اوسار
هري ”دلگير“ جي ياد ۾…!
ڇپيل ڪتاب:
(1) شاعريءَ جا مجموعا:
1- ڪوڏ (1941ع)
2- هرشچندر جيون ڪوتا (1941ع)
3- مؤجي گيت (بيوس سان گڏ) (1942ع) سندر ساهتيه
منڊل، ڪراچي
- ٽيون ڇاپو 1964ع، هوندراج ’دکايل‘، بيوس واڻي
مندر، آديپور
4- ماڪ ڦڙا (نارائڻ شيام سان گڏ) (1953ع)، ديو
سڀاڻي، آشا ساهت منڊل، اجمير
5- موج ڪئي مهراڻ (1966ع)
6- پل پل جو پڙلاءُ (نظم) (آڪٽوبر 1977ع)، سنڌي
ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر
- ٻيو ڇاپو، جنوري 1978ع ” ” ” ”
- ٽيون ڇاپو، جولاءِ 1980ع، ” ” ” ”
7- امر گيت (گيتا، ڪَوتا ۾) (جون 1981ع)، نانڪي
درياني، سنڌي ساهتيه سنگت، آديپور
8- مزيدار گيت (ٻارن لاءِ) (مارچ 1983ع)،
گلستان پبليڪيشن، ڪٻير نگر، احمد آباد
9- رولو آواز (غزل) آڪٽوبر 1984ع) سنڌي ٽائيمس
پبليڪيشن، الهاس نگر
10- گيت گلابي (ٻال گيت) (نومبر 1987ع)، 1ٻاراڻو
ادب‘، ڪٻير نگر، احمد آباد
11- جهنگلي گل (نثري نظم) (آڪٽوبر 1988ع)، سنڌي
ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر
12- پروليون (ٻارنلاءِ) (1991ع) سنڌي اڪادمي دهلي
(ٻيو ڇاپو)
13- جپ صاحب (ڪوتا ۾ ترجمو) (1991ع)
14- لهرن لک لباس (1993ع) سنڌي ساهت سنگت، آديپور
15- اڪيلو چنڊ (1998ع) بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي
16- صُبح جو سهاڳ (مارچ 2001ع) سنڌي ساهتيه اڪادمي
گجرات
17- جيءَ جيءَ ڙي جيءَ! (2001ع)
(2) ٻيا ڪتاب:
(1) شعر بيوس (چوننڊ ڪوتا، معنى سان) (1968ع)
بيوس واڻي مندر، آديپور، ڪڇ
(2) ڪهاڻي ڪرم يوگيءَ جي (1975ع)
(3) ڪشنچند بيوس (1982ع)، ساهتيه اڪادمي، نئين
دهلي
(4) چولو منهنجو چِڪ ۾ (آتم ڪٿا) (1987ع) سنڌي
ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر
(5) بيوس جي ڪوتا – جائزو (1993ع) انڊين
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور، ڪڇ
(6) بيوس – هڪ گلدستو (ترتيب) (1999ع) سنڌي
ساهتيه اڪادمي، گانڌي نگر، گجرات
(7) گند منهنجي گوڏ ۾ (آتم ڪٿا) (آڪٽوبر 2003ع)
سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر
(سهيڙيندڙ: تاج جويو)
سحر امداد
هري درياني ”دلگير“
15- جون 1916……12 – اپريل 2004
هري درياني دلگير
جي شاعري: نغمگي، سر لتا، مڌرتا ۽ميٺاڄ سان پُر
آهي. هن جي شاعريءَ جي موسيقيت هن کي هڪ اعلى
گيتڪار جو درجو عطا ڪري ٿي. هن جي شاعراڻي عظمت جو
اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته خود سندس اُستاد
ڪشنچند ”بيوس“، جنهن جو ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب
”شيرين شعر“ دلگير پنهنجي اسڪول ايج ۾ پڙهيو هو ۽
هن کان متاثر ٿيو هو، سو خود ”دلگير“ جي
ڪوتا جي تعريف هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:
”منهنجي ڪوي سنگ جي ساٿين مان دلگير به هڪ آهي.
