مهراڻ پهرين ڇولي
مهراڻ نه ته ڪنهن جو ذاتي رسالو آهي، نه ئي ڪنهن
ڌُر، ٽولي يا گروهه جو رسالو آهي. مهراڻ سڀني
سنڌين جو رسالو آهي. سنڌ، پاڪستان، هند – بلڪ سڄي
دنيا ۾، جتي جتي به، سنڌي رهن ٿا – اُنهن سڀني جو
رسالو آهي. مهراڻ!
جڏهن اسين مهراڻ لاءِ ايڏي هام هڻون ٿا، ته اُهو
سڄي جڳ جهان جي سنڌين جو رسالو آهي – تڏهن مهراڻ
جي معيار جي ڳالهه به اوس نڪرندي. ائين پڙهندڙ جو
به ذڪر ٿيندو، جيڪو اُن معيار جو پارکو پڻ آهي - ۽
پڙهندڙن مان مراد سڄاڻ پڙهندڙ ئي آهي. اسان کي
مهراڻ جي معيار جي ڏس ۾ سڄاڻ پڙهندڙ جي تنقيدي
راٰءِ جو شدت سان اوسيئڙو رهندو. اهڙي راءِ نه رڳو
لکندڙ کي سندس ذميوارءَ جو احساس ڏياريندي، بلڪ ان
لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ پڻ بڻجندي.
جڏهن اسين مهراڻ کي سڄي جڳ جهان جي سنڌين جو رسالو
سڏيون ٿا، تڏهن اُن جي تعداد/ سرڪيوليشن بابت به
پڇاڻو ٿيندو. [هيل تائين ته نه ٿيو آهي!] اها
ڳالهه ٻڌائڻ جهڙي آهي يا لڪائڻ جهڙي؟ بهرحال،
تعداد/. سرڪيوليشن هزارن ۾ نه پر سون ۾ آهي! ۽
اِها هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. سرڪيوليشن
/ تعداد وڌڻ بدران گهٽجڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڇا
سنڌيءَ ۾ اعلى ادب تخليق ٿيڻ بند ٿي ويو آهي؟
مهراڻ کي گهڻن هٿن تائين ڪيئن پهچائجي؟ وقت ۽
حالتن، پنهنجن ۽ پراين جي ڪَرتوتن اسان کي جنهن
خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، اُن مان ڪيئن
اُڪرجي؟ ان ڏس ۾ اسان جون – اوهان جون – ڪهڙيون
ذميواريون آهن؟
انهن سڀني سوالن جي جوابن لهڻ لاءِ – اوهان کي،
اسان کي – هڪٻئي جي واهُر ڪرڻ کپي ۽ ان ريت ئي
اُهو وڃايل دڳ ڳولي سگهجي ٿو، جيڪو اسان کي مومل
جهڙي ماڳ تي رسائيندو.
[2]
مهراڻ ٻي ڇولي
ڪنهن به لکندڙ جي نالي آڏو سچو، کرو،
Original genuine
لکڻ کپي؟ يا صرف ”لکندڙ“ لکڻ سان ئي اِهي سمورا ڳڻ
– سڳڻ ان ۾ شامل سمجهڻ کپن! اُن جي ذات جو اڻٽٽ
حصو آهن، اهي وصفون، انهيءَ ۾ ڪي به ٻه رايا نه
آهن ته ”لکڻ – لَکڻ“ آهي. هڪ لکندڙ جون آڱريون وقت
جي نبَض تي هونديون آهن. هڪ اديب هڪ شاعر ۽ هڪ
عالم [خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جو، ڇو ته هن جي
لولي ۽ لوئي، ٻيئي خطري ۾ آهن] لوليءَ ۽ لوئيءَ جي
بچاءُ جي جنگ وڙهي ٿو. ذاتي ۽ گروهي مفاد تي قومي
۽ اجتماعي مفاد کي ترجيح ڏئي ٿو. هو مصلحتن کان
مٿانهون هوندو آهي. هڪ شاعر، هڪ اديب ۽ هڪ عالم
ڪڏهن به احساس ڪمتري/ برتريءَ جي چَٺ نه ٿو لَڪي!
