هن سڄي زندگي مختلف تجربن، مشقتن ۽ امتحانن ۾
گذاري هئي. دنيا جي ڪمن جو هر تجربو ڪري چڪو هو،
سواءِ ڪنهن عورت سان عشق ڪرڻ جي! انهيءَ ڪري هُو
پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب خال محسوس ڪندو هو.
پنهنجي ماءُ جي خواهش جو احترام ڪندي هن ننڍپڻ ۾
شادي ته ڪري ڇڏي هئي، پر جوانيءَ ۾ ڇوڪرين سان
اڪثر نوجوان ڇوڪرا جيئن عشق يا فلرٽ ڪندا آهن،
ائين هو ڪري ڪو نه سگهيو هو. پنهنجي زال سان هو
پيار ڪندو هو، جيڪا هڪ سٻاجهي ۽ پيار ڪندڙ عورت
هئي. هو اُنهيءَ مان پيدا ٿيل ٻن ٻارن سان به شديد
پيار ڪندو هو. اُنهيءَ جو مظهر هن طرفان سجايل هن
جو گهر هو ۽ اڪثر
Weekends
تي هن طرفان پنهنجي ڪٽنب سان ملهائجندڙ شامون
هيون.
هو هفتي جي ڪم وارن ڏينهن ۾ هڪ ذميوار پروفيشنل جي
حيثيت سان پنهنجي کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. انتهائي ذهين
۽ محنتي هجڻ جي ڪري، هن جي کاتي جا اڪثر ماڻهو هن
کي ڀائيندا هئا. هو جنهن عهدي تي ڪم ڪندو هو،
اُنهيءَ تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي،
ڇو ته انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس ۾ عام
نوجوان کي داخلا ملڻ ته پري جي ڳالهه، اُنهيءَ ۾
قابليت جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ به ڪانه ايندي هئي. هو
ٻهراڙي سان تعلق رکڻ جي باوجود ۽ وچولي گهراڻي جي
پسمنظر جي باوجود انهيءَ اداري مان پاس ڪيل
C.A
هو ۽ هن پنهنجي فيلڊ ۾ پنهنجي محنت ۽ هوشيارپ سان
وڏو نالو ڪمايو هو، جنهن تي هن کي ۽ هن جي ادار
يکي ناز هو!
هن جي دوستن جو حلقو به وسيع هو. هن کي ماڻهن سان
دوستي رکڻ ۽ وري دوسيت نڀائڻ جو ڏانءُ هو. هن جا
اڪٿر دوست هن مان خوش هئا ۽ هن جي ڪمپني کي
انجواءِ ڪندا هئا. هو پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن کي
ٽائيم ڏيڻ سن گڏ ڪتابن پڙهڻ جو به شوقين هو ۽ اڪثر
وڏا وڏا ليکڪ ۽ ڪتاب هن جي بحث جو موضوع رهندا
هئا. سٺن ڪتابن پڙهڻ سان گڏ هو سٺين فلمن ڏسڻ جو
به شوقين هو ۽ سٺين فلمن تي اٿاري سمجهيو ويندو
هو. فلمن سان گڏ هو ميوزڪ ٻُڌڻ جو
Crazy
هوندو هو. هن جي ميوزڪ لائبرريءَ ۾
Classical
ڳائڻ ۽ موسيقارن کان ويندي جديد
Pop
ڳائڻ جا البم موجود هوندا هئا ۽ هن کي اڪثر گانا
برزبان ياد هوندا هئا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي
سامهون جهونگاريندو هو ته سندس دوست حيران ٿي
ويندا هئا. هو جڏهن موسيقارن ۽ انهن جي ڌُنن تي
ڳالهائيندو هو ته ماڻهو هن کي ڪو موسيقار يا ڳائڻو
سمجهندا هئا پر اصل ۾ ائين ڪو نه هو.
