سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2.3/ 2003ع

مضمون

صفحو :24

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جناب مظهرالحق صديقي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”حميد جي هڪ خاص خوبي اِها آهي ته هُو لاڳيتو لکندو رهي ٿو. در حقيقت، اديب جي شانائتي فرض ادائي به اِها ئي آهي. معاشري ۾ ايندڙ لاهين چڙهين کي اديبن جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ حميد اهڙن سلسلن کي سهڻي انداز سان بيان ڪندو رهي ٿو، جو سندس لکتن سان اُهي حقيقتون دل ۾ لهي وڃن ٿيون“. هن چيو ته ”اديبن کي گهرجي ته هو لکندا رهن، جو معاشري کي سندن تحريرن جي َضرورت آهي.“

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي چيو ته ”ڪهاڻين جي دنيا ڏاڍي مزيدار آهي ۽ حميد پنهنجن افسانن ۾ انهيءَ دنيا کي وڌيڪ رنگبرنگي ڪري اُن کي نهايت پهلودار بڻايو آهي.“

ڊاڪٽر اسد جمال پلي چيو ته ”حميد کي ڪهاڻي جي سماجي ڪارج جي ڀليءَ ڀت خبر آهي، ان ڪري سنڌي سماج جي عڪاسي حميد جي فن ۾ اُتم درجي تي نظر اچي ٿي.“

محترمه ماهتاب محبوب چيو ته ”ماڻهو چوندا آهن ته حميد هميشه سڻڀن عهدن تي رهيو آهي پر عهدن ماڻڻ کانپوءِ به هُو ساڳيو ئي رهيو آهي. ڪڏهن به سندس مزاج ۾ فرق ڪو نه آيو آهي. هُو جيئڻ جو فن ڄاڻي ٿو. لاڳيتو ڪهاڻيون لکڻ سندس اورچائي جو دليل آهي.“

جناب رسول بخش پليجي چيو ته ”حميد سنڌي ڪهاڻين ۾ سٺا ڪردار پيدا ڪيا آهن، جن مون کي متاثر ڪيو آهي.“

مسٽر ولي رام ولڀ چيو ته ”حميد پنهنجي همه گير شخصيت وسيلي ڪاميابي ماڻڻ وارو ڪهاڻيڪار آهي. هو اٺن سالن تائين ”روح رهاڻ، ڪڍندو رهيو ۽ اُن جا جشن ملهائيندو رهيو ۽ زندگي پبليڪيشن وسيلي ادبي ڪتاب شايع ڪندو رهيو، پر سندس ڪهاڻيڪار وارو رخ سڀني کان سگهارو آهي، سندس ڪهاڻين جا ڪردار سندس ماضيءَ جي يادن جا اولڙا آهن ۽ درد ۽ غم ۾ ويڙهيل آهن.“

مسٽر غلام نبي مغل چيو ته ”حميد جي پراڻن ڪردارن جا تسلسل سندس هاڻوڪين ڪهاڻين ۾ به موجود آهن. هن دؤر ۾ اديب کي لکڻو به آهي، پڙهائڻو به آهي ۽ عمل به ڪرائڻو آهي. هي ڪتاب ڏکويل ۽ سڪايل ڪردارن جو مجموعو آهي، جن جي زندگي ۾وارداتون آهن.“

مسٽر تاج بلوچ چيو ته ”ادب جا ٻه قدر آهن: هڪڙا مستقل ۽ ٻيا هنگامي. ليکڪ جو بنيادي ڪم آهي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ اهو فرض حميد احسن طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي. ’مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ‘ سندس جذبن ۽ اُڌمن جي ڪهاڻي آهي، جا هجرت جي موضوع تي لکيل آهي.“

خانزاه سميع الوري چيو ته ”مان سنڌي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهان ٿو. حميد ۽ سندس خاندان سان اسان جا ديرينه واسطا آهن ۽ پاڻ حيدرآباد ۾ پري هوندي به نوشهروفيروز ۾ اسان جي علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ڪارگذارين جي سرپرستي ڪندو رهندو آهي.“