ڪوتا جي ميدان ۾ هُو پنهنجي حقي نوجوان وَهيءَ کان
مون کي ويهارو سال وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جي
ڪوتا جهڙي پڪيري آهي، تهڙي ئي رسيلي ’پنڊيءَ پڪو
ميوو‘ آهي، جتان چڱ اتان رَسيل!“ (هرشچندر جيون
ڪوتا – مهاڳ – 15 – جون 1941ع)
لاڙڪاڻي جو هڪڙو ٻيو اهم شاعر نواز علي ”نياز“
جعفري پڻ، شاعريءَ ۾، ”دلگير“ جو استاد
آهي، پر سچ ته اهوئي آهي ته ”دلگير“ ڄائي
ڄم کان شاعر آهي. ”دلگير“ جي شاعريءَ جي
تعريف ان کان وڌيڪ خوبصورت ۽ تز ٻي ڪابه ٿي نٿي
سگهي: ”جتان چک اُتا رسيل!“
”دلگير“ جي شاعريءَ ۾ دلگيري نه
آهي، ها باقي دريانيءَ جي شاعريءَ ۾ دريا جي رواني
سا گهڻي آهي. ”دلگير“ پنهنجي ننڍپڻ ۾ (تيرنهن
چوڏهن سال ننڍپڻ جي عمر ئي آهي) ٻين ”وڏن“ جي چوڻ
تي ”دلگير“ بڻيو هو. تڏهن جڏهن هن کي اها ڄاڻ ئي
نه هئي ته ”دلگيري“ ڪهڙي بلا جو نالو آهي!… انڪري
ئي هو خود پنهنجي ”دلگير“ تخلص مان خوش نه هو ۽ هن
پنهنجي ”دلگيري“ سان انيڪ ڀيرا اَسهمتي ڏيکاري.
اهوئي سبب آهي جو پروفيسر ارجن کي ”شاد“ بڻائڻ جو
سهرو ”دلگير“ جي سر سونهي ٿو ۽ ائين ڪري هن جهڙوڪر
پنهنجي ”دلگير“ بڻجڻ جو ڪفارو ادا ڪيو.
مون جيئن مٿي لکيو آهي ته هن جي شاعريءَ ۾ دلگيري
ناهي، هو بنيادي طور هڪ آشاوادي انسان آهي. نراشا
جو اولڙو نه ڪو هن جي شاعريءَ ۾ آهي، نه ئي هن جي
ذات تي اهڙو ڪو پاڇو نظر ايندو. ان بابت هو خود
لکي ٿو ته:
”مان آشاواد جو جهنڊو کڻي گهمندڙ شاعر آهيان. آشا
منهنجو اصول، آدرش ۽ سپنو آهي. اهو سونهري سپنو
مون کي اپنشدن، شاهه، ٽيگور، بيوس، شبلي، خليل
جبران، والٽ وٽمن ۽ ٻين ڪيترن مهاڪوين کان مليو
آهي. منهنجين مڙني پتڪڙين ڪوتائن جي پشپ مالها ۾
گلن جا رنگ الڳ آهن، پر اهي سڀ آشا جي ڌاڳي ۾ پوتل
آهن. مهراڻ ۾ لهرن جا لک لباس آهن پر پاڻي سڀن ۾
ساڳيو ئي آهي:
”لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.“
(لهرن لک لباس – هيري دلگير، ص 3 – 1993)
ائين هن جي ”ڪوتائن جي پشپ مالها“ ۾ گلن جا سوين
رنگ آهن، جن ۾ هڪڙو رنگ آس جو به آهي ۽ جو رنگ
سڀني کان سرس آهي. هن جي آسوند هجڻ جو احساس اسان
کي هن جي شعريءَ ۾ ڳوهيل سوهيل ملندو. هن زندگيءَ
جي اذيتناڪ ترين لمحن ۾ به آس جو پلئه هٿان ڪو نه
ڇڏيو هوندو! جڏهن سنڌ ۾، جيڪا هن جي جند هئي، هڪ
هڪ ڪري هن جا ساٿي کيس ڇڏي ويا ۽ هن کي آٿت ڏيڻ
وارو ڪو به ڪو نه هو. تڏهن هُن پنهنجو پاڻ کي پاڻ
ٿي آٿت ڏنو:
”تو ڇو دلڙي لاٿي ساٿي!