هن جي شخصيت جا ڪيئي پهلو هئا. هو هڪ ڪامياب
پروفيشنل هو، هڪ بهتر مڙس هو، هڪ پيار ڪندڙ پيءُ
هو، دوستن جو دوست هو. سٺا ڪتاب پڙهندو هو. سٺيون
فلمون ڏسندڙ هو ۽ ميوزڪ جو چاهه رکندڙ هو. هر شيءِ
۽ هر فيلڊ ۾ هن کي
Perfect
ڏسي اڪثر ماڻهو خاص ڪري هن جا دوست هن کي جِنُ
سڏيندا هئا – ايترين سارين مصروفيتن ۽ ۽ ذميوارين
جي باوجود هن ۾ ٻي به هڪ عجيب ڳالهه هئي. اها هيءَ
ته هو پنهنجي پروفيشن، زال، ٻارن، دوستن، ڪتابن،
فلمن ۽ موسيقيءَ کي انجواءِ ته ڪندو ئي هو پر هُو
پنهنجي تنهائيءَ کي به ڀرپور انجواءِ ڪندو هو.
مسلسل ڪيئي هفتا ڪراچي ۾ پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪرڻ،
پنهجي ڪٽنب سان
Weekends
ملهائڻ ۽ يارن دوستارن، ڪتابن ۽ موسيقي کي ٽائيم
ڏيڻ کان پوءِ هو اڪثر پنهجي اباڻي گهر حيدرآباد ۾
اچي بلڪل تن تنها ٻه يا ٽي ڏينهن رهندو هو. اُنهن
ٻن ٽن ڏينهن ۾ هو ڪنهن سان نه ملندو هو، ڪو ڪتاب
نه پڙهندو هو، ڪا فلم نه ڏسندو هو، ۽ نه ئي ڪو
گانو ٻڌندو هو. پنهنجي گهر ۾ اُهي ٻه ٽي ڏينهن هو
خوب آرام ڪندو هو. پاڻ سان گڏ ڪو به نوڪر وغيره نه
رکندو هو، اُنهيءَ ڪري اڪثر ڪري ناشتو پاڻ ٺاهي
ڪندو هو. خاموشيءَ سان گهر ۾ ويهي، خاموشيءَ ۽
تنهائي کي انجواءِ ڪندو هو. موڊ ٿيندو هوس ته ٻاهر
وڃي اڪيلو ڪنهن ريسٽورنٽ تان ماني کائي موٽي ايندو
هو يا وري
KFC
۽
Pizza Hut
تي فون ڪري هوم سروس ڊليوري ذريعي برگر يا پيزا
گهرائي کائيندو هو. جڏهن کانئس گهر وارا يا دوست
پڇا ڪندا هئا ته هو اهي ٻه ٽي ڏينهن ڪٿي ويل هو ته
هو کين سادي نموني سان ٻڌائيندو هو ته هو پنهنجي
تنهائيءَ جو مزو وٺڻ ويو هو. سندس زال ڪڏهن ڪڏهن
هن جي ائين ٻه ٽي ڏينهن هليو وڃڻ تي شڪ ڪندي هئي،
پر گذريل ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ هن پنهنجي
مڙس کي ڪنهن غلط ڪم ۾ ملوث ڏٺو ته ڇا محسوس به نه
ڪيو هو! اِنهيءَ ڪري هوءَ خاموش رهندي هئي ۽ هُن
جي ائين وڃڻ تي ڪاوڙ جو اظهار به نه ڪري سگهي هئي.