مسٽر امداد حسيني چيو ته حميد سنڌي ادب جي ’سونهري دؤر‘ جو ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار آهي. حميد جي ڪهاڻي ۾ موه هجڻ جو سبب اشفاق قاضي ۽ خواجه سليم جون مٿس تنقيدون آهن. حميد جو ڪهاڻي مان موه ختم ڪو نه ٿيو آهي، پر وڌيو آهي. اثرائتي ڪهاڻي اُها آهي، جا سوچڻ تي مجبور ڪري.“

سيڪريٽري ثقافت جناب گل محمد عمراڻي چيو ته ”مان روح رهاڻ جو مستقل قاري رهيو آهيان. هن رسالي ايوب خان جي زماني ۾ ادبي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مان روح رهاڻ جي ڪردار تي حميد سنڌي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ثقافت کاتي طرفان بزم روح رهاڻ ٻين سان سهڪار جاري رهندو. سنڌ جي تخليقي ادب جي ترويج لاءِ اسان کاتي طرفان هڪ لک رپيا مخصوص ڪنداسين ۽ سنڌي ۾ بهترين ڪهاڻين، ناول ۽ ڊرامي تي اسان انعام ڏينداسين.“

مسٽر قمر شهباز چيو ته، ”شخصيتون اسان جي ڪمزوري رهي آهي ۽ رهندي. اسان وٽ ٻين کان مختلف ٿيڻ به هيرو ورشپ جو هڪ سبب آهي. سنڌي ٻولي جي اڻٿڪ ليکڪ حميد سنڌي جا ٻه وجود آهن ۽ هر وجود جا ٻه جنم نظر ايندا. حميد پُراثر ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي، جنهن سياسي ۽ سماجي حالتن هيٺ لکيو آهي. ’دردوندي جو ديس‘ ۽ ٻيون هاڻوڪيون ڪهاڻيون حميد کي هر دلعزيز بنائين ٿيون. هو دل کولي پڙهندڙ آڏو پيش ٿيو آهي.“

سائين محمد ابراهيم جويي چيو ته، ”حميد جي هن ڪتاب ”دردونديءَ جو ديس“ ۾ هڪ افسانو ’خودڪشيءَ جو رومانس‘ مون کي ڏاڍو وڻيو. ’ڇت ۾ لڳل گولي‘ ۽ ”دردونديءَ جو ديس“ ڪهاڻيون به دل کي ڇُهندڙ آهن. ”دردونديءَ جو ديس“ هڪ علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پڻ سنڌ جي ڳالهه ڪيل آهي،  جو هڪ عورت جو ڪردار آهي، انهن ڪهاڻين جا ترجما ڪيا وڃن ته اِهي عالمي ادبي مڃتا ماڻي سگهن ٿا.“

جويي صاحب چيو ته، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جو هڪ املهه سرمايو آهي، جنهن کي ڪنهن پراجيڪٽ هيٺ سهيڙي، سيريز طور ڇپرائي محفوظ ڪرڻ کپي.“

هن چيو ته سائين جي ايم سيد تحسين لائق آهي، جنهن سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو، جنهن سنڌي ادب جي خدمت ۾ مثالي ڪم ڪيو آهي.

تقريب جي ڪمپيئرنگ نصير مرزا پنهنجي روايتي روح پرور انداز سان هلائي. شروع ۾ بزم روح رهاڻ جي جنرل سيڪريٽري پرواني ڀٽي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي، بزم جي ادبي ڪاوشن جو تذڪرو ڪيو. آخر ۾ حميد سنڌيءَ سمورن مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. – ن. ا. ش

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسي

”قليچ سنگت“ 3- جولاءِ 2003ع تي شام جو سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي 74هين ورسيءَ جي تقريب جو اهتمام ڪيو. ”قليچ سنگت“ 1986ع کان وٺي (۽ اُن کان به اڳ 1964ع کان وٺي ”لطيفي لٽرري سوسائٽي“ پاران) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ياد ۾ باوقار تقريبن جو اهتمام ڪندي رهي ٿي. اِن طرح شمس العلماء جي شخصيت ۽ سندس ادبي ڪارنامن تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ ”انٽرنيشنل قليچ ڪانفرنس“ به منعقد ڪئي وئي هئي.

