڪي ويو آهي،
هن جي ڳولا ۾ ٿي مون ساڻ لُڇي چانڊوڪي.
ڪير آهي جو وريو وِرهه جون واٽون ڀَٽڪي،
مون ڏي مُرڪيو ٿي ستارن کان پُڇي چانڊوڪي.
هن اچڻ لاءِ ڏني سينڌ، ڪيو هو وعدو،
گڏجي مون ساڻ پئي واٽ تَڪي چانڊوڪي.
منهنجي ڀاڪر ۾ جڏهن آئي جواني هُن جي،
مون ڏي پاٻوه مان ڏسندي نه ٿَڪي چانڊوڪي.
’تاج‘ ’چانڊوڪي‘ ۽ ’چانڊوڪي‘ ڪيو ڪين ٿڪي،
هن سان هر وقت پئي ساڻ هلي چانڊوڪي.
”مُحسن“ ڪڪڙائي
غزل
اُف، قيامت وري ڪٿان آئي،
جهنگ ۾ هيءَ پَري ڪٿان آئي.
هُوءَ ته راڻي ٿيڻ جي لائق هُئي،
هن جي سر تي ڀَري ڪٿان ائي!
ڀرت جي بادشاه نينگر وٽ،
ڏات ايڏي کري ڪٿان آئي؟
جنڊ تي ٿي پئي اَٽو پِينهين،
ڳوٺڙن ۾ کَري ڪٿان آئي!
مُنهن جي گونگي پريت پَرکڻ لئه،
سمجهه تو وٽ چري، ڪٿان آئي؟
هاڻ تارا پيو ڳڻي ’مُحسن‘،
ننڊ هُن وٽ وري ڪٿان آئي!
”وفا“ ناٿن شاهي
غزل
ڏٺم تنهنجي بدن ۾ چؤدڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي،
ٻڌائي تو ڇڏيون مون کي پڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
نچي ٿو ٻين تي وجدان ۾ جيئن نانگ ڪاريهر،
صنم جي چيلهه تي نچيون سڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
زماني منهنجي فطرت ۽ طبيعت جو وٺي پاسو،
ڪيون ويساهه گهاتيون ۽ ٺڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
وئي پئي حُسن جي نشي ۾ هر دل کي لتاڙيندي،
ڏٺم هڪ مست مومل کي مڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
جڏهن هڪ پيار لاڏاڻو ڪيو ۽ گهوٽ رات آئي،
ڪٿي چوڙيون، ڪٿي دليون ڀڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
بهارن جي تبسم ۾ خوشي جا لُڙڪ ڍَلجي ويا،
سندس اسڪول جون گهنٽيون وڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
مچي ڪُهرام ويو سيني ۾ بلڪل ڪربلا وانگر،
دوناليون ديد جون دل ۾ لڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
وفا! جيئن ٻوڏ جا ماريل وڻن سان نانگ لڙڪن ٿا،
لڳيون هڪ زرد چهري تي چڳيون اهڙيون جو ڇا چئجي.
احمد خان ”مدهوش“
غزل
پاڻ پنهنجو سگهيس نه مان ڳولي،
پر تو ۾ نيٺ، تو وٽان ڳولي،
ڌار ناهيون، مگر بهاني سان،
روح کي روح ٿو اڃان ڳولي.
دل جو دل ۾ تلاش نه ڪريان،
توکي سگهبو ڀلا ڪٿان ڳولي؟
پيار جو دڳُ سنڌو اگر آهي،
پيچرا ڪوئي ڇو نوان ڳولي.
ٿو خدا ڀي ملي وڃي سامهون،
جيڪڏهن ڪو ڌيان سان ڳولي.
سُونهن جي بارگاهه کان ٻاهر،
ڪوئي مدهوش کي متان ڳولي.
نصير مرزا
ڇا هيءُ آ ننڍو کنڊ
هڪڙي اهڙي نگر منجهان مان لنگهيس رات،
خالي ۽ ڀڙڀانگ گهرن جا کُليل ها دروازا،
سڏ ڪيم ته پريان ڪٿان بس موٽيا سوين پڙاڏا،
تيز هوا ۾ وڻ لُڏيا پئي، پَن ڇڻا پئي،
ديوارن تي پاڇا تن جا ڀوت لڳا پئي،
مندر مسجد پويان هو هڪ وشال قبرستان،
ڳجهن جو ڳاهٽ لٿو پيو هو، جتي هُيو شمشان،
اڇا اڇا ڏند ڪڍي پئي اُڀ تي رُڪيو چنڊ،
دل ۾ آيو، رڙيون ڪريان، ڇا هي آ ننڍو کنڊ؟
ادل سومرو
غزل
نيڻ اوهان جي نيڻن ۾ جو اٽڪي پيا،
اُن کانپوءِ بس صدمن ۾ جو اٽڪي پيا.
