سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :2

حافظ حامد ٽکڙائي

اَلف اوچتي اڄ اٺايس عمر،

ڪيس ڪالهه آڻي وٺي کان وڳر،

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

بکون ب مٿم بند تسيا تمام،

سدا سومرا سخت مون تي مدام،

سدا ث ثباتي نه ڪوٽن کي ڪا،

هميشہ نه هوندو اهو ڀاڳ ڀا،

خبر خ نه منهنجي پنوهارن پڇي،

وهايام ويهي لوهن ۾ لُڇي،

اٿم د دل ۾ ٿوهر ٿر ٿڌو،

ستي رات سهڻو مون ليٽي لڌو،

ڪري س سڏڙا اٿيندي اسير،

ٻڌي ڪانه ٻاڪار مئي جي ملير،

کيان ش شيرا نه تنهنجا تسي،

رڌي رات هوندي پنوهارن پُسي،

عمر ع آهي نه ويجهو وطن،

ڪندم شال ڪنڌيين ڌراڙيون دفن،

ڪيم ڪ ڪوٽن تي نڪري نهار،

اُٻون ابر اُڀ ۾ مٿان هئا ملار،

لکان ل سو ڪيئن پنوهاريون پڙهن،

هزارين مٿي حرف ڳوڙها ڳڙن،

هيين هير هه وه وطن جي وڻي،

سنڀاليوم ستار دل ۾ ڌڻي،

لکين لام جاڳيو ٿي جانان ڀري،

هتي شال ”حامد“ سندم پت ڀري،

سوين ڪيام سڏڙا نه پهتي پهر؛

نظربند نيرن ۾ سوگهي سٻر؛

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر؟

پچان پور پرڏيهه ڪُوٺيون قيام؛

ٻيا ٻيڙين ۾ ڏهاڻي ڏمر.

ميان ماڙيون تنهنجون وينديون ٿي وا؛

پيا ڳالهيون ڳڻيندا مڙئي معتبر.

نه ڌارين سان دل جي ڪپر مون ڪُڇي؛

رساڻيم روئڻ جا اُڀن ۾ اثر.

رسو روح جو ساڻ ٻيڙين ٻڌو؛

ته وڙڪيو ولهارن ۾ واريان ولر.

ته ماڙين ۾ ماري ڦوڙائو فقير؛

اباڻا اڳاهون، ٿورو پنڌ نه ٿر.

لنگهايان لنگُهڻ روز روئندي رسي؛

سندن سيڪيل ساريان ٿي سڱر.

مئي ماڙيين ڪير ڏيندم ڪفن!

پکين پارڪر منهنجا پوندا پٿر.

ته ساڻيهه ڏي سَمهين ڪي تاڙي تنوار؛

ڏٺم ڏِس مٿي ڪرڪ وسندس ڪڪر.

ورق ويڌنا منجهه سڻيو سڙن؛

ٻڌيو ٻاڦ ٻاري ٿي خاطوءَ خبر.

اڀيٺياس اوڏانهن اکڙيون کڻي؛

ته ڪڏهن سندس قيد پڄندا پهر!

ته والي وطن واڳ منهنجي وري!

آهي ڍاٽ ڍولي سان پاسي ڍنگر.

(تذڪرهء شعراءَ ٽکر“ – ص 35)

مخدوم محمد زنان ”طالب المولى“

منهنجي سر جو آهي گهمنڊ پرين،

آءٌ چوڏهين، منهنجو چنڊ پرين!

هو صاحب، اُن جي آءُ منزل،

هو درد دل ٿيو ۽ آءُ دل،

هو حل سندم ۽ آءُ مشڪل،

آءٌ کير، ۽ مون ۾ کنڊ پرين.

آءٌ نغمو ۽ هو نغمه سرا،

آءٌ سوز ٿيس، هو اُن جي صدا،

آءٌ آهيان ادا، هو حسن ادا،

آءٌ محبت، اُن جو منڊ پرين.

تقسيم ازل ۾ جيڪا ٿي،

محبوب آيو منجهه منهنجي پتي،

آءٌ سکڻو، هُو ئي مال مڏي،

ونڊ ورڇ ۾ آيم ونڊ پرين.

آءٌ رات، هو منهنجو صبح ٿيو،

آءٌ قالب، هوئي روح ٿيو،

آءٌ ٻيڙي، ۽ هو نوح ٿيو،

آءٌ اڻ تارو، منهنجو سنڊ پرين.

آءٌ بيخود، هو ئي منهنجي خُو،

آءٌ گل ۽ اُن جي هو خوشبو،

آءٌ دريا، منهنجي رواني هو،

آءٌ آهيان صدف ۽ ۽ سمنڊ پرين.

آءٌ ’طالب‘، منهنجو هو مولا،

آءٌ عشق ۽ منهنجا هو جذبا،

آءٌ آهيان خطا، هو سراپا عطا،

آءٌ ڏوهه ۽ منهنجو ڏنڊ پرين.