مذڪوره تقريب جي شروعات ”قليچ سنگت“ جي ’قليچ ٻالڪ سڀا‘ جي دل کي ڇُهندڙ گيت: ”قرب ڪري پير ڀري اڄ آيا مهمان“ سان ٿي. گلڙن جهڙن ٻارن مخصوص سنڌي ثقافتي ويس وڳن ۾ اسٽيج تي اچي آيل مهمانن تي گلن جي ورکا ڪئي.

قرآن شريف جي تلاوت ۽ نعت مقبول رسول ﷺ پڙهڻ لاءِ پروفيسر محمد حبيب بيگ مرزا کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جڏهن ته مرزا نادر بيگ مرزا قليچ بيگ جي لکيل حمد شريف پڙهي.

هن تقريب جي صدارت سنڌ جي برک ڏاهي، عالم ۽ اديب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين محترم ابراهيم جويي ڪئي. مکيه مهمان سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو صوبائي وزير محترم شبير قائمي هو ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي تقريب جو اعزازي مکيه مهمان هو.

مقالن ۽ تقريرن جي نشست ۾ ڊاڪٽر تهمينه مفتي، مرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ جو حوالو ڏيندي چيو ته ”هي ناول اُن دور جي سنڌي سماج جي حالتن جو مثالي ترجمان آهي“. پروفيسر صاحبه جو چوڻ هو ته ”جتي ادب جي ٻين صنفن جي سڀ کان پهرين شروعات مرزا صاحب ڪئي، اُتي سڀ کان پهريون ناول به مرزا صاحب ئي لکيو. ”پروفيسر مفتي صاحبه کي پروفيسر نائلا سمي جي هٿان سنڌ جي سوکڙي ’اجرڪ‘ اوڍائي ويئي.

نامياري ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل چيو ته ”قليچ اسان سڀني ليکڪن جو امام آهي. هو اسان لاءِ مستقل مشعل راهه آهي. جيستائين سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ادب رهندا، تيستائين مرزا قليچ بيگ جو نالو روشن رهندو“. هُن نون سنڌين تي زور ڀريو ته اُهي سنڌي ٻولي سکن ۽ سنڌي ثقافت کي پنهنجو ڪن. مغل صاحب کي محسن جويي اجرڪ جي سوکڙي پيش ڪئي.

پروفيسر سيد قوي احمد چيو ته ”اسان کي مرزا قليچ بيگ جي نقش قدم تي هلي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ گهرجي. “ پروفيسر صاحب کي قليچ سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري شمس سومري اجرڪ اوڍائي.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو چوڻ هو ته ”مرزا قليچ بيگ باباءِ ناٽڪ نويسي هو. هن نه صرف ٻين ٻولين تان بهترين ناٽڪ ترجمو ڪيا، پر پاڻ اصلوڪا ناٽڪ پڻ لکيا، جن ۾ ’ليلى مجنون‘ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون اصلوڪو ناٽڪ آهي“. ڊاڪٽر صديقي کي اجرڪ اوڍائڻ لاءِ قليچ سنگت جو پريس سيڪريٽري سليم چنا آيو.

قليچ جي وڏي فرزند الحاج مرزا اسد بيگ جي فرزند ڊاڪٽر اعجاز علي بيگ مرزا قليچ جي زندگي ۽ خدمتن تي هڪ جامع تقرير ڪئي، جنهن تي کيس سامعين پاران ڏاڍو داد مليو. هن چيو ته ”مرزا قليچ بيگ مختلف ٻولين ۾ ڪتاب لکيا آهن، جن جو تعداد 457 آهي. هن آخر دم تائين قلم جو ساٿ نه ڇڏيو. وقت جي بي قدري سبب مرزا قليچ يبگ کي اُهو مان ڪو نه مليو آهي، جيڪو سندس حق آهي ۽ جيڪو کيس ملڻ کپي. سندس لکيل ڪتابن کي ڇپائڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ گهرجن. ”هن قليچ لئبرريءَ کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ هن سنڌي ادبي بورڊ کي تحسين ڏني، جنهن شمس العلماء جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ڪيا آهن؛ (جيتوڻيڪ اڃا به ڪيترا رهيل آهن). اعجاز علي بيگ مرزا کي راشد بلوچ اجرڪ اوڍائي.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو چوڻ هو ته ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب ۾ ترقي پسندانه ۽ سائنسي سوچ اختيار ڪئي. هو ڌارين ٻولين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي اهميت ۾ اعتبار رکندو هو.“

