سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :15

ناسف علي شيراز                                 [قسط-1]

سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي

[نوٽ: اڄ کان ڏهه سال اڳ ”سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان تي هڪ مقالو لکيو هوم، جيڪو ”نئين زندگيءَ“ جي مارچ 1993ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. اُن مقالي ۾ مون پهريون دفعو اِهو نظريو پيش ڪيو هو ته سنڌي لغت نويسيءَ جو آغاز عبدالرشيد ٺٽويءَ جي لکيل ٻن لغتن سان ٿئي ٿو. اُن کان علاوه، مون مختلف ڪتبخانن جي ڪيٽلاگن ۽ ببليوگرافين جو مطالعو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 73 سنڌي لغتن جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. مقالو جڏهن شايع ٿيو ته اُن ۾ ڇپائيءَ جون تمام گهڻيون ڄُڪون نظر آيون ۽ ڪافي تاريخون به غلط ڇپجي ويون هيون. اُن کانسوءِ ڪي لغتون غلط عنوان هيٺ پڻ اچي ويون، مثلاً آخوند عبدالرحيم جي لغت ’سنڌي – فارسي لغتن‘ جي عنوان هيٺ اچڻ کپندي هئي پر اُن جي داخلا ’فارسي – سنڌي لغتن‘ هيٺ اچي ويئي. اهڙيءَ طرح ”ساقي“ سجاوليءَ جي لغت ’لمي لغتن‘ جي عنوان هيٺ اچڻ کپندي هئي. پر اُها داخلا ’سنڌي لغتن‘ جي عنوان تحت اچي ويئي. ڪجهه لغتون غلط نالي سان ڇپجي ويون، جيئن ’راشدي عربي‘  ’راشدي فارسي‘، اصل ۾ اُنهن جا صحيح نالا ’رشيدي عربي‘ ۽ ’رشيدي فارسي‘ آهن. اُن مقالي کانپوءِ محترم تاج جويي جو مقالو ”سنڌي زبان ۾ لغت نويسي: هڪ سرسري جائزو“ رسالي ”مهراڻ“ 3/1999ع جي شماري ۾ شايع ٿيو. تاج پنهنجي مقالي جي ترتيب لاءِ منهنجي مقالي تان ڪافي استفادو ڪيو آهي. ساڳيو مقالو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مرتب ڪيل هڪ جلدي لغت ۾ پڻ ڏنل آهي. تاج جي مقالي کانپوءِ ڊاڪٽر جيٽلي سنڌي لغت نويسي جي تاريخ کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو آهي. مقالي جي صفحي 54 تي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”ممڪن آهي ته ڪن لغتن بابت مون کي معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي، اُنهن بابت جيڪڏهن ڪي سڄڻ منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا ته شڪر گذار رهندس.“ ڊاڪٽر جيٽلي جي مضمون کي مدنظر رکندي مون پنهنجو اڳيون ليک نئين سر ترتيب ڏنو آهي ۽ اُن سان گڏ ڪافي واڌارا به ڪيا اٿم. مون پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي ته هن ليک ۾ لغتن متعلق وڌ ۾ وڌ ڄاڻ شامل ڪري سگهان، پر يقيناً ڪن لغتن جو ذڪر هن ليک ۾ ٿي نه سگهيو هوندو، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان وٺي وطن کان دور هئڻ جي حوالي سان معذرت ٿو گهران. ڏهن سالن جي عرصي دوران ڪي لغتون ٻيهر ڇپيون آهن ۽ ڪي نيون لغتون پڻ منظر عام تي آيون آهن. جن لغتن جو ذڪر اڳيئن مقالي ۾ ٿي نه سگهيو هو، تن جي ڄاڻ هن مقالي ۾ شامل آهي. انهن سڀني لغتن جو گڏيل تعداد 140 کان مٿي آهي. مون کي اُميد آهي ته ٻيو ڪو جاکوڙي جوان هن موضوع تي قلم کڻي وڌيڪ لغتن سان موضوع ۾ واڌارو ڪندو – ن.ع.ش]

دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ اُن جي علم صرف و نحو ۽ علم اللغتہ جو مطالعو تمام ضروري آهي. ڪابه ٻولي اوستائين پوريءَ طرح سمجهي نه سگهبي، جيستائين اُن ٻوليءَ جي محاورن، اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ لفظن جي معنائن کي نٿو سمجهيو وڃي. اِهو اِن صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اُن ٻوليءَ جي لغتن جو مطالعو ڪيو وڃي. اُن کان علاوه مختلف دؤرن ۾ اُن ٻوليءَ جي لفظن ۾ جيڪي تبديليون ٿين ٿيون، اُنهن جو تقابلي جائزو ورتووڃي ته جيئن لفظن اندر سمايل اونهي معنى کي آساني سان سمجهي سگهجي. مثلاً سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لفظ جيڪي اڳ استعمال ٿيندا هئا، هاڻ اُهي استعمال ۾ نٿا اچن. ڪيترن ئي لفظن جي لکڻيءَ ۾ به فرق اچي ويو آهي. اڳ اسين لفظ ’چياءِ‘ لکندا هئاسين. هاڻ اُن کي ’چيائين‘ ڪري ٿا لکون. شاهه جي دور جي ٻولي ۽ اڄڪلهه جي مروج ٻوليءَ ۾ به ڪافي فرق آهي. اها تبديلي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ صحت لاءِ ضروري آهي. ٻوليءَ جي ترقيءَ جو مدار ٻوليءَ ۾ نون لفظن جي داخلا ٿيڻ تي آهي، جنهن سان ٻولي وڌيڪ شاهوڪار ٿئي ٿي. سنڌ جو لغت جو عالم محمد بخش واصف، ”علم اللغتہ“ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