بس هوءَ انهي ۾ خوش هئي ته ائين ڪرڻ سان هن جي مڙس
کي اطمينان ۽ خوشي ملي ٿي، اهو سوچي هوءَ ڪجهه به
نه ڪڇندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس جي انهي جواب ته
”هو تنهائيءَ جو مزو وٺڻ ويو هو،“ کي ٻڌي اڪثر
ماڻهن وانگر ٽهڪ ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”ڪڏهن
تنهائيءَ مان به ڪنهن مزو ورتو آهي!“
هن کي پاڻ به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته
هو ائين ڇو ٿو ڪري!، انهي ڳالهه تي اڪثر سوچي ٿورو
پريشان ٿيندو هو ته سندس ائين ٻن ٽن ڏينهن لاءِ
هليو وڃڻ ڪٿي
Abnormal
هئڻ ته ناهي، پر ڪجهه لمحن کانپوءِ هو مطمئن ٿي
پنهنجي سوچ کي ختم ڪندو هو ته جيڪڏهن کيس ائين ڪرڻ
سان سڪون ٿو ملي ته پوءِ اِنهيءَ ۾ آخر حرج ڪهڙو
آهي؟
پر اصل ۾ ائين ڪو نه هو. هن جي زندگي هونئن ته
ڏاڍي ڀرپور، ڪامياب، خوش ۽ مطمئن گذري رهي هئي پر
هن جي زندگيءَ ۾ هڪ خال رهجي ويو هو، جنهن کي هو
ڀرڻ لاءِ شايد تنهائي مان مزو وٺڻ جو نالو وٺي ڀري
رهيو هو. يعني هڪ خال کي ٻئي خال سان ڀرڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو. اهو هن جو انتهائي ذاتي ۽ اندروني مسئلو
هو، جنهن تي ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي نه هو. هن جي
زندگي جو وڏو خال جيڪو رهجي ويو هو، اُهو اِهو هو
ته هن پنهنجي ڀرپور زندگيءَ گذارڻ جي باوجود ڪڏهن
ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار نه ڪيو هو. جوانيءَ ۾ پير
رکندي ئي هن پنهنجي ماءُ جي خواهش جو احترام ڪندي
شادي ڪري ڇڏي، اِنهيءَ ڪري هن کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان
پيار ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو. هو پنهنجي سٻاجهي،
سهڻي ۽ پيار ڪندڙ زال سان ڀرپور پيار ڪندو هو، پر
زال سان پيار ڪرڻ ۽ ڇوڪري سان رومانس ڪرڻ ۾ وڏو
فرق هو، جنهن کي شايد هو اڃا تائين نه سمجهي سگهيو
هو. انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجي شخصيت کي مڪمل طرح
سمجهي نه سگهيو هو ۽ ٻيا ماڻهو به هن کي سمجهي نه
سگهيا هئا. ڪتابن ۾ لکيل سٺا سٺا جملا پڙهي هو
اُنهن جي معنى جي تهه تائين ته پهچي ويندو هو پر
پيار متعلق ڪنهن ناول ۾ رومانٽڪ ڊائلاگ پڙهي هو
اُنهن کي انجواءِ نه ڪري سگهندو هو. سٺي ذوق واري
موسيقي ٻڌندي هو موسيقي جي لاهين ۽ چاڙهين کي ته
انجواءِ ڪري نه ڪري سگهندو هو. سٺي ذوق واري
موسيقي ٻڌندي هو موسيقي جي لاهين ۽ چاڙهين کي ته
انجواءِ ڪري سگهندو هو پر اُنهن گانن ۾ عشق متعلق
ڪيل شاعريءَ جي پروڙ هن کي نه پوندي هئي. اهائي هن
جي ڀرپور زندگي جي ٽريجڊي هئي، جنهن جي هن کي پاڻ
به خبر نه هئي! اِهوئي هن جي زندگيءَ جو خال هو،
جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ شايد هو تنهائيءَ کي
انجواءِ ڪرڻ جو نالو ڏيندو هو يا ٻين لفظن ۾ خال
کي خال سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، يا وري خاموشي کي
خاموشي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
گذريل ڏينهن ۾ هن سان پيش آيل ڪجهه واقعن ثابت ڪيو
هو ته هن جي زندگي ۾ جيڪو خال رهجي ويو هو، اُهو
صرف ۽ صرف ڇوڪري سان رومانس ڪرڻ ئي هو. ڪجهه مهينا
اڳ جڏهن هو حيدرآباد واري پنهنجي گهر ۾ پنهنجي
تنهائيءَ کي انجواءِ ڪرڻ واري مهم لاءِ ترسيل هو ۽
پنهنجي بيڊ روم ۾ تن تنها اڪيلو ويٺو هو، ڪو به
ڪتاب هن جي آسپاس ڪو نه هو، ڪو به گانو نه هلي
رهيو هو، مڪمل خاموشي هئي ۽ هُن جي سوچ خبر ناهي
ڪٿي ڀٽڪي رهي هئي ته فون جي گهنٽي وڳي هئي. ڪجهه
لمحن تائين ته هو چپ چاپ فون جي گهنٽي ٻڌندو رهيو.