مکيه مهمان جي حيثيت ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير محترم شبير احمد قائمي چيو ته ”اسين سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا آهيون. اسين سنڌي ثقافت ۾ ضم ٿي چڪا آهيون، جنهن لاءِ اسان کي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته قليچ جي مٺي سنڌي ٻولي اسين وڏي شوق سان سکي رهيا آهيون. هن چيو ته مرزا قليچ بيگ سنڌ جو عظيم اديب هو، پر افسوس ته اُن کي سرڪاري سطح تي مناسب مڃتا ملي نه سگهي آهي. سندس نالي سان ڪو به ادارو يا روڊ منسوب نه ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي ’اوپن ايئر ٿيٽر‘ کي قليچ جي نالي سان منسوب ڪرائڻ جي هُو ڪوشش ڪندو.“

آخر ۾ تقريب جي صدر سائين محمد ابراهيم جويي چيو ته ”قليچ سنڌي نثر جو شاهه لطيف آهي.

قليچ اسان لاءِ اڻويهين صديءَ جو هڪ وڏو معجزو آهي. اسان وٽ نصابي بي ڌياني سبب قليچ کي گهربل مڃتا ملي نه سگهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ پاڻ قليچ جا اٽڪل پنجاهه کن ڪتاب ڇپرايا هئائين.“

تقريرن ۽ مقالن واري نشست کانپوءِ تمثيلي رس رهاڻ شروع ٿي، جنهن جي شروعات ’قليچ ٻالڪ سڀا‘ جي ٻارڙن هڪ ٽئبلو سان ڪئي. اُن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون منظوم ناٽڪ ”ليلى مجنون“ (اوپيرا) قليچ سنگت جي نائب صدر زيب نظاماڻيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي ڏسندڙن تمام گهڻو داد ڏنو.

پڄاڻيءَ تي سائين محمد ابراهيم جويي ۽ محترم شبير احمد قائمي ٻارڙن کي ٽرافيون انعام طور ڏنيون. هن تقريب ۾ مقررين ۽ مقاله نويسن توڙي معزز مهمانن کي اجرڪن ۽ گلدستن جي تحفن ڏيڻ جي روايت وڌي وئي. قليچ سنگت کي اجرڪن جا تحفا ”ماڻڪ موتي تنظيم“ جي روح روان محترم محمد عثمان منگيءَ کان مليا هئا ۽ گلدستن جا تحفا سنڌ جي اسپورٽس ڊائريڪٽر محترم الياس قائمخاني پاران موڪليا ويا هئا.

تقريب جي آخر ۾ قليچ سنگت جي صدر نثار حسيني صاحب آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين محترم غلام رباني آگري جو پيغام پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پنهنجيءَ گهرواريءَ جي طبيعت جي ناسازيءَ ڪري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جي معذرت ڪئي هئي. پر، ٽماهي ”مهراڻ“ جي ايندڙ شماري کي ”قليچ بيگ نمبر“ ڪري شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

هيءَ تقريب رات جو هڪ وڳي پڄاڻيءَ تي پهتي. انهيءَ جي ڪارروائي قليچ سنگت جي صدر نثار حسيني ۽ نائب صدر زيب نظاماڻي گڏجي هلائي.

