تبصرا
اُم القرآن
مصنف: مولانا ابوالڪلام ”آزاد“
مترجم: عبدالغفار صديقي
مولانا
ابوالڪلام آزاد برصغير جي ميدانِ سياست جو عظيم
شهسوار، اردو ادب جو روشن مينار، علم ۽ ڏاهپ جو
ڀنڊار ۽ سمورن اسلامي علمن جو بحر بي ڪنار هو،
جنهن جي علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ صحافتي، سياسي ۽
ديني خدمتن تي ننڍي کنڊ تي بجا طور تي ناز آهي.
”اُم القرآن“ مولانا آزاد جي قرآن جي مشهور تفسير
”ترجمان القرآن“ جي پهرين سورت فاتحه جي تفسير تي
مشتمل آهي ۽ جيئن سندن ئي چوڻ آهي ته ”هن ۽ قرآن ۾
اجمال ۽ تفصيل جو تعلق آهي،“ يعني هيءَ سورت اُنهن
سڀني معنائن تي مشتمل آهي، جن جو تفصيل سڄي قرآن ۾
آهي، تنهن ڪري مولانا سموري قرآني فڪر جي مقصدن کي
هن هڪ سورت ۾ سمائي ڇڏيو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چوڻ
به صحيح ٿيندو ته پوري قرآن جي تفسير طور مولانا
کي جيڪي ڪجهه چوڻو ۽ سمجهائڻو هو، سو سڀ پاڻ هن هڪ
ئي سورت ۾ چيو ۽ سمجهايو اٿن.
مولانا آزاد هن تفسير لکڻ ۾ جيڪي خاص تصور ذهن ۾
رکيا آهن، سي هي آهن:
(1)
پهريون ۽ خاص تصور آهي الله جي صفتن جو صحيح تصور
سمجهائڻ، جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته انسان کي خدا
پرستيءَ جي راهه ۾ جيتريون به ٺوڪرون لڳيون آهن،
سي صفتن جي تصور ۾ ئي لڳيون آهن.“ هن سلسلي ۾
مولانا آزاد علمي ڪمال جو جيڪو مظاهرو ڪيو آهي،
تنهن جو ڪو مثال ئي پيش نٿو ڪري سگهجي ۽ سچ ته
حقيقت ۾پاڻ اُن جو صحيح صحيح حق ادا ڪري ڇڏيو اٿن.
(2)
ٻيو تصور آهي ”وحدت اديان“ جو تصور، جنهن جو سڀ
کان وڏو علمبردار ۽ شارح به مولانا آزاد ئي رهيو ۽
پاڻ اُن ئي تصور کي اسلام جا خاص ڏاهپ ۽ انساني
ڪٽنب جي مڙي مُٺ ٿيڻ جو اڪيلو نسخو قرار ڏيندا
هئا. پاڻ هن تصور هيٺ مذهب جي فرقيوارانه تشريحن ۽
نسلي تنافر تي ٻڌل سوچن جو رد ڪيو اٿن ۽ اهو ثابت
ڪيو اٿن ته هر دور ۾ نئين ديني تعليم جي ضرورت ان
سببان پوندي هئي ته هڪڙا مذهب هلي هلي نسل پرستيءَ
جو شڪار ٿي پوندا هئا ۽ پوءِ اُن جو ازالو ڪرڻ
لاءِ نئين تعليم ايندي هئي. پاڻ ان سلسلي ۾ يهودين
۽ نصارن جي هر هڪ فرقيوارانه سوچ جو قرآن جي
روشنيءَ ۾ تفصيل بيان فرمايو اٿن. خاص طور تي اها
به نشاندهي ڪئي اٿن ته اِهي ئي ساڳيون يهودين ۽
نصارن واريون نسل پرستي ۽ فرقيپرستيءَ واريون
سوچون ڪهڙيءَ صورت رنگ ۾ اچي مسلمانن ۾ پيدا ٿيون
آهن. اُنهن جو مولانا آزاد جيڪو رد ڏنو آهي. سو
پڙهي سچ پچ ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته مسلمانن جي
ڊگهي زوال پذيري واري تاريخ جي سمورين فڪري ۽ نظري
ڪوتاهين کي مولانا آزاد چڱي طرح ڌوئي پوئي صاف ڪري
ڇڏيو آهي.