”هي اُهو علم آهي جنهن ۾ مفرد لفظن جي معنى، حرفن جي تعداد ۽ پڙهڻي موجب ڏيکاري ٿي وڃي. هن علم جو مقصد اِهو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي مطلب سمجهڻ ۾ غلطيءَ کان سلامت رهجي.“(1)

ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر جيٽلي لغت متعلق لکي ٿو:

”ڪنهن به ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ لاءِ اُنهي جي ويا ڪرڻ ۽ لفظن جي معنى، اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن جي معنى جو علم هئڻ ضروري آهي.“(2)

مٿي بيان ڪيل ٻنهي وصفن کي آڏو رکي چئي سگهجي ٿو ته:

”علم اللغتہ اُهو علم آهي جنهن ۾ لفظن جي معنى، محاورن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن اُن ٻوليءَ جو اڀياس آسانيءَ سان ڪري سگهجي ۽ لفظن جي مطلب ڪڍڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غلطي جو امڪان نه رهي.“

هن علم سان لفظن جون نيون معنائون پڻ سامهون اچن ٿيون، جنهن سان لفظي ذخيري ۾ وسعت پيدا ٿئي ٿي ۽ واڌارو اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت کي ’اڪيچار‘ چيو وڃي ٿو؛ عربي ٻوليءَ ۾ هن کي ’لغت‘ سڏين؛ هنديءَ ۾ ’شبد ڪوش‘ لکن؛ فارسيءَ وارا هن کي ’فرهنگ‘ چون، ته انگريزيءَ ۾ ’ڊڪشنري‘ سڏين.

مختلف ٻولين ۾ لغت جا نالا مختلف آهن، پر اهي سڀ لفظ هڪ ئي ڳالهه ٻڌائن ٿا، يعني ڏکين لفظن جي معنى ڳولڻ سڀ کان پهرين ڪهڙي لغت لکي ويئي. اُن بابت وثوق سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. البته عربي ٻوليءَ ۾ لغت جو پهريون ڪتاب ابوعبيده معمر بن المثني جو لکيل آهي (3). ”وصاف“ لکي ٿو ته ابوعبيده بصري جو رهاڪو هو. سال 112 هه يا 114 ۾ ڄائو ۽س ال 210هه يا 211 ۾ وفات ڪري ويو. (4). اردو ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرين لغت شايد امير خسرو جي لکيل آهي. (5). سنڌ اندر پهرين لغت ٺٽي جي مشهور تذڪره نويس ۽ مؤرخ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي (1140هه-4/1203هه) جي ”نصاب البلغا“ آهي.

لسانيات جي ماهرن ڊڪشنرين کي ڪيترن يئ قسمن ۾ ورڇيو آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

(1)         ”هڪ ٻوليءَ جون لغتون“ (Unilingual Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ٻن ٻولين جا لفظ ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل هونديون آهن. مثال: ڊاڪٽر بلوچ جي ”جامع سنڌي – سنڌي لغت“.

(2)        ”ٻن ٻولين جون لغتون“ (Bilingual Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ٻن ٻولين جا لفظ ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل هونديون آهن. مثال: آنند رام. ٽي. شاهاڻيءَ جي ”سنڌي – انگيرزي لغت“.

(3)        ”ٽن ٻولين جون لغتون“ (Trilingual Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ٽن مختلف ٻولين جا لفظ ۽ اُنهن جون معنائون شامل هونديون آهن. مثال: ”فارسي – سنڌي – انگريزي لغت“.

(4)        ”گهڻين ٻولين جون لغتون“ (Polyglot Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ٽن کان وڌيڪ ٻولين جا لفظ ۽ اُنهن جو معنائون ڏنيون وينديونآهن. مثال: ”سنڌي – انگريزي – عربي – فارسي – اردو ٻوليءَ جي لغت“.

(5)         ”مختلف موضوعن/ مضمونن جون لغتون“ (Technical Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ڪنهن خاص مضمون جي لفظن کي سهيڙيو ويندو آهي. مثال: زراعت جي لغت، طب جي لغت، وغيره.

(6)        ”سوانح حيات جون لغتون“ (Biographical Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن مخصوص دور جي شخصيتن جون سوانح عمريون ڏنل هونديون آهن. اِن قسم جي لغتن کي ”قاموس المشاهير“ به چيو ويندو آهي. دين محمد وفائيءَ جو ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (3 ڀاڱا) ان قسم جي ڊڪشنريءَ جو عمدو مثال آهي. ان تذڪري ۾ مولانا وفائي صاحب سنڌ جي 472 عالمن، صوفين ۽ درويشن جون سوانح عمريون الف – ب وار ترتيب سان ڏنيون آهن. اُن تذڪري کي ”قاموس المشاهير سنڌ“ به چئي سگهجي ٿو.