سنڌ جي معروف لوڪ فنڪاره

جيجي زرينه بلوچ سان هڪ شام

 

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد هر سال 17 آگسٽ تي پنهنجي سالگره ملهائيندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب فخر بلوچ ريڊيو تي شروع واري زماني کان وٺي لاڳيتو مثالي خدمتون سرانجام ڏيڻ وارين مانوارين شخصيتن، اديبن، شاعرن 7 فنڪارن سان شام ملهائڻ جا پروگرام ترتيب ڏنا آهن. انهيءَ سلسلي م تازو 28 جون تي سنڌ جي هردلعزيز ۽ معروف لوڪ فنڪاره، جيجي زرينه بلوچ سان، موسيقي جي ميدان ۾ سندس ڪيل يادگار ۽ تاريخي خدمتن جي مڃتا طور هڪ سُريلي شام ملهائي وئي. انهيءَ محفل ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شعبي موسيقي سان تعلق رکندڙ سينئر ۽ جونيئر لوڪ فنڪارائن جيجيءَ جي ڳايل لوڪ گيتن ۽ سهرن کي ڳائي، کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آخر ۾ جيجي زرينه پاڻ ڪجهه گيت پيش ڪري محفل کي يادگار بنايو. جن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، تن ۾ امينه صادق، زينت صديقي، صنم ماروي، ثمينه گل سمون، حميرا سارنگ، ديبا ڪنول، نغمه ڪنول، فرح شاهين ۽ ثريا سومرو شامل آهن. انهيءَ رنگا رنگي محفل موسيقي ۾ حيدرآباد شهر جي معروف علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب فخر بلوچ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڏني ۽ جيجي زرينه بلوچ کي موسيقي جي شعبي ۾ شاندار خدمتن سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ کيس ”مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ“ پڻ ڏنو. تقريب جي آخر ۾ جيجي زرينه پنهنجي اعزاز ۾ اهڙي پروقار تقريب منعقد ڪرڻ تي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي روح پرور ثقافتي رنگن سان ترتيب ڏنل موسيقي جي اِنهيءَ دلپذير محفل کي پروگرام مئنيجر نصير مرزا جي نگراني ۾ پروڊيوسر گلزار ملاح پيش ڪيو. نامور ادبي، علمي ۽ ثقافتي شخصيتن: حميد سنڌي، ڄام ساقي، پرواني ڀٽي، تاج جويي، زيب سنڌي، نثار حسيني، زيب نظاماڻي، ارم محبوب، زمر محبوب، صديق جلباڻي، سهيل ابڙي، گل ڪونڌر، سلمى پنهور، نجمه پنهور، بختاور ڄام، فريده شيخ، ڊاڪٽر محمد اقبال ڀنگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

پڙهندڙن جا خط

مسٽر منظور حسين قريشيءَ ڪمشنر انڪم ٽئڪس، ڪراچي، 2 جولاءِ 2003ع تي ايڊيٽر ”مهراڻ“ ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو آهي، جنهن ۾ ”مهراڻ“ جي گذريل پرچي ۾ عالم اسلام جي ممتاز عالم ڊاڪٽر حميدالله جي رحلت بابت ڇپيل تعزيتي نوٽ جي حوالي سان وضاحت ڪئي اٿس ته ”موصوف حضور ﷺ جن جي سيرت مبارڪ تي فرينچ زبان ۾ جيڪو ڪتاب لکيو هو، تنهن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿي ويو هو ۽ ترجمي جو مسودو ڊاڪٽر محمود احمد غازيءَ ايڊٽ ڪيو هو، جو اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد 1998ع ۾ ”The Life and Works of Prophet of Islam“ نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي.“

اسان هن مفيد معلومات لاءِ قريشي صاحب جا نهايت شڪرگذار آهيون.