هو پاڻ ارپڻ جي جذبي سان، هڪ انتهائي اعلى ڪم ۾،
پاڻ کي رُڌل رکي ٿو. هڪ عالم، هڪ اديب ۽ هڪ شاعر
کي لِکڻ واريءَ سِٽ ۽ سٽڻ واريءَ سٽ جي فرق جي خبر
هوندي آهي. پر اهو انتهائي اعلى ڪم، يعني لکڻ/رچڻ/
سرجڻ جو ڪم ايڏو سولو به ڪونهي، اُن لاءِ سوريءَ
تان سورانگهڻو پوندو آهي!
”آءُ ڪئن کلندي کير پيان منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن
۾!“
پر ڪيترا لکندڙ ان ڪم کي ڏاڍو سولو سمجهندا آهن.
ايڊيٽر صاحبان جو حال ته ان کان به چَٽ آهي ۽ اُهي
ائين ڇپي رهيا آهن، جيئن لکندڙ لکي رهايا آهن ۽
پڙهندڙ به اُهو لکيو/ ڇپيو، ائين جو اُئين پڙهي
رهيا آهن! سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اهوئي
”لکيو“ سنڌي قوم لاءِ لکيو منجهه نراڙ آهي!
سچ ته اهو آهي ته اهو جيڪي ڪجهه به لکجي –
ڇپجي – پڙهجي رهيو آهي، اُن جي آڌار اُنهيءَ چوڻ ۾
ڪا به هٻڪ نه ٿي ٿئي ته اهي ٽيئي ڌريون – لکندڙ،
ڇپيندڙ ۽ پڙهندڙ – پنهنجين ذميوارين نڀائڻ ۾ مڪمل
طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن.
۽ اهو به سچ آهي ته انهيءَ ناڪامي جي اعتراف مان
ئي ڪاميابي جو دڳ ڦٽي ٿو، ڇا اسين اهڙي اعتراف ڪرڻ
لاءِ تيار به آهيون ته اهو ٽِڪنڊو:
لکندڙ
ڇپيندڙ
ٽُٽي چڪو آهي! ان اعتراف کانپوءِ ئي ان ٽٽل ٽڪنڊي
کي جوڙڻ جو عمل شروع ٿي سگهندو.
۽ اهو به سچ آهي ته گُهگهُه اونداهي رات جي پيٽ
مان ئي روشن صبح طلوع ٿيڻو آهي. اچو ته اُن روشن
صبح جي آجيان لاءِ هٿن ۾ گلابن جا هار ۽ اکين ۾
لڙڪن جي ماڪ کڻي، اُن واٽ – سُواٽ تي هلي بيهون،
جتان سون – ورن سِڄ جي سُواري لنگهڻي آهي:
سنڌ جي سينڌ مان صبح جو سوجهرو
ڇا به ٿي پئي کڻي آهه ڦٽڻو ضرور
آپِٿون پير جو پنڌ کٽڻو ضرور
رات کٽندي ضرور
ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضررو!
[3]
مهراڻ ٽي ڇولي
”سنڌي ٻولي مرڻي ناهي!“ اِهي پڇاڙڪا اکر آهن، جيڪي
هري درياني دلگير اُچاري، پنهنجا پراڻ تياڳيا، اڄ
جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي انيڪ خطرا ۽ چئلينجرز آهن،
تڏهن خود دلگير جي شاعري، ان دعوى جو دليل آهي ته
سنڌي ٻولي مرڻي ناهي! دلگير اسان جي دور جو اُهو
شاعر آهي، جنهن جي نالي سان وڏو عظيم، مهان جون
اڳياڙيون هڻڻ ضروري نه آهن. هڪ ته دلگير جهڙي شاعر
آڏو اُهي لفظ ننڍا ٿا لڳن، ٻيو ته اهي لفظ ايترو
ته واهپي ۾ رهيا آهن، جو گسي ويا آهن ۽ اَهميت
وڃائي چڪا آهن.