”…طالب المولى جي فن کي هڪ مخلص ۽ محقق فنڪار جي حيثيت سان، جديد ۽ قديم معيارن ۽ قدرن تي پرکڻ ۽ پرجهڻ کانپوءِ ڪلام جي تاثر ۽ جذب کي ڏسي، ائين ٿو معلوم ٿئي ته اها شاعري ڄڻ ته تصنع ۽ تڪلف جي پيداوار ئي ناهي؛ پر شاعري سندن فڪر ۽ فن، ذوق جماليات ۽ روحاني واردات مان ائين وهڪرا ڪري نڪتي آهي، جيئن پهاڙ مان ڌارا! ان طرح، بقول علامه قاضي صاحب جي ته ”شاعري اُها آهي، جا ڳائي سگهجي ۽ ڳائي وڃي.“ ان معيار موجب، طالب المولى جو ڪلام نغمه ريز، سريلو، اثرائتو ۽ دلڪش آهي. اگر تحت اللفظ پڙهيو وڃي ته به ان جي رنگينيءَ کان ڪيفيات جو حصول ٿئي ٿو، پر جي ساز ۽ آواز جي هم آهنگيءَ سان پيش ڪيو وڃي ته پوءِ انسان جي روح ۾ وجد آور ۽ وجداني واردات جو نزول محسوس ٿئي ٿو. لفظن جي جڙاوت، تراشيل ۽ صاف ڪيل هيرن جو ڪَڻين وانگر آهي – بعض اشعار ته الهامي رنگ ۾ آهن.

جديد دور ۾، شاعريءَ جي اها به وصف بيان ڪئي وئي آهي ته ”شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي ته اها ساده دل عوام جي خيالات ۽ جذبات جي ترجماني به ڪري ۽ ان سان گڏ انهن جي ”ذهني ۽ قلبي طلبن ۽ تقاضائن کي به ڇيڙي“ – ان خيال سان به طالب المولى جو فن ”عوامي“ چئي سگهجي ٿو……“

-                                   غلام محمد گرامي

(مهراڻ – ”شاعر نمبر“ ص 3)

شيخ اياز

(1)

آءُ اُها لَس – ليٽَ، جنهن تي چمڪي چاندني؛

اُڀران اوچي چنڊ ڏي، ٻوڙيان ڪيئي ٻيٽَ،

ساگر ڪهڙي ڀيٽَ، تارن هيٺ تَلاوَ سان!

(2)

سَنڌيا ٽاڻي ڏِيئڙا، تن ۾ پنهنجي سونهَن،

ٻِي ڪا وِيرَ ورونهَن، اُڀري اُڏري چنڊ ڏي!

(3)

هيءَ نه امرت اوتَ، وههُ به وَٽيءَ ۾ وينگسو!

پَر جي چاهيو چَسَ کي، ڪو نه ڪيو ڳڻڳوتَ:

ماري ناهي موتَ، سُر ڪيون جنهن کي ساههَ ۾.

(4)

آڌيءَ رات اُجهام، ڪنهن کي گهرجي سوجهرو!

تنهنجو ههڙي واءَ ۾، ڪهڙو آهه قيام!

ڪهڙي وير! وِسام، ڏيئا منهنجيءَ ڏات جا.

(5)

ڏيئا منهنجيءَ ڏات جا، ايڏو واءُ وَڻاءُ!

توتي ڪنهن به پتنگ جي، پَرَ نه ڪَيو پڙلاءُ،

آڌيءَ منجهه اُهاءُ، پوءِ به اُهوئِي ٿو ڪَرين!

(6)

ڳوڙها ڳاڙي رَت جا، پِيلا ڳل لڪاءِ؛

اُف اُنهن تي جي اچي، چَپ ڪَپي اُڇلاءِ؛

تِن وٽ ووءِ نه واءِ، جن وٽ نعرا نينهن جا!

(”مهِراڻ“ شاعر نمبر  - 1969ع)

”… سنڌو ماٿر جي پنج هزار ساله تهذيب … موهن جو دڙو، رگ ويد ۽ اُپنشد… شيخ اياز صاحب جي املتاس جي ڇمڪڻن گلن مثل، سڳنڌيت ڏات جو اٻٽڻ هڪ پاسي آهي ته تسلسل ۽ ماضي ٻئي پاسي. ڊي. ايڇ. لارينس چيو آهي: ”شاعري ماضيءَ جو آواز هوندي آهي.“ خود شيخ اياز صاحب چيو آهي ته: ڏات ڪڙي ڪڙي جي زنجير آهي.“

۽ مٽي برابر ڪچي…… پر مِٽيءَ سان رشتا ڪٿي ڪچا هوندا آهن؟ ۽ هيئن به چيو ته، ”جنهن مِٽيءَ تي مرڻو آهي، تنهن مٽيءَ کي پهرين سار!“