ڊاڪٽر محمد حميدالله حيدراباد دکن جو ويٺل هو، سڄي عمر اسلامي علوم، خاص طرح حضور پيغمبر ﷺ جي سيرت جو مطالعو ڪندو رهيو. چاليهه سال اڳ Muhammad Rasulullah [P.B.U.H] نالي سان هڪ سٺو ڪتاب لکيائين. پوءِ فرانس هليو ويو ۽ سڄي عمر پئرس ۾ رهيو. زندگي جي آخر م ’سيرت‘ تي فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيائين، جيڪو ماريتانيا ۾ ڇپيو. ڪتاب جو پهريون ترجمو ترڪي زبان ۾ ٿيو، جنهن جا هاڻي چار ڇاپا نڪري چڪا آهن. بوسنيا ۾، پهريون ترجمو سن 1977ع ۾ زغرب مان شايع ٿيو. عربي ترجمو شروع ٿيو آهي، پر اڃا مڪمل ڪو نه ٿيو آهي. پاڪستان ۾ اُن جا انگريزي ۽ اردو ترجما ٿي رهيا هئا، ته مرحوم حڪيم محمد سعيد هڪ موقعي تي تشويش جو اظهار ڪيو ته ”ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي اشاعت جي ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي، ڇو ته ان جو نگرانُ، نامور عالم ڊاڪٽر رضي الدين صديقي (سابق وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي) وفات ڪري ويو آهي.“ ڊاڪٽر حميدالله جي مسٽر غلام رباني آگري ۽ حڪيم محمد سعيد مرحوم سان خط وڪتابت هوندي هئي، پر پئرس ۾ آپريشن کانپوءِ ڌيڻس آمريڪا کڻائي ويس، ته ٻنهي ڄڻن کي اطلاع ڏنائين ته ”بابا، هاڻي ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو آهي، جو خط جو جواب لکڻ کان به معذور آهي. سلام موڪلي ٿو. دعا ڪريوس“.

قريشي صاحب جي خط پهچڻ تي، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ”انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ريسرچ اسلام آباد“ سان رابطو قائم ڪيو. اداري جي ڊائريڪٽر پبليڪيشن لکي موڪليو ته ”فرينچ ڪتاب جو انگريزي ترجمو برابر ٻن جلدن ۾ لاهور ۾ ڇپيو آهي، پر اسان وٽ في الحال اُنهيءَ جو پهريون جلد وڪري لاءِ موجود آهي، جيڪو موڪلي رهيا آهيون.“ - - هت اسان انهيءَ ئي جلد جو عڪس ڏئي رهيا آهيون. انشاء الله اُن جو سنڌي ترجمو به سنڌي ادبي بورڊ طرفان پوري پوري احترام سان شايع ڪيو ويندو. سنڌ جي چيف منسٽر سردار علي محمد خان مهر به بورڊ کي هن ڪم لاءِ دعائون ڏنيون آهن.

موجوده دؤر ۾، ڊاڪٽر حميدالله جي زبان يا قلم مان نڪتل لفظ حضور پيغمبر  (Authority) جي حيثيت رکي ٿو. سو، سنڌي زبان ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ۽ اشاعت قابل قدر ڳالهه ٿيندي. – ادارو.

محترم غلام رباني آگرا

السلام عليڪم: ميل ملاقات کي ورهيه ٿي ويا آهن. شايد 1975ع جو سال هو، جو اوهان پنهنجي والد بزرگوار چاچي عبداللطيف کي علاج لاءِ حيدرآباد جي ”بليئر ڪلينڪ“ ۾ داخل ڪرايو هو. تڏهن جويو صاحب، مرحوم برادرم ڪريم صاحب، اوهان ۽ منهنجون ڏاڍيون ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون.

تازو، اوهان جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ مليم، پڙهيم ۽ ڏاڍو وڻيم. اِهو ئي ڪتاب آهي، جنهن جو مقدمو مون بار بار پڙهيو آهي، ۽ هر وار نوان نڪتا نروار ٿيا آهن. مان حساس دل ماڻهو آهيان، ٻئي جو سُور سَهڻ مشڪل لڳندو اٿم. ڪتاب جي مضمونن ۾ سالڪ مرحوم وارو مضمون پڙهندي بي اختيار روئي ڏنم. توهان پنهنجو ٻيو ڪو به ڪتاب ڇپايو هجي ته V.P. ڪيو. دعا آهي، ته خدا شال خوش رکيو، جو هميشہ سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهو.