تو ڇو دلڙي لاٿي!“
هن جي اندر جو بردبار ۽ بهادر شخص، هن کي ’اڪيلو
ڪاهڻ‘ ۽ ’سويلو ڪاهڻ‘ تي آڀاري ٿو. هن ۾ ڪنڊن کي
پيرن هيٺان لتاڙي هلڻ جي همٿ هئي. هن ۾ راهه
روڪيندڙ پربتن کي چيري ڦاڙي هلڻ جي همٿ هئي:
”ڪنڊا جي رستي ۾ ايندا، پيرن هيٺ لتاڙي هل
پربت جي روڪين ٿا راهي، تن کي چيري ڦاڙي هل
ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ
خوشبو سان سنسار ڀري ڇڏ!“
(”مهراڻ“ اونهارو، 1955، ص: 36)
ائين هو سسئي واري پر پاري ٿو ۽ لطيف سائينءَ جي
پيروي ڪري ٿو:
”ڪنڊا مون پيرَن، توڙي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇپون پيرَ ڇنن،
ويندي ڏانهن پِرين، جُتي جاتِ نه پائيان.“
هن ”ڌرتي کي گلزار ڪرڻ“ ۽ ”خوشبو سان سنسار واسڻ“
واري شاعر جي فرض کان ڀليءَ ڀت واقف هو. هو نه رڳو
ان کان واقف هو پر هُن ان کي سهڻائي سان نڀايو به:
”جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺِي، ساريندي کي سَڄَڻين!“
(شاهه لطيف)
هن ڪاري ٻات انڌارين راهن کي آشا جي جوت سان
جڳمڳايو هو ۽ دنيا ڏٺو ته هن رڳو پنهنجي لاءِ نه
پر سڀني جي لاءِ آشا جو اُجالو پکيڙيو ۽ پنهنجي
عمل جي جوت سان جڳ جرڪايو ۽پنهنجين سٽن جو سهائو
پکيڙيو.
”هري دلگير“ جي شاعري جو پهريون مجموعو
1941 ۾ ڇپيو هو، جڏهن سنڌ پوري ننڍي کنڊ جو اڻ
ورهايل حصو هئي. اُن جي معنى اِها به آهي ته اِن
حوالي سان ”دلگير“ سنڌ جي اُن سينئر ٽهيءَ جو شاعر
هو، جن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت لاءِ 1930 ۽ 1940 جي
تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾، ترقي پسنديءَ جي
اثر هيٺ نثري توڙي شعري ادب تخليق ڪيو، جنهن جي
پيڙهه تي اڳتي هلي ”جديد ادب“ لاءِ ميدان هموار
ٿيو ۽ جديد ادب جي اوسر ٿي. سنڌي جديد ادب جي اوسر
جو دور 1955 کان شروع ٿئي ٿو - ۽ اُن عرصي جي
ابتدا ”مهراڻ“ جي اجراء سان ٿئي ٿي. اسين جيڪڏهن
1955 کان ”مهراڻ“ (ٽماهي) جي اجراء کان وٺي هڪ
جائزو وٺنداسين (اهو دور جڏهن محمد ابراهيم جويو
”مهراڻ“ جو مدير هو)، ته اسان کي ان پهرئين پرچي
کان وٺي هري درياني ”دلگير“ جي شاعريءَ جو آبشار
روان دوان نظر ايندو. هن جا گيت وايون، بيت، نظم ۽
نيون طرزون جي عنوان هيٺ هريءَ جا ”ترائيل“ اسان
کي ”مهراڻ“ جي پرچن ۾ نظر ايندا. اهو سلسلو 1958 ۾
ڀل دل سان سندس سنڌ ڇڏڻ تائي، 12 ضخيم پرچن تائين،
سندس ڀرپور سهڪار سان هليو – بلڪ ان کانپوءِ به
1968 تائين سانده ڏهه سال يعني ”مهراڻ“ جي 40 ضخيم
پرچن تائين هن اُميري پئي پاتي:
”ڇنن توءِ مَ ڇن، پائي اُميري اُنِ سين!“
سنڌي ادب جي هر سنجيده پڙهندڙ کي پنهنجي ويجهي دور
جي اُن ضخيم تاريخ ”مهراڻ“ جو سنجيدگي سان مطالعو
ڪرڻ کپي، جنهن جي ابتدائي پاءَ صديءَ جي ”جديد
ادب“ جي سونهير تاريخ ان جي پنن تي رقم ٿيل آهي.