شيخ اياز صاحب ننڍي کنڊ سان يگانگت طور، پاڻ کي پنهنجي اتهاسڪ پرمپرا سان هر حالت ۾ جوڙي رکيو، ۽ ماضيءَ جي ماضيءَ سان رشتو جوڙي رکڻ بقول امداد حسينيءَ جي: ”ڪو سوکو ڪم ڪونهي.“ پر اياز اهو ڪم برصغير جي ڪنهن به وڏي شاعر کان وڌيڪ سڦلتا سان ڪري ڏيکاريو ۽ فهميده رياض جي بقول: ”شيخ اياز ننڍي کنڊ جي شعري سرمايي کان پاڻ کي محروم نه ڪيو هو ۽ نه صرف پاڪستان، پر پوري ننڍي کنڊ ۾ جيترا به شاعر پيدا ٿيا آهن، غالباً شيخ اياز جي جوڙ جو ڪو ٻيو شاعر اُنهن ۾ هوئي ڪونه……“

– نصير مرزا

(مهراڻ“ – ”اياز نمبر“ – ص 393)

تنوير عباسي

سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن

منهنجون دانهون منهنجون آهون تنهنجيون آهن

منهنجا ساز ۽ منهنجا نغما تنهنجا آهن

منهنجو ماڳ به تون ئي منهنجو ڀاڳ به تون ئي

منهنجا مارڳ منهنجا رستا تنهنجا آهن

ڏينهن راتين جا اوجاڳا تنهنجا آهن

منهنجي بي خوابيءَ جا سپنا تنهنجا آهن

 

منهنجي جرئت منهنجي همت تولئه آهي

منهنجي قوت منهنجي طاقت تولئه آهي

ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻل سو تولئه آهي

منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تولئه آهي

آءُ نماڻو آهيان، آءُ نماڻو آهيان

سنڌڙي، جڳ جي ساري عظمت تولئه آهي

هونءَ ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾

پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تولئه آهي.

هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون تنوير جي شاعري توجهه سان پڙهي ۽ سندس زباني پڻ ڪيئي ڀيرا کانئس ٻڌي چڪو آهيان. مون کي سندس شاعريءَ ۾ اُهي سڀيئي خوبيون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ شانائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن. ساڳئي وقت دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ ان ڪتاب جيئان آهي، جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي. مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي، سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀڪجهه اُن ڏات جو ڦل آهي، جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي ۽ جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو غم ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي.…“

– ”نياز“ همايوني

(مهراڻ“ – تنوير نمبر – ص 203)

مير عبدالرسول ”مير“

بيت

ساروئي سبحان، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

متان ماپين مانُ، متان پوين مامري!

 

الفت جو اعلان، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

ڪو به نه شڪ گمان، چڻڪي ڪڏهن چِتُ ۾.

 

چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

سرهائي سُرهاڻ، دلبر سنديءَ ديد ۾.

 

اندر جو احساسُ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

وکريو ڏين واسُ، ماندو مَنُ مهڪي پوي.

 

اکين جو پاڻي، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

سيرت ساماڻي، نرملَ نيڪ نگاهه ۾.

 

سانوڻ جو سرچاءُ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

سندو هير هڳاءُ، گهُلي هڪڙيءَ گهورَ سان.

 

ساروئي سنسارُ، اکيون ”مير“ عجيب جون،

جوڙيو جن جنسارُ، جِهرمِر جهِرمِر جڳ ۾.

 

نسوروئي نورُ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

هردم هوت حضورُ، پيهي پَسن پاڻ ۾.

 

نسوروئي نينهُن، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

رات هجي يا ڏينهن، برسي برسن بانوريون.

 

نسورو ئي ننگُ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

راتو ڏينهان رنگُ، ماندا پسن مهر جو.

 

نسورو ئي نازُ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

ساز نه ئي آوازُ، ڳُجهه ۾ ساريون ڳالهيون.

 

اکڙين جو آرام، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

جنهن سان ڪن ڪلام، سوئي جَرڪي جيئڙو.

 

ماضي، مستقبل، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

مارڳ ۽ منزل، سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ ۾.

 

باک ڦٽيءَ جي هِيرَ، اکڙيون ”مير“ عجيب جون،

ملي سَگهه سريرَ، وڻ ٽڻ وڃن واسجي.

کيڙيان ويٺو کيتَ، سوچن سندا سنڌ ۾،

هي جي منهنجا بيت، آئيندي جو آجپو!

 

هي جي منهنجا گيت، اُڀري آيا اُڀ تي،

ڏيندا ساري ڏيهه کي، سوچن جا سنگيت،

جرڪي پوندي جيتَ، جاڏي ڪاڏي جڳ ۾.

 

هڪڙي ڏينهن حسابَ، مادر مُڪا ”مير“ ڏي،

ڪهڙا ٽي ڪارائتا، خيري ڏٺا خواب؟

جوڙيا جيءَ جوابَ، ”لويون، لوءِ، ڪُهاڙيون“.

 

ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ ڪور، سرتيون هن ساڻيهه کي،

پوءِ به سيني سنڌ جي، پوڻا ناهن پور،

ڀُونءِ نه ٿيندي ڀورَ، ڀُرندا ويري ڀونءِ جا.

 

سندي جيون سوچ، ”مير“ نه ڀانيان مامرو،

لُنءِ لُنءَ اندر لوچ، سورج ڪِرڻا سامهان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com