(7)        ”تاريخي ترتيب وار واقعن جون ڊڪشنريون“ (Chronological Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ تاريخ ي واقعن کي وقت جي تعين مطابق ترتيب وار ڏيکاريو ويندو آهي. ايم ايڇ پنهور جي لکيل “Chronological Dictionary of Sindh” اِن قسم جي ڊڪشنري جو عمدو مثال آهي.

(8)        ”سائنسي اصطلاحن/ لفظن جون ڊڪشنريون“ (Scientific Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ سائنسي اصطلاحن يا لفظن جي معنى ڏنل هوندي آهي. اِن قسم جي ڊڪشنريءَ جو مثال ڊاڪٽر ايم. اي قاضي جي (Scientific Dictionary” آهي، جيڪا سال 1991ع ۾ شايع ٿي.

(9)        ”لفظن جي اشتقاقن جون ڊڪشنريون“ (Etymological Dictionaries): اِن قسم جي لغتن ۾ لفظن جو ڌاتو ڏنل هوندا آهن، جيڪي اصل ۾ ٻين ٻولين جا هوندا آهن، پر وقت جي گذرڻ سان گڏ اُن ٻوليءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن. مثال: جهمٽمل نارومل وَسڻائيءَ جو ”وئتپتي ڪوش“، جيڪو سال 1886ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو، بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ اُن کي شايع ڪيو.

سنڌي ٻولي ۾ به ڪيتريون ئي لغتون شايع ٿيون آهن، جن ۾ هڪ ٻوليءَ جون لغتون، ٻن ٻولين جون لغتون، ٽن ٻولين جون لغتون، گهڻين ٻولين جون لغتون، تاريخي ترتيب وار ڊڪشنريون، سوانح حيات جون لغتون، سائنس جي لفظڻ جون ڊڪشنريون، وئتپتي ڪوش وغيره شامل آهن. اُنهن ڪشنرين يا لغتن جو مفصل تاريخي احوال ۽ اُنهن جو مختلف دورن ۾ تفصيلي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

سورهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:

سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جا اوائلي آثار اسان کي سورهين صديءَ جي شروع ۾ ملن ٿا، جڏهن ٺٽي جي مشهور عالم، ڪاتب ۽ شاعر سيد عبدالرشيد ٺٽوي بن عبدالغفور الحسيني المدني التتوي جون لکيل ٻه لغتون ملن ٿيون، اُنهن مان هڪ عربيءَ – فارسيءَ جي لغت ”منتخب اللغات شاهجهاني“ آهي ۽ فارسيءَ مان فارسيءَ جي لغت ”فرهنگ رشيدي“ آهي. اِهي ٻيئي لغتون هن بادشاهه شاهجهان ڏانهن منصوب ڪيون آهن، جن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

(1)        منتخب اللغات شاهجهاني:

سيد عبدالرشيد ٺٽوي (وفات: 71 – 1670ع) جو شمار هندستان جي چند مشهور عالمن ۾ ٿئي ٿو. سيد عبدالرشيد ٺٽوي پنهنجي لکيل ٻن لغتن جي ڪري گهڻو مشهور ۽ مقبول آهي. سندس پهرئين لغت ”منتخب اللغات شاهجهاني“ روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظن جي فارسي ترجمي تي مشتمل ۽ هندستان ۾ ”رشيدي عربي“ جي نالي سان مشهور آهي. انگريز فهرست نگار بلاخمن (Blochman) هن لغت جي باري ۾ لکي ٿو ته سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ هيءَ لغت 37 – 1636ع/1046هه ۾ مڪمل ڪئي ۽ بادشاه شاهجهان ڏانهن منسوب ڪئي. آخر ۾ مصنف هن لغت جي مڪمل ٿيڻ جي ماده تاريخ هيٺئين فقري مان ڪڍي آهي.

منتخب بي بديل

1046هه = 46 – 1092هه

هيءَ لغت مشهور عام عربي لغتن ’صحاح‘ _جوهري جي) ’قاموس‘ ۽ ’صراح‘ کي اڳيان رکي لکي وئي آهي. مصنف اڳين لغتن جي غلطين طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۽ اُنهن کي درست ڪيو آهي. هيءَ لغت ايم. لوميسدن (M.Lumsden) جي انگريزي مقدمي سميت 1808ع، 1816ع ۽ 1836ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿي ۽ اُن جي تصحيح مولوي الهداد ڪئي. اُن کانسواءِ 1835ع، 1845ع، 1869ع، 1877ع ۽ 1912ع ۾ لکنو مان شايع ٿي. هن لغت جو لکنو مان شايع ٿيل 1912ع وارو ڇاپو ”غياث اللغات“ سان گڏ شايع ٿيل آهي. اُن کانسواءِ هيءَ لغت 1862ع ۽ 1879ع ۾ بمبئيءَ مان پڻ شايع ٿي. جان ايڇ ٽيلر (John H.Taylor)، 1816ع واري ڇاپي کي الف ب وار ترتيب ڏيئي شايع ڪيو، جنهن لاءِ هن مقامي عالمن کان مدد ورتي. هيءَ لغت ڪانپور مان 1887ع ۽ 18990ع ۾ شايع ٿي. 1890ع وارو ڇاپو غياث اللغات سان گڏ شايع ٿيو. تهران مان هن جو ڇاپو 1874ع ۾ شايع ٿيو. (هن لغت متعلق تفصيل ’اسٽوري‘ جي انگريزي ڪتاب ’بائيو ببليوگرافي آف پرشن لٽريچر‘ تان ورتل آهي).