وڇڙڻ ويلي ڪين مون توسان ڳالهايو،
لفظ نڙيءَ جي رستن ۾ جو اٽڪي پيا،
سالگره جو ميڙ لڳو پئي مصنوعي،
رشتا ناتا تحفن ۾ جو اٽڪي پيا،
ڪيڏا ٿي مايوس ويا هوُ کن پل ۾،
لغڙ ٻارن جا ڪنڊن ۾ جو اٽڪي پيا،
اُجڙيل دل جي ويراني ڪنهن ڪو نه ڏٺي،
خيال سڀن جا رنگن ۾ جو اٽڪي پيا،
ماڻهن تائين پهچن آخر ڪيئن ڀلا،
گيت اسان جا تمغن ۾ جو اٽڪي پيا،
مون ته اچڻ ٿي چاهيو تنهنجي شادي ۾،
تنهنجا واعدا پيرن ۾ جو اٽڪي پيا.
ڪنهن جي دل جو در کڙڪائي ڪين سگهيا.
خواب اسان جا پئسن ۾ ۾ جو اٽڪي پيا.
پکين وانگي اوچائين تي ڪين پڳا،
پيار اسان جا لفظن ۾ جو اٽڪي پيا.
ٻاهر ٿي برسات وسي سا ڪيئن پسون،
پنهنجا عقيدا حُجرن ۾ جو اٽڪي پيا.
اياز گل
غزل
سڄو ڏهاڙو وئي پيارا! بڻي بڻي ٿَڪبين!
تون پنهنجو پاڻ کي آخر وڻي وڻي ٿَڪبين!
ڪو هڪڙو ٻير به ڇڻندو نه، پيار جو هِن مان،
عجيب ٻير آ، پٿر هڻي هڻي تَڪَبين!
نه هُن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبارُ ڪڏهن،
قسم، قرآن ۽ ساکون کڻي کڻي ٿڪبين!
صبر سان گهاوَ، سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو؟
گهڙي گهڙي آهي نيزي – آڻي آڻي ٿڪبين!
صدين جي پياس کڻي، ٿر جيان رهيو آهين،
هي زندگي ته اَڇا ڀي ڪڻي ڪڻي ٿَڪبين؟
وري وري توکي ڦٽڻو آ، گُل آهين تون!
نٿو مان سمجهان ته پيارا، ڇڻي ڇڻي ٿَڪبين!
”سوز“ هالائي
غزل
چڙهيو چنڊ آ پر سُهائي نه آهي،
لڳو ٿو اڃا ويل آئي نه آهي.
وڏي واڪ واٽن تي واڪا ڪياسين،
مگر ڪنهن به وائي ورائي نه آهي.
سنجهي سان ئي سورٺ رڙي ۽ روئي ٿي،
اڃا تَند ٻيجل ٻُرائي نه آهي.
سو چارڻ نه چئبو، سُريلو نه سڏبو،
سُرن منجهه جنهن جي سچائي نه آهي.
گهڙي ترس محفل اڃا مست ٿيندي،
’جمن‘ شاهه جي وائي ڳائي نه آهي.
سڄي رات سُرندو به سُرندو ئي رهندو،
اگر تندُ تي بند ڪائي نه آهي.
قدر ”سوز“ ڪهڙو سُرن جو اُنهن کي،
جنين راڳ سان لنوءُ لڳائي نه آهي.
احمد سولنگي
غزل
لهرون، پکي، ڪنارا، ساحل وچارَ ۾ هن،
نيرا اَٿاهه ساگر تنهنجي نهارَ ۾ هن
ڪي زلف سرڪشيءَ ۾ زنجير ٿي پون ٿا،
ڪيئي سنگين گهيرا ٻانهن جي هارَ ۾ هن.
موسم جون مهربانيون، هُرنديون رهيون هوا ۾،
گهر جون ڳالهيون اوهان لئه مهڪيون بهار ۾ هن.
ڏي جهول ۾ گلابي انمول گل اسان کي،
تو ئي گلاب پوکيا پنهنجي خمار ۾ هن.
ڪنهن چنڊ جي تمنا پاڳل ڪيو اسان کي،
ڪي رات جا ستارا پنهنجي پچار ۾ هن.
مقصود گل
غزل
اسان جي زندگي توساڻ ئي آ زندگي جانان،
سوا تنهنجي اسان وٽ ڪو نه آئي ڪا خوشي جانان،
جيئن سج جي سهاري، چنڊ مُرڪي ٿو گگن تي پيو،
تيئن محتاج تنهنجي آ، اسان جي هر خوشي جانان،
اسان جي دل جي ڌڙڪن جو سڄو دارومدار آهين،
ڏسن ٿا نيڻ جنهن ۾، تون اُها آن روشني جانان،
سوا تُنهنجي اسان، بي آب سنڌوءَ وانگيان آهيون،
اچين ٿو تون ته ٻهڪي ٿي پوي پئي هر گهڙي جانان،
اسان جي ڏات، تنهنجي ذات مان اُتساهه ماڻي ٿي،
ڏسي تنهنجون غزل اکڙيون نچي ٿي شاعري جانان،
ويا سڀ عڪس اڻمِٽ نقش ٿي، تنهنجي ادائن جا.