(3)
مولانا آزاد جي ٻولي اردو ادب ۾ نهايت ئي فصيح ۽
بليغ ۽ معياري سڏي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو
عبدالواحد آريسر دُرست راءِ ڏني آهي ته مولانا
آزاد جي لکڻين جو ترجمو ڪري ئي نٿو سگهجي، پر لائق
ترجمي نگار عبدالغفار صديقي صاحب ترجمي ۾ نهايت
سٺوپاڻ ملهايو آهي. اميد ڪجي ٿي ته هيءُ ڪتاب قرآن
فهميءَ ۽ صحيح ديني فڪر جي ترويج جي سلسلي ۾ وڏي
وٿ ثابت ٿيندو. هيءُ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
شايع ڪيو آهي ۽ ان جي مٺائي 130 رپيا آهي.
- محمد انس راڄپر
سيرت صحابه رضه
(جلد پهريون، ٻيون ۽ ٽيون)
مصنف: سيد علي مير شاهه
ڇپائيندڙ: دعوة اڪيڊمي
بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد
الله
تعالى جي آخري نبي حضرت سيدنا محمد مصطفى ﷺ جن جي
تيار ڪيل ۽ تربيت يافتہ مقدس جماعت ۽ پاڪباز گروه،
جنهن کي قرآن مجيد ”السابقون الاولون“ جي خطاب سان
نوازيو (يعني ايمان آڻڻ ۾ پهريان اڳرائي ڪندڙ) ۽
اُمت مسلمہ اُنهن شخصيتن کي ”اصحاب ڪرام“ جي نالي
سان ياد رکيو. (يعني رسول اڪرم ﷺ جا عزت وارا ساٿي
۽ صحبتي)، اُنهن عظيم انسانن ۾ ايمان، تقوى،
عبادت، زُهد، جهاد، ديانت، امانت، شجاعت، ايثار،
قرباني، عجز، انڪسار، خدمت ۽ ٻيون جيڪي اعلى
انساني ۽ ملڪوتي وصفون ۽ گڻ پيدا ٿيا، اُهي سڀ
پيغمبر اسلام ﷺ جي طفيل ۽ اُنهن جي تربيت جي نتيجي
۾ ظاهر ٿيا. جهڙيءَ طرح حضرت رسولِ اڪرم ﷺ جن
پنهنجي شان، مرتبي ۽ مقام ۾ بي مثال ۽ بي مٽ آهن،
اهڙي طرح جيڪي پهريان ساٿي ۽ رفيق ڪار کين مليا ۽
ميسر ٿيا ۽ الله تعالى جن کي چونڊي سندن بلند مشن
”دعوت توحيد“ ۾ معاون بڻايو، اُهي شخصيتون به
اهڙيون هيون، جن کي آسمان جي اک اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو
هو ۽ نه وري زمين جي ساوڪ ڪنهن کي ڇهيو هو.
الله تعالى اُنهن مقدس انسانن کي ”المفلحون“،
”الغالبون“، ”الراشدون“،
”المؤمنون“، ”الصادقون“، ”الراکعون“، ”الساجدون“،
”شهداء علي الناس“، ”رضي الله عنهم و رضوا عنہ“ جي
عظيم خطابن، لقبن ۽ گواهين سان نوازيو آهي.
هيءَ ڳالهه مڃيل حقيقت آهي ته اسلام جي فڪري،
نظرياتي ۽ بنيادي تعليم قرآن مجيد ۾ ٻڌائي وئي
آهي. مگر اُن جي عملي تشريح فقط سيرت طيبہ ۾ موجود
آهي. اُن کانپوءِ سيرت طيبه جا عملي ڪردار ”اصحابِ
محمد“ جي صورت ۾ اسان جي سامهون نظر اچن ٿا. ان
ڪري فرمايو ويو ته:
”اصحابي کالنجوم“
(منهنجا اصحاب ستارن وانگر آهن ۽ هدايت جا بنياد
آهن.)
اُمت مسلمہ هر دور ۾ اُنهن هدايتن يافتہ انسانن جي
سيرت کي محفوظ رکيو آهي، ساهه سان سانڍيو آهي،
ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ جو انتظام ڪيو آهي ۽ اِهو
سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جا تفسير به لکيا ويا
آهن، سيرت طيبه تي به ڪي قدر ڪتاب موجود آهن، مگر
”اصحاب محمد“ تي ڪو به جامع ۽ مستند ڪتاب موجود نه
هو. اهڙو ڪتاب جيڪو تفصيل سان ”السابقون الاولون“
جي سيرت کي اجاگر ڪري ۽ حوالي طور ڪم اچي سگهي.
”سيرت صحابہ“ جو هيءُ ڪتاب، جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل
آهي ۽ 1729 صفحن تي حاوي آهي، هن ڪتاب ۾ پنجاهه
اصحاب ڪرام جو تذڪرو موجود آهي.