هوئنهن به هري درياني دلگير کي هري درياني دلگير
چوڻ سان ئي، سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ سندس حيثيت ۽
اهميت متعين ٿي وڃي ٿي.
هري درياني دلگير نه رڳو سنڌي شاعريءَ جي شاندار ۽
لازوال اتهاس جو جاندار حصو رهيو آهي، بلڪه هن
پنهنجو الڳ اتهاس پڻ جوڙيو آهي. هري درياني دلگير
جي پڇاڙڪن اُچاريل اکرن ”سنڌي ٻولي مرڻي ناهي“ ۾
اسان لاءِ اهو سنيهو آهي ته سنڌي ٻولي هڪ زنده
جاويد ٻولي آهي ۽ اسين اُن ڏانهن پنهنجون
ذميواريون نڀائي امرتا ماڻي سگهون ٿا:
مرنداسين ته دعائون ان ۾
جيئنداسين ته صدائون ان ۾
جُڳ جُگاندر تائين سائين
سنڌي ٻولي امر رهي!
[3]
مهراڻ ٽي ڇولي
”گدا“ ملاڪاتياري
به اُنهي ڏيهه ڏانهن اُسهيو، جتان ڪو به واپس نه
وريو آهي. ”گدا“ ملاڪاتياري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ عام
ڪارڪن ۽ شاعر آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي بچاءُ
۽ ڦهلاءُ لاءِ ”ڏات، ڏيپ، مارڪو سنگت“ قائم ڪئي ۽
اُن پاران ڪيتريون ئي محفلون مچايون.
”اصغر“ هالو به اڄ اسان ۾ موجود ناهي، ٺٽي ۽
ڪراچيءَ ۾ ادبي محفلن مچائڻ ۽ مشاعرن ڪرائڻ ۾ سندس
وڏو ڪردار آهي. هن کي سهڻي نموني ياد رکڻ جو هڪڙو
طريقو اهو به آهي ته هن ادب ۽ شعر جي جيڪا شمع
روشن ڪئي آهي، اُن کي اُجهامڻ نه ڏيون ۽ اُنهن
ادبي محفلن جو سلسلو جاري رکون.
”مائي الهه وسائي ڪئنسر وگهي مري وئي“ اها دکدائڪ
خبر اخبار وسيلي اسان تائين پهتي، مائي الهه وسائي
هڪ لوڪ فنڪار آهي. جيساتئين جيئري رهي، سُر
آلاپيندي رهي. ڪئنسر (مرض) نه پر غربت جي ڪئنسر هن
کي ماريو. ڪئنسر لاعلاج مرض هجي به کڻي، پر غربت
جو ڪئنسر لاعلاج مرض نه آهي – پر پنهنجن فنڪارن
سان اسان جي اَجوڳي ورتاءُ، لاڳاپيل ادارن جي بي
حسيءَ جي ڪئنسر جو شايد ڪو به دوا دارون نه آهي!
[4]
مهراڻ چوٿين ڇولي
مهراڻ اونهارو 2004 ۾ شاعريءَ واري ڀاڱي جو آغاز
اسان لطيفي لات سان ڪيو آهي ۽ ان ڀاڱي ۾ ڪلاسيڪل
دور [شاهه، سچل، سامي]، روايتي دور [گل، حامد،
سانگي] ۽ جديد دور [طالب المولى، اياز، تنوير] جي
شاعري ڏني وئي آهي.
انهن شاعرن جو ڪلام انڪري به ڏنو ويو آهي ته جيئن
نه رڳو اسين انهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهون، پر
ساڳئي وقت اسين پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي لافاني ڪلام
پڙهڻ جي پاڻ ۾ هير وجهون ۽ گهُتون گوهيون ڇڏي –
اُڌاري ۽ ڌارائين بدران – اصل، نج ۽ پنهنجي ڏانهن
ورون!