اچي ڏس تون اسان جي دل سندي او درسني جانان.
گلن جا واس پائي پاند ۾ تو وٽ کڻي آئي.
هوا تنهنجي ڪري ٿي چاهه مان پئي چاڪري جانان،
اسان پيئندا ته آهيون پر نظر دل جي ڪٽورن مان،
ملي جي چار ٿيون اکڙيون، اسان لئه عيد ٿي جانان.
اسان جو تون رڪوع آهين، قيام آهين ۽ سجدو آن،
سوا تنهنجي سڄي بيروح ٿيندي بندگي جانان.
برابر آهي سهڻو پر، برابر تنهنجو ڪاٿي آ،
گهري گل تنهنجي چپڙن کان وتي آ تازگي جانان.
طارق عالم ابڙو
منهنجي دل
او – منهنجي دل ڪٿي آهين…؟
اچي تون مِل، ڪٿي آهين…؟
اُفق، شامون، اڪيلو مان،
وسي بادل، ڪٿي آهين…؟
ڪڪوريل لام تي ويهي ڪري،
ڳائي پئي ڪوئل،
اُهو درياءُ، نه آهين تون،
اُهائي پُل، ڪٿي آهين…؟
تصور جا کُليا تاڪيا، سڀئي منظر،
ٿيا رلمل،
بسنتي رات جي ٿڌڙي هوا سان،
وار کولي گهُل،
ڪٿي آهين…؟
بتيلو آ ٻٻرُ هيٺان،
ڪنڌي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل،
وهي درياءَ پيو ماٺو،
مٿان تارن سندي جهلمل،
ڪٿي آهين…؟
گهليا هاسون، وُٺا هاسون،
هوائن جان، گهٽائن جان،
اُهي راهون، ٺهي ٻانهون
ورائي روح منهنجي کي ويون آهن،
ڪٿي آهين…؟
چون ٿا، زندگي ڀي بندگي وانگر،
مقدس ۽ حسين آهي،
خدا جي خلقيل ماه لقاء ۽
مه جبين جهڙي مقدس پُرتقدس آ
مڃان ٿو مان، کڻي هوندي،
مگر توکان سوا، او – دل،
جيئي پيو جاڙ هِي بسمل،
ڪٿي آهين – ڪٿي آهين، ڪٿي…!
وسيم سومرو
غزل
جر مٿان جرڪي،
سج جي سوني روشني.
ڄڻ ته سُرن جي جهانءِ ٿي، ڪونج پئي ڪرڪي،
سج جي سوني روشني.
هيرون لهرين تي لُڏن، جهنڊين جيئن ڦرڪي،
سج جي سوني روشني.
نيري رنگ ۾ ريشمي، ساڙهي ٿي جهرڪي،
سج جي سوني روشني.
مند متان آڙاه ٿي، يار متان ڄرڪي،
سج جي سوني روشني.
علي آڪاش
نظم
ڪيترو رُلي سگهندين؟
بي قرار جيونڙا!
پر سڪون موجن سان
آءُ اڄ ستارن تي
ٿورڙو سمهي رهجي
رات تون نڀاڳي آن
پيچرا نگاهن جا
ڪيترا وڃايا ٿئي
پو به تنهنجي وارن تي
ٿورڙو سمهي رهجي
بيهه يار جوڳيئڙا!
توڻي تنهنجو منڪر هان
پو به دل پشوريءَ لئه
تنهنجي ڍونگ ڍارن تي
ٿورڙو سمهي رهجي
اڄ وسي رهيو آهي
حسن برفباري جان
اچ، ڄمي وڃڻ کان اڳ
عشق جي اڱارن تي
ٿورڙو سمهي رهجي.
ايوب کوسو
غزل
صدين کان هن اُماس ۾،
آ زندگي ڪنهن آس ۾.
مُکن جون سانوڻيون لُٽيل،
نظر نظر هراس ۾.
وفا جا موتي ڳولجان،
تون ماڻهو هر اُداس ۾.
اڃا ٿو چنڊ جاڳي ڏس،
الئه جي ڪهڙي آس ۾.
سچ خواب جهڙي ٿي لڳين،
اِنهي اَڇي لباس ۾.
اسان غمن ۾ گهاريو،
اوهان جي آس پاس ۾.