پهرين جلد ۾ يارهن اهڙن اصحاب ڪرام جي سيرت بيان
ٿيل آهي جن جو تعلق حضرت رسول اڪرم ﷺ جن جي خاندان
بنو عبدمناف سان آهي، جن ۾ حضرت عباس، حضرت حمزه،
حضرت حسن، حضرت حسين (رضي الله عنهم اجمعين) شامل
آهن ۽ اُنهن ۾ حضرت سلمان فارسي، حضرت زيد ۽ حضرت
اُسامہ به اچي وڃن ٿا،جن جو اهل بيت خاندان سان
تعلق آهي.
سيرت صحابہ جي ٻئي جلد ۾ ايڪويهين اصحاب ڪرام جي
سيرت بيان ٿيل آهي، جيڪي ”مهاجرين“ سان تعلق رکن
ٿا. هي اُهي عظيم انسان آهن، جن مڪي واري مشڪل
ترين زندگي ۾ ايمان آندو ۽ هر قسم جا ڏک ڏاکڙا ۽
سور سختيون برداشت ڪيون ۽ پوءِ اسلام خاطر پنهنجو
اباڻو وطن ڇڏي هڪ دفعي ڪجهه ماڻهو حبش ڏانهن هجرت
ڪري ويا ۽ ٻيا مڪو ڇڏي مديني ۾ اچي آباد ٿيا. قرآن
مجيد اُنهن عظيم انسان کي ”مهاجرين“ جهڙي مقدس
نالي سان ياد ڪيو آهي.
ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ ارڙهن اصحابن جو احوال ڏنل
آهي. هي اصحاب ”انصار“ سان تعلق رکن ٿا. يعني
مديني پاڪ ۾ رهندڙ اُهي ڀلارا ۽ برگزيده ماڻهو، جن
منى جي گهاٽين ۾ حضرت رسول اڪرم ﷺ سان اسلام جي
بيعت ڪئي هئي ۽ کين دعوت ڏني هئي ته هو مڪو ڇڏي
مديني ۾ تشريف فرما ٿين. پوءِ هو سندن حفاظت به
ڪندا ۽ اسلام جي لاءِ پنهنجا مال ۽ سر به صدقي
ڪندا. پوءِ ائين ئي ٿيو، اُنهن وفادار اصحابن
اسلام لاءِ اُهي لازوال قربانيون ڏنيون، جن جي ڪري
اسلام پوري زمين تي ڇانئجي ”سيرت صحابہ“ ۾ جن
پنجاه اصحاب جي سيرت بيان ٿيل آهي، اُنهن ۾ ”خلفاء
راشدين“ شامل نه آهن. مصنف جو خيال آهي ته هو
اُنهن عظيم شخصيتن جي ڪارنامن تي مشتمل چار ڪتاب
لکندو، تان ته اُنهن جي سيرت واضح نموني سان نروار
ٿئي. هن ڪتاب جي خوبي اِها آهي ته هي ڪتاب سيرت جي
اوائلي بنيادي بهترين ماخذن مان ترتيب ڏنو ويو
آهي. ان ڪري تحقيق جي حوالي سان نهايت مستند ۽
معيار جي لحاظ کان نهايت بلند ترين آهي.
هيءُ ڪتاب سچ پچ ته سنڌي قوم جي لاءِ هڪ عظيم تحفو
آهي، جيڪو مصنف پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ پوري قوم
کي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ کپي. ”جيڪا قوم پنهنجي
اهلِ علم جي توقير نٿي ڪري، اُها قوم بلند مقام
حاصل نٿي ڪري سگهي.“
هن ڪتاب جو مصنف محترم سيد علي مير شاهه صاحب آهي.
شاهه صاحب ڌنڌي جي لحاظ کان هڪ پروگريسو زميندار
آهن، مگر بنيادي طرح هو علم وادب ۽ فڪر و نظر جي
دنيا جا انسان آهن. هن علم کي فقط پڙهيو ناهي،
بلڪه پروڙيو به آهي. فقط ورق گرداني ڪري ڊگريون
ناهن ورتيون، بلڪه گهرائيءَ ۾ وڃي شعور حاصل ڪيو
آهي ۽ اتان ماڻڪ موتي ۽ لعل حاصل ڪيا آهن.