سنڌي ادب جا لاٺڙيا، جن وٽ سنڌي ادب جي تاريخ جي
تان ’شاهه‘ کان ’اياز‘ تي اچي ٽُٽي ٿي، يا وري
پلٽو هڻن ٿا ’شاهه‘ کان ’استاد‘ تائين جو – تن جي
لاڦن جي ڪا وقعت نه رهندي – ”مهراڻ جي ان مستند
تاريخ آڏو! ”مهراڻ“، جنهن جي صفحن تي دلگير“ جهڙو
يڪتا ۽ سڀني وصفين سهڻو شاعر اياز کان پهرين ڇپيل
آهي. ”دلگير“ جي ڪوتا پنهنجي پوري سونهن سوڀيا ۽
مڌرتا سان پنهجو پاڻ آڇي ٿي ته ”اچو، مون کي پڙهو،
مون کي محسوس ڪريو ۽ مون کي ماڻيو.“
”دلگير“ هڪ سچو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ جو رنگ
بنهه نئون نيارو آهي. هن جو نج پنهجو رنگ آهي،
جيڪو ڪنهن کان به اُڌارو ورتل نه آهي. هن جي
شاعريءَ جي نواڻ ۽ تازگي پنهنجي پڙهندڙ کي به نواڻ
۽ تازگي عطا ڪري ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ موجود من
موهيندڙ نغمگي، هن جي شاعريءَ جو نئون ردم هنجي
لفظ لفظ جي جڙاءُ مان ڦُٽندڙ ترنم ريزي، هن جي
شاعريءَ جو نئوننرالو آڪار، هن جي شاعريءَ ۾ موجود
النڪارن جي انفراديت – اِهي سڀ شيون ملي هن جي
شاعريءَ کي هڪ بنهه منفرد، نرالو ۽ يڪتا روپ سروپ
عطا ڪن ٿيون. هو سُونهاري سنڌ جو اُهو ٻهڳڻ شاعر
آهي، جنهن 1930 ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن جو پهريون
شعري مجموعو ”هرشچندر جيون ڪوتا“ جون 1941 ۾ ڇپيو
۽ 1942 ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”ڪوڏ“ ڇپيو ۽ اهو سونهاري
سنڌ جو سُريلو ڪوي هري درياني ”دلگير“ 12 – اپريل
2004 تائين لکين لفظن، هزارين سٽن ۽ انيڪ ڪتابن
سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۽ شاعريءَ جو پاند ڀريندو
رهيو. هن جي جيون جي سڄي جاکوڙ مٺڙي ماءُ جي ٻولي
لاءَ هئي، جنهن ۾ ماءُ ڏني هئس لولي! 1958 ۾ اُن
مِٺڙي ماءُ کي ڌرتيءَ ماءُ جي حوالي ڪري، خود
ڌرتيءَ ماءُ کان ڌِڪجي ڌار ٿيڻ واري ”دلگير“ شايد
زندگي ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو پنهنجي تخلص سان پيار
ڪيو هوندو! هو جو اُن وقت ٺٽي ۾ انجنيئر هو، سُکيو
ستابو هو، تنهن ڪيڏي نه مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ جي
عالم ۾ پنهنجي ”سنڌ – جِند“ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو
هوندو – تنهن جو اندازو سندس هن شعر مان ڪري سگهجي
ٿو:
”سنڌ اسان جي جِند هئي، پر ڌِڪي ڪيائون ڌار
ڪو نه خوشيءَ سان گهر ڇڏبو آ، مڙئي ها مجبور!“
”دلگير“ جي ان درد کي ڏسي مون کي سريلنڪا جي
Lost generation
جا شاعر مائيڪل آن ڊاچي
(Michael Ondaetje)،
رينز ڪروز
(Reinz Crusz)
۽ ياسمين گونيرتني
(Yasmine Gooneratne)
ياد ٿا اچن، جن جو ذڪر ڏهين سارڪ رائٽرس ڪانفرنس ۾
ابيسڪرا ٽِسا
(Abeysekara Tissa)
گهڻي محبت ۽ گهڻي ڏک مان ڪيو هو. ”دلگير“ ”سنڌ
جِند“ جي هر شيءِ، جاءِ، ماڳ مڪان، گل ڦل، وڻ ٽڻ،
ٻوٽن، ڪردارن، موسمن، مٽيءَ… کي مُني صدي تائين
پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳائيندو رهيو.