منير سولنگي
غزل
سارا سهڻا سارن توکي ريسون ڪن رابيل،
توبن ڍولڻ هتڙي ناهن ڪنهن سان ڀي ڪي ميل،
ساوڻ آيو، پن ڇڻ آئي، آئي مند بهار،
ڪين آئين تون، سال لنگهي ويا دردن لاتي ڀيل،
منهنجا جاني، منهنجا سانول وهلو ور تون هاڻ،
ماري نيندا، ڪين ڇڏيندا، سور سوايا سيل،
برکا رت جي باک ڦٽيءَ جو، مون کان وڇڙين ڍول،
توکي ساري هنجون هاريان، قسمت جا هي کيل،
جيون جي هن رڻ پٽ ۾ بس تنهنجو آٿت آهه،
هيکل ساجن ڪهڙا ٿيندا تو بن تيل ڦليل.
”گل“ ٽکڙائي
غزل
جيون تند ٻُرائي ويٺو،
پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ويٺو.
آشائن کي اُلڪو آهي،
وقت گهڻو ڌمڪائي ويٺو.
جاڳرتا تي پهرا آهن،
راهون عشق وڄائي ويٺو.
دور هليا ويا سپنا سارا،
عشق رڳو تڙپائي ويٺو.
ڪيڏو پاڳل ڇورو آهي،
گيت گهٽين ۾ ڳائي ويٺو.
چين سموڪنگ بند آ ڪمرو،
ڪنهن جو درد جڳائي ويٺو.
ميز تي ڪاڳر جيڪي رکيل،
سارا واءُ اُڏائي ويٺو.
موڳا سوڳا جذبا آهن،
تن کي درد رلائي ويٺو.
پاڳل ٿي ڄڻ گل ويو آ،
تنهن کي ڪو سمجهائي ويٺو.
مختار گهمرو
غزل
ڏٺو جو چاهه، چاه سان ته چاه ٿي ويو،
هيو جو ڀاڳ بي نوا، سو شاهه ٿي ويو.
نکار نينهن جو اچي ويو حيات ۾،
۽ پيار پنهنجو پاڻ سان اٿاهه ٿي ويو.
وڇال سوچ لوڇ ۾ ولوڙ وئي وڌي،
سڪون انتظار ۾ تباهه ٿي ويو،
غرور ناز ٿو ٺهي سدائين سونهن کي،
نياز درد عشق سان نباهه ٿي ويو.
اجايو ڳول ڦول ۾ رڌل رهين پيو،
هو ساهه ۾ سمائجي ۽ ساهه ٿي ويو.
گناهه پاڻ جو ڪري ثواب ٿي پوي،
ثواب مون ڪيو ته سو گناهه ٿي ويو.
اُٻاڻڪو اُٻاڻڪو ٿو ساهه پيو کڄي،
سواءَ تنهنجي عيد ڏڻ تباهه ٿي ويو.
نه اختيار ٿو رهي ڪو ”مختيار“ کي،
نظر اڳيان جو سونهن جو سپاهه ٿي ويو.
بشير احمد شاد
غزل
تنهنجي مُرڪڻ ماري آهي،
ڦاٿي دل ويچاري آهي.
اندر جي هر موسم اُجري،
هر ڪا موسم پياري آهي.
صحرائن ۾ سڏ پڙاڏا،
رات به ڏاڍي ڪاري آهي.
سونهن سندو سرچشمو تون ئي،
باقي سونهن اُڌاري آهي.
هر هڪ آڏو جهول جهلي ٿي،
قسمت جي ڪا ماري آهي.
دل وارن جا دشمن جيڪي،
تن جي قسمت ڪاري آهي.
جيون اهڙي ريت وَهي ويو،
ٻُڪ اندر جئن واري آهي.
اکڙين جي ساغر مان پيتم،
مدهوشي ٿي طاري آهي.
ڪاڇي ۾ ٿيون ڪونجان ڪڻڪن،
ميرو مَنَ جو ماري آهي.
وعدن تي ويساهه ڪري مون،
ساري عمر گذاري آهي.
احمد ٽالپر
غزل
ممڪن آ ٽُٽل چيز ڪا ٻيهر ٺهي وڃي،
جُڙندي ناهي ڪڏهن جا دل هيڪر ڊهي وڃي.
دنيا جو ڪو به درد آ سؤلو سهڻ مگر،
ڪا دل ڏُکي آ ڳالهه جدائي سهي وڃي.
ايڏي نه لاءِ دير اچڻ ۾ مٺا متان،
جيون جي آڱرين مان جواني وهي وڃي.
تنها اُداس تن من تڙپي ٿو تئونس ۾،
هڪ رات پيا کي سکي! چئجان رهي وڃي.
جيون جي لڙي شام وئي اوسيئڙا ڪندي،
”احمد“ آ متان آس جو سورج لهي وڃي. |