پهريائين ته هن سوچيو ته هو فون اٽينڊ نه ڪندو،
جيئن هو هميشہ ڪندو هو. اِهوئي سبب هو جو جڏهن هو
تنهائي مان مزي ماڻڻ وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد آيل
هوندو هو ته هن کي ڪو به يار دوست فون ڪو نه ڪندو
هو، ڇو ته اُنهن کي خبر هئي ته هو فون ڪنهن به
صورت ۾ نه کڻندو پر انهيءَ ڏينهن هن پنهنجي معمول
جي خلاف فون کڻي ورتي هئي.
”هيلو – ها، جي مان سعيديا ٿي ڳالهايان، توهين ڪير
ٿا ڳالهايو؟“ پريان ٻئي ڇيڙي کان ڪا ڇوڪري ڳالهائي
رهي هئي، جنهن جو آواز هن کي ڏاڍو سٺو لڳو هو. موٽ
۾ هن ڇوڪريءَ کي پنهنجو نالو ٻڌايو هو. ڇوڪريءَ
وري هن کي جواب ۾ چيو هو، ”جي، مون کي نوشين سان
ڳالهائڻو آهي.“ ڇوڪري خبر ناهي ڇو نروس ٿي وئي
هئي.
”هتي ڪا نوشين ته نه رهندي آهي، اوهان شايد غلط
نمبر ملايو آهي!“
ڇوڪريءَ ڪنفرم ڪرڻ لاءِ نمبر ٻڌايو هو، جيڪو هن جي
گهر جو ئي هو. هن وري ايڪسڪيوز ڪندي ڇوڪريءَ کي
چيو هو، ”جي، نمبر ته اهوئي آهي پر هتي ڪا نوشين
نه رهندي آهي، توهين ڀليا آهيو؟“
”توهين ڇا ڪندا آهيو؟“ ڇوڪريءَ اوچتو سوال ڪيو هو.
”جي، مان چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهيان.“
”توهين ڪٿي نوڪري ڪندا آهيو؟“
”مان ڪراچيءَ ۾ هڪ ملٽاءِ نيشنل ڪمپني ۾ ڪم ڪندو
آهيان…“ هن تجسس مان جواب ڏنو هو.
”توهان جي شادي ٿيل آهي!“ ڇوڪريءَ بي چيني مان چيو
هو.
”جي، توهين ايترا سارا ذاتي سوال پيا پڇو، خير ته
آهي؟“ جواب ۾ هن به سوال ڪيو هو.
”نه ائين ئي، بس دل چاهي ٿي ته اوهان سان
ڳالهايان…“ ڇوڪري ٿورو پيار مان چيو هو. هن کي به
ٿوري شرارت سُجهي هئي سو يڪدم سوال ڪيو هئائين.
”توهان مون کان هيترا سارا ذاتي سوال پڇيا آهن،
توهين پنهنجي متعلق به ته ڪجهه ٻڌايو؟“
”پهريائين توهين ٻڌايو ته توهان جي شادي ٿيل آهي؟“
ڇوڪريءَ ٿورو فري ٿيندي سوال ڪيو هو.
هڪ اڻڄاتل قوت هن کان پهريون ڀيرو ڪو ڪوڙ ڳالهرائي
ڇڏيو ۽ هن کان ازخود نڪري ويو:
”جي نه، منهنجي شادي ٿيل نه آهي، توهان جي ٿيل
آهي؟“ موٽ ۾ هن به سوال ڪيو.
”نه، منهنجي به شادي ٿيل ڪانهي، ڀلا توهان شادي ڇو
نه ڪئي آهي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.
”بس ڪونه ڪري سگهيو آهيان، ڪا ڇوڪري ناهي ملي.“ هن
وڌيڪ شرارتي ٿيندي چيو هو.
”توهين مون سان شادي ڪندا؟“ ڇوڪريءَ اوچتو سوال
ڪيو، جنهن تي پهريائين ته هو پريشان ٿي ويو ۽
اُنهن لمحن کي انجواءِ ڪرڻ خاطر هن کان بي اختيار
نڪري ويو.