لاڙڪاڻي جو ”گهاڙ واهه“ ۽ ”گيان باغ“ سُڪي اُجڙي
چڪا هوندا - ۽ ”بيوس“ ۽ ”دلگير“ جيان ڪڏهوڪا گم به
ٿي چڪا هوندا، پر ”دلگير“ جي شاعريءَ ۾ اهو ”گهاڙ
واهه“ ۽ ”گيان باغ“ اڄ به انهيءَ جوڀن تي آهي،
جڏهن ”دلگير“ خود پنهنجي جوڀن ۾، ڪڏهن ٻوڙ، پلاءُ
۽ انب کڻي اُتي پڪنڪ ملهائڻ ويندو هو - ۽ اوڏانهن
ويندڙ واٽ تي ”دلگير“ جي پيرن جا نشان اڄ به لاٽ
جيان جرڪن پيا:
”گهاڙ واهه“ ۾ لاٽَ،
ٻوڙ، پلاءُ ۽ انب ڀي –
”گيانباغ“ ڏي واٽَ!“
”سنڌ“ ”دلگير“ جي هردئي تي هردم رم جهم رم جهم رنگ
لايو، ”سُر سارنگ“ جا سرا سُر سمايو، هن جي
شاعريءَ ۾ نوان اُمنگ اُتپن ڪندي هئي. هو جڏهن
جڏهن به سنڌ کي ساريندو هو، تڏهن تڏهن ”شاهه جو
رسالو“ هن جي ۽ سنڌجي وچ ۾ ڳانڍاپي جي اڪيلي پُل
بڻجندو هو ۽ هُو هُتي آديپور ۾ آگميل آسمان ۾ رم
جهم وارا رنگ پسي، بي اختيار شاهه جو ”سُر سارنگ“
کوليندو هو. ”سارنگ“ جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو
آهي:
”سارنگ کي سارينِ، ماڙُهو، مِرگهه مينهِيون!“
شاهه جي اُنهن ”مارو ماڙُهن“ مان هڪڙو ”دلگير“ به
هو، جو آديپور ۾، سارنگ جي مُند ۾ ”شاهه جي رسالي“
مان ”سُر سارنگ“ پڙهي، جِند جي اُن ٽٽل تند کي
جوڙيندو:
”اُڀ تي رم جهم رنگ
اڄ ته رسالو شاهه جو
پڙهبو سُر سارنگ!“
زندگي سدا روان دوان آهي، انڪري ئي زندگي مسلسل
بدلاوَ جو نالو آهي. جيڪڏهن شاعري زندگيءَ جو عڪس
آهي ته اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته 88 (اٺاسي)
سالن جي طويل زنگيءَ جو هر عڪس اسان کي ”دلگير“ جي
شاعريءَ ۾ ملندو. ”دلگير“ جي شاعريءَ ۾ هر دور جي
عڪاسي ئي اُن جي شاعريءَ کي نِت نئون ۽ سدا جُواڻ
رکيو آهي:
”دلگير“ جي وڏي خوبي اِها آهي ته هو ڪٿي به اٽڪي
نٿو بيهي. هو زماني جي قدم سان قدم ملائي هلڻ وارو
يگانو شاعر آهي، جنهنڪري سندس ڪوتا نت نئين ۽ سدا
جوان پيئي ڀاسندي آهي، جنهنڪري سندس ڪوتا ۾ هر دور
جي عڪاسي اُڪريل آهي، جيئن جيئن زماني جا دور
گذريا آهن، تيئن تيئن سندس شاعريءَ جو طريقو توڙي
ويچار ڌارا ۽ موضعن ۾ پڻ فرق آيو آهي.“
(”هري دلگير هڪ اڀياس“ – ڀڳوان نردوش ص:
153 – 152)
مُني صدي (هڪ پوري صديءَ جا ٽي ڀاڱا) شاعريءَ کي
ارپڻ وڏي ڳالهه آهي – سو به هڪ ٽيڪنيڪل فيلڊ سان
وابستا ماڻهوءَ لاءِ، يا وري اسين اُن ڳالهه کي
ڦيرائي هيئن چئونته: هڪ ٽيڪنيڪل فيلڊ جي ماڻهوءَ
جو مُني صديءَ تائين شاعر رهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ
ناهي!