چِٽَ پراوا ڪِينَ وڻن،
پنهنجي لوئي لاک – رتي!
[تنوير عباسي]
[5]
مهراڻ پنجين ڇولي
مهراڻ اونهارو 2004 لاءِ جيڪو مواد فائيل ۾ هو، ان
۾ گهڻي شاعري هئي ۽ اُها به گهڻي ڀاڱي غير معياري
هئي – يا ٻين هنڌن تي ڇپيل، ٻيو سڀ ڀرتيءَ جو مال
هو! ڪهاڻيءَ جو حال ته اُن کان به وِيَل هو.
اصلوڪي ڪهاڻي صرف هڪ هئي، سا به نه هئڻ جهڙي!
ته ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ اعلى ادب جي تخليق بند ٿي چڪي
آهي؟ ڇا عبدالقادر جوڻيجي جي اها راءِ صحيح آهي ته
[عظيم] سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي وئي! امداد حسينيءَ
جو اهو چوڻ ڪيتريقدر صحيح آهي ته سنڌي
شاعري ڪنهن مَقام ماڻڻ بدران مُقام ۾ پهچي وئي
آهي! يا تاج بلوچ سچو آهي ته سنڌي ادب زوال پذير
قدرن جي ور چڙهي ويو آهي!
ادب/ شعر جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه به پرنٽ ميڊيا
[اخبار، رسالي، مئگزين، جرنل، ڪتاب……] ۾ ڇپجي رهيو
آهي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا [ريڊيو، ٽي وي، ڪيسٽ، سي
ڊي] تان نشر/ ٽيليڪاسٽ ٿي رهيو آهي، اُن کي پڙهي،
ٻڌي، ڏسي ته مٿيان رايا صحيح ٿا لڳن.
پوءِ اسان ميعاري مواد لاءِ جاکوڙيو – جيڪو اسان
جو فرض آهي. شاعرن، عالمن ۽ اديبن وٽ هلي وڃڻ،
پنهنجو پاڻ کي مانُ ڏيڻ آهي. فون تي، خطن وسيلي ۽
روبرو – کين مواد ڏيڻ لاءِ چيوسين. اسان جا اديب،
شاعر ۽ عالم – جن کي سندن تحريرن جو ڪو به اُجورو
نه ٿو ملي – ايترو ته لهڻن ته کانئن مواد گهريو
وڃي، وٽن هلي وڃجي، اسان کي خوشي آهي ته اسان کي
ان ڏس ۾ سٺي موٽ ملي - ۽ سنڌ جي شاعرن، عالمن ۽
اديبن اسان کي مانُ ڏنو.
[6]
مهراڻ ڇهين ڇولي
مهراڻ اونهارو 2004 ۾ جيڪو مواد پيش ڪري رهيا
آهيون، اُن بابت ڪجهه لکي اسين پڙهندڙڻ جي راءِ تي
اثرانداز نٿا ٿيڻ چاهيون، پر ڪجهه تحريرن جو ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي، سو به صرف ايترو ته ممڪن آهي ته
انهن نثري توڙي شعري تحريرن کي پڙهي – عبدالقادر
جوڻيجي، تاج بلوچ ۽ امداد حسينيءَ کي پنهنجي راءِ
تي نظرثاني ڪرڻي پئي.
بيدل مسرور هونئن ته راڳي طور يا وڌ ۾ وڌ
ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقوق [ڪليات مسرور] طور
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر مهراڻ اونهارو 2004 ۾
پهريون ڀيرو سندس شاعري ڇپي رهيا آهيون. اها شاعري
به هن 70- 60 واري ڏهاڪي ۾ ڪئي آهي. [جيڪو سنڌي
شاعريءَ جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو]. اهو سچ آهي
ته اهڙيون لکڻيون لکجي رهيون آهن، پر ڇپجي نه
رهيون آهن. منظور جوکئي به ڪهاڻين جي ڪتاب ”خيال،
خوشبو ۽ ستارا“ ڇپجڻ کانپوءِ ”مهراڻ“ لاءِ نئين
ڪهاڻي ڏني آهي. شوڪت حسين شوري ۽ رفيق سومري جون
به نيون ڪهاڻيون ڇپي رهيا آهيون.