علي مير شاهه صاحب هڪ نظرياتي، بنيادي ۽ اصول پرست
انسان آهي. هو اسلام جو غير مشروط سپاهي آهي. هو
تاريخ جو طالب العلم آهي. هن کي سنڌي، عربي،
انگريزي، اردو ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل آهي. هن
طالب العلمي جي دور ۾ بهترين استادن کان فيض حاصل
ڪيو، جن ۾ عالم اسلام جو عربي زبان جو ماهر استاد
عبدالعزيز الميمني ۽ حضرت علامہ عمر بن محمد
دائودپوٽو به شامل آهن.
حضرت شاهه صاحب جن جي اِها به خصوصيت آهي ته هو
خانداني طرح سنڌ جي روحاني رهبر حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي سان نسبت رکن ٿا، انهي ڪري ”شاهه
جي رسالو“ کي جيتري قدر هُو ڄاڻن ۽ سمجهن ٿا ۽
انهيءَ رسالي ۽ شاهه جي راڳ تي جيتري معلومات کين
اٿن، اُن ۾ ۾ هن وقت سندن ڪو به مٽ نه آهي.
سيد علي مير شاهه صاحب لاءِ سنڌ واسين جي دعا آهي
ته هو جلد صحتياب ٿين ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ علمي پروڙ
سان سنڌي قوم کي سيراب ڪن ۽ خاص طرح سيرت طيبہ تي
مستند ڪتاب ۽ ”شاهه جي رسالي“ جو سنڌي زبان ۾ شرح
لکن. – محمد سليمان طاهر انڍڙ.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
(اڀياس)
”انسان جي تاريخ“
هڪ معلومات افزا تصنيف
مڃيل تعليمي ماهر ۽ قابل دانشور، اديب ۽ محقق،
ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جو ”انسان جي تاريخ“ سنڌي
ٻوليءَ ۾ ”علم الانسان“ جي موضوع تي هر لحاظ کان
هڪ قابل قدر اضافو آهي. هن موضوع تي، سنڌي زبان ۾
هن کان اڳ محترم بدر ابڙي ۽ ڪن ٻين سڄڻن به لکيو
آهي، پر ڊاڪٽر صديقي صاحب جو هيءُ ڪتاب هڪ ”جامع
تاريخ“ آهي، جنهن ۾ اوائلي انسان جي پيدائش واري
زماني کان وٺي موجوده وقت تائين تفصيل سان لکيو
ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جي مطالعي ۽ سنڌي لغات جي
سلسلي ۾ به هيءُ ڪتاب هن سبب جي ڪري وڏي اهميت ٿو
رکي، جو ڊاڪٽر صديقي صاحب، علم الانسان جي موضوع
سان واسطو رکندڙ سَون جي تعداد ۾ انگريزي ٻوليءَ
جي لفظن ۽ اصطلاحن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس وٺايو
آهي، جيڪو بقول علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”هڪ
وڏو علمي ڪشالو آهي.“
هيءُ ڪتاب دراصل اوائلي انسان جي پيدائش واري
زماني کان وٺي اُن جي ارتقا جي هر دؤر جي هڪ مسلسل
تاريخ آهي، جيڪا معتبر ۽ مستند ڪتابن ۽ مقالن مان
گڏ ڪيل بيش بها مواد جي حوالن تي مشتمل آهي. ڪتاب
جي ڊسٽ ڪور جي اندرئين حصي تي ڊاڪٽر صديقي صاحب
اوائلي انسان جي ابتدا ۽ پوءِ انسان جي ارتقا جي
باري ۾ جيڪو لُب لباب ڏنو آهي، اُن ۾ فرمائين ٿا:
(1)
”دنيا خدائي بنياد تي قائم آهي، جنهن ۾ خدا جي
دائمي وجود جون ڪجهه اڌوگابريون (اڻ پوريون)
سچايون وجود ۾ اچن ٿيون، جنهن سان مادي ۽ انفرادي
شعور جي هڪ گڏيل حيرت انگيز دنيا نظر اچي ٿي، ليڪن
اصل دائمي خدائي بنياد جي هٽي وڃڻ سان اُن جو
سمورو طلسمي وجود ختم ٿي ويندو ۽ اصل دائمي وجود ۾
ملي هڪ ٿي ويندو.
(2)
اُنهيءَ خدائي دائمي وجود ۽ بنياد کي هڪ انسان نه
صرف عقل، قياس ۽ استدلال جي ذريعي محسوس ڪري سگهي
ٿو، بلڪه وجدان، الهام ۽ خواب وسيلي پڻ هن کي
اُنهيءَ جو ادراڪ (شعور) حاصل ٿئي ٿو.