”دلگير“ جي شاعريءَ جي عظمت سندس خيال جي بلند
پروازي، تخيل جي خوبصورتي، هن جي ٻهڳڻي ٻولي ۽
سندس سٽن ۾ سمايل آبشارن جهڙي رواني ۾ پوشيده آهي.
هن جي شاعريءَ جو سُر ڳائڻ کان پهرين ئي پنهنجي
مَنڊ ۾ مُنڊي ٿو. ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ”دلگير“ کي
”گيت جو جنم داتا“ لکي ٿو:
”سنڌي ساهتيه ۾ گيت جو جنم داتا، شعر جي هر صنف ۾
گت جي مڌرتا قائم رکڻ، لفظ لفظ کي پوري جاءِ تي
بيهاري اُن جي نزاڪت کي نئين رنگت بخشڻ دلگير جو
ڪمال آهي.“
”دلگير“ خود به گيت بابت لکي ٿو:
”گيت جي جان آهي وزن جي رواني، ٻوليءَ جو ميٺاڄ ۽
خيالن جي سلاست گيتن ۾ عام طور هندي لفظن جو
استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن سان گيت جو رس ويتر
وڌي ٿو.“ (”موج ڪئي مهراڻ“ – رهاڻ)
گيت ۾ مڌرتا، رس ۽ رواني ضروري آهي. اُن ۾
ماترائن/ وزن کي ڪيرايو نٿو وڃي. اُن ۾ خيال جي
رنگيني ۽ قافين جي رم جهم ان ۾ رنگ – سُرَنگ ڀري
ٿي. ”دلگير“ فطرت جو شاعر
(Poet of Nature)
آهي. هن جي شاعريءَ ۾ بادلن جو، پوپٽن جو، سورج،
چنڊ، ستارن جو، مڌ ڀرين هوائن ۽ سانوڻي گهٽائن جا
سهسين روپ سروُپ ملندا:
”او سانوڻي گهٽائون!
او بادلن جون ٽوليون! او مڌ ڀريون هوائون!
او مست مست بوندون! برسات جون فضائون!
ايندا ڪڏهن پرين هِت پيغام ڪو مُڪائون؟
يا مورڳو ئي دل تان لاهي ڇڏيو اٿائون؟
او سانوڻي گهٽائون!
(”مهراڻ“، 2- 1956 – ص: 38)
”دلگير“ جا گيت غنايت سان ڀرپور آهن. اُنهن جي
نغمگي، ترنم، رواني، سلاست، بندن جي بيهڪ ۽ قافين
جي سُونهن هن جي شاعريءَ کي هڪ بنهه منفرد رنگ عطا
ڪري ٿي. پهريان ئي مون ”دلگير“ جي شاعريءَ جي
وڏائي / عظمت جا اسباب ڳڻايا آهن. هر عظيم شاعر
آڏو ڪو اعلى آدرش
(Ideal)
ضرور هوندو آهي، ”دلگير“ آڏو جيون کي هڪ نئين جوت
بخشڻ، هن ڪُلجڳ جي اوشواسي انسان کي هڪ نئون وشواس
عطا ڪرڻ ۽ هن دُکي سنسار کي ”سُک سنسار“ ۾ بدلائڻ،
هن جي شاعريءَ جو آدرش آهي. ان سان فرق ڪهڙو ٿو
پوي، ته هو اِهي سپنا سنڌو ڪناري تي ويٺو لهي –
ڪين ڪڇ جي رڻ ۾!… ۽ هُو لڪير جي هِن پار نه سهي،
لڪير جي هُن پار ئي سهي – پنهنجن سپنن کي ساڀيان
بخشي سگهيو آهي. هن سرشٽيءَ ۾ جي ”انسان“ آهي ته
پوءِ گلزار نوان ٿي پوندا:
”آهيون برپٽ ۾ ته گلزار نوان ٿي پوندا،
چيٽ جا چهچٽا چوڌار نوان ٿي پوندا،
جِتي وينداسين اُتي يار نوان ٿي پوندا،
پريت جا پيچ نوان پيار نوان ٿي پوندا،
وقت جي حُور رٺل آهي ته پرچي پوندي،
ناز انداز سان اقرار نوان ٿي پوندا،
ذري ذري مان نوان نور جا چشما ڦٽندا،
چشم روشنآ ته اسرار نوان ٿي پوندا.“
شاعر جي
Optimism/
آسرونديءَ جي انتها آهي. برپٽن ۾ نوان گلزار بڻائڻ
جو يقين، چيٽ جا چهچٽا، پريت جا پيچ، نوان پيار،
نوان يار ۽ نوان اقرار – هر شيءِ نئين ٿي پوندي –
نُور جانوان چشما ڦٽندا، بس رڳو ”چشم روشن“ کپي –
”اسرار“ نوان ٿي پوندا - ۽ هن پنهنجي ”روشن چشم“
ساڻ اُهي سڀ ”نوان اسرار“ نه رڳو ڏٺا پر ڏيکاريا
به. ”دلگير“ جي شاعري ۾ موجود اُن ”يقين“ جي اصل ۾
هر سنڌيءَ کي ضرورت آهي:
”چشم روشن آ ته اسرار نوان ٿي پوندا.“
پر اُن سڀ لاءِ اُها ”روشن چشم“ درڪار آهي.