”جيڪڏهن توهين پسند آيا ته ضرور ڪندس.“
”مون کي ڏسندؤ ته پسند ڪندؤ نه، بنان ڏسڻ جي ڪيئن
پسند ڪندا!“
”توهين جيڪڏهن ملڻ جو موقعو فراهم ڪندؤ ته ڏسي به
وٺندس.“
”ايترو جلدي مون سان ڪيئن ملندؤ؟ في الحال فون تي
ڪافي ناهي؟“
”جيئن توهان جي مرضي…… پر مان توهان کي فون ڪيئن
ڪندس، توهان پنهنجو فون نمبر ته ڏنو ڪونهي……“
”فون جو نمبر ته مان ڏئي نٿي سگهان……“
”ڀلي نه ڏيو، توهان جي مرضي…… توهين ڇا ڪندا
آهيو……“ هن سوال پڇيو. فون جي ٻئي پاسي ڇوڪري ڪجهه
لمحن لاءِ سوچڻ لڳي ته هن وري کانئس پڇيو، ”توهان
مون کان هيترا سارا سوال ڪيا آهن، مون کي هڪ سوال
جو جواب نه ٿا ڏيو……“
”ها ٻڌايان ٿي، مان هڪ بئنڪ ۾ ايگزيڪيوٽو آهيان……
ڪمپيوٽر سسٽم جي انچارج آهيان…“
”توهان جي
Qualification
ڪهڙي آهي؟“
”مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم سي ايس آهيان، توهان جي
Qualification؟“
”اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته
CA
آهيان، اهائي منهنجي
Qualification
آهي…“
”توهان جو ڳالهائڻ ڏاڍو سٺو آهي، ڏاڍا
Sharp
آهيو.“
Thank you”،
پر فون نمبر ڏيڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. ڪمپيوٽر سائنس ۾
ماسٽرس آهيو، ماشاءَ الله ايگزيڪيوٽو ليول تي ڪم
ڪريو ٿا، ڳالهائڻ مان به
Bold
لڳو ٿا. فون نمبر ڏيڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي…“
الائي ڇو هن ڇوڪريءَ سان رابطو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”بس ائين ئي… هونئن ڪو حرج ته ناهي، پر توهان مون
کي فون ڪندؤ ته منهنجي لاءِ گهر ۾ متان مسئلو
ٿئي…“
”عجيب ماڻهو آهيو… ڀلي فون نمبر نه ڏيو پر توهان
کي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي فون تي
CLI
لڳل آهي، توهان جو نمبر مون کي معلوم ٿي چڪو آهي……
نمبر ٻڌايان……“
”Please
مون کي اِنهيءَ نمبر تي فون نه ڪجو…“
ڇوڪريءَ ڪافي پريشانيءَ مان چيو، ”اهو نمبر منهنجي
گهر جو ناهي. مان هن وقت پنهنجي آنٽيءَ جي گهران
ٿي ڳالهايان، جيڪڏهن توهين اِتي فون ڪندا ته
منهنجي لاءِ مسئلو ٿي ويندو، توهين زور ڀريو ٿا ته
توهان کي پنهنجي گهر جو نمبر ڏيان ٿي توهين
اِنهيءَ نمبر تي ڀلي فون ڪجو.“
ڇوڪريءَ هن کي پنهنجي گهر جو نمبر ٻڌايو جيڪو هن
پنهنجي ڊجيٽل ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري ڇڏيو…… ”توهين مون
کي فون ڪندؤ؟“ ڇوڪريءَ هن کان سوال ڪيو.
”بلڪل ڪندس……“
”پوءِ هاڻي موڪلايون.“
”سائين گڏ!“
”مون کي توهان جي فون جو انتظار رهندو“.
۽ ڇوڪريءَ فون بند ڪري ڇڏي هئي.
هن فون رکي هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ کيس محسوس ٿيو ته
بند ڪمري ۾ اوچتو ڪا خوشبو گهڙي آئي هجي ۽ هن جو
ڪمرو هڪ اڻڄاتل خوشبو سان واسجي ويو هجي. انهيءَ
رات خبر ناهي ڇو هن کي دير تائين ننڊ نه آئي. هڪ
عجيب ڪيفيت هن تي طاري ٿيڻ لڳي هئي ۽ آخرڪار هن
ڇوڪريءَ جي اُنهيءَ فون کي عام رواجي ڇوڪرين جي
فون سمجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي ننڊ ڪرڻ جو سوچيو
هو، پر کيس دير تائين ننڊ نه آئي هئي.