مهراڻ جي مواد تي توهان جي تنقيدي راءِ ۽ مهراڻ کي
معياري بڻائڻ لاءِ توهان جي رِٿن جي آجيان ڪئي
ويندي.
ڪجهه لکندڙ پنهنجون تحريرون مختلف هنڌن تي موڪلڻ
سان گڏ مهراڻ ڏانهن به موڪلين ٿا. اديب جيڪو سڄي
جڳ جهان کي
Ethics
جو – اخلاقيات جو درس ڏئي ٿو – اُهو پاڻ ان جي
ڪيتري پاسداري ڪري ٿو؟ ان سوال جو جواب خود کيس
ڳولڻ کپي!
مفتي منجهه وِهار، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين!
[7]
مهراڻ ستين ڇولي
لُڙڪ لُڙڪ ٿي لارَ لَڙي ٿي
لفظ لفظ ٿي سِٽَ
جُڙي ٿي
سِجُ تپي ٿو ۽ پربت تي
ٽيپو ٽيپو برف رجي ٿي
رجي رجي پوءِ نيٺ ڳڙي ٿي
ڳڙي ڳڙي پوءِ ڌارَ ٺهي ٿي
تيز وهڪرو وهي هلي ٿو
۽ موج ڀرهيو مهراڻ تڏهن
ڇولان ڇول ڇُلي ٿو
۽ پوءِ هرڪو بند ڀڃي
سارا سنگهر ٽوڙيندو
ساگر ڏانهن وڃي ڌوڪيندو!
- ادارو
شاعري
اسين جڏهن به شاعريءَ بابت پنهنجن خيالن جو اظهار
ڪريون ٿا، تڏهن اُن مان مراد اُها شاعري نه آهي ته
جيڪا شاعري مان ٿو ڪريان، تون ٿو ڪرين، يا هو ٿو
ڪري!… قطعي نه، بلڪ اُن مان مراد ’مجموعي شاعري‘
آهي. اُها شاعري، جيڪا ٿي چڪي آهي، يا ٿي رهي آهي،
اُن ڏس ۾، يعني شاعريءَ جي ڏس ۾، بنيادي ڳالهه ته
اِهائي آهي ته اُها يا ته شاعري آهي يا شاعري
ناهي! ميٿيو آرنلڊ شاعريءَ کي ”سڀني علمن
جو روح“ سڏي ٿو ۽ پوءِ چئي ٿو ته:
” جيڪڏهن اسين شاعريءَ جو اهڙو اعلى ۽ ارفع تصور
قائم ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي شاعريءَ جي معيار
کي به بلند رکڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اُها شاعري جيڪا ان
اعلى ۽ ارفع تصور جو پورائو ڪري ٿي، اُن کي اُتم
گڻن سان ٽمٽار هئڻ گهرجي. ضروري آهي ته ان ڏس ۾
اسين پاڻ کي اعلى معيار ۽ سخت فيصلي تي هيرايون.“
شاعر، جيڪو جڳ جهان تي تنقيد ڪري ٿو، ڪوڙ کي نندي
ٿو، سچ جو علمبردار ٿئي ٿو، جابر قوتن سان ٽڪرائجي
ٿو ۽ ائين هو هيڻن جو همراهه بڻجي ٿو، مظلومن جو
ڀرجهلو ٿي بيهي ٿو، اُنهن جا لڙڪ اُگهي، کين
مُرڪون بخشي ٿو – ائين شاعري هڪ ڀاري ذميواري پاڻ
تي کڻي ٿو، ان ڪري ضروري آهي ته هو جيڪي ڪجهه به
لکي رهيو آهي ۽ اُن جو پهريون نقاد هو پاڻ بڻجي
بولو چئي ٿو ته ”خود پنهنجي لاءِ سخت گير نقاد
بڻجو.“ شاعر جيڪڏهن قوم کي غلاميءَ جي پنجوڙن مان
آجو ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو ته پهرين خود کيس پاڻ کي
غلام ذهنيت مان آجو ڪرڻو پوندو. ان ڪري هن کي
ٻولڙين ۽ خوشامدين کي سڃاڻڻو پوندو، بولو ان ڏس ۾
چئي ٿو ته:
”اهڙا هڏ ڏوکي دوست پيدا ڪريو، جيڪي توهان کي
خبردار ڪن، توهان جي غلط لکڻين تي ظالم دشمنن
وانگر ڪڙڪي پون.“
۽ يقيناً اسين پنهنجن دوستن مان اِهائي اميد ٿا
رکون ته اسان کي اسان جي غلطين کان آگاهه ڪندا.