”دلگير“ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي،
جڏهن ته ”دلگير“ بنيادي طور گيت ۽ نظم جو شاعر
آهي. بلڪ اڃا به ائين چئجي ته هن جي لکيل هر صنف ۾
نغمگي، لئه ۽ رواني آهي، جيڪا عام طرح رڳو گيتن
مان بکندي آهي – جيڪا هن جي شاعريءَ جي هر صنف ۾
پاڻ پسائي ٿي. هن گيتن ۽ نظمن کان علاوه بيحد
خوبصورت ۽ يڪتا غزل به لکيا آهن ته دوها، سورٺا،
بيت، وائي، رباعيون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم،
ترائيل، هائيڪو، ايتريقدر جو هن روايتي دور جي
صنفن مخمس، مسدس، مثلث ۽ مستزاد تي به طبع آزمائي
ڪئي آهي ۽ خوب ڪئي آهي – ”دلگير“ جو لکيل هي بي
قافيا نظم ”پوڙهو“ هڪ بيحد خوبصورت ۽ بنهه مختلف
نظم آهي ۽ هن جي ۽ هن جي شاعريءَ جي ”سدا جُواڻ“
هجڻ جو اهڃاڻ آهي:
مان هن جيون – ڦلواڙيءَ کي
پوپٽ وانگر پيار ڪيان ٿو
سونهن ڏسان ٿو، رس به چکان ٿو
ليڪن اٽڪي ڪو نه بِهان ٿو
اٽڪڻ عيب ٻڍائيءَ جو آ
آءُ سمي سان قدم ملائي
تڪڙو تڪڙو هلندو آهيان
۽ کانئس اڳ ڪڍندو آهيان،
پوڙهو هوندي تون ئي پاڻ،
آءُ ته آهيان سدا جُواڻ!
(”پل پل جو پڙلاءُ – ص: 28)
”دلگير“ جي هن نظم ۾ اجهل رواني آهي. خيال جي
خوبصورتي ۽ بيان جي دلڪشي اُن نظم جي جان آهي ۽
اُن سدا جواڻي لاءِ پيار، عشق ضروري آهي، سچل
وانگي:
سچو عشق ٻڍانا ٿيوي توڙي ڇِٽڙي هوس ڏاڙهي!
”دلگير“ جي غزلن ۾ پڻ گيت واري رواني آهي. هن جي
غزل ۾ به سليس ۽ مٺي ٻولي ۽ لفظن جو سرل استعمال،
هن جي غزل کي هڪ بنهه مختلف رنگ عطا ڪري ٿو. هن وٽ
قافئي ۽ رديف جي بندش پڻ سندس شاعراڻي قوت جو دليل
آهي. هن جي شاعراڻن خيالن کي بحر وزن، رديف، قافئي
جون پابنديون وڌيڪ جلا بخشين ٿيون، سندس غزل جي
فضا ۽ ان جي بندش روايتي غزل کان بنهه مختلف آهي.