ٻئي ڏينهن جڏهن هو ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس ۾ دير
تائين ڪم ڪري شام جو اُٿڻ لڳو هو ته هن بنان ڪنهن
سوچڻ جي ڇوڪريءَ جو نمبر ملايو هو. ٻئي پاسي رنگ
وئي ته هڪ ڇوڪريءَ فون کنيو هو. هن هيلو ڪري
پنهنجو نالو ٻڌايو هو ۽ ڇوڪريءَ کي چيو ته هو
سعديا سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. ڇوڪري پهريائين ته
هٻڪي هئي پر هن بعد ۾ کيس سعديا سان ڳالهرايو هو.
”هيلو… مون سمجهيو هو، اوهين فون نه ڪندا.“
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي… توهين چئو ۽ مان فون نه
ڪريان…“
”ڪٿان ٿا ڳالهايو.“ ڇوڪريءَ پڇيو هو.
”پنهنجي آفيس مان.“
”يعني ڪراچي کان“.
”جي… ڪهڙا حال آهن توهان جا؟“
”مان بلڪل ٺيڪ آهيان، توهين ٻڌايو……“
”مان به ٺيڪ آهيان…ڇا پيا ڪريو……“
”ائين ئي واندي ويٺي هئس… اوهان کي ياد پئي ڪيم…
ڀلا توهان جو
Star
ڪهڙو آهي.
ڇوڪريءَ ڪنهن نئين بحث جي شروعات ڪرڻ پئي چاهي.
”منهنجو اسٽار لبرا آهي… توهان جو؟“
”مان
Scorpion
آهيان.“
”ڏاڍو خطرناڪ
Star
آهي…“
”توهان کي خبر آهي؟“
”ها، ٿورو گهڻو
Astrology
تي پڙهيو آهي.“
”ڇا پڙهيو اٿوَ؟“
Love Singns
۽Sun
Sighns
جوLinda
Goodman
”انهن ڪتابن ۾
Scorpion
لاءِ ڇا لکيل آهي.“
هن
Linda Goodman
جي ڪتابن مان ڪيترائي حوالا ڏئي کيس
Scorpion
متعلق ڪافي سمجهايو هو.
”ڀلا“
Libra
ڪيئن هوندا آهن؟“ ڇوڪريءَ هن بابت به ڄاڻڻ پئي
چاهيو.
”Libra
ڏاڍا
Balanced
۽
Asthetic Sense
رکندڙ هوندا آهن.“
”توهين مون کي منهنجي ڀيڻ جي
Star
بابت ٻڌائيندا؟“ ۽ هن ڇوڪريءَ جي ڀيڻ جي اسٽار
متعلق ڪافي ڳالهايو هو، جنهن کي ٻڌي هوءَ حيران
پريشان ٿي ويئي هئي.
”توهين ڏاڍا
Intelligent
آهيو؟“
”ڪو ڪتاب پڙهي، اُهي
Ideas
ٻڌائڻ سان ماڻهو
Intelligent
نه ٿيندو آهي.“
”باقي ڪير
Intelligent
هوندو آهي“.
”
Intelligent
اُهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجا نوان نوان
Ideas
ٻين کي ڏئي ۽ ماڻهو هن جا
Ideas
ٻين کي
Quote
ڪن،“
”توهين جينيئس آهيو.“
”چري، جينيئس تمام وڏو لفظ آهي. لکن ڪروڙن ۾ ڪو
هڪڙو ماڻهو جينيئس ٿيندو آهي. هرڪو جينيئس ناهي
ٿيندو، هر ڪنهن کي جينيئس چوڻ اُنهيءَ لفظ جي
توهين آهي.“
”توهين ڪيڏو سٺو ٿا ڳالهايو… توهين پاڻ به ضرور
ڏاڍا سٺا، اڇا ڳورا، ڊگها ۽ سمارٽ هوندؤ.“
”غلط، بلڪل غلط، مان
Average
قسم جو ماڻهو آهيان. ڳورو ناهيان رنگ سانورو اٿم،
قد به مناسب آهي ۽ سمارٽ به ناهيان، جڏهن کان ڪجهه
سالن کان
Jogging
ڇڏي اٿم، تڏهن کان
Fatty
ٿي ويو آهيان.“
”سانورا ماڻهو مون کي ڏاڍا وڻندا آهن.“
”مان ٿورو ٿورو گنجو به ٿي ويو آهيان، وارن ۾ اڇا
به پئجي ويا آهن……“ هن ڇوڪريءَ کي ڪنهن به قسم جي
غلط فهميءَ ۾ مبتلا رکڻ نه پئي چاهيو.