اسين جڏهن اخباري ٻوليءَ جي غلطين کي ڳڻايون ٿا،
تڏهن شاعريءَ ۾، جنهن کي ميٿيو آرنلڊ ”سڀني
علمن جو ساهه ۽ روح“ ٿو سڏي، غلطين کي ڪيئن ٿا
لنوائي سگهون! ايليٽ چيو آهي ته ”شاعر جو
بنيادي فرض پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن آهي، ته هو اُن کي
سڌاري ۽ ترقي ڏئي“. اسان جو فرض آهي ته اسين شاعر
کي ان بنيادي فرض جي ياد ڏياريندا رهون. جيڪڏهن
اسين ائين نٿا ڪريون ته
اسين پاڻ به پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ٿا ڪريون، جيڪڏهن ڪير شاعر جي
غلطيءَ کي صحيح ڪري ٿو ته شاعر کي اُن جو ٿورائتو
ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڳالهه صحيح آهي ته اُن کي مڃڻ
گهرجي ۽ جيڪڏهن صحيح ناهي ته رد ڪرڻ گهرجي. [1 –
ح]
سچل سرمست
تون تا ڪڏهن اِيندين، يار،
تُنهنجِي روز نهاريان راه!
سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.
راتو ڏينهان روح کي، تنهنجي سارَ سنڀارَ.
وهَن ٿا واڪا ڪيو، نيڻن سندا نارَ.
آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنهنجا عاشقَ لکَ هزارَ.
سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قهارَ.
پرين پارج پانهنجا، جي ڪيئِي قولَ قرار.
ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنهن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.
اندر منهنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.
اَٺ ئي پَهَر ٿِي وڄي، تُنهنجِي تَند تنوار.
مُئِيءَ کي ماير اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ.
”سچو“ سَگ اوهان جو، ٿو روئي زارو زار.
[عثمان علي انصاريءَ جي سهيڙيل ”رسالي“ تان]
”…… سچل سرمست جي ڪلام ۾ تصوف جون بيحساب اهڙيون
تجليون موجود آهن، جي مسلمانن سان گڏ غير مسلمن جي
دلين تي به حڪومت ڪنديون ٿيون رهن، جي سندس ڪلام
مان لساني لذتن کانسواءِ روحاني تاثرات به وٺندا
رهيا آهن. سچل جي ڪلام جي هڪ خاص خصوصيت هيءَ آهي
ته هو صاحب مدهوشي ۾ هوش جون ڳالهيون ڪندو ٿو رهي
۽ هوش ۾ مدهوشيءَ جا راڳ آلاپيندو ٿو رهي. پنهنجي
ڪلام جي زور تي، پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي ياد ڏياريندو
ٿو رهي ته مسلمان ۽ غير مسلم، امير ۽* غريب جو
فرق، يا ازين قسم ٻيا فرق سڀئي انسانيت جي وهمن جي
ڪارفرمائيءَ جو نتيجو آهن؛ نه ته ظاهر ۽ باطن،
انهيءَ ”واحد حقيقت“ جا ٻه پهلو آهن……“
-
عثمان علي انصاري
(ص 10)
سامي
دَرَدَوَنَدُ داناهَ، دُويت نَه رکَنِ دِلِ ۾
ڏِٺو جَنِ عَدالتي، سَڄَڻُ ساڻُ ويساهَ
هَلَنِ هَٺَ هيبَتَ ري، سوُڌِي سُندَر راهَ
سَدا اَليپَ اَچاهَ، سامي رَهَنِ سُڀاوَ ۾.