(2)       فرهنگ رشيدي:

سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ (وفات: 71 – 1670ع) جي هيءَ ٻي لکيل لغت آهي، جيڪا فارسيءَ مان فارسي زبان جي لغت آهي، عام طرح هن کي ”رشيدي فارسي“ چئجي ٿو. عبدالرشيد ٺٽويءَ هيءَ لغت 54 – 1653ع / 1064هه ۾ مڪمل ڪئي. پهرين لغت جيان هيءَ لغت به هُنَ بادشاهه شاهجهان ڏانهن منسوب ڪئي. هيءَ فارسي زبان جي پهرين لغت آهي، جيڪا تنقيدي انداز ۾ لکيل آهي ۽ فارسي لغتن ’فرهنگ جهانگيري‘، ’فرهنگ سروري‘ ۽ ’مجمع الفارس‘ جي وڌايل ۽ سڌاريل شڪل آهي. هن لغت کي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال طرفان مولوي ذوالفقار علي ايڊٽ ڪري ٻن حصن ۾ ببليوٿيڪا انڊيڪا ۾ 75 – 1870ع ۾ شايع ڪيو. هن لغت جو آخري ڇاپو تهران مان محمد عباسيءَ نظرثاني ڪري 1958ع ۾ ڇپايو آهي. آخر ۾ ضميمي طور سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ جو لکيل هڪ ٻيو ڪتاب ”معربات رشيدي“ پڻ ڏنل آهي. ڊاڪٽر نذير احمد هي ڪتاب عبدالجليل بلگراميءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. هن لغت جو هڪ قلمي نسخو سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾ ۽ ٻه قلمي نسخا پنجاب يونيورسٽي لاهور جي لئبرريءَ ۾ موجود آهن. اُن کان علاوه، هندستان جي مختلف ڪتبخانن ۾ پڻ هن جا قلمي نسخا موجود آهن. (هن لغت متعلق تفصيل ’اسٽوري‘ جي انگريزي ڪتاب ’بائيو ببليوگرافي آف پرشن لٽريچر‘ تان ورتل آهي).

[نامياري اسڪالر مشفق خواجه جي اهتمام سان گذريل سال ادراهء پادگار غالب ڪراچي طرفان ”رسالہ معربات رشيدي“ شايع ٿيو آهي، جنهن تي مرتب ڊاڪٽر عبادلستار صديقي ۽ تدوين مع اردو ترجمه ڊاڪٽر مظهر محمود شيراني ڄاڻايل آهي. – ادارو]

1700ع کان 1784ع دوران سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو

سترهين صديءَ جي آخري ڌاري، سنڌ جي نامياري مؤرخ ۽ تذڪره نويس مير علي شير قانع نه صرف سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جا تذڪره لکيا، پر اُن سان گڏ قاموس جي طرز تي لغت جو عظيم الشان ڪتاب ”نصاب البلغا“ جي نالي سان پڻ لکيو. مير صاحب هي ڪتاب سال 1198هه، تاريخ 14 رجب، خميس جي ڏينهن لکي پورو ڪيو (عيسوي تاريخ 3 جون 1784 بيهندي). ڪتاب جا 185 صفحا آهن ۽ هن جو واحد نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي (6). (خدا ٿو ڄاڻي ته هي ناياب نسخو هن وقت صحيح سلامت آهي يا اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو!)

هن ڪتاب جو ذڪر پير حسام الدين راشديءَ ڪيو آهي ۽ تفصيل ڏيندي لکيو اٿس ته، ”هي ڪتاب قاموس جي طرز تي لکيل آهي. هن ۾ نه صرف عنوانن متعلق معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، بلڪ انهي سلسلي جي سڄي لغت به ڏني وئي آهي ۽ محورا به ڏنا ويا آهن، جنهن سان خود سنڌيءَ جي ڪيترن ئي متروڪ لفظڻ جو پتو پوي ٿو.“ (7).

راشدي صاحب اُن لغت جا عنوان به ڏنا آهن، جن کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هيءَ لغت زندگيءَ جي هر شعبي متعلق لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هر هنر متعلق لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. مثلاً پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانورن جا نالا، طب ۽ جراحي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن جا نالا، دوائن جا نالا، ڀاڄين جا قسم، کاڌن جا قسم، آچار جا قسم، سينگار جا قسم، وڻ ٻوٽا، نباتات وغيره. جيئن ته راشدي صاحب اُن لغت ۾ سنڌي لفظن جو ذڪر ڪيو آهي، اُن مان اندازو ٿئي ٿو ته شايد هن لغت ۾ فارسي اکرن جي معنى سنڌيءَ ۾ ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب يا ٻيو ڪو صاحب هن لغت کي ايڊٽ ڪري شايع ڪري ته اُنهيءَ وقت جي سنڌي لفظن متعلق گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي.