”توهين هروڀرو پنهنجي
Appearance
کي ڀوائتو بڻائي پيش ڪري رهيا آهيو!“
”جيڪا حقيقت آهي اُها ٻڌايان پيو.“
”اِهائي ته توهان جي ڳالهه مون کي وڻي ٿي……“
ڇوڪريءَ وري هڪ نئون موضوع ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي…
”توهين ميوزڪ ٻڌندا آهيو؟“
”جي بلڪل.“
”ڪير وڻندو اٿو…“
”ڪهڙي قسم جي ميوزڪ ۾.“
”مطلب!“
”مطلب ته ميوزڪ الائي ڪيترين ٻولين جو هوندو آهي.
هر ٻوليءَ لاءِ الڳ
Favourite
هوندو آهي، وري اُنهيءَ جا ٻيا درجا آهن، جيئن
ڪلاسيڪل، پاپ…“
”ڪلاسيڪل مون کي بلڪل پسند ناهي، مهرباني ڪري انهن
متعلق نه ٻڌائجو، باقي ٻي لائيٽ ميوزڪ ۾ ٻڌايو…“
”انگريزي ميوزڪ ۾ مرد ڳائڻا ايلٽن جان، مائيڪل
بولٽن، رچرڊ مارڪس ۽ برائن ايڊمس وڻندا آهن ۽
عورتن ۾ شنائياٽوين ۽ برٽيني اسپيئرس… توهان کي
ڪير وڻندو آهي.“
”انگريزي گانا ته گهڻا ڪو نه ٻڌندي آهيان پر ٿورو
گهڻو مائيڪل جيڪسن وڻندو آهي.“
”او ماءِ گاڊ… مائيڪل جيڪسن به ڪا وڻڻ جي شيءِ
آهي…“
”توهين مون تي طنز ٿا ڪريو.“
”Sorry
مون کان غلطي ٿي ويئي… ٻيو ڪير وڻندو اٿو…؟“
”نه هاڻي ڪو نه ٻڌائينديس“
”نه نه، ٻڌايو…؟“
”بس ڪو به نه وڻندو آهي.“
”وري به ٿورو ٻڌايو……“
”توهان ايڊم جو هي گانو ٻڌو آهي:
Look into my eyes,
Lok into my heart,
Look into my soul,
You’ll feel Love for you
Every thing I do,
I do it for you.
”او ماءِ گاڊ، توهان کي اهو گانو وڻندو آهي.“
”مون کي به ڏاڍو وڻندو آهي… مطلب ته توهان جي
موسيقي ٻڌڻ جي
Taste
به ڏاڍي سٺي آهي.“
”هاڻي ڀلا رڳو ادب مان ’توهان توهان‘ ڪري
ڳالهائينداسين يا ’تون‘ به ڪري ڳالهائينداسين.“
”ڇو ’تون‘ ڪري ڇو؟“
”ڇو جو ’تون‘ لفظ ۾ جيڪا پنهنجائپ آهي اُها
’توهان‘ ۾ ڪٿي؟“
”ايترو جلدي فري ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي.“
”پر ٻه دوست ته فري ٿي ’تون‘ ڪري ڳالهائي سگهن
ٿا…“
”پاڻ اڃا دوست ڪٿي ٿيا آهيون…… في الحال ته صرف
واقفيت ٿي آهي.“
”واقفيت مان وڌي دوستي ٿيڻ گهرجي…“
”ايترو جلدي نه… هونئن منهنجي پرورش ڪجهه اهڙي ٿي
آهي جو ڪنهن سان ’تون‘ ڪري ڳالهائي ناهيان سگهندي…
’توهان‘ کي ئي رهڻ ڏيو… وقت آيو ته ’تون‘ ڪري
ڳالهائينداسين … پر اُنهيءَ ۾ اڃا ٽائيم لڳندو…
توهان
Mind
ته نه ڪيو؟“ |