دَرَدَوَنَدُ دِلبَرُ، پَرَ تَکِ ڏِٺو پانهِنجو
سامي سَنگِ ساڌوُءَ جي، دِلِ جو کولي دَرُ
ڪَنهِن کي سَلي ڪينَڪي، اَنڀئِه سُکُ اَجَرُ
ڪَري ڪِيئن پَڌَرُ، نازِڪُ ڌاڳو نِيههَ جو.
دَرَدَوَنَدُ دانهان، رَتِ روئي ڪَنِ رات ڏيِنهَن
سَڄَڻَ سِڪَ سوڙهو ڪَيو، روڪي سَڀِ راهان
ڏينِ سَنيها ڏيههَ کي، ٻَڌي نِتُ ٻانهان
عينَ ٻُڌي آهان، سُتَتِ مِلُ سامي چَئي.
[پروفيسر ناگراڻي جي سهيڙيل ”سلوڪن“ تان]
”……سچ پچ به ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ پنهنجي ڀلاري
وطن ۽ اُن جي سهڻن، سٻاجهن ماڻهن ۽ سندن سڄيءَ وطن
۽ اُن جي سهڻن، سٻاجهن ماڻهن ۽ سندن سڄيءَ ڀلائيءَ
۽ ڀل – مانسائيءَ جي اُٿاهه ڄاڻ ۽ اَڻ ميو پيار دل
۾ رکي ڳايو آهي. هنن جو سنيهو انهن لاءِ اهوئي آهي
ته اوهين هڪ اهڙي تهذيبي ورثي جا مالڪ ۽ امين
آهيو، جنهن ۾ انسان جي برابري ۽ نيڪي سڀ کان اعلى
قدر آهي، جنهن ۾ ڪو به اوچ نيچ ڪونهي، جنهن ۾ هر
انسان ٻئي انسان جو ڀاءُ آهي، پوءِ هن جو ڪهڙو به
رنگ هجي. ڪهڙو به نسل هجي، ڪهڙو به مذهب يا ڌرم
هجي؛ سنڌ انساني تهذيب جي انهيءَ اعلى آدرش جي
تجربيگاه آهي. انڪري اُن سان محبت به هڪ آفاقي قدر
آهي. سنڌ کي، سنڌي سماج کي ۽ اُن جي انهيءَ اعلى
قدر کي جوکم پهچائيندڙ ڄڻ ته سموريءَ انسانذات جي
نمائندگي ڪندڙ هن خطي ۽ ان جي اوچي انساني سنگ کي
جوکم رسائين ٿا ۽ نتيجي ۾ سڄيءَ انسانذات لاءِ
جوکم جو سبب بڻجن ٿا. اِن معنى ۾ شاهه، سچل ۽
ساميءَ جي حب الوطني ۽ پنهنجن مارن سان فدائيت جي
حد تائين پيار هڪ اهڙو اعلى آدرش آهي، جهڙو ’حق‘
اعلى آدرش آهي، جهڙو ’حسن‘ اعلى آدرش آهي ۽ جهڙو
’خير‘ اعلى انساني آدرش آهي……“
- محمد ابراهيم جويو
(ص 4)
خليفو گل محمد ”گل“ هالائي
آيو اڄ يار گهر پيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
مليو پرڏيہ ۾ ڏيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
مليو محبوب متوالو، وئو ڏک ڏرت جو ٺالو
ڀڳي دلدار دل ريهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ڪرم ڪئڙو ڪميني سان لائي دل دوست سيني سان
ڳجهاندر ڳالهه ڪي ڪيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ٿيو سُرتيا سنگي ساڄا ڪريو واڄٽ کڙا واڄا
تننا تون چئو ويهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