توهان ۽ سائين حسام الدين شاهه راشديءَ کان سواءِ مائي شمل جي فاتحہ هاڻي ڪنهن سان ڪجي؟ سائين ته مائي صاحبه کان اڳ ئي هي جهان ڇڏي ويو. مائي شمل سان هتي آيو هو. عمرڪوٽ جي قلعي ۾ سندن ماني ڪئي هئيسون، جنهن ۾ ٿر جو ڏُٿ به رکيل هو.

ولي محمد وفا پلي

عمرڪوٽ

محترم غلام رباني آگرا

السلام عليڪم: آئون سٺيو (س ٺ ي و) ذات تي مضمون لکي رهيو آهيان. منهنجو خيال آهي ته سٺيو ذات ”سٿين“ قوم جي باقيات آهي. سٿين Scythiains قوم مان سٺين، سَٺيو، سٺيا ذات ٺهي. اهو به گمان اٿم ته اُن کانسواءِ سَٺيو، سيٺارجو، سيٺر، سيٺار هڪ ئي ذات آهن. علائقائي مفاصلن جي ڪري لهجن ۾ ڪجهه ڦير ڦار ٿي آهي. اُتر سنڌ ۾ ٻرڙا ذات ۽ سٺيو ذات جو پاڙو به ”سٺيو“ آهي.

”سٺيو“ ذات جا ماڻهو ٽنڊي محمد خان، سجاول، ٻُهارا، ساڪري، احمد آباد، گجرات، راجستان، چين ۽ روس ۾ به آهن.

مون ۾ ايترو علم نه آهي جو هن اهم تحقيقي ڪم کي توڙ تائين پهچايان، ان ڪري سنڌ جي عالمن کي عرض ڪيو اٿم. مختلف عالمن مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي. - - اوهان کي خاص عرض هيءُ آهي ته سنڌ جي ذاتين تي ڪو ڪتاب سُجهي، ته ڏسيو. - - والسلام.

اُميد علي سٺيو

معرفت: قيمت سنڌي، اناج منڊي،

پوسٽ آفيس ٽنڊو محمد خان.

ادا سائين،

اوهان جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، اُهو اهم ۽ دلچسپ آهي. خدا ڪندو ته اوهان کي ڪاميابي ٿيندي.

1-        شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌ جي قديم شهرن ۽ ماڻهن تي هڪ ڪتاب لکيو آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. پڙهڻ کپي.

2-       انگريزن پنهنجيءَ حڪومت (1843ع – 1947ع) ۾ سنڌ جي ذاتين تي تحقيق ڏانهن توجهه ڏنو هو. شڪارپور جو شيخ صادق علي انصاري نالي هڪ سرڪاري عملدار هو، جنهن سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي بلوچي قبيلن تي رپورٽ ٺاهي سنڌ سرڪار کي موڪلي هئي. انگريزن کيس ئي سنڌ جي ذاتين تي ڪتاب تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ۽ صوبي جي سمورن ضلعن جي ڪليڪٽرن کي سندس مدد ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائون. اُهو ڪتاب سن 1901ع ۾ ڇپيو. - - 1947ع ۾ انگريز اسان وٽان هليا ويا.

سن 1951ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٺهيو، ته اُن جي نائب صدر سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي ذاتين تي ڪتاب شايع ڪرڻ جو شوق ٿيو. بورڊ جي عالم سائين حسام الدين شاهه راشديءَ سان صلاح ڪيائين، جنهن صادق علي انصاريءَ واري ڪتاب جو ڏس ڏنس ۽ چيائينس ته ”ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي ڇاپخاني ۾ انهيءَ جي ڪاپي ملي ويندي. اُها وٺي ڏيو، ته مان اڳتي ڪم شروع ڪريان.“

سائين وري اُنهيءَ اڻلڀ ڪتاب هٿ ڪرڻ جو ڪم مون تي رکيو. مان ٻه ٽي دفعا گورنمينٽ پريس ۾ ويس، جنهن جو مئنيجر، مسٽر سومرو منهنجي دوست مرحوم احسان بدويءَ جو دوست هو، تنهن ڏاڍي ڳولها ڦولها ڪئي، پر ڪتاب جي ڪاپي هٿ نه آيس. - - اُن ڳالهه کي وريهه وري ويا.