”دلگير“ پنهنجي غزل جي هڪ مقطع ۾ خود پنهنجو تعارف
ڪرائي ٿو:
”شرميلو، مُرڪ منهن تي، سچو، سونهن تي فدا
”دلگير“ ساڻ دوستي جوڙي ڏسي ته ڪو.“
آءُ ان غزل جا ٻه شعر، خاص طور تي ٻن نج سنڌي لفظن
”نهوڙي“ ۽ ”پتوڙي“ جي ان غزل ۾ نهايت خوبصورت
استعمال – سو به ”قافئي“ طور استعمال – جي ڪري هتي
پيش ڪريان ٿي. اُن مان شاعر جي پنهنجي ٻوليءَ
ڏانهن ذميواري ۽ ڄاڻ جو ڏس ملي ٿو، ڇو ته شاعر
جڏهن به ڪنهن لفظ کي ’تز‘، صحيح ۽ خوبصورتيءَ سان
استعمال ڪري ٿو، تڏهن هو اُن لفظ کي هڪ نئين زندگي
بخشي ٿو. پهرين لفظ ”نهوڙي“ جو تز ۽ سهڻو استعمال:
دريا ۾ لهر لهر پٺيان ٿي اچي وڃي،
هيءَ زندگيءَ جي لهر نهوڙي ڏسي ته ڪو.
ساڳئي غزل جو ٻيو شعر، جنهن ۾ ”پتوڙي“. لفظ جو
نهايت بامعنى استعمال ٿيل آهي، ساڳئي وقت ان لفظ
کي ڪيڏي نه سهڻي خيال سان گڏ آندو ويو آهي ۽ انهن
سهڻن خيالن کي ان جو رديف ”ڏسي ته ڪو“ وڌيڪ بامعنى
ڪري ٿو:
کاڻين ۾ لعل، سمنڊ ۾ موتي اسان جي لءِ،
ليڪن انهن لءِ پاڻ پتوڙي ڏسي ته ڪو.
سندس هيٺيون غزل پنهنجي سٽاءُ ۾ توڙي موضوع جي
لحاظ کان ”ڪافيءَ“ جي قريب تر آهي:
”ڇڏي ڀوڳ سندو روڳ وٺي جوڳ هلياسين،
ڇڏي چين سندي رين، هڻي سين وڌياسين.
وٺي پريت سندي ريت، ڪئين گيت رچياسين،
کڻي پياس ۽ وشواس جي ارداس هلياسين.
ڇڏي ننگ تڙي سنگ عجب رنگ رلياسين،
ڇڏي موهه، ڇتو ڇوهه، وٺي توهه تڳياسين.
ڪري پَڪَ تڙي شَڪَ مڙئي لَڪَ لنگهياسين،
منگي کاند اڳيان ڪاند سُڃا پاند ڀرياسين.
ڪري جان کي قربان نه ارمان ڪياسين،
ڀڃي ڀاڻ، ڇڏي پاڻ، سڄڻ ساڻ رهياسين.
عجب جوت سندي اوت هلي هوت ڏٺاسين.
اکين هار هينئين ٺار جا ديدار پسياسين.
اڳيان يار مڙئي بار ۽ آزار رکياسين،
سنسار تکو تار، ٽپي يار پياسين“.
هن غزل جي هر سٽ باقفيا آهي، ان حوالي سان هي سنڌي
جو هڪ بيحد
Rare
غزل آهي. ساڳي وقت هن غزل جي سِٽ سِٽ ۾ اندروني
قافين – ٽن ٽن اندروني قافين – جو جادوجاڳايل آهي.
اڄ جي دور ۾ جڏهن شاعرن کي هڪ غزل مڪمل ڪرڻ لاءِ
محض پنج صحيح قافيا ڪو نه ٿا ملن، تڏهن ”دلگير“ جو
پنهنجي هڪڙي غزل ۾ بي انداز قافين جو استعمال هن
وٽ ”ٻوليءَ جي وسيع خزاني“ جي ثابتي ڀرين ٿا.
ساڳئي وقت اسين اهو پڻ يقين سان چئون ٿا، ته هن
غزل ۾ سکڻي قافئي بازي ڪيل ناهي، بلڪ اهي قافيا
سِٽ جي معنى ۾ هڪ اهم رول ادا ڪن ٿا. هي غزل
پنهنجي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سنڌي ڪافيءَ جي قريب
تر ۽ پڻ پنهنجي فڪر جي لحاظ کان صوفي رڱ ۾ رڱيل
آهي. |