کلئو اڄ باغ گل رنگي هزارو هيج مان زندگي
نباهيو نينهن نرنيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
(”ديوان گل“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي)
”…سنڌي موزون شعر پارسي بحر وزن تي آخوند گل محمد
کان اڳ به هوندو هو، پر مڪمل ديوان جي صورت ۾
پهريائين آخوند گل محمد آندو. گل کانپوءِ سنڌ ۾
ٻيا به اٺ ديوان تيار ٿيا آهن، جن جو مفصل احوال
ادبي سوسائٽي جي ’تحفه‘ ۾ ڄاڻايو ويو هو. آخوند گل
محمد جو شعر بلڪل پُختو ۽ سنجيدو آهي. سنڌي زبان
جي لحاظ کان ٻين ديوانن کان بلڪل نرالو آهي. منجهس
ٺيٺ سنڌي ٻولي ڪم آيل آهي، جنهنڪري هن وقت اها
ٻولي البت ڏکيري لڳي ٿي. نيٺ سنڌي الفاظ ۽ محاورا
قاضي عبدالغفور صاحب سمجهائي آسان ۽ عام فهم ڪيا
آهن، ته به ڪي ڪي لفظ اڃا به سمجهاڻيءَ طلب آهن،
جن تي به قاضي صاحب کي توجهه ڏيڻ کپندو هو…“
– محمد صديق ميمڻ
(شروعاتي نوٽ)
مير عبدالحسين ”سانگي“
جي سُهڻو پاڻ سڏائي ويا
البيليون اکيون اٽڪائي ويا
چپ چاشنيدار چکائي ويا
ستي سُورن کي ته جَڳائي ويا
اڃا هاڻ هتي هئا يار پرين
دلبند سَڄڻ دلدار پرين
غمخوار مٺا منٺار پرين
جي پيچ پيارل پائي ويا
هتي دردن جا ته دڪان هئا
هِت سورن جا سامان هئا
وڏا شوخن جا هت شان هئا
سي هاڻي ماڳ مَٽائي ويا
هئا معشوقن جا ماڳ هِتي
هئا رنگ ۽ روپ ۽ راڳ هتي
هئا برهه وارن جا ڀاڳ هتي
سڀ ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا
(”ڪليات سانگي“ مان کنيل)
”…باوجود انهيءَ مشڪل جي، سانگي ’پارسيءَ کان پچر
ڇڏائڻ‘ ۾ بالاآخر ڪامياب ٿيو. بحيثيت فن جي، فارسي
غزل واري روايتي رنگ ۾ سنڌي غزل چوڻ کي عار ڪو نه
سمجهيائين، مگر ان سان گڏ سنڌي غزل چوڻ کي عار ڪو
نه سمجهيائين، مگر ان سان گڏ سنڌي غزل کي خالص
سنڌي ماحول ۾ چمڪائڻ، خالص سنڌي محاورن سان
سينگارڻ ۽ سنڌي ٻولي جي دلپذير اسلوب بيان ۾ ادا
ڪرڻ جي راهه روشن ڪري ڇڏيائين. جَبلن ۽ ڪچن جي
فضائن، مينهن جي وسڪارن ۽ سانوڻ جي نظارن، مارن جي
ماڳن ۽ سانگين جي سِٽائن جي دلپذير ذڪر سان سنڌ جي
فطري ماحول کي چمڪايائين؛ ۽ مارئي، سسئي، سهڻي جي
مسلسل مذڪورن سان انهيءَ ماحول ۾ مقامي افسانوي
رنگ ڀريائين ۽ اهڙيءَ طرح نئين سنڌي شاعري ۾ ڄڻ
خالص ’طرز سنڌي‘ جو بنياد وڌائين……“
– ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(مقدمو ص 64) |