ڏهاڪو سال اڳ اسلام آباد ۾ هئس، ته منهنجي دوست، مسٽر محمد حسن ڀُٽي، (تڏهوڪي سيڪريٽري، پاڪستان اليڪشن ڪميشن ۽ هاڻي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن) چيو ته، ”مون ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪئي آهي. تون اُها ايڊٽ ڪر، ته ڇپايون.“ - - دراصل پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نڪتو هو. پر ڪن ماڻهن هُلايو ته ’فلاڻيءَ ذات وارن جي ڳالهه منجهس صحيح ڪيل ڪانهي‘. سو، اهو ڇاپو بند ٿي ويو، ڄڻ ته نڪتوئي ڪو نه هو.

اسلام آباد ۾ مان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هئس. ڪتابن لکڻ لاءِ وقت ملي ويندو هو. محمد حسن جي مشوري موجب وڏي محنت سان ڪتاب ايڊٽ ڪيم. منجهانئس سمورو اختلافي مواد ڪڍي ڇڏيم ۽ ڇپائي لاءِ مسودو تيار ڪيم. پريس ۾ موڪلڻ وارا هئاسين، ته اوچتو خبر پئي ته ڪراچي جي هڪ خانگي ناشر ”Indus Publishers“ پنهنجي ليکي، انگريزن جي ڏينهن ۾ نڪتل انصاري صاحب واري ڪتاب جو هوبهو نئون ڇاپو ڪڍيو آهي، جو مارڪيٽ ۾ عام جام وڪامي رهيو آهي. حيرت آهي ته اُن تي ته ڪنهن اعتراض ڪيوئي ڪونهي، ته منجهس فلاڻي ذات جي بيحرمتي ٿيل آهي! بهرحال اها خبر ٻڌي، محمد حسن ۽ مون ڪتاب جي نئين چاپي ڪڍڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. جو مارڪيٽ ۾ ڪتاب جو هڪ ڇاپو موجود آهي.

هاڻي، اوهان ڪراچيءَ وڃو ته وڪٽوريا روڊ تي، ”الاڪو هائوس“ جي ڀرسان فريد چيمبرس ۾  Every Man’s Book Sellers جي دڪان جي مالڪ مسٽر صفدر مهديءَ وٽان اِهو ڪتاب خريد ڪري اچو. اوهان کي منجهانئس سنڌ جي ذاتين تي مفيد معلومات ملندي.

مون کي ٻي جيڪا به معلومات ملي، سا موڪليندس، ممڪن آهي ته ”مهراڻ“ جا پڙهندڙ به اوهان جو هي خط پڙهي، اوهان کي ڪا معلومات موڪلي ڏين. – واسلام.

غلام رباني آگرو.

 

   
   

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍيرَ،

 

تيئن مون مَنُ ماروئڙن سين.

••••

سَنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مون مارُنِ سين ساههُ،

ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاههُ،

هينئون منهنجو هُتِ ٿيو، هِت مِٽي ۽ ماههُ،

پَکن منجهه پَساههُ، قالب آهي ڪوٽَ ۾!

 

واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساههُ،

بُت مُنهنجو بَند ۾، قيد مَ ڪريجاههُ،

پرڏيهياڻي پرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌريجاههُ،

ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽيءَ مُئيءَ مٿاههُ،

جي پويون ٿئي پَساههُ، ته نجان مَڙه مَلير ڏي!

 

شاهه ڀٽائي سيمينار

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي پنج هزار ساله تهذيب جو ”نقطئه عروج“ (Crowning Point) آهي.

دنيا ۾ گلابي گُلَ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا موسمي ۽ ٻيا سدا بهار. پهرئين قسم جا گلاب پنهنجيءَ مند موسم ۾ گل جهليندا آهن. سدا بهار گلاب هر موسم ۾ گل جهليندا آهن. ڀٽائي سونهاريءَ سنڌ جو سدابهار گلابي گل آهي. هر مُندَ ۾ سهڻو ۽ سُرهو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com