1785ع کان 1849ع دوران سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:

ٽالپرن جي دور ۾ انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ٿيو. صديءَ جي شروعات ۾ ئي اُنهن جون اکيون سنڌ تي کُتل هيون ته ڪهڙيءَ طرح به سنڌ تي قبضو ڪجي، جنهن ۾ هو آخرڪار 1843ع ۾ ڪامياب ٿيا. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۾ هنن هتي جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هنن سنڌي ٻولي متعلق چڱي خاص معلومات حاصل ڪري ورتي. اهوئي سبب آهي جو اُنهن سنڌي لفظن جي مختصر لغتن لکڻ جي شروعات به ڪئي.

وليم ارڪسائين (William Erksine) 1796ع کان 1810ع دوران انگريز آفيسرن جا دستاويز جمع ڪيا، جن ۾ هندستان جي مختلف ٻولين (مرهٽي، سنڌي، ڪشميري، پشتو، افغاني، چيني، جاوي وغيره) جا مختصر ذخيرا ۽ الف – ب موجود آهن (8). اِهي دستاويز انگريز عملدار ليفٽيننٽ ايف. اِروائين (F.Irvine) ۽ ٻين گورن آفيسرن جا لکيل ذاتي خط آهن. اُنهن دستاويزن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ ”سنڌي“ لفظڻ جا مختصر ذخيرا پڻ موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظڻ جا اِهي ذخيرا برٽش لئبرريءَ جي قلمي نسخن جي آن لائين ڪيٽلاگ ۾ نمبر (26605) تي موجود آهن.

ارڙهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ هڪ انگريز عالم James Prinsep (جيمس پرنسيپ 1799 – 1840ع، جيڪو جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جو ايڊيٽر هو، تنهن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جيڪو 1835ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو اِهو پهريون ڇپيل گرامر آهي. 1836ع ۾ ڊبليو ايڇ واٿين (W.H.Wathen)، جيڪو بمبئيءَ جو رهاڪو هو، تنهن به سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ اُن سان گڏ لفظن جو مختصر ذخيرو، جيڪو سنڌي – انگريزي ۽ انگريزي – سنڌي لفظن تي مشتمل هو، بمبئيءَ مان شايع ڪيو. واٿين جو سنڌي گرامر ڪلڪتي مان نڪرندڙ رسالي جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي واليوم – 6، (1837ع، ص 347 – 354) ۾ ٻيهر شايع ٿيو. اُن کان علاوه رابرٽ ليچ (Robert Leech)، هندستان جي حڪومت لاءِ هندستان جي ستن ٻولين ۾ لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي پڻ شامل هئي. اِها لغت 1838ع ۾ بمبئي مان شايع ٿي. سنڌي لفظن جو هڪ مختصر ذخيرو جي بي ايسٽوڪ پڻ لکيو، جيڪو جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال ۾ 1843ع ۾ شايع ٿيو. رابرٽ ليچ، براهوي، بلوچي ۽ پنجابي ٻولين جي مختصر گرامر ۽ جي بي ايسٽوڪ (J.B.Eestwick) جي لکيل سنڌي لفظن جي مختصر ذخيري (Vocabulary) کي گڏي ڪتابي صورت ۾ ڪلڪتي مان 1849ع ۾ شايع ڪيو.

لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي ڊڪشنرين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ٽالپري دور ۾ لکيل سنڌي – فارسي ۽ فارسي – سنڌي لغتون قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. اِهي قلمي لغتون اُن وقت جي مکيه عملدارن ڪورٽن جي لکپڙهه ۽ پنهنجي سهولتن جي لاءِ لکيون، جيڪي عام طرح گرمکي ۽ فارسي خط ۾ لکيل آهن. خوبچنداڻي صاحب اِنهن لغتن جو فقط ذڪر ڪيو آهي، پر ڪنهن به لغت جو نالو ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪو تفصيل ڏنو اٿس ته اِهي ڪهڙيون لغتون آهن، ڪنهن جون لکيل آهن ۽ ڪٿي رکيل آهن (9).

1849ع کان 1899ع دوران سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:

هن دور ۾ سنڌ اندر لغت لکڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. اِهو سلسلو ان لاءِ به شروع ٿيو ته جيئن انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي (10). اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ’سنڌي – انگريزي‘ ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ لغتون لکيون ويون. ان ميدان ۾ سڀ کان پهريائين حيدرآباد جي اُن وقت ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (وفات: ڊسمبر، 1853ع) قدم کنيو ۽ ”انگريزي – سنڌي لغات“ لکي، جيڪا سندس حياتيءَ ۾ بمبئيءَ مان 1849ع ۾ شايع ٿي. اُن کانپوءِ سندس ”سنڌي – انگريزي لغت“ سندس وفات کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر بي ايڇ ايلس (1823 – 1887ع) ايڊٽ ڪري 1855ع ۾ بمبئي مان شايع ڪئي. اِنهن ٻنهي لغتن ۾ اکر ديوناگري خط ۾ لکيل آهن. سندس سنڌي – انگريزي لغت ۾ 17 هزار سنڌي اکرن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنل آهن. ان کان سواءِ اکرن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته اُهي ڪهڙين ٻولين مان نڪتل آهن. (ڪئپٽن جارج اسٽئڪ طرفان ٻنهي ڪتابن لاءِ ’ديوناگري لکت‘ جي استعمال سبب اُن لپي کي هن وقت سنڌ اندر ڪو به پڙهي نٿو سگهي!) ساڳئي وقت سنڌي جي محقق ۽ عالم آخوند عبدالرحيم عباسي، سنڌي – فارسي لغت (”جواهر اللغت سنڌي اڪيچار“) مرتب ڪئي پر فارسي ٻوليءَ جي گهٽ استعمال جي ڪري اُها لغت قلمي صورت ۾ رهجي ويئي (11). اُن لغت کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1993ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جس لهڻي. ڊاڪٽرمرليڌر جيٽلي جي راءِ آهي ته آخوند عبدالرحيم اِها لغت 1845 – 1851ع واري عرصي دوران لکي. اُن جي برعڪس ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته آخوند عبدالرحيم هن لغت کي 1850 – 1870ع جي وچ واري دور ۾ مڪمل ڪيو. هن دور ۾ هڪ يورپي عالم ايٿرنگٽن (Etherington)، زراعت متعلق مختصر لفظن جي فهرست (Vocabulary of Sindhi Agriculture Terms: Herbs and Drugs) تيار ڪئي. هيءَ فهرست جرمنيءَ مان 1855ع ۾ شايع ٿي (12).

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي اِنهن ٻنهي لغتن کانپوءِ، 1866ع ۾ هڪ انگريز مِشنري عالم جارج شرٽ (1843-1887ع) ”اکر ڌاتو“ جي نالي سان مختصر لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي لفظن جا ڌاتو ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل آهن. هن لغت جو ٻيو ڇاپو 1893ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو. 1868ع ۾ لڪشمڻ وشنو پراجپئي ”انگريزي – سنڌي لغت“ مرتب ڪئي، جيڪا بمبئيءَ مان ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ شايع ڪئي. لڳي ٿو ته پراجپئيءَ کي سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي عبور حاصل هو جو هُن اِها لغت لکي آهي. (يا هو پاڻ سنڌي هو يا هن جي سنڌي ٻولي سان دلچسپي هئي). هن ڊڪشنريءَ جون ڪاپيون برٽش لئبرري، آڪسفورڊ يونيورسٽي لئبرري ۽ آسٽريليا جي نئشنل لئبرريءَ ۾ موجود آهن.

اُن لغت جي شايع ٿيڻ جي ڪجهه وقت کانپوءِ، جارج شرٽ ۽ ٻن سنڌي عالمن منشي اُڌارام ٿانوراس ميرچنداڻي (1833-1883ع) ۽ مرزا صادق علي بيگ (1845-1898ع) گڏجي ”سنڌي – انگريزي لغت“ لکي، جيڪا سنڌ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ 1879ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪئي. هيءَ پهرين لغت آهي، جيڪا عربي خط ۾ لکيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر جيٽلي لکيو آهي ته هِن لغت جي تياريءَ ۾ هُنن آخوند عبدالرحيم عباسي (وفات: 1878؟) کان پڻ مدد ورتي. هن لغت ۾ تقريباً 21 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن ۽ جهونن سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي.

جي شرٽ (G.Shirt) ”سنڌي – انگريزي لغت“ کانسواءِ ”انگريزي – سنڌي لغت“ به لکي هئي، جنهن جو قلمي نسخو اُن وقت پادري اي ايڇ ايبيگل (A.H.Abaigal) وٽ هو (13). پرمانند ميوارام جڏهن پنهنجون لغتون لکي رهيو هو، تڏهن هن اُن نسخي مان به گهڻو فائدو حاصل ڪيو هو. هن وقت اُن قلمي نسخي متعلق ڪابه خبر ناهي ته ڪٿي آهي. پنجاب حڪومت جي هڪ انگريز عملدار ايڊورڊ اوبرائن (Edward O’Brien)، ”ملتاني – پنجابي – سنڌي“ لفظن جي فهرست (گلوسري) لکي، جيڪا پنجاب حڪومت 1881ع ۾ لاهور مان ڇپائي پڌري ڪئي. اُن جو ٻيو وڌايل ڇاپو جي ولسن (J. Wilson) ۽ هري ڪشن ڪيول جي تصحيح سان لاهور مان 1903ع ۾ شايع ٿيو(14). هيءَ پهرين تنقيدي انداز ۾ لکيل لغت آهي، جنهن ۾ ايڊورڊ اوبرائن، ملتاني لفظن جي ڀيٽ پنجابي ۽ سنڌي لفظن سان ڪئي آهي. سنڌ جي هڪ ٻئي عالم جهمٽمل نارومل وسڻائيءَ، جي شرٽ جي طرز تي ”وئتپتي ڪوش“ جي نالي سان مختصر لفظن جو هڪ ڪوش لکيو، جيڪو 1886ع ۾ حيدرآباد مان ضايع ٿيو. اُن جو ٻيو ڇاپو 1904ع ۾ ڪراچي مان ۽ ٽيون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ شايع ڪيو. هن لغت ۾ پڻ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي لفظڻجا ڌاتو ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل آهن.