(3)
انسان مادي ۽ روح جو مرڪب آهي، ٻاهران نظر ايندڙ
هڪ صفاتي انسان آهي، جيڪو اندر ۾ هڪ دائمي روح آهي
۽ دائمي وجود ’خدا‘ جو هڪ حصو آهي. ’انسان‘
اُنهيءَ پنهنجي دائمي روح سان سڃاڻپ ۽ تعلق پيدا
ڪري سگهي ٿو.
(4)
دنيا جي زندگيءَ جو فقط هڪ مقصد آهي، پنهنجي دائمي
روح يا ذات ذريعي اصل بنيادي دائمي وجود جي
يڪتائيءَ جي ڄاڻ پيدا ڪرڻ.“
هي ڪتاب ڊاڪٽر صديقي صاحب جي سڄي پروجيڪٽ جو
پهريون حصو آهي. هيءُ ڪتاب يارهن بابن تي مشتمل
آهي. بابن جي فهرست، جيڪا ڪتاب جي مُنڍ ۾ ڏيڻ
کپندي هئي، سا ڏنل ڪانهي، انهيءَ ڪري شروع ۾ خبر
ئي نٿي پوي ته هيءُ ڪتاب ڪيترن بابن ۾ ورهايل آهي
۽ هر باب جو عنوان يا اُن باب جا ضمني عنوان ڪهڙا
آهن. اندر جيڪي باب تفصيل سان ڏنا ويا آهن، اُنهن
جا عنوان هي آهن:
باب پهريون: ڪائنات جي تخليق
باب ٻيو: ڌرتيءَ جي تاريخ
باب ٽيون: حضرت آدم عليہ الاسلام
جي تخليق
باب چوٿون: تهذيب جي تاريخ
باب پنجون: مذهب ۽ تهذيب جو ارتقائي
عمل
باب ڇهون: قديم نسل، قومون، ملڪ ۽
تهذيبون
باب ستون: سنڌو سڀيتا، سنڌ ۽ سنڌي
قوم
باب اٺون: آريا قوم
باب نائون: ايراني آريا
باب ڏهون: بني اسرائيل (يهودي قوم)
باب يارهون: عرب قوم (بني اسماعيل)
ببليو گرافي: چار صفحا
انڊيڪس: صفحي 777 کان وٺي صفحي 952
تائين، يعني ڪل 175 صفحا.
هر باب وري ضمني عنوانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب جي
پٺيان ڊگهي ببليو گرافي به ڏنل آهي. اِهي سڀ باب
وڏيءَ محنت سان، انسان جي پيدائش بلڪ ڪائنات جي
تخليق واري زماني کان وٺي سنڌي قوم جي موجوده
تاريخ جي پس منظر تائين مڪمل تاريخي تذڪري سان
ڀريل آهن.
باب پهريون ڪائنات جي تخليق جي مطالعي جي سلسلي ۾
فلڪيات، قديم آثارن، تاريخ، علم الانسان، تهذيب ۽
تمدن جي جديد ماهرن ۽ بين الاقوامي حيثيت رکندڙ
سائنسدانن جي سوچ ۽ سندن تحقيق جي نتيجن جي آڌار
تي لکيل آهي. اِنهن موضوعن جي مطالعي لاءِ، انهن
علمن جي شائقين کي هونئن جيڪر هڪ ڪتاب نه پر فقط
انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ڇپيل سوين ڪتاب پڙهڻا پون ها،
پر حبيب الله صديقي صاحب وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان
ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ فلڪيات جي ماهرن جي
بلئڪ هول ٿيوري، بگ بئنگ ٿيوري ۽ اهڙين ٻين ٿيورين
۽ نظرين تي لکيل مواد کي، جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾
پنهنجي هن ڪتاب ۾ آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهايو آهي،
جنهن لاءِ صديقي صاحب جس لهڻي. ڊاڪٽر صديقي مهاڳ ۾
صفحي 6 تي لکي ٿو ته:
”مون پنهنجي هن مختصر مطالعي ۾ مختلف سائنسي
نظرين، فلسفيانه اصولن، مذهبي عقيدن ۽ تاريخي ۽
ادبي روايتن کي شامل ڪري انسان جي تاريخ جو هڪ
خاڪو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مذهبي معلومات جا
معروف ذريعا پاڪ الهامي ڪتاب ’بائيبل مقدس‘ ۽
’قرآن شريف‘ آهن. ازانسواءِ قديم انساني ذهن جو
اظهار يا نيم الهامي قديم ادب، ويد، اُپنشد،
مهاڀارت ۽ رامائڻ وغيره ۽ ٻڌ، جين ۽ زردشتي ايراني
مذهبي ادب کي پڻ تحقيق ۾ شامل ڪيو ويو آهي.“ |