1900ع کان 1946ع دوران سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:

ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ لغتن لکڻ جي رجحان ۾ اڃا به گهڻو اضافو ٿيو ۽ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ”سنڌي – انگريزي“ ۽ ”انگريزي – سنڌي“ لغتون لکيون ويون، جن ۾ هندو عالمن جو وڏو حصو آهي. شڪارپور مان 1900ع ۾ ”ماڊرن انگلش سنڌي ڊڪشنري“ شايع ٿي، جنهن جا لکندڙ ٻه گريجوئيٽ هئا. 1901ع کان 1917ع تائين پريميئر ڪونسائز انگلش – سنڌي ۽ سنڌي – انگلش ڊڪشنري جا ڪيترائي ڇاپا نڪتا. ڊولامل بولچند جي ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ 1904ع ۾ شايع ٿي. اُن جو ٻيو ڇاپو مانگهر سنگهه مولچند لالواڻي نظرثاني ڪري حيدرآباد مان 1909ع ۾ منظر عام تي آندو. ڊولامل بولچند جو ”سنڌي – انگريزي ڪوش“ ڪراچيءَ مان 1910ع ۾ شايع ٿيو. ڪويمل چندنمل کلناڻي (1844-1916ع) جو ”انگلش – سنڌي ڪوش“ 1904ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر جيٽلي لکيو آهي ته سندس ”سنڌي – انگريزي ڪوش“ به ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي الفاظ اهڙا آهن، جيڪي شرٽ واري ڪوش ۾ به ناهن (15). 1904ع کان پهرين ديوان روچيرام گجومل ڪرپالاڻي (1804-1901) به ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ لکي هئي، جيڪا قلمي صورت ۾ رهجي ويئي (16). 1914ع ۾ حيدرآباد مان نارائڻ سنگهه دريا ڏني مل ”سري گرو گرنٿ صاحب جي ڪوش – ڀاڱو پهريون“ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪوش ۾ گرمکي ٻوليءَ ۾ لکيل سِکن جي پوتر ڪتاب گرنٿ ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن (17). منهنجي خيال ۾ هيءُ پهريون ڪوش آهي جيڪو گرمکي – سنڌي لفظن تي مشتمل آهي. خانچند ناواڻيءَ 1915ع ۾ حيدرآباد مان پاڪيٽ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ ڇپائي پڌري ڪئي. هن ڪوش جو ٻيو ڇاپو شڪارپور سنڌ مان 1928ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. حيدرآباد جي هڪ ٻئي عالم پوهومل ڪنول سنگهه جا لکيل ٻه ڪوش، ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ ۽ ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ 1917ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيا (18). اُنهن ٻنهي لغتن جا ٻيا ڇپا پڻ حيدرآباد مان شايع ٿيا. سڄڻ سنگهه فتح سنگهه جي ”پريميئر ڪونسائز سنڌي – انگلش ڊڪشنري“ 1922ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿي. 1928ع ۾ نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ ”اسٽئنڊرڊ انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ شايع ڪئي، جنهن جو پهريون ڇاپو حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو.

سنڌي لغت نويسيءَجي تاريخ  ۾ پرمانند ميوارام رامچنداڻي جو نالو نهايت اهم آهي. هن جون لکيل ٻه لغتون ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ (1910ع) ۽ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ (1933ع)، سنڌي لغت نويسي جي ميدان ۾ نمايان حيثيت رکن ٿين ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن. پرمانند اِهي لغتون ڊسمبر 1904ع کان لکڻ شروع ڪيون. سندس خيال هو ته پهرين ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ تيار ڪجي، جيڪا هن چئن سالن جي عرصي اندر تيار ڪري ورتي ۽ پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ موڪلي ڏني پر ڪن سببن جي ڪري اِها لغت شايع ٿي نه سگهي، جنهن کانپوءِ هن ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ طرف توجهه ڏنو ۽ سالن جي لڳاتار محنت کانپوءِ ”سنڌي – انگريزي لغت“ کي 1910ع ۾ شايع ڪيو (19). هن لغت لکڻ ۾ هن حڪيم محمد جعفر جي فرهنگ جعفري، شرٽ جي انگلش – سنڌي ڊڪشنري (قلمي) ۽ سنڌي – انگريزي ڊڪشنري (ڇپيل)، ماستر سهجرام جي سنڌي لغت (قلمي)، ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي سنڌي – انگريزي گلوسري (جنهن ۾ اهڙا لفظ شامل هئا، جيڪي شرٽ جي لغت ۾ به نه هئا،) ۽ ديوان روچيرام گجومل جي انگلش – سنڌي ڊڪشنري (قلمي) مان گهڻي مدد ورتي (20). پرمانند جي ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ ۾ 25 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنل آهن. اِهي لغتون سنڌ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ هندستان ۾ ساهتيه اڪيڊمي ٻيهر ڇپايون آهن.

اي ٽي شاهاڻيءَ جو نالو به سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ وسارڻ جهڙو ناهي. هن صاحب جون لکيل ٻه ڊڪشنريون، ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ ۽ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ به سنڌ ۾ گهڻو مشهور ٿيون. اُنهن ڊڪشنرين جا ڪيترائي ڇاپا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپبا رهيا آهن. اُن کانسواءِ ڊبليو اي شاهاڻي جي پاڪيٽ سائيز ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ ۽ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ جا ٻه جلد 1942ع ۾ ڇپيا. اِهي ڊڪشنريون سکر مان ٻيهر ڇپيون آهن.

1844ع کان 1946ع واري عرصي دوران جيڪي لغتون لکيون ويون، اُنهن جو گهڻو تعداد سنڌي – انگريزي ۽ انگريزي – سنڌي ڊڪشنرين جو هو، جن جو تفصيل مٿي ڄاڻايو ويو آهي. اُنهن ڊڪشنيرن کان علاوه اُنهيءَ دور ۾ سنڌي عالمن ”فارسي – سنڌي“ ۽ ”سنڌي – فارسي“ لغتونپڻ لکيون، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

”سنڌي – فارسي“ ۽ ”فارسي – سنڌي“ لغتون:

آخوند عبدالرحيم عباسي سنڌ جو پهريون عالم آهي جنهن ”سنڌي – فارسي لغت“ لکي. هيءَ لغت هن 1850ع دوران لکي. فارسي ٻولي جي گهٽ استعمال جي ڪري اِها لغت قلمي صورت ۾ رهجي ويئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1993ع ۾ هن لغت کي ڇپايو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته مولوي هدايت الله هالائي پڻ شاهه جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنى فارسيءَ ۾ لکي، پر خبر نٿي پوي ته هن اها لغت مڪمل ڪئي يا نه (21). مولوي هدايت الله هالائيءَ جي لکيل ”شاهه جي رسالي“ ۾ ڪافي سُرن جي هيٺان سنڌي ڏکين لفظن جون معنائون فارسيءَ ۾ لکيل آهن.

”فارسي – سنڌي“ جي ڪابه مڪمل لغت ڪنهن به سنڌي عالم جي لکيل نظر نٿي اچي. البته چند م مختصر فارسي – سنڌي لفظن جون لغتون لکيل آهن، جن ۾ سنڌ جي مشهور غزل گو شاعر ”مرتضائي“ ٺٽوي (1843-1910ع) جي ”فارسي – سنڌي“ جي لغت آهي، جيڪا سندس قلمي ڪتاب ”نجات القلوب“ ۾ لکيل آهي (22). هن لغت ۾ تقريباً ٽي هزار فارسي لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڄاڻايل آهن. اُن کان سواءِ مرتضائي ”ترڪي – فارسي – سنڌي“ لغت پڻ لکي، جيڪا پڻ ساڳئي ڪتاب ”نجات القلوب“ ۾ لکيل آهي. اُن لغت ۾ تقريباً هڪ هزار ترڪي لفظن جون معنائون فارسي ۽ سنڌي ۾ ڏنل آهن (23). ڇپيل لغتن ۾ ”مجموعه سہ نثر“ مولوي عبدالڪريم جو لکيل آهي، جيڪو لاهور مان 1896ع ۾ شايع ٿيو. هي مختصر لغت فارسي – سنڌي لفظن جي ذخيرن جو مجموعو آهي. هن لغت جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي (24). آخوند فتح محمد هالائيءَ جي لکيل فارسي – سنڌي لغت ”ڪشف الغمود“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان شايع ٿي، جنهن ۾ ڇپجڻ جو سال ڏنل ناهي. هن لغت ۾ ڏکين فارسي مرڪب لفظن جي معنى سنڌيءَ ۾ لکيل آهي (25). پوپٽي هيراننداڻي هن لغت جي ڇپجڻ جو سال 1875ع ڄاڻايو آهي ۽ وڌيڪ لکيو آهي ته هن لغت ۾ سنڌي لفظن جون معنائون عربيءَ ۾ ڏنل آهن (26). ”جامع سنڌي لغت“ جي تياريءَ وقت هيءَ لغت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اڳيان هئي، جنهن اهڙي داخلا انگريزي ۾ پنهنجي لکيل مهاڳ ۾ ڏني آهي ۽ لغت متعلق لکيو آهي ته هن ۾ فارسي مرڪب لفظن جي معنى سنڌيءَ ۾ ڏنل آهي. اِن ڪري هن لغت کي فارسي – سنڌي لغت سمجهڻ گهرجي. مولوي عبدالغفور همايوني (1844-1918ع) فارسي – سنڌي لغت لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُن کي مڪمل ڪري نه سگهيو. اُن لغت جو اڻپورو قلمي نسخو سنڌالاجيءَ جي لائبرري ۾ موجود آهي (27). سنڌ جي هڪ ٻئي عالم شاڪر، فارسي – سنڌي لغت ”جنس نامه“ 1912ع/1330هه ۾ لکي. ڪتاب ”خزينة العلوم“ اندر هڪ سلپ تي اُن لغت متعلق معلومات لکيل هئي. ٺٽي شهر جو ”شاڪر“ ٺٽوي (1853-1923ع) فارسي ۽ سنڌي جو شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو سنڌ جي مشهور غزل گو شاعر ”مرتضائي“ ٺٽويءَ جو شاگرد هو. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ لغت اُن جي لکيل